ناول ۽ ناٽڪ وارين نين صنفن تي سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکڻ
جي مرزا صاحب کي نهايت ساراهه جوڳي موٽ ملي. 1888ع
۾ سنڌ سرڪار ”دلارام“ ناول پنهنجي خرچ تي ڇپائي
اسڪولن ۾ ورهايو ۽ فاضل ليکڪ کي 220 رپيا انعام
پيش ڪيو. (رپورٽ آف دي ڊاريڪٽر پبلڪ اسنٽرڪشن
بامبي 1888-89ع، ص- 38). 1889ع ۾ مسز فاسيٽ جو
شاهڪار ”پوليٽيڪل اڪانامي“ جو انگريزيءَ مان ”علوم
اصول دستور المعاش“ جي نالي سان ترجمو ڪري سرڪار
کي ڏنائين، جنهن تي کيس 558 رپيا نقد انعام ڏنو
ويو. (بامبي ائڊمنسٽريشن رپورٽ، 1889- 90ع، ص-
180) 11 آگسٽ 1891ع تي ”لئمبس ٽيلس‘ جو سنڌي ۾
ترجمو ”دلچسند قصا“ ڪرڻ تي ايڇ پي جيڪب ايڊيوڪيشنل
انسپيڪٽر سنڌ اُن جا حق سرڪار کي وڪڻڻ لاءِ کيس
ڇهن سون رپين جي آڇ ڪئي (سائو پن يا ڪارو پنو، ص
196). ”دلپسند قصا“ بابت اهم نڪتو اِهو ظاهر ٿئي
ٿو ته سنڌ جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جيڪب صاحب کيس
اِهو ڪتاب سرڪاري خرچ تي ڇاپڻ جي آڇ ڪئي هئي. ظاهر
آهي ته حڪومت وٽ مرزا صاحب جي وڏي قدرداني ۽
پذيرائي هئي ۽ کيس اِن آڇ جي حوالي سان سٺو مالي
انعام به ملي ها، مگر مرزا صاحب اِهو ڪتاب پنهنجي
جنم ڀومي حيدرآباد ۾ ڪُندنمل پاران قائم ڪيل پهرين
ڇاپخاني ”قيصريه پريس“ کي شايع ڪرڻ لاءِ ڏيڻ کي
ترجيح ڏني. مرزا صاحب جو اِهو دورانديشيءَ وارو
قدم هو، جنهن موجب هن نيڪنام بزرگ انهيءَ نئين
لائين کي سهاري ڏيڻ جي هڪ شعوري ڪوشش ڪئي، جيئن
’سنڌي پريس‘ جي حوصله افزائي ٿئي.
مرزا صاحب پهريون سنڌي ليکڪ هو، جنهن کي درسي
ڪتابن کان هٽي ڪري ايڏي وڏي موٽ ملي جو سنڌ سرڪار
جي تعليم کاتي کان علاوه ٻين نون ناشرن جي به کيس
دلچسپي حاصل ٿي ۽سنڌ مدرسه بورڊ ڪراچي، منشي
پوڪرداس شڪارپوري ۽ ماستر هري سنگ سکر واري سان گڏ
سندس جنم ڀومي حيدرآباد وارو سيٺ ڪندن مل منگهر
سنگ، قيصريه پريس جو مالڪ به هن يگاني عالم جا
ناشر ٿيا، اُنهن ئي ڏينهن ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي
وارن ”راماٽڪ سوسائٽي“ برپا ڪئي ته مرزا صاحب جا
ترجمو ڪيل شاهڪار ناٽڪ هڪ ٻئي جي پويان اچڻ لڳا.
هاڻ مرزا صاحب علم حيوانات، زراعت، باغباني، صحت،
ٻارن جي پرورش، فلسفي، قصن، تاريخ، اسلامي علوم ۽
سهڻي لطيف تي به قدم کنيو. اسڪولي ڪتابن ۾ انگي
حساب، گرامر ۽ جاگرافي کي پڻ نه وساريائين.
