الانا يونيورسٽيءَ ۾ تعمير ٿيل ڪوارٽرن ۽ بنگلن جي
باري ۾ چوي ٿو ته ڪم ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون بيقاعدگيون
ڪيون ويون. ظهير اينڊ ڪمپنيءَ جي ڪنسلٽنسي ختم ڪئي
ويئي. رازو بلڊرس جي نالي نوان ٺيڪيدار مقرر ٿيا.
انهن جو پس پرده مالڪ (Sleeping Partner)
ڪير هو؟ هي ڳالهيون نه کولجن ته بهتر، نه ته دشمن
شيخ صاحب جهڙي سنڌ جي عظيم شاعر ۽ مفڪر لاءِ
الائجي ڇا ڇا لکندا!(صفحو 23) هن پئرا تي غور ڪرڻ
سان معلوم ٿيندو ته ڳالهه کي پاڻ ئي کوليو اٿس ۽
ڪرپشن جو مبهم الزام هنيو اٿس. دشمن ڇا چوندا؟
دشمن به اهوئي چوندا، جيڪو الانا لکيو آهي. الانا
اياز دشمنيءَ ۾ ئي ائين لکيو آهي. ان کي دشمني نه
چئبو ته باقي ڇا چئبو! اياز صاحب جي بيقاعدگيءَ جو
ڪو مستند ثبوت هجيس ها ته پيش ڪري ها! بلڊر ۽
ٺيڪيدار بدلي ڪرڻ ۾ ڇا آهي؟ اهڙي عمل تي اکيون
پوري سمجهجي ته اياز بيقاعدگي ڪئي؟ اياز ظهير اينڊ
ڪمپنيءَ جي ڪنسلٽنسي ختم ڪئي، تنهن تي الانا کي
سخت ناراضگي آهي.(شايد ظهير اينڊ ڪمپنيءَ ۾ الانا
جو شيئر هو.) اياز جي هڪ ساراهه جوڳي ڪم، يعني
اديبن ۽ ليکڪن کي نوڪريون ڏنيون، تي به الانا کي
ارمان آهي! مون سميت سمورن کي سليڪشن بورڊ جي
ذريعي ئي نوڪريون مليون، اها ڪا به بيقاعدگي نه
آهي. منهنجو سليڪشن بورڊ اڳ ۾ ٿيو، مقرري بعد ۾.
جڏهن ته محترمہ تهمينه مفتي، محترمہ نور افروز
خواجه ۽ محترمہ سحر امداد جون مقرريون اڳ ۾ ٿيون،
سليڪشن بورڊ بعد ۾، پر اهي به ڪي بيقاعدگيون ڪونه
آهن. الانا لکيو آهي ته اياز هدايت کي بنا ڪنهن
تجربي مقرر ڪيو. سندس خدمت ۾ عرض ڪجي ٿو ته
يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ڪرڻ لاءِ ڪنهن بهقسم
جو تجربو گهربل نه هوندو آهي. فريش گريجوئيٽ به
مقرر ٿيندا آهن. الانا ته وائيس چانسيلر به رهيو
آهي. اياز صاحب جي گذاري وڃڻ جي اٺن سالن کان
پوءِ اهڙين فروعي ۽ بي مقصد ڳالهين جو مطلب اهو ئي
آهي ته اياز دشمنيءَ ۾ مختلف غيرصحتمند نُڪتن جو
سهارو وٺي اياز صاحب جي حيثيت، اهميت، عزت ۽ عظمت
کي ڇيهو رسائجي. الانا جو هيءُ مضمون پڙهڻ بعد هر
ذي هوش ماڻهوءَ جون ڏندين آڱريون اچي ويون آهن ته
الانا اهڙيون باطل ۽ نامعقول ڳالهيون هينئر ڇو ڪري
رهيو آهي؟ الانا لکيو آهي ته اياز سکر مان پنهنجو
منشي عطا محمد گهرائي پي.اي. ڪري رکيو. هن مان صاف
ظاهر آهي ته الانا جي ياداشت جواب ڏيئي ويئي آهي.
عطا محمد سکر ۾ اياز جو منشي ڪونه هو. عطا محمد
ميمڻ اريگيشن کاتي ۾ ٽائپسٽ هو ۽ شام جو اياز وٽ
(پارٽ ٽائيم) ٽائيپ ڪندو هو. اياز جو منشي مسٽر
”بلرام“ هو، جنهن جا چار پٽ اڄ به سنڌ يونيورسٽيءَ
۾ ملازم آهن. بلرام روهڙيءَ ۾ درگاهه وار مبارڪ
محلي ۾ رهندو هو. هي بندو (هدايت پريم) به روهڙيءَ
جو رهاڪو آهي. عطا محمد اياز کان پوءِ يونيورسٽي
گرانٽس ڪميشن ۾ رهيو، پوءِ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ رهيو ۽
سي ايم هائوس ۾ (ڊپٽي سيڪريٽري) به رهيو ۽ ڪراچيءَ
۾ ئي گذاري ويو. لڳي ٿو ته الانا جو حافظو صفا ختم
ٿي چڪو آهي. کيس گهرجي ته عملي طرح گهر ۾ ئي ”گوشه
نشين“ ٿي ويهي، جيڪو لفظ پاڻ ئي پنهنجي لاءِ مقرر
ڪيو اٿائين. الانا کي پڪ هئي ته هدايت ۽ انور ٻئي
شريف النفس ۽ غريب طبيعت جا آهن، شديد تنقيد به
برداشت ڪري ويندا. اياز ته گذاري ويل آهي. تنهنڪري
هن جي اها الزام تراشي به ڦٻي ويندي، پر ائين نه
آهي. هو صرف اسان ٻنهي کي ”ناپخته“ ۽ ”نامناسب
ماهر“ چوي ٿو ته اسين شايد کيس بخش ڪري ڇڏيون، پر
هن جنهن اڻوڻندڙ انداز سان الزامن تي مبني بوڇاڙ
اياز تي ڪئي آهي، سا ڪنهن به طرح برداشت ڪرڻ جوڳي
نه آهي. اياز جا سوين هزارين مداح اڄ به موجود
آهن، تن جي دلشڪنيءَ جو پڙاڏو اخبارن ۾ ڪجهه خطن
جي صورت ۾ به اچي چڪو آهي.
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ استادن کي اسڪالرشپون ڏياري
اياز ٻاهرين ملڪن ڏانهن اعليٰ تعليم لاءِ موڪليو،
اهڙو سمورو رڪارڊ موجود آهي. قاضي محمد مختيار ۽
نيلوفر شيخ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جا
استاد انهن ۾ شامل آهن، جن کي اياز جي دؤر ۾ اياز
جي ڪوششن سان اسڪالرشپون مليون. الانا اياز دشمني
۾ سڀ ڪجهه وساري ويٺو آهي، جو لکي ٿو ته ان زماني
۾ جن به استادن کي اسڪالرشپون مليون هيون، انهن
لاءِ ڊاڪٽر ممتاز علي قاضي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
جون ڪوششون شامل هيون. خود پيرزادي حفيظ صاحب به
هن سلسلي ۾ سنڌ جي شاگردن جي گهڻي مدد ڪئي هئي. (ص
25) يعني ته اياز جون ڪوششون نه هيون، پر ڊاڪٽر
ممتاز، ڊاڪٽر نبي بخش ۽ حفيظ پيرزادي جون هيون.
اياز جي دؤر ۾ جن استادن کي اسڪالرشپون مليون آهن.
