سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سيارو 2006ع

 

صفحو :12

لهرن لک لباس

بيدل مسرور

سالن پڄاڻان پنهنجي اباڻي شهر ورندي هن کي جنهن خبر جنجهوڙي ڇڏيو هو، اُها هئي شهناز جي موت جي خبر....

شهناز ته هن جي ذهن تان تاڪون لاڪون ئي لهي  ويو هو، جاڪون لاڪون اسڪول مان نڪتو هو. ها البت هڪ اڌ ڀيرو، سو به دڳين پنڌين مليو هو....

هنجي موت جو ذڪر به اتفاق سان نڪتو هو، سو به تڏهن جڏهن شام جو لکيدر جي رونق ڏسندي لڙي ويو هو پنهنجي هڪ پراڻي مهربان ۽ سينيئر وڪيل مسٽر لوڌيءَ سان ملڻ، جتي سندس جونيئر وڪيل ساڻس شهناز جي ملڪيت جي ڪيس بابت قانوني صلاح مشورو پئي ڪيو.

ڳالهين دوران باربار شهناز جي نالي وٺڻ تي، سو به ائين بنا ڪنهن دلچسپيءَ جي، هن مسٽر لوڌيءَ کان پڇي ورتو:

”هي هُن شهناز حاجاڻي جي ته ڳالهه نه پيا ڪريو؟“

”جي جي....گذاري ويو نه ويچارو!....“

”نه نه! ڪڏهن؟“ هن جي اندر مان ڄڻ رڙ نڪري وئي.

”سال کان ته مٿي ٿيو اٿس.“

اکيون ڳوڙهن سان ڀرجڻ لڳس ته پاڻ سنڀالي ورتائين.

”توهان جو ته پراڻو دوست هيو.“ مسٽر لوڌيءَ جي جونيئر کيس مُرڪندي چيو.

”جي!“ الائي ته ڇو هڪدم ائين چئي ويٺو، ”دوست ته ڪن ٻين جو هو البت مون سان گڏ پڙهيو هو...“

چوندي خيال ٿيس ته کيس ائين نه چوڻ کپندو هو، ڇاڪاڻ ته شهناز نه رڳو ساڻس ڪلاس ۾ گڏ پڙهندو هو پر حقيقت اها هئي ته هو شهناز جي چاهيندڙن جي قطار ۾ کڻي شامل نه به هو، تڏهن به سندس انهن سمورن چاهيندڙن کان وڌيڪ کيس هن ئي چاهيو هو، ۽ شايد هن جي موت جي خبر ٻڌي ڪنهن کي اهڙو ڏک نه ٿيو هوندو جيڪو هن کي محسوس ٿي رهيو هو.

”پهرئين ئي ائين هو ڇا؟“ لوڌي صاحب پڇيو.

جواب ۾ هن جي منهن تي ماضيءَ جا پاڇا لڙي آيا. جواب ڏيڻ نه پئي چاهيائين پر پوءِ به ڪنڌ ڌوڻي هلڪي انداز ۾ چئي ويٺو: ”ڄمندي ته ائين ڪونه هو، البت تمام ڪچي وهيءَ ۾ ئي.....“

”جي جي... اڳتي به ٻڌايو نه!“ جونيئر سوال ڪيو.

”اصل ۾ بدوي صاحب! ڳالهه هيءَ آهي ته شهناز جي مرڻ کان پوءِ ڪيس ڪجهه گنجڙجي ويو آهي. مان سمجهان ٿو ته اوهان جو اچڻ اسان لاءِ سڀاڳو ثابت ٿيندو، سو مهرباني ڪري هن جي متعلق ڊيٽيل سان ٻڌايو ته جيئن اسان ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهون.“

هو هڪ لمحي لاءِ خاموش ٿي ويو. هن سوچيو ته مسٽر لوڌيءَ کي ٻڌائي ته هو پنهنجي ماءُ پيءُ کي هڪ ته ٽکڙ ڄائو هو مٿان وري ستڙيو به هو انڪري ڄمندي ئي. اوڙي پاڙي ۾ خبر ڦهلجي وئي ته ڇوڪرو ستڙيو ڄائو آهي،. الله ته ڪري خير، الائي بچي الائي مري. انڪري سندس حياتي بچائڻ لاءِ وٺي ساٺ سنوڻ شروع ڪري ڏنائون. کٽ تي سمهاري، ٽنهي ئي ڀينرن کي سندس چوگرد ڦيرا ڏياريائون ۽ ٻيون به الائي ته ڪهڙيون ڪهڙيون گهوريون گهوريائونس. بچڻو هو سو بچي ويو تڏهن مٿس نالو رکيائونس ”سائين بخش....“

”هن جي ڇٺيءَ جو نالو ته سائين بخش هو، پاڙي وارا پيار مان سانجهڙو سڏيندا هئس...“ چوندي خيال آيس ته انهيءَ ڳالهه سان مسٽر لوڌيءَ کي ڪيس ۾ شايد ڪو خاص فائدو نه ٿئي، نه ئي وري ان ڳالهه جو تعلق ڪيس سان ٺهڪي سگهي ٿو ته سندس ننڍپڻ ڪيئن گذريو. حالانڪه سندس شروعات ئي ان ٻالڪپڻي کان ٿي هئي جو جيئن ئي گهر مان گهٽيءَ ۾ پير ڌريو هئائين، فطرت جي دلڪشين، کيس پيءُ توڙي ڀيڻ جي اوجاڳيل اکين سان ڏٺل مستقبل جي رنگين خوابن جي تعبير کي بلڪل ابتڙ بڻائي ڇڏيو هو.

”چون ٿا ته مرڻ وقت به سندس حسن ۾ ٿورو به فرق نه آيو هو.“ مسٽر لوڌيءَ جي جملي کيس خيالن مان نڪرڻ ۾ مدد ڪئي، تڏهن به سندس نراڙ ۾ گهنج پئجي ويا:

”سونهن نه ڌڻيءَ ڏاڍي ڏني هئس، ان ۾ ته ٿورو به شڪ نه آهي.“ ماضيءَ جي پولارن مان هن جي سونهن جي عڪس کي جمع ڪندي چوڻ لڳو: ”وري نپنو به ننڍڙي لاڪون ئي لاڏ ڪوڏ ۾ هو، ايندي ويندي هرڪو پيو چمندو هوس. ڀينرن کان علاوه پاڙي واريون جوانڙيون به پيون ٻانهن ۾ کڻي لوڏينديون هئس ۽ سارو ڏينهن پيون چمنديون هئس. پير پير کنيائين ته لوڏ تي صدقي صدقي پيون ٿينديون هئس، ۽ ائين ئي ٿورو وڏڙو ٿيو ته ڇوڪرن بدران ڇوڪرين سان ئي گڏين راند کيڏڻ شروع ڪيائين. وري جي نياڻين سياڻين جي شادين مرادين جا ڏينهن آيا ته انهن جي سهيلين جيان، ڪاڄ ۾ ڪڏهن دهلڙيءَ تي ڳيچ پئي ڳاتائين ته ڪڏهن نچي نچي انهن جون خوشيون پئي ملهايائين. ڇوڪرين سان رهي هو به ڇوڪرين جا رنگ ڪڍندو ويو. ڪڏهن ڏس ته ڇوڪرين کان نيل پالش پيو لڳرائي ته ڪڏهن ڇوڪريون پاڻ ئي جهلي چپن تي سرخي پيون لڳائيس. پاڙي جي ڇوڪرين سان ايترو ته رلي ملي ويو جو ڪڏهن ڪڏهن ته انهن جا ڪپڙا ۽ ڳهه به پائي ڇوڪرين سان ڇوڪري ٿي ويهندو هو. سنڌيءَ جا چار درجا پڙهي، انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿيو ته ان جي وسيع ۽ حسين ترين عمارت، هيٺ مٿي، وڏن ڪشادن ڪمرن، وڏي گرائونڊ، سهڻن ۽ رنگبرنگي ٻوٽن جي ٻارين، تمام خوبصورت ۽ ڪشادي هال ۽ پتل جي وڏي گهنڊ، کيس ٿورو به متاثر نه ڪيو. سندس اکين ۾، اشارن ۾، ادائن ۾، ڳالهائڻ ۾، گهمڻ ۾، مٿي تي رئي رکڻ ۾، اهي پاڙي واريون جوانڙيون پيون جهلڪا ڏينديون هيون. تڏهن اسڪول ۾ سندس پهريون دوست جيڪو ٿيو، اهو شايد شڪارپور جي ڪنهن نالي واري مولويءَ جو پٽ هو.“

”ها مقبول نالو هوندو هوس.“ مسٽر لوڌيءَ وچ ۾ ڳالهايو.

”ان ته شايد سکر ۾ اسٽيشنريءَ جو دڪان به کوليو هو!“ هن پنهنجي پراڻي معلومات جي آڌار تي چيو، ”اڄڪلهه ڇا پيو ڪري؟ آهي منهن مان ۾ يا وري ان به وڃي مڙهي وسائي آهي؟“

”اهو به شايد گذاري ويو آهي.“ مسٽر لوڌيءَ چيو.

