ويراڳي نئون ويسُ، راوَلَ ڍَڪي رَميا!
(انور پيرزادي جي ياد ۾)
امداد حسيني
موبائيل جي رِنگ وڄي ٿي:
”هيلو!“
”انور پيرزادو گذاري ويو آهي... اسين ڄام شوري کان
اڌ ڪلاڪ جي پنڌ تي آهيون.....!“
شاهه محمد پيرزادو چئي ٿو.
”اِنا لله واِنا اليہ راجعون!“
دل تي ڌڪ لڳي ٿو، اندر مان انور جون هي سٽون سَٽ
ڏئي ٻاهر اچن ٿيون:
وقت به وڃڻو
هو به نه اچڻو
آءٌ به نه رهڻو
اها ڪالهوڪي ڳالهه ٿي لڳي:
آءٌ سنڌالاجي اولڊ ڪئمپس ۾ پنهنجي آفيس ۾ ويٺو
هوس. هڪ قداور، مُرڪندڙ موڪري منهن وارو جانٺو
جوان اندر هليو آيو: ”انور پيرزادو، سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ انگلش جو ليڪچرار.“ ملياسين،
ويٺساين، ڳالهايوسين. ائين لاکيڻي لطيف جي بيتن جي
ڏي وٺ شروع ٿي وئي. لاکيڻي لطيف تي، انور وانگر،
ايڏو سٺو ڳالهائيندي، مون گهٽ ماڻهن کي ڏٺو آهي.
هن سرمارئيءَ جو هي بيت پڙهيو:
پاسا پولڙين ۾، ٻانهون سِر ٻيئي،
اکيون نڪ اَريج ري، ٽِمايم ٽيئي،
ڏور ٿيا ڏيهي، پرين پائر وَٽِ ۾.
ان کان پوءِ اسين سڄو وقت اُنهيءَ بيت تي
ڳالهائيندا رهياسين. خاص ڪري ان بيت جي ٻي سِٽَ
تي، جيڪا ان ٽِه- سٽي بيت جي وچين سِٽَ هئي. اهو
”رئڻ“ بابت لاکيڻي لطيف جو مشاهدو/تجربو حيرت
انگيز ته هو ئي، پر ان مشاهدي/تجربي کي لفظن جي
ٻُڙن سان سِٽَ- سريءَ ۾ پوئڻ ڏات جو، بلڪ ڏاتار جو
ڪرشمو آهي. ان کان پوءِ اسان وٽ ڳالهائڻ ختم ٿي
ويو جهڙوڪر. هن موڪلايو ته پڇيومانس ”لکندو آهين؟“
چيائين ”ها!“ پچيومانس ”ڇا؟“ هن ٻڌايو ته هو شاعري
ڪندو آهي. اسين وري ويهي رهياسين. ”ٻڌاءِ!“ ۽ هو
شاعري ٻڌائڻ لڳو، جيڪا ڪٿي به ڇپي نه هئي، کانئس
شاعري ڏيڻ جو واعدو ورتم، جيڪو هن پاريو. کوڙ
تخليقون هيون، مون انهن تي هڪ نوٽ لکيو، طارق اشرف
”سهڻي“ ۾ اُها شاعري ڇپي، منهنجي نوٽ سوڌي. مان
نٿو چوان ته انور ۾ هڪ شاعر کي ڪو مون دريافت ڪيو
هو، ڇاڪاڻ ته هن کي شاعري اڳي ئي دريافت ڪري چڪي
هئي!
اها به ته ڪالهوڪي ڳالهه هئي:
ته زرار پيرزادو، انور جي جنم ڏينهن تي ”عوامي
آواز“ جو صفحو ڪڍڻ ٿو گهري ۽ اُن لاءِ منهنجو مواد
ٿو گهري. مان فون تي ئي کيس لکايان ٿو:
”اڄ جڏهن حالت اها آهي ته جيڪو آني مان ٿو ڦُٽي،
اُن جو ڪتاب اچي ٿو وڃي، بلڪه ڪتاب اچي ٿا وڃن ۽
اهو شاعر طور مڙهجي به ٿو وڃي. تپسيا، رياضت،
محنت، ڄاڻ، نظريو- ۽ سڀ کان وڌيڪ سرشت، خمير، فطرت
۾ شاعريءَ جو هجڻ- اهي سڀ ثانوي، بلڪ غير ضروري
شيون بڻجي رهجي ويون آهن- تڏهن انور جهڙا شاعر ڪنڊ
پاسو وٺي بيهي رهندا آهن. لکڻ تان ارواح کڄي ويندو
اٿن! توڙي جو انور ڄاڻي ٿو ته هن جي ڪوتا پاروٿي
ڍوڍي جيتري اهميت به نٿي رکي، جنهن سان ڪو بکيو
پيٽ ڀري سگهي! پر هو اهو به ڄاڻي ٿو ته ان سچ جو
اظهار وري به شاعريءَ ۾ ئي ڪري سگهجي ٿو:
ڪنهن گيت منجهان ڪو ڍءُ نه ڪري ٿو!
مها ڪويءَ کانمها ٿيو پاروٿو ڍوڍو!
اها به ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه ئي ته آهي:
جڏهن انور پنهنجي ڪلام جو مجموعو ”اي چنڊ! ڀٽائيءَ
کي چئجان“ شاهه محمد پيرزادي هٿان موڪليو هو، ته
جيئن هو هٿوهٿ مون کي پهچائي. انور ان تي لکيو هو:
”امداد حسيني لاءِ
جنهن منهنجي شاعريءَ واري
بنگلاديش کي 1972ع ۾ سڀني
کان اڳ ۾ تسليم ڪري
ڇڏيو هو!!
انور پيرزادو
2005. 11. 24
انور پيرزادو لاکيڻي لطيف جو پوئلڳ آهي. ان جو
ثبوت سندس مجموعو ”اي چنڊ! ڀٽائيءَ کي چئجان!“
آهي. اهو نظم پهرين مون حنيف لاشاريءَ کان ٻُڌو
ٽيچرز هاسٽل سنڌ يونيورسٽيءَ ۾. پڇڻ تي ٻڌايائين
ته اهو نظم انور پيرزادي جو آهي. چيم: ”اهڙو نظم
انور پيرزادو ئي لکي سگهي ٿو.“ ڇاڪاڻ ته لطيف سان
عشق کان سواءِ اهڙو نظم تخليق ڪرڻ ناممڪن آهي:
هي ماڻهو تنهنجن بيتن کي
ڌرتيءَ کان ڌار ڇني ڪن ٿا
ٿيون وايون تنهنجون وار پٽن
۽ سُرڙا تنهنجا اوسارن
هيءَ ارهي سرهي دانهن ڏجان
اي چنڊ! ڀٽائيءَ کي چئجان!
”سر کنڀات“ ۾ لاکيڻو لطيف پنهنجي پرينءَ کي چنڊ
هٿان نياپا ٿو مُنجي:
اُڀر چنڊَ، پس پرين، تو اوڏا مون ڏُور،
سڄڻ سُتا وِلهه ۾، چوٽا ڀري ڪپُور،
پيرين آءٌ نه پُڄڻي، ٻاٻُل ڏي نه ٻُور،
جنهن تي چڙهي اَسُور، سنجهي سڄڻ سيٽِيان.
