سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سيارو 2006ع

 

صفحو :2

فقير نواب جان محمد صوفي ”مسڪين“رح

 ڪافي

 

اسين سير جي لئه هت آياسين،

ڪنهن رمز اچي ريجهاياسين!

ڪفر اسلام جا هل هلائي،
هندو مومن ٻيئي ڀلائي،
پنهنجو پاڻ کي پاڻهي ملائي،

هر جاءِ هڪ سماياسين!

آيس طور سينا جو ساڙي،
تجلي نور جو برقعو اگهاڙي،
يوسف لاءِ زليخا روئاڙي،

ايڏا مچ عشق جا مچاياسين.

هنيم اناالحق جو نعرو،
ٿي منصور ڪيم سير سارو،
واهه واهه وڄايم نينهن نغارو،

هر جاءِ حڪم هلاياسين.

رنگپور ۾ آيس پنهنجي رائي،
خاڪي پوشاڪ سر تي پائي،
هتي هتي جا سانگ رسائي،

اُڪير عدم جي چاياسين.

هتي اچي هاني عبد سڏايم،
ذات صفات ۾ ڪين ڇپايم،
پاڻ تي نام ”جان علي“ رکايم،

نه ڪنهن آدم جاياسين.

(”دفتر درد“، ص 254)

 

 

فقير نواب جان محمد خان (ثاني) ”مسڪين“ صوفي القادري جو تعلق سنڌ جي مشهور لغاري بلوچ خاندان سان هو. بلوچن جو هيءُ قبيلو سنڌ ۾ ٽالپر اميرن جي دور ۾ وڏي اوج تي پهتل هو، خصوصاً  فقير صاحب جا آباء اجداد حڪومت ۾ اهم عهدن تي فائز هئا. فقيرصاحب جي وڏن مان ميان غلام محمد خان کي ٽي فرزند ٿيا:نواب علي محمد خان، نواب ولي محمد خان (وزير اعظم سنڌ) ۽ نواب غلام الله خان اول (گورنر ٿرپارڪر). فقير صاحب نواب غلام الله خان جي اولاد مان هو. فقير صاحب کي به سندن نيڪنام وڏڙن وانگر جهوڪ شريف جي صاحبن ڪريمن جو فيض حاصل هو ۽ هڪ عارف بالله ۽ روشن ضمير صوفي ٿي نمايان ٿيا.

فقير نواب جان محمد خان (ثاني) ”مسڪين“ جي ولادت 30- صفر 1292هه تي ٿي ۽ پاڻ ڄمندي ئي ڄام هئا. صوم و صلواة سان گڏ صوفيانه ذڪر فڪر ۽ زهد رياضت سندن روزمره جي عبادت ۾ شامل هئا. ڪيترائي نوان مريد سندن طالب ٿيا ۽ هندن جو وڏو تعداد سندن دست بيعت ٿيو. حضرت صوفي عبدالستار شاهه اول جي  وصال وقت فقير صاحب 25-26 سالن جا هئا ۽ هر سال درگاهه شريف تي عرس مبارڪ تي ويندا هئا، جتي سندن ”ٻاري“ ٺهيل هئي. پاڻ پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي پنهنجي فرزند نور احمد خان کي اولياء صاحب جا حال ڌاڳا سپرد ڪيائون. 21 رمضان المبارڪ 1367هه (29- جولاءِ 1948ع) تي وسال فرمايائون.

فقير صاحب جن کي  شاعري پنهنجن بزرگن کان ورثي ۾ ملي. ٻن ضخيم بياضن تي مشتمل سنڌي، هندي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ سندن شعر ”ڪشف الڪرامات“ نالي نسخي ۾ محفوظ آهي. پاڻ پنهجو تخلص، بزرگن وانگر ”مسڪين“ اختيار ڪيائون ۽ ڪن ڪلامن ۾ ”جان محمد“ ۽ ”جان علي“ پڻ استعمال ڪيو اٿن.

- فقير نواب امداد علي خان لغاري

(”رسالو دفتر درد“ جي مقدمي مان کنيل احوال. ڇپائيندڙ: جوهرمل

موتيرام ڌناڻي ۽ حشمتراءِ هزاري مل گرسهاڻي، بمبئي، 1986ع)

- فقير نواب زاهد حسين لغاري صوفي القادري جي ٿورن سان -

 

 

فقير روشن الدين صوفي رح

 

ڪافي

 

جوڳي شهر هزاري دا،
سانگ بنايس ڀيد ڇپا ڪر!

 

ويکو تنهن دي مورت موهني
مک وچ مرلي رنگ رنگيني،
ڪن وچ مندري ڳل وچ ڪفني،

 

سهڻا سانگ سونهاري دا-
ڦر ڦر ڦرندا دليان چا ڪر.

 

تسان ڪي ڄاڻو تنهنڪون ساليان،
هن جوڳي ديان اُلٽيان چاليان،
مخفي رمزان روز نراليان،

 

ڀرپور بحر ڪناري دا-
وسيا نيڙي ناز دي خاطر.

 

نال نيڻان دي دام گهتيندا،
ڪمند زلف وچ قيد ڪريندا،
ڦيريان پا ڪي جهٽ جهٽيندا،

 

 

پريمي روپ پياري دا-
بيوس ڪردا برهه بڇا ڪر.

 

مخفي مٺڙا ٻول ٻوليندا،
دلمل ”روشن“ روح رليندا،
ڪوجهان نال ڪرم ڪريندا،

 

 سهڻا ناز نظاري دا-
ڪيتس قياس فضل فرما ڪر.
 

(”وڻجارن وايون“، ص 34)

 

فقير روشن الدين تخلص ‘روشن’ خلف حاجي محمد صوفي فقير پنهنجي ڳوٺ ”صوفي فقير“ ۾ 1900ع ۾ تولد ٿيا، ۽ سن 1950ع ۾ وفات ڪيائون. مشهور صوفي شاعر ‘صديق فقير’ سندن جدِ اعليٰ آهن. سندن والد بزرگوار ‘حاجي محمد صوفي’ پنهنجي دور جي باعظمت شخصيت هئا، جن جي جودِ سخا، مهمان نوازي، حسنِ اخلاق، راڄنيتي فيصلا، ڳوٺ جو حسنِ انتظام ۽ سندن روح پرور رهاڻ، جا هر وقت عالمن، اديبن، شاعرن، سگهڙن، راڳيندڙن ۽ فقيرن سان مزين هوندي هئي، سا اڄ به سڀڪنهن جي وردِ زبان آهي. سندن ذهني ۽ روحاني پرورش ۽ ابتدائي تعليم ۽ تربيت سندن والد بزرگ جي زيرِسايه نهايت ئي شاهانه، اميرانه ۽ تنهن سان گڏ فقيرانه طور  طريقي سان ٿي، جنهن کين بااخلاق ۽ باتهذيب، خوش خصلت ۽ بامروت، فقير سيرت ۽ درويش صورت، بهادر ۽ بيباڪ، سخن سنج ۽ سخن فهم، بلند خيالات ۽ جامع ڪمالات انسان بنائي ڇڏيو. فقير صاحب جن اعليٰ اديب، بهترين نثر نويس، سٺا مترجم، ڪافي غير مطبوعه ڪتابن جا مصنف، قادرالڪلام شاعر، فصيح اللسان، بليغ البيان ۽ خوش الحان، موسيقيءَ جا ماهر ۽ سير و سياحت جا دلداده هئا، پوري هندستان جو سير ڪيل هئن، جنهن تي سندن تصنيف ڪيل ڪتاب ”سيرِ هند“ سندن نثر جو اعليٰ نمونو ۽ سندن علمي، ادبي ۽ تاريخي معلومات جو شاهد آهي.