انهن مان ڪنهن هڪ جو به نانءُ نه ورتو اٿس! اڳتي
هلي لکي ٿو ته ”اسلام آباد ۾ شيخصاحب کي سواءِ فيض
احمد فيض صاحب جي ٻيو ڪو سڃاڻندو ئي ڪونه هو“ هيءُ
هتڪ آميز جملو الانا جي مزاج کي ثابت ۽ ظاهر ئي
ڪري ٿو! اياز، جنهن کي ساري دنيا ڄاڻي سڃاڻي ٿي،
تنهن کي اسلام آباد ۾ صرف فيض احمد فيض سڃاڻي! سچ
ته اهو آهي ته اسلام آباد ۾ ان وقت جي وزيراعظم
ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي سنڌ جا سمورا سياسي
اڳواڻ، پارليامينٽ جا ميمبر، اعليٰ سرڪاري عملدار،
اياز جا واقف ۽ ڄاڻ سڃاڻ رکندڙ هئا.
الانا صفحي 26 تي لکي ٿو ته ڪتاب جو هڪ باب ”شيخ
اياز- هڪ غزل گو شاعر“ جي عنوان سان شروع ٿئي ٿو.
هي باب به ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جي
Ph. D واي مقالي جو چرٻو آهي“. انور جي ٿيسز ۾ اياز جي غزل گوئيءَ جي
باري ۾ تمام مختصر بيان ڪيل آهي ۽ اتان هڪ سٽ به
ورتي نه ويئي آهي. الانا اها ٿيسز ڏٺي ۽ پڙهي به
ناهي! اسان جي تحرير ڪيل هڪ سِٽ هيءَ آهي: ”اياز
جديد شاعرن جو اڳواڻ ۽ نمايان شاعر آهي“. هن سٽ ۾
ڪتب آندل لفظ ”اڳواڻ“ جي معنيٰ ”باني“ ڪري سمجهيو
اٿس! ”اڳواڻ“ ۽ ”باني“ جي معنيٰ ۾ زمين آسمان جو
فرق آهي، جيڪو الانا کي سمجهه ۾ نٿو اچي. اياز کان
اڳ جا شاعر حيدر بخش جتوئي، ڪشنچند بيوس ۽ کيئلداس
فاني برابر غزل جا وڏا شاعر هئا. اياز پنهنجي دؤر
جو اڳواڻ شاعر هو. اسان پنهنجي ڪتاب ۾ اياز جي غزل
گوئيءَ جي باري ۾ جن عالمن، اسڪالرن ۽ شاعرن جا
حوالا ڏنا آهن، سي هي آهن: امداد حسيني، امير علي
چانڊيو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، اسحاق سميجو ۽
ارجن شاد. اياز جي غزل گوئيءَ تي هڪ جامع مطالعو
اسحاق سميجي پنهنجي ڪتاب ”گيڙو ويس غزل“ ۾ پيش ڪيو
آهي. هيءُ ڪتاب اياز جي غزل گوئيءَ تي شاهد آهي.
الانا جيڪي ڪجهه لکيو آهي، محض اياز دشمني وچان
ائين لکيو اٿائين. ائين پيو لڳي ته ڄڻ الانا کي
جديد غزل ۽ سنڌي غزل جي ارتقائي مرحلن جي ڪابه ڄاڻ
نه آهي ۽ اياز جي عظمت کان منڪر آهي. اياز پنهنجي
شاعريءَ جي باري ۾ ڪي رايا ڏنا آهن، سي سندس
سچائي، خلوص ۽ نيڪ نيتيءَ تي مبني آهن، پر الانا
انهن کي نٿو مڃي ۽ پنهنجي ليکي انومان ڪڍندي لکيو
اٿائين ته ”لهاذا اياز جي هن پوري بيان مان ائين
ٿو محسوس ٿئي ته شيخ اياز جي نظر ۾ سانگي، آخوند
گل، گدا، فاضل شاهه، قليچ، واصف، نظامي، علي محمد
قادري ۽ ٻين متقدمين ۽ همعصر شاعرن جي شاعريءَ جي
ڪابه حيثيت ڪانهي. انهن جي شاعري فضول آهي“. (ص
31) بيان ۾ اياز ڪنهن به شاعر جو نالو نه ورتو آهي
۽ پراڻي فرسوده ۽ رجعت پسند شاعريءَ جي باري ۾
پنهنجو رايو ڏنو آهي، جنهن ۾ حقيقت سمايل آهي ۽
ڪنهن به شاعر کي گهٽ وڌ نه ڳالهايو ويو آهي. اياز
جي بيان کي سمجهي نه سگهڻ جو انداز الانا وٽ اِهو
آهي!
الانا لکيو آهي ته ”شيخ اياز شاهه لطيف جهڙي سنڌ
جي سدا حيات شاعر ۽ مفڪر کي به شروع ۾ پاڻ کان گهٽ
سمجهيو!“ هن انتهائي غير ذميواريءَ کي ڇا چئجي! هن
سلسلي ۾ گهڻو ئي پاڻي پُل هيٺان گذري چڪو آهي ۽
ڀٽائيءَ جي لازوال ۽ مثالي عظمت لاءِ اياز جي
اٿاهه عقيدت سندس ڪيترن ئي شعرن ۾ موجود آهي.
(سندس مطالعي جي کوٽ ان مان ئي پڌري آهي!) الانا
”پرک“ رسالي مان اقتباس ڏيندي چيو آهي ته ”اياز
پاڻ شاهه لطيف کان به وڏي شاعر هجڻ جي دعويٰ ڪئي
اٿس.“ اقتباس ۾ اياز ائين ڪٿي به نه چيو آهي ۽ نه
ئي ڪو اهڙو گمان ٿئي ٿو. الانا، اياز جي انٽرويو ۾
ڏنل جواب کي سمجهي ئي نه سگهيو آهي. اياز ڀٽائيءَ
جي سلسلي ۾ چيو آهي ته ”آءٌ ڪو ڀٽائي نه آهيان،
اهڙو شعر منهنجي تازي ڪتاب ”جهُڙ نيڻان نه لهي“ ۾
آهي. هن (شاهه) جي پنهنجي ڳالهه هئي، منهنجي
پنهنجي ڳالهه آهي. هن جي شاعري پنهنجي دؤر جي
آئينه دار هئي، منهنجي پنهنجي دؤر جي آهي. هن جا
ڪي بنيادي سچ ها. ممڪن آهي ته هن جا ڪيترائي
بنيادي سچ منهنجي شاعريءَ ۾ به هجن. منهنجي پنهنجي
به سمجهه آهي ۽ ڪيترا منهنجا به بنيادي سچ آهن.
اها ته اجائي ڳالهه آهي ته ٽي.ايس.ايليٽ کان پڇجي
ته تو ۾ ۽ شيڪسپيئر ۾ ڪهڙو فرق آهي“. اياز جي ان
بيان مان ڪٿي به گمان نٿو ٿئي ته اياز پاڻ کي شاهه
لطيف کان وڏو شاعر ٿو چوي! الانا جي اها ڪيڏي نه
وڏي ڀُل آهي.