۽ انور چنڊ هٿان، پنهنجي محبوب شاعر لطيف ڏانهن،
ڏانهن ٿو اُماڻي- ارهي سرهي دانهن! هن لاکيڻي لطيف
جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو آهي ۽ هو لطيف کان متاثر به
آهي، پر هن لطيف کي ڪاپي نه ڪيو آهي ۽ اها هڪ وڏي
ڳالهه آهي.
انور جي سوچ، ٻولي، لهجي، سر ۽ لئه، گهاڙيٽن وغيره
جي انفراديت کيس ٻين شاعرن کان ڌار ڪري بيهاري ٿي:
ٿُڪ هجي ته کڻي
اُڇلائي ڇڏجي
جيون کي ڀلا
ڪاڏي ڪري
ڪاڏي ڪجي!!
انور سرءُ جا سور ان لاءِ سَٺا ته ”چيٽ ڦُٽي پئي
من!“ هو دنيا کي منهن ڏيڻ لاءِ، آڻ مڃڻ بدران دل
تي لت رکي ٽهڪ ڏيندو رهيو ۽ ڳائڻ تي آڀاريندو
رهيو:
سرخيءَ لڳل چپن جا ٽاڪا ٽوڙي موڙي ڳاءِ!
سنڌ، پاڪستان، ننڍي کنڊ ۽ سڄي دنيا جي اُگري
صورتحال انور جي آڏو هئي، انڪري هن جي شاعريءَ ۾
ڇتائي، تيزي، شدت، ڪڙاڻ ڀري پئي آهي- ۽ اُن ۾
نعريبازي به اچي وئي آهي. انور هڪڙو ڀيرو مون کي
چيو هو (۽ الاءِ ڇو چيو هو!) ته: ”پارٽيءَ اسان کي
عشق ڪرڻ کان جهليو آهي!“ مون هن کان اهو به نه
پڇيو ته ”ڪهڙي پارٽي؟“ ۽ رڳو هن سان گڏ آيل وينگس
ڏانهن مرڪي ڏٺو هو. پر هر شاعر وانگر انور جو به
ڪو پرين، ڪو پِيا، ڪو جاني- هو ضرور! توهين ان کي
’انقلاب‘ چئي سگهو ٿا:
ڪاميڇ ملي، ڪو پيار ملي،
ڪا هير گهلي، تون آءُ پِيا.
--
جاني ري هتي جڳ ۾ انور،
جي به جياسي جاڙ جيا.
انور اکين تي کوپا چاڙهي وقت/حالتن جي گهاڻي ۾
گهمندو نه رهيو، بلڪ پيڙبو رهيو. هن وٽ يقيناً هڪ
نظريو هو. امن آشتيءَ جو. ”سنڌ سڪار ۽ عالم آباد“
جو نظريو- پر منهنجي راءِ ۾ شاعري (جيڪڏهن شاعري
آهي ته) بذات خود هڪ نظريو آهي. ڏسڻو اهو پوندو ته
انور پيرزادي جي شاعريءَ ۾ نظريي بڻجڻ جي ڪيتري
سگهه آهي؟!
انور ٻاهران توڙي اندران اَسانتيڪو هو. هڪ بي چين
۽ بيقرار روح! هن جي آسپاس- ڏيههپرڏيهه- جيڪي ڪجهه
ٿي رهيو هو، اُهو انتهائي اڻوڻندڙ ۽ اُگرو هو. ان
سموري وِهه کي امرت ڪرڻ جو هن وٽ واحد وسيلو شاعري
هئي ۽ هو بنيادي طور تي هڪ شاعر ئي هو، ٻين کان
مختلف ۽ منفرد. مون کي ٻن شاعرن جي نه لکڻ جو
سدائين ڏک رهيو- هڪ شمشيرالحيدري ۽ ٻيو انور
پيرزادو! (هاڻي ان ۾ ٽيون نالو به آهي سروپچندر
شاد!)
۽ اها 7- جنوري 2007ع جي صبح جي ڳالهه آهي، جڏهن
شاهه محمد پيرزادي جي فون آئي هئي. آءٌ سحر کي
اُٿاريان ٿو. پهرين ڄام شورو ٽول پلازا تي پڄون
ٿا، پوءِ ڪوٽڙي اسٽاپ تي. موبائيل جي رِنگ وڄي ٿي.
”اسين ايمبولينس ۾ آهيون. ڄام شوري ٽيشڻ وٽ پهچو!“
اعجاز منگي چئي ٿو، ايمبولينس لانگهائو ٿئي ٿي.
اسين ان جي ڪڍ لڳون ٿا. ڄام شوري ٽيشڻ وٽ اسين
پنهنجي دوست- پنهنجي شاعر انور پيرزادي جو آخري
درشن ڪريون ٿا! ايمبولينس هاءِ وي تي وڃڻ ٿي لڳي ۽
اسين (اعجاز- آءٌ ۽ سحر) هٿ لوڏي پنهنجي ساٿيءَ-
پنهنجي شاعر انور پيرزادي کي الوداع چئون ٿا!
ڪنهن سَٽَ ڏني ۽ تار ڇني،
سو ساز ڀڳو، جنهن گيت چيا!
تون نه مُئين
سُورَ!
(نامياري چترڪار ظفر ڪاظميءَ جي ياد ۾)
دارا ابڙو
جنوريءَ جي 12 تاريخ صبح جا 6 ٿيا هئا، فون جي
گهنٽي وڳي. خبر نه آهي ته ڇو مون کي اُن وقت فون
جي گهنٽيءَ جو آواز، ڪنهن اڻ وڻندڙ انديشي جي آمد
۽ ڪنهن وڏيءَ پيڙا جي پرُوڙ جو پيغام پئي لڳو!
رسيور ڪن تي رکي خاموشيءَ سان انتظار ڪرڻ لڳس. ٻئي
طرف کان آمريڪا ۾ رهندڙ منهنجي پُٽَ زاهد دارا
(جانيءَ) جو آواز آيو: ”بابا...“ مون جواب ۾ هڪدم
وراڻيو: ”جاني! مٺا... خير ته آهي؟“ ڀريل آواز ۾
وراڻيائين: ”بابا... سائين ڪاظمي صاحب جن پيالو پي
ويا... اوهان هينئر ئي سندن گهر پهچو.“ مون کيس
دلداري ڏيندي چيو ته: ”اوهان فڪر نه ڪريو... آءٌ
هينئر ئي نڪران پيو.“ فون بند ڪري فليٽ مان نڪري،
رڪشا وٺي يار جي آخري ديدار لاءِ سنڌ ميوزيم ڏانهن
روانو ٿي ويس.
ذهن ۾ بيشمار خيالن جو واچوڙو ڦرڻ لڳو. تقريباً اڌ
صديءَ جي پياري يار ۽ سنڌ جي نامياري چترڪار ظفر
ڪاظمي جي شخصيت ۽ فن سان ڳنڍلي دلپذير يادن جو اڻ
کٽ سلسلو فلم جي هڪ هڪ فريم جيئن اکين جي اڳيان
گهمڻ لڳو. خيالن ۾ گهيريل هوس ته اوچتو رڪشا بيٺي.
