سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سيارو 2006ع

 

صفحو :16

(علمي خط)

دوهي، سورٺي ۽ بيت جو بُڻ بنياد ۽ گهاڙيٽو

ناسف علي شيراز

نوٽ: ناسف علي شيراز هيءُ خط، شاهه سائينءَ جي شعري گهاڙيٽن- دوهي ۽ سورٺي- بابت، اسان جي هڪ سوال جي ورنديءَ ۾ لکيو آهي. اسان جو سوال اهو هو/آهي ته:

”جيڪڏهن دوهي جي گهاڙيٽي وارا بيت رڳو ان آڌار تي شاهه سائينءَ جا نه مڃيا وڃن، ته دوهو شاهه سائينءَ کان آڳاٽو گهاڙيٽو آهي ته پوءِ سورٺي لاءِ ڪهڙي فتويٰ آهي؟“

* هاني ته اها به چِٽائي ٿي وئي آهي ته ٽِه- سِٽو يا وڌيڪ سٽن وارو بيت به شاهه سائينءَ کان اڳ موجود هو (جيئن محبوب اختر پٺاڻ پاڻ به لکيو آهي)، ته ڇا ان لاءِ به ساڳي راءِ بيهندي، جيڪا دوهي بابت آهي!

شاهه سائينءَ جي هڪ ٻئي اهم شارح ڊاڪٽر الياس عشقيءَ سان ان ڏس ۾ جڏهن ڳاله ٻولهه ٿي، تڏهن پاڻ چيائين ته ”مون ته رڳو ايترو چيو هو ته اهڙن دوهي جي گهاڙيٽي وارن بيتن جي ٽين سِٽ گم ٿي وئي آهي، يا سِٽون گم ٿي ويون آهن ۽ مون اهو قطعي نه چيو هو ته اهي بيت شاهه جا نه آهن!“

* جن ٻين سالڪن جا بيت رسالي ۾ موجود آهن ۽ ٻين ماخذن ۾ به آهن، تن جي به نشاندهي ٿي چڪي آهي- انهن کان سواءِ باقي جيڪي دوهي جي گهاڙيٽي وارا بيت آهن، اُهي شاهه سائينءَ جا ئي آهن ۽ انهن لاءِ اهو آڌار ته ”ڇاڪاڻ ته دوهي جو گهاڙيٽو شاهه سائينءَ کان آڳاٽو آهي، انڪري اهي بيت شاهه سائينءَ جا ناهن.“ اسان جي راءِ ۾ صحيح نه آهي.

* ان ڏس ۾ محبوب اختر پٺاڻ ”ٻوليءَ“ جي معيار جي به ڳالهه ڪئي آهي. يقيناً ٻوليءَ جي اهميت کي اوليت حاصل آهي، پر اسين ٻوليءَ سان گڏوگڏ سُر، خيال، معنيٰ ۽ ٽيڪنڪ جي به ڳالهه ڪريون ٿا.

ان خط ۾ آڳاٽي سنڌي شعر بابت پڻ لکيو ويو آهي ته ”اُهو هڪ- سِٽو هوندو!“ اُهو آڳاٽو سنڌي شعر ’هڪ- سِٽو‘ هو يا ’هڪ- پَدو‘ هو، ’چوڻي‘ (منظوم) هئي، يا ’پهاڪو‘ (منظوم)  هو، ان جي کوج ضرور لهڻ گهرجي- جنهن لاءِ اسان کي لوڪ دَور کان به آڳاٽي دَور ۾ پيهڻو پوندو، جنهن کي پنهنجي سهنجائيءَ لاءِ ’اوائلي لوڪ دَور‘ يا ’چوڻين- پهاڪن جو دَور‘ چئي سگهون ٿا. پر هتي في الحال، ”دوهو (24=11+13 ماترائون) آڳاٽو آهي يا سورٺو (24=13+11)“ جي بحث کي اُڪلائيندي، رڳو ايترو عرض ڪنداسين ته ٻئي ”جاڙا“ آهن.

جيئن ته هن خط ۾ هڪ اهم مسئلي تي بحث ڪيل آهي، انڪري ”لطيفيات“ سان دلچسپي رکندڙ ۽ مهراڻ جا پڙهندڙ به، ان ڏس ۾، پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري سگهن ٿا.    - امداد حسيني.