”اڇا! انالله واِناليہ راجعون.“

”ها، سو اوهان ڳالهه پئي ڪئي،“ جونيئر دلچسپي وٺندي چيو. ”اسڪول ۾ جيڪو واندو وقت ملندو هوس ته ڪنهن نه ڪنهن فلمي گاني جي ڍار تي پيو نچندو ٽپندو هو. تڏهن ته ڇوڪرن جا به جٿا ڏسندا هئا. ”ڀاڄائي، ڀاڄائي“ پيا چوندس هئس.“ چوندي هو ٿورو مُرڪيو. ”ڪاوڙ به ڪندو هو پر صفا ڪنهن نخريلي ڇوڪريءَ وانگر، ڪوڙي ڪوڙي. ٿوري ٿوري ڳالهه تي رُسي پوندو هو، رُسي وري اتي فرش تي ئي ويهي رهندو هو. پرچندو به پل ۾ هو. اسڪول جا ڇوڪرا ته خير پر استاد به چٺ ڏئي نچائيندا هئا....“

”پڙهائيءَ ۾ ڪيئن هو؟“

”ظاهر ڳالهه آهي ته اهڙن افعالن وارو ڪو پڙهندو به هوندو ڇا! ڏڏ به ايترو هو جو چئي کڻي چپ ڪر. ٽي ٽي سال ته ساڳئي ڪلاس ۾ پيو هوندو هو. بس ماسترن کي مٿس رحم اچي ويندو هو يا پڻس اچي هٿ جوڙ ڪندو هو ته ٽپائي ٻئي ڪلاس ۾ اماڻيندا هئس. اتفاق سان مان جڏهن چوٿين ڪلاس ۾ پهتس ته مون کيس ڪلاس جي پوئين بئنچ تي ويٺل ڏٺو هو. مزي جي ڳالهه وري اها ته صبح جو جيستائين استاد ڪلاس ۾ اچي تيستائين اچي مون سان ويهندو هو، ائين اسان جي وچ ۾ دوستي شروع ٿي. پر رسيس ۾ جڏهن ڪنهن ڇوڪريءَ وانگر هٿ هٿ ۾ ڏئي ٽپندو ڪڏندو هلندو هو، ته جهليندو هيومانس ته ائين ڪانوَ وانگر ٽپا ڏئي نه هلندو ڪر. ڪلاس ۾ توڙي ڪلاس کان ٻاهر ڇوڪرو وانگر هر وقت مٿي تي رئي جهڙو ڪپڙو رکندو، جيڪو هوا تي کسڪي ڪلهن تي ڪرندو هوس ته وري ان کي به ڇوڪرين وانگر ئي ٺاهي مٿي تي رکندو هو. ٽوڪيندو هيومانس ته اڙي ماڻهو ٿي، ڇو ٿو پاڻ پڻائين، ته کلي ڇوڪرين وانگر هٿ وٺي سيني تي رکي ڏاڍو اُداس ٿي چوندو هو: ”رسي وينديسان“.... وري نه ڳالهائيندي سانءِ.“

”ايتري ساري جهل روڪ جي باوجود هن جا اهي نخرا مون کي به سٺا لڳندا هئا، خاص ڪري هن جو ڇوڪرين جيان ڳالهائڻ ۽ هٿن کي وٺي چمڻ.“

”توهان جو به جهڙو عشق ٿي ويو هوس يا؟“

جونيئر جي ڳالهه تي مرڪي ويٺو ۽ دل ۾ سوچڻ لڳو: پاڻ کي سڌ ته مجازي لنوَ جي به ڪانه هئي. خاص ڪري صوفين جو ڪنهن نوجوان ۽ سهڻي ڇوڪري کي مجازي معشوق سڏڻ يا سمجهڻ يا ڪنهن اڌڙوٽ يا پڪيءَ عمر جي شوقين مرد جو ڪنهن ننڍيءَ عمر جي ڇوڪري سان صحبت ڪرڻ جو پتو به گهڻو پوءِ ڪتابن مان پيو.

”عشق ته ان کي نه چئجي، البت هن جي ويجهڙائپ ۾ هڪ لطف پيو ايندو هو،“ هن جونيئر کي مخاطب ٿيندي چيو. ”ڪلاس ۾ ايندي ئي ڪتابن کي رکندو هو بئنچ تي، ڊوڙي اچي ڪنهن معصوم نينگريءَ وانگر ڀاڪر پائي ملندو هو. اسڪول جي مقرر ٿيل پينٽ شرٽ ته ڪڏهن پائيندو ئي نه هو، جنهن تي سدائين موچڙا به کائيندو هو. موچڙا ته گهڻو ڪري ميندي لڳائڻ تي به کائيندو هو، جو جڏهن ڏس ته هٿن پيرن تي ميندي لڳايو پيو اسڪول ايندو هو. پڇندا هئاسونس ته ميندي ڇو ٿو لڳائي اچين ته ڪنڌ کي بينيازيءَ سان جهٽڪو ڏئي چوندو هو، ”هل هل، ڇو ٻڌايان...“ چوندي هو مُرڪڻ لڳو.

”ڪلاس ۾ به اسان وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ وانگ گڏ ٿيا هئاسين. منير مڱڻهار اهڙي ته لئي تار ۾ ٽيبل وڄائيندو هو جو جنهن کي نچڻ نه به ايندو هو ته اُهو به نچڻ شروع ڪري ڏيندو هو. منير ته خير هن جو اڳي ئي واقف هو. مختيار مغل ۽ نظام ڪاسائيءَ وارا ڳائيندا هئا. منصور ٿهيم، نذير پٺاڻ ۽ رميش بس ڇيڄ وجهڻ ۽ هل هنگامي ڪرڻ تي مامور هوندا هئا. رسيس جو سارو وقفو ڪلاس ۾ يا ڪلاسن جي پويان واري گهٽيءَ ۾، ڪنهن فلم جي شوٽنگ جو ماحول پيو نظر ايندو هو. سائين بخش جي حالت اها هوندي هئي جو هر رسيس ۾ اٿي نچڻ لڳندو هو، خاصڪري ”تيرا جادو نه چلي گا او سپيري، ڪاهي ماري ماري گليون ڪي تو ڦيري....“ هو ماضيءَ جي انهن منظرن ۾ کوئجندو ويو.

”اسڪول جي ڪجهه ٻين شاگردن لاءِ به مشهور هو ته اُهي شهر جي ڪجهه شوقينن جا يار آهن، جيڪي کين روزاني جيب خرچي به ڏيندا آهن. واپسيءَ تي بگيءَ تي واپس به وٺي ويندا آهن، يا شام جو ڪنهن هوٽل تي وٺي وڃي فالودو قلفي کارائيندا هئا. اهڙن ڇوڪرن سان اسڪول جا ڪجهه استاد به راضي هوندا هئا، جن جي خلاف ڪاڪوسن ۾ ڪنا ڪنا جملا به لکيل هوندا هئا.“

هن جي ان ڳالهه تي جونيئر کلڻ لڳو: ”پوءِ توهان جي دوست لاءِ.... منهنجو مطلب آهي ته شهناز جي لاءِ انهن ڪهڙا ريمارڪ لکيا هئا؟“

”سائين بخش لاءِ ڪڏهن ڪنهن گٿو جملو نه استعمال ڪيو نه ئي ڪنهن ديوار تي لکيو، پر جن استادن جي وابستگي هلڪڙي طبيعت وارن ڇوڪرن سان هوندي هئي، تن به نيٺ هن دل جي صاف ۽ معصوم سائين بخش کي به علمي روشني ڏيڻ بجاءِ جسماني لذتن کان واقف ڪري ڇڏيو.

”اڇا!“ مسٽر لوڌيءَ ڄڻ ڇرڪ ڀريو.

”پر هو به ڪو ان ڳالهه لاءِ آتو ويٺو هو. بس دير ئي نه ڪيائين ۽ وڃي استادن جي اڳيان پيو. اسان کي سندس اها ڳالهه ڪانه وڻي، تڏهن نه رڳو اسان هن کان پاسيرا ٿي وياسين پر هو پاڻ به ان جسماني صحبت جي لذت ۾ مگن مست ٿي ويو. پوءِ ته الائي ڪيئن شهر جي کدڙن جي مڙهيءَ مان ڪنهن سياڻي گروءَ پنهنجو چيلو سندس ڪڍ لاتو ته سندن آڪهه جي هڪ معصوم ڀاتياڻي، شهر جي بازاري مردن جي قيد ۾ ڪڙجندي ٿي وڃي. پوءِ هنن جي ڪوشش سان بچي ته ويو، پر انگريزيءَ جي ڇهن ئي درجن جا سمورا ڪتابي سپنا ساڙي رک ڪري، ڪلاس جي چانئٺ کي چمي، اسان سڀني کي هٿ جي ٻن آڱرين سان الوداع ڪري هليو ويو....“

”اڇا....“ مسٽر لوڌي پنهنجي جونيئر ڏانهن منهن ڪندي کانئس پڇيو: ”ڪٿي اِهي اُهي هيجڙا ته ناهن جيڪي شهناز جي ملڪيت جا دعويدار آهن.“

”ها شايد اُهي ئي آهن،“ جونيئر ائين چوندي فائيل کولي نالا ڏسڻ لڳو.

”اُنهن جي گروءَ جو لڪيم آهي ته شهناز سندس ڌيءَ هئي، ۽ جيئن ته سندن مرهيات ڌيءَ عرف شهناز کي ڪا اولاد ڪانه هئي ان ڪري هن جي ملڪيت جي وارث سندس ماءُ ۽ ڀينرون آهن.“

”ته پوءِ ان ۾ جهڳڙو ڇا جو آهي، اوهان به ڏئي ڪيس کي کڻي اڪلائي وٺو.“

”بدوي صاحب! ڪيس ته شهناز جي مڙس جي نڪاح ٻڌل گهرواريءَ ڪيو آهي ته اها سندس مڙس جي ملڪيت آهي.... جا هر صورت ۾ کيس ملڻ گهرجي.“

”ته اهو ڪاڪو ڪٿي آهي جنهن شهناز سان شادي ڪئي هئي؟“

”اتفاق سان اهو شهناز کان اڳ ۾ مري ويو آهي ۽ پنهنجي سموري ملڪيت شهناز جي نالي ڪري ويو آهي.“

”سر! نيٽ رقم ته خود شهناز به ڪافي ڇڏي آهي.“ جونئير، مسٽر لوڌيءَ کي چيو.

”ها خير! سو بدوي صاحب... اوهان جو ڇا خيال آهي ته ڇا ڪرڻ گهرجي؟“

”اهو ته قانوني معاملو آهي، مان ڪهڙو مشورو ٿو ڏئي سگهان.... پر هڪڙو آسان حل آهي.“

”اڇا! ڪهڙو؟“ مسٽر لوڌي کيس داد وارين نظرن سان ڏسڻ لڳو.

”منهنجو خيال آهي ته سائين بخش جي پنهنجي ڇڏيل ملڪيت سندس برادريءَ جي کدڙن کي ڏيو، باقي سندس مڙس واري ملڪيت ان جي اصل گهرواريءَ کي ڏياريو....“

ائين چوندي، اوچتو کيس شهناز جي مري وڃڻ ۽ ملي سگهڻ جو احساس ستائڻ لڳو....

هن کي ته سائين بخش جي اسڪول ڇڏي وڃڻ تي به ڏاڍو ڏک رسيو هو، حالانڪ هو ماءُ پيءُ جو گهر ڇڏي، هيجڙن جي مڙهيءَ ۾ وڃي رهڻ لڳو هو. پوءِ سندس اسڪول ڇڏي وڃڻ وقت ڪنهن پياري جي ائين وڳر کان جدا ٿي وڃڻ جو غم وڪوڙي ويو هو. دائمي نه سهي، پر هڪ درد هن جي دل ۾ اُٿيو ضرور هو، جيڪو سندس دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اڄ تائين تازو هو.