”گهر اچي ويو،“ رڪشا ۾ مون سان گڏ ويٺل منهنجيءَ
وائيف جي آواز تي خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو ۽ ظفر
تصور ۾ مون وٽ اچي هڪ دفعو ٻيهر جدا ٿي ويو!
ظفر سان منهنجي تازي ملاقات بنهه ٻه ڏينهن اڳ ٿي
هئي. هميشه وانگر وڏي اُتساهه سان مليو ۽ گهڻيءَ
دير تائين اِشارن ۾ ڳالهيون ٿينديون رهيون. سندس
اشارن جي انداز مان چڱيءَ ريت سمجهي پيو سگهان ته
ڇا چئي رهيو آهي. سندس اظهار جو انداز صاف ۽ چٽيءَ
طرح سفر جي ”آخري منزل“ جو اشارو پئي لڳو. گهڻيءَ
تڪليف جي باوجود به پاڻ ڏاڍو باهمت ۽ آسوَند پئي
نظر آيو.
ظفر سان منهنجي ويجهڙائيءَ 60 جي ڏهاڪي دوران سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ ٿي، جتي (انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشن
اولڊ ڪئمپس) ۾ اسان ٻئي نوڪري ڪري رهيا هئاسون. ان
کان اڳ ڪاظمي صاحب جا ٺاهيل چتر سنڌي ادب جي ٻن
نالي وارن ادبي رسالن ”مهراڻ“ ۽ ”نئين زندگي“ ۾
ڏسي چڪو هوس، سندس ڪم، خاص طرح سان ”چونڊيل
موضوعن“ کان تمام گهڻو متاثر هوس، سندس ڪم ڪرڻ جو
دائرو ايترو ته وسيع هو جيتري سنڌ جي پنج هزار
ساله تاريخ! (جيڪا اڄ ڪلهه عام جي ذهنن مان تيزي
سان ميساربي پئي وڃي.) ظفر جڏهن سنڌ جي ثقافت کي
پنهنجي فن ۾ چٽڻ جو عزم ڪندي لطيف جي ڪردارن ۽
ٻهراڙيءَ جي روزمره واري زندگيءَ کي ڪئنواس تي
محفوظ ڪرڻ جي شروعات ڪئي، تڏهن نج سنڌي روايتون ۽
رسمون ڄڻ هٿن مان نڪرنديون پئي ويون. مثلاً صدين
کان وٺي سون نديءَ مان مليل معاشري جون ريتون
رسمون، اُٿڻيون ويهڻيون، سهرا، گيت ۽ لاڏا، سگهڙن
جا سخن، پهاڪا پروليون، ڪچهريون ۽ مارڪا، ميلا ۽
ملاکڙا، دُهل ۽ ڌمالون.
اُن دؤر ۾ به ظفر جي ڪم مان مون کي پوري يقين سان
لڳو پئي ته سندس هٿن ۾ جهليل برش ۽ رنگن جي پليٽ
جو کليءَ طرح اعلان هو سنڌ جي هر ثقافتي شيءِ کي
هميشه لاءِ پنهنجي ڪلا ۾محفوظ ڪري ايندڙ پيڙهين کي
سندن سڃاڻپ ڪرائڻ جو.
ظفر ذهين چترڪار هو هتي جي سادن سودن ماڻهن جو، ٿر
جي ماروئڙن، سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن جو، ڌنارن
ميهارن ۽ ٻڪرارن جو، جيڪي روز سج اُڀرئي کان وٺي
سانجهيءَ تائين پنهنجو مالڙو ڪاهي جهنگ جو رُخ
ڪندا آهن. پوءِ سڄو ڏينهن لسيءَ لپ ۽ جوئر ڍوڍي تي
غاريبو گذران ڪندي، ليَن ۽ لاڻين، ٻيرن ٻٻرن ۽
گهاٽن کٻڙن جي ڇانون ۾ ويهي مال جي ڳچيءَ ۾ٻڌل
چَڙن ۽ ٽَلين جي سُريلن آوازن سان سُرُ ملائي لطيف
سائينءَ جا بيت ۽ ڪافيون جهونگاريندا رهندا آهن،
ته ڪڏهن وري جهنگ جي پکين- چانهه، چيهن، تترن،
تلورن ۽ ڳيرن جي ڳُٽڪارن يا ڪوئل جي من موهيندڙ
ڪوڪن تي بانسري، بوڙينڊي ۽ نڙ پاون جي پڪار ۽ چنگ
جي چُونگار سان جهر جهنگ جي ماٺيڻي ماحول کي مست
بڻائي ڇڏيندا آهن.
ته ٻئي طرف ظفر کي نظر پيا اچن ميلن ملاکڙن ۾
پينگهن جا منظر ۽ ٻارڙن جون چوڏيلن جي رينگٽن تي
رڙيون. پري کان شرناءِ جي سُرن سان گڏ دهل جي
ڊرنبڪ واري ڏونڪي تي ملهن جا جوڙا هڪ ٻئي کي سندرا
پيا ٻڌن. چوڌاري ملاکڙو ڏسڻ جا شوقين نصرپور جي
کيسن ۽ ٿر جي ڏاسن جي کٿن سان ڪانڀ ڪڍي ويٺل، ته
ٻيا وري ڪلهن تي هٿ رکي يا هڪ ٻئي جي چيلهن ۾ ڀاڪر
وجهي ميدان ۾ لٿل ملهن کي شابس پيا ڏين ۽ ڪرسين تي
ويٺل ڪامورا ۽ وڏيرا کٽيندڙ ملهن تي انعام طور نوٽ
پيا گهورين. ملهه به وڏيرن ۽ صاحبن جي اڳيان گوڏا
کوڙي هٿ وڌائي نوٽ وٺي سلام ڪري سڄي ميدان ۾ نچندا
ڪُڏندا نظر پيا اچن.
اچو ته ڏسون ظفر ڪاظميءَ جي چترن ۾ درويشن جي
درگاهن تي پري پري کان آيل پانڌيئڙن جا ويس وڳا...
مٿي تي ٻڌل پٽڪن جا مختلف ڀير، پيرن ۾ ڀرت ڀريل
رينگٽن واري جُتي سان وڏن قدمن جي لچڪدار لوڏ تي
محبوب جي هٿن جا هُرمچي ڀريل تُرن جا تجلا، کاڌيءَ
جون کسي ڳلي واريون قميصون، وَرَ کنجيل
وڏيونگهيردار سلوارون ، ڳچيءَ ۾ ڳانا، ڪنٺا تعويذ
۽ سڳڙا، ڪولابن وارن هٿن ۾ چمڙو چڙهيل نيٽَ جا
لڪڻ، چاپئيون ڏاڙهيون، مُڇون مروٽيل، شهپر شهتير،
ڪنن ۾ سون چانديءَ جون ڪيوٽيون، ڪلهن تي ڦلڙيءَ
وارن اجرڪن جا بوڇڻ،چيلهه تي ٻڌل لُنگين جا سندرا.
