سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سيارو 2006ع

 

صفحو :11

اکڙيون ميگهه ملهار

حميد سنڌي

هيءُ هڪڙو وڏو گهر هو، جنهن ۾ ڪيترا ئي ڪٽنب مِٺ محبت سان گڏ رهندا هئا. مان اُت وڏي گهر ۾ نپجي سڀني ڪٽنبن جو پيارو ۽ لاڏلو نينگر ٿي وڏو ٿيس. اِن گهر جا ٻه اهم اُهڃاڻ هئا: هڪ ته داخل ٿيڻ وقت ڏيڍي ٽپڻ لازم هو ۽ هن ڏيڍيءَ ۾ ڪيئي وَر وَڪڙ هئا، جيڪي عام ڏيڍين ۾ ڪونه هوندا آهن. شروع ۾ ئي هڪ ڏيڍي اُها هئي جيڪا ورهائجي ٻن ڏيڍين ۾ تبديل ٿي ويندي هئي. اڳتي هلي اسان واري ڏيڍي ور وڪڙ کائيندي وڃي وڏي اڱڻ ۾ پهچندي هئي، جتان اُن وڏي حويلي جهڙي گهر جا عجب نظارا پسبا هئا. ڪرت واريون، قرب ونڊڻ وارا، کل خوشيءَ وارا جيڪي نه رڳو اڱڻ جو مَرڪُ هئا پر شاهي ڊگهو ورانڊو، جنهن ۾ گهريتڙيون ۽ وڏڙيون واندڪائيءَ ۾ويٺيون ڪچهري به ڪنديون هيون، ته ڪي چلم مان بُڙڪاٽ ڪڍندي مسئلن جا سڳا سورينديون هيون. وڏڙا ڪم ڪار لاهي ايندا هئا ته روٽي پاڻي سان گڏ سندن ڳالهين ۽ چلم ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا هئا. هن گهر جو ٻيو وڏو اُهڃاڻ هن گهر جي وڏي منهنجي ڏاڏي سونل هئي. جيڪا سنئين سڌي، بنا ڪنهن وَر وڪڙن جي، ’سنئين راند سونٽي واري‘ ۾ يقين رکندڙ هئي. هن جا فيصلا سڀني ڪٽنبن ۽ هن وڏي خاندان لاءِ هڪ قانون جو درجو رکندا هئا. پاڻ ۾ سڱن پنڌن جا مامرا هجن يا ننڍن جهيڙن جهٽن جا فيصلا هجن يا ڪنهن ٻاهرين ڪٽنب سان پير کڻجي يا نه، سندس حڪم اٽل هوندو هو. چون ائين ٿا ته اسان جو ڏاڏو مرحوم، جيڪو هن خاندان جو وڏو هو، تنهن جو حڪم به ائين نه هلندو هو، جيئن ڏاڏي سونل جو حڪم. سندس ڌاڪو به ڌاڪو هو، جو ڏاڏو سائين به سندس سامهون ماٺ ٿي ويندو هو. اُن وقت ڏاڏي سونل جي مُک تي ڏيا ۽ ارادي جي پختائي واسو ڪري ويندي هئي، خاص طرح جنهن وقت فيصلي جو وقت هوندو هو يا ڪنهن سان اختلاف ڪرڻ جو وقت هوندو هو. پر سندس حياتي ۾ ڪيترا اهڙا واقعا به پيش آيا، جيڪي ڪي قدر سندس مرضي جا نه هئا ۽ کيس ڪڏهن ڪڏهن ان جو ڏک به ٿيندو هو. ماسي آسيت ڪاسائڻ جو صدمو کيس ڄڻ ته جيئري ماري ويو.

هن گهر جي ڏيڍي کي ئي ور وڪڙ هئا ته قاعدا قانون به پنهنجا هئا. اُنهن کي عمل ۾ آڻڻ، نبيرڻ، ڏاڏي سونل جي اختيار ۾ هو. کيس خاص اختيار هو ته نهرن کي پنهنجي مائٽن ڏي موڪل ڏئي يا نه. سندس پٽن جي مرضي ڀلي هجي پر ڏاڏي سونل کين گهڻو ڪري نه ڇڏيندي هئي. گهر جي وڏڙن جي اِنهيءَ فيصلي جي پابندي ۽ پوئواري ڪرڻ سندس ذميواري هوندي هئي ته جيڪي نُهرون ڌاريون هيون، اُنهن جي عزيزن قريبن کي ملڻ جي اجازت صرف اُنهن  وَر وَڪڙ ڏيڍين ۾ هئي، جيئن ڌارين ماڻهن جو وڏي گهر جي ٻين رهواسين تي پاڇو به نه پوي. هوءَ پنهنجين نهرن ۽ نين ڪنوارن سان سٺو هلندي به ٻاهر اچڻ وڃڻ جي پابندي تي سخت رويو رکندي هئي. سندس چهري تي اُن وقت سختي اچي ويندي هئي. سنهڙن چپن جون ڪنڊون سوڙهيون ۽ مُرڪ کان آجيون ٿي وينديون هيون، جڏهن نهرن جا پيئر يا ڀائر ساڻن ملڻ ايندا هئا. هوءَ ڏيڍيءَ جا ٻاهريان دَر ۽ اوريان در بند ڪرائي وچ واري حصي ۾ کين پنهنجي مائٽن سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت ڏيندي هئي. حڪم وڏڙن جو هوندو هو ۽ اُن حڪم تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڏاڏي سونل بندوبست ڪندي هئي. اُنهن نُهرن يا نين ڪنوارن جون مائرون ڀينر يا مائٽياڻيون اندر اينديون به هيون ته سندن آڌرڀاءُ ڪو وڻندڙ نه هوندو هو، جو هو ڌاريا هئا ۽ هيءُ نُهرون يا ٻيون ڪناورون ”ڌاريون“ سڏبيون هيون. هتي جنهن جو آڌرڀاءُ ٿيندو هيو، اُها هئي ماسي آسيت ڪاسائڻ، جيڪا هڪ ڇٻيءَ ۾جيرن بُڪين ۽ ٻوٽين جو شيخون پچائي وجهي کڻي ايندي هئي. سندس اچڻ سان سڄي گهر جا ٻار ٻچا ۽ مايون گوشت جون پڪل مرچن مصالحن سان ٻُرڪيل شيخون وٺي سوساٽ ڀري کائينديون هيون، پر وڏي خوشي ڏاڏي سونل کي ٿيندي هئي. وسيع ورانڊي ۾ هو ٻئي ڄڻيون جڏهن کٽ تي چڙهي ويهي پنهنجيون پرايون ڳالهيون ڪنديون هيون، تڏهن وقت ڄڻ ته بيهجي ويندو هو. ماسي آسيت جي ڳالهين ۽ چوٻولن تي ڏاڏي سونل ايڏو ته کلندي، ٽڙندي خوش ٿيندي هئي ۽ سندس ٽهڪڙا گونجندا هئا جو ائين لڳندو ئي نه هو ته هيءَ ڏاڏي سونل آهي. هڪ سخت گير منتظم ۽ هن گهر جي پنهنجن قاعدن قانونن جي پاسبان. ڏاڏي سونل ۽ ماسي آسيت جي هيءَ دوستي ورهين جي ساٿ جو نتيجو هئي. ماسي آسيت جو هن حويلي ۾ اَچڻ وڃڻ شايد منهنجي ڄم کان به اڳ جو هجي. مون جڏهن کيس ڏٺو ته کيس ڏسندو ئي رهجي ويو هيس. ڏاڏيءَ جو مون سان گهڻو پيار هوندو هو. ماسي آسيت ايندي هئي ته ڏاڏي ڪڏهن ٽڪو يا آنو خرچ ڪري مون کي به پڪل ننڍي شيخ وٺي ڏيندي هئي. مان سوسٽ ڀريندو پڪل جيرا يا ٻوٽين جا ٽڪر چٻاڙيندو هوس. ماسي آسيت جو پوٽو گلڻ وڏڙو ٿيو ته ساڻس گڏ ايندو هو. ڏاڏي اُن کي به پيسو ٽڪو خرچي ڏيندي هئي ۽ مون سان گڏ کيس به مٺيون ڏيندي هئي. مان ڀرسان ئي ويٺو گلڻ سان کيڏندو هوس ۽ ڏاڏي سونل ۽ ماسي آسيت جي ڪچهري نه کٽندي هئي. ماسي شام جو ڇٻو گهڻو ڪري خالي ڪري ئي نڪرندي هئي. اوڙي پاڙي جا ٻارڙا به هتان اچي پڪل شيخون وٺي ويندا هئا. ماسي آسيت ڪڏهن بيمار ٿيندي هئي ۽ نه ايندي هئي ته سڀني کي اون ٿي پوندي هئي ۽ سڀني گهرن جا ڀاتي پيا پڇا ڪندا هئا، پر وڏي ڳڻتي ڏاڏي سونل کي هوندي هئي. ماسي چاڪُ ٿي وَرُ اچڻ لڳندي هئي ته سڀني کان وڌيڪ ڏاڏي سک جو ساهه کڻندي هئي، ماسي آسيت کنگهندي به ڏاڍو هئي پر ٻيڙي پيئڻ نه ڇڏيندي هئي. ڏاڏي کيس منع ڪندي هئي ۽ پنهنجي چلم سندس ويجهو ڪندي چوندي هيس: ”اَدي آسيت! اِها نڀاڳي پن جي ٻيري نه پي، ڦوڪ ڀرڻي اٿئي ته چلم جي ڦوڪ ڀر، هيءَ ٿڌي اٿئي.“