”توهان جي وري ملاقات ڪانه ٿي سگهي؟“ مسٽر لوڌيءَ پڇيو.

”ها اتفاق سان.... حالانڪ بي بقا زندگيءَ مان بقا جي تلاش ۾ نڪتل اسان سمورا ڪلاسي، اسڪول مان نڪري، پنهنجي پنهنجي گسن پنڌين گامزن، گهڻو پري نڪري ويا هئاسين. ٻالڪپڻي جون سموريون حدون اُڪري، مهراڻ جي ڇولين جيان ڇلندي، الائي ڪٿان جو ڪٿي وڃي نڪتا هئاسين، پر سائين بخش سان وري جي ٽڪر ٿيو هو ته سالن پڄاڻان. پهرين ته هن مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو. ان ڏينهن سکر جو آسمان بادلن سان ڀريل هو، مينهن به بس آيو ڪي آيو پئي لڳو. مان به اتفاق سان لب مهراڻ تي سير ڪرڻ لاءِ نڪتو هوس ته هڪ سينگاريل بگيءَ تي هڪ بي پرده حسين عورت کي ڏسي دل ۾ سبحان الله چئي ويٺس. الائي ته ان عورت منهنجو آواز ٻڌي ورتو يا هوءَ اڳ ئي سکر جي ڪنهن سٻر نوجوان جي تلاش ۾ ٽانگي تي چڙهي نڪتي هئي.

”ٽانگي وارا گهوڙا جهل، منهنجو سهڻو يار ٿو اچي....“ ان عورت بگيءَ واري کي بگي روڪڻ لاءِ چيو.

ته مون وري رستي هلندي پوئتي نهاريو ته متان ڪنهن ٻئي جي لاءِ چوندي هجي، پر هوءَ جا نيري وڳي ۾ ملبوس هئي، صفا فلمي اداڪارا رانيءَ جهڙي پئي لڳي. آڱرين تي به نيري رنگ جي نيل پالش ته هٿن ۾ چمڪندڙ ٻڙن واريون منڊيون، پيرن ۾ سونا ويڙهه. ٽانگي تان لهندي، ڇڪي کڻي ڇاتيءَ سان لاتائين، پهرين ته مان هڪو ٻڪو ٿي ويس، پر ڀاڪر نه ڀُلو هوم. منهنجي به اندر مان رڙ نڪري وئي، ”اڙي هي ته سائين بخش آهي.“ مان وائڙن وانگر هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳس، ڄڻ ٻيا ڪلاسي به گڏ هجن، ڄڻ اسڪول جي سالياني پروگرام ۾ رقص ڪرڻ لاءِ هن هيءُ وڳو پاتو هجي.

ڇا حال آ بيدي؟ ڇڪي ڇاتيءَ لاتائين ۽ هٿ وٺي چمي ڏيندي چيائين، ”ڪاڏي تو وڃين، اچ ويهه ٽانگي تي....“

”هڪ لمحي لاءِ اوڏو ٿي ويو سارو زمانو ننڍپڻ جو، پر ساڳئي ئي لحظي منهنجو ڄڻ سپنو ٽٽي ويو. مان سڌارٿ نه هوس جو هن جي هڪ چميءَ جي ڪڍ مان به ڪو جيون جو نئون تجربو ڪرڻ لاءِ ان راهه تي پنڊپهڻ ٿي وڃان ها يا ساڻس گڏجي هليو وڃان ها! پر ڪجهه نه چيومانس. هن جي ان محبت جو مون وٽ ڪوبه جواب ڪونه هو. سڪ ۽ پراڻي گهاٽي دوستيءَ جي ردعمل ۾ منهنجي منهن تي مرڪ هئي پر دل ۾ هن جي ان حالت لاءِ افسوس جو مانڌاڻ هو. منهنجي بيدليءَ سان ڳالهائڻ کي محسوس ڪندي هو به ٻه ٽي ڳالهيون ڪري هٿ ڇڏاي هليو ويو ٽانگي تي چڙهي. مان هن کي ويندي به ڏسي نه سگهيس. پوءِ ٻڌندو هوس ڪڏهن ڪڏهن، هن جي پرپٺ، هن جون عجب جهڙيون ڳالهيون ته اڄڪلهه فلاڻي ويهاريو اٿس، فلاڻي ياري ٽوڙي ڇڏي اٿس....“

”پر مسئلو اهو آهي بدوي صاحب! ته شهناز جي سڳي ڀيڻ جيڪا هتي ڪنهن اسڪول ۾ ماسترياڻي آهي ان به سندس ملڪيت جو ڪليم داخل ڪيو آهي....“

”اڇا!“ هو هڪ لمحي لاءِ خاموش ٿي ويو. وري چوڻ لڳو: ”ظاهر آهي، شهناز اصل ۾ ته ان ماسترياڻيءَ جو ڀاءُ سائين بخش هو نه جنهن جي بدنصيب پيءُ يا سندس ماسترياڻي ڀيڻ، ڇا سکي جيون جي تروري کي پڪڙڻ جي خواهش نه ڪئي هوندي؟ ڇا انهن نه ڪيو هوندو پنهنجي سڪيلڌي پٽ لاءِ انهي تعليمي رومانويت جو تصور ته پٽ ڪليڪٽر ٿيندو. چوندي هو خاموش ٿي ويو.

”چون ٿا ته جيون موت جي کوهه تائن سفر ڪندي وجود ۽ بقا لاءِ فڪري سوچ ۽ فائدي جي چونڊ گڏ گڏ ڪندو هلي ٿو.“ مسٽر لوڌي کيس مخاطب ڪيو، ”تڏهن ڇا؟ فائدو سائين بخش کي پاڻ نظر آيو، کدڙي ٿيڻ ۾ يا هن جي انساني فطرت کي سڌاريو ويو ان ڪردار لاءِ....؟ مسٽر لوڌي ائين چئي سواليه انداز ۾ ڏانهنس نهاريو. هن کيس ڪوبه جواب نه ڏنو، يا هن کيس جواب ڏيڻ نه ٿي چاهيو، ته مسٽر لوڌي وري چوڻ لڳو: ”پوءِ ڪٿي ويو جناب هيگل جو تصور ته انسان جي ارتقا خدا جو سفر آهي....؟“ مسٽر لوڌيءَ جو آواز ٿورو اونچو ٿي ويو.

”پر ڪٿي اُهو مارڪس جي طبقاتي جدوجهد جو نتيجو ته نه هو ته جاگيرداري سماج ۾ جتي هڪ مزدور ۽ سرمائيدار، هڪ هاريءَ ۽ وڏيري جي وچ ۾ تضاد آهي، ان تضاد ۾ تفريح جي رنگ ڀرڻ لاءِ هن ٽئين طبقي جي همت افزائي به لازمي آهي؟ يا کدڙو، غلاميءَ واري سماج ۾ غلام ۽ آقا جي وچ واري تضاد ۾ غلامن جي ڪيٿارسس جو نتيجو آهي؟“

مسٽر لوڌيءَ جي جذباتي تقرير ٻڌي هو به جذباتي ٿي چوڻ لڳو: ”پر في الحال ته سنسار جي وهنوار ۾ زندگيءَ جي ڪنهن عظيم جنگ جي غازي بڻجڻ بجاءِ، انساني عظمت ۽ آدرش جي ارتقائي سماج مٿان، اڻ مُندائتي ڪڪريءَ وانگ، گذري ويو نه مسٽر لوڌي.....“

”سوال ته کوڙ آهن بدوي صاحب! پر هاڻي چانهن اچي وئي آهي، في الحال وقفو ٿا ڪريون....“

”مزي جي ڳالهه ٻڌايانوَ.... مسٽر لوڌي....“ هن چانهن جو ڍڪ ڀريندي ڇيو:

”اتفاق سان ٿورو عرصو اڳ ۾ سپني ۾ ڏٺم ته سائين بخش.... منهنجو مطلب آهي ته شهناز..... ڪنهن شاديءَ ۾ عورتن واري پاسي ڳاڙهي جوڙي ۾ ويٺو هو. چيومانس عورتن سان گڏ ڇو ويٺو آهين، هيڏانهن اسان سان مردن واري پاسي ۾ اچي ويهه. جواب ڪونه ڏنائين.

پوءِ ته وڌي وڃي ٻانهن ۾ هٿ وڌومانس:

”ته خدا جا بندا! هاڻيته جنت جهڙي من کي تن جي دوزخ ۾ تپائي آخر ته ٿڪو هوندين! هل موٽي، انساني سماج جي ان واٽ تي جنهن تي انساني فطرت، خدا جي سفر جيان ارتقا ڪري رهي آهي.“

چوڻ لڳو: ”جڏهن گلابن مان گل ڇڻي ويندا آهن ته ڪنهن جي گلي جو هار بڻجي نه سگهندا آهن مٺا! ڪوماڻل هار ڪوبه خريد نه ڪندو آهي بيدي! اميد پرستي اُهي ڪن جن کي انسان دوستيءَ تي ڀروسو هجي. سماج جي اونداهين کي تڙڻ وارا پاڻ وقت جي بيرحم واچوڙن جي ور چڙهيل آهن. تون منهنجي همدرديءَ جي ردعمل ۾ سهي سگهندين ماڻهن جا طعنا ۽ مهڻا؟ ماڻهو به اهوئي ته چوندا رهيا آهن ته مان ڪڏهن ڪنهن جي هنج ۾ پيو آهيان ته ڪڏهن ڪنهن جي هيٺان پيل آهيان. مون چاهيو ضرور هو من جي جذبن کي پالي وڏو ڪرڻ، پر هڪ الهڙ حياتيءَ جي تصور ۾ غلط ٿي ويو سڀو ڪجهه جذبا صرف منهنجا ئي ته نه هئا، ها البت ماڻهن جي انهن جذبن جي اجتماعي ويڙهاند ۾ مارجي ويس، ڏنگجي ويس، فرحت ۽ طرب جي نالي ۾ ڏينڀن جي ککر ۾!

