سائين! سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪارَ،
دوست تون دلدارَ، عالم سڀ آباد ڪرين!
[شاهه]
سوچ- لوچ
اعتراف جو پڙاڏو
انگريزي ادب جي ڪلاسن ۾ ڀلي ڪا ڪم جي لکڻي نه
پڙهائي وڃي، پر پوءِ به نوجوان شاگردن جي ڪنن ۾
ڪجهه اهڙيون سون ورنيون سٽون ضرور سرٻاٽ ڪندي هڪ
انگريز نقاد جو اهو پيغام پهچائينديون آهن ته ”ادب
ڇا آهي؟“
جيڪڏهن اوهان مون کان اهو سوال نه پڇو ته مون کي
اُن جو جواب اچي ٿو، پر جيڪڏهن اوهان مون کان
پڇندا ته ”ادب ڇا آهي؟“ ته شايد مان خاموش ٿي وڃان
۽ اوهان جي اصرار تي اهو چئي جان ڇڏايان ته ”مون
کي معلوم ناهي.“ پر اُن جي باوجود دنيا جي ٻهڳڻ
دانشورن ادب جي باري ۾ وري وري پڙهڻ جهڙا پرڪشش
لفظ پئي لکيا آهن.
ان سلسلي ۾ سابقه سوويت يونين جي باغي انقلابيءَ
ٽراٽسڪيءَ پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”ادب ۽ انقلاب“ ۾
ڪهڙي نه چڱي ڳالهه چئي آهي: ”ادب تاريخ تي ايندڙ
توائيءَ جو اظهار آهي“. جڏهن ته هڪ فرانسيسي اديب
ان ساڳيءَ سوچ کي ڪجهه وسعت سان ورجائيندي لکيو
آهي ته ”ادب انسان جي پڇتاءُ جو پڙاڏو ۽ ضمير جو
اعتراف آهي.“ پر ڇا اهو اعترافي اظهار ادب جي صرف
هڪ پاسي کي پڌرو نٿو ڪري؟ جڏهن ته ادب لطيف
سائينءَ جي لفظن ۾ ”ايڪ قصر، دَر لک“ آهي، جنهن ۾
ڪيترين ئي صنفن جون سونهري ڳڙکيون به آهن، جتان
سراپا سچ کي پوري پيار سان پسي سگهجي ٿو.
ادب ڀلي اُهو وڻ هجي، جنهن جون جڙون اديب ۽ هن جي
ديس جي تاريخ ۾ گهريون کتل هجن، پر اُن جا سڀ کان
اُتانهان نازڪ ۽ ڪومل پن چوٽيءَ تي هجڻ جو فائدو
حاصل ڪندي ايندڙ وقت جي انداز کي سڀ کان اڳ ۾ ڏسي
وٺندا آهن ۽ اونداهين ڀيانڪ راتين ۾ رهندي اوريان
ايندڙ پرهه کي پسڻ هڪ خواب جي مانند هوندو آهي ۽
اديبن شاعرن جو تحريري جيون هڪ خواب ئي ته هوندو
آهي. پر افسوس ته خواب هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن جي
ثابتي ۾ ڪو شاهد پيش ڪري نٿو سگهجي. انڪري اسان کي
بيحد افسوس سان لکڻو پوي ٿو ته پنهنجي وقت جي
عدالت ۾ اديبن سدائين پنهنجي برخلاف فيصلا ٻڌا به
آهن ته ڀوڳيا به آهن. شايد حق تي هجڻ جي باوجود
هارائي وڃڻ جي تلخ احساس انگريزي ادب جي رومانوي
شاعر شيلي کان اهي لفظ لکرايا: ”اصل قانون ساز
اديب ۽ شاعر ئي هوندا آهن.“ هو- جيڪي مدي خارج
قانونن ۽ دقيانوسي اصولن جي احترام ڪرڻ کان صاف
انڪار ڪندا آهن- پنهنجي گيتن جا گلن هار ايندڙ دور
جي سفيرن جي ڳچين لاءِ پوئيندا رهندا آهن.
جهڙيءَ طرح هر علم ۽ ڏاهپ جي ابتدا يونان کان شمار
ڪئي ويندي آهي، تيئن ادب ۽ سياست جي ٽڪراءُ جو
سلسلو به رڪارڊ مطابق يونان کان ئي شروع ٿيو، جنهن
۾ پنهنجي سچي ۽ سياڻي استاد سقراط کي زهر جو پيالو
پيئندي ڏسي افلاطون پنهنجي تصنيف ”رعيتي راڄ“ ۾
اهي اکر لکيا: ”يا بادشاهن کي فلسفي هجڻ گهرجي يا
فلسفين کي بادشاهه بڻايو وڃي.“
اهڙيءَ ريت اديبن هميشه سياست کي سمجهائڻ جي ڪوشش
پئي ڪئي آهي ۽ سياست سدائين اُنهن کي پنهنجي
اقتداري طاقت جا دڙڪا ڏيندي چوندي رهي آهي ته:
”هيئن لک!“ ۽ سچي ادب سدائين ٺپ انڪار ڪندي پئي
وراڻيو آهي ته: ”ائين نه لکندس!“ ۽ پوءِ هن اُهو
ڪجهه لکيو آهي، جنهن جي ڪري هن کي سختيون پئي
سهڻيون پيون آهن.
پر اها به حقيقت آهي ته اڳتي هلي جڏهن سگهاريون
سچايون سياست تي پنهنجي پوري طاقت سان واشگاف ٿيون
آهن، ۽ اُن پنهنجي فطرت جي عين مطابق اُڀرندڙ سج
کي سلام ڪيو آهي ته اُن وقت پنهنجي شرم جي زخم تي
پڇتاءُ جو پهو رکندي، اُنهن امر باغين جي عظمتن کي
تسليم ڪيو آهي، جن جي سرن تي ڪڏهن سياست تعزيرن جا
تاج سجايا هئا.
ان حوالي سان اسان سياست کي ”پڇتاءُ ۽ اعتراف جو
پڙاڏو“ به ڪوٺي سگهون ٿا. اهو پڙاڏو، جيڪو تازو
اقتداري حلقن کان ان ريت ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ”اڳ ۾
سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ قابل سزا ڏوهه هو- پر اڄ ناهي!“
سياست جي ان اُتساهيندڙ اعتراف جي ڀرپور آجيان ڪجي
ٿي، پر ان پارت سان- ته هڪ منٽ جي ماٺ اختيار ڪندي
ان اديب ”شاعر جي انتهائي پيڙا کي پوريءَ ريت
محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، جنهن پنهنجي هڪ فوري
برجسته احساس کي هانءُ نپوڙيندڙ انداز ۾ قلمبند
ڪندي لکيو هو ته:
”سنڌڙي! تنهنجو نانءُ وَتو،
۽ اهو اتياچار صرف هن سرزمين تي نه ٿيو آهي، پر
اهڙن ڪٺن مرحلن مان مغرب جي اُها دنيا به گذري
آهي، جنهن کي اڄ انساني حقن ۽ اظهار جي آزاديءَ جي
حوالي سان ”مهذب دنيا“ جو خطاب مليل آهي.
آمريڪا جي تاريخ ته ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه آهي، پر
اهو برطانوي راڄ- جنهن جو سج دنيا تان ڪڏهن لهندو
ئي نه هو- ويهين صديءَ کان اڳ تائين اُن جي
فرمانروائن انقلاب ته ڇا پر محبت جي گيتن کي به
ناقابلِ معافي گناهه قرار ڏنو. مشهور رومانوي شاعر
شيلي ان جو نه وسري سگهندڙ مثال آهي. پيراميٿيوس
ڪردار جي معرفت هن جنهن پيڙا جو تفصيلي اظهار ڪيو
آهي، ان مان بائرن جهرو باغي شاعر ته ڇا پر ڪالرج
جهڙو مست موالي شاعر به گذريو. اهو ظلم ۽ ستم صرف
انگريزي ٻوليءَ ۾ ادب سرجيندڙ اديبن جي حصي ۾ نه
آيو، پر فرانسيسي ۽ جرمن ٻولين جي قلمڪارن به ان
ساڳي قهر کي سٺو. جڏهن ته روس جي اديبن جي ڀوگنائن
جو دردناڪ داستان ئي الڳ ۽ طويل آهي. گوگول کان
وٺي گورڪي تائين اُنهن ڇا ڇا نه برداشت ڪيو؟ عظيم
ناول نگار دوستووسڪيءَ جي ته فائرنگ اسڪواڊ مان
جان بخشي ٿي هئي ۽ افسوسناڪ حقيقت هيءَ به آهي ته
سوشلسٽ انقلاب کان پوءِ به روسي اديب لاڳيتو عتاب
هيٺ رهيا ۽ جڏهن بورس پاسترناڪ جي جڳ مشهور ناول
”ڊاڪٽر زواگو“ تان سوويت يونين جي آخري حڪمران
گورباچوف پابندي هٽائي ته هن گويا پنهنجي پيشرو
سمورن حڪمرانن جي غلط ڪارين جو عالمي اعتراف ڪيو.
پر اعتراف جو اهو دارون تاريخ جي درد کي ختم نٿو
ڪري سگهي.
پر ان اعتراف ۾ اهو پيغام بهرحال موجود رهي ٿو ته
ادب جون اکيون گهڻو گهڻو اڳتي ڏسي سگهن ٿيون ۽
سياست جي سمجهه بنهه سوڙهي ۽ محدود ٿئي ٿي. ان کان
سواءِ اهڙي اعتراف جي چپن تي اها حسرت به سرد ساهه
وانگر رهجي وڃي ٿي ته ڪاش! سياست جي دماغ کي ادب
جي دل جو ساٿ ميسر ٿئي ته جيڪر انسانذات جو دامن
بيگناهن جي رت ۾ آلي ٿيڻ کان بچي وڃي.
اسان پنهجي بنيادي ۽ مرڪزي نقطي تي واپس ايندي صرف
اها ڳالهه ڪرڻ ٿا چاهيون ته اسان جي هوشمند وطن
دوست اديبن ۽ شاعرن پنهنجي مادري ٻوليءَ جي قومي
حيثيت جي تسليمي، پنهنجي محبت ڀري منفرد ثقافت جي
تحفظ ۽ پنهنجي اتهاسڪ معيارن تي جائز فخر جي باري
۾ جيڪي ڪجهه لکيو، تنهن کي اُن دور ۾ ”جرم“ قرار
ڏنو ويو، پر هاڻي آهستي آهستي اها اُڀ اُڏار سوچ
سياست کي سمجهه ۾ اچڻ شروع ٿي آهي. پر اهو به ته
سچ آهي ته اڃا ته ان تاريخي انصاف جي صرف ابتدا ٿي
آهي. ”مهراڻ“ ادب جي تاريخي انصاف جو سلسلو سانوڻ
جي سنڌوءَ جي سير جيان تڪڙو ڏسڻ جو تمنائي آهي، ڇو
ته اڪثر انصاف ۾ دير، ناانصافيءَ جي دائري ۾ داخل
ٿي ويندي آهي. - ن.ا.ش
وکر سو وهاءِ.....!
”عام سنڌي شاعري“ مان اسان جي مراد اُهو سنڌي شعر
آهي، جو سنڌ جي عوام ۾ مقبول ۽ مروج آهي. اُهو
شعر- جو صرف پڙهيلن تائين محدود ڪونهي، بلڪ سنڌ جي
اڻپڙهيل ڳوٺاڻي، ڪُڙمي خواه ڪاسبي، هاريءَ توڻي
ٻيليءَ جي ذوق جو ورد وظيفو آهي. اُهو شعر- جو سنڌ
جي جهرجهنگ، واهڻ وسينءَ ۽ ڳوٺٻنيءَ ۾ جاري آهي،
اُهو شعر- جو ٻهراڙيءَ جي عام ٻولي ۽ مضبوط محاورن
۾ چيل آهي ۽ شهر جي بگڙيل ٻولي ۽ ضعيف اصطلاحن کان
پاڪ آهي. اُهو شعر- جنهن جي زبان پڙهيل جي عبارت
کان وڌيڪ پخته ۽ جنهن جي سٽاءَ ڪتاب خوانن جي
ايجاد ڪيل لفظن ۽ لفظي بناوتن کان وڌيڪ شسته ۽
بلند آهي.
عام سنڌي شاعر جو خطاب عوام الناس کي آهي ۽ نه خاص
پڙهيلن کي، انهيءَ ڪري عام سنڌي شعر علمي پيچيدگين
کان آجو آهي. عام شعر جي وزني سٽا لچڪيدار آهي،
انهيءَ ڪري عام شاعري علم عروض جي نپايل موزون
شاعريءَ کان مختلف آهي. موزون شاعري به عام
شاعريءَ جي دائري کان خارج ڪانهي، بشرطيڪ موزون
شاعريءَ جو خطاب عام هجي.....
خليفي گل محمد موزون شاعريءَ کي عام محاوري ۽
اصطلاح ۾ نباهڻ جي ابتدائي ڪوشش ڪئي، مگر آهستي
آهستي موزون شاعريءَ جا مخاطب خاص علم وارا بنجي
ويا، جنهنڪري موزون شاعري ۽ عام شاعريءَ ۾ هڪ وڏي
گهاري پئجي ويئي. عروضي شاعر به پنهنجي عام خطاب
سان عوام جو شاعر بنجي سگهي ٿو، بشرطيڪ سندس خطاب
عام هجي. انهيءَ معنيٰ ۾ خليفو گل محمد ۽ حافظ
حامد عام جا شاعر هئا، حالانڪ سندن شعر اڪثر عروض
جي نپايل موزون شاعريءَ ۾ چيل آهي. انهيءَ معنيٰ ۾
اڄ جي شاعرن مان مولوي ثناالله ثنائي ۽ مولوي احمد
ملاح عام جا شاعر آهن.
- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
[”ٻيلاين جا ٻول“ تان ورتل]
سيد محمد بقا شاهه شهيد رح
بيت
جي ڪڇان ته ڪوڪ نه نڪري، صبر سان آءٌ سهان،
اکيون لايو پر کي، ويٺي سور سهان،
ڪنهن کي ڪين چوان، ته ڪنهن پر اُڪنڊي آهيان.
پير پريان جي پڙ ۾، ڪير چوئي ته پاءِ،
تون ٿو سک طلبين، هڪ سڄڻ سور سهاءِ،
هو هينئين هڻنئي ڪاني، هي هي ڪج مَ هاءِ،
پائي مکڻ سيخ ۾، اڳيان پرَ پچاءِ،
عجب جهڙي آهه، ڪاڪيون ڪاڪ قريب جي.
سج لهي سانجهي ٿي، پکي پيا وَڻين،
اُڏ هينئڙا ڀؤنر ٿي، اُسهه پر مڻين،
ٿوري گهڻي ڏينهين، سڄڻ ملندا سپرين.
سڄڻ سارئين، آءٌ ساريان صحي،
اديون آري جن جا، پڇان روز پهي،
ويندس ڪيچ ڪهي، جيئندس ڪين جتن رِيءَ.
اوڏا جي هيام، ته نت نياپا آئيا،
سنگهارا سانگ پئي، وَنهيا وس ويام،
مارُو ٿر ٿيام، ڏيان ڏوراپا ڪنهن کي.
(”صراط الطالبين“، ص 185)
محترم حافظ صاحب ”مجمع الفيوضات“ ۽ ”صحبت نامه“ جو
ڳوڙهو اڀياس ڪري ميان سائين سيد محمد بقا شاهه
شهيد ”پٽ ڌڻي“ جا حقيقي عشق ۽ روحاني رمزن سان
ٽمٽار ملفوظ مبارڪ چونڊ ڪيا آهن. ميان سائين سيد
محمد بقا شاهه قدس سره جن جي حالات ۽ ملفوظات مان
واضح آهي ته پاڻ علم جا قدردان، سنت نبوي سان پيار
رکندڙ، شريعت مطهره جا پابند، مرشدن جي صحبت ۽
خدمت کي غنيمت سمجهندڙ، توڪل جا صاحب، عرفاني
بصيرت جا مالڪ ۽ دنيا ۽ دنيادارن کان بي نياز هئا.
پاڻ پنهنجي اولاد جي سٺي تعليم ۽ تربيت لاءِ نه
رڳو ڪوشان آهن، پر فرزندن کي اهو به يقين ٿا
ڏيارين ته تعليم جو مقصد فقط محبوب ڪريم صلي الله
عليہ وآلہ وسلم جن جي سنتن ۽ متابعت کان واقف هئڻ
گهرجي. سندن زندگي مرشدن جي صحبت ۽ خدمت ۾ گذري
ٿي. علم ۽ فضل جا صاحب هئڻ جي باوجود تڪبر کان
عاري ۽ وقت جي عالمن ۽ بزرگن جي خدمت ۾ حاضري ڏيڻ
کي به سعادت ٿي سمجهيائون. پنهنجي اولاد کي ظاهري
علم جي تعليم سان گڏ روحاني فيض سان مالامال ڪرڻ ۾
به اڳرا هيا، جنهن جو ثبوت ڪوٽڙي ڪبير واري
درسگاهه ۾ ٻنهي فرزندن کي ”قادري ۽ نقشبندي“ طريقن
۾ داخل ڪرڻ لاءِ ڪهي وڃڻ آهي. پاڻ پنهنجي روحاني
تربيت يافته فرزند حضرت پير سائين سيد محمد راشد
روضي ڌڻي قدس سره کي رشد ۽ هدايت جي عطا سان نوازي
ڇڏيو هئائون ۽ سندن علمي ۽ روحاني تربيت جي حضرت
روضي وارن تي ٿيل اثر جي خبر ”مجمع الفيوضات“ مان
پوي ٿي.
علم ۽ عرفان ۽ حقيقي عشق جي صاحب حضرت ميان سائين
سيد محمد بقا شاهه قدس سره جن پنهنجي فرزند ارجمند
جي پيشاني ۾ معرفت جي مڻيا پسي، پنهنجي زندگي
مبارڪ ۾ کين رشد ۽ هدايت جي مصلي ۽ منبر تي جلوه
گر ڪري ڇڏيو هئائون.
ميان سائين سيد محمد بقا شاهه قدس سره جن طريقت،
معرفت ۽ حقيقت جي منزلن ماڻڻ بعد فقط ”شهادت“ جي
درجي جا تمنائي هيا. هڪ ڀيري پنهنجي مرشد حضرت سيد
عبدالقادر حسيني گيلاني قدس سره جن جي خدمت ۾
”شهادت“ جي مرتبي ملڻ لاءِ دعا جي درخواست ڪئي
هئائون. پاڻ فرمايائون: ”شاهه صاحب! اهو مقام اسان
پنهنجي لاءِ گهرڻ ٿي چاهيو، مگر اوهان جي درخواست
تي اهو مقام توهان کي وٺي ٿا ڏيون.“ اهڙيءَ طرح
حضرت ميان سائين سيد محمد بقا شاهه قدس سره جن
پنهنجي مرشد حضرت سيد عبدالقادر قدس سره جن جي
وصال کان ست سال پوءِ شهادت جي مرتبي سان مشرف
ٿيا.
- فقير غلام مصطفيٰ ڀنڀرو (ٽيڀري)
”صراط الطالبين“ مرتب: حافظ محمد يوسف
ڀنڀرو سڪندري
(مهاڳ مان ورتل، ص 22 ۽ 26)
سڪندريه پبليڪيشن، 2006ع)
سيد رکيل شاهه صوفي القادري رح
ڪافي
مٽائي ويس سو ذاتي
عجب انسان ۾ آيو
احد ۾ ميم ڪيئين شامل
هوڪو هر جاءِ هليو آ هل
حيدر هسوار جئن دلدل
اچي اسد الله سڏايو
آيو انهيءَ شوق جي شعلي
اناالحق پاڻ پيو ٻولي
ڪيئين منصور کي اولي
ائين هو روح جو رايو
لڳيون غم سوز جون لوهان
دکايو درد جا دونهان
عاشق ٿيا سير جا سونهان
جنهين سمجهيو تنهين پايو
لڳو اچي نينهن جو نعرو
فتح پور ۾ فقر سارو
”رکيل“ لڌو چڱو چارو
چمي چشمن مٿي چايو.
(”بحرالعشق“، ص 35)
حضرت سيد رکيل شاهه صوفي القادري 15- مارچ 1846ع
تي ڳوٺ حليم شاهه تعلقي ميرپور (بلوچستان) ۾ ڄائو.
پاڻ مشهور صوفي شاعر ٿي گذريو آهي.
رکيل ساهه جا وڏا اصل عراق جا رهاڪو هئا، جيڪي
عباسي خليفي هارون الرشيد جي زماني ۾ لڏي اچي
شيراز ۾ ويٺا هئا، جتان پوءِ لڏي اچي بلوچستان جي
تعلقي ميرپور ۾ ويٺا. رکيل شاهه جو والد اُتان لڏي
اچي فتح پور تعلقو گنداواهه ۾ ويٺو، جتي سندس آخري
آرامگاهه آهي.
سائين رکيل شاهه کي خان آف قلات عقيدت وچان زمين
ڏني هئي، پر جڏهن الاهي عشق سندس دل ۾ اچي ديرو
دمايو ته اميري ڇڏي چاليهن سالن جي عمر ۾ فقيري
اختيار ڪيائين.
سائين رکيل شاهه جو مرشد صوفي عبدالستار صاحب جهوڪ
شريف وارو هو جنهن کان توحيد جي ذڪر جي تلقين
ورتائين. رکيل شاهه ڪافي گو شاعرن جو سرموڙ شاعر
آهي. سنڌي، سرائڪي، بلوچي ۽ فارسيءَ ۾ ڪلام
چيائين. سندس شاعري جو خاص موضوع آهي عشق ۽ تصوف.
اُهوئي ازلي پيغام، جيڪو ٻين صوفين پنهنجي ڪلام
ذريعي پهچايو. سندس ڪلام فڪر توڙي فن جي لحاظ کان
افضل ۽ اعليٰ آهي. سندس ڪافين ۾ فڪر جي بلنديءَ
سان گڏ فني پختگي به نظر اچي ٿي. ان کان سواءِ
موسيقيءَ جي اصولن موجب به چيل آهي. سندس ڪلام جو
مجموعو ”بحرالعشق“ جي نالي سان مشهور آهي، جنهن ۾
بيت ۽ ڪافيون آيل آهن. رکيل شاهه 17- اپريل 1939ع
(7- ربيع الثاني 1359هه) ۾ وفات فرمايائون. سندس
روضو مبارڪ فتح پور ۾ آهي.
- خادم حسين
چانديو
”مارو جي ملير
جا“،
(گنج بخش ڪتاب گهر حيدرآباد،
ص 280)
فقير نصير محمد صوفي القادري رح
ڪافي
پيتم جڏهن جام وحدت جو،
وجود جو ترڪ تڏهن ٿيڙو.
نشو ٿيو نينهن جو غالب،
ڀڃي ڀورا ڪيئين قالب،
رهيو مطلوب نا طالب،
نظر ۾ نانهه ڪو ٻيڙو.
صحي حڪيم سير هيءُ سارو،
ماري اناالحق سندو نعرو،
وڄائي ورهه جو وارو،
صدق تنهن تان جسو ٿيڙو.
وُڙهي جڏهن لا سندي ڪاتي،
تڏهن ٿيو عشق اثباتي،
رهيو آ ذڪر نا ذاتي،
”نصيرا“ نام نفي ٿيڙو.
(”صوفي سونهون“، ص 46)
حضرت فقير نصير محمد صوفي القادري ذات جا جلالاڻي
بلوچ هئا. سندن ڳوٺ جلالاڻي شريف راڻيپور اسٽيشن
کان 17 ميل اوڀر طرف آهي. پاڻ سڄي زندگي اُتي ئي
گذاريائون. سندن جنم جي ڪابه پڪي تاريخ ڪانه ٿي
ملي. پاڻ فرمائيندا هئا ته انگريزن جي ڪوئيٽا فتح
ڪرڻ جي اسان کي سانڀر آهي. ائين به چوندا هئا ته
”ٻچو! سائين صادق شاهه صاحبن جڏهن هي جهان ڇڏيو
تڏهن مان اڃا ننڍو ٻار هوس.“ (سائين صادق شاهه
صوفي سنه 1845ع ۾ وفات ڪئي). فقير صاحبن 16- ڊسمبر
1960ع جمع ڏينهن ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو. انهيءَ
حساب سان اُن وقت سندن عمر تقريباً سوا سؤ سال
چئبي.
فقير صاحب درگاهه جهوڪ شريف جي سجاده نشين صاحبن
ڪريمن حضرت عبدالستار شاهه صاحب اول جا وڏا خليفا
هئا. سندن سڀ ڀائر به درگاهه جهوڪ شريف جا مريد
هئا ۽ خدائي خيال سان رهندا هئا. فقير صاحبن جا
وڏا پڻ پشت به پشت درگاهه جهوڪ شريف جا مريد هئا ۽
منجهائن ڪيترا فيض جا صاحب ٿي گذريا آهن...تجل
شريف جا صوفي صاحب، درگاهه جهوڪ شريف جي صاحبن جا
ويجها عزيز ۽ برادريءَ وارا آهن. هڪ دفعي تجل شريف
وارن مان ڪي صاحب جهوڪ شريف آيا. سائين عبدالستار
شاهه صاحبن کانئن پڇيو ته ”اَبا جلالاڻيءَ مان
ٿيندا آيا آهيو؟“ جواب ڏنائون ته هائو. پاڻ وري
پڇيائون ته ”فقير خوش هو؟“ تجل شريف وارن چيو ته
”قبلا ڪهڙو فقير؟ انهيءَ جو ته نٿا پڇو جيڪو ڇنل
تڏڙي تي وڻ هيٺ ويٺو آهي! وٽس ٻي پهر ته ڪانه آهي،
باقي چون ٿا ته هڪ واڻيو صبوح سانجهيءَ حقو ٺاهي
ڏيئي ويندو اٿس.“ ايترو ٻڌي صاحبن جي طبيعت مٽجي
ويئي ۽ فرمايائون ته ”سبحان الله! ههڙو ڪامل مرد
خدا جو پاسي ۾
ويٺو اَٿو ته وٽس لڙي ليئو به نه پاتو اَٿو! ڪو
وقت ايندو جو اِتي پوني ۽ ستاري مان خلقون سندس
زيارت تي اينديون.“
(”صوفي سونهون“، مرتب: روپو ڪرپالاڻي بمبئي،
ناشر: لالچند سيرومل، ڪراچي 1990ع)
- ميان شفيق احمد مهيسر جي ٿورن سان |