ماسي هڪ ٻه ڦوڪ ڀري وري پن جي ٻيڙي ڪڍندي هئي. پوءِ ڪڏهن ڪڏهن کنگهه اُپڙندي هيس ته ماسي ساڻي ٿي ويندي هئي. ڏاڏي کيس پاڻي پياريندي هئي، پُٺيءَ کي مهٽيندي هيس ۽ هوءَ سامت ۾ ايندي هئي ته اُهي ئي گهر گهر جا قصا، ڪنهن جي گلا ته ڪي پنهنجا سور. ڏاڏي پنهنجين نُهرن جون شڪايتون ڪندي هئي ته ڀڻڪي سان، باقي پنهنجن پٽن سان ۽ نياڻين سان عشق هوندو هيس. مون کي اهو سڀ ڪجهه ياد آهي ۽ اُهو صبح به ياد آهي جڏهن ڪاسائين جي پاڙي مان اوطاق تي نياپو آيو ته رات ماسي آسيت گذاري وئي. سڄو گهر وسمهءَ ۾ اچي ويو. نيٺ ڏاڏيءَ کي به ٻڌايو ويو. آسيت ۾ ساهه هيس. هوءَ صفا ماٺ ۾ اچي وئي. چون ائين پيا ته صدمي جي ڪري کيس ڳوڙهو به نه آيو. سندس اکيون خشڪ هيون. هوءَ سنڀري ته ڪاسائين جي پاڙي وڃان ۽ وڃي آسيت جو منهن ڏسي اچان. هن اوطاق تي نياپو موڪلي ٽانگو پئي گهرايو ته اوطاق تان گهر جي وڏي، ننڍي ڏاڏي عثمان جو حڪم آيو ته ڪاسائين ۽ حجمن جي پاڙي اسانجيون مايون نه وينديون آهن، تنهنڪري زالاڻو پير نه ڀربو ۽ ڏاڏي سونل ويا ڪو ٻيو به نه وڃي. ڏاڏيءَ کي اهائي ماٺ اچي وئي. ماسي آسيت آهستي آهستي هن وڏي گهر جي ڪنهن وسريل باب جيان ميساربي پئي وئي، پر ڏاڏي اُنهيءَ کٽ تي چپ چاپ ويٺي هوندي هئي. هن آهستي آهستي چلم به ڇڪڻ ڇڏي ڏني هئي. هوءَ منجهند جو اُن وقت تي ورانڊي کان پئي ٻاهر نهاريندي هئي ڄڻ کيس اوسيئڙو هجي ته ماسي آسيت ضرور ايندي. آسرو پلجي ويندس ته ململ جو آر تي ڀريل رَئو ڊگهو ڪري پاڻ مٿان وجهي منهن ڍڪي سمهي رهندي هئي. هن گلوءَ جي پڇا ڪئي، پر گلو جو پنهنجي ڏاڏيءَ لاءِ ڏينهن رات رئندو هيو، کيس پڻس مائٽن وٽ شهرکان ٻاهر موڪلي ڏنو. اَبو، چاڇا ۽ ٻيا عزيز قريب ڏاڏي سونل جو ڏک سمجهندا هئا. وٽس هاڻ اچي گهڻو وهندا هئا. ماسي آسيت لاءِ ڪونه ڪڇندا هئا پر لڳندو ائين هو ته وٽس تعزيت لاءِ ويٺا آهن. ڏاڏي عثمان (اسان جي ڏاڏي جي ننڍي ڀاءُ) گهر کي ماسي آسيت جي ويچار ۾ جو ڏٺو ته سڀني کي دڙڪا ڏنائين ته ”اڙي، انهيءَ ڪاسائڻ جو تڏو وڇايو اَٿو ڇا؟ اِها ڪاسائڻ توهان جي ماءُ لڳندي هئي جو گهر ئي اونڌو پيو آهي. گهر کي جي ماٺ هئي ته ڏاڏي سونل به چپ هئي. هوءَ جا ٺَهي جُڙي ڪنن ۾ پنڙا پائي ڦڻي ڦوڪارا ڪري کٽ تي ويهي حڪم هلائيندي هئي، تنهن هاڻ نه رڳو پنهنجو حڪم هلائڻ ڇڏي ڏنو، پر آهستي آهستي حاڪمن جا حڪم مڃرائڻ به ترڪ ڪندي وئي. نُهرن کي هلڪي سلڪي ڇوٽ ڏئي ڇڏيائين. هاڻ هوءَ ڪنهن کي به نه روڪڻ لڳي. آهستي آهستي هن حويليءَ ۾ اڳکان وڌ ٽهڪڙا گونجڻ لڳا ۽ آزاديءَ جي هوا گهلڻ لڳي. ننڍي ڏاڏي عثمان کان بچ بچاءُ جي ڪري هيءُ گهر وڻندڙ ماحول ۾ هلڻ لڳو. ڏاڏي سونل ويچاري اڪيلي ٿي پئي هئي ۽ پوئتي به پوندي وئي. ڪو چڱو وقت گذري ويو پر ڏاڏي سونل جا ٽهڪڙا ڊاڙا ٺڪاءُ ڪنهن نه ٻڌا.