چيومانس: ”سوچ جي انهن ستارن کي ڇا ائين ڇڏي سگهين ٿو، جيئن اسڪول، ڪتاب، دوست، مائٽ ڇڏيهءِ؟“

چوڻ لڳو: ”ڇا اهو ڪو نئون قيد نه هوندو؟“

”چڱو ٿيو جو منهنجي همدرديءَ جي قيد ۾ گذارڻ کان اڳ هليو ويو، ٽانگي تي چڙهي، سکر بئراج ٽپي، سنڌوندي به ويو پار اُڪري، سڀ يار ڇڏي، اوڏانهن، جتان وري ڪوبه نه موٽيو آهي. پر ڪيڏو نه انڌير آهي، جو هن، هن جيون ناٽڪ جو اهو ڪردار چونڊيو هو جنهن جي انت تي کيس کدڙو ٿي مرڻو پيو. جنهن جي قبر به ڪنهن اڻڄاتل مڙهيءَ جي ڪنڊ ۾ هوندي آهي. ظاهر آهي ڪير ٻڌائيندو؟ سندس قبر جو ڏس ڪير ڏيندو، جو ٻيو نه ته پنهنجي ننڍپڻ جي گذاريل چند سالن جي يادن جا گل ته سندس قبر تي نڇاور ڪري اچان.“ ڳالهائيندي هن جو آواز ڀرجي آيو ته هو ماٺ ٿي ويو.

جونيئر، چانهن جي ڪوپ ۾ بسڪيٽ ٻوڙي کائڻ ۾ رُڌل هو. مسٽر لوڌي سندس ڳالهه ٻُڌي به رهيو هو ته مُرڪي به رهيو هو. شايد هن کي شهناز جي ڪيس متعلق ڪو حل نظر اچي ويو هو.


 

ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻي

سيما

منهنجو ۽ ڪهاڻيءَ جو رومانس پاڻ ۾ ڪڏهن ڪونه آهي؟ مان نٿي ڄاڻان! بس ايتري خبر اٿم ته ڪهاڻي به خوابن جي انهن رنگن وانگر آهي جنهن کي صرف دل جي گهرائيءَ ۾ وسندڙ هڪ اهڙي دنيا جي روشني آهي جنهن سان ڪهاڻيڪار ڪڏهن ته پيار ڪندو آهي ۽ وري ڪڏهن ڪهاڻي، ۽ هو پاڻ ۾ هڪٻئي کي گهائل به ڪري وجهندا آهن. اُنهن ڏنڀن ۾ جيڪا ڪهاڻي نروار ٿيندي آهي سا امر ڪهاڻي هوندي آهي. ان کان اڳ مون سڀ فنا ڪهاڻيون لکيون هيون، اُنهن ۾ ڪا به دائم رهڻ جهڙي نه هئي. ڇو جو مون اُن ۾ پاڻ کي گهائل ڪرڻ بنان لکڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. شايد هيءَ به ڪا فنا ڪهاڻي آهي، پر ايتري خبر اٿم ته ڪهاڻيءَ ۾ ڪا ڪهاڻي آهي.

هڪ نواب جو ٻار- هڪ غريب جو ٻار- هن پلصراط جهڙي دنيا ۾ جيئرو رهي به ته ڪيئن؟ غريب جي پيرن هيٺان باهه ۽ لاوي جو ساگر ۽ خيالن ۾ گلن جو وڇايل هڪ خوبصورت رستو، جنهن تي هو سڄي حياتي پاڻ کي ساڙي ٻاري به چوندو آهي ته اڳتي گل آهن. ننڊ جو سپنو. ۽ جاڳ جو سپنو- ٻنهي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ صرف هڪ پَل جو! هي پَل اسان جي مُٺين ۾ ڪڏهن قيد هوندو آهي ۽ ڪڏهن وري پاڻيءَ وانگر وَهي ويندو آهي.

”هي خواب“ وحيد جو خواب آهي جنهن جي حياتي هن خواب کان شروع ٿي ۽ ان خواب تي پنهنجي انت ڏانهن هلي وئي.

”وحيد او وحيد! ڪيڏو ڏينهن چڙهي آيو آهي. اُٿ.“

ماءُ ويجهو اچي چيس.

”وحيد، ابا، خان صاحب جي گهران ماڻهو سڏڻ آيا آهن. اُٿي، جلدي ڪر.“

وحيد اکيون کولي ماءُ جي منهن ۾ ڪجهه ڳولڻ ۽ پڙهڻ شروع ڪيو، سوچڻ لڳو ته منهنجي ماءُ ننڍي نواب جي ماءُ جهڙي ڇو نه آهي؟ ان جي اکين ۾ رات جهڙي ويراني ڇو آهي؟ جڏهن ته هُن بيگم صاحبه جي اکين ۾ سج جهڙي روشني هئي، مائرون ته ٻئي آهن! ۽ نظر اکين تان هلندي هلندي  ماءُ جي پراڻن ڦاٽل ڪپڙن تي پئي جنهن ۾ هاڻ چتيون هڻڻ جي به جاءِ نه رهي هئي. جيئن انسان خواب ڏسي ڏسي ڀور ٿي فنا ٿي ويندو آهي، تيئن چولو به نابود ٿي چڪو هو.

وحيد دل ۾ چيو، ’الله سائين! هن ڀيري مون کي ايترا پئسا ملن جو مان امان کي پوتي ۽ نئون چولو وٺي ڏيان ته امان ڪيتري نه خوش ٿيندي!‘

”وحيد ٻچا، ڇا ٿو سوچين؟ اٿي جلد ڪر! متان مالڪ چڙي وڃن. هي وٺ لسي ۽ مانيءَ ڳڀو کاءُ ۽ هلڻ جي ڪر، مان به ڪم کي لڳان. چونڊارو شروع ٿي ويو آهي، عيد تي توکي نئون بوٽ وٺي ڏيڻو آهي. ڪپڙا ته نواب صاحب ڏيندو ئي آهي، مان مزوري تنهنجي بوٽ لاءِ ٿي ڪريان. هل اٿي جلدي ڪر، ماني کائي در بند ڪري وڃجانءِ. مان هلان ٿي.“

ماڻس پنهنجي منهن ڪم جي تڪڙ ۾ لاڳيتو ڳالهائيندي هلي وئي. وحيد جلدي جلدي ماني کائي اوطاق ڏانهن هليو ويو.

 اوطاق ۾ ويندي ئي سڀني نوڪرن جي آڏو سردار رب نواز ڇوهه ڇنڊيندي وحيد کي چيو ”اڙي، ايتري دير! ڪنهن جي زور تي تون نواب بڻيو ويٺو آهين؟“

”مان پنهنجي زور تي بيٺو آهيان، تو وانگر حرام ۽ خوشامد جي ڪمائيءَ جي زور تي ناهيان جيڪي نوابن جي راتين کي رنگين بنائي، صبحجو بچيل خمار جي ڪمائي ۽ ڀاڙ ٿي پلجندا آهن.“

رب نواز اهو جواب ٻڌي اُلر ڪري هن کي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهڻ لاءِ اڳتي وڌيو، پر ننڍو نواب اندران اچي نڪتو جيڪو وحيد لاءِ فرشتي کان گهٽ نه هو. وحيد کي ننڍي نواب! وحيد کي ڏسي چيو: ”يار ويدو، آهين ڪو درويش رات توکي چيو به هئم ته سڀاڻي شڪار تي هلڻو آهي، صبح ساجهر هلنداسون. تو ايتري دير ڪئي؟ بس جلدي ڪر گاڏي تيار آهي.“  ۽ ٻئي تڪڙو تڪڙو هلڻ لڳا.

 

نواب صاحب شڪار ۾ مست مگن هو ۽ وحيد پکين کي ڏکي ڏئي پڪڙي رکندو پئي ويو. هن سوچيو ته ’الاءِ ڪڏهن منهنجو پگهار ملندو! پر ايترو جلد ملڻ گهرجي جو ماسي ڀاڳيءَ کان چولي تي ڀرت ڪرائي امان کي ڏئي سگهان، ڪيتري نه خوش ٿيندي امان نئون چولو پائي، ته منهنجو پٽ هاڻ ڪمائڻ جوڳو ٿي ويو آهي!‘ هن ٿڌو ساهه ڀريو ۽ وري سوچڻ ۾ گم ٿي ويو. ’ننڍو نواب ڪيترو مهربان آهي جو نواب ٿي ڪري به مون مسڪين جو خيال رکي ٿو. هميشه عزت ۽ پيار سان ڳالهائيندو آهي نه ته باقي وڏيرا ۽ نواب ته انسانن کي روح تائين ڦاڙي ڇڏيندا آهن، جيئن ڪو ڪاغذ کي پرزا پرزا ڪري ڇڏي!‘

شام جو شڪار تان موٽڻ تي جڏهن باهه وٽ ويهي ننڍو نواب ۽ وحيد ۽ ٻيا نوڪر شڪار پچائي کل ڀوڳ ڪري رهيا هئا ۽ شڪار ڪيل پکين جي گوشت جو مزو به ماڻي رهيا هئا. نواب باهه جي روشنيءَ ۾ وحيد جي چهري تي هڪ گهري اداسيءَ ۽ فڪر جا پاڇولا محسوس ڪيا. وحيد کي چيائين: ”ويدو، ڪهڙن پورن ۾ پئجي ويو آهين يار؟ ڪمال آهي ڏس سڀ ڪيترا نه خوش آهيون! هي راڳ، رات، چنڊ، دوست تون ڪٿي آهين، خير ته آهي، آهين ته ننڍو مون کان پر هن مهل پنهنجي عمر کان ويهه سال اڳتي بيٺل نظر اچين ٿو! ٻڌاءِ ڪهڙن پورن ۾ پيل آهين؟“

وحيد جي دل ڪارونجهر پهاڙ جهڙي وشال ۽ مضبوط هئي سا ڀُريل محسوس ٿي. دل ۾ سوچيائين ته نواب کي چئي ڏيان ته مون کي هن ڀيري ٻن مهينن جو پگهار اڳواٽ ڏي ته جيئن امان جا ڪپرا زريءَ جي ڀرت سان ڀرائي عيد تي ڏئي سگهان. نيٺ چيائين: ”نواب صاحب، مون کي پئسن جي گهرج آهي. عيد کان اڳ ڏيو، مون کي امان لاءِ پوتي ۽ چولو وٺڻو آهي.“ اهو سڀڪجهه هن هڪ ساهيءَ ۾ چئي ڏنو.

نواب صاحب هن کي ڏسي يڪدم چيو، ”بس ايتري ڳالهه لاءِ تو پاڻ ماندو ڪيو هو! يار، ڪو درويش آهين. توتان سوين قربان، ڀلا اها به ڪا ڳالهه آهي! هي وٺ هاڻي ئي ٿو ڏيان.“

وحيد جي اکين ۾ خوشيءَ جا رنگ جهرمر ڪرڻ لڳا ۽ هو نواب صاحب جي هٿن کي چمڻ لڳو.

