ساري
تن جون صورتون لڙي لڙڪ پيا!
[آذر ”ناياب“ صديقي]
نقش ”ناياب“ منگي
آذر ناياب صديقي 2- اپريل 2006ع تي انتقال ڪري
ويو. اِنالله واِنا عليہ راجعون. رب العالمين کيس
جنت ۾ جايون جوڙي ڏئي. سندس رحلت سان روح رتپيو
روئي ۽ جهڙ نيڻئون لهي ئي نه ٿو!
علم ۽ حلم جي کاڻ آذر ناياب منهنجو مڪتبي معلم به
ٿيو ته سخن جي دنيا ۾ به رهبر رهيو. سندس علمي ۽
ادبي شخصيت جو اثر منهنجيءَ دل تي اهڙو گهرو ويهجي
ويو جو سندس تخلص جي طرز تي مون به کڻي نقش
”ناياب“ تخلص اختيار ڪيو. تخلص جي ان نسبت سان ڪي
ادبي دوست - جي اڳ ۾ اڻ ڏٺا هئا- سي مون کي يا ته
سندس پٽ سمجهندا هئا يا هم سبق ۽ هم استاد. بهرحال
بهتر ٿيو جو ساڻس اهڙي نسبت جڙي، جا دائم ۽ قائم
رهي. استاد ته ٻيا به هئا، پر هن استاد جي ڳالهه
ئي اور آ. سندس شخصيت ۾ جيترو علمي مايو هو، اوترو
ئي شفيق هو. ڪشمور هاءِ اسڪول ۾ پڙهائيءَ جي دوران
سندس رويو قابل تعريف ڏٺم. علمي اعتماد سبب ڪنهن
به بالا آفيسر جي اڳ پوءِ نه ڪيائين، گهرج موجب ۽
علمي توڙي تعليمي حيثيت سارو سندن عزت ۽ احترام
ڪيائين. استادن جو حد درجي جو احترام ڪندو هو.
سندس هرهڪ شيءِ جو وٽس هڪ معيار مقرر هو. جتي به
جنهن شهر ۾ رهيو اُتي پنهنجي علميت ۽ شخصيت جو سڪو
ڄمايائين. کيس مادري ٻولي اردو کان علاوه انگريزي
۽ فارسي ٻولين جي ڄاڻ به هئي. 1949ع ۾ جيئن ئي
بدايون ڇڏي سنڌ ۾ اچي رهيو، تيئن سنڌي به سکيائين
۽ اردو توڙي فارسيءَ کان سواءِ سنڌيءَ ۾ به شعر
چيائين. سندس سنڌي شاعريءَ جو هڪ انتخاب منهنجي
محسن محترم غلام رسول ميمڻ ”مهراڻ پبليڪيشن“
شڪارپور طرفان آگسٽ 1978ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن
۾ ڊاڪٽر عطا محمد ”حامي“ هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”اهل
زبان نه هجڻ جي باوجود سندس ڪلام ۾ پختگي، سادگي ۽
سلاست جو هجڻ هڪ ڪرشمي کان گهٽ نه آهي. آذر غزل جو
شاعر آهي. سندس غزل تصنع ۽ تڪلف کان پاڪ آهي. هو
جو ڪجهه لکي ٿو اهو سندس مشاهدي ۽ تجربي جي
ترجماني آهي. سندس ڪلام ۾ حقيقت تي گهڻو زور ڏنل
آهي. هو ٿورن لفظن ۾ معنيٰ جا دفتر بيان ٿو ڪري ۽
غم جانان ۽ غم روزگار سمائي پنهنجي دل جو بار هلڪو
ڪري ٿو وڃي، اميد ته هو سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ به هڪ
نمايان ڪردار پيش ڪندو.“
واقعي آذر ناياب جي پسند جي صنف ”غزل“ هئي. مون
ڏٺو ته هو ان ڏکي صنف ۾ به جنهن رواني ۽ بي
تڪلفيءَ سان قلم هلائيندو هو تنهن مون کي حيران
ڪيو. سندس طبيعت شاعريءَ لاءِ هر وقت موزون ڏٺم،
جنهن جا ڪيترائي مشاهدا منهنجي اکين ماڻيان پاڻ
قلم کڻي ويٺو ته بنا ڪنهن گهڻي ويچار سان ڪو غزل
يا نظم لکي وٺندو هو. اهڙي ڪيفيت ۾ به مجال آهي جو
سندس ڪلام ۾ ڪا فني کوٽ لڳي. لکڻ دوران به ڪڏهن
ائين نه ڏٺم ته ڪو لفظ ڪٽي ٻيو لکيو هجائين! وٽس
”لوحِ جهان په حرف مڪرر نهين هون مين“ وارو ڪمال
ڏٺم. اهو سمورو ڪمال سندس شاعريءَ جي رياضت ۽
علميت جو هو.