هڪ ڏينهن مان گهٽيءَ ۾ ٻين ساٿين سان گڏ اِٽي ڏڪر کيڏي رهيو هئس ته ڏٺم ته گلو مٿي تي اُهو ئي ماسيءَ وارو ڇٻو کنيو اچي پيو. ڇٻي تي ڪپڙو هو پر پڪل شيخون نظر اچي رهيون هيون. هو هاڻ وڏڙو به ٿي ويو هو. مون پري کان هٿ لوڏي کيڪر ڪئي مانس، مان راند ۾ مشغول هوس ۽ هو حويليءَ ۾ هليو ويو. اوچتو ڏيڍيءَ مان رڙيون ٻڌم. اسان ڊوڙياسين، ڏاڏو عثمان گلوءَ کي ٿڦڙن سان ڪُٽي رهيو هو. ڇٻو اُڇلائي ڏنو هئائين، پڪل شيخون زمين تي وکريون پيون هيون. گلو رنڀون ڪري روئي پيو ۽ ڏاڏي عثمان جي رڙ پئي پيئي: ”هل هتان ڪاسائي، ڪاسائيءَ جا پٽ. هيڏو سارو ٿي ڪري نياڻين سياڻين ۾ ڏيڍين ۾ اندر ٿو وڃين.... نڪر هتان.“

ڏاڏي عثمان هن کي گهلي هڪ ڏيڍيءَ مان ڪڍي ٻي ڏيڍيءَ، اُتان گهليندو اچي گهٽيءَ ۾ ٻاهر اڇليائينس. هو اڃان ٻيون رڙيون ڪري ها پر ائين پويان رڙيون ٿي ويون:

”اڙي عثمان! نه مار منهنجي ٻچي کي.... اڙي ايڏو ظلم نه ڪر معصومن سان.“ ڏاڏي سونل ڏيڍيءَ جا وَر وڪڙ سڀ لتاڙي گهر کان ٻاهر گهٽيءَ ۾ بنا رَئي پوتيءَ ۽ جتيءَ جي مٽيءَ ۽ ڌوڙ ۾ ليٿريل گلوءَ کي ڇاتيءَ لائي هيٺ ويٺي هئي. هيءَ هن خاندان جي وڏي هئي، پر هاڻ خاندان جي ريتن رسمن ۽ قاعدن قانونن جي رکوال اُنهن زنجيرن کي ٽوڙي ڇڏيو هو. هوءَ گلوءَ سان گڏ رڙيون ڪري ۽ پار ڪڍي رهي هئي. ڏاڏو عثمان ڪا گهڙي سُن ٿي ويو هو. پوءِ هو ڏاڏي سونل کي اُٿارڻ لاءِ وڌيو، پر ڏاڏي گهوري ڏٺس ۽ رڙ ڪري چيائينس: ”خبردار عثمان! مون کي يا هن نينگر کي هٿ لاتو اٿئي؟“

ڏاڏي سونل يڪدم مون ڏانهن رخ ڪيو: ”بابلا وڃ وڃي ٽانگو ڪري آ مان هاڻ هتان ئي ڪاسائين جي پاڙي ويندس، ڏسان ته مون کي ڪير ٿو روڪي؟“ منهنجي سوٽ کي چيائين ”اڙي وَڃ منهنجو وڏي چادري ۽ چمپل کڻي آ.“

هوءَ اُتي ئي مٽي ۾ ويٺي هئي ۽ گلڻ کي پرچائي رهي هئي. ”نه منهنجا ٻچا، بس بس گهور وڃانءِ مان هلان ٿي نه تنهنجي گهر، تنهنجي ڏاڏيءَ لاءِ ته هلان ٿي نه.“ هوءَ هن دفعي روئندي رهي روئندي رهي، سندس اکيون هاڻ ميگهه ملهار ڪيو بيٺيون هيون، جن آڳ وسڻ کان بس ڪئي هئي تن اڄ وسڻ کان بس نه پئي ڪئي.


نئون سِجَ

محمد صديق منگيو

قبيلي جي ستن پاڙن جا هزارين ماڻهو اچي ڳاهٽ ٿيا هئا. اور گهور ۽ ٻلهار ويندڙ ماڻهو ڄڻ روح هئا ساهه گهوريندڙ پتنگن جا. اهي وارو وڄائي ويندڙ سردار شهداد خان جي سِڪ جي ڇِڪ ۾ ڇڪجي سندس چاليهي تي ڳري ڳڙُي اچي سهڙيا هئا. قبيلن جا سردار ٻُڌا، سُئا ۽ ڏٺا وائٺا ٻيا به کوڙ، پر شهداد خان ڪير سڏائي؟ قبيلي وارن لاءِ مري سُڃ ڪري ويو هو، ڄڻ پاسو ئي خالي ٿي ويو هو. جبل هو جبل! ٽن پيڙهين کان پير گهليندڙ قبائلي دشمنيءَ ۾مخالف قبيلي کي ٽامي جي ٿالهه وانگر اهڙو ته وڄايو هئائين، جو ڇٺيءَ جي ٿڃ ياد ڏياري ڇڏي هئائين. سُکَ جو ساهه به سندس مٿي کوڙڻ کان پوءِ وڃي کنيو هئائون.

شهداد خان جي جوڳ پوري ٿيڻ تي سندس موڀي پٽ شهمير خان کي قبيلي جي سرداريءَ جي پڳ ٻَڌائي پئي وئي. بنگلي اڳيان وڏي ميدان تي کوڙيل شاميانن هيٺ پٽڪن ۽ ٽوپين جي ڇرڙ ورڙ قطارن ۾ ڪوبه مٿي اگهاڙو نه هو. شهمير خان اکين ڳاڙهن محافظن جي گهيري ۾ وڏي اسٽيج تي ويٺل هو. ستن پاڙن جا چڱا مڙس، راڄن جا چڱا، سيد پير، مُلان موراڻا، پاڙي پتيءَ جا وڏيرا ۽ پري اوري جا مهمان به ساڻس گڏ ويٺل هئا. ٽن پيڙهين کان سراڻ چڙهيل ڏندن واري قبائلي دشمنيءَ جي ڏائن کي نئون رت ۽ نوجوان قيادت پئي ملي. پوسٽ گريجوئيٽ نوجوان علم جي روشن ڳلين تان کنڀجي قبائلي روايتن جي انڌارين ۾ خرچ ٿيڻ وارو هو. قبيلائي پاڻ پڻي جي کوري ۾ پڪل سِرن وانگر پچي راس ٿيل هر ماڻهو جوش ۾ اُٻهرو پئي ٿيو. نفرتن جو ڪروڌ سندن اندر جي بَٺين مان وچڙي اکين جي چمنين مان دونهون بڻجي ٻاهر پئي نڪتو. پنهنجي انائن کي تسڪين جو آٿت ڏيڻ لاءِ نئين سردار کي اکين جي سامين ۾ توريائون پئي.