- عبدالڪريم پلي

(”وڻجارن وايون“، اداره نواي ادب ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پلي،

ص 32- 33، 1961ع)

- فقير فتح علي صوفي جي ٿورن سان-

 


 

تحقيق

 

”......دادو جو ٻيو ڪلچر منڇر جي ميربحرن وارو آهي. منهنجو خيال آهي ته سنڌ جي پراڻي ۾ پراڻي قوم آهي ميربحر ٿي سگهن ٿا، يعني موهن جي دڙي واري قوم جي بچيل نشاني. آرين اچي شهرن تي قبضو ڪيو هوندو، ٻيڙين ۾ رهندڙ مسڪينن سان ڇو وڙهيا هوندا؟ انهن وٽ هو ڇا جو وٽان ڇڏائين ها؟ مٽيءَ جو ڪُنو، ڪاٺيءَ جي ڏوئي، پيس جو تڏو، ڪُڙهي ۽ ونجهه. ڪُرڙي جهلبي ته کائبي، سا به جيڪڏهن ٺيڪيدار يا سرڪاري ڪامورن جي جهڙپ کان بچي وئي، ورنه لوڙهن، بيهن، پٻڻ يا ناپي جي ڀَت تي گذارو. اڪثر پيٽ بکيو، انگ اگهاڙو- ڪهڙي وَٿ هئي وٽن، جنهن جي خاطر آريا ڦرلٽ ڪري مفت ۾ پنهنجو منهن ڪارو ڪن ها؟ ڏاڍي جو موچڙو مالدارن تي وسندو آهي. گهوڙا ۽ گهليون شهرن تي چڙهنديون آهن. غريب جو بچاءُ سندس غربت هوندي آهي. تنهنڪري آءٌ ان راءِ جو رهيو آهيان ته سنڌ جي اصلوڪين قومن مان جيڪڏهن ڪا قوم آرين جي ماراماريءَ کان بچي سگهي هوندي ته اُها ميربحرن جي قوم هوندي، پر تنهن هوندي به تحقيق جي ضرورت آهي.

منڇر سان منهنجي پنهنجي گهڻي پريت پئي رهي آهي. منڇر جون چانڊوڪيون راتيون، منڇر جي ڪناري پرڀات جو ڦُٽڻ، ساري رات ڪونجن جو ڪَرڪڻ، منگهن ۽ هَنجهن جون هوڪارون، مٿان لنگهيندڙ بدڪن جي اُڏامڻ جي سَرسَر، وڏين مڇين جا اُڌما، مڇي ڦاسائڻ لاءِ ڀَن وجهڻ مهل ميربحرن جا ٿالهه وڄائڻ ۽ منڇر جي بيهن، لوڙهن ۽ پٻڻ جا مزا وساري نه ٿا وسرن! پر جن دوستن جي سنگت ۾ زمين جي اِن جنت جا مزا ماڻبا هئا، سي هينئر سڀ اصلي جنت ڏانهن سڌارجي چڪا آهن. وٿاڻ ويران ۽ مڙهين ۾ ماٺ ۽ مونجهه آهي.

”کڏون ٿيون خالي، هنجهه نه رهيو هيڪڙو!“

- پير علي محمد راشدي

[”اُهي ڏينهن، اُهي شينهن“- ڀاڱو 2، ص 9 ۽ 11 ]

سنڌي ادبي بورڊ

 


 

 

ٽرمپ، سورلي، پٿاوالا

(سنڌ جا ٽي محقق)

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

سنڌي ادب، تاريخ، جاگرافي ۽ اقتصاديات سان ڪيترا سنڌي ۽ غير ملڪي اسڪالر لاڳاپيل آهن، جن مان ٽرمپ، سورلي ۽ پٿاوالا جو ذڪر ڪجي ٿو، جيڪي جرمني، برطانيا ۽ هند جا هئا.

(الف) ڊاڪٽر اَرنيسٽ ٽرمپ

جن غير ملڪي عالمن، سنڌ جي تاريخ، ادب، ثقافت، لسانيات ۽ ٻين موضوعن تي تفصيل سان عالمانه تحريرون ڇڏيون، اُنهن ۾ جرمن اسڪالر ڊاڪٽر اَرنيست ٽرمپ (Dr. Ernest Trumpp)  جو نالو نشانبر ۽ اهم آهي. سندس ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ ۽ ”سنڌي گرامر“ هن سلسلي ۾ تمام معياري ڪتاب آهن. کيس زبانن سکڻ ۽ اُنهن ۾ لکڻ تي ملڪو حاصل هو. کيس مادري زبان جرمن کان سواءِ يوناني، لئٽن، عربي، عبراني، فرينچ ۽ انگريزيءَ تي به عبور حاصل هو.

ٽرمپ 31- مارچ 1828ع تي جارج ٽرمپ جي گهر ۾ اِلسفيلڊ، اُتر ورٽمبرگ (جرمني) ۾ پيدا ٿيو. هي هڪ سرسبز زرعي علائقو آهي ۽ اُن ۾ ميوات جي فراواني آهي(1). ٽرمپ هڪ سادي سودي ڪٽنب جو ڀاتي هو. هن کيننڍپڻ ۾ ئي ٻولين سکڻ جو شوق جاڳيو. اُهو هيئن ٿيو، جو سندس ڳوٺ ۾ ڪي جپسي (gypsy) آيا. ارنيسٽ ٽرمپ کي اُنهن جي ٻوليءَ ۾ دلچسپي پيدا ٿي(2). ابتدائي تعليم کان هن ۾ مذهبي علم جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو شوق به وڌيو. عبراني، عربي ۽ سنسڪرت سکڻ جي به ڪوشش ڪيائين(3). ٽرمپ  جي تعليم ۾ سياسي اُٿل پُٿل ۽ تحريڪن سبب رخنو پيو. هن اڪثر ٻين شاگردن وانگر 1848ع واري لبرل تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ جنگين توڙي 1830ع ۾ فرانس واري انقلاب بعد گهڻن دانشورن جرمنيءَ کي هڪ نئون روپ ٿي ڏيڻ گهريو، جيڪا ننڍين رياستن ۾ ورهايل هئي(4).