آذر ناياب صديقي عمر جي آخري دور ۾ وڃي ڪراچيءَ ۾
رهيو ته ڄڻ گوشه نشين ٿي ويو. راڻيپور ۾ رهائش
دوران تر ۾ ٿيندڙ مشاعرن جي محفلن ۾ ڪڏهن به ناغو
نه ڪندو هو، وس پڄندي وڃي شريڪ ٿيندو هو. حضرت سچل
سرمست جي ڪلام سان کيس بيحد عقيدت هئي. هڪ هنڌ ان
جو اظهار به ڪيائين.
مون کي عيسيٰ وانگر زبان جنهن ڏني
درازن ۾ اهرو سخن ور مليو
مليو زندگي جو سليقو مون کي
ته نهج البلاغه مان آذر مليو.
آذر ناياب جا سنڌ جي سڀني شاعرن سان سٺا تعلقات
هئا. پاڻ سنڌي شاعرن کي اردو ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ
وقت بوقت منظوم ترجمو به ڪندو هو. نهايت پختو
مترجم هو. اردو، سنڌي، فارسي ۽ انگريزي لفظن جو
وڏو ذخيرو رکندڙ هو، جن جو استعمال وقت جي تقاضا
مطابق ڪري وٺندو هو. هن مهان ماڻهوءَ جو هرهڪ گفتو
گوهر افشاني هو جو زندگيءَ جي تلخ تجربي ۽ گهري
مطالعي جو نچوڙ نظر ايندو هو. پاڻ نهايت ڳنڀير
شخصيت جو مالڪ هو. مطالعو سندس محبوب مشغلو هو.
ڪتاب ۽ قلم سان دوستيءَ جو ناتو آخر تائين قائم
رکندو آيو. افسوس جو سندس شاعريءَ جو ڪوبه مجموعو
شايع ٿي نه سگهيو. هن مضمون جي پڄاڻيءَ تي سندس
ڪلام جو نمونو پيش ڪجي ٿو:
گل ٿا ڳولن پيا بهارن کي،
ڪيئن گلشن چوان مان گلشن کي.
تنهنجي بخشش سان تنهنجي رحمت سان،
غم ميسر آ غم پسندن کي.
آ حياتي جو مسئلو درپيش،
اڄ وساري ڇڏيو غريبن کي.
کٽيو کائيندي پيار ۾ دلڙي،
درد ملندو آ عشق وارن کي.
تنهنجي رحمت جو تنهنجي بخشش جو،
آسرو آهي ميگسارن کي.
آهي سنڌي زبان ”آذر“ جي،
فخر آ جنهن تي سنڌ وارن کي.
-----
ڪو حڪم جو تعميل ڪيو ويندو آ،
تڪڙ سان به تعجيل ڪيو ويندو آ.
ماحول پنهنجو پاڻ نه ٿيندو تبديل،
ماحول کي تبديل ڪيو ويندو آ.
-----
راحت ۾ ڏکن جي يادگيري به وئي،
ٿي ختم وفا به باضميري به وئي.
سلطاني سهاڳ لئه اوجاڳا ڪڍيم،
سلطان ڪيو دل ۾ فقيري به وئي.
سنڌي ادبي سنگت جي سالانه ميڙن ۽ ڪاليجن جي لطيفي
مجلسن ۽ شامن ۾ سندس ڳايل گيتن کيس نانءُ بخشيو.
خاص طرح ون يونٽ وارن ڏينهن ۾ ڪرايل جلسا سندس
ڳايل انقلابي گيتن سبب سڄي سنڌ ۾ گونجي اُٿيا.