 

اوهان جو 9 سيپتمبر 2005ع تي مهراڻ جي اندرئين صفحي تي لکيل خط پڙهيم. جيڪو پرچو اوهان جي طرفان مسٽر ناشاد مهرباني ڪري مون ڏي مُڪو آهي.  اوهان جي مهرباني جو مون کي ياد ڪريو ٿا ۽ منهنجا ڪي ليک به اوهان کي پسند آيا آهن. سائين! آءٌ  ڪو پروفيشنل رائيٽر ته ڪونه آهيان، مڙئي ڪجهه اکر ۽ ٻي ڄاڻ هِتان هُتان هٿ ڪري مقالو لکيو هئم. منهنجي ڪوشش آهي ته پنهنجي لکڻيءَ کي اڃا به بهتر بڻائي سگهان. آءٌ پنهنجي لکڻيءَ کان مطمئن نه هوندو آهيان ۽ چاهيندو آهيان ته اُن کي بهتر کان بهتر نثر لکي سگهان. ان جي لاءِ وسيع مطالعي جي ضرورت آهي ۽ سٺن نثرنگارن جي لکڻين کي پڙهڻو آهي. هِت آمريڪا ۾ وقت تمام گهٽ ٿو ملي، ٻيو ته ڪتاب به ڪونه ٿا ملن. ڪي دوست سنڌ ويندا آهن، ته انهن کي ڪتابن لاءِ چوندو آهيان. ڪڏهن وٺي ايندا آهن، ته ڪڏهن وسري ويندو اٿن. پر تڏهن به سندن مهرباني.

اوهان لکيو آهي ته: ”جيڪڏهن دوهو آڳاٽي صنف آهي ته پوءِ سورٺي لاءِ ڪهڙي فتويٰ آهي؟“ اوهان جو اهو سوال نهايت ئي اهم ۽ سوچڻ تي مجبور ٿو ڪري. مان ڪوشش ڪندس ته ان جو جواب ڏيئي سگهان.

شروع ۾ جڏهن انسان ڳائڻ وجائڻ شروع ڪيو، ته ڪي ٻول چيا هوندائين، جنهن ۾ ترقي ٿي ۽ شعر هڪ- سٽو، ٻن-سٽن وارو ٻه- سٽو ۽ پوءِ وڌيڪ سٽن ۾ نروار ٿيو هوندو. سنڌ ۾ به ائين ئي ٿيو هوندو ۽ پهرين هڪ- سِٽا بيت چيا هوندائون، پوءِ اُهو بيت ”دوهي“ جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. هاڻ ڏسڻو اِهو آهي، ته اِهو دوهو ڪيترو آڳاٽو آهي؟ سنڌي شعر جا آڳاٽا نمونا راجسٿان جي ڪن قلمي نسخن ۾ موجود آهن. سنيتي ڪمار چئٽرجيءَ سنڌي ٻوليءَ جي ڪن قديم بيتن جا حوالا ڏنا آهن، جيڪي ”دوهي“ جي صورت ۾ آهن، پر ٻوليءَ تي راجسٿاني لهجو ڇانيل آهي. ڏسو مهراڻ (3-4/2001ع، ص 4) جنهن ۾ ڊاڪٽر الانا اِهي بيت ڏنا آهن، جن لاءِ چيل آهي ته اِهي 2 کان 7 صدي عيسويءَ جا بيت آهن. انهيءَ تحقيق کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اصلي ماخذ آڏو هجڻ کپي. اِهي سنڌي ٻوليءَ جا آڳاٽا بيت آهن، جيڪي ”دوهي“ جي گهاڙيٽي ۾ آهن ۽ جن مان خبر پوي ٿي ته دوهو آڳاٽي صنف آهي.