ٽرمپ هندوستان 1853ع يا 1854ع ۾ آيو. بمبئي پهتو ۽ پوءِ ڪراچي آيو. هِت هو ڪجهه مهينا رهيو. هن تيزيءَ سان سنڌي سکي ۽ سنڌيءَ سان گڏ هڪ منشيءَ جي مدد سان فارسي به سکيو(5). ٽرمپ گهڻو مقبول ٿيو ۽ ائنگليڪن چرچ (Aglican Church) جو پادري (Bishop) ٿيو. ٽرمپ کي ڪراچيءَ جي آبهوا ڀانءِ نه پئي ۽ هو بيمار ٿي پيو. کيس هوا بدلائڻ ۽ علاج لاءِ فلسطين نيو ويو. اُتي سئٽزرلئنڊ جي هڪ خاتون پالين لنڊر (Pauline Linder) سان سندس واقفيت ٿي. 1856ع ۾ 2- آڪٽوبر تي سندن شادي ٿي. ڪراچيءَ موٽيا ۽ 12- سيپٽمبر 1857ع تي کين پُٽ ڄائو. ٽرمپ جي زال کي به ڪراچيءَ جي موسم بيمار ڪري وڌو ۽ ٻار کي جنم ڏيڻ جي ٽئين ڏينهن گذاري ويئي(6). هو ٻار سوڌو سئٽزرلئنڊ کان ٿيندو جرمنيءَ ويو ۽ 1858ع ۾ ٻي شادي ڪيائين. جرمنيءَ ۾ ٿوروئي وقت رهيو ۽ 15- نومبر 1858ع تي واپس زال سميت ڪراچيءَ روانو ٿيو. هاڻي ڊاڪٽر ٽرمپ جي منزل پشاور هئي. هي سفر موجود سهوليتن موجب هيئن طيءِ ٿيو، جو
23- ڏينهن سنڌونديءَ ۾ ٻيڙيءَ تي سفر ڪيو ويو. ٽي ڏينهن پاڏي سان ڇڪجندڙ گاڏيءَ تي لاهور تائين سفر ڪيو ويو، ۽ اُن کان پوءِ وارو سفر نهايت ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ هو. اُهو ڏوليءَ
(Palanquines) ذريعي طيءِ ٿيو، جنهن لاءِ 22 ماڻهن جو عملو هو، جن کيس زال سوڌو پشاور پهچايو(7). ٿڪائيندڙ سفر جي ٿڪ لاهڻ کان پوءِ ٽرمپ جلدي پشتو ٻولي سکڻ شروع ڪئي. ٽن هفتن ۾ هن پشتو ۾ تبليغ به شروع ڪري ڇڏي. اُن سان گڏ ڪافرستان جي ٻولي سکڻ جو به جتن ڪيائين(8). اُن کان سواءِ ٽرمپ براهوئي ۽ داردي (Dardic) ٻوليون به سکيون. ڏيڍ سال کان پوءِ بيمار ٿي پيو ۽ پشاور ڇڏيائين. 1860ع کان 1863ع تائين سٽٽگارٽ (Stuttgart) جرمنيءَ ۾ رهيو ۽ پنهنجي مطالعي کي يڪجا ڪندي ڪيترا علمي مقالا لکيائين. کيس ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئرون پيدا ٿيون. هو نهايت خوش زندگي گذاري رهيو هو. انگريزن سک مذهب کي سياسي طور اهم ڄاتو ۽ کيس 1870ع ۾ سکن جي پاڪ ڪتاب ”آدي گرنٿ“ جي ترجمي ڪرڻ لاءِ چيو ويو، جيڪو هن 1872ع ۾ مڪمل ڪيو ۽ 1877ع ۾ ڇپيو(9).

ٽرمپ ٽوبنجن (Tuebingin) يونيورسٽيءَ ۾ 1873ع ۾ مختصر عرصي لاءِ سامي ٻولين جي ريڊر (اُستاد) رهڻ کان پوءِ ساڳئي سال ميونخ يونيورسٽيءَ ۾ سامي ٻولين جو پروفيسر ٿيو، جتي هن عربيءَ سان لاڳاپيل موضوعن تي ڪيترائي مقالا لکي شايع ڪرايا. ڊاڪٽر شمل، ٽرمپ جي خطن جي حوالي سان لکيو آهي ته هو ميونخ ۾ خوش رهيو. گهڻي محنت سبب سندس اکين تي اثر پيو. لکي پڙهي نه سگهڻ جو صدمو هن جي دل کي به رسيو. ٽرمپ آچر ڏينهن 5 اپريل 1885ع تي وفات ڪئي(10).

ٽرمپ گهڻي حوصلي ۽ شوق سان ٻي تحقيقات سان گڏ سنڌي ٻولي ۽ شاهه جي رسالي تي بنيادي نوعيت جو ڪم ڪيو. سندس مقالن سان گڏ هيٺيان ٽي ڪتاب اُن ڳالهه جو ثبوت آهن:

1- Sindhi Reading Book (London 1858)

2- Shah jo Risalo (Leipzig 1866)

3- grammar of Sindhi Language, Compaed with the Sanskrit, Prakrit, and Cognate Indian Vernaculars (1872).

هنن ڪتابن جي ڇپجڻ کان اڳ ڊاڪٽر ٽرمپ انهن ئي موضوعن تي تحقيقي مقالا لکيا، جيڪي مختلف تحقيقي رسالن ۾ شايع ٿيا. ڊاڪٽر شمل جي لکڻ موجب، نوجوان ٽرمپ جيڪو جديد هندوستاني ٻولين تي تحقيقي ڪم ڪيو، سو سنڌي ٻوليءَ بابت هو ۽ اُهو هو ’سنڌي ريڊنگ بُڪ‘ (Sindhi Reading Book) . هي ڪتاب ديوناگري ۽ عربي اکرن تي آڌاريل هو(11). هن ڪتاب ۾ تبليغي مواد به ڏنو ويو هو، ڇو جو ٽرمپ عيسائي چرچ جو مشنري (مبلغ) هو. ٻئي ڏنل مواد ۾ اهم سُر سورٺ جي ڪهاڻي آهي. ٻيون به دلچسپ ڪهاڻيون اُن مخطوطي ۾ هيون جن تان ٽرمپ مواد کنيو.

سنڌي ٻوليءَ جي اهميت ۽ خوبين توڙي اُن جي ادب جي رنگارنگيءَ ٽرمپ تي چڱو اثر وهاريو،  انڪري هن سنڌي ٻوليءَ جو گرامر لکيو ۽ تفصيل سان سنڌي ٻوليءَ جي اصليت ۽ بڻ بنياد کان وٺي اُن جي صرفي ۽ نحوي خوبين تي تفصيل سان لکيو. هن هڪ دلچسپ ڳالهه به ڪئي آهي، جنهن موجب ڪي شڪاري ۽ ڀنگي هن جي پاڙي ۾ رهيا پئي، جن جي ٻولي به سنڌي هئي. ٽرمپ اُنهن جي ٻوليءَ ۽ ريتن رسمن جو گهرو اڀياس ڪيو. شمل جي چوڻ موجب ٽرمپ اُنهن ۾ عيسائي مذهب جي تبليغ ڪرڻ گهري هوندي. هن اُنهن کي جپسين (gypsies) سان لاڳاپيل ڄاتو(12).

سنڌي ٻوليءَ جي گرامر تي ڊاڪٽر شمل پنهنجي مقالي ۾، ۽ ڊاڪٽر هدايت پريم پنهنجي ڪتاب ۾ تفصيلي تبصرا ڪيا آهن. سنڌي پڙهڻ وارن لاءِ ٽرمپ جو ايڊٽ ڪيل ”شاهه جو رسالو“ هڪ اهم ڪم آهي. هن لحاظ کان به ته هي شاهه جي رسالي جو پهريون ڇاپو آهي، جيڪو ٽرمپ 1866ع ۾ جرمنيءَ مان ڇپائي شايع ڪيو. رسالي جي ٽائيٽل تي لکيل آهي: ”لپسيا شهر ۾ ڇاپيو آهي“. ۽ انگريزي ۾ Leipzig، F.A. Brochhous 1866 لکيل آهن. ڊاڪٽر گربخشاڻي هن سلسلي ۾ لکي ٿو: ”ڊاڪٽر ٽرمپ پهريون شخص هو، جنهن شاهه جي رسالي کي اوندهه مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آندو“(13). رسالي جي تياريءَ لاءِ ٽرمپ کي ٻه پراڻا قلمي نسخا هٿ آيا، جن کي هن سنڌي ٻوليءَ جي هڪ ڄاڻوءَ جي مدد سان ڀيٽيو. هن ڇاپي ۾ ڪي غلطيون به آهن. گربخشاڻيءَ جي بقول صورتخطي خود بناوتي آهي. اُها اردوءَ- گاڏڙ به آهي. موجوده صورتخطي، جيڪا 1854ع ۾ تيار ٿي چڪي هئي، پر رسالي جي هن ايڊيشن ۾ اُها ڪم نه آندي ويئي. سرڪاري امداد به اَڻپوري هئي، انڪري هن رسالي ۾ ڇويهه سُر آندا ويا. سر مارئيءَ سميت باقي سر رهجي ويا.