”بس اڄ ايترو ڪافي آهي، جلدي ڪري هي سڀ بند ڪريو ۽ سمهڻ جي تياري ڪيو، جو سڀاڻي ڳوٺ هلڻو آهي.“

وحيد سمهڻ لاءِ جڏهن هنڌ تي آيو ته پاڻ کي ڪيترو نه خوش ۽ هلڪو محسوس ڪيائين.

چنڊ ۾ پنهنجي ماءُ مرڪندي محسوس ڪيائين.

 

ٻئي ڏينهن جڏهن واپس اوطاق تي آيا ته هن سڀ کان اڳ وڃي بازار مان ڪپڙو وٺي ماسي ڀاڳيءَ کي ڏنو ۽ چيائين ته ”امان کي نه ٻڌائجان، مان کيس عيد تي اوچتو ڏئي خوشي ڏيڻ چاهيان ٿو!“ ۽ ماسي  مرڪي ڪپڙو سندس هٿن مان وٺي ڇڏيو، ”ماسي! پنجن ڏينهن ۾ ڀرت ڀري پورو ڪرڻو اٿئي پنجين ڏينهن اچي وٺندوسانءِ.“

”چڱو ابا چڱو... سڀ ڪم ڇڏي اڳ ۾ تنهنجي ماءُ جو سبنديس،“ ماسيءَ جي چپن تي مرڪ کڙي پئي.

وحيد جڏهن گهر آيو ته ماڻس اکيون وڇائي پيار ۽ دعائن ۾ سندس در کوليو. ”ابا ايترا ڏينهن شڪار تي؟ مان ته اُلڪي ۾ پئجي ويس. ايتري دير نه ڪندو ڪر.“

وحيد ماءُ جي گوڏي تي مٿو رکي ليٽي پيو ۽ ان جي ڦاٽل چولي کي ڏسي سوچڻ لڳو ته ’ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن جي ماءُ کي نئون چولو پاتل هوندو.‘ ماڻس هن کي سوچن ۾ غرق ڏسي چيو، ”ڇا ٿو سوچين منهنجا لالڻ!“ وحيد مرڪي چيو، ”امان! ڪجهه نه، بس خوش ٿيڻ تي دل چوي ٿي.“

”ابا، شال سدائين ائين ئي مُرڪندو رهندين!“

۽ ماڻس دل ۾ چيو ته عيد تي مان جڏهن صبح جو نئون بوٽ ڏينديس ته ڪيترو نه خوش ٿيندو منهنجو وِيدو!

ٻن ڏينهن کان پوءِ نواب صاحب وحيد کي چيو. ”يار وحيد، شهر کان دوست آيا آهن، ٻيڙيءَ جو سير ڪندا، مڇيءَ جي شڪار جو بندوبست ڪر، سڀاڻي هلڻو آهي.“

”جيڪو حڪم سرڪار!“

ائين جيپون ڀرجي آيون، سڀ دوست مڇيءَ جي شڪار تي پهتا. درياهه موج ۾ هو. سڀ دوست هڪ ٻيڙيءَ ۾ ڀرجي هليا. اڳتي هليڪري مڇيءَ جو شڪار ڪرڻ لڳا، پر ڪجهه وقت نه ٿيو ته ٻيڙي درياهه جي تيز وهڪري ۾ وڃڻ لڳي ۽ يڪدم سڀني دوستن ۾ خوف ۽ هراس پيدا ٿيڻ لڳو. پاڻيءَ جو وهڪرو ويتر تيز ٿيڻ لڳو ۽ ٻيڙي اونڌي ٿي وئي ۽ هرڪو ڇڙوڇڙ ٿي پنهنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، وحيد ايترو پختو تارو نه هو. خبر ئي نه پئي ته ڪهڙي وِير هن کي ڪيڏانهن کڻي وئي. جڏهن سڀ دوست هڻ تڻ ڪري ڪنڌيءَ تي آيا ته نواب صاحب سانت ۾ اچڻ کان پوءِ چيو، ”وحيد ڪٿي آهي؟“ ٻيا ته سڀ دوست تري اچي پهتا پر وحيد غائب هو. سڀني دوستن ۾ پريشاني ۽ ڦڙڦوٽ پئجي وئي. وحيد کي ڳوليندي ڳوليندي شام مان رات ٿي وئي ۽ رات مان صبح ٿيو- ڪجهه هٿ نه آيو. خبر ناهي ته درياهه ڳڙڪائي ويو يا مڇي ان جي گوشت سان پيٽ ڀريو!

 

ٿڪجي جڏهن سڀ ڳوٺ واپس آيا ته سڀڪجهه بدليل هو. جيپ مان سڀ کان اڳ ٽپ ڏئي لهڻ وارو گم هو. نواب صاحب سڀني کان اڳ سندس ماءُ وٽ پهتو ۽ پيرن ۾ ويهي چيائين: ”امان، درياهه اسان جو وحيد ڳڙڪائي ويو. مون کي بخش ڪر، مان تنهنجو ڏوهاري آهيان.“

ماڻس جو اندر لڙڪن وانگر وهڻ لڳو ۽ چپ بي آواز ڪجهه ڳالهائڻ ۽ چوڻ جي ڪوشش ۾ ڦڙڪڻ لڳا. بس اکيون پلنگ جي هيٺان پيل بوٽ جي ان دٻي تي کُتل هيون، جيڪو هن عيد تي کيس ڏيڻ لاءِ ڪيترن ئي ڏينهن جي مزوريءَ جي پئسن کي جوڙي خريد ڪيو هو.

جڏهن طوفان ڪجهه جهڪو ٿيو ته ٻئي ڏينهن ماسي ڀاڳي وحيد جي ماءُ جي اڳيان ڀرت ڀريل چولو ۽ آر سان ٿيل پوتي رکي چيو، ”وحيد مون کي چيو هو ته امان کي نه ٻڌائجانءِ، مان پاڻ عيد واري ڏينهن ڏيندس. سڀاڻي عيد آهي پر وحيد ڪونهي.“ ماڻس پنهنجي ڦاٽل  چتيون لڳل چولي کي ڏسي سوچيو: ابا تو ته چولو سبرائي منهنجي اندر کي ڦاڙي ڇڏيو، مان چتين واري چولي ۾ ئي رهي پئي سگهان، پر تو بنان منهنجو اندر اهڙو ڦاٽو آهي، جنهن کي ڪابه چتي نه لڳي سگهندي!‘

 

”منهنجو انتهائي معزز ۽ پيارو دوست نصير مرزا چوندو آهي ته ماڻهو 40ورهين جي عمر واري ڏهاڪي تائين پهچڻ کان پوءِ Nostalgia جو شڪار ٿي ويندو آهي. هو ٿڌو ساهه ڀري، ماضيءَ کي پنهنجي تصور ۾ آڻي اهو به چوندو آهي ماڻهو جو Nostalgic ٿيڻ ڏاڍو حسين آهي، مون کي محسوس ٿيو آهي ته شايد مان به وقت کان اڳ Nostalgia جي عمر کي ڇُهڻ لڳو آهيان. ڇو ته ”ايوءَ جو گهوڙو“ ۽ ”يادن جي شهر ڏانهن واپسي“ منهنجي Nostalgic هجڻ کي ظاهر ڪن ٿيون. شايد اها نسٽلجيا ئي آهي جيڪا اڄ ڏينهن تائين مون کي پنهنجي پراڻين يادن جي سحر ۾ وڪوڙي ماضيءَ جي درين کي کولي ماضيءَ جي گهاريل گهڙين جي ياد ڏانهن گهلي وڃي ٿي. ماضيءَ جي پس منظر ۾ ٻڌل موسيقيءَ کي بار بار ٻڌڻ ۽ انهيءَ دور جي فلمن کي ڏسي اڄ به انهيءَ پراڻي دور ۾ گم ٿي وڃڻ منهنجو پسنديده Pastime آهي.

جيئن نصير مرزا ٿڌو ساهه ڀري چوندو آهي ته Nostalgic ٿيڻ حسين آهي، ائين مان به تصور ئي تصور ۾ ماضيءَ جي ڌنڌلين يادن کي روائنڊ ڪري، ذهن جي اسڪرين تي گذري ويل وقت جي منظرن جي گهرائي ۾ گم ٿي وڃڻ ۾ سڪون محسوس ڪندو آهيان.“

- منظور جوکيو

[”ڪهاڻيڪار پاران“: ص 13، ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچي]


 

 

”مُونسِ ماهتاب آهيان مان“

[شيخ اياز ..... اڀياس/ساروڻيون]

مونس اياز

 

مونسِ ماهتاب آهيان مان،

ڪنهن پرندي جو خواب آهيان مان.

اياز

اَرنيسٽ هيمنگوي (Ernest Hemingway) جي پٽ (gregory) گريگوري (هيمنگوي کيس پيار مان گگ”gig“  سڏيندو هو) پنهنجي پيءُ جي سوانح حيات ”Papa Hemingway“ ۾ لکيو ته ”بابا جي گذاري وڃڻ تي هزارين تارون ۽ ٿورا ماڻهو آيا.“ هن جو پٽ ٻه سال اڳ گذاري ويو ۽ ان لاءِ لکيو ويو ته هيمنگوي جو اهو پٽ، جيڪو پيءُ سان بيحد محبت ڪندو هو، سندس جدائي کان پوءِ شراب نوشي ۽ ڊپريشن جي مرض ۾ گذاري ويو. اسان سان به ڪجهه ائين ئي ٿيو!... مون وٽ به سوين خط ۽ تارون آيون، جن جو جواب افسوس سان فقط اجتماعي طور تي ئي ڏئي سگهيس.... ۽ پوءِ هلندي چلندي ماڻهو ملندا رهيا. رستن تي، گاڏين ۾، ڪنڊن پاسن ۾ دعائون ڪندا رهيا ۽ تو تائين قرب پهچائڻ لاءِ چوندا رهيا ۽ پاڻ کي يتيم به سڏيندا رهيا ۽ مون کي ڀاءُ سمجهندا آهن. اسرارپسند صوفي فلسفي گرچيف (gurojieff) جيڪو ان وقت روس ۾ انقلاب دوران خانه جنگيءَ جي ڪري پنهنجي پيءُ جي قبر تي ڪڏهن به نه وڃي سگهيو هو، پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيائين ته جيڪو به سندس پيءُ جي قبر تي وڃي سو هي دعا ڪري يا ڪتبو لکي:

I am thou

thou art i.

he is ours

we both are his

so may all be

for our neighbour

(مان تنهنجو آهيان... تنهنجي تخليق مان... هُو اسان جو آهي... اسان ٻئي هُن جا... ۽ اسان سڀئي شل... پنهنجي ڀرواري جا)

تو ڪوئي گرچيف ٻڌو آ، پئرس واسي هو؟

هن دنيا جي انڌياري ۾ پورن ماسي هو.