ماهوار روح رهاڻ جي هلايل جديد ادبي تحريڪ ۾ جيجي
اسان جي سَٿ جي سرگرم ساٿياڻي هئي، جشنِ روح رهاڻ
سنڌيت ڦهلائڻ جو وڏو ڏڻ هو. سڄي سنڌ مِڙندي هئي.
اسان جي ان دؤر جي شاعر جو هڪ ئي پسنديده آواز
هو، جيڪو کيس ڳائي پئي سگهيو ۽ سندس پرسوز آواز
هوائن جي جهوٽن وسيلي سنڌ جي ڳلي ڳلي گونجيو. اياز
جي پڪار ۽ زرينه جو آواز!
”مان توکي گيت ڏيان اي ڌرتي!... تون مون تي زنجير
وجهين.“
جشنِ روح رهاڻ ۾ سندس ڳايل اياز جي لولي عجب اثر
رکندڙ هئي. اکيون آليون ۽ وار اُڀا ٿي ويندا هئا:
شال دولهه ٿئين! شال دودو ٿئين!
شال سورهيه ٿئين، سنڌ تي سر ڏئين
لوليون او ابا!
لوليون! لوليون.
مون اڄ به ڪيترن ئي گهرن ۾ سنڌ تان سر ساهه
گهوريندڙ مائرن کي هيءُ گيت اُنهيءَ ڌن ۽ سُر ۾
جهونگاريندي ٻڌو آهي. مون سندس اندر ۾ موجود ڪيترن
ئي تهن ۾ هر تهه جي هيٺان موتيءَ دُرَ جو ذڪر ڪيو
آهي. سندس ڳائڻ جو هنر هڪ موتي آهي ته سنڌيت جو
جولاني جذبو ٻيو موتي آهي.
- حميد سنڌي
”جيجي- زرينه بلوچ، شخصيت ۽ فن“ مرتب: نصير مرزا
(ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد، 2006ع)
[مهاڳ
II،
ص 16]
ولي محمد طاهرزادو
حفيظ قريشي
محترم ولي محمد طاهرزادو، سنڌي ٻولي ۽ لوڪ ادب جي
مخلص خدمتگارن منجهان هڪ وڏو نانءُ آهي.
اصل ۾ هڪ مهان داستان گو هو، جنهن وٽ سنڌي ٻوليءَ
جي لاڙي لهجي جي لفظن جا اکٽ انبار به هئا.
ڪچهريءَ جي ڪوڏئي هن سڄاڻ سگهڙ وٽ ”رات کُٽي وڃي
پر بات نه کٽي“ واري ڏات ۽ ڏانءُ هئڻ سان گڏ کيس
سنڌي لوڪ ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ ترقيءَ جو
وڏو اونو رهندو هو. انڪري هن جي لکڻين ۾ ٻولي ۽
محاوري سان گڏ تاريخ ۽ ثقافت جو گهرو سٻنڌ نظر
ايندو. سنڌي ادبي بورڊ پاران ترت نروار ٿيڻ واري
ڪتاب ”سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو“ جي منڍ ۾ هن اهڙو
تاريخي وچور ڏئي ثابت ڪيو آهي ته هن جي سگهڙائپ
واري فڪر جو تاڃي پيٽو سنڌ جي قديم تاريخ سان مليل
آهي. ان ريت هو پنهنجي سماج جي بقا جو سوال تاريخ
۽ ثقافت سان ڳنڍيندي نظر اچي ٿو.
هن سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي
لوڪ ادب اسڪيم جي ڪارڪن جي حيثيت ۾ پير پاتو، پوءِ
بورڊ ۾ پروف ريڊر جي حيثيت ۾ ڪتابن جي سوڌ سنوار
ڪندي رٽائر ڪيائين. زندگيءَ جي آخري پل تائين لکڻ
وارو ڪم نه ڇڏيندڙ هيءُ ادبي مجاهد پيو بورڊ جا
ڀيرا ڪندو هو.