ٽرمپ وارو رسالو، سنڌ ثقافت کاتي وري ڇپايو آهي، تحقيق ڪرڻ وارن لاءِ انڪري آساني آهي. ڊاڪٽر ٽرمپ اُنهن ٽن جرمن دانشورن ۾ پهريون آهي، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب تي تحقيق سبب نشانبر آهن. ٻيون ٻه خواتين آهن: اُنهن ۾ هڪ علامه آءِ.آءِ. قاضي جي جيون ساٿي محترمه ايلسا قاضي آهي ۽ ٻي جڳ مشهور مستشرق پروفيسر ڊاڪٽر انيمري شمل آهي، جيڪا هاڻي گذاري ويئي آهي. سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ بابت گهڻو ڪجهه لکي چڪي آهي ۽ وقت بوقت سنڌ ۾ ايندي رهي(16).

(ب) ڊاڪٽر ايڇ.ٽي. سورلي

 (ڄم: 12- اپريل 1892ع- وفات: 1968ع)

ڊاڪٽر ايڇ.ٽي.سورلي (Herbert Tower Sorley) سنڌ لاءِ ٻه وڏا ڪم ڪيا آهن: هڪ شاهه ڀٽائيءَ تي پي.ايڇ.ڊي ٿيسز لکيائين، ٻيو سنڌ گزيٽيئر (Sindh gazetteer) مرتب ڪيائين. سورلي انگريز سرڪار جو سول سرونٽ هو. هو حيدرآباد، نوابشاهه، ٿرپارڪر، سکر ۽ جيڪب آباد جو ڪليڪٽر ٿي رهيو. هن سنڌ لاءِ جيڪي هي ٻه ادبي ۽ تحقيقي ڪم ڪيا، اُنهن مان سندس ادبي ذوق ۽ تحقيقي جذبي جو اظهار ٿئي ٿو.

سورلي جي ننڍپڻ، ابتدائي ۽ ثانوي تعليم بابت ڪي تفصيلي انگ اکر ملي نه سگهيا آهن. هو سنڌ ۾ ملازمت دوران سنڌي ٻولي، سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ ادب ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو رهيو. پوءِ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سندس دلچسپي وڌي. هو هڪ سنجيدو ۽ مطالعو ڪندڙ شخص هو. سرڪاري نوڪريءَ جي ڪري هن جو سنڌ جي ماڻهن سان سڌو رابطو رهيو ۽ هو اُنهن جي مسئلن، ڏکن، سورن ۽ وندر ورونهن کان واقف ٿيو. سندس ڪتاب ”شاهه عبداللطيف آف ڀٽ“ جو انتساب اُن ڳالهه جو ثبوت آهي:

O friendly folk, with whom I have lived

And felt the beat of violent sun

How Indus waters errant run.

And heared sharp argument and Seen

No cronicle of kings and wars

Your jowly hamlet bard unfolds.

The wonder of his melodies

Enthrlled a rustic people holds.

ماڻهن سان گڏ رهڻ ۽ اُنهن سان زندگيءَ جي سرد گرم ۾ شامل رهڻ هڪ اهم معاملو آهي. اُن کي سورلي ’سج جي تپش کي محسوس ڪرڻ‘ سڏي ٿو. هن پوريءَ ريت شاهه جي رسالي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. رسالي جي سورمين جي جذبن کي سمجهيائين. مارئيءَ جي حال جو نقشو، جيڪو شاهه صاحب ڪڍيو، اُن کي قريب ترين تاثر ۽ لفظن ۾ سورلي ترجمو ڪيو. هڪ سٽ جو مثال هي آهي:

منڊا ڌوءِ نه مارئي، نه کلي نه کائي.

Marui doth not wash her hair

Marui doth not smile or eat.

Profile  of  dr:  sorley

SORLEY, Herbert Tower, C.S.I. 1946; C.I.E. 1939; M.A.,  D.litt; F.R.S.A. 1950; I.C.S. (retd); Member Central Board of Revenue, Pakistan government, Karachi until 1952; b. 12 April 1892; e.s. of late J.T.Sorley, M.A., Ardgay Milltimber, Aberdeenshire; m. 1920, Marjorie Davidson, o.d. of late george Niven, Physician, West Didsbury, Manchester; two d. Educ.  Aberdeen grammar School; Aberdeen Univ; Christ Church, Oxford. Entered I.C.S. in 1914; India, 1915, Bombay Presidency; served in various capacities in revenue and magisterial appointments; Member Legislative Assembly of the governor general  1930-32 (Central government); President Anthropological Society of Bombay, 1938-39, Chief Sec. to govt. of  Bombay Political and Services Dept., 1946. Publications: The Census Volumes relating to Bombay Presidency and Sind, 1931 (with A.H. Dracup), 1932; The Marine Fisheries of the Bombay Presidency 1933; Shah Abdul Latif of Bhit, 1940; Light verse for private circulation 1945; Musa Pervagans: translations of lyric poetry, 1953; Exile: studies of: Ovid, Prince Charles Edward, and Victor Hugo, 1964, Editor-compiler of Sind gazetteer (for W. Pakistan govt.) 1956. Recreations: literature, art. Address: 3 Taormina Avenue, Malrborough, Salisbury. Rhodesia [Died 7 Aug, 1968]

 

                 Ref: ''Who was Who'' 1962-1970

                 Printed in great Britian

                 Curtesy:

                 Mr. Nasif Ali Sheeraz: U.S.A).

جذبن جي ترجماني ئي ادب جي تخليق جو سبب بنجي ٿي. ڊاڪٽر سورلي شاهه صاحب جي معاملي ۾ جذبن جو ترجمو ڪيو، اهو هڪ نازڪ ڪم آهي.

سورلي جو سنڌ لاءِ اهم ادبي ڪارنامو سندس شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي لکيل ٿيسز آهي. هيءَ شاهه صاحب تي پهرين ٿيسز به آهي. کيس هن ٿيسز تي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري ملي ۽ 1940ع ۾ هن ٿيسز جو پهريون ڇاپو نڪتو. ٻيو ڇاپو 1966ع ۾ ساڳي آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس شايع ڪيو(1). سورلي هي ڪم ڪيئن هٿ ۾ کنيو، اُن جي پٺيان هڪ ڪهاڻي/واقعو آهي. ڊاڪٽر جيٽلي اُن جو تفصيل ڄيٺمل پرسرام جي ڪتاب ”شاهه جون آکاڻيون“ جي 1990ع واري ايڊيشن جي پيش لفظ ۾ ڏنو آهي: ”ويساکيءَ جي شُڀ ڏينهن تي امرتسر ۾ جليانوالا باغ ۾ سوين بي گناهه ڀارت واسين جو قتل عام ڪيو ويو. اُنهيءَ تان سڄي ديش ۾ جوش جي لهر ڦهلجي ويئي. ڄيٺمل ”هندواسيءَ“ ۾ برطانيه سرڪار جي ظلمن ۽ اُره زوراين تي زوردار لفظن ۾ ڇوهه چنڊيا ۽ شاهه لطيف جي ڪلام مان هڪ بيت جي تُڪ کي پنهنجي سمپادڪي ويچارن جو سِرو بڻايائين. اُها هيٺ ڏنل بيت جي آخري سِٽ هئي:

اڳيان اَڏين وٽ، پوين سِرَ سنباهيا،
ڪاٽ ته پوين قبول ۾، مڇڻ ڀائين گهٽ،
مٿا مُهاين جا، پيا نه ڏسين پَٽ،
ڪلالڪي هَٽ، ڪُسڻ جو ڪُوپ وهي.