                                 (اياز)

اسرار پسند فلسفي اُسپنسڪي (Ouspensky) گرچيف جي فلسفي کي عام ڪيو جو علامه آءِ.آءِ.قاضي به کانئس متاثر ٿيو ۽ سندس ذڪر ڪيو اٿس. يوناني ليکڪ ڪازان زاڪس به پنهنجو ڪتبو پاڻ لکيو  I hope for nothing, I fear nothing, I am free (زمان ڪائي اميد نٿو رکان ۽ نڪو مان ڪنهن کان ڊڄان ٿو، هاڻي مان آزاد آهيان.)

( 2 )

اخبار ۾ خبر ڇپي آهي ته راتورات چمڪندڙن تارن هيٺان نوابشاهه جا ڪي متارا تنهنجي قبر پڪي ڪرائي ويا جنهن ۾ ڏار پئجي ويا هئا  ۽ تنهنجي ڇڏيل اثاثي جا دعويدار اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي نه سگهيا ۽ نه وري ان محبت جي من ۾ لهي ويا جيڪي تنهنجي سنڌڙي، تنهنجي موکيءَ جا هئا ته جيڪر تنهنجي آخري سراءِ کي اڏي ڇڏين ها. تنهنجي عشق هو پاڻ ملهائي ويا. تنهنجي سر ”موکي متارا“ جا ٻه بيت انهن ڏي ارپيان ٿو.

موکي انوکي وٺي پرک پياڪ جي
جنهن کي وهه جي وات، چس لڳي چوکي
انهي لئه اوکي، جاڙ نه ڪائي جيءَ جي.

----

اڄ صدين سَڌ، پي پي پوري ڪئي
اندر هونءَ اڌ، متان سرڪ سڄو ڪري.

(اياز)

( 3 )

تنهنجا دشمن، جيڪي هاڻي تنهنجا گهڻگهرا دوست ٿي ويا آهن، تن لاءِ فقط يوناني بادشاهه ٿيو سيڊائڊس  (Thyucidides) جو هي قول پورو لهي ٿو: ”دشمن کي جڏهن مارڻ چاهيو ته کيس دوست بڻايو. جڏهن ماريوس ته ڀاڪر پايوس ۽ جڏهن مري وڃي ته پوءِ تڏي تي ويهي روئجوس.“

( 4 )

ڪيئي سال اڳ بابا سان پهرين ڀيرو اوشو رجنيش جو ذڪر ٿيو، جيڪو اُنهن ڏينهن ۾ ڪافي مشهور ٿيو هو، تنهن جي فڪر تي بابا چيو ته ”پت! دنيا کي هر پنجاهه سالن کان پوءِ ڪو نئون مذهب کپندو آهي.“ ويجهڙائيءَ ۾ جڏهن مان ڳچ سال آمريڪا ۾ گذاري موٽيس ته بابا مون کان پڇيو ته ٻڌاءِ ته رجنيش واقعي فراڊ هيو؟ نوي (90) Rolls royce ڪارون رکڻ ۽ هيرن جواهرن سان جڙيل واچون پائڻ ڇا هيو؟ مون کيس ٻڌايو ته هو چوندو هو ته اهي سڀ منهنجن پوئلڳن جا تحفا ڏنل آهن جيڪي کيس ملندا آهن ۽ نڪي هو گهرندو آهي. ٻيو ته آسمان تي هڪ ٻه تارا هجڻ کپندا هئا، ايترا سارا ساڳيا تارا ڇو آهن؟ پر پوءِ به هو پاڻ کي con man الائي ڇو چوندو هيو!

بابا جي گذاري وڃڻ کان پوءِ هڪ مخالف بزرگ دانشور مون کي حيران ٿيندي چيو ”ميان! تنهنجي پيءُ ته هڪ نئون مذهب پئي ٺاهيو، پر پوءِ هن ملڪ جي مذهبي جنونين کان شايد ڊڄي ويو.“

( 5 )

بابا سائين! اڄ به اُنهيءَ ٺٽي ننگر جي شهر جهمپير ۾ ڪو عرب شاهه صوفي  سرمدي گيت ڳائڻ جي ڏوهه ۾ جنوني انتهاپسندن جي هٿان ڪاٺين سان ٽنبي ماريو ويو. انهيءَ ننگر ۾ جتي سرمد هلندي دهليءَ نيو ويو ۽ شاهه عنايت پنهنجي صوفي برادري سان گڏ ماريو ويو. سنڌ صوفين جي اڃا ڪيئن سمجهي وڃي؟

حسين بن منصور حلاج کي بغداد ۾ ٽڪرا ٽڪرا ڪري ساڙيو ويو ۽ اڄ تائين بغداد سڙي رهيو آهي- ڪڏهن منگولن هٿان، ڪڏهن آمريڪين هٿان، ڇا اها ڪا ماورائي سزا سمجهي وڃي؟ ڪاش مان هُن سپهه سالار مونس روميءَ جو ڪو جنم ٿي سگهان ۽ ڪو ڪفارو ادا ڪيان. ڇا واقعي سنڌ کي ڪو پاراتو مليل آهي؟ ڪٿي دڙي جي پروهت کي ته نه ساڙيو ويو يا نانگي تياڳڻ کي  ته نه رنجايو ويو، جنهن جي سُڪل ڏٻري جسم کي ڏسندي به اسان کيس نچڻي ٿا چئون؟ صدين جي ظلمن ۽ ناانصافين جي نروسس (ڇڪتاڻ) (neurosis) جو ڪو ته علاج ۽ حل ڳولهڻو پوندو. ٽڪرا ٽڪرا سچ کي ڳنڍڻو پوندو ۽ خيال ڪل (absolute idea) کي ارپڻ جي پوري ڪوشش ڪرڻي پوندي. اڄ جي ترقي پسند سنڌ مارڪس جي ويڳاڻپ جي فلسفي ۽ تصوف جي ويڳاڻپ کي ملائڻ شروع ڪيو آهي.

(  6  )

شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ شيخ اياز جي نالي تي هڪ چيئر قائم ڪئي وئي آهي، جنهن کي نه ڪا جاءِ آهي ۽ نه ڪا جڳهه ۽ نه وري بابا جو ڪو شعر. فقط هڪ بورڊ لڳل آهي: ”شيخ اياز چيئر“. مون کي ان تي ڪا حيرت نه آهي ڇو جو لاکيڻي لطيف جي نالي تي قائم ٿيل هن يونيورسٽيءَ ۾ لطيف سائينءَ جو هڪ به بيت ڪٿي به لکيل يا اُڪريل ناهي. انهيءَ بورڊ کي ڏسي مون کي 1981ع جي اها شام ياد آئي، جڏهن بابا ڏاڍو اداس هيو. مون به اها خبر اخبار ۾ پڙهي هئي، پر بابا اڳ ئي ذڪر ڪيو ته نوبل انعام يافته مشهور برطانوي اديب آرٿر ڪوئسلر (Arthur koestler)  پنهجي زال سان گڏ طويل بيماريءَ کان پوءِ خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. بابا هڪ باشعور ليکڪ جو آتم هتيا ڪرڻ زندگيءَ جي (absurd) هجڻ جو ثبوت ٿي ڏنو ۽ سندس تخليقي صلاحيت ۽ سگهه کي ساراهيندي ٿڌو ساهه ٿي ڀريو ۽ زندگيءَ جي بي رحم هجڻ جي گلا ٿي ڪئي. شايد  اُهو ئي وقت هيو، جڏهن شديد مايوسي ۽ بيزاريءَ دوران بابا پاڻ خود آتم هتيا جو سوچيو هو ۽ اهڙو اظهار پنهنجي هڪ نثر ۾ به ڪيو اٿس ۽ جيڪو خيال پوءِ ترڪ ڪري ڇڏيائين. آرٿر ڪوئسلر پنهنجي سموري ملڪيت، جيڪا ڪي لک پائونڊ هئي، (Parapsychlology) ماوراءِ نفسيات جي علم جي کوجنا تي هڪ چيئر قائم ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ويو، جيڪا پوءِ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ ۾ قائم ڪئي وئي آهي. اهڙي علم لاءِ وقف ڪرڻ جو سبب خود ڪوئسلر جو ننڊ ۾ گهمڻ (somnumbulism) آهي، جيڪو کيس سڄي زندگي پريشان ڪندو رهيو حالانڪ هو leukema خون جي ڪينسر جي بيماريءَ ۾ گذاري ويو هو ۽ انساني زندگيءَ جي المياتي پهلوئن تي مشهور ناول. ”Darkness at noon“  لکي ڪميونزم ۾ قيد و بند جي تڪليفن جي ڀيانڪ تصوير ڏئي تصوف ڏي مائل ٿي ويو ۽ مشرقي ملڪن جا دورا ڪري ماورائي ذهن ڳالهين تي lotus & robot لکيائين. بابا جو سفر به گهڻي قدر ساڳيو رهيو ۽ سچ جي پرکڻ ۽ حيراني ۾ ڪنهن ويراڳي جهڙي ڪيفيت رهي. اهڙي قسم جي ڀيٽ ۾ تحقيق مان ”اياز چيئر“ جو اصل مقصد سمجهان ٿو. ها پر بابا کي ڪو اهڙو وڏو مرض نه هيو پر normal ذهن کان ڪجهه هٽيل ڳالهه ضرور هئي جنهن جو بابا پاڻ به کليو اظهار نه ڪري سگهيو ۽ نه وري شايد گهڻن اها ڳالهه محسوس ڪئي آهي ته هو پنهنجي شعوري دنيا ۾ رهڻ جي خبر رکندو هو ۽ پنهنجا پراوا ويچار پنهنجا به سمجهندو هو. ڪبير کان ڪازان زاڪس  (Kazan tzakis) تائين ۽ بلها شاهه کان بودليئر Boudelier جي اثر ۾ گم ۽ هڪ ٿي ويندو هو. نفسياتي ٻوليءَ ۾ Possessed طاري ٿيڻ يا وقتي طور تي Incarnate حلول ٿي وڃڻ چئجي، جيڪو بهرحال ورهايل شخصيت جي مرض کان مختلف آهي. مشهور نفسيات دان يونگ (Jung) پراون ويچارن کي پنهنجو سمجهڻ کي Crptomnesia يا لڪل يادگيري سڏي ٿو ۽ پنهنجي مضمون Past & future in unconciousness (لاشعور ۾ ماضي ۽ مستقبل) ۾ مشهور جرمن فلسفي نٽشي (Nietzshe) جو حيرت انگيز تجزيو ڪري ٿو ته ڪيئن نٽشي پنهنجي مشهور ڪتاب (Thus spake zirathushtra) ۾ لظف به لفظ پنجاهه سال اڳ ڇپيل هڪ واقعو لکي ٿو، جيڪو هن پڙهي وساري ڇڏيو هو. لاشعور جون دٻيل ۽ وسريل ڳالهيون ڪيئن نئين نڪور تخليق ٿي ظاهر ٿين ٿيون ۽ اها نقالي قطعي ناهي.