اُڻويهين صديءَ جي پڄاڻيءَ تائين مرزا صاحب جي
ڇپيل سنڌي ڪتابن جو تعداد 38 ٿئي ٿو، جن جو موضوع
وارو وچور هن ريت آهي:
(1) اسلامي علوم ۽ اخلاقي اقدار 3 عدد
(2) سائنس، صحت ۽ ٻيا علوم 14 عدد
(3) ناول، ناٽڪ، قصا ۽ شاعري 21 عدد
ويهين صديءَ جا 29 سال پاڻ حال حيات رهيا ۽ قلمي
پورهيو ئي سندن لاڳيتو مشغلو رهيو. اُن صديءَ جي
شروعاتي سالن ۾ سندس ڪتابن جا مشهور ناشر – الحق
پريس سکر، پريميئر پريس حيدرآباد، شيخ عبدالرحيم
حيدرآباد، بگومل تلسيداس حيدرآباد، سنڌ جو ينائيل
ڪوآپريٽو سوسائٽي حيدرآباد، بلؤسٽڪي پريس حيدرآباد
وغيره ڳڻائي سگهجن ٿا. اهڙيءَ طرح سنڌ جي پنجاهه
کان به مٿي ناشرن سندس ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا.
ورهاڱي کانپوءِ اداره قليچ حيدرآباد، باغبان
پبليڪيشن حيدرآباد، آر ايڇ احمد ائنڊ برادرس
حيدرآباد ۽ سنڌي ادبي بورڊ سرفهرست رهيا آهن.
مرزا صاحب جا گهڻا ڪتاب ته ڏاڍو مقبول ٿيا ۽ بار
بار ڇپبا رهيا. مثال طور سندس ناٽڪ جو ڪتاب
”خورشيد“ ورهاڱي کان اڳ نو دفعا ڇپيو. اهڙيءَ ريت
”مقالات الحڪمت“ سندس حياتيءَ ۾ ئي ٽي دفعا ڇپيو.
”دلپسند لطيفا“ (ٻه ڀاڱا) به ساڳئي عرصي ۾ ٻه دفعا
ڇپيو. درسي ڪتاب، جهڙوڪ سنڌي ڪتاب، سنڌجي مختصر
تاريخ سبقن ۾، سندس حياتيءَ ۾ چار چار دفعا ڇپيا.
ٻئي طرف ٻاراڻا ڪتاب بهوري وري ڇپبا رهيا، جن کي
سنڌي ادبي بورڊ 1956ع کان وري ڇاپڻ شروع ڪيو.
هت شمس العلماء جي لکيل ”سنڌي ڪتابن جي ”الف بي
وار فهرست، ڇپجڻ جي سالن سميت پيش ڪجي ٿي. هن
فهرست ۾ ٽيهارو کن اهڙا ڪتاب به آهن، جن جي ڇپجڻ
جو سال معلوم نه ٿي سگهيو آهي. (اُنهن جي سامهون
سوال جي نشاني ڏني وئي آهي.) مرزا صاحب جا 35 ڪتاب
(اڻ ڇپيل) به ڇپائيءَ جا منتظر آهن، تن جا نالا ۽
لکجڻ جو سال به آخر ۾ ڏجن ٿا. گهڻي ڊيگهه کان بچڻ
خاطر ڪتابن جا ناشر، صفحا، قيمت وغيره هت درج نٿا
ڪجن. اِن سلسلي ۾ خواهشمند دوست، راقم پاران مرتب
ڪيل جامع ۽ تفصيلي ”قليچ جي ڪتابن جي ببليوگرافي“
ڏسي سگهن ٿا، جا اڻ ڇپيل آهي.
ڇپيل سنڌي ڪتابن جي الف بي وار فهرست
1.
آزار مان آرام 1913ع
2.
احوال شاهه عبداللطيف جو 1905ع، 1911ع 1972ع
3.
اخلاق صوفيه-------؟
4.
اخلاق قرآن و حديث 1915ع
5.
اخلاق معصومين-----؟
6.
استاد جي قدمن ۾-----؟
7.
اسرار حڪمت-----؟
8.
اسرار جو خزانو، ست واديون ۽ چار واديون- (ٻيو
دفعو) 1929ع
9.