اسي ورهين جو جهور ڪراڙو ڏاڏو باقر خان پڳ جي پهرئين وَرُ ڏيڻ لاءِ اُٿيو ته اسٽيج جي چئني پاسن ۽ پنڊال ۾ فائرنگ جا ڌڌڪا پئجي ويا. بارود جي ڌپ ناسن کي ساڙ جا چُٽڪا پئي ڏنا. ڪپهه جي ٻُڙن جهڙن گهاٽن ڀِرن هيٺان ساٺيڪن کوهن جهڙين اونهين اکين ۾ڪرب جون ٻرندڙ اُماڙيون ۽ چهري تي بيٺل پاڻيءَ جهڙي سنجيدگي هئس. هن ڏڪندڙ هٿن سان پڳ جو پهريون ور ڏيڻ کان اڳ شهمير خان جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏٺو. آواز ۾ کنوڻ جهڙي گرج ۽ تلوار جهڙي ڪاٽ هئس. پڳ جو پهريون ور ڏيندي هن گرجدار آواز ۾ چيو پئي.”پڳ جو پهريون وَرُ، اُنهن ڳڀرو ٻچڙن جي نانءُ، جن قبيلي جي آن ۽ شان تي پنهنجا سرڙا گهوري ڇڏيا...!“

قبيلي جي ٻئي پاڙي جو چڱو مڙس ماڻڪ خان اُٿيو ۽ پڳ جو ور ڏيندي چيائين: ”پڳ جو ٻيو ور، قبيلي جي اُنهن مائرن جي نانءُ، جن پنهنجن جوان پٽن جي لاشن تي پار ڪڍڻ بدران موڙون ٻڌي ۽ مينديون لائي اڻ ڏٺي ڏيهه اُماڻيا...!“

ٽئين پاڙي جي ڪراڙي ملهار خان پڳ جو ور ڏيندي ڳالهايو: ”پڳ جو ٽيون ور، قبيلي جي اُنهن ونين جي نانءُ، جن پنهنجا سهاڳ مُرڪندي ويڙهه لاءِ روانا ڪيا...!“

”پڳ جو چوٿون ور، قبيلي جي اُنهن ڪراڙن جي نانءُ، جن ٻڍاپي جي سهاري جون لٺيون قبيلي جي روايتن تان گهوري ڇڏيون.“ چوٿين پاڙي جي بزرگ بهاول خان پڳ جو ور ڏيندي چيو.

پڳ جو پنجون ور ڏيندي، پنجين پاڙي جي پيرمرد قبول خان چيو: ”پڳ جو پنجون ور، قبيلي جي اُنهن ارڏن ۽ اڙٻنگ جوانن جي نانءُ، جن پنهنجن پيارن جا پلاند ڳائي وڄائي ۽ ٻولائي ورتا.“

ڇهين پاڙي جي نيڪ مرد ڪمال خان پڳ جو ور ڏيندي چيو: ”پڳ جو ڇهون ور، قبيلي جي ٻارڙن جي نانءُ، جن پنهنجن معصوم خوابن ۾ پکين، پوپٽن ۽ پَرين جي بدران ويڙهه جا منظر سمائي ڇڏيا.“

ستين پاڙي جي پرئي مڙس جعفر خان پڳ جو ستون ور ڏيندي چيو:  ”پڳ جو ستون ور، قبيلي جي ستن پاڙن جي نانءُ، جن ٽن پيڙهين جي ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ ويڙهه ۾ هيڻي نه ٻولي آهي....!“

پڳ ٻڌڻ کان پوءِ نئون سردار شهمير خان، قبيلي جي ماڻهن سان مخاطب ٿيڻ لاءِ اُٿيو ته پنڊال ۾ ويٺل هزارين ماڻهو به اُٿي بيهي رهيا، جيئن عيدگاهه ۾ پيش امام جي اُٿي بيهڻ تي ماڻهو عيد نماز لاءِ اُٿي کرا ٿيندا آهن. اُهي تيستائين ادب سان بيٺا رهيا، جيستائين شهميرخان ڊائس تي اچي هٿ جي اشاري سان کين ويهڻ لاءِ نه چيو. هو ڪا مهل ته ٽڪ ٻڌي پنڊال ۾ ويٺل ماڻهن کي ڏسندو رهيو، جيڪي پنڊ پهڻ بڻجي دل جي اکين مان مٿس محبتون ۽ وفائون نڇاور ڪري رهيا هئا. ميرا ۽ پراڻا پٽڪا، کُٿل ٽوپيون، چتيون لڳل ڪپڙا، ڦاٽل گوڏيون، هنڌان هنڌان اُڊڙيل کلتر ۽ اڻڀا مهانڊا، واڪا ڪري، سندن معاشي بدحاليءَ جي تاريخ جاگرافي ٻڌائي رهيا هئا. سينکئي جهڙي قبائلي دشمنيءَ، سندن جيون ۾ زهر جي هيڊاڻ ڀري ڇڏي هئي. شهمير خان جي منهن تي رنگ آيا ويا پئي. هن اونهو ساهه کنيو ۽ ڳالهائڻ لڳو:

”بزرگو ۽ ڀائرو....! اسان نه رڳو پاڻ ۾ هڏ رت آهيون، پر وڏڙن جو تسلسل ۽ صدين جي روايتن جا امين به آهيون. اهي روايتون ئي اسان جي سڃاڻپ جو حوالو آهن. ڀائرو...! طاقت رڳو هٿيارن ۾ ڪانهي، پر ميٺ محبت، سهپ ۽ ايڪو به سگهه جا وڏا سرچشما هوندا آهن...!“ هن ويٺلن تي ڀرپور نگاهه وڌي. سب بُت بڻجي کيرين اکين سَرلن ڪنن سان کيس ڏسي ۽ ٻُڌي رهيا هئا. هو ٻيهر ڳالهائڻ لڳو:

”ڀائرو....! اڄوڪي ڏينهن تي اچو ته سڀ گڏجي نئون وچن ڪريون. آءٌ وچن ٿو ڏيان ته قبيلي جي مان مريادا تي ڪوبه ٽڪو اچڻ  نه ڏيندس. هڪ وچن توهان کان به وٺان ٿو. سڀ هٿ مٿي کڻي وچن ڏيو ته آءٌ جيڪو به فيصلو ڪندس، اهو توهان کي قبول هوندو ۽ اُن تي ڪوبه سوال نه ڪندو.....! مڙساڻو وچن ڏيو....!“

پنڊال ۾ ويٺل هزارين ماڻهو ٻئي هٿ مٿي کڻي بيهي رهيا.

”اسان جي رت جي ڦڙي ڦڙي جو تون مالڪ آهين...!“ هڪ نوجوان ٻئي هٿ لوڏي جذبات ۾ چيو.

”مال رزق، ٻنيون ٻارا ته ڇا، تو تان ٻار ٻچا ۽ ساههُ به گهور آهي...!“ ٻيو آواز آيو.

”تون اسان جي غيرتن، عزتن ۽ روايتن جو محافظ آهين. توسان سِرُ لڳي....!“ ٽيون آواز آيو.