ائين پيا لڳن ڄڻ موهن ۽ ڪاهوءَ جي دڙي وارا ساڳيا
ملوڪ ماڻهو اچي اسان سان مليا هجن ۽ گڏ کلي کائين
پيا پيڙا ۽ برفيون، ڳنڍا ۽ قلفيون، سڱر ۽ پڪوڙا،
توت ۽ ڀڳڙا، وڙا ۽ لائي، شربت جي ڀريل گلاسن سان.
رات اچي وئي مچ مچي ويا
سگهڙ ۽ سازيندا به اچي ويا
لطيف سائينءَ جا بيت ۽ وايون
الڻ فقير جي الله هُو
سڀ ڪو چوي حق تُو هي تُو
آيو مصري خان جمالي
الغوزي تي سُڻ ڪوهياري
الڻ فقير جي الله هُو
سڀ
ڪو چوي حق تُو هي توُ
ظفر جي هر تصوير هڪ پيغام، هڪ آس، هڪ خوشي ۽ ڪيترن
ئي اُٿندڙ اُڌمن، بيشمار جذبن ۽ اڻ کٽ اميدن سان
ڀريل رنگن جي راند هئي، جيڪا يار ويهي کيڏندو هو
وهندڙ واهن ۾ پَر پُسائي کنڀڙا کولي خوش ٿي ڪڏندڙ
ڪٻرين، ڪانون، طوطن سان پر پکيڙيل مورن سان، جهمر
پائيندي جهرڪين سان. هو پينٽ ڪندو هو کڏن کامن کي،
اُترپار کان ايندڙ ميگهه ملهارن، ڪارن ڪڪرن، وڏڦڙي
تي ٿر جي ڀِٽن کي، هن جي مصوري ڄڻ سنڌ جي فطرت جي
شاعري هوندي هئي. ”ڪري قطارون نڪتيون ناريون“، جهڙ
ڦڙ جهڙ ڦڙ جهمريون پائي، نيلا پيلا ويس مٽائي،
گهاگهر گهڙي کي چيلهه تي چاڙهي، چُني چادر کي چڪڙو
پائي، چوڙي واري ٻانهن لوڏائي، گيت خوشيءَ جا هر
هر ڳائي، حُسن هليو آ ميگهه ملهائي.
جِي ها!... ظفر جو رنگن ۽ برشن جي مدد سان ٿر جي
ماروئڙن جي آسن ۽ اُميدن، اُمنگن ۽ جذبن کي اظهارڻ
وارو انداز ڪيترو نه حسين ۽ دلفريب آهي!
لاکيڻي لطيف سائينءَ جون سورميون ظفر جي تصويرن جا
خاص ڪردار رهيا آهن. ظفر انهن کي شاهه جي ورقن مان
کڻي بيتن ۽ واين مان وٺي رنگ رهائش جا ڏئي، روپ
وفائن جا ڪتي، ڪامياب ڪوشش ڪئي محب ملائڻ جي، هُن
پار هلي پهچائڻ جي
ڏسو ڪينجهر ڪناري، ڪنول کلائي
ملي نوري، ڄام تماچي سان
گڏ کِکين سندي کاريءَ سان
سُهِڻي محب ملڻ لاءِ ماندي آ
جنهن ميهر سان لئون لاتي آ
کڻي گهڙو سا ٻانهُن ۾
وچ سير ملڻ لئه آتي آ
---
وٽ سوريندي لهاويم تيل ٻَري
موٽ مسافر سُپرين چانگي تي چڙهي
راڻي لاءِ رڙي ويئي وهامي راتڙي
(شاهه)
ظفر سنڌ جي نينگرين جي لباسن کي پنهنجي فنپارن ۾
خاص جڳهه ڏني آهي. هن، سندن لٽن ڪپڙن کي انڊلٺ
مان شوخ ۽ نکريل نيرا پيلا ڳاڙها ۽ ساوا رنگ کڻي
سينگاريو آهي. ململ جي چُنيءَ، چڪني جا چولا،
سوسيءَ جون سلوارون کڏي کڌڙ جا گهيردار گهگهرا تن
تي ڪاون واري هلڪي هُرمچي ڪوڏين موتين، زريدار
پلڙن ۽ پٽ ريشم جون ڀرت ڀريل ڊزائنون چِٽيون آهن.
ظفر ئي آهي تن جو سونار وينجهار- سينگاري ٿو تن کي
جيئن لڳن من موهڻيون. نڪن ۾ تني جي نٿ، لونگ، ڪوڪا
يا بئنسر ۽ بولا، ڳچين ۾ تن جي هس هار دُهريون
چندن هار چوپڪليون گلوبند ۽ ڪٺمال. ٻانهن ۾ ڪنگڻ ۽
وٽ دار چورا. هٿن ۾ ويڙهه، ميناڪاريءَ واريون
منڊيون ۽ چانديءَ جا ڇن ڇن ڪندڙ ڇلا. پيرن ۾ پٽيون
ڪڙا ۽ ٽوڙها. ظفر پنهنجي تصويرن ۾ انهن سڀني زيورن
جو دل کولي موقعي مهل سان استعمال پئي ڪيو آهي.
زيورن جي جوڙجڪ ۽ انهن جي مٿان رنگين ٻُڙن جو
جڙاءُ، هن جي مصوريءَ ۾ ميناڪاريءَ جو ڪم وڏيءَ
خوبصورتي ۽ پختگي سان ٿيل آهي.
انهن خوبصورت روايتي زيورن جي استعمال جو رواج
صدين کان وٺي سنڌ جي عورتن جي سونهن سوڀيا پئي
رهيو آهي، پر موجوده دور ۾ انهن زيورن جي پائڻ جو
رواج تيزيءَ سان گهٽبو پيو وڃي. لڳي ٿو ته ڪجهه
عرصي کان پوءِ اهي روايتي سنڌي ويس وڳا ۽ ڳهه ڳٽا
اسان فقط ڪاظمي صاحب جي چِٽيل چترن ۾ ئي ڏسي
سگهنداسون، جيڪي هو اسان لاءِ پنهنجي مصوريءَ ۾
محفوظ ڪري ويو آهي. سچ ته هيءُ آهي ته سنڌ ميوزم
جو اصل بانيڪار به ڪاظمي صاحب پاڻ آهي. سڄي حياتي
اُن کي سجائڻ ۽ سينگارڻ ۾ صرف ڪيائين، جتي سندس
سالن جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ سخت محنت سان ڪيل ڪم موجود
آهي. سنڌ جي مختلف آرٽ گئلريز ۽ عجائب گهرن ۾- جن
۾ خاص طرح سان قابل ذڪر ”ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر“
آهي- جتي سندس تصويرن سان گڏ ”Diorama“
پڻ رکيل آهن، جيڪي سندس فن ۽ صلاحيتن جا بيمثال ۽
نادر نمونا آهن، لطيف سائينءَ جي بيتن تي ٺهيل
انهن سورمين جا من موهيندڙ الڳ الڳ انداز ڏسندڙن
کي حيران ۽ مسرور ڪرڻ لاءِ هر وقت منتظر آهن.