دوستووسڪي مرگهيءَ جي دوري ۾ لکندو هو ۽ پوءِ کيس پنهنجون لکڻيون قطعي ياد نه رهنديون هيون. لارڊ بائرن هڪ هفتي جي جنون ۾ هزارين سٽون لکيل ڪتاب ”ڊان وان“ وساري ڇڏيو ۽ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته هن ئي لکيو آهي. ڊانٽي پنهنجو مشهور ڊرامو divine comedy لکي سڄي عمر حيران رهيو ته هن اهو ڪيئن لکيو. ٽينيسن پنهنجو شهره آفاق طويل نثري نظم ”قبلائي خان“ آفيم جي خمار ۾ لکيو ۽ مڃڻ کان انڪار ڪيو. پري نه وڃو، ايستائين جو شاهه لطيف جا ڪي شعر رومي ۽  منصور حلاج جا هوبهو تصور آهن، جهڙوڪ:

القاه في اليم مکتوفا وقال له

اياڪ اياڪ ان بتل مالماءِ

”منهنجا هٿ پير ٻڌي مون کي درياءَ ۾ کڻي اُڇلايائين ۽ چوڻ لڳو ته پاڻ نه پُسائج (ڪتاب اطواسين/منصور حلاج) لطيف سائين چوي ٿو:

مون کي مون پرين، ٻَڌي وڌو ٻار ۾

اُڀا ايئن چون، مڇڻ پاند پسائيين.

مٿئين مثال کي شيخ اياز وانگر علمي ادبي اثر نقل ڪرڻ نه چئبو پر لاشعور جي خاص ذهني ڪيفيت جو عمل دخل سمجهڻ کپي. جديد ميڊيڪل سائنس جي کوجنا ۾ ته هڪ شاعر جي  دماغ جو گراف eeg هڪ psaychotic جنوني مريض جهڙو آهي ۽ ڪتاب Quantum healing  ۾ واضح ڪيل آهي ته پوءِ هومر کان وٺي اياز تائين علم ۽ فڪر جي ڌڻين کي ڇا سمجهڻ کپي؟ جڏهن ته اهو به ثابت ڪيو ويو آهي ته ذهني مريض ۽ هڪ سجاڳ سڄاڻ ذهن جي وچ ۾ فقط هڪ تمام سنهڙي پڙدي جو فرق آهي. جديد نفسيات اهڙين ايبنارمل ڪيفيتن کي دماغ جو پنهنجو توازن قائم رکڻ ۽ خاص اظهار ثابت ڪيو آهي، جيڪي مشهور ماهر نفسيات ۽ دماغي مرضن جي ماهرن ٿامسن زاز ۽ لينگ ۽ گٽري جي تحقيق ۽ لکڻين ۾ بيان ڪيل آهي.

الله! هي انسان جي ظالم ۽ جاهل

مون کي آئي کِل، اُنهن کي اشرف چئي.

(اياز)

جلدي ۾ الزام هڻندڙن ۽ غلط سمجهندڙن کي اهو به سوچڻ ۽ ڏسڻ کپي ته ڪٿي سندن پنهنجون لکڻيون ڪٿي ٻئي جي نالي سان ”اخبار جهان“ ۽ ”ماه نو“ ۾ اڳي ڇپيل ته نه آهن! ڪاش، زندگي توکي ڪجهه مهلت ڏئي ها ته توکان پڇي سگهان ها ته آتم ڪٿا جي ٽئين جلد ۾ اهو ناهي جيڪي تو مون کي ٻڌايو هو ۽ پسند اچڻ لاءِ چيو هو. ڇا مان ايئن سمجهان ته اهو ڪجهه تنهنجي وڃڻ کان پوءِ تبديل ڪيو ويو آهي؟ ۽ آخرڪار اهو دل آزاريندڙ ڪتاب ”شيخ اياز- هڪ شاعر هڪ عاشق“ به ڇپجي ويو، جنهن کي ادبي فن پارو ڪري ڇاپيو ويو آهي! آخرڪار اُن ڊاڪٽر حيدرآبادي جي رجعتي ٽولي جي هڪ ليکڪ جنهن سازش تحت ڪنهن سعادتي مينڌريءَ جي نالي سان لکي توهان جي آزاد خيالن کي هٿين اکرين سانڍي رکيا پر ان وقت توهان جي حلقي جي سنڌ پرستي جي مقبوليت ڏسي اهو ڪجهه نه ڪري سگهيا جيڪو گذري وڃڻ کان پوءِ ڪيو ويو. چوندا آهن ته خون ۽ خستوري ڪنهن به طرح ناهن لڪڻا ۽ مان سمجهان ٿو ته تنهنجي معصوميت جو خون به نه لڪي سگهيو ۽ سعادتيءَ جي باري ۾ مرحوم شاعر محسن ڪڪڙائيءَ جي پٽ انجنيئر  اعجاز محسن هاشميءَ جا وضاحتي خط جون 2005ع ۾ ڪاوش ۾ شايع ٿيا. منهنجي سواليه خط ۾ هن طاهر ڪيو ته اُهو ڪو ’گاڏهي صاحب‘ هيو جيڪو ’ڇوڪري‘ ٿي لکندو هو ۽ جوانيءَ ۾ گذاري ويو ۽ سندس والد اهي خط محسن صاحب کي ڏنا ته ”هاڻي هي اسان ڇا ڪنداسين؟“

هتي اقبال، جوش، فيض ۽ ڪيترن ٻين اردودانن جا ذاتي احوال کُلي عام ٿي پيا آهن پر سندن هم زبانن کي ڪجهه احساس آهي ۽ کين عزت و احترام سان پڪارين ٿا. ايتريقدر جو جرمني جهڙي آزاد معاشري ۾ به آئيني فرينڪ annie frank جي ڊائري مان سندس پيءُ لاءِ لکيل قابل اعتراض حصا وڃي هينئر گذريل مهيني ۾ سندس موت کان پنجاهه سالن کان پوءِ آئيني فرينڪ فائونڊيشن ڇپايا آهن.

منهنجون اکيون آرسيون، جن ۾ وو نه واءِ
ڇتي ڪتي وانگيان بيٺو گگ وهاءِ!
ڇا مان ڏسان ڪونه ٿو، ڀل تون وڃ لڪاءِ؟
تون ڇا ڄاڻين بي ادب، مان جنهن ادب لاءِ!

(اياز)

ڪٿي ڌاڙيل ها ڌن جا ڪٿي تن جا ڪٿي من جا

”اياز“ اڄ دانهن ڏيون ڪنهن درد ته ساري سنڌ گهيرو آ.

                                        (اياز)

*     *    *    *

اها ڳالهه 65-1964ع جي آهي. هڪ وليز (willys) جيپ ۾ منهنجي ماءُ اقبال بيگم، بابا، چاچا رشيد ڀٽي ۽ مرحوم پير حام الدين شاهه راشدي صاحب سان گڏجي اروڙ جو تاريخي ماڳ ڏسڻ وياسين، جيڪو راشدي صاحب خاص ڪراچيءَ کان ڏسڻ لاءِ آيو هو ۽ وٽس نت نيون ڪيمرائون ۽ هڪ ننڍڙو ٽيپ ريڪارڊر به هو، جو مون پهريون دفعو ڏٺو. جڏهن راشدي صاحب اروڙ ۾ ڪن پٿرن کي جاچي جوچي ڏسي پنهنجا تاثرات شايد ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ آهستي ريڪارڊ ٿي ڪيا ته مون حيرانيءَ مان بابا کان پڇيو، ته هو ڇا پيو  ڪري ۽ ڪنهن سان پيو ڳالاهئي؟ تنهن تي بابا کلندي وراڻيو ته هي پٿرن سان سندن ٻوليءَ ۾ ڳالهائي پيو ۽ کيس اهڙي ٻولي ايندي آ. حسام الدين راشدي صاحب، جنهن کي ڪاري عينڪ پاتل ۽ وڏا اڇا وار هئا، مون کي ڪو وڏو جادوگر ٿي لڳو ۽ مون کي هن کان ڪجهه ڀؤ ٿيڻ لڳو.

اروڙ، جيڪو چاچا رشيد ڀٽي جو اصل ڳوٺ به هيو، تنهن جي هڪ ٽڪريءَ تان بيهي بابا هيٺ ميدان ڏي اشارو ڪري ٻڌايو ته ”اُهو سامهون تليءَ جو ميدان اٿئي جتي راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي جنگ لڳي هئي،“ مون ڏٺو ته هيٺ ميدان ۾ ڪي ساوا ٻارا نظر ٿي آيا ۽ ڪو هاري هر ڪاهي رهيو هو. ڪالڪ ديويءَ جي چُر، بحري ڌاڙيلن جي ٽڪري ۽ درياهه جي لُڙ جي باري ۾ سندن واتان ڪجهه ڪجهه ياد اٿم.