”توسان وفاداريءَ جو وچن ورجايون ٿا....!“ چوٿون آواز آيو. سوين آواز گڏ وچڙ ٿي سمجهڻ کان وڏا ٿي ويا هئا. شهمير خان ٻئي هٿ مٿي کڻي کين ويهڻ جو اشارو ڪيو ۽ ڳالهائڻ لڳو:

”ها....! ته پوءِ، ٻڌو....! ٽن پيڙهين کان هلندڙ قبائلي دشمنيءَ جي اوڙاهه ۾ اڄ تائين قبيلي جا سوين ڳڀرو ٻارڻ بڻيا آهن. ڪنهن سردار جو وارُ به وِنگو نه ٿيو آهي. هيءَ رڳي قبيلي جي ستن پاڙن جي ويڙهه ڪانهي، پر سردارن جي به جنگ آهي ۽ جنگ جي ميدان ۾ لشڪر سان گڏ سپهه سالار به وڙهندا آهن. ان روايت کي مٽائڻو پوندو. مون فيصلو ڪيو آهي ته هاڻي قبيلي جي جوانن سان گڏ سردارن کي به پاڻ ۾ مقابلي جا ٻه ٻه هٿ ڪرڻا پوندا....! آءٌ مخالف قبيلي جي سردار دلاور خان کي هوڪاريان ٿو. مڙس ماڻهو آهي ته ٻنهي قبيلن جي وچ وارين ٽڪرين جي کليل ميدان تي مون سان مقابلوڪري. ٽن پيڙهين جي دشمنيءَ جو نبيرو ويڙهه جي ميدان تي ٿيندو....!“

هزارن جي ميڙ تي ماٺ جي ڇپ ڪِري پئي هئي. اُهي حيرت مان اکيون ڦاڙي کيس ڏسي رهيا هئا. هپناٽزم جهڙي گونگ ٻوڙ ۾ ورتل ماڻهن کي پنهنجي اکين ۽ ڪنن تي يقين نه پئي آيو. ڏاڏي باقر خان جي سهپ صفا موڪلائي ويئي. هو جوش ۾ ڀرجي ٿِڙي ٿاٻڙي اُٿي بيٺو ۽ گرجدار آواز ۾ چيائين. ”نه .... نه ...! منهنجي حياتيءَ ۾ ائين قيام ڪونه ٿيندو. اسين پنهنجن ٻچڙن جو رت ۽ شهداد خان جي قبر ڪونه لڄائينداسين.“

”ها.... ها....! ڏاڏو باقر خان ٺيڪ ٿو چوي. اسين مئا ڪونه آهيون. قبيلي جون مائرون اڃان پٽ ڄڻين پيون...!“ پنڊال مان هڪ نوجوان رڙ ڪري چيو.

”اسين ستن پيڙهين تائين وڙهنداسين،“ ٻيو آواز آيو.

”موت قبول آهي، پر مهڻو قبول نه آهي،“ ٽيون آواز آيو.

گوڙ وڌي ويو هو. جيترا وات هئا، ڳالهيون به اوتريون ئي هيون. شهمير خان جو آواز گونجيو ته ماٺ ڇانئجي وئي. هن چيو پئي: ”ته ڇا...؟ توهان هينئر جيڪو وچن ڏئي ويٺا آهيو، اُن تان ڦري ويا آهيو..؟“

”پر، ابا....! باقر خان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر شهمير خان سندس جملو اڌ ۾ ڪٽي وراڻيو. ”نه.....، باقر خان.....! اسان وچن تي سِرَ ڏيندڙ آهيون. وچن اورانگهڻ اسان جي روايت نه آهي. مون تي ڀروسو رکو، قبيلي جي مان مريادا ۽ روايتن کي لڄائيندس ڪونه...!“

سمورن کي ڄڻ نانگ سونگهي ويو هو. پنڊال ۾ ويٺلن جون زبانون اهڙيون ته مُنڊجي ويون هيون، جو ڳالهائڻ جو ڪوبه ڳٿو نه پئي مِلين.

شهمير خان جي اعلان نه رڳو ٻنهي قبيلن کي ڇرڪائي وڌو هو، پر ٻين راڄن راڄواڙن کي به ڏندين آڱريون اچي ويون هيون. قبيلي جي وڏڙن، چڱن مڙسن ۽ يارن دوستارن، شهمير خان کي هوڏ تان لاهڻ لاءِ حيلا هلارائي ڇڏيا هئا، پر هو پنهنجيءَ ڳالهه تان تِر جيترو به پوئتي هٽڻ لاءِ تيار نه هو. مخالف قبيلي جو سردار دلاور خان ته ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو هو. هِنيون هنڌ نه هئس. هو بنگلي جي ٿڌي ڪمري ۾، بي پاڙيءَ وانگر وجود کي وڪوڙي ويل اُڻ تڻ کان پاڻ ڇڏائڻ لاءِ مَڌ جا ڪڙا ڍُڪَ اوتي پنهنجي منهن وِڦليو پئي.

”عجيب پاڳل پنو آهي. ائين ته ڪو ٻارُ به نه ڪري. ڀلا قبيلن جا سردار به ڪڏهن بندوقون کڻي پاڻ ۾ وڙهيا آهن؟ اُهي ته گسين پنڌين يا ڪنهن تقريب ۾ آمهون سامهون ٿيندا آهن، ته ٻٽا ڀاڪر وجهي ملندا آهن. ڇا جي دشمني....؟ ڪهڙو ويرُ...؟ شهمير خان ڀنگ پيتي آهي، الائجي ته بُت مان بيزار ٿيو آهي. احمق ڪنهن جاءِ جو ....!“

يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن کان پوءِ قبيلي جي سرداري سنڀاليندڙ دلاور خان ٻن باهين جي وچ ۾ هو. سياڻو ڪانءُ ٻه ٽنگو ڦاسي پيو هو.شِدت سان احساس پئي ٿيس ته قبيلائي رتوڇاڻ ۾ ٻاهرئين ٻَني تي ويهي حڪم هلائڻ بدران، اُن ۾ پاڻ ٽپو ڏيڻ ڪيترو ڏکيو ڪم هو؟ هڪ اک کِليس، هڪ اک روئيس. شهمير خان جي للڪار قبول ڪرڻ کان سواءِ وٽس ٻيو ڪو رستو هو ئي ڪونه.

ٻئي قبيلا هڪ ٻئي جا دنگائي پاڙيسري هئا. صدين کان محبت، سهپ ۽ رواداريءَ سان ڏکن سکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار. هڪٻئي وٽ مٽن مائٽن جا وار وڇايل هئن. ڌار ڌار ذات برادري هوندي به اوکيءَ سوکيءَ ۾ هڪ ٻئي سان هڪل هوڪي ۽ سڏ ۾ ساڻي هئا. معمولي واقعي جي وجود مان ڦٽندڙ ڪرڀائتيون انائون صدين جي رشتن تي نفرتن جا منڌيئڙا ڦيرائي ويون هيون.

سهائپ جا ساڙيندڙ جهولا، دائمي محبت جي چهچ ساون سلن جا ڪچڙا پن ساڙي ويا هئا. ٻن هنداڻن پٽڻ تان ٻن ٻارڙن ۾ ٿيل ٿڦاٿڦي، وڏن جي تون ڇا، تون ڇا، تون ڇا ۾ تبديل ٿي جبل جيڏي جهيڙي جي صورت ورتي. جهيڙو ته جهيڙو آهي. جهيڙي ۾ ڌڪ ڳڻي ته ڪونه هڻبا آهن. ’ڌڪ سيطاني، ڌڪ رحماني.‘ اڻائو ڌڪ لڳڻ ڪري نوجوان رجب مري پيو هو. بس، پوءِ ڇا هو؟ ٻنهي قبيلن ۾ پلاند ۾ اهڙي چوچڙي دُکي، جيڪا ڀنڀٽ بڻجي ٻنهي قبيلن جي سک، سلامتي، امن ۽ خوشحاليءَ کي ساڙي وئي. ’چري ڪيئن، چي ويرئون وير وڌ‘ وانگر جهيڙو جيئن پئي پراڻو ٿيو، شيطان  جي آنڊي وانگر ويو اينگهندو. دشمني ۽ نفرتن جو زهر ٻنهي قبيلن جي مزاج، رت ۽ سَنڌن ۾ اهڙو ته پيهي ويو هو، جو خير گهرڻ وارا جذبا، پنهنجيءَ مرڻيءَ مري کپي ويا هئا. هڪ ڳڀروءَ جي قبر جو پاڻي سُڪو ئي ڪونه ٿي ته پلاند ۾ ٻيو ڪونڌر ڪُٺو ٿي ويو. ڪڏهن ڪڏهن ته ٻئي قبيلا آمهون سامهون ٽڪرين تان هڪ ٻئي کي هوڪاري هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيندا هئا. ٻنهي قبيلن جي وچ ۾ ويڇن جا بيابان وڌائڻ ۾ سردارن به وسان ڪين گهٽايو هو. ٻنهي قبيلن جي ماڻهن جي وڏي اڪثريت پوکي راهيءَ تي گذران ڪندڙ هئي. اُهي پنهنجي اُپت مان پيٽ سان پٿر ٻڌي به سردارن کي دشمني پاڙن لاءِ ڏن ڀرو هئا. سردارن جا پٽ ته ڪراچيءَ جي وڏن ۽ مهانگن اسڪولن ۾ پڙهندا هئا، پر ٻنهي قبيلن جي ڳوٺن ۾ ڪوبه اسڪول نه هو.