ساڳيءَ ريت ان کان به وڌيڪ سندس ڪيل ڪم حيدرآباد
جي ”سنڌ پراونشل ميوزم“ ۾ موجود آهي، جتي ڪاظمي
صاحب ڊگهي عرصي تائين ڊائريڪٽر جا فرائض انجام
ڏيندو رهيو. محدود سرڪاري وسيلن جي باوجود به هن
عجائب گهر جي آرٽ گئلري ۾ ڏيکاريل ثقافتي ورثو
جنهن ۾ سنڌ جي پورهيت طبقي جا ڪم ڪاريون، زندگي
گذارڻ جا ڍنگ، ٻارڙن جو رانديون رونديون، عورتن جا
ويس وڳا، زيورن جا مختلف نمونا ۽ انهن جي پائڻ جا
الڳ الڳ انداز ڏيکاريل آهن. سنڌ جي ثقافتي ورثي جو
وسريل خزانو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان گڏ ڪري ميوزم ۾
محفوظ ڪيو ويو آهي. ظفر جي ڪيل انهيءَ مثالي ۽
تاريخي ڪم کي اسان ڪڏهن به وساري ڪونه سگهنداسون،
ڇو ته اسان پنهنجي ايندڙ نسلن کي صدين کان پاتال
۾ پيل پاڙُن جي پروڙ ۽ ورثي جو وچور ڪاظمي صاحب جي
ئي هن ڪيل ڪارنامن مان ڏيکاري سگهون ٿا. ظفر جي
وڇوڙي کان پوءِ مهراڻ جي ماڻهن جي هٿن مان هي ٽيون
اُملهه موتي ڇڏائي عميق ۾ هليو ويو آهي. هن کان اڳ
سائين ع.ق. شيخ صاحب ۽ علي اڪبر سومرو لاءِ جدا ٿي
ويا آهن پر سندن ياد اسان جي آسپاس، دلين جي ويجهو
۽ ذهنن ۾ هميشه قائم آهي.
ظفر ڪاظمي: ”سچ جو سپاهي“
هڪ مهان ڏاهي جو چوڻ آهي ته ”سچائيءَ جي خاطر
ميدان ۾ مارجي وڃڻ سڀ کان عظيم انت آهي.“ سنڌ جي
مهان چترڪار ظفر ڪاظمي سڄي ڄمار برجسته سچ چوندي ۽
منافقن جي مڪروه چهرن تان برملا نقاب چاڪ ڪندي،
تمام ٿورا دوست، ڳچ دشمن ۽ کوڙ بدخواهه پويان
ڇڏيا. هونئن ته سندس زندگيءَ جو موازنو ”موازنه
اَنيس و دبير“ جيان مائيڪل اينجلو ۽ ليونارڊو
ڊوانچي سان ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته پاڻ هنن ٻنهي
مهان ۽ آدرشي ڪلاڪارن وانگر مشاق مصور ۽ سنگتراش،
آرڪيٽيڪٽ ۽ شاعر هو، پر سندس اصل موازنو يونان جي
جهوني فيلسوف استاد ديوجانس ڪلبي سان ڪرڻ گهرجي،
جنهن پنهنجي زندگي ڪمال سادگي سان هڪ ننڍڙي ٽب ۾
گذاري ڇڏي ۽ اُهو ٽب به ماڻهن پراڻو سمجهي رستي تي
ڦٽو ڪري ڇڏيو!
جڏهن 2002ع ۾ مان ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ بدلي ٿي آيس
تڏهن ڪاظمي صاحب سان تمام گهڻيون ڪچهريون سنڌ
ميوزيم ۾ ٿينديون هيون، جنهن جو هُو باني، خالق ۽
عاشق هو. سندس ”منهن تي سچ چوڻ“ واري بيڌڙڪ ۽
مستقل عادت عام ۽ روايتي نوڪر شاهيءَ کي اصل ڪانه
وڻندي هئي، پر مان هميشه کيس ”سچ جو سپاهي“
ڪوٺيندو هوس ۽ ذاتي طرح کيس گهڻو پسند ڪندو هوس.
ڪاظمي صاحب پنهنجي سرڪاري رهائشي ڪوارٽر کي
”ديوجانس وارو ٽب“ سمجهندو هو. هڪ ڏينهن موڊ ۾ اچي
ديوجانس بابت پاڻ ٻڌايائين ته ”جڏهن سڪندراعظم
ديوجانس کان پڇيو ته مان تنهنجي لاءِ ڇا ٿو ڪري
سگهان؟“ تڏهن عظيم فيلسوف ڪمال بيزاري ۽ بي
نيازيءَ مان وراڻيو ته ”مهرباني ڪري منهنجي ۽ اُس
جي درميان هڪدم هٽي وڃ!“ ديوجانس کي ”ڪلبي“
(عربيءَ ۾ ڪتن وارو) انهيءَ ڪري چوندا هئا ته هن
جي نظريه مطابق ”ڪتو انسان کان وڌيڪ وفادار ۽ سچو
سڄڻ آهي. انسان کان وڌيڪ دغاباز ۽ بيوفا جِيو شايد
ئي ڪوئي ورلي ملي!“ ظفر ڪاظمي هڪ حساس دل، روشن
ضمير، صاحبِ طرز مصور هو. سنڌي لوڪ ادب کي ڊاڪٽر
بلوچ جهڙو عظيم ۽ اورچ ريسرچ اسڪالر بيشڪ مليو، پر
ظفر ڪاظمي جهڙي اڻٿڪ، جاکوڙي، بيباڪ ۽ سڄاڻ ”فيلڊ
آرٽسٽ“ ۽ ڪامل مصور
Implementor
کان سواءِ ڀٽ شاهه ڪلچرل
سينٽر، سنڌ ميوزيم، دائودپوٽه لائبرري ۽ مهراڻ
آرٽس ڪائونسل دراصل اَڌورا اڌورا رهجي وڃن ها. ظفر
بيشڪ ڪؤڙو (Bitter)
ڳالهائيندو هو، پر اِهو ڪؤڙو سچ، هن جي ذات ۽ ڏات
جي سڃاڻپ هو.
- گل محمد
عمراڻي
وهه ماکي جي ڪن
(الياس عشقيءَ جي ياد ۾)
ڊاڪٽر سحر امداد حسيني
الياس عشقي هڪ شاعر هو. هن جي مزاج، هن جي رويي،
هن جي دل، هن جي حساسيت، هن کي ساري سڀ ڄمار نج پج
شاعر ئي رهڻ ڏنو. جيتوڻيڪ وڏيءَ عمر ۾ هو تحقيق
ڏانهن پڻ نهايت سنجيدگيءَ سان ويو، هن پي.ايڇ.ڊي
به ڪئي. هو سنڌ جي انهن چند خوش نصيب ماڻهن منجهان
هو، جن کي ساڳئي وقت گهڻين ٻولين تي عبور هو.
فارسيءَ ۾ ڪيل سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”شهر آسوب“
ڇپيل آهي، جيڪو فارسيءَ تي سندس دسترس کي ظاهر ڪري
ٿو. جديد سنڌي شاعريءَ جي چونڊ شاعرن جو اردوءَ ۾
ڪيل بهترين ترجمو ”موج موج مهراڻ“ ترجمي کان وڌ
تخليق ڀاسي ٿو، جنهن جو بنيادي ڪارڻ عشقي صاحب جو
سنڌي ٻوليءَ تي عبور هو. ان ترجمي جو ڪمال اهو آهي
ته سنڌي شاعريءَ جو اردو شاعريءَ ۾ ترجمو ڪندي،
بحر وزن کي قائم رکندي به، سنڌي شعر جي منظوميت ۽
معنويت کي ڇيهو نٿو رسي، شعر جو روح ضربجي نٿو.