اياز جي فڪري لاڙن تي اسان ڏهه صفحا لکيا، الانا
ڏهن صفحن تي راضي نه آهي! اياز جي ٻوليءَ جي باري
۾ ابراهيم جويي جو حوالو اسان ڏنو آهي. ان حوالي
کي الانا اڻپورو سمجهي ٿو! دراصل هن باب ۾ اسان
اياز جي فڪري لاڙن جو مطالعو پيش ڪيو آهي ۽ نه
اياز جي ٻولي. اياز جي ٻوليءَ لاءِ هڪ الڳ ڪتاب
لکڻ جي ضرورت آهي. الانا پئرا 20 الف. ب، ث، ج، ح
، خ، د ۾ ڏنل اياز جي حوالن تي ٻن قسمن جا الزام
هنيا آهن. پهريون ته اياز پاڻ کي پڏايو آهي ۽ ٻيو
ته اهڙن جملن مان جنسي لذت حاصل ڪئي آهي! هي ٻئي
الزام اجايا ۽ بي بنياد آهن. ”ميران“ نالي واري
خاتون کي الانا سنڌ يونيورسٽيءَ جي خاتون هئڻ جو
انڪشاف فرمايو آهي- اها آهي الانا جي ذهنيت! هڪ
طرف يونيورسٽيءَ کي ۽ يونيورسٽيءَ جي خاتون کي
بدنام ڪري ٿو ته ٻئي طرف اياز جي ڪردار کي داغدار
بنائڻ جي بيسود ڪوشش به ڪري ٿو. اياز ته نهايت
معصوميت سان پنهنجا هلڪا ڦلڪا رومان خوبصورت انداز
بيان سان پاڻ تحرير ڪيا آهن. اياز پاڻ لاءِ تمام
دلچسپ ۽ بنا رک رکاءُ وارا جملا چيا آهن. اياز جي
شخصيت کي سمجهڻ لاءِ اهڙن ڪارگر بياننکي پڙهڻ ۽
سمجهڻ تمام ضروري آهي. اياز جون اهڙيون تحريرون
نهايت نفاست ۽ جماليات سان ٽمٽار آهن. لڳي ٿو ته
الانا جو جماليات ۽ نفاست سان پري جو به واسطو نه
آهي، تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته الانا وٽ اهڙي پرک
ئي نه آهي ته اهڙن بيانن ۽ تحريرن کي سمجهي سگهي!
الانا جي مضمون جون آخري پئرائون ته ان لائق ئي نه
آهن ته انهن تي ٽيڪاٽپڻي ڪجي!
آخر ۾ رسول حمزاتوف جو هڪ اقتباس پيش ڪجي ٿو:
رسول حمزاتوف هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”ادبي دنيا ۾
پَکي پکڻ هوندا آهن. انهن ۾ عقاب ۽ سامونڊي پکي به
ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جي پنهنجي پسند مطابق پهاڙن ۽
سمنڊن جا ڳيچ ڳائيندا آهن. هر پَرندو پنهنجي ڏيهه
۽ ڏات آهر ڏِکَ ڏيندو آهي. اهي پهاڙي ڳجهون جڏهن
جنگ جي ميدان ۾ پيل ڪنهن شهيد جي لاش جون اکيون
ڪڍنديون آهن، تڏهن کين اها پرواهه نه هوندي آهي ته
اهي اکيون ڪنهن سورمي جون آهن يا ڀاڙيءَ جون. مان
انهن اديبن کان واقف آهيان، جن جي آڏو رڳو هڪ ئي
شيءِ هوندي آهي. - ”وقتي فائدو“ . اڄ هو اهو ئي ڪم
ڪندا، جيڪو کين اڄ فائدو پهچائي ۽ سڀاڻي اهو جيڪو
کين سڀاڻي جو فائدو رسائيندو.“
بودليئر-
نثري نظم جو باني
ممتاز مهر
فرانسيسي ادب ۾ علامت نگاري ۽ نثري نظم جو باني
شارل بودليئر (1867-1821) جديد شاعريءَ جو رهبر
سمجهيو ويندو آهي. شاعريءَ ۾ علامتن (Symbols) جو استعمال ٻين شاعرن به ڪيو آهي، جيڪي بودليئر کان اڳ
جي دَور جا هئا، پر بودليئر جي نرالي اسلوبيت ۽
انفراديت جي ڪري شعري علامتن ۾ گهڻي وسعت آئي ۽
شين جي حقيقتن جي ادراڪ لاءِ شديد حساسيت جي
گهرائين تائين رسائي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.
واضح هجي ته ڪنهن به ادبي تحرير، خصوصاً شاعريءَ
۾، ڪوبه اسم ”علامتي“ تڏهن بڻجي ٿو، جڏهن اُن جو
مفهوم روايتي يا عام معنيٰ کان ماورا هجي ٿو. ان
قسم جي علامتي اسمن کي ادبي متن (Text)
۾ ڪم آڻيندي تخليقڪار اُن کي نجي معنيٰ/مفهوم
ڏيندو آهي، تنهنڪري نجي علامتن ۽ عام علامتن ۾
فرق، مفهوم جي ڪري ئي هوندو آهي. اُڻويهين صديءَ
جي پوين ڏهاڪن ۾ علامت نگاري (Symbolism)
آرٽ ۽ ادب جي باقاعده تحريڪ بڻجي ويئي، جنهن تحريڪ
خود فرانسيسي ادب ۾ ”ورلين“، ”ملارمي“ ۽ ”ريمبو“
جهڙا وڏا شاعر پيدا ڪيا. انگريزي ادب ۾ ”ييٽس“ ۽
”ٽي. ايس.ايليٽ“ پڻ جديد علامت نگار شاعرن طور
سڃاتا وڃن ٿا.
بودليئر جي نثري نظمن جو مجموعو ”بَديءَ جا گُل“
1857 ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو هو. جيئن هميشه ٿيندو رهيو
آهي ته هر سچي ۽ روايتن کان باغي تخليقڪار کي سندس
دور ۾ ڌڪاريو ويندو آهي، بودليئر جي علامتي
شاعريءَ تي پڻ ڇتي تنقيد ڪئي ويئي ۽ مٿس فحاشيءَ
جو الزام لڳو، ڪيس هليو، ۽ ڪورٽ سڳوريءَ مجموعي ۾
شامل ڇهن نظمن تي بندش وجهي ڇڏي. پر وقت گذرڻ سان
سندس شاعريءَ جي ٻيهر پرک ۽ قدرداني ٿيڻ لڳي، جا
وڌندي رهي. بودليئر جي شاعريءَ ۾ نه ڪا فحاشي آهي،
نه ڪي جنسي اشتعال پيدا ڪرڻ واري رغبت. مجموعي طرح
چئي سگهجي ٿو ته بودليئر جو فن کيس ورثي ۾ مليل
رومانيت پسندي
(Romanticism)
جو ڄڻ جديد روپ آهي. سندس نثري
نظمن ۾ ڀرپور قسم جي لئه ۽ ردم آهيجيڪا ئي نثري
نظمن جي سڃاڻپ آهي، پر تنهن سان گڏ نرالو خيال ۽
حساسيت سان ڀرپور انداز بيان اُن کي دوآتشه بنائين
ٿا. گهرو خيال ۽ ويچار نثري نظم جي پڻ خوبي هوندي
آهي.
ياد رهي ته بودليئر پاڻ آرٽ ۽ ادب جو وڏو نقاد ۽
پارکو به هو، جنهن مشهور آمريڪي شاعر ۽ نثرنگار
ايڊگر ايلن پو جي رچنائن جو ترجمو ڪري کيس
فرانسيسي زبان ۾ متعارف ڪرايو. بودليئر جو شاعريءَ
بابت تصور آفاقي آهي. هو سائنسي ۽ اخلاقي حدبندين
کي شعري اظهار لاءِ صحيح نه ٿو سمجهي. سندس ويچار
موجب شاعريءَ جو دارومدار عالمگير مشابهت
(Universal Analogy) تي آهي، جيڪا ڌرتي ۽ آڪاس، حقيقت ۽ مجاز. باطن ۽ ظاهر
کي ڳنڍيندي آهي. شاعر علامتن جي ذريعي انهن جي
گڏيل رابطي کي بي نقاب ڪندو آهي. بودليئر جي خيال
۾ شاعريءَ جو مقصد تعليم ڏيڻ/نصيحت ڪرڻ ڪونهي.