اسلام جا ٽيهتر فرقا 1953ع
10.
اسلام ۾ تصويرون جائز يا ناجائز-----؟
11.
اسلام ۾ علم جي ڳولا-----؟
12.
اسلام بموجب اصول ٿيا سافي-----؟
13.
اسلامي پهريون ڪتاب سنڌي 1904ع، 1921ع، 1923ع،
1928ع
14.
اسلامي ٻيو ڪتاب، سنڌي 1904ع، 1921، 1922ع، 1928ع
15.
اسلامي ٽيون ڪتاب، سنڌي 1906ع، 1921ع، 1923ع،
1928ع
16.
اسلامي ٽيون ڪتاب، سنڌي 1906ع، 1914ع، 1921ع،
1928ع
17.
اسلامي پنجون ڪتاب، سنڌي 1914ع
18.
اسلامي تحفو 1916ع
19.
اسلامي تعليم نامو 1952ع
20.
اسلامي رسالو-----؟
21.
اشعار القرآن-----؟
22.
اصلاح نامه 1922ع
23.
اصول شرح محمدي 1916ع
24.
الاهي الهام-----؟
25.
الحيات بعد الممات 1956ع
26.
امام غزالي 1926ع
27.
املهه ماڻڪ 1920ع، 1968ع
28.
اميد شاهه ۽ شرب ديو 1915ع
29.
انجيل يا نئون عهدنامو-----؟
30.
انسان جا محافظ 1952ع
31.
انساني سڌاري جي شروعات 1956ع
32.
انشائي تعليمي خط ۽ مشقون (1)، 1916ع
33.
انشائي تعليمي خط ۽ مشقون (2)، 1916ع
34.
انشائي تعليمي خط ۽ مشقون (3)، 1916ع
35.
انڪوائري آفيسر 1897ع، 1916ع، 1966ع، 1973ع
36.
انگي حساب ٻاراڻي ۽ پهرين لاءِ 1927ع، 1932ع
37.
انگي حساب ٻئي درجي لاءِ 1927ع، 1932ع
38.
انگي حساب ٽئين درجي لاءِ 1927ع، 1932ع
39.
انگي حساب چوٿين درجي لاءِ 1927ع، 1932ع
40.
انگي حساب پنجين درجي لاءِ 1927ع، 1932ع
41.
ايرڪ 1919ع، 1961ع
42.
ايمرسن جا علمي ۽ عقلي نقطا 1915ع، 1922ع
43.
ايندڙ زمانو 1921ع
44.
ايها الولد سنڌي 1956ع
45.
با بادل 1914ع
46.
باغ ۽ باغباني 1900ع، 1960ع
47.
بدر منير 1927ع
48.
برٽش شهنشاهت جي مختصر تاريخ 1916ع
49.
بهائي تعليم 1923ع
50.
بهرام گور 1900ع ۽ (1961ع ۾ شهزادو بهرام.)
51.
ٻه ڀيڻون 1918ع
52.
ٻه جاڙا ڀائر ۽ ڀاءُ ڀيڻ 1926ع 1960، 1974
53.
ٻه ننڍڙا انسان 1915ع، 1960ع
54.
ٻاراڻي تعليم 1917ع
55.
ٻارن جي پالڻ جو طب 1910ع
56.
ٻاراڻا گل ڦل 1936ع
57.
ٻڌو ۽ ڏسو 1928ع
58.
پارسي زبان جي شعر جي تاريخ 1897ع، 1900ع، 1916ع
59.
پائي وائي پائي وزو-؟ 1964ع
60.
پٽيل اکيون پوريل اکيون 1964ع
61.
پرهيز نامو 1918ع
62.
پهاڪن جي حڪمت 1925ع
63.
پکي (باتصوير) 1898، 1914ع، 1922ع
64.
ڀاڄين جا طعام 1926ع
65.
تحفه اسماعيليه 1922ع
66.
تحفه اماميه ڀاڱو 1، 1929ع، 1953ع
67.
تحفه اماميه ڀاڱو 2، 1935ع، 1953ع
68.
تحفة السالڪين 1953ع
69.
تحفة السنوان 1913ع، 1958ع
70.