الياس عشقيءَ نه رڳو سنڌي شاعريءَ جو ترجمو ڪيو،
پر هن سنڌي ٻوليءَ ۾ تمام خوبصورت شاعري پڻ ڪئي.
هن جو شعري آهنگ، سنڌي ٻوليءَ تي سندس دسترس،
خوبصورت خيال کي سنڌي ٻوليءَ ۾ سمائڻ ۽ خود سنڌي
شاعريءَ جي مختلف صنفن ۽ انهن جي مختلف مزاج
پٽاندر انهن صننف کي ورتائڻ جو هنر، خوبصورت خيالن
کي تز سنڌي ٻوليءَ ۾ سمائڻ جو حسن، سنڌ ۽ سنڌيت
سان عشقيءَ جي عشق جو دليل آهي.
1977ع ۾ جڏهن سندم سائين امداد حسيني ”مهراڻ“ (ٽه
ماهي) جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو، تڏهن ان دور ۾
امداد جي چوڻ تي الياس عشقيءَ شاهه عبداللطيف
ڀٽائيءَ بابت انيڪ تحقيقي مقالا پڻ لکيا هئا. دوهي
سورٺي ۽ بيت جي فني ٽيڪنڪ بابت الياس عشقيءَ جي
راءِ نهايت معتبر ۽ مستند تسليم ڪجي ٿي. هُو جو
دوهي ۽ سورٺي جي ديس جو ماڻهو هو. جئپور هن جي جنم
ڀومي هئي. جئپور ۽ جوڌپور جيڪي قديم سنڌ جا ماڳ
مڪان آهن. شاندار سڀيتا ۽ لازوال لوڪ گيتن جي ديس-
راجسٿان جا شاندار شهر.
راجسٿان قديم سنڌ جي لوڪ ڪٿائن، ڳاٿائن، ڳيئن،
ڳيچن جو ديس آهي، ان حساب سان الياس عشقيءَ پاڻ کي
سدائين ”سنڌي“ سمجهيو. هو دل سان هڪ ”سنڌي“ هو.
اهوئي سبب هو جو هن رٽائرمينٽ کان پوءِ مستقل
رهائش لاءِ سنڌين جي نئين آباديءَ قاسم آباد ۾ رهڻ
جو فيصلو ڪيو ۽ اتي پنهنجو آشيانو اڏيو، زماني جي
ستم ظريفي چئجي يا سياست جون ڪارستانيون چئجن، جو
هڪ ”سنڌ جي سچي پچي سڄڻ“ کي ڀڳل دل سان سنڌين جو
پاڙو ڇڏڻو پيو! صرف انڪري جو هن جي گهرُو ٻولي
سنڌي نه هئي. ته ڇا ڪو انگريزي ڳالهائيندڙ سنڌي
نٿو ٿي سگهي؟ ته ڇا ڪو سرائيڪي ڳالهائيندڙ سنڌي
نٿو ٿي سگهي؟ ته ڇا ڪو عربي ڳالهائيندڙ، ڪو فارسي
ڳالهائيندڙ، ڪو روسي ڳالهائيندڙ سنڌي نٿو ٿي سگهي؟
ان وقت، ان وسنديءَ مان ڪو هڪڙو شخص به اهڙو نه
اُٿيو، جيڪو اهو چئي ته ”عشقي ته شاهه لطيف جو
عاشق آهي، ان جو شارح آهي. عشقي سنڌي ٻوليءَ جو
سڄاڻ شاعر آهي. هن کي لڏائڻ لطيف کي لڏائڻ آهي.“
پر خود لطيف کي به ته لڏايو ويو هو، سندس ئي جنم
ڀوميءَ تان!
هو هُتان کان هِت آيو هو، پنهنجي ڦوهه جوانيءَ ۾
هو ”مهاراجا ڪاليج جئپور“ ۾ پڙهيو هو، آگري
يونيورسٽيءَ مان ايم.اي ڪيائين اردوءَ ۾ ايم.اي
کان پوءِ اتيئي مهاراجا ڪاليج جئپور ۾ اعزازي طور
پڙهايائين. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ ڪوٽڙيءَ ۾ اچي
رهيو ۽ اتي ڪجهه عرصو سرڪاري اسڪول ۾ پڙهايائين.
1950ع کان ريڊيو پاڪستان سان منسلڪ ٿيو. هي اُهو
دور هو جڏهن زيڊ.اي بخاريءَ جهڙو يڪتا براڊڪاسٽر،
ريڊيو جو سرواڻ هو ۽ زيڊ اي بخاري ڪڏهن به ڪنهن
کوٽي سِڪي کي ڪونه اگهايو. الياس عشقي ريڊيو تي
پروگرام پروڊيوسر جي حيثيت سان آيو. پهرين اسسٽنٽ
ريجنل ڊئريڪٽر ۽ بعد ۾ اسٽيشن ڊئريڪٽر جي حيثيت ۾
مختلف شهرن ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. 1982ع ۾
ڪنٽرولر آف پروگرامز جي عهدي تان اسلام آباد مان
رٽائرڊ ٿيو.
اسين پڇاڙيءَ تائين باقاعدگيءَ سان ساڻس ملڻ ويندا
هئاسين. هو سدائين گهڻي محبت ۽ اُڪير سان ملندو
هو.
هو اسان سان سدائين سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندو هو. ڪلاڪن
جا ڪلاڪ اسان جي ڪچهري هلندي هئي. هن سان ملڻ وڃبو
هو، ته ڏاڍو خوش ٿيدو هو. انڪري ڪيترائي ڀيرا اسان
کي پنهنجن هٿن سان پنهنجي وزيٽنگ ڪارڊ تي لکي
اماڻيندو هو ته ”ادراڪ“ جي گڏجاڻي ۾ اچجو. ۽ اچڻ
لاءِ فونون ڪندو هو ۽ اسين سدائين سندس دعوتن تي
چوندا هئاسين ”اکين سان!“
ياد اٿم جڏهن ٽن ساڍن تن سالن جي تڪليف ده انتظار
کان پوءِ امداد جو مجموعو ”هواجي سامهون“ 2000ع ۾
نيٺ ڇپجي آيو، تڏهن مون ئي چيو هو ته: امداد سان
ڪا شام ملهائجي. هن کي
Tribute
ڏجي. امداد ته
as usual
منع ڪيو هو ۽ چيو هو، ته ڪهڙي ضرورت آهي؟ پر
بهرحال مون اهڙو پروگرام ٺاهيو ۽ جڏهن پيپر پڙهڻ
وارن جا نالا لکيم، تڏهن مون مهورتڪار لاءِ الياس
عشقيءَ جو نالو سوچيو، پر عشقي صاحب جي وڏي عمر،
طبيعت جي ناچاقيءَ جو سوچي اهو خيال لاهي ڇڏيم. پر
فنڪشن کان ٽي ڏينهن پهرين امداد کي چيم ته: عشقي
صاحب کي دعوت ضرور ڏيون، نه ته هو ڏک ڪندو. ڪهڙي
خبر ته هن جو اچڻ جو من هجي. سو، وٽس هليا وياسين.