انهن بيتن کان پوءِ اسان کي سنڌي بيت جا اوائلي نمونا سومرن جي دور ۾ مليا آهن، جن ۾ دودي چنيسر جي جنگ جو ذڪر آهي. سومرن جي دور ۾ ”سُمنگ چارڻ“ جا ڪي بيت مليا آهن، جيڪي ”ڳاهن“ جي صورت ۾ آهن يا جن کي ”ڳاهون“ چيو وڃي ٿو. سومرن جو دور 13 صدي عيسويءَ جو دور آهي. هن دور ۾ جيڪو شعر مليو آهي تن ۾ ”دوهو“، ”سورٺو“، ”دوهو- سورٺو“، ۽ ”صنعت موشحات“ ۾ چيل بيت موجود آهن. سُمنگ چارڻ جا ڪجهه بيت مثال طور هيٺ ڏجن ٿا:

         (1)      ستين هوءِ سوجهرو، اٺين ٿي اونداهه،

(دوهو-سورٺو) هميراڻي باهه، وسائي ورهين کي.

        (2) اوٺي جي ڏانن، کهيون ابر لڳيون،

(سورٺو)              رڃ پئي راڻن، ڏاتار تت ڏٽجي ويا.

مٿين مثالن مان اِها ڳالهه صاف ظاهر ٿي، ته بيت ۾ قافيي جون اِهي صورتون 13 صديءَ عيسويءَ جي شعر ۾ موجود آهن. ان مان اِهو نتيجو نڪتو ته قاضي قادن قافين ۾ ڪابه تبديلي ڪانه آندي. بيت جون اِهي صورتون قاضي قادن کان اڳ جي شعر ۾ موجود هيون. مون قاضي قادن واري مقالي ۾ ٻه ڳالهيون ڪيون آهن:

(1) قاضي قادن قافين جي سِٽاءُ ۾ تبديلي آندي.

(2) صنعت موحات صرف قاضي قادن جي بيتن ۾ ڏنل آهي، يا اِها صرف قاضي قادن جي بيتن ۾ پهرين استعمال ٿي آهي.

* مٿئين بيان مان صاف ظاهر ٿيو ته منهنجون اِهي ٻئي ڳالهيون غلط آهن: (1) ته قاضي قادن بيتن جي قافين جي سِٽاءُ  ۾ ڪا تبديلي ڪانه آندي، ۽ (2) ته صنعت موشحات قاضي قادن جي بيتن کان اڳ به سنڌي بيتن ۾ موجود آهي.

هاڻ ڏسڻو صرف اِهو آهي ته جيڪي بيت 13 صديءَ جا مليا آهن، اُهي ڪهڙن ماخذن ۾ لکيل آهن؟ اُهي ماخذ ڪڏهن جا لکيل آهن؟ جيڪڏهن اِهي بيت واقعي 13 صديءَ جا آهن، ته پوءِ منهنجي نوٽ وارو بيان صحيح آهي. ان لاءِ اوهان کي ٿوري تحقيق ڪرڻي پوندي ۽ اِهو ثابت ڪرڻو پوندو ته جن ماخذن ۾ اِهي بيت ڏنل آهن، سي واقعي مستند آهن. انهيءَ لاءِ اوهين سنڌ جي لائق صد احترام محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچصاحب جا ٻه ڪتاب ”سنڌي بيت“ ۽ ”سنڌي ادب جي تاريخ“ ڏسو. مون اِهي ٻئي ڪتاب نه ڏٺا آهن، پر شايد پوءِ جي مصنفن، محمد صديق ميمڻ جي ”ادبي تاريخ“ ۽ لطف الله بدويءَ جي ”تذڪره لطفي“ مان اِهي بيت ورتا آهن. مون اِهي ٻئي ڪتاب به نه ڏٺا آهن، انڪري مان ڪا صحيح راءِ قائم نٿو ڪري سگهان.

منهنجي مٿئين تفصيل مان هيٺيون ڳالهيون ظاهر ٿيون:

 (الف) دوهو واقعي آڳاٽي صنف آهي.

(ب) اوائلي دور جي بيتن جو نمونو دوهي واري صورت ۾ آهي.

(ج) سومرن واري دور ۾ بيت ۾ قافين جون چار صورتون موجود آهن.

(د) سومر واري دور ۾ صنعت موشحات ۾ هڪ بيت مليو آهي.

(هه) قاضي قادن جي بيتن ۾ قافيي جون جيڪي صورتون آهن سي قاضي قادن کان اڳ وارن بيتن ۾ به موجود آهن.