تصوف: حقيقت ۽ تاريخي احوال 1922ع
71.
تعليم حڪمت ڀاڱو 1، 1891ع، 1901ع
72.
تعليم حڪمت ڀاڱو 2، 1891ع، 1901ع
73.
تعليم حڪمت ڀاڱو 3، 1891ع، 1901ع
74.
تعليم صحت 1935ع
75.
تقريرون ۽ تحريرون 1970ع
76.
توريت يا قديم عهدنامو-؟
77.
تهذيب الاخلاق 1913ع، 1943ع، 1954ع
78.
ٽي ديو يا راڪاس 1959ع
79.
ٽي گهر، ڀاڱو-1، 1913ع، 1959ع
80.
ٽي گهر، ڀاڱو-2، 1913ع، 1959ع
81.
ثابت علي شاهه ساعر جو احوال-؟
82.
ٿيا سافي: حقيقت ۽ اصول 1912ع
83.
حاجتمنديءَ مان طاقتمندي 1916ع، 1929ع
84.
حاجي بابا اصفهاني 1914ع، 1961ع
85.
حالات الاوليا 1910ع، 1956ع
86.
حالات نبوي 1937ع
87.
حرڪت مان برڪت 1914ع
88.
حسنا ۽ دلدار 1897ع، 1960ع
89.
حشرات الارض (باتصوير) 1897ع، 1976ع
90.
حضرت سليمان عليہ السلام 1955ع
91.
حقائق الارواح 1906ع
92.
حيوان تعريف ۽ رحم جا لائق 1927ع
93.
جانور (باتصوير) 1901ع، 1910ع
94.
جنگ نامو 1916ع
95.
جوانيءَ جو اڪسير 1915ع
96.
جواهر الاخلاق 1915ع
97.
جواهر الانسان 1926ع
98.
جولئن هوم جي آکاڻي 1961ع
99.
جهڙو خيال تهڙو حال-----؟
100.
چار انجيل 1916ع
101.
چچنامو 1923ع
102.
چڱي خيال جي ڪراست ڀاڱو پهريون 1953ع
103.
چندن هار ڀاڱو (1)، 1916ع، (1959ع ۾ ٻئي ڀاڱا گڏ)
104.
چيستانا 1952ع
105.
ڇو ۽ ڇا 1915ع، 1955
106.
ڇوٽڪارو 1959ع
107.
ڇوڪرين لاءِ پهريون ڪتاب 1919ع
108.
ڇوڪرين لاءِ ٻيو ڪتاب 1919ع
109.
ڇوڪرين لاءِ ٽيون ڪتاب 1919ع
110.
ڇوڪرين لاءِ چوٿون ڪتاب 1919ع
111.
ڇوڪرين لاءِ پنجون ڪتاب 1919ع
112.
ڇوڪرين لاءِ ڇهون ڪتاب 1919ع
113.
ڇوڪرين لاءِ ستون ڪتاب 1919ع
114.
خانبهادر ميان حسن علي آفنديءَ جي سوانح عمري
1925ع
115.
خدا شناسي-----؟
116.
خطبئه قليچ 1937ع
117.
خواب ۽ تعبير 1924ع
118.
خود ياوري 1904ع، 1958
119.
خورشيد 1891ع، 1957ع، 1935ع
120.
دل جو آرام ۽ عجيب دوا 1916ع
121.
دلارام 1888، 1904ع، 1958ع
122.
دلپسند قصا ڀاڱو (1)، 1893ع، 1958ع
123.
دلپسند قصا ڀاڱو ٻيو 1893ع، 1959ع
124.
دلپسند لطيفا ڀاڱو (1) 1893ع، 1959ع
125.
دلپسند قصا ڀاڱو (2) 1893ع، 1959ع
126.
دل وندرائيندڙ ڳالهيون-----؟
127.
دنيا جي مختصر تاريخ 1935ع
128.
ديوان فاضل 1928ع
129.
ديوان قاسم 1936ع
130.
ديوان قليچ، ڀاڱو (1)، 1956ع
131.
ذبح عظيم 1933ع
132.
ڏاڙهياري جبل جو سير 1900ع
133.
ڏکن مان سک 1916ع
134.
ڏوهن جي قبولداري 19189ع
135.
ڏنگي زال کي سڌو ڪرڻ-----؟
136.
رابنسن ڪروسو 1924ع
137.
راحيل 1914ع
138.
راه نجات 1889ع، 1916ع
139.
رباعيات عمر خيام 1905ع
140.
رجب پاشا 1915ع
141.
رد تثليث 1916ع
142.
رساله ڪريمي 1904ع
143.
رستم 1819ع، (1928ع ۾ چوٿون دفعو 1963ع، 1971ع،
1974ع
144.
رعيت نامو 1916ع
145.
روحاني تعليم 1910ع
146.
روشنائي نامہ-----؟
147.
رائفلس 1917ع
148.
رياست خيرپور: اُن جو اڳوڻو ۽ هاڻوڪو تاريخي ۽
ملڪي احوال 1924ع
149.
زاد آخرت 1906ع
150.
زالن جا فرض 1919ع
151.
زالن جا ويم جو طب-----؟
152.
زباني يا دل جا حساب 1935ع
153.
زبور نثر ۾ 1916ع، 1919ع
154.
زبور يا گيتن جو پهريون ڪتاب 1921ع
155.
زبور يا گيتن جو ٻيون ڪتاب 1921ع
156.
زبور يا گيتن جو ٽيون ڪتاب 1921ع
157.
زبور يا گيتن جو چوٿون ڪتاب 1921ع
158.
زمين پوکڻ جو علم ۽ هنر 1899ع
159.
زميندارن لاءِ صلاح 1922ع
160.
زباني تعليم 1952ع
161.
زنوبيه 1914ع
162.
زينت (ناول) 1894ع 1958ع، 1970ع 1973ع، 1976ع،
1984ع
163.
زيب النساء بيگم 1953ع
164.
سائو پن يا ڪارو پنو 1965ع 1988ع
165.
ست واديون يا منزلون 1916ع
166.
ستن شهزادن جي آکاڻي-----؟
167.
سچو سک يا سچي خوشي جو ڳجهه 1923ع
168.
سچي محبت 1915ع، 1959ع
169.
سر سريراڳ 1916ع
170.
سرسري ناٽڪ جمشيد ۽ حميده 1913ع
171.
سرسري ناٽڪ جمشيد ۽ حميده (ضميمو) 1913ع
172.
سر سسئي شرح سان 1916ع
173.
سر سهڻي شرح سان 1912ع
174.
سليس صرف و نحو مُلن جي مڪتبن لاءِ 1920ع
175.
سندر وديا 1915ع
176.
سندباد جهازي-----؟
177.
سنڌ جو هڪڙو قديم صوفي اوليا-----؟
178.
سنڌ جي تاريخ 1903ع
179.
سنڌ جي تاريخ جون ڳالهيون 1916ع
180.
سنڌ جي مختصر تاريخ سبقن ۾ 1917ع 1918ع، 1920ع
1924ع
181.
سنڌ جي مختصر تاريخ ڳالهين ۾ (تصويرن سان)
182.
سنڌ جي مختصر جاگرافي ڳالهين ۽ لفظن ۾ 1922ع
183.
سنڌي زبان جي تاريخ-----؟
184.
سنڌي شعر جي قديم حالت ۽ پوءِ جو سڌارو 1914ع
185.
سنڌي علم نحو 1916ع، 1921ع
186.
سنڌي گرامر وڏو 1935ع
187.
سنڌي مرثيا ڀاڱو-2، 1927ع
188.
سنڌي مرثيا ڀاڱو-3، 1927ع
189.
سنڌي مرثيا ڀاڱو-4، 1927ع
190.
سنڌي مرثيا ڀاڱو-5، 1927ع
191.
سنڌي لٽريچر 1916ع
192.
سنڌي لغات قديمي 1924ع
193.
سنڌي ويا ڪرڻ ڀاڱو-1، 1960ع
194.
سنڌي ويا ڪرڻ ڀاڱو-2، 1960ع
195.
سنڌي ويا ڪرڻ ڀاڱو-3، 1960