هو اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته آءٌ ضرور
ايندس ۽ ڪتاب جو مهورت به آءٌ ئي ڪندس. سو، کيس
چيوسين ته، هو ڪتاب جي مهورت ڪري ڀلي هليو وڃي،
سندس دعا جا قدم به ڀلا. هو آيو ۽ پنهنجي گهر
واريءَ سوڌو آيو. سڀئي مُک مهمان ۽ پيپر پڙهندڙ
اسٽيج تي پنهنجين پنهنجين ڪرسين تي ويهي چڪا هئا.
اوچتو سامهون دروازو کليو ۽ الياس عشقيءَ جي چهري
جو سورج اُڀريو. مون ۽ امداد هيٺ لهي وڃي سندن
آڌرڀاءُ ڪيو ۽ عشقي صاحب کي اسٽيج تي وٺي آياسين.
الياس عشقيءَ ڪتاب جو مهورت ڪيو، ۽ چيائين ته آءٌ
ڳالهائيندس به. مائيڪ اُتي ئي ٽيبل تي آندا ويا. ۽
عشقي صاحب ذري گهٽ ڪلاڪ کن ڳالهايو، بنان ڪنهن پني
جي، محض پنهنجي يادداشت جي بنياد تي. هن جي ڪيل ان
تقرير جا ابتدائي لفظ هئا:
”منهنجي حالت اهڙي ڪانهي جو ڪا وڏي تقرير ڪري
سگهان، پر بيمار هئڻ جي باوجود اچي حاضر ٿيو
آهيان، جو تقريب اهڙي آهي، اهڙي دوست جي آهي، اهڙي
ڪتاب جي آهي، جو رهي نه سگهيس.“
هو ان بيماريءَ جي حالت ۾ به ڪتابن جي دُڪانن تي
ويندو هو ۽ پنهنجي پسند جا ڪيئي ڪتاب وٺي ايندو
هو. جيسين پڙهي ٿي سگهيو، تيسين پاڻ پڙهندو هو.
جڏهن پڙهڻ کان رهجي ويو، تڏهن سندس دوست ۽ ڌيئر
کيس پڙهي ٻڌائيندا هئا. آخري عمر تائين سندس
يادداشت بنهه چٽي هئي. 18- نومبر 2000ع جي ان شام
هن هڪ اهم ڳالهه ڪئي هئي، هن چيو:
”مون کي فخر آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا جيڪي ٽي جديد
شاعر آهن: اياز، تنوير ۽ امداد- ٽنهي سان منهنجي
دوستي رهي آهي. ٽنهي سان گهڻي ويجهڙائي رهي آهي.
پر اياز ۽ تنوير جو آءٌ احترام ڪندو آهيان، پر
امداد سان مان محبت ڪندو آهيان، امداد منهنجي خيال
۾- ڪي ماڻهو ٿي سگهي ٿو مون سان اتفاق نه ڪن- پر
منهنجو اهو خيال آهي ۽ مون کي پڪ آهي ۽ انهيءَ چوڻ
۾ مون کي ڪابه هٻڪ ڪانهي ته امداد سنڌي شاعريءَ جو
پهريون ۽ اڄ تائين آخري جديد شاعر آهي. اياز وڏو
شاعر آهي. تنوير دوست شاعر آهي، پر انهن ٻنهي
شاعرن کي مان جديد شاعر نٿو سمجهان. هي روايتي
شاعريءَ جا تمام وڏا شاعر آهن. هنن جو ڪو مَٽ
ڪونهي ڪو. هنن جو نالو سنڌي شاعريءَ جي سونهري
تاريخ ۾ لکبو، پر مان جيڪا ڳالهه ڪريان ٿو ته
امداد جديد شاعر آهي. هن ۾ مون اهڙي ڳالهه ڏٺي آهي
جيڪا ڪنهن به سنڌي شاعر ۾، نه هتي پاڪستان ۾ ۽ نه
هندستان ۾ ڪنهن وٽ مون ڏٺي آهي.“
۽ پڇاڙيءَ ۾ عشقي صاحب پنهنجوئي ترجمو ڪيل امداد
جو نظم ”حملو“ پڻ ٻڌايو هو ۽ چيو هو ”جيڪو نظم
اردو ترجمي ۾ اچي ايترو
Forceful
ٿي سگهي ٿو، اهو نظم سنڌيءَ ۾
ڪيڏو نه جاندار هوندو!“
الياس عسقي 85 سالن جي طويل ڄمار ماڻي، ان ڄمار جو
هرپل هن علم جي راهه ۾، شعر ادب جي راهه ۾ سجايو
ڪيو. هو جو هڪ عالم باعمل هو، ان جي عظمت جو
اندازو اسين هن جي ڪسر نفسيءَ مان ڪري سگهون ٿا،
ته ايترو ڄاڻڻ جي باوجود هن پاڻ لاءِ اهوئي چيو
ته: ”هن ڪجهه نه ڄاتو!“ سندس وفات کان هڪ سال اڳ
يعني جنوري 2006ع ۾ ڇپيل پنهنجي شعري مجموعي ”گنبد
بي در“ ۾ پهريون ئي جملو هو پاڻ بابت لکي ٿو ته:
”مين خود کو شاعر اور اديب نهين سمجهتا، ميري
شاعري کي مجموعي بعض احباب ميري مرضي کي خلاف شائع
کر رهي هين. انهين اختيار هي. دوستون کا بڙا حق
هوتا هي، اور پهر ميري تحريرون کو مجهه سي زياده
انهون ني محفوظ رکها هي.... پر تجربي کي بعد يهي
معلوم هوا که شاعري ”چيز دگر است“ ايک آنچ کي کسر
ره جاتي هي اور اسي ايک آنچ کو شاعري کهتي هين، جو
هر عهد مين گنتي کي چند افراد کا مقدر هوتي هي.“
هو وڌيڪ لکي ٿو: ”شاعري کي کوئي حتمي تعريف نهين
هي بجز اس کي که سنتي اور پڙهتي هي معلوم هوجاتا
هي که شاعري هي يا نهين. حقيقت يه هي که ”شاعري يا
هوتي هي يا نهين هوتي“ بڙي همت شکن بات تهي مگر
سمجهه مين آگئي.“
ڪاش! اها ڳالهه اسان جي ”اَ شاعرن“ کي به سمجهه ۾
اچي، جيڪي هروڀرو شاعر هجڻ تي ضد ٻڌيو بيٺا آهن!
الياس عشقيءَ پنهنجون تحريرون، پنهنجا شعر نه
سنڀاليا. پر پاڻ دنيا جي بهترين ادب جا ڪتاب چونڊي
چونڊي ڪٺا ڪيائين. انهن کي ساهه سان سانڍيائين. هر
ڪتاب تي تاريخ درج ڪندو هو. پاڻ ڪَور چاڙهيندو هو،
ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه مان سانڍيندو ۽ سنڀاليندو هو.