شهمير خان مقابلي لاءِ سهي سنڀري گهران نڪرڻ لڳو ته سندس وني شهناز اکين ۾ ڀرجي آيل لڙڪ روڪي نه سگهي. گهٽيل سُڏڪو ضبط جون سموريون رنڊڪون روڙي سندس اندر مان اُٻڙڪو ڏئي ٻاهر نڪتو. شهمير خان جا قدم ڄمي ويا. هن ڪنڌ ورائي ڏٺو. سندس وني ٻن معصوم ۽ هيسيل ٻارڙن کي ڀاڪر ۾ ڀيڪوڙي، پوتيءَ جو پلئه وات تي ڏئي، نماڻين اکين سان کيس ڏسي رهي هئي. ڀنل اکين ۾ وسوسا هئس. بي يقينيءَ واري دل هول من ۾ ڪيئي کٽڪا جاڳائي وڌا هئس. ڊنل ٻارڙن جي اکين ۾ اڻ ڏٺي ڪرب جا ڪڪر هئا. هن اڳتي وڌي ٻنهي ٻارڙن کي ڳراٽيون پائي نراڙن تي چميون ڏنيون ۽ شهناز جي کاڏيءَ تي هٿ رکي چيو: ”ڏس، شهناز...! ڊڄڻيون مائرون ڪانئر پُٽ ڄڻينديون آهن. دل وڏي ڪر. ڏس، منهنجي پيرن ۾ هيڻائيءَ جون ڏنڊا- ٻيڙيون نه وجهه...!“

هو پنهجي ڪمري مان ٻاهر نڪتو ته سندس امڙ، جيڪا ورانڊي ۾ پينگهي ۾ لُڏي پئي، امالڪ پينگهي مان هيٺ لٿي ۽ سندس اڳيان بيهي رهي.

”شهمير، ابا...! ڪهڙي ٻاراڻي کڻي رِٿي اٿئي؟ اهڙي هوڙهيائي ته نه پڻهين ڪئي نه ڏاڏهين....! سردار به ڪڏهن پاڻ  ۾ وڙهيا آهن، جو سُڪيءَ تي کڻي ڪپڙا لاٿا اٿئي؟ پنهنجو نه ته پنهنجن ٻچڙن ۽ مون مڙهي ماءُ جو ته خيال ڪر...!“

”مٺڙي جيجل....! سردارن جي اشاري تي جيڪي موت جي ٻُوهي ۾  هليا ويا، اُهي به ته ڪن مائرن جا لال، ڀينرن جا جانب ڀائر ۽ ونين جا ڪونڌر ور هئا....!“شهمير خان ڌيرج مان وراڻيو.

”مُئو ابو سندس . ٻَنِ پوي اهڙي سرداري. ڪانه ٿي کپي...!“

”امان دل جاءِ ڪر. هونئن به ڪِنو ٿي مرڻ کان سرهو موت  چڱو آهي.“ امڙ ڪرڙيءَ وانگر تڙپي وئي. شهمير خان جي وات تي هٿ ڏئي ذري گهٽ رڙ ڪري چيائين. ”او ، ابا....! صدقي وڃانءِ. مَرن تنهنجا دشمن. اهڙيون نِدوريون وايون ته نه ڪڍ، شل منهنجي ڄمار به توکي لڳي...!“

رات جي پوئين پهر، ڪٺل پکيءَ وانگر پڇاڙڪيون ڇڙهيون پئي هنيون. ٿڪل ٽٽل رات ، آرس ڀڃي، ڊگهي اوٻاسيءَ ۾ اوندهه اوڳاڇي ۽ چارج جون ڪنجيون، ڀنڀراڪي حوالي ڪري کِسڪ سُور پئي پڙهي. هوا سوناري جي مُترڪين وانگر ڪنن ۾ مٺي ٺڪ ٺڪ پئي ڪئي. ٿڌڙي منهن انڌاريءَ ۾ آمهون سامهون وڏين ٽڪرين تي ٻنهي قبيلن جا سوين مرد، عورتون، ٻار ۽ موجود هئا. سج جي پهرين ڪني نڪرڻ سان ٽڪرين جي وچ واري روهيلي ميدان ۾ ٻنهي سردارن جي وچ ۾ معرڪي جو رڻ گجڻ وارو هو. قبيلائي دشمنيءَ جي روهيءَ تي سراڻ ٿيل اڻ جهل ۽ هُوڙهه جوان ڪنهن به وقت آپي مان ٻاهر نڪري پئي سگهيا. اُڃارين تراڙين ۽ بگين ڪهاڙين جي تيز ڌار کي گرم انساني رت جو پاڻي اچڻ وارو هو ۽ هٿيار بارود اوڳاڇڻ وارا هئا.