(ڪلياڻ، داستان ٻيو)

بس، اهو ليک پڙهندي ئي ممڻ مچي ويو. 16- مئي 1919ع تي ڄيٺمل کي اِنهيءَ سمپادڪي ليک لکڻ ڪري گرفتار ڪيو ويو. ڄيٺمل تي سورلي نالي هڪ انگريز جج جي ڪورٽ ۾ ڪيس هليو. پوليس جيڪي شاهد پيش ڪيا، تن انهيءَ بيت جي معنيٰ سمجهائيندي چيو ته اِنهيءَ ذريعي عوام کي بغاوت ڪرڻ ۽ قتل عام ڪرڻ لاءِ سڏ ڏنو ويو آهي. سورلي ويچارو انهيءَ زماني ۾ سنڌي ٻولي ايتري نه ڄاڻندو هو، جو انهيءَ بيت جي صحيح مفهوم کي سمجهي سگهي. شاهدن جي غلط سمجهاڻين تي ويساهه ڪري، هن ڄيٺمل کي چئن سالن لاءِ قيد جي سزا ڏني. (پاڻ سال کان پوءِ سياسي ۽ ٻين قيدين سان گڏ آزاد ٿيو). ڄيٺمل ته قيد جي سزا کان آجو ٿيو، پر ٻئي طرف سورلي صاحب کي شاهه لطيف اهڙو ته قيد ۾ ٻڌو، جو هو يا عمر اُن مان آجو ٿي نه سگهيو. ڪيس هلائيندي هن شاهه لطيف ۽ سندس ڪلام بابت گهڻو ڪجهه ٻڌو هو، اُنهيءَ ڪري هن جي جڳياسي من ۾ سڀاويڪ اِها اُڻ تُڻ پيدا ٿي ته اهڙي اعليٰ شاعر جي ڪلام جو ڳوڙهو اڀياس ڪجي، جنهن جي فقط هڪ بيت جي جدا جدا ماڻهو الڳ الڳ معنيٰ ٿا ڪن(2).“

اِهو هو بنيادي سبب سورلي جو لطيف ۽ سندس رسالي ۾ دلچسپي وٺڻ جو. اُن دلچسپيءَ بلڪ عشق هن کان ٿيسز ۽ هڪ ٻيو ڪتاب ”موسا پراوگانس“ (Musa Pervagans) لکرايو. ٻئي ڪتاب ۾ به شاهه کي دنيا جو وڏو شاعر ڪري تسليم ڪيائين. مون ڊاڪٽر سورلي تي پهريائين 1961ع ۾ پنهنجي ڪتاب ڪنزاللطيف ۾ لکيو(3). هن ڪتاب ۾ مون ڊاڪٽر سورلي جي ٿيسز: ”شاهه عبداللطيف آف ڀٽ“ تي ڊاڪٽر خليل ۽ ٻين جي ڪيل تنقيد جو دفاع ڪيو آهي. مون پنهنجي هڪ مقالي (ڪينجهر مخزن ۾) ۾ به، ٻين پي.ايڇ.ڊي ٿيسز ۽ سورلي جي ٿيسز  جو جائزو ورتو آهي(4). اُن مان ڪي اهم ڳالهيون ۽ انگ اکر هتي آڻيان ٿو:

هن ٿيسز جو مڪمل عنوان هن ريت آهي:

Shah Abdul Latif of Bhit: His poetry life and times, A Study of Literary- Social and Economic conditions in 18th Century Sindh.

هيءَ ٿيسز تن حصن ۾ ورهايل آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ سنڌ جي تاريخ، ڪلهوڙن جي دور جو جائزو ۽ شاهه صاحب جي سوانح عمري ڏني ويئي آهي. هو سنڌ جي تاريخ جو سلسلو مغلن جي زوال کان شروع ڪري ٿو. اِن باري ۾ ڪلهوڙن جي دور جي حالتن، واپار ۽ سَٽي، ماڻهن جي معيار زندگي ۽ سنڌ جي اقتصادي ۽ سماجي حالتن جو ذڪر ڪري ٿو. تاريخ جي مواد جي فراهميءَ بابت به مدلل بحث ڪري ٿو.

ڊاڪٽر سورلي سکڻين ڏندڪٿائن کان بنهه پاسو ڪيو آهي. تاريخ جي ماخذن ۾ هن خاص طور ترخان نامه، تاريخ طاهري، بيگلارنامه ۽ تحفة الڪرام تي گهڻي ڀاڱي اعتبار ڪيو آهي. فقط ڪن حوالن ۾ تحفة الڪرام کان مطمئن نظر نٿو اچي، انڪري اڪثر ٻيا حوالا وٺي ٿو. سورلي ’حڪومت ۽ عوام‘ جي عنوان هيٺ سياسي حالتن جو ڀرپور جائزو پيش ڪيو آهي ۽ اُن سان گڏ ڪلهوڙن جي دور جو معاشي پسمنظر به ڏنو اٿس. نه رڳو ايترو پر شاهه صاحب جي سوانح حيات به ڏندڪٿائن کان آجي ڪري ڏني اٿس(5).

ٻيو حصو تنقيد ۽ ادب جي سِري هيٺ آهي. اُن ۾ هيٺيان باب قائم ڪيل آهن: شاعريءَ جا بنيادي اُصول ۽ تنقيد، صنف (بيت) جي پيدائش، رسالي جا بيت، شاهه تي عربي، فارسي، هندي ۽ بلوچيءَ جو اثر، لوڪ داستان ۽ سنڌ ۾ تصوف.

ڊاڪٽر سورلي شاهه صاحب جي تعليم جو بحث به ڇيڙيو آهي. پراڻين روايتن کان پوءِ گهڻن محققن شاهه صاحب کي سڌي يا اَڻسڌي طور پڙهيو تسليم ڪيو آهي. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ چوي ٿو ته ”سندس ديوان (رسالي) کي ڏسي ڪير به کيس اَڻپڙهيل ڪونه سڏي سگهندو.“ (ٽرمپ: شاهه جي رسالي جو مُنڍ). ليلارام وطڻ مل لعلواڻي لکي ٿو ته: ”خبر نه آهي ته نورمحمد ڀٽيءَ وٽ اسان جي شاهه ڪيترو وقت تعليم پرائي؟“ (شاهه لطيف، حيات، مذهب ۽ شاعري، ڪراچي 1890ع، ص 11). ڊاڪٽر سورلي جو خيال آهي ته ”ٿورو ڪي گهڻو استاد وٽ پڙهيو هو. جي اِها روايت صحيح آهي ته شاهه لطيف قرآن شريف، مثنوي رومي ۽ شاهه ڪريم جو رسالو ساڻ کڻندو هو، ته سندس پڙهيل هجڻ ۾ ڪو شڪ نه آڻڻ گهرجي“(6).