(و) ڪي بيت ٽن سٽن سان پڻ هن دور ۾ ملن ٿا.

1. سومرن جي دور کان پوءِ 14 صدي عيسويءَ جو دور آهي. هن دور ۾ پير صدرالدين جو نالو اهم آهي. اسماعيلي فرقي جي هن عالم به سنڌي- هندي ۽ گجراتي ٻوليءَ ۾ شعر چيو آهي. پير صدرالدين جي دوهن جو ڪتاب سنڌ مان ڪافي اڳ شايع ٿيل آهي. اُن جي ڪاپي برٽش لائبرريءَ (لنڊن) ۾ رکيل آهي. پير صدرالدين جو هڪ اڌ بيت قاضي قادن جي بيت سان ملي ٿو. هڪ بيت، جنهن جو حوالو ڊاڪٽر عبدالجبار جونيجي ڏنو آهي، سو ”دوهو- سورٺو“ واري صورت ۾ آهي. ان مان خبر پيئي ته شايد هن صديءَ ۾ به سنڌي بيتن ۾ قافين جون اِهي صورتون موجود هيون. وڌيڪ پڪي خبر پير صدرالدين جي دوهن واري ڪتاب کي ڏسڻ کان پوءِ ئي پئجي سگهي ٿي. ڊاڪٽر الانا صاحب وٽ شايد ان متعلق مواد هوندو.

2. هاڻ دور اچي ٿو قاضي قادن (وفات 1551ع) جو، جيڪو سنڌي بيت جو ”اهم دور“ سمجهيو وڃي ٿو. جيئن مون پنهنجي مقالي ۾ لکيو آهي ته قاضي قادن بيتن جي هيئت ۾ تبديلي آندي آهي، سا ڳالهه صحيح ڪانهي. قاضي قادن واري دور ۾ بيتن جي مکيه صورت ”قافين جي پنجن صورتن“ واري اڳ ۾ ئي موجود هئي، جن جا مثال قاضي قادن جي ڪلام ۾ موجود آهن.

هن دور ۾ مخدوم احمد ڀٽيءَ جي وفات سان لاڳاپيل ٻه بيت مليا آهن، جيڪي ڊاڪتر دائودپوٽي جي لکت موجب 934هه جا چيل آهن يا ان کان به اڳ جا آهن. هڪ بيت سورٺي واري صورت ۾ آهي، ته ٻيو بيت دوهي جي گهاڙيٽي ۾ آهي:

(دوهو) (i) سڻي سڏ پرينِ جو، وانگي جي نه ورن،
            ڪوڙي دعويٰ دوست جي، ڪڄاڙي کي ڪن.
(سورٺو) (
ii) سر ڏيئي سِٽ جوڙ، ڪنہ پرڪلاڙن سين،
             مرڻا منہ مَ موڙ، وٽي ڪين وڌ لهي.

هي ٻئي بيت قاضي قادن جي دور جا  آهن. هڪ بيت دوهي جي صورت ۾ ڏنلآهي ته ٻيو بيت سورٺي واريءَ صورت ۾ چيل آهي.

نوٽ: دوهي واري صورت ۾ ڏنل بيت، ميين عيسي جي ڪلام ۾ وري ٽن سٽن سان ڏنل آهي ۽ ميين عيسي لکيو آهي ته هي ڪنهن آڳاٽي بزرگ جو بيت آهي. ان مان ظاهر ٿيو ته سنڌي بيت ٽن سٽن سان قاضي قادن جي دور ۾ موجود هو. ۽ اها به پڪ ٿي ته اِهو شاهه لطيف جو ڪونهي.

هن ئي دور ۾ سيد علي ثاني (ٺٽي جو) جو هڪ چَو- سِٽو بيت مليو آهي.

هن ساڳئي دور ۾ تذڪره قطبيه (1540ع) واري ڪجهه سنڌي بيت ڏنا آهن، جن ۾ شايد هڪ بيت ٽن سِٽن وارو پڻ ڏنل آهي ۽ بيت جون مختلف صورتون به شامل آهن. انهن مان هڪ بيت سُر گهاتوءَ ۾ پڻ ڏنل آهي.