هو سنڌي لوڪ ادب جي باغ جو هيڊ مالهي ته نه هو، پر
لوڪ ادب جي باغ جي وڻن، ٻوٽن، پن پن ۽ گل گل سان
پيار جو اهڙو ناتو رکندڙ هو، جنهن کي ”روح جو
رشتو“ ئي چئي سگهجي ٿو. هن بورڊ جي هڪ ڪارڪن جي
حيثيت ۾ پنهنجن فرضن جو پورائو سهڻي نموني مڪمل
ڪيو،. لوڪ ادب اسڪيم جي مختلف سهيڙيل ڪتابن جي
حاشين ۾ آندل هن جو نالو انهيءَ ڳالهه جو ساکي آهي
ته هو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان پيار ڪندڙ هڪ اهڙو
ليکڪ هو، جنهن کي پنهنجي ثقافتي پاڙن جي چڱيءَ ريت
پروڙ هئي.
ڳالهه مان ڳالهه ڪڍڻ، پهاڪا، چوڻيون، چٽڪلا، چرچا
۽ ڀوڳ کائنس پوءِ دنگ هئا. اهڙو ماڻهو سنڌ جي لوڪ
ادب کي هاڻ ڀاڳين ملي. پنهنجي سڀاءُ ۾ هن نماڻي ۽
نهٺي انسان سنڌي ادبي بورڊ لاءِ ”وتايو فقير“،
”سنڌ ديس جون رانديون“، ”سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو“
۽ ٻاراڻي ادب جا متعدد ڪتاب لکي ٿورا ڪيا آهن.
سنڌي ٻوليءَ تي سندس ٿورا ان ريت ئي لهي سگهندا جو
اسان ماڻهو به اوتري ئي خدمت ڪريون.
هو پيريءَ ۾ ويساکين ۽ پنهنجي لائق پٽ اغيث السلام
جي سهاري بورڊ ۾ ايندو رهيو. هڪ ڀيري منهنجي هٿ ۾
بورڊ پاران ڇپايل نئون ڪتاب ڏٺائين. کيس هٿ ۾
ڏنومانس، پهرئين ڪتاب کي ٻه مِٺيون ڏنائين، پوءِ
اکين تي رکيائين ۽ ڪي پل ڇاتيءَ سان لائي آسيس
وٺندو رهيو. ڄڻ ڪو پنهنجي وڇڙيل پرينءَ سان ورهين
پڄاڻان مليو هجي.
هن جا وڏا ڪڇ کان لڏي اچي ٽنڊي الهيار ۾ رهيا. جتي
ولي محمد جي پڙ ڏاڏي احمد ميمڻ ڪوڏ مان ٻي شادي
ٽنڊي الهيار جي شيدين مان ”سلامان“ نالي هڪ سگهڙ
خاتون سان ڪئي. جنهن مان کيس ڳچ اولاد ٿيو. اسان
جو ولي محمد احمد ميمڻ جي ٻئي نمبر پٽ آچر جي پٽ
محمد طاهر جي اولاد جي حيثيت ۾ پاڻ کي ”طاهرزادو“
سڏايو.
هن پنهنجي پويان چار نياڻيون ۽ ٽي پٽ اتاليق
الزمان، اغيث السلام، آل ولي، انيس خانم، عزيز
خانم، احمد بتول ۽ عروة الوثقيٰ ڇڏيا آهن. جيڪي سڀ
تعليم يافته ۽ سٺي سماجي حيثيت رکندڙ آهن. سنڌي
لوڪ ادب جو هي ڳُڻن وارو خدمتگار 31- مئي 2006ع تي
پنهنجي اباڻي شهر ٽنڊي الهيار ۾ گذاري ويو.
”منهنجو
سائين“- نثار حسيني
نصير مرزا
ڪيڏي نه ڀيانڪ هئي اُها رات منهنجي لاءِ!
ٽي
ٿي
رهيا
هئا جو دروازي تي ڪنهن
knock
ڪيو. ”ياخدا خير!“ اڱڻ مان پري
کان ٻڌم، اِهي لفظ اديءَ جا هئا، جيڪا ننڊ مان
اُٿي دروازي ڏانهن وئي پئي. موٽي، ته دُردانه کي
آهتگيءَ سان آواز ڏنائين. ”نصير کي جاڳاءِ ۽
احتياط سان کيس ٻڌاءِ ته.....“ ۽ مون اڌ ننڊ اڌ
جاڳ ۾ ٻڌو.... دردانه، منهنجي سيرانديءَ کان بيهي،
دٻيل لفظن ۾ چيو پئي: ”پريشان نه ٿجانءِ نصير....