*           *             *             *

ننڍپڻ ۾ سکر ۾ اسان جو گهر ڪوئينس روڊ تي هوندو هو، جيڪو پوءِ بابا جي وڪلت جي آفيس ٿي ۽ جيڪا هينئر اها به نه رهي آهي، تنهن جي ٻاهر رستي ڏانهن کُلندڙ ڄارين واري دريءَ مان ويهي مان ايندي ويندي کي ڏسندو هئس. ان رستي تي روز صبح شام هڪ پڪي هڏ ڪاٺ وارو جهور پوڙهو پير پير ۾ پائي هڪ هٿ ۾ لٺ ۽ ٻيو هٿ پنهنجي ڪنهن ننڍي پوٽي يا ڏوهٽي جي ڪلهي تي رکي هلندو هو. سندن غريبي جو ڏيک شايد مون کي اداس ڪندو هو. هڪ ڀيري بابا منهنجي پٺيان اچي بيٺو ۽ انهن کي ويندي ڏسي مون کي کلندي چيائين ته ”پٽ، مان به جڏهن ڪراڙو ٿيندس ته هن ڪراڙي وانگر لٺ کڻندس ۽ تنهنجي ڪلهي تي هٿ رکي هلندس.“ مون کي ياد آهي ته منهنجي ٻاراڻي ذهن کي اها ڳالهه اصل نه وڻي هئي، ڇو ته مون سمجهيو هو ته مان شايد سدائين ايترو ئي ننڍو رهندس ۽ منهنجو پيءُ اڇي ڏاڙهي سان ايڏو ڪراڙو جهور ٿي ويندو. اهو واقعو شايد منهنجي لاشعور ۾ سمائجي ويو ۽ پوءِ اڳتي هلي منهنجي هڪ نثري نظم ۾ ظاهر ٿيو، جيڪو مون پنوعاقل جي هڪ مشاعري ۾ اڄ کان ڏهه سال اڳ پڙهيو هو، جنهن جون آخري سٽون ڪجهه هيئن آهن:

پوءِ جڏهن پنهنجي پيءُ جو

هٿ وٺي هلڻ لڳس

تنهن مون کي کلي چيو

تون جڏهن وڏڙو ٿيندين، ته مان

هڪ هٿ ۾ لٺ کڻندس

۽ ٻيو هٿ تنهنجي ڪلهي تي رکي هلندس

بابا، هاڻي مان وڏو ٿي چڪو آهيان

تون منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي

هلين يا نه هلين پر،

اها لٺ ضرور ڏجانءِ

جو اڳيان ڏاڍو رستو جهلي بيٺو آ

۽ هن جي لٺ کي آهن سو مٿا

ها ڏاڍا آهن ڏهه

پر هيڻو آ ڏيهه.

مان اُن شعوري لٺ کي عصاءَ موسيٰ جيان سمجهان ٿو جيڪا وحشتن جي درياهن کي چيري سونهن ۽ ساڀيان جو رستو ڏيندي.

ان شاعريءَ واري گڏجاڻي ۽ سج لٿي کان اڳي هن شهر ۾ هلندي هڪ تمام پراڻي بڙ جي وڻ تي نظر پيم، جنهن جي مضبوط ۽ موڪري ٿڙ ۽ ڦهليل گهاٽي ڇانوَ آٿت ۽ آسري جو ڪو ڀرپور احساس ٿي ڏنو ۽ شايد لاشعوري طور تي پدراڻي شفقت ۽ پاڇي جو احساس ٿيو ۽ اهو جهور پوڙهو ۽ هن جهوني بڙ جي علامت لاشعوري تخيل جو روپ ورتو ۽ ٿورن ڏينهن کان پوءِ بابا جي شعري مجموعي ”بڙ جي ڇانو اڳي کان گهاٽي“ ۾ ڪنهن پراسرار پيڇي  (mystical persuasion) جيان ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جو پهريون نظم مون لاءِ ڪنهن آس پوري ٿيڻ کان گهٽ نه هيو:

مان ڪنهن جهوني بڙ جيئن آهيان

منهنجي ڇانو اڳي کان گهري

سج سُنهري ٿي ويو آهي

هي سارو سنسار سڏائين

گيت اڌورو ڪو ڳائي ٿو

ڪيئن چئجي ڪيڏانهن وڃي ٿو

اُن جو انت ته ڪو پائي ٿو... (اياز)

جيئن گوتم ٻڌ کي بڙ جي هيٺان گيان مليو تيئن سنڌ کي به شيخ اياز جي شعوري ڇانوري ڪو ڌيان ڏنو آ ۽ اياز به ڪنهن بڙ ۽ ٻوڌي وڻ کان گهٽ ناهي. هن، هن ڪائنات، دنيا ۽ سنڌ ڌرتيءَ تي رهندڙ انسان جي هر عام خاص ڳالهه، فڪر، روح، دکا سکا، پاڙون پاتال کان اُڀ آڪاش تائين ڇهي راس ڪيو آهي ۽ اسان هن جي هر رنگ ۽ ڍنگ کي محسوس ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿا سگهون.

شيخ اياز هڪ ازلي وجودي هيو. ڌرم ۽ دهر جي وچ ۾ هلندي هو مارڪسوادي، وحدت الوجودي ۽ عاشق سنڌ وادي هيو. جيون جي اسراري ڪيفيتن کي ارپيندي هو پاڻ به ڪو اسرار ٿي ويو. سندس اهڙي روش ڪن کي ڀانءِ نه پيئي جو اياز تضادن کي ملائي خيال ڪل ڏسڻ ۽ ارپڻ ٿي چاهيو. اڄ به اندر توڙي ٻاهر سندس مڃتا جي حلقن، احبابن ۽ ادارن ۾ ڪي بروٽس خنجر لڪايو پيا هلن ۽ جوڊاس جيان پنهنجي مسيحا کي ٽياس تي ٽنگڻ جي انتظار ۾ آهن. اياز کي منجهيل چوڻ وارا خود منجهي پيا آهن، جو سندن ورتل دڳ ڪنهن بند گهٽيءَ تي اچي پورو ٿو ٿئي. تڏهن شايد بابا لکيو ته ”سوڀي کان سوڀيديري تان حيرت اٿم.“ ياد رهي ته سوڀو ديرو تنوير عباسي جو ڳوٺ آهي، اياز تي ملائيت جو الزام هڻندڙ اڄ پاڻ ديني موضوعن تي ليڪچر ڏئي رهيا آهن. اياز ته جيون جي جبل کي سر ڪرڻ جا سمورا دڳ درست قرار ڏنا ۽ فقط چونڊ جو مسئلو مڃيو.

شاهه لطيف چيو ته ذات وڏي شئي ناهي پر ڏات وڏي شئي آهي ۽ اياز چيو ته ڏات کان به سچ وڏي شئي آهي. هر سچ جيان ايازي آواز جي سچائي به هردم رهڻي آهي. اياز سان اختلاف راءِ رکڻ ۽ تنقيد ڪرڻ جو پورو حق هر ڪنهن کي هئڻ گهرجي ۽ آهي، پر هن سان دشمني نه هئڻ کپي ڇو ته شيخ اياز ڪنهن سان دشمني ۾ يقين نٿو رکي بلڪه دشمن جو قتل دراصل قاتل جي خودڪشي ٿو سمجهي. پني عاقل جي هڪ جاگيراني جو ”گهاٽ مٿان گهن گهور گهٽا ۾“ مثال ڏيندي لکي ٿو ته هن سورنهن خون ڪيا هئا ۽ هر ڪيس ۾ ڇٽي ويو هو. هو منهنجي سامهون هڪ نئين ڪيس ۾ ڇٽي ويندو هو. هن جو آواز ايترو ته مٺو هو جو گمان ئي نه ٿي ٿيو ته هن ڪوئي خون ڪيو آهي. مون جڏهن هن جو ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪايو، تڏهن هن چيو ”بابا! دشمن کي ماري ختم ڪيو اٿم، دل تان وڏو بار لهي ويو آهي.“

ڇا اسان ڏسون ڪونه ٿا ته نفرتن جي ٽياس تي چڙهيل صوفي ڀڳت ڪنور رام جو روح سرهو ٿي گهمي رهيو آهي. جيڪا سرحد پني عاقل کان ٿورو اڳتي هڪ ٻئي ملڪ سان ملي ٿي، اسان ٻئي هڪ ٻئي کي دشمن سڏيون ٿا ۽ ڏينهون ڏينهن اسان جي نفرتن ۾ واڌارو ايندو پيو اچي. هر سچو قلمڪار ۽ فنڪار هر موقعي ۽ مهل تي پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏياريندو آهي. سيخ اياز به تاريخ جي رڙ ٿي برصغير هند- پاڪ تي ڪڙڪي ٿو: ”بال ٺاڪري! تون مون کي خنجر ڇو ٿو هڻين! بابر ته مون کان چار سو سال اڳ آيو هيو!“

اها شِوسينا ۽ بجرنگ دَل، جيڪي هڪٻئي جو ڪرنگهو ٿا سمجهيا وڃن، ان رام سي گاڊسي جو ذهن آهن، جنهن جي بڇ تي مهاتما گانڌيءَ جو خون ڪيو ويو. پر الائي ڇو گاڊسيءَ گنگا جي بدران پنهنجي ارٿيءَ جي رک سنڌو درياهه ۾ لوڙهڻ لاءِ وصيت ڪئي. ڇا هن برصغير جي تهذيب کي سنڌ جي ڪري پوتر سمجهيو؟ اياز اهو سوال وري ورهاڱي وقت لڏي ويل اُنهن سنڌي هندن کان پڇي ٿو، جيڪي سنڌ مان ايندڙن کان سنڌ جي مٽي آڻڻ لاءِ پڇندا آهن ۽ پنهنجي رک گنگانديءَ ۾ وهائيندا آهن. نفرتن جا تضاد اياز اڃان به گهرائيءَ سان ٿو محسوس ڪري ۽ ان جي پاڙ اکيڙڻ جو سڏ ڏي ٿو. ”اي سنڌيو! ڇا توهان غلام قادر روهيلي کي سڃاڻو ٿا جنهن خنجر جي نوڪ سان شاهه عالم جون اکيون ڪڍيون ۽ حرم جي نازنين کي بي حرمت ڪيو ۽ مستقبل آڏواڻيءَ ۽ بي جي پي جي انتظار ۾ رهيو. ۽ ٻئي پاسي اياز انهن مذهبي بنياد پرستن کي به نندي ٿو، جيڪي نفرتن کي اڃا پروان چاڙهن ٿا ۽ ڪو دهشتگرد انقلاب برپا ڪرڻ چاهن ٿا.

اها آهي اياز جي انسان شناسي ۽ امن ۽ پيار لاءِ اُتساهه، جنهن لاءِ تازو دهليءَ مان ڇپيل ڪتاب ”سنڌ: رگ ويد کان شيخ اياز تائين“  ۾ سندس ننڍپڻ جو ساٿي رام امرلعل پنجواڻي اياز شناسي طور کيس ”ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هڪ پُل“ قرار ڏئ ٿو. انهيءَ آواز کي، جنهن لاءِ خود شاعر چوي ٿو:

        آءٌ جو آواز آهيان

        زندگيءَ جو راز آهيان

        ٿو وڃان دور تائين

        روڪ جي روڪي سگهين

        موڙ جي موڙي سگهين

        سڏ کي ناهن هڏ

        جو اُهي ٽوڙي سگهين

        ٽوڙ جي ٽوڙي سگهين.

*      *      *      *

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com