”ڪوبه نظم ايترو شاندار، ايترو بلند ۽ شاعريءَ جي
لقب لائق ٿي نه ٿو سگهي جيترو هڪ اهڙو نظم جيڪو
لکڻ جي لذت خاطر لکيو ويو هجي. جيڪڏهن شاعر ڪو
اخلاقي مقصد کڻي شعر لکندو ته پوءِ پنهنجي شاعراڻي
قوت کي گهٽائي ڇڏيندو.“ بودليئر جي خيال موجب فن
(Art) پنهنجو مقصد پاڻ آهي. فن (جنهن ۾ شاعري پڻ
اچي وڃي ٿي) جو مقصد سچ/صداقت
(Reality/truth)
ڪونهي. سچ/ صداقت جي اظهار جا
وسيلا ۽ طريقا ٻيا آهن (مثلاً: فلاسافي ۽ سائنس).
سچ ۽ صداقت جو نغمي سان ڪو تعلق ڪونهي. بودليئر
چواڻي ”خالص عقل صداقت کي ڳوليندو آهي پر نفاست
وارو ذوق حسن کي اسان تي بي نقاب ڪندو آهي.“ سچ
پچبودليئر جي شاعريءَ جي مطالعي سان جمالياتي ذوق
۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ بودليئر جي لفظن ۾ ”حسن جو
وجدان“ ٿئي ٿو. بودليئر جا حسن ۽ فن بابت ويچار
جديد جماليات (Aesthetics)
۾ اهم جاءِ والارين ٿا. ”حسن جو غيرفاني وجدان ئي
اها شيءِ آهي جنهن ذريعي اسان کي هن زمين ۽ ان جي
نظارن ۽ صورتن، آسمان ۽ ان جي نظارن ۽ ڏيکن جو ڏس
ملي ٿو. هن زندگيءَ جا جيڪي مڪاشفا آهن، جيڪي
ماورا حقيقتون آهن، انهن جي نه ٻُجهندڙ پياس اسان
جي غيرفاني هجڻ جو ثبوت آهي. هڪ شاعر جيڪڏهن انهن
(ظاهري ۽ باطني حقيقتن) جو ترجمان يا مفسر ڪونهي
ته ٻيو ڇا هوندو آهي؟ اعليٰ شاعرن جا سڀ استعارا،
سڀئي تشبيهون ۽ صفتي نالا ”عالمگير مماثلت“ جي اڻ
کٽ چشمي مان ماخوذ هوندا آهن. انهن جو ٻيو ڪو ماخذ
ٿي ئي نه ٿو سگهي.“ بودليئر جي علامتي شاعري ان
”عالمگير مماثلت“ تي آڌار رکي ٿي. ان حوالي سان
بودليئر جي هڪ نثري نظم جو انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾
ترجمو، جيڪو منهنجو ڪيل آهي، هتي پيش ڪريان ٿو. ان
سان گڏ منهنجي ڪيل انهيءَ ترجمي کي منهنجيءَ خواهش
موجب منهنجي دوست شيام ڪمار، ٿوري گهڻي ڦيرگهير
آڻي نئون روپ ڏنو آهي. اُهو پڻ هيٺ ڏنل آهي، جيئن
پڙهندڙ ٻنهي ترجمن مان لطف اندوز ٿين. تنهن سان گڏ
اصل انگريزي ترجمو به ڏنل آهي. پڙهندڙ يقيناً
محسوس ڪندا ته بودليئر جو مذڪوره نظم سچل جي
سرائڪي ڪافي ”جنهن دل پيتا عشق دا جام“ جون سِڪون
ٿو لاهي.
شارل بودليئر
ترجمو: ممتاز مهر
مست رهه، مدهوش رهه
هيءُ لازمي آ ته مست ۽ مدهوش رهجي، ٻيو مڙيوئي بس.
باقي ته ڪو مسئلو ئي ڪونهي. جي چاهين ٿو ته وقت،
جيڪو تنهنجا ڪلها گسائي توکي پَٽ تي ٻيڻو ڪري
اڇلائي ٿو ڇڏي، جي ناقابل برداشت بار کان بچيو
رهين، ته پوءِ مدهوش رهه، ۽ بار بار مدهوش رهه.
پر ڇا سان؟ مئي سان، شعر شاعري سان، يا رڳو سٺي
هلت هلڻ سان، جا به شيءِ توکي ريجهائي رکي- پر مست
مدهوش رهه.
۽ جڏهن به، ڪنهن محل جي ڏاڪن تي، ڪنهن کاهيءَ جي
سائي ڇٻر تي، پنهنجي ڪمري جي مايوسيءَ واري
هيڪلائپ ۾ تنهنجا نشا ٽٽي پون، تڏهن هوا کان پڇج،
لهر کان پڇج، ستاري کان، پکي کان، گهڙيال کان، هر
کسڪي ويندڙ شيءِ کان، هر چنگهندڙ اونائيندڙ کان،
ڦيريون پائيندڙ کان، ڳائيندڙ وڄائيندڙ کان، ٻول
ٻوليندڙ کان، ته مهل ڪهڙي آهي، تڏهن هوا، لهر،
ستارو، پکي، گهڙيال توکي ٻڌائيندا ته: ”هيءَ مهل آ
مدهوشيءَ ۾ اچڻ جي.“ جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته ماريو
نه وڃان، وقت جي غلامن ۾ نه ڳڻجان، ته پوءِ مدهوش
رهه، هميشه مدهوش رهه! مئي سان، شعر شاعريءَ سان،
يا رُڳو سٺي ورتاءَ سان، جا ڳالهه به توکي وڻي!
(نوٽ: فرينچ مان انگريزي ٻوليءَ ۾ ان نثري نظم جو
ترجمو جيفري گرگسن
geoffry grigson
جو ڪيل آهي).
شارل بودليئر
مترجم: ممتاز مهر
۽ شيام ڪمار
مست رهه مدام
پاڻ تي لازم آ، ته سدا مڌ ماتو، مست رهجي، ٻيو
مڙيوئي خير: اهڙي هلڻي هر مونجهاري جو سلجهاءُ
ٿيندي!
اگر چاهين ٿو ته سمئه- جنهن توکي نٻل ڪري ڪُٻو ڪيو
آ- جي قهري ڪوپ کان آجڪائي مليئي،
ته سُرت وڃائي سُرڪيون ڀريندو رَهه- ۽ بار بار
سُرڪيون ڀري سُرت وڃاءِ!
پر، ڇا سان مدهوشي ماڻيندين؟
شراب جي سُرڪين سان، شاعريءَ جي آنند سان، يا رڳو
مثالي وهنوار سان؟ جيڪا شيءِ توکي آنند ۾ مگن رکي!
پر، مست رَهه مدام!