اترين ٽڪرين تي شهمير خان ڪميت گهوڙي تي لانگ ورائي ته گهوڙي هڻڪار ڪري اڳيان ٻئي سُنب مٿي کڻي زور سان هيٺ سٽيا. سُنبن جي نعلن جي رڳڙ سان پٿرن مان چڻنگون نڪتيون. شهمير خان کي گهري نيري رنگ جو وڳو پاتل هو ۽ بوسڪيءَ جي پٽڪي جو ڄاڙيءَ ور ڏنل هئس.رپيٽر ڪلهي تي، چيلهه جي کاٻي پاسي مائوزر ۽ ساڄي پاسي تلوار ٻڌل هئس، جيڪا سرداري پڳ سان گڏ خانداني ورثي ۾ ملي هئس. هن رڪيب ۾ پيل پير جي کڙيءَ سان گهوڙي جي ڪُک ۾ اڙي هنئي. گهوڙي هڻڪار ڪري هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ توريل وکون کني هلڻ لڳو. ٻه چار وکون مس کنيائين ته ڏاڏو باقر خان گهوڙي جو اڳ جهلي واڳ مان وٺي بيهي رهيو. شهمير خان سندس مقتل گاهه جي مڌم ڏيئن جهڙين پراسرار اکين ۾ چتائي ڏٺو. اکين ۾قبيلائي رتوڇاڻ جا ٻرندڙ منظر هئا. هو سوچن جي هجوم ۾ گهيرجي باقر خان جي اکين جي عبارتن ۾ گم ٿي ويو. انگهه انگهه سرير ۾ ٻُرڪيل لوڻ لپڻ جهڙن اُڌمن سان جيئندڙ باقر خان جو ٽن پيڙهين جي قبيلائي دشمنيءَ جي جهنم ۾ نه رڳو ارڪو ترڪو پرگهڻو ڪجهه پاڻيءَ ۾ لوڻ جي لپ وانگر ڳري ويو هو. سندس گهر ۽ ويڙهو رنڙ عورتن ۽ معصوم ٻارڙنن جي مٿي ڇانءَ کان وڌيڪ ڪجهه به نه هو. ننڍڙن ٻارڙن ۽ کانئس سواءِ  ويڙهي ۾ ڪوبه مرد ماڻهو نه بچيو هو. ڀائر، سوٽ،پٽ، پوٽا، ڀائٽيا، ڀاڻيجا ۽ ڏُهٽا، دشمنيءَ جي باهه جو ٻارڻ بڻجي ويا هئس. هو گُهٽيل آهن ۽ دٻيل سُڏڪن جي تابوتن ۾ بند ڏهاڳ جي ڪفن ۾ ويڙهيل ڌيئرن، ننهرن، پوٽين ۽ ڏُهٽين جا زنده لاشا هيڻن ڪلهن تي کڻيو پئي هليو، پر آڻ نه مڃي هئائين. مٿير مڙسن لاءِ آڻ مڃڻ جو مهڻو به کٽ جي موت وانگر عيب ئي ته هوندو آهي. ڏاڏي باقر خان گهوڙي جي واڳ جهلي شهمير خان ڏانهن ڏٺو. عقاب جهڙين اکين جي نهارن ۾ سختي هئس ۽ ڏڪندڙ چپن مان پٿرن جهڙا نهرا جملا پئي نڪتس.

”شهمير خان....! تون اسان جي پڳ آهين ۽ قبيلي جا جوان تنهنجا بازو. تون اسان کي وچن جي نِيرَن ۾ ٻڌي قبيلي جي روايتن کان بغاوت پيو ڪرين. ڏس، اڃان به وقت ويو ڪونهي. ڏاهو ٿيءُ...! ٻاراڻي هوڏ تان لهي وڃ، ڀلا! دشمن جا ڏند کٽا ڪرڻ لاءِ اسان وٽ سرويچ جوانن جي ڪا کوٽ به آهي ڇا...؟

شهمير خان ڪابه ورندي نه ڏني. هن اونهو ساهه کڻي وڏي شُوڪٽ سان نڪ مان ٻاهر ڪڍيو ۽ اڳتي وڌي ويو.

شهمير خان قبيلي جي ويڙهاڪ نوجوانن جي جٿي وٽ اچي بيٺو. سڀ ڦٽڻ ڦاٽڻ واري چري ۽ مست وهيءَ وارا ڳڀرو هئا،جن زندگيءَ کي اڃان چُوڙيو ماڻيو ئي ڪونه هو. اُهي وهيءَ جي سُرهين سيجن ۽ نکيٽين جهڙا البيلا خواب ۽ مينديءَ جهڙا سُرها رنگ، قبيلي جي اڻ لکيل قانون  جو درجو رکندڙ روايتن تان گهورڻ لاءِ تيار بيٺا هئا. هن گهوڙي کي اِڙي هنئي ۽ ڪجهه وکون اڳتي قبيلي جي عورتن وٽ اچي بيٺو. امر جيماٺ ۾ ويڙهيل عورتن جا ڪن ڦلين ۽ والين کان ٻُسا هئا. نڪ ۾ نٿ يا بولو ته ڇا پر ڦُلي يا ڪوڪو به نه هئن. نه ڳچين ۾ هَس نه دُهريون. هٿن ۾ ويڙهه مُنڊي ته ٺهيو، پر ڪوڙا ڇَلا به نه هئن. اهو سج جي سهائيءَ جهڙو سچ هو ته سندن ڳهه ڳٽا، قبيلائي ويڙهه ۾ سونارن جي ڪوٺارين ۾ ڳري ويا هئا، پر ان کان به وڏو سچ هو ته سندن نڪ، ڪن، هٿ ۽ ڳچيون پنهنجن پيارن جي وڇوڙن جي سوڳ ۽ سُوءِ ۾ ٻُسا هئا. ڳهه ڳٽا پائڻ واريون ڪيفيتون ئي رُسي ويون هيون ويچارين کان. سينڌيون سُرما وسري ويا هئن. سندن چپ ۽ مهارون مِسي ۽ مساڳ بدران رت ۾ ڀريل هئا. شهمير خان ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ ڀرسان بيٺل معصوم ٻارڙن ڏانهن ڏٺو. مرجهايل مکڙين جهڙن معصوم ٻارڙن جي چهرن تي اداس موسمن جهڙيون تنهائيون هيون. پراسرار ماٺ ۾ وڪوڙيل ٻارڙن ۾ ٻاراڻي وهيءَ جو ڪوبه اهڃاڻ سلامت نه رهيو هو. سندن معصوم خوابن مان پکين جي اُڏارن ۽ گلنڦلن جا منظر کُرڙي ڪهاڙين جا چمڪاٽ ۽ مُنهن ڀرڻين جا ٺڪاءَ ڀريا ويا هئا. هو ڪنڌ ورائي پوئتي ڏسڻ لڳو. قبيلي جا ڳوٺ ۽ اباڻيون ٻنيون هيون. ڀنڀراڪي جي ميرانجهڙي روشنيءَ ۾ به ٻنين ۾ لوساٽيل فصل نظر آيس. سائيءَ جي بيماريءَ ورتل ماڻهوءَ جهڙا هيڊا هيڊا ڇو نه هجن؟ ”کيتي ته سرسيتي آهي.“ هر هلائيندڙن جا ذهن سوڪهڙي ورتل هجن ته ٻنيون ڪهڙيون سايون هونديون؟ هونئن به خوشحالي ته امن ڀرين حالتن سان سلهاڙيل هوندي آهي. جتي وڻ، واٽون ۽ پکين جا واهيرا به بدامنيءَ جي نفسي نفسيءَ ۾ هجن، اُتي ته مَٽين جو پاڻي به سُڪي ٿو وڃي.

ڏاکڻين ٽڪرين تي دلاور خان رڪيب ۾ پير وجهي سُرخي تي لانگ ورائي ته گهوڙو پنڌ پٽڻ جي شوق ۾ اُتاولو ٿي، هڻڪارون ڪري پير تورڻ لڳو. رڳو لغام ڍري ڇڏڻ جي دير هئي. قبيلي جا ويڙهاڪ جٿا تيار بيٺا هئا. بندوقون، رائفلون، مائوزر ۽ ريگمال لڳل چلڪڻيون ڪهاڙيون  هٿن ۾ هئن. قبيلي جون عورتون معرڪي مان سوڀارو ۽ سلامت موٽڻ لاءِ اڳتي وڌي دلاور خان کي امام ضامن ٻڌڻ لڳيون. هن عورتن ڏانهن چتائي ڏٺو. زبانون مُنڊيل ستن قرآنن جون اکيون ڳالهائي رهيون هيون. پنا اڏاڻل چهرا ۽ اکين مان اُڏامندڙ حيراني سندن اندر جي سچين ڀاونائن جي خدا ڪارڻ گواهي پئي ڏني، ته اُهي پنهنجا ڪونڌر پٽ، ڪوٽ جي ڪنگرن جهڙا ڀائر ۽ ساهه مٺا ور ڪهائڻ لاءِ دليئون خوش نه هيون. هن موڳاٽيل نوجوان نارين ڏانهن ڏٺو، جيڪي حسرت ڀرين سِڌين ۽ ٽيڏين گناهن سان پنهنجن وَرن ۽ مڱيندن ڏانهن ڏسي رهيون هيون. وري ملڻ يا نصيب، جيڪي جيئرا! ڪهڙي خبر ته موت جي ڪُڻي مان ڪير سلامت ٿو موٽي ۽ ڪنهن جو رت ۾ وهنتل لاش ٿو کڄي اچي؟ دلاور خان ڪنڌ ورائي پوئتي ڏسڻ لڳو. قبيلي جا ڳوٺ هئا. بندوقن ڏنڀيل ۽ ڪهاڙين وڍيل ڳوٺ! سَهڪي جي بيماري ورتل ٻڍڙن وانگر سهڪندڙ انهن ڳوٺن ۾ موت جو ملائڪ شيڊول مطابق گهٽ قربائتي ڪوٺ تي وڌيڪ ڀيرا آيو هو. انهن ڳوٺن ۾ ايترا شادين مرادين جا ڪاڄ ڪونه ٿيا هئا، جيترا جنازا نڪتا هئا. ڳوٺن جون اوطاقون اجڙيل ۽ گهرن جي نصيب ۾ پڪيون عالم پناهون نه هيون.