دروازي تي آيل پاڙي جا ڪي ڇوڪرا توکي ’ڄاڻ‘ ڏيڻ
آيا آهن ته.... سائين نثار....!“ ۽ ننڊ مان
ڀانڀولجي اُٿڻ ۽ اِها خبر ٻڌڻ سان قيامت ئي ته
گذري وئي مون تي! ۽ ان کان پوءِ، هن جي گهر ڏانهن،
جنهن ۾ هاڻي هو بي ساهي وجود سان سُتو پيو هو،
اُنهي ڏانهن ويندي اُها رات، ڪيڏي نه ويتر سياهه
لڳي هئي مون کي. ۽ حد و بي حد اونداهيءَ ۾، هن جي
گهر جو رستو هو، جو گهگهه انڌيري ۾ لڌو ئي ڪونه
پئي مون کان! لڳم..... رکي رکي فضائن مان ڀٽائي
صاحب جي غمناڪ بيتن جا پڙاڏا پيو ٻڌان.
پکين پاڻُ پڇاڙيو، ته لڏيا هوت وڃن
--
قضيو ڪربلا جو، اِي نسورو ملال
--
پڄاڻان پرين، ڪجي بس ڀنڀور کان.
--
پر هي سڱ ڪهڙو هو منهنجو هن سان؟ ۽ هُو ڪير هي
نثار حسيني منهنجو؟ جنهن جي اوچتي وڇوڙي جنهن جي
اوچتي وڇوڙي جي غمناڪي ۾ آءٌ ڄڻ گهيرجندو پئي ويس
پَل پَل. ۽ رشتو ڪهڙو هو هُن جو مون سان؟ ڇا محض
پاڙيسري هئاسين اسين ٻيئي هڪ ٻئي جا. يا ڇا آءٌ،
بس هُن جو هڪ عام شاگرد هوس ۽ هو واجب الاحترام
استاد!
”نه“.
اِهي ته عام رواجي رستا آهن. نثار حسيني ته منهنجو
وجود ۽ آءٌ هُن جي حياتيءَ جو لازمي حصو هئاسين.
لازم ۽ ملزوم حصو!
3- مئي 1988ع تي، الائي ڪهڙي ترنگ ۾ اچي هُن
پنهنجي پياري نياڻيءَ ”شهرين“ جي آٽوگراف بڪ ۾
اعتراف ڪندي، مون بابت سڀ ڪجهه ئي ته لکي ڇڏيو هو:
”اوهين ڇهه فرد آهيو... هڪ جيون ساٿي، ٻي تون ڌيءَ
شهرين، ٽيون ماءِ سَن جاويد حسين. چوٿين پياري
صنم، پنجين اُها ”مرڪ“!- جيڪا مانجي شعور لاشعور،
۽ تحت الشعور ۾ رچي بسي ويئي آهي. ۽ ڇهون مانجو
پيارو ساٿي- نصير! منهنجي صرف هڪ ئي آس آهي، ۽
اُها هيءَ ته سڄي حياتي- لهندڙ سج جي آخري لام
تائين، اِنهن مان- ڪنهن ڏانهن به احساس محروميءَ
کي ويجهو ايندي نه ڏسان، نه پَسان ۽ نه ٻُڌان.“
۽ ان آٽوگراف جي، اهڙن لفظنجي موٽ ۾، آءٌ هُن سان
پنهنجي رشتي کي ڪهڙن لفظن ۾ اظهاريان ۽ ڇا ٻڌايان
دنيا کي ته ڇا هو.... هُو منهنجو؟
هڪڙو روشن چنڊ!