۽ اگر ڪنهنپل: محلات جي ڪنهن ڏاڪڻ تي، ڪنهن ماٿر
جي سائي ڇٻر تي، پنهنجي ڪمري جي ٻوساٽيندڙ هيڪلائپ
۾، تنهنجا نشا ٽٽي پون، ته پوءِ هوا کان پڇج، لهر
کان، ستاري کان، پکيءَ کان، گهڙيال کان پڇج- هر
کسڪندڙ شيءِ، هر چنگهندڙ ساهواري کان، ڦيريون
پائيندڙ، ڳائيندڙ وڄائيندڙ- ۽ ٻولَ ٻوليندڙ کان
سوال ڪج:
”هي سمئه ڪهڙو آهي؟“
تڏهن هوا، لهر، ستارو، پکي، گهڙيال توکي ٻڌائيندا:
”هيءُ سمئه ’مڌماتي مستيءَ‘ ۾ لين ٿيڻ وارو آهي!“
اگر چاهين ٿو بي موت ماريو نه وڃان، وقت جي غلامن
۾ شمار نه ڪيو وڃان- ته پوءِ سرت وڃائي ’مست رَهه
مدام‘، شراب جي سُرڪين سان، شاعريءَ جي آنند سان،
يا مثالي وهنوار سان، جيڪا شيءِ توکي ’پرم آنند‘
بخشي!
get Drunk
Charles Baudlaire
(Prose Poem)
It is essential to be drunk. That is all: there
is no other problem. If you do not want to feel
the appalling weight of time, which breaks your
shoulders and bends
You to the ground, get drunk, and drunk again.
What with? Wine, Poetry, or being good, please
yourself. But get drunk.
And if now and then, on th steps of a palace, on
the garden grass of a ditch, in
the glum loneliness of your room. You come to
your drunken state abated, ask the wind, ask the
wave, the star, the bird, the clock, ask all
that runs away, all that groans, all that
wheels, all that sings, all that speaks, what
time it is, and the
wind, the wave, the star, the bird, the clock,
will tell you: “It is time to get drunk”. If you
do not want to be martyred, slaves of time, get
drunk, always get
drunk! With wine, with poetry, with being good
As you please.
(From the prose poems of Charles Baudelaire.)
(Translated by Geoffry grigson.)
مددي ڪتاب:
(1) Flowers of Evil - A selection By Charles
Baudelaire
Edited by Marthiel and Jackson Mathews
(New York, New Directions, 1958)
(2) “Flowers of Evil” By Charles Baudelaire
Translated By Arthur F. Kraetzer
(Richard R. Smith, New York, 1950).
(3) France - A companion to french studies.
Edited By D.g. Charlton
(Methven, London and New York)
(4) Introduction to Literary Studies,
By Mario Klarer
(Routledge, 1999).
هي ڪتاب ”دنيا جون شاعر عورتون“ فهميده حسين جي
مهاڳ کان پوءِ ئي ڄڻ مڪمل ٿيو آهي. ان ۾ فهميده
سنڌ جي شاعرائن جي مختر پر جامع تاريخ ڏني آهي.
مِرکان شيخڻ کان سيما تائين هوءَ لکي ٿي: ”هن ڪتاب
۾ دعويٰ ڪيل آهي ته اهو دنيا جي تقريباً سڀني خطن
جي شاعرائن کي شامل ڪري ٿو ۽ ٿي سگهي ٿو ته
هندستان جي شاعرائن کي شامل ڪري ايئن سمجهيو ويو
هجي ته اهو خطو (هندو پاڪ) اچي ويو پر ته به مون
کي سنڌ کي نه شامل ڪرڻ جو ٿورو دل ۾ ڏک رهجي ويو.“
۽ فهميده کي پنهنجي (۽ اسان جي) ڏک جو دارُو ان ۾
سُجهيو ته ”مهاڳ“ ۾ سنڌ جي شاعرن جو مختصر احوال ۽
سندن شاعريءَ مان مثال ڏئي. ڪاش! اسان جي لوڪ گيتن
جو ترجمو به انگريزيءَ ۾ ٿيل هجي ها! ڪاش! ورهاڱي
کان اڳي پوءِ جي شاعرن جو ترجمو انگريزيءَ ۾ ٿيل
هجي ها! پر سنڌ سدائين اهڙن ڏچن ۾ رهي آهي، جو
اهڙن ڪمن ڏانهن اسان جو ڌيان به نه ويو آهي. عطيه
دائود جي شاعريءَ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيو آهي ۽
مڃتا به ماڻي چڪو آهي، سحر جي به ڪجهه نظمن جو
ترجمو ٿيو آهي. پر دير سان.“
- امداد حسيني
[مهاڳ مان ورتل ٽُڪرو، ص 11]
قاضي غلام محمد
قريشي
[عالم و عارف ۽ مخير شخصيت]
ڊاڪٽر گل حسن لغاري
سنڌ جي نامياري عالم و عارف ۽ مخير شخصيت قاضي
غلام محمد قريشي (هالا پراڻا)، جنهن سان بنده جي
پهرين آشنائي تڏهن ٿي، جڏهن ايم.اي فارسيءَ جي
ڪلاس ۾ 1960ع ۾ داخلا ورتم. اُتي ٻيا به هم ڪلاسي
هئا، پر قاضي صاحب پخته ڄمار ۾ هو ۽ نهايت سنجيده،
باوقار، نرم مزاج ۽ درويش صفت شخصيت جو مالڪ هو.
انهيءَ دوران آءٌ ٽنڊي ڄام گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾
سيڪنڊري ٽيچر هوس. شام جا ڪلاس باقاعدگيءَ سان
ٿيندا هئا ۽ ڊاڪٽر قاضي نبي بخش صاحب شعبي فارسيءَ
جو هيڊ هو. پروفيسر حضور احمد سليم، قاضي غياث
الدين صاحب ۽ سائين ڊاڪٽر اسدالله شاهه حسيني اسان
جا مختلف موضوعن تي ڪلاس وٺندا هئا.
قاضي غلام محمد صاحب جي ديني لڳاؤ، محبت ۽ مروت ۽
سندس خوش گفتار ۽ ڀانئيندڙ رجحان، مون کي تمام
گهڻو متاثر ڪيو ۽ هو پاڻ به مهرباني ڪري مون کي
زوري دعوت ڏيئي، پنهنجي ڊومڻ واري جاءِ تي وٺي
ويندو هو، حالانڪ آءٌ نوڪري ۽ پنهنجي والدين جي
خدمت ۽ گهر ٻار جي ڪري، ڪافي مصروف به رهندو هوس.
مون ڏٺو ته قاضي صاحب استادن ۽ تعليم سان تعلق
رکندڙن ماڻهن، عالمن ۽ دين سان لڳاءُ رکندڙ شخصيتن
۾ وڏي دلچسپي رکندو هو ۽ اهو سلسلو سندس آخري عمر
تائين قائم رهيو.