سوانح جي هن اهم معاملي تي بحث کان پوءِ،  بيت جي صنف جي هيئت تي مختصر بحث ڪيو اٿس. بيتن جي موضوعن ۽ غنائيت تي هو پنهنجا رايا ظاهر ڪري ٿو. پروفيسر برائون (E. Browne) جي حوالي سان لکي ٿو ته اڪثر هندوستاني شاعرن جن فارسيءَ ۾ لکيو، تن فارسيءَ جي شاعرن ۾ سنائي، عطار، محمود شبستري، جامي ۽ ٻين جي زبان ۽ هيئت جو نقل ڪيو. شاهه لطيف مختلف حيثيت (Category) ۾ آهي. هي اُهو شاعر آهي، جيڪو پهريون ڀيرو عوام جي زبان قابليت سان ڪم آڻي ٿو ۽ مذهبي فلسفي جي ڪامياب اُپٽار ڪري ٿو(7). سورلي غنائيت لاءِ واضح طور لکي ٿو ته: ”شاهه جو ڪلام غنائي (Lyrical) آهي. اُن ۾ نغمگي آهي“(8).

وزن جي باري ۾ لکندي، ڊاڪٽر سورلي ڇند جي تفصيلن ۾ نه ويو آهي. اُنهن جو ذڪر مڪمل اُپٽار سان پروفيسر جهمٽمل خوبچند ڀاونانيءَ ۽ ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻيءَ ڪيو(9). ڊاڪٽر سورلي شاهه جي رسالي ۾ ڌارئين ڪلام جو به ذڪر ڪيو، جنهن تي ڊاڪٽر گربخشاڻي، پروفيسر محبوب علي چنا، ڊاڪٽر بلوچ ۽ ڪي قدر راقم الحروف ڪم ڪيو آهي. تصوف جو ذڪر ڪندي، مشرقي ۽ مغربي صوفي شاعرن جا حوالا به ڏئي ٿو.

ٽئين حصي ۾ رسالي جي چونڊ ڪلام جو انگريزي ترجمو ڏنو اٿس. هي ڪلام قاضي احمد جي چونڊ موجب آهي. ڪتاب ۾ ببليوگرافي، گلاسري ۽ انڊيڪس ڏيڻ سان اُن جي حيثيت مستند بنائي اٿس. انگريزيءَ ۾ شاهه صاحب تي ڊاڪٽر جوتواڻي، ڊاڪٽر جهانگياڻي ۽ ڊاڪٽر درشهوار سيد به ٿيسز لکيون آهن. آغا محمد يعقوب، محترمه ايلسا قاضي، عبدالغفور الستي ۽ مسز خميساڻيءَ انگريزي ترجما ڪيا آهن، پر سورلي جي ڪتاب جو معيار هر لحاظ کان اُتانهون آهي. هاڻي هن ڪتاب جو ترجمو سنڌيءَ ۾ به ٿي چڪو آهي.

1958ع ۾ ڊاڪٽر سورلي جو ڪتاب ”موسا پراوگانس“ (Musa Pervagans) لنڊن مان شايع ٿيو. اُن ۾ هن يوناني، اطالوي، فرينچ، عربي، فارسي، اردو، لاطيني ۽ سنڌي زبان جي ڪجهه وڏن شاعرن جو احوال ۽ ڪلام ڏنو آهي. سنڌ مان شاهه لطيف جو ذڪر ڪيو اٿس. منهنجي نظر مان هن ڪتاب جي مقدمي جو سنڌي ترجمو گذريو آهي. اُن ۾ سندس لکيل هيٺيون رايو تمام واضح آهي:

”اِها برابر حقيقت آهي ته شاهه کي پاڪستان جو قومي شاعر تصور نٿو ڪيو وڃي، پر اهو ڪن سياسي ۽ تاريخي سببن جي ڪري آهي، جن جو شعر و ادب سان ڪو لاڳاپو ڪونهي. هن وقت پاڪستان جو قومي شاعر ڊاڪٽر اقبال کي سمجهيو وڃي ٿو. وقت گذرڻ سان جڏهن سڀ شيون پنهنجي اصلي جاءِ وٺنديون، تڏهن شاهه ۽ اقبال جو نسبتي فرق سمجهي سگهبو.

شاهه اُنهن سڀني شاعرن جو سرتاج آهي، جن جو چونڊ ڪلام آءٌ هن مجموعي ۾ ڏيئي رهيو آهيان. لاشڪ شاهه دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي(10).

ڊاڪٽر سورلي ڪيترائي مقالا لکيا. سندس جن مقالن جي داخلا ايم.ايڇ.پنهور جي ڪتاب Source material on Sindh ۾ آهي، اُهي هي آهن:

1. Census Report of India 1931, (vol: IX, 1932).

2. Marine fisheries of Bombay Presidency Bombay 1933(11).

هڪ ضخيم ”سنڌ گزيٽيئر“ به ڊاڪٽر سورلي مرتب ڪيو، جيڪو مغربي پاڪستان گورنمينٽ 1968ع ۾ شايع ڪيو. هونئن ته سنڌ ۾ ضلعي گزيٽيئر District gazetteers به شايع ٿيا آهن، پر مڪمل سنڌ گزيٽيئر 1874ع کان شايع ٿيڻ شروع ٿيا. پهريون سنڌ گزيٽيئر اي.ڊبليو. هيوز (A.W.Hughes) ترتيب ڏنو. هيوز بمبئي روينيو کاتي جو عملدار هو. هي گزيٽيئر ڪجهه واڌارن سان 1876ع ۾ وري شايع ٿيو. سنڌ گزيٽيئر جو ٻيو ايڊيشن اِي.ايڇ.ايٽڪن (E.H.Aitken)   1907ع ۾ ترتيب ڏنو. ايٽڪن سالٽ ايڪسائز کاتي بمبئي جو آفيسر هو. اُنهن ٻن کان پوءِ ٽيون مڪمل گزيٽيئر ڊاڪٽر سورلي کي مرتب ڪرڻ لاءِ چيو ويو. گذريل ٻن گزيٽيئرس بابت سورلي پنهنجي تيار ڪيل گزيٽيئر جي مُنڍ (Preface) ۾ لکي ٿو ته ”هيوز واري ڇاپي ۾ غلطيون به هيون ۽ ڪافي انگ اکر ۽ معلومات غلط هجڻ سان گڏ ترتيب ۾ به  سقم هئا. هيڏانهن ايٽڪن واري ڇاپي ۾ نيچرل هسٽريءَ جي باري ۾ گهڻو مواد هو، ڇو جو هو اُن موضوع جو ماهر هو. اِهي ٻئي ڇاپا هاڻي ناياب هئا.(12) موجوده گزيٽيئر سورلي 27- آڪٽوبر 1957ع کان ترتيب ڏيڻ شروع ڪيو ۽ 3- ڊسمبر 1959ع تي مڪمل ڪيائين. مون کي اِهو  شرف به حاصل رهيو ته اندازاً 58- 1957ع ڌاري ڊاڪٽر سورلي، جناب سرشار عقيليءَ سان گڏ بدين هن ڪم جي ئي سلسلي ۾ آيو ته ساڻس ملاقات ٿي. گزيٽيئر مڪمل ڪرڻ وقت سورلي سالسبري روڊيشيا (هاڻوڪو زمباوي) ۾ هو.  مُنڍ (Preface) جي آخر ۾ نالي سان گڏ سرنامو هي لکيو اٿس:

Shahi Bagh, 10-A, Montgomery Road, Highlands, Salisbury, Rhodesia.