نتيجو: 15 صدي عيويءَ ۾ بيت جون پنج ئي مکيه صورتون مليون آهن، جن ۾ بيت ٽن سِٽن وارو- چئن سِٽن وارو پڻ مليو آهي.

قاضي قادن واري دَور ۾ ئي اسحاق آهنگر جو بيت مليو آهي:

ٿيان مان جهرڪه، وِهانپرينءَ جي ڇڄ تي،
مانَ چُونم ڊُرڪه، ٻاجهاري ٻولي ڪري.

هن بيت لاءِ به اصل ماخذ گهرجي ته اِهو ڪٿي لکيل آهي؟ شاهه جي رسالي ۾ اسحاق جو هڪ بيت ڏنل آهي، جيڪو چئن سٽن سان لکيل آهي. ڊاڪٽر دائودپوٽي ”ڪلام گرهوڙي“ ۾ اسحاق جو بيت ڏنو آهي. هاڻ ڪلام گرهوڙي واري بيت ۾ اصل نالو ”اسحاق“ ڏنل آهي. شاهه جي رسالي ۾ ڏنل ساڳئي بيت ۾ نالو ”سيد“ ڏنل آهي. وري ميين شاهه عنات جي رسالي ۾ سڳيو بيت ”شاهه شريف“ جي نالي تي ڏنل آهي. هاڻ ڪنهن تي ڀروسو ڪجي؟

اسحاق جو مٿيون بيت سورٺي واري گهاڙيٽي ۾ آهي ۽ اگر غور سان ڏسبو ته صنعت موشحات پڻ نظر ايندي. ان مان ظاهر ٿيو ته قاضي قادن واري دور ۾ ٻين اسلڪن به بيت چيا آهن، جن ۾ اِهي صورتون موجود آهن. مخدوم نوح رح جو به هن ئي دور ۾ بيت مليو آهي، جيڪو پڻ انهن پنجن صورتن مان ڪنهن هڪ ۾ چيل آهي. مخدوم نوح ڏانهن ٻيا بيت به منسوب آهن، جن مان هڪ بيت جي سٽ شاهه لطف الله قادري جي بيت ۾ آهي. تازو توهان ”ڪلاچي“  (’مهراڻ‘ سرءُ 2005ع) ڪهاڻيءَ ۾ مخدوم نوح جو جيڪو بيت ڏنو آهي، سو شاهه ڏانهن پڻ منسوب آهي ۽ شاهه جي رسالي ۾ پڻ ڏنل آهي، جيتريقدر مون کي ياد اچي ٿو.

* هاڻ وارو آهي 16 صديءَ جو. سِکن جو ڪتاب ”آدگرنٿ“ 1660 ۾ لکيو ويو، جنهن ۾ هڪ سنڌي بيت ڏنل آهي، جيڪو ”سورٺي“ واري صورت ۾ آهي. يقيناً اِهي بيت گرونانڪ جا چيل آهن، جنهن 1539ع ۾ وفات ڪئي. ته معلوم ٿيو ته اِهو بيت 1539ع کان به اڳجو آهي ۽ ان ۾ سورٺي وارو گهاڙيٽو موجود آهي. اِهو بيت ۽ ٻيا ڪجهه سنڌي بيت لکت ۾ ”آدگرنٿ“ ۾ موجود آهن، جيڪي 1539ع کان اڳ جا چيل آهن، جنهن وقت قاضي قادن پڻ حيات هو. هن صديءَ ۾ شاهه ڪريم جا بيت پڻ مليا آهن، جن ۾ بيت جون پنج ئي صورتون موجود آهن. شاهه ڪريم کان پوءِ شاهه لطف الله قادري آهي. ان جي رسالي ۾ صرف ٻه بيت اهرا مليا آهن، جيڪي دوهي واري صورت ۾ چيل آهن، باقي بيت ٻين صورتن ۾ ڏنل آهن، جن ۾ ڪي بيت ’بڙا دوها‘ جي گهاڙيٽي ۾ پڻ آهن. شاهه لطف الله لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن بيتن ۾ وراڻ آندي. وراڻ وارا بيت شاهه لطف الله قادريءَ کان به اڳ جي شاعرن جي ڪلام ۾ موجود آهن. ٻيو اِهو چيو وڃي ٿو ته شاهه لطف الله جي ڪلام ۾ پهريون دفعو پنجن يا ڇهن سٽن وارا بيت ڏنل آهن. اِها ڳالهه به ڪنهن حد تائين صحيح ڪانهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي جيڪو آڳاٽو ذخيرو مليو آهي، ان ۾ بيت جون چار مکيه صورتون موجود آهن ۽ ڊگها سنڌي بيت پڻ ڏنل آهن. ان مان ثابت ٿيو ته شاهه لطف الله کان به اڳ بيت پنجن يا ڇهن سٽن ۾ موجود هو، جنهن جا مثال ڊاڪٽر صاحب جي لکيل ڪتاب ”آڳاٽو ذخيرو“ ۾ نظر ايندا.