جنهن روشني پکيڙي ڇڏي هئي منهنجي اندر ۾- جڏهن
شديد اڪيلاين ۾، ڳوٺ جي، ريل جي بَند سان ڀٽڪيس
پئي آءٌ! تڏهن هُو سهارو بنجي پيو هو منهنجي لاءِ-
جنهن هٿ کان وٺي دڳ تي لاتو. اڳتي وڌڻ جو ساهس ڏنو
۽ وک وک تي ڇانوَ ڀريو وڻ ٿي بيٺو، ۽ چيو: ”ڇو پيو
نٽهڻ اُس ۾ ڀٽڪين، اچ منهنجي ڇانوَ ۾ آرام سان اچي
ويهه نصيرَ......“ ۽ ايترن احسانن جي موٽ ۾، هُن
گهريو مون کان ڇا؟ رڳو هر گهڙي جو ساٿ ۽ هر وقت
پاڇي وانگر ساڻ ساڻ گڏ هجڻ جو واعدو. ۽ مون ائين
ئي ڪيو ۽ پاڻ کي وساري ڇڏيو. ۽ ڪا ڳالهه ياد رکي
ته بس صرف ايتري: ته ”هُو منهنجي ذات جو حصو آهي ۽
مان هُن جي هستيءَ جو.“
نٿو سنڀران، ته ڪڏهن چپن تي- رُکو- سندس نالو آندو
هوندم. کيس سدائين سڏيم.... ”سائين!“ ڪنهن ڳالهه
چوڻ لاءِ نالو وٺي سڏيندو هئو، ته اُڪير مان
وراڻيندو هوس: ”جي سائين!“
ياد اٿم، ”سائينءَ“ جو پيارو، دل گهريو، رازدار
دوست، قيس عالم ابڙو به، هُن سان ائين ئي سلهاڙيل
هوندو، پيار ڪندو ۽ مٿانئس هر وقت ٻلهار ٻلهار پيو
ويندو هو، جيئن آءٌ.
ها! صرف عرفان مهدي، اسان ۾ هڪڙو اهڙو خوبرو
نوجوان هوندو هو، جيڪو هُن سان انگل ۽ حجتون ڪرڻ
جي همٿ ڪندو هو، ۽ اسان وانگر کيس سڏيندو ته هُو
به ”سائين“ ئي هو....پر ڪنهن ڪنهن وقت، هو کيس،
”نثار سائين“ يا ڪڏهن ”سائين نثار“ چئي به پيو
مخاطب ٿيندو هو. ۽ مون کي اعتراف آهي، ته هڪ جيڏن
۽ پاڻ کان ڄمار ۾ وڏن، منهنجي ٿورن دوستن مان،
سائين، واحد اهڙو منهنجو محبوب دوست هو، جنهن سان
آخري دم تائين، منهنجي دوستي به دائم رهي ۽ دلي
پيار به. ۽ باهمي محبت جي ان پائداريءَ جو احساس،
آخري وقت تائين، هُن کي به هو ۽ مون کي به!
اصل ۾، ڪمسنيءَ کان ئي، سائينءَ جي جنهن شيءِ،
جنهن ادا ۽ جنهن خوبيءَ، مون کي هُن جي لڙَ لائي
ڇڏيو هو، اُها هئي پنهنجن گهاٽن (پهرين ڪارن ۽
پوءِ اڇن) وارن ۾ هٿ ڦيرائيندي، هر انسان سان مرڪي
ملڻ. اُٿي بيهي اُن جو آڌرڀاءُ ڪرڻ، ۽ ان کي تمام
گهڻو همٿائڻ. ۽ اِهي ئي ته اُهي ٽي شيون هيون،
جيڪي پوءِ سڄي ڄمار هُن جو شعار به رهيون ۽ آدرش
به!
غالباً 1969ع جو سال هو، جو ماڻڪ ڀٽي هاءِ اسڪول ۾
اٺين ڪلاس ۾ هُو منهنجو ڪلاس ٽيچر بڻيو ۽ هي آءٌ،
جيڪو سدا کان محجوب، لڄارو،
Dull ذهن ۽
بئڪ سيٽر شاگرد رهندو پئي آيس. هُن الائي ڇا سوچي،
بيڪ سيٽ تان اُٿاري، ڪلاس ۾ فرنٽ سيٽ تي مون کي
آڻي ويهاريو، ۽ چيو: ”تو جهڙي ٻار کي، ڪلاس ۾ فرنٽ
سيٽ تي ويهڻ گهرجي نصير- نه ڪي بئڪ سيٽ تي!“ ڪلاس
۾ سائين نثار بحيثيت ٽيچر ۽ گڏوگڏ ٽيوٽر جي، هڪ
اعليٰ ذهن استاد ته هو ئي، پر فري پيرئڊس ۾، هُن
”فني ڪلاس“ هلائڻ جو سلسلو به شروع ڪري ڇڏيو هو. |