باک ڦٽڻ واري هئي. اترين ۽ ڏاکڻين ٽڪرين تان ٻنهي قبيلن جا سردار فاصلن جا ويڙها ويڙهي هڪ ٻئي ڏانهن وڌيا پئي. شهمير خان ٽڪرين جي وروڪڙ ۽ خمدار لاهين تان هيٺ لهي، گهوڙي کي اڙي هنئي. لغام ڍرو ٿيڻ تي ڪميت هوا سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو ۽ ٽاٻڙ ٽاٻر ڪندو ميدان ڏانهن وڌڻ لڳو. وچ ميدان تي پهچي شهمير خان لغام ڇڪي گهوڙي کي بيهڻ لاءِ ٻُچڪر ڏني ۽ پيار مان پٺي ۽ ڪنڌ تي هٿ ڦيرڻ لڳس. گهوڙو رفتار ماري اڳيان سُنب مٿي کڻي، وڏي هڻڪار ڪري بيهي رهيو ۽ ڦونگارا هڻڻ لڳو. ٺيڪ ان وقت دلاور خان ڏاکڻين ٽڪرين تان هيٺ لهي، ريتيلي پٽ تي دز جا هلڪا بادل اُڏائيندو پئي آيو. ٻنهي قبيلن جا سوين ماڻهو ٽڪرين تي بيٺل هئا. ساهه مُٺين ۾ ۽ اکيون ميدان ۾ هئن. دلاور خان مينهن واچ ڪندو شهمير خان جي ڀرسان گهوڙو اچي بيهاريو. ٽڪرين تان لهڻ ڪري ٻئي گهوڙا هڦجي پيا هئا. وڏا ساهه کڻي ڦونگارا پئي هنيائون. ٻنهي سردارن جي اکين ۾ قهر اوتيل هو. اکين ۾ هڪ ٻئي کي تڪي ۽ توري رهيا هئا.

”ويڙهه جي ميدان ۾ سردار دلاور خان کي ڀليڪار چوان ٿو“، شهمير خان ماٺ کي ٽوڙيو.

”ان کي تنهنجي اندر جو ڊپ سمجهان يا جان جي امانَ جي درخواست...“ دلاور خان ٽوڪ واري انداز ۾ وراڻيو.

”دلاور خان...! ڪلراٺن ذهنن ۾ خشڪ سوچن جا ڊڀ ۽ ڪانڊيرا ئي ڦُٽندا آهن. هونئن به خوش فهمين جي انڌارين ۾ جيئندڙ ماڻهو پرڀات جي سونهن نه ماڻي سگهندا آهن...!“ شهمير خان جو لهجو پرسڪون هو.

”هن پاڳل پڻي جو سبب پڇي سگهان ٿو...؟“ دلاور خان جو لهجو سخت هو.

”جيئن غلط ڪم جو ڪوبه درست سبب نه هوندو آهي، تيئن درست ڪم جا به ڪي غلط سبب نه هوندا آهن.“ شهمير خان وراڻيو.

”شهمير خان...! پرولين ۾ نه ڳالهاءِ. ڪم جي ڳالهه ڪر.“ دلاور خان بدستور ڪاوڙ ۾ هو.

”ته، پوءِ ٻڌ...! مقابلي لاءِ مون هوڪاريو آهي، ان ڪري پهريون وار ڪرڻ تنهنجو حق آهي.“ شهمير خان پرسڪون لهجي ۾ چيو.

”نه، ائين ڪونه ٿيندو...! ڪانئر بڻجي  پاڻ تان راڄ ڪونه کلائيندس. هوڪاريو به تو آهي ته پهرين وار به تون ڪر...!“ دلاور خان ورندي ڏني.

”ٺيڪ آهي. ته پوءِ تياري وٺ....!“

شهمير خان وراڻيو ۽ ڦڙتيءَ سان چيلهه ۾ ٻڌل تلوار مياڻ مان ڪڍي ورتي. دلاور خان حيرانيءَ مان کيس ڏسڻ لڳو. سمجهه ۾ ڪونه پئي آيس ته رپيٽر ۽ مائوزر جهڙا هٿيار هوندي شهمير خان تلوار ڇو ڪڍي؟ هو بُت بڻجي کيس ڏسڻ لڳو. شهمير خان تلوار زور سان هوا ۾ لهرائي ۽ پوءِ ٻنهي هٿن ۾ جهلي زور سان گهوڙي جي هَني ۾ هنئي. تلوار ٽٽي ٻه ٽڪر ٿي پئي. هنن ٽٽل تلوار جا ٻئي ٽڪرا زور سان گهمائي ٽڪرين ڏانهن اڇلائي ڇڏيا ۽ ڄاڙيءَ ور کولي، چپن تي مرُڪ آڻي دلاور خان سان مخاطب ٿيو:

”دلاور خان ....! مون پنهنجو وار ڪيو. هاڻي تون وار ڪري سگهين ٿو....!“ دلاور خان منهن تان مولهاٽو لاهي اونهو ساهه کنيو. ٻنهي جي اکين ۾ ڪروڌ بدران بهارن جهڙو خمار هو. گلن جي هٻڪار جهڙا رشتا اکين ۾ آرس ڀڃي جاڳي پيا هئن. دلاور خان ٽپ ڏئي گهوڙي تان لٿو ۽ ٻئي ٻانهون کولي ڇڏيائين. چار بازو ٻکين پئي هوا ۾ بلند ٿيا. ٽڪرين تي موجود سوين ماڻهن ۾ چرپر پيدا ٿي ۽ سوين ماڻهو وڇڙيل ڳراٽيون ماڻڻ لاءِ ٽڪرين تان هيٺ لهڻ لڳا.

ڪڻڪن جا سونا کيت هوا ۾ لڏي وڇڙيل دلين جي ميلاپ تي همرچو ناچ وجهي رهيا هئا. اڀرندڙ نئين سج چمين جهڙا ڪرڻا ڌرتيءَ ڏانهن پئي اماڻيا ۽ هوا مٺين ۾ ميلاپ جا خط کڻي، پرڀاتي ڳائي سج جي سونهري ڪرڻن جو آڌرڀاءُ پئي ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com