ميين شاهه عنات رضويءَ جو به رسالو آهي، پر ان ۾ ڪوبه بيت دوهي واري صورت ۾ ڪونهي.

بهرحال، سنڌي بيت جي اِها مختصر تاريخ هئي جيڪا مون مٿي بيان ڪئي. ان مختصر تاريخ ڏيڻ جو مقصد اِهو هو ته ان تي ڪجهه روشني پوي. نتيجي طور سنڌي بيت متعلق هيٺيون ڳالهيون ظاهر ٿيون:

 (الف) سنڌي بيت جو آڳاٽو گهاريٽو دوهي وارو آهي.

(ب) 13 صديءَ کان 16 صديءَ تائين جيڪو به سنڌي بيت مليو آهي، سو پنجن صورتن ۾ موجود آهي.

(ج) هن ئي دور ۾ بيت ٽن ستن وارو ۽ چئن سٽن وارو مليو آهي. ان کان علاوه وڌيڪ سٽن وارو شعر پڻ لڌو آهي.

(د) قاضي قادن بيتن جي گهاڙيٽي ۾ ڪابه تبديلي ڪانه آندي. بيت ۾ قافين جون پنج ئي صورتون قاضي قادن کان اڳ جي بيتن ۾ هيون. قاضي قادن واري دور جي ٻين شاعرن جو بيت پڻ سورٺي- دوهي ۽ ٻين صورتن ۾ مليو آهي. ان مان ثابت ٿيو ته قاضي قادن قافين جي صورت ۾ ڪابه تبديلي ڪانه آندي.

هاڻ اچون ٿا  ”شاهه جي رسالي“ تي، جيڪو سنڌي ادب ۾ نهايت اهم جڳهه والاري ٿو ۽ بيتن جو گهڻو ذخيرو به ان ۾ ئي موجود آهي.

شاهه جي رسالي ۾ ”شاهه جو ڪلام“ به آهي ته سنڌ جي ٻين سالڪن جو ڪلام پڻ موجود آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب 60 کان مٿي ٻين سالڪن جي ڪلام جي نشاندهي ڪئي آهي. گنج ۽ بمبئي ڇاپو ٻه اهڙا رسالا آهن، جن ۾ باقي 46 قلمي نسخن جو ڪلام ڏنل آهي. ڊاڪٽر صاحب سرڪليان و يمن ۾ جيڪي 319 بيت ڏنا آهن، تن ۾ صرف ٻه بيت اهڙا آهن، جيڪي گنج ۽ بمبئي ڇاپي ۾ ڪونهن. باقي 317 بيت ٻنهي رسالن ۾ موجود آهن. ٻين بيتن مان به هڪ بيت محمد بقا شاهه جو آهي، ٻيو بيت شاهه جي تتبع تي چيل آهي.

* سوال آهي ته اسين ڇو ٿا چئون ته شاهه جي رسالي ۾ ڏنل بيت، جيڪي دوهي جي صورت ۾ آهن، سي شاهه جا ڪونهن. انهن جا هيٺيان سبب آهن:

(1) دوهي واري صنف آڳاٽي آهي.

(2) وقت گذرڻ سان گڏ سالڪن انهيءَ صنف ۾ گهٽ بيت چيا آهن ۽ بيت جا ٻيا گهاڙيٽا گهڻو مشهور ٿيا. قاضي قادن جي رسالي ۾ دوهي وارا بيت گهڻا آهن، ته شاهه ڪريم جي رسالي ۾ ان کان ٿورا گهٽ آهن، ته شاهه لطف الله جي ڪلام ۾ صرف ٻه دوها آهن ۽ ميين شاهه عنات جي ڪلام ۾ ڪوبه دوهو ناهي. ان مان ثابت ٿيو ته دوهي واري صنف پوءِ جي شاعرن ”گهٽ“ استعمال ڪئي آهي.