سندس ولادت باسعادت 14- فيبروري 1924ع (18 جمادي
الثاني 1341هه) تي ٿي. سندس ابتدائي تعليم ۽ تربيت
به خانداني طريقي سان پهرين قرآن شريف جي ناظره
پڙهڻ سان ٿي. سندس والد بزرگوار قاضي محمد اعظم،
جيڪو پاڻ به عربي ۽ فارسيءَ جو وڏو عالم هو، تنهن
ناظره قرآن شريف مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، کيس 1931ع ۾
هالا پراڻا اسڪول ۾ داخل ڪرايو. انهيءَ دوران قاضي
صاحب مدرسه اشرفيه هالا پراڻا ۾ فارسي ۽ عربيءَ جي
تعليم حاصل ڪندا رهيا. شروعاتي سنڌي تعليم پوري
ڪرڻ کان پوءِ، انگريزي تعليم پرائڻ لاءِ اي.وي
اسڪول هالا پراڻا ۾ داخل ٿيا. جيئن ته پرائمري جي
تعليم ۽ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم، سندن نهايت پختي
بنيادي تعليم رهي، پر سندس سورهن سالن جي عمر ۾
سندس والد بزرگوار 1938ع ۾ انتقال ڪري ويو،
جنهنڪري پنهنجي زمينداري ڪاروبار جي بار پوڻ سبب
مصروفيتون وڌي ويون، انڪري سندس تعليم ۾ ڪجهه وقت
وقفو پئجي ويو. تنهن هوندي به نهايت همت ۽ حوصلي
سان پنهنجي ڪاروبار کي به سنڀاليائون ته پنهنجي
تعليم ڏي به پورو ڌيان ڏنائون ۽ مئٽرڪ جو امتحان
امتيازي پوزيشن سان 1955ع ۾ فرسٽ ڪلاسسيڪنڊ پوزيشن
۾ پاس ڪيائون. ياد رهي ته انهيءَ دور ۾ مئٽرڪ جو
امتحان سنڌ يونيورسٽي وٺندي هئي ۽ انگريزيءَ جو
نصاب جيڪو مئٽرڪ ۾ هوندو هو، تنهن ۾ انگريزيءَ جا
ٻه پيپر ٿيندا هئا، هڪ ٽيڪسٽ بوڪ مان ۽ ٻيو گرامر،
مضمون مان. ان جي علاوه ٻيا مضمون به هوندا هئا.
قاضي صاحب ايم.اي جي ڪلاسن هلندي، فارسيءَ جي
علاوه ٻين ديني مسئلن بابت استاد محترم ڊاڪٽر قاضي
نبي بخش کان سوال ڪندا هئا. سائين ڊاڪٽر صاحب ٻئي
ڏينهن تي ڪتابن جون ڀريون کڻائي ايندو هو ۽ ثبوت
مهيا ڪري اطمينان بخش جواب ڏيندو هو. جيتوڻيڪ اسان
ٻين شاگردن جي ايتري رسائي نه هئي، پر قاضي صاحب
مختلف ديني علوم، مسئلن ۽ شرعي احڪامن جي تفصيلي
ڄاڻڻ لاءِ خاص دلچسپي رکندا هئا. محترم سائين
ڊاڪٽر اسدالله شاهه حسيني ”بيخود“ به نهايت دلچسپ
۽ وڻندڙ انداز ۾ پاڙهيندو هو. نهايت خوش طبع ۽
دلچسپ پيرايي ۾ ليڪچر ڏيندو هو ۽ وڏي اخلاص ۽
ٻاجهه واري شخصيت جو مالڪ هو.
ايم.اي فائينل ۾ جديد ايراني ادب تي به هڪ مڪمل
پيپر هو ۽ اسان انهيءَ پيپر لاءِ مختلف موضوع
ورهائي مطالعو ڪيو. مون ڪوشش ڪري نوٽس تيار ڪيا،
جنهن لاءِ قاضي صاحب اڪثر چوندو هو ته اهو طريقو ۽
اهو نوٽبڪ منهنجي لاءِ ڏاڍو ڪارائتو ثابت ٿيو.
ايم.اي فارسيءَ ۾ قاضي صاحب 1962ع ۾ فرسٽ ڪلاس
سيڪنڊ پوزيشن حاصل ڪئي ۽ منهنجي ٿرڊ پوزيشن بيٺي.
انهيءَ کان پوءِ قاضي صاحب 1964ع ۾ عربيءَ ۾ به
ايم.اي ڪئي، جنهن ۾ فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن حاصل
ڪيائين. انهيءَ ساڳئي سال ايل.ايل.بي جو امتحان
سنڌ لاڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين. سروري
اسلاميه ڪاليج هالا ۾ ڪيترائي سال قرآني ۽ ديني
تعليم تي آنرري ليڪچر ڏيندا هئا، خصوصاً حضور اڪرم
صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي سيرت پاڪ تي سندن
اڪثر ليڪچر هوندا هئا. سروري اسلاميه ڪاليج هالا
جي تعليم ۽ تربيت سان سندن دلچسپيءَ جي ڪري، کين
آنرري سيڪريٽريءَ جي ذميواري ڏني ويئي، ۽ ڪيترائي
سال خوش اسلوبيءَ سان نباهيائون ۽ 1969ع تائين
پوري ڪاليج جو انتظام نهايت سهڻي طريقي سان
سنڀاليندا رهيا ۽ سندن سيڪريٽري رهڻ جي دوران،
استادن ۽ ڪاليج جي پڙهائيءَ جو انتظام عروج تي هو
۽ ان طرح هالا جي پسگردائي سان گڏ پري پري کان آيل
شاگرد ڪاميابيءَ جي منزلن تائين رسيا.
قاضي غلام محمد صاحب سخي، مهمان نواز، ڪاده دل،
انسان دوست ۽ عام خيرخواهي رکندڙ مثالي شخصيت جو
مالڪ هو. منهنجي لاءِ ته رب تعاليٰ جي طرفان وڏو
فضل پئي رهيو آهي جو شروعاتي هاءِ اسڪول جي تعليم
کان وٺي نيڪ ۽ ڀلارن ماڻهن جي صحبت حاصل ٿيندي رهي
آهي. ٽنڊي ڄام اي.وي اسڪول ۾ سائين بزرگوار سيد
موجعلي شاهه صاحب استاد هو. پاڻ ٽنڊي غلام علي ۾
به ڪافي وقت استاد ۽ هيڊ ماستر رهيو، پوءِ ٽنڊي
ڄام ۾ به اسان جو انگريزي ۽ فارسيءَ جو استاد هو.
پاڻ درويش، صاحب بصيرت ۽ اهل الله هو. وري سچل
سرمست ڪاليج ۾ فارسيءَ جو استاد بزرگوار سائين
مخدوم امير احمد رهيو. يونيورسٽيءَ ۾ محترم قاضي
غلام محمد قريشي صرف هم ڪلاسي نه هو، پر منهنجي
لاءِ وڏي سعادت ۽ نيڪ بختيءَ جو موجب بنيو. سندس
رويو ۽ هلت چلت عالمانه ۽ عارفانه هئي. بيشڪ زماني
جي لحاظ کان خدا جي فضل سان وڏي ۾ وڏو زميندار
هو، پر انهيءَ جي باوجود تڪبر ۽ وڏائيءَ کان ڪوهين
پري، سلوڪ، فقر ۽ درويشيءَ جي رنگ ۾ رچيل هڪ مثالي
۽ اهل دل بزرگ هو. حضرت مخدوم نوح رحه جي سچن ۽
خاص مريدن مان هئا ۽ سرور سائينءَ جي تلقين ڪيل
ذڪر ۽ فڪر سان سرشار هئا. صاف گو ۽ شفاف ڪردار جا
مالڪ هئا. ڪنهن جي اجائي خوشامد نه ڪيائون، البته
عزت دار جي عزت افزائي ۽ آڌرڀاءُ ڪرڻ کي فرض
سمجهندا هئا. عزيزن ۽ مٽن مائٽن سان سندن روش
مثالي هوندي هئي. جيڪڏهن ناموافق ۽ اڻ سُهائيندڙ
معاملا پيدا ٿيندا هئا ته اڪثر چوندا هئا ته: ”ڇڏي
ڏيو، وڃي سُک ۾ پوي.“ ڪڏهن به بددعا نه ڪيائون ۽
ڪنهن جي نه گلا ڪيائون ۽ نه ئي گلا ٻڌڻ پسند ڪندا
هئا. نهايت تڪليف ده معاملات ۾ بيحد صبر ڪندا هئا
۽ چوندا هئا ته حافظ شيرازي کي سمجهڻ گهرجي، جنهن
بلڪل درست چيو آهي ته:
وفا کنيم و ملامت کشيم و خوش باشيم
که در طريقتِ ما کافري است رنجيدن
(يعني (اسان) وفا ڪريون ٿا ۽ (جيڪڏهن ڪي ماڻهو)
چڱو نٿا ڀانئين (ملامت ڪن ٿا) ته سندن مرضي. اسان
خوش آهيون، ڇو ته اسان جي طريقي ۾ ڪنهن کي به
رنجائڻ ڪفر آهي).