گزيٽيئر تي ڊاڪٽر سورلي جو نالو هيئن ڇپيل آهي:

Dr. H.T.Sorley, C.S.I., C.I.E., M.A, D. Litt,
F.R. S.A (I.C.S, Retired)

موجوده گزيٽيئر ۾ ٻين جن محققن جون تحريرون شامل ڪيل آهن، اُنهن جو ٿورن سان ذڪر ڪيل آهي. موجوده گزيٽيئر ٻين گزيئيٽرن کان ضخيم آهي. هن جي متن ۾ 809 صفحا آهن ۽ 150 صفحن جا ضميما شامل ڪيل آهن، ڪتاب ۾ مواد کي مڪمل صورت ۾ ڏيڻ جي هرڪا ڪوشش ڪيل نظر اچي ٿي. ڪيترا فوٽو ۽ چارٽ به ڏنل آهن. تنهن سان گڏ تفصيلي ببليوگرافي به. گزيٽيئر ۾ ٽي مڪمل باب (Chapters) آهن، جن ۾ هيٺين عنوانن هيٺ تفصيلي معلومات مهيا ڪيل آهي:

1- جاگرافي، جيالاجي، زولاجي، باٽني، آرڪيالاجي.

2- تاريخ، آدمشماري، قبيلا، ذاتيون ۽ نسل، ثقافت، دلچسپيءَ جون جايون.

3- انتظام، زراعت، آبپاشي، اقتصاديات، لوڪل سيلف گورنمينٽ، تعليم، پوليس، امن امان، جيل، پبلڪ هيلٿ، آبادڪاري، ترقيات، سماجي ڀلائي، آئين ۽ انتظام.

هر عنوان هيٺ وري تفصيل سان جائزو پيش ڪيو ويو آهي. ضميمن ۾ تفصيلي انگ اکر آهن. اُنهن ۾ سنڌ جي جهنگلي جيوت، ٻوٽن، پکين، ذاتين، قبيلن، زراعت لاءِ نقصانڪار جيتن، روينيو ۽ آبپاشيءَ جي خرچ سان گڏ سنڌ جي ڪمشنرن _بمبئي سان الحاق وارو دَور) سنڌ جي گورنرن ۽ خيرپور رياست جي سابق حڪمرانن جون فهرستون شامل ڪيل آهن.

گزيٽيئر جي آخر ۾ ڏسڻي (Index) به ڏنل آهي.

سورلي جي ڪم تي تفصيلي نظر وجهڻ سان هن جي تحقيق جي بلند معيار جي پروڙ پوي ٿي. هو هڪ مڪمل محقق آهي ۽ وقتي موضوع نڀائڻ جي ڪوشش هرگز نه ڪئي اٿس. هو بيشڪ انگريز سرڪار جو ملازم ۽ اُنهي مشنيريءَ جو ڪل پرزو هو، جن کي سرڪار سان پوريءَ طرح منسلڪ هجڻ ڄاڻن کپي.

(ج) ماڻڪ پِٿاوالا

ماڻڪ بيجن جي پِٿاوالا (Maneck B.Pithawala) اُنهن ٿورن اسڪالرن ۽ دانشورن مان آهي، جن سنڌ جي جاگرافي، جيالاجي ۽ اُن سان لاڳاپيل موضوعن تي قدر لائق ڪم ڪيو. پِٿاوالا جو تعلق پارسي خاندان سان هو. هو نومبر 1886ع ۾ ناوساري ڳوٺ (پونو ڀارت) ۾ ڄائو. بمبئي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيٽ ٿيڻ کان پوءِ 1920ع ۾ ڪراچيءَ آيو ۽ ڀائي ويرڀائي جي سوپاري والا پارسي هاءِ اسڪول جو پرنسپل ٿيو. اُتي ڪل چوويهن سالن تائين لاڳيتو تعليمي خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ پاڻ کي تعليم ۽ تحقيق جي ڪارج سان سلهاڙي ڇڏيائين. اِنهيءَ سروس دوران 1932ع ۾ برطانيا ويو ۽ تحقيق جي ڪم ۾ جنبي ويو. سندس ڊاڪٽوريٽ جي ٿيسز جو عنوان هو:

A geographical Analysis of the Lower Indus Basin (Sindh).

هن تحقيق جي ڪم ۾ سندس رهبر (guide)  پروفيسر اِي. جِي. آر. ٽيلر (E.g.R.Taylor) هو، جيڪو هڪ وڏو محقق هو. هن ڪم تي پٿاوالا کي ڊاڪٽر آف سائنس (D.Sc.) جي ڊگري ملي. ڊاڪٽر ماڻڪ پٿاوالا سنڌ ۾ بيش بها تعليمي ۽ تحقيقي خدمتون سرانجام ڏنيون، جن ۾ اين.اِي.ڊي (N.E.D) انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ اٽڪل 32 سال جيالاجي (geology) جو پروفيسر رهڻ، 1948ع کان 1950ع تائين اسلاميه ڪاليج ڪراچيءَ ۾ جاگرافي ۽ جيالاجيءَ جي پروفيسر طور رهڻ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ سطح تي تعليم ڏيڻ شامل هو. هي ڪاليج سنڌ يونيورسٽيءَ سان منسلڪ هو، اِن طرح ڊاڪٽر پٿاوالا فئڪلٽي آف سائنس جو ڊين به رهيو.

جيئن ته ڊاڪٽر ماڻڪ پٿاوالا هڪ اعليٰ اُستاد، محقق ۽ دانشور هو، اُنڪري سن 1953ع ۾ حڪومت پاڪستان کيس وزارت اقتصادي اُمور ۾ صلاحڪار به مقرر ڪيو. هنن ذميوارين سان گڏ هو ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ريڊر (Reader) ۽ تحقيق لاءِ رهبر (guide)) به رهيو. پٿاوالا سوچ ۽ عمل ۾ هڪ سماجي ڪارڪن ۽ سڌارڪ هو. ڪيترن ئي ادارن ۽ انجمنن جو ميمبر رهيو ۽ اُنهن ۾ قدرلائق ڪم ڪندو رهيو. اُنهن ۾ سنڌ سيڪنڊري ٽيچرس ائسوسيشن ۽ سنڌ جاگرافيڪل سوسائٽي اهم آهن.

نه رڳو ايترو بلڪ هو مذهبي لحاظ کان پارسي ڪميونٽيءَ لاءِ به ڪم ڪندو رهيو، تنهن سان گڏ هو اوستا (Avasta) جو اسڪالر به هو. پٿاوالا رٽائر ٿيڻ کان پوءِ 1957ع ۾ بمبئيءَ ۾ وڃي رهيو.