(3) شاهه جي رسالي ۾ جيڪي دوها آهن، انهن جو تعداد به گهڻو ڪونهي. ٿوري تعداد ۾ آهن.

(4) شاهه جي ڪلام ۾ جيڪي بيت دوهي واري صورت ۾ آهن، سي ساڳيا بيت ٻين سالڪن جي ڪلام ۾ پڻ ڏنل آهن. مثلاً: ڪي بيت جيڪي شاهه ڪريم جي رسالي ۾ ڏنل آهن، سي شاهه جي رسالي ۾ پڻ ڏنل آهن.

(5) چوٿين نقطي جي مدنظر اهو چئي سگهجي ٿو ته شاهه اڳين سالڪن جيبيتن کي پنهنجن فقيرن آڏو پڙهيو، جيڪي پوءِ رسالي ۾ پڻ شامل ٿيا ۽ شاهه جا سمجهيا ويا.

(6) شاهه جي رسالي ۾ ڏنل ڪي دوها وري ٻين ماخذن ۾ ٽن سٽن سان ڏنل آهن. يعني ته ڪن سالڪن اِهي بيت ٻن سٽن سان دوهي واري صورت ۾ پڙهيا ته ڪن وري ٽن سٽن سان پڙهيا.

(7) دوهي واري صورت ۾ چيل بيتن کي هڪ ٻئي معيار تي پن پرکڻو پوندو- يعني ٻولي، جيڪا انهن دوهن ۾ آهي ته آيا اِها ٻولي آڳاٽي آهي؟ ان لاءِ آڳاٽي دور جي لغت ٺاهڻي پوندي، پوءِ ان معيار تي بيتن کي پرکڻو پوندو.

مٿين ستن بنيادي نقطن جي بِنا تي اسين چئون ٿا ته دوهي وارا بيت شاهه جا چيل ناهن. صرف هڪڙي صورت آهي ته شايد شاهه اڳين سالڪن جي تقليد ڪندي ڪي بيت ”دوهي“ واري صورت ۾ چيا هجن پر اِهو گهٽ امڪان آهي. ان کان علاوه بيت ان وقت گهڻي ترقي ڪري چڪو هو. ائين به آهي ته اڄڪلهه جا شاعر به بعض وقتن تي دوهي واري صنف ۾ به بيت چون ٿا، ان لاءِ ائين ڪونه چئبو ته اِهي آڳاٽا بيت آهن، بلڪ ائين چئبو ته هن وقت جي شاعرن آڳاٽي صنف دوهي تي طبع آزمائي ڪئي آهي. شاهه جي لاءِ به اهوئي دليل ڏيئي سگهجي ٿو.

اميد ته هاڻ اِها ڳالهه صاف ٿي ته دوهي وارا بيت شاهه جا ڪونهن. ڊاڪٽر بلوچ صاحب صرف اِهو دليل ڏنو آهي ته بيت جيئن ته دوهي واري صورت ۾ آهي، انڪري اِهي بيت شاهه کان اڳ واري صورت ۾ آهن ۽ شاهه جا ڪونهن.

* هاڻ اوهان جو اهم سوال اڳيان اچي ٿو، ته جيڪڏهن دوهو آڳاٽي صورت آهي، ته پوءِ سورٺي لاءِ ڪهڙو دليل آهي؟

1. شاهه جي رسالي۾ جيڪي بيت ڏنل آهن، انهن ۾ بيت جا ”پنج ئي گهاڙيٽا“ موجود آهن: (1) دوهو (2) سورٺو (3) دوهو- سورٺو (4) سورٺو- دوهو (5) صنعت موشحات.

2. شاهه جي رسالي ۾ 15 صديءَ کان 16 صديعيسويءَ ۾ چيل شاعرن جو به ڪلام موجود آهي، جن ۾ قاضي قادن، مخدوم نوح، شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري وغيره اچي وڃن ٿا.

3. جيئن مون عرض ڪيو ته شاهه جي رسالي ۾ بيت جا پنج ئي مکيه گهاڙيٽا موجود آهن. انهن بيتن ۾ سورٺي واري صورت پڻ موجود آهي. اِها پڻ آڳاٽي آهي. قاضي قادن جي بيتن ۾ پڻ اِها صورت موجود آهي، جيڪا قاضي قادن جي دور کان به آڳاٽي آهي، ته پوءِ ڇا ائين چئبو ته قاضي قادن جي رسالي وارا بيت ڪنهن آڳاٽي سالڪ جا آهن؟ ان جو جواب اِهو ٿي سگهي ٿو ته سورٺي واري صورت جيتوڻيڪ قاضي قادن کان اڳ واري دور جي بيتن جي آهي، پر اِها صنعت ان دور ۾ مشهور هئي ۽ نئين نئين صورت ۾ هئي. انڪري قاضي قادن اُن ۾ بيت چيا. ان کان علاوه سنڌي بيت ان وقت ترقيءَ جي ابتدائي مرحلن مان گذري رهيو هو.

شاهه جي رسالي سان به ساڳي صورتحال آهي. سورٺي وارا بيت رسالي ۾ موجود آهن. سورٺي واري صورت جيتوڻيڪ آڳاٽي آهي، پر دوهي کان پوءِ به مشهور صنف رهي آهي، جنهن تي پوءِ جي شاعرن طبع آزمائي ڪئي آهي، ۽ ان صنف ۾ گهڻو ڪلام چيو آهي. ساڳيءَ طرح شاهه به ان صنف ۾ بيت چيا، جو اِها ان وقت جي شاعرن ۾ مشهور هئي.

نتيجا:

(الف) سورٺي وارو گهاڙيٽو آڳاٽو آهي ۽ پوءِ جي شاعرن ۾ مشهور  رهيو آهي.

(ب) دوهي وارو گهاڙيٽو آهستي آهستي ختم ٿيندو ويو ۽ ان جي جاءِ تي سورٺي ۽ ٻين صورتن جڳهه والاري.

(ج) رسالي ۾ سورٺي واري صورت ۾ چيل بيت موجود آهن. اِهي بيت ڪن ٻين ماخذن ۾ ٻين سالڪن جا بيت ڄاڻايل آهن، جنهن مان گمان نڪري ٿو ته سورٺي وارا بيت ڪن ٻين سالڪن جا به ٿي سگهن ٿا.

(د) سورٺي وارن بيتن جي ٻولي ۽ بيتن جو اسلوب ۽ شاهه جي فڪر جو اڀياس ڪرڻو پوندو. شاهه جي دور جي ٻوليءَ جي خاص لغت ٺاهڻي پوندي. ان لغت کي آڳاٽي لغت ۾ آيل لفظن سان به ڀيٽڻو پوندو. ڪافي ڪم ڪرڻو پوندو.

(هه) شاهه به اڳين سالڪن جي طرز تي بيت چيا ۽ سورٺي واري صورت ۾ پڻ بيت چيا. صنعت موشحات ۾ پڻ ڪافي بيت رسالي ۾ ڏنل آهن، انڪري چئي سگهجي ٿو ته جيتوڻيڪ اِهي صنفون آڳاٽيون آهن، پر شاهه انهن صنفن تي بيت چيا آهن.

خبر ناهي ته مان ڪيتريءَ حد تائين توهان کي ڪامياب جواب ڏيئي سگهيو آهيان. اندازو اٿم ته گهڻو سمجهائي نه سگهيو آهيان، جنهن لاءِ وري به پنهنجي ڪم مايگي جي پيش نظر معذرت ٿو گهران.

آخر ۾ اِهو چوندس: ”شاهه! توکي سمجهڻ لاءِ صديون گهرجن!“

”مهراڻ“ سان قلمي تعاون جاري رهندو. ڪجهه لکان پيو، اُهو موڪلي ڏيندس، ان تي ضرور نظر ڪجو. ناشاد صاحب ۽ سڀني کي سلام ۽ دعائون.

دعائن جو طالب

- ناسف علي شيراز

                                    [آمريڪا]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com