هر ڪتاب پڙهندو هو. انهن تي حاشيا لکندو هو.
پنهنجي وڃڻ کان اڳ ۾ ئي اهي سڀ ڪتاب ٽرڪ ڀرائي،
ملتانجي هڪڙي لائبريريءَ کي ڊونيٽ ڪري ڇڏيائين ۽
گهر وارن کي به ڪونه ٻڌايائين. سندس ڌيئرن ڪتاب
وڃڻ وقت جڏهن چيو ته”ڇو ڏنوَ؟“ ته چيائين: ”اهي
ڪتابن کي سنڀاليندا ۽ مون جيان ئي پاٻوهه منجهان
سانڍي رکندا.“ الياس عشقي پاڻ ته پنهنجي شاعري
ڪانه سنڀالي، پر شابس هجي سندس دوستن محمود
صديقيءَ ۽ ٻين کي جن ان کي سنڀاليو. هونئن نه ته
ايڏا خوبصورت شعر ائين ئي وکريل رهن ها، ضايع ٿي
وڃن ها.
هن سنڌيءَ ۾ بيت جهڙي ڏکي ۽ نج سنڌي صنف ۾ نهايت
خوبصورت شاعري ڪئي. ”سر سارنگ“ جو حوالو رکندڙ
سندس 21 سٽن جو هڪ بيت، سنڌي بيت جي تاريخ ۾ هڪ
اهم مقام رکي ٿو:
آئي مُندُ ملهار جي، سائو ٿيو سنسار،
ولين ۽ وڻن ڪيا، سورنهن اڄ سينگار،
ٻهه ٻهه ٿي برسات ۾، برهه بوند بهار،
هليا مينهن وساوڙا، کليا کٽڻهار،
اُتر واءُ وري، وري سرها ٿيا سنگهار،
وٺا ٿر ۾ وڏڦڙا، ٿيا تَل ترايون تارِ،
مُئي مارئي ڪوٽ ۾، نڪا سار سنڀار،
ڏنا سِڪ پرين جي، دل کي درد هزار،
ڪينجهر پاسي کان اُٿيا، ڪڪر ڪارونڀار،
ڪنهن نوريءَ جي نياز کان، ٿيا نظارا نروار،
رهي سدائين سِڪ جي، من ۾ ساجن سار،
وريا نه وڻجارا ويل، جوڳي ڪنهن جا يار،
من ۾ مچ مچائي ٿي، پرين جي پچار،
مارُن جو من مگن ٿيو، وسيا سڀ ولهار،
چانڊوڪي ٿي چيٽ جي، چؤڏس ۽ چؤڌار،
رسيا پرين پرڏيهه کان، کِلي ڪن کيڪار،
ساجن سڀ قبوليا، وسريل قول قرار،
ملڻ سان محبوب جي هِنيون ٺري ويو ٺار،
منهنجو من ويو موهجي، ڀُلجي وئي ميار،
ويو ڊپ ڏهاڳ جو، لٿو برهه جو بار،
مٺڙا! سڀ ڄمار، تنهنجي ٻانهي ٿي رهان.
سندس شاعري سنڌي ڪلاسيڪي روايتن جو رنگ پسائي ٿي.
هن جي رڳو ان هڪڙي بيت ۾ سنڌ جا سهسين رنگ چٽيل
آهن. هن جي اردو شاعريءَ ۾ پڻ لاشعوري طور ننڍي
کنڊ جي شاعريءَ جو مقامي رنگ ۽ مٽيءَ جي مڻيا
نمايان آهي. جيتوڻيڪ هو فارسي ٻوليءَ تي دسترس
رکندو هو ۽ فارسيءَ ۾ هن ”شهر آشوب“ پڻ لکيو، پر
پوءِ به هن پنهنجي اردو شاعريءَ کي فارسي رنڱ ۾
ڪونه رنڱيو، هن ڳرا فارسي لفظ استعمال ڪرڻ کي قابل
فخر ڪونه سمجهيو، هن سادا سودا آسان ۽ عام لفظ،
فقرا، اصطلاح ۽ محاورا، تشبيهون ۽ استعارا پنهنجي
جڙ مان پنهنجي اصل کان ئي کنيا. سنڌي ٻوليءَ سان
سندس محبت سندس لکيل اردو شاعريءَ مان پڻ پڌري ٿئي
ٿي. هن جي هڪ انتهائي خوبصورت ۽ يڪتا غزل جو رديف
”سائين“ آهي. ان ۾ سنڌ جو صوفي رنگ جهلڪي ٿو:
”جتنا جس کو گيان هي سائين
اتنا وه حيران هي سائين
تن تو هي مايا کي چهايا
من کي دولت گيان هي سائين
سب کو اس مين مل جانا هي
يه مڻي کا مان هي سائين
کيون جنگل کي خاک اڙائين
گهر کيا کم ويران هي سائين
هم جوگي محروم هي اچهي
درشن بهي گردان هي سائين
تيري در تک لي آئي هين
پاؤن کا احسان هي سائين.“
ان ريت سندس هڪ سنڌي غزل ۾ پڻ ”سائين“ لفظ رديف
طور اچي ٿو. الياس عشقيءَ جي هن غزل ۾ ”مارئيءَ جو
هنجون هارڻ“، ”دودي جو شهيد ٿيڻ“ جهڙا نج سنڌي
استعارا به ملن ٿا ته ڌرتيءَ سان پنهنجي حب کي
اظهاريندي هو ”ڌرتيءَ جي هر ذري کي آڪاس جي تاري“
سان تشبيهه ڏئي ٿو. مهراڻ 3/1970ع ۾ ڇپيل ان غزل
جا ڪجهه چونڊ شعر آهن:
”اڄ ملڪ مڙوئي منصور ٿيو، ڪيڏانهن اشارو آ سائين!
اڄ سڏ ٿيو آ سوريءَ جو، چؤ ڪنهن جو وارو آ سائين.
جي روشن روشن لفظ لکي مون اونداهيءَ ۾ نور ڀريو،
ڪن ماڻهن وٽ تن لفظن جو، هر اکر ڪارو آ سائين!
سمجهي ته ڏسو، پرکي ته ڏسو، پو چنڊ جي دنيا ڏانهن
هلو،
هن ڌرتيءَ جو هر ذرو ئي آڪاس جو تارو آ سائين!
هي ٿر ۾ مينهن وٺو آهي يا مارئي هنجون ٿي هاري،
هي رت ڦڙو آ دودي جو يا مينهن وسارو آ سائين!
او مٺڙا جئين سدائين تون،دل وارا ٻيا به گهڻا ئي
پر،
جو نينهن تي گهوري جان ڇڏي، ڪو عشقيءَ پارو آ
سائين“
سوآهي عشقيءَ پارن جائي پار آهن، جن پنهنجي سموري
زندگي روشن روشن لفظ لکندي گذاري، طوفانن سان سينو
ساهيندي، ڌرتيءَ جي هر ذري کي آڪاس جي تاري بڻائڻ
لاءِ پنهنجي روح جي روشني ڀيٽ ڪيئي. اڄ هو پاڻ
آڪاس تي لکها ڪروڙها تارن جي وچ ۾ هڪڙو تارو بڻجي
چمڪي پيو. |