قاضي صاحب پنهنجي زندگي باوقار نموني سان بسر ڪئي.
عالمانه ۽ عارفانه نهٺائي ۽ صبر و استقامت سندن
شيوو هوندو هو. ڪڏهن به پنهنجي فياضي ۽ سخاوت جو
ڏيکاءُ نه ڪيائون ۽ ڪنهن جي اجائي خوشامد نه
ڪيائون ۽ رياڪاري جي سخت خلاف هوندا هئا. سندن
مهمان نوازيءَ جو دسترخوان هميشه ڪشادو ۽ قائم پئي
رهيو. سروري اسلاميه ڪاليج جي سڀني استادن کي سال
۾ ٽي چار دفعا دعوت ڏيندا هئا، جتي علمي بحث
مباحثا ٿيندا هئا. تعليم ۽ تربيت جي متعلق صلاح
مشوري ۾ نهايت دلچسپي وٺندا هئا. انگريزي ادب ۾
کين وڏي دلچسپي هوندي هئي. شيلي، شيڪسپيئر، وليم
وَرڊسورٿ ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن متعلق گفتگو ٿيندي
هئي. عربي ۽ فارسي ادب جا ته خاص دلداه هوندا هئا.
خاص طرح سان فارسيءَ جي ڪيترن ئي شاعرن، مولانا
رومي، حافظ شيرازي، مولانا جامي، عمر خيام، خواجه
فريدالدين ”عطار“ جا شعر کين ياد هوندا هئا ۽ محفل
۾ موقعي جي مناسبت سان اُهي شعر نهايت وڻندڙ انداز
۾ پيش ڪندا هئا. ائين کڻي چئجي ته فارسيءَ جا گوهر
هئا، پر پنهنجي وڏي ۾ وڏي علميت ۽ ڄاڻ، پرهيزگاري،
تقويٰ ۽ سخاوت جو ڪڏهن به نماءُ نه ڪيائون. سندن
ڪچهريءَ ۾ مذهبي ۽ ديني گفتار جي دوران ڪڏهن به
فرقه بازي يا طنز جو اشارو نه ملندو هو. جيتوڻيڪ
مذهبي ۽ سياسي جماعتن واريون اهم شخصيتون به وٽن
خاص طرح سان ڪچهري ۽ ميل ملاقات لاءِ اڪثر اينديون
رهنديون هيون، پر سندن روش ۽ گفتار مان نهايت خوش
ٿي ويندا هئا. اهڙيءَ ريت، آزاد منش ۽ دنياوي
زندگيءَ جا دلداده به وٽانئس عزت ۽ آڌرڀاءُ وٺي
متاثر ٿيندا هئا. اديب، دانشور ۽ محقق ته شاهه
لطيف جي ميلي تي ايندي ويندي، خاص طرح سان قاضي
صاحب سان ڪچهري ضرور ڪندا هئا، جن ۾ علامہ غلام
مصطفيٰ قاسمي، علي احمد بروهي، مظهر يوسف، غلام
رباني آگرو، ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“، ڊاڪٽر مهڪري،
نياز همايوني، ۽ ٻيا ڪيترائي صاحب علم وٽس ايندا
رهندا هئا. مون کي بلڪل ياد آهي ته محترم رانا
ڀڳوان داس (چيف جسٽس سپريم ڪورٽ اسلام آباد) جڏهن
هالا ۾ سب جج هو، تڏهن قاضي صاحب جن وٽ علمي
ڪچهريءَ جي لحاظ سان اڪثر ايندو هو ۽ رانا صاحب جو
تصوف ۽ علم عرفان سان بيحد لڳاءُ هوندو هو ۽ سندس
مطالعو به تمام سٺو هو ۽ يارويس طبيعت جي مالڪ هئڻ
سبب عام طرح سان سندس ساک تمام بهترين رهي آهي.
قاضي صاحب جن ڪڏهن به ڪنهن جي نه سفارش ڪئي ۽ نه
ڪنهن لاءِ کين چيو. اهڙيءَ ريت جسٽس مجيب الله
صديقي جڏهن شهدادپور ۾ هوندو هو ته قاضي صاحب جن
وٽ اڪثر ايندو هو ۽ ساڻس علمي بحث مباحثا نهايت
دلچسپ ٿيندا هئا. جيتوڻيڪ فڪري لحاظ کان قاضي صاحب
درويشن ۽ بزرگن ۽ اوليائن جي ملفوظات يا سالڪن جي
سلوڪ ۽ سوز سان ڀريل روايتن کان به متاثر هو، پر
مجيب الله صديقي صاحب اهڙي نرميءَ جو قائل نه هو،
سخت مذهبي رجحان رکندڙ ۽ پرهيزگار ۽ تقويٰ جو صاحب
هو. تنهن هوندي به قاضي صاحب سان فون تي رابطو به
رکندو هو ۽ ڪچهري لاءِ به ايندو هو. انهيءَ جي
علاوه آخوند عبدالله ڊي.سي ٺٽو به رهيو ته گورنر
جو ائڊوائيزر يا سيڪريٽري به رهيو، سو به قاضي
صاحب وٽ اڪثر ايندو هو. پاڻ اصل روهڙيءَ جو هو ۽
باصلاحيت فارسي دان هو. اُن جا قاضي صاحب ڏي لکيل
خط اڄ به ادبي شاهڪار جو نمونو آهن.
قاضي غلام محمد صاحب سان گڏجي سندس زمين، جيڪا
سانگهڙ ضلعي ۾ هئي، ويندو هوس. اڪثر جڏهن به زمين
تي ويندو هو ته مون کي به وٺي ويندو هو. سندن حسن
سلوڪ ۽ معامله فهمي جيڪا هارين سان ۽ ڪمدارن سان
مون کي نظر آئي، سا هر ڪنهن زميندار جي وس کان
ٻاهر آهي. اُتي ديهن تي ڪمدارن ۽ هارين سان جنهن
مهر ۽ محبت سان ملندو يا ڳالهائيندو هو، سو ائين
سمجهه ۾ ايندو هو ته ڄڻ انهن جي اهنجن ۽ تڪليفن کي
سمجهڻ ۽ انهن کي دور ڪرڻ لاءِ آيو آهي. هر هڪ جا
مسئلا ٻڌندو هو ۽ ڪيترن ئي مسڪينن کي اُتي به
خيرخيرات ڏيندو هو. حساب ڪتاب ۾ به ڪنهن کي ڪا
شڪايت نه هوندي. هڪ دفعي اهڙيون برساتون پيون جو
نئو آباد ۽ اهو سمورو علائقو ٻڏي ويو ۽ فصل تباهه
ٿي ويا. هاري ڳوٺ ڇڏي دلشاد شاخ جي ڪپرن تي اچي
ويٺا. اسين پهتاسون، هتي به قاضي صاحب جون ٽي چار
ديهون هيون. هاري پريشان هئا. اُتي سڀني کي سڏي
چيائين ته، ”هاڻي توهان جو سمورو قرض معاف آهي،
اڳتي الله مدد ڪندو.“ ڪجهه صاحبزادن چيو ته ”قرض
ته معاف ٿيو، پر هاري اَن گهرندا، ٻج گهرندا ۽
تقاوي گهرندا، پوءِ؟“ پاڻ چيائون ته ”اسين سڀ ڪارن
۾ چڙهون ٿا ۽ پاڻ وٽ الله تعاليٰ جو رزق ۽ نعمت
سڀڪجهه آهي. انهن وٽ ته ڪجهه به نه رهيو آهي!“ مون
اندازو لڳايو ته اُهو سمورو قرض ويهن پنجويهن لکن
کان گهٽ نه هو. پر قاضي صاحب اهڙا ڪئين قرض معاف
ڪيا، جن جو تفصيل ڏجي ته وڏو آهي. ڪيترن ئي هارين
بي ترتيبيءَ سان نقصان به ڏنو هوندو. اجايو پاڻي
لوڙهي ڇڏيندا هئا، ته به زباني طرح سان سمجهائي ۽
خدا جي خوف جو ڳالهيون ڪري، کين نصيحت تي اڪتفا
ڪندا هئا.
خيرخيرات ته وٽن هميشه جاري هوندي هئي. ڪار ۾
هلندي ڪنهن به سواليءَ کي خالي نه ڇڏيندا هئا. سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندا هئاسون، تڏهن مون کين ڏٺو ته
غريب ۽ محتاج سواليءَ کي ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڏيندا
هئا. حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي عيد
ميلاد النبيءَ تي هر سال سندن ولادت باسعادت جي
شان ۽ خوشيءَ ۾ في سبيل الله ڪيتريون ئي ديڳون
چاشني ۽ پلاءُ جون، پاڙي ۾ پاڻ ويهي تقسيم ڪندا
هئا، ۽ مولوي، حافظ قرآن ۽ ٻين کي دعوت ڏيندا هئا،
اسان وٽ عام طرح ”عرس شريف“ چئجي ٿو. سڀ ڪنهن جو
پنهنجو مسلڪ آهي. مون کي ياد آهي ته هڪ دفعي ڪنهن
سرڪاري ڪم سبب آءٌ عيد ميلاد النبي صلي الله عليہ
وآلہ وسلم واري دعوت ۾ پهچي نه سگهيس، ته مون ڏي
انهيءَ مهيني جي ڪنهن آچر ڏينهن پُلاءُ جو وڏو
ديڳڙو خصوصي طور تيار ڪرائي ڏياري موڪليائون، جيڪا
حقيقت قاضي صاحب جي سڀني صاحبزادن کي معلوم آهي.
محرم جي ڏهن ڏهاڙن ۾ امام حسين رضه ۽ ڪربلا جي
واقعي جو ذڪر ڪندا هئا. نائين محرم تي في سبيل
الله نذر و نياز به ڪندا هئا. اهو سندن دستور
هوندو هو. انهيءَ جي علاوه به مون ڪيترائي دفعا
ڏٺو ته صبح ساڻ پهرُو ڪُهائي، پاڙي ۾ غريبن کي
گوشت ورهائي ڏيندا هئا.
قاضي صاحب جن سادات خاندان جي وڏي عزت ڪندا هئا ۽
پاڙي جي ساداتن مان جيڪڏهن ٻار به اوطاق تي ايندو
هو ته اُٿي بيهي ملندا هئا. پاڻ ڪيترائي حج ۽ عمرا
ڪيائون. مون سان سندن تعلق ۽ لڳاءُ هميشه قائم
رهيو. جڏهن عمرڪوٽ ڪاليج مان بدلي ٿي کپري ڪاليج ۾
آيس ته روزانو صبح جو فجر نماز کان پوءِ ڪچهري
ڪندا هئا ۽ اڪثر چوندا هئا ته هاڻي ڄڻ گڏيا ويٺا
آهيون، ڇو ته فون جي ڊائريڪٽ ڊائلنگ آهي. اهي
1990ع ۽ 1991ع جا سال آهن ۽ پاڻ اڪثر ناچاڪ به
رهندا هئا ۽ سندن ناچاڪي ۾ سندن فرزند محترم قاضي
شوڪت علي سندن وڏي ۾ وڏي خدمت ڪئي ۽ ٻيا لائق
فرزند به پيش پيش رهيا، پر قاضي صاحب جو گهڻو فڪر
۽ اونو قاضي شوڪت علي نهايت صبر ۽ دلبستگي سان
برداشت ڪيو جو ڪراچيءَ علاج لاءِ وڃڻ ۾ هر وقت
تيار رهندو هو ۽ آخرڪار ڊائلسز مشين پنهجي
گهرايائون ۽ قاضي صاحب جي ڊائلسز هفتي ۾ يا ڏهين
ڏينهن ضرور ٿيندي هئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر عرفان علي
قاضي ۽ ڊاڪٽر لياقت علي قاضي موجود هوندا هئا.
قاضي صاحب بيماريءَ جي دوران به ڪلام پاڪ جي تلاوت
۽ نماز جي ادائگي پابندي سان ڪندا رهيا ۽ رمضان
شريف ۾ ڪافي روزا رکيائون. توڙي جو پاڻ ڊائلسز جي
علاج مان پئي گذريا، ليڪن روزن رکڻ کي پنهنجي لاءِ
برڪت ۽ نعمت پئي سمجهيائون. آخرڪار سندن انتقال 13
جمادي الاول 1412هه خميس ڏينهن 21- نومبر 1991ع تي
ٿيو ۽ سندن جسد خاڪي کي سندن آبائي قبرستان هالا
پراڻا ۾ جاءِ ملي، جيڪا سندن آخري آرامگاهه آهي.
سندن اولاد ۾ ست پٽ آهن، جن ۾ وڏو پٽ قاضي محمد
اعظم آهي.
قاضي صاحب جي تصنيفات ۾ سيرت النبي صلي الله عليہ
وآلہ وسلم ۽ نماز ۽ تاريخ درگاهه شريف هالا شايع
ٿي چڪا آهن. انهيءَ جي علاوه ”ديوان آخوند محمد
قاسم“، فارسيءَ ۾ تصحيح ٿيل، انگريزي مقدمي ۽
ترجمي سان خطي نسخو موجود آهي. مطالعي ۽ علم و ادب
۽ ديني علوم سان دلچسپي هئڻ سبب قاضي صاحب جي
لائبريريءَ ۾ تقريباً ڏهه هزار ڪتابن جي ذخيري کان
زياده ڪتاب موجود آهن، جن ۾ قلمي ۽ ناياب نسخا به
آهن. هن وقت قاضي شوڪت علي صاحب، جيڪو پاڻ به
مطالعي جو ذوق رکندڙ ۽ ديندار، پرهيزگار ۽ تقويٰ
جو صاحب آهي، سو انهيءَ لائبريريءَ جي نگهداشت ۽
ان کي وڌائڻ ۾ مصروف آهي ۽ ان سان گڏ سندس ڀائر ۽
ڀائٽيا به علم ادب ۾ دلچسپي رکندڙ ۽ ديندار آهن.
الله تبارڪ و تعاليٰ کين وڌائي ۽ نيڪي ۽ دينداري
جي مزيد توفيق عطا فرمائي. آمين |