ڊاڪٽر پٿاوالا جي ڊاڪٽوريٽ جي ٿيسز سنڌي ادبي بورڊ "A Physical & Economic geography of Sindh" جي سِري هيٺ 1959ع ۾ پهريون دفعو شايع ڪئي ۽ 1976ع ۾ ٻيو ڇاپو نڪتو. هن ڪتاب ۾ 41 نقشا ۽ ڪيترا چارٽ به شامل آهن. هن ڪتاب ۾ 389 صفحا آهن. تحقيق جي لحاظ کان هي ڪتاب پٿاوالا جو مُک علمي ڪارنامو آهي. پٿاوالا جي تحقيق جا موضوع جاگرافي، جيالاجي، اقتصاديات ۽ زراعت جي وسيلن سان لاڳاپيل آهن. سنڌالاجيءَ طرفان پٿاوالا جو ڪتاب Historical geography of Sindh به شايع ٿيل آهي.

جناب ايم.ايڇ. پنهور پنهنجي ڪتاب ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“ ۾ پٿاوالا جي اٺن ڪتابن ۽ مقالن جو حوالو ڏنو آهي. (ص ص 48 ۽ 49 بليوگرافي واروحصو) پنهور صاحب پنهنجي ٻئي ڪتاب "Source Material on Sindh" ۾ ڪيترن ئي مقالن، ڪتابن ۽ مونوگرافن جي فهرست ڏني آهي. اُن ۾ خاص طور پٿاوالا جي ٿيسز جي باري ۾ لکي ٿو ته اُها بئنگلور پريس ڪراچيءَ مان 1936ع ۾ ٽن جلدن ۾ ڇپي. هي پٿاوالا جو بهترين ڪتاب آهي. سندس ٻيا ڪتاب ۽ مقالا اُن جو تت ۽ حصا آهن يا هن ڪتاب ۾ ڄڻ واڌارا آهن. (سورس، ص 181) تنهن سان گڏ 56 ڪتابن ۽ مقالن جي فهرست ڏئي ٿو. اُنهن مان چونڊ عنوان هي آهن:

1. A geographical Analysis of Khairpur State- a post barrage investigation.

2. An Introduction to Pakistan its Resourses and Potentialities.

3. geography & Culture with the example of Sindh.

4. greater Karachi.

5. Historical geography of Sindh.

6. New site for Pakistan Capital.

7. Survey of Dominion's Mineral Resources.

8. Physiographic Divisions of India, Burma & Ceylon.

مقالن ۽ تحقيقي رپورٽن جي هنن عنوانن مان ڊاڪٽر پٿاوالا جي صلاحيتن جي دائري جي پروڙ پوي ٿي. هن جي تحقيقي عنوانن ۾ برصغير به نمايان آهي ۽ سنڌ تي هن خاص طور تحقيق ڪئي. سندس ڊاڪٽوريٽ جي تحقيق هڪ وسيع ميدان جي نشاندهي ڪري ٿي. پٿاوالا اُن ۾ سنڌ جي تاريخ، جاگرافي،طبقات الارض، سنڌو دريا ۽ اُن جي آبپاشي جي ذريعن، وسعت، نظام ۽ تجارتي استعداد تي گهري نظر سان روشني وڌي. سندس کوجنا مستند حوالن سان سينگاريل آهي.

اِنهيءَ محنت ۽ محبت کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر ماڻڪ بيجن جي پٿاوالا هڪ سنڌ دوست محقق آهي. اسان کي سندس محنت ۽ تحقيق جو هر طرح قدر ڪرڻ کپي ۽ کيس دل کولي داد ڏيڻ کپي.

حوالا

الف:

1. Schimmel, Annemarie: Pearls from the Indus, Sindhi Adabi Board, Hyderabad/Jamshoro, 1986, p. 20.

(Article in Memoriam Ernst Trumpp)

2. Ibid, p. 21.

3. Ibid, p. 21.

4. Ibid, p.21.

5. Ibid, p.23.

6. Ibid, p. 23.

7. Ibid, p. 24.

8. Ibid, p. 24.

9. Sindh's Changing Map

10. Wealth and Welfare of Sindh.

9. هن جي ڇپجڻ جو سال ڊاڪٽر هدايت پريم سن 1872ع لکي ٿو. ڏسو: ”سنڌي ٻوليءَ جا محقق“ سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد، 1994ع ص 10. جڏهن ته ڊاڪٽر انيمري شمل مٿي حوالي ۾ آندل ڪتاب  ۾ صفحي 26 تي 1872ع آدي گرنٿ جي ترجمي جي تڪميل جو سال ۽ 1877ع ڇپجڻ جو سال لکيو آهي.

10. Pearls p. 18.

11. Ibid، p. 28.

12. Ibid، p. 33-34.

13. گربخشاڻي: مقدمه لطيفي، 1936ع ص 225.

14. منهجي هن مختصر مقالي جو آڌار خاص طور ڊاڪٽر انيمري شمل جي تفصيلي مقالي تي آهي، اهو مقالو پهرين 1961ع ۾ هڪ ڪتابڙي جي صورت ۾ پاڪستان جرمن فورم ڪراچي شايع ڪيو. اُن جو عنوان هو: Ernst Trumpp: Brief Account of his life & Works.

اُن کان پوءِ ساڳيو مقالو ڪجهه اضافن ۽ تبديليءَ سان هڪ ڪتاب ۾ آيو، جنهن ۾ جرمن اسڪالرن جي ڪم جو جائزو ورتل آهي. ڪتاب جو عنوان آهي:

german Contributions to the Study of Pakistan Linguistics (Published by Pakistan german forum wiesenhoefen 16, D- 2000, Hamburg 67, 1981)

ڊاڪٽر شمل جي هن تحقيق کان سواءِ ڊاڪٽر هدايت پريم جي ”سنڌي ٻوليءَ جا محقق“ تان استفادو ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر نواز علي شوق ”شاهه جي رسالي“ (ثقافت کاتو ايڊيشن- 1985ع ۾ به ٽرمپ جي مختصر سوانح ڏني آهي.

ب:

1. ڏسو ڪينجهر (3) سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي 1989ع ص 2. مقالو: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي پي.ايڇ.ڊي ٿيسز (از: عبدالجبار جوڻيجو).

2. گلراجاڻي، ڄيٺمل پرسرام. شاهه جون آکاڻيون، اُساٽ ساهت مالها دهلي 1990ع، پيش لفظ از: ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ص ص 12- 13- 14.

3. شام، عبدالجبار جونيجو. ڪنزاللطيف، ابراهيم پريس حيدرآباد، 1961ع ص ص 104 کان 126.

4. ڏسو ڪينجهر، مٿي ڏنل حوالو نمبر هڪ، ص ص 2، 3، 4، 5، 6.

5. Sorley, H.T. Shah Abdul Latif of Bhit, O.V.P. 1966, pp 203 to 216.

6. Ibid, p. 203- 204.

7. Ibid, pp. 207- 208.

8. Ibid, p. 260.

9. ڏسو جهمٽمل ڀاوناڻيءَ جو ڪتاب ”ڇند سڳنڌ“ ۽ ڊاڪٽر جوتواڻيءَ جي پي.ايڇ. دي ٿيسز: Shah Abdul Latif- his Life and work  (1975).

10. ماهنامه نئين زندگي، ڪراچي، جولاءِ 1963ع.

11. Panhwar, M.H. Source Material on Sindh, Sindhology, Jamshoro, 1977, p. 253.

12. Sorley, H.T. The gazetteer of West Pakistan

 

ج- مددي ڪتاب:

1. Pithawala, Maneck.B.- A Physical and Economic geography of Sindh, Sindhi Adabi Board, 1959.

2. Panhwar, M.H.- Chronological Dictionary of Sindh. Institute of Sindhology, 1983.

3. Panhwar, M.H.- Source Material on Sindh. Sindhology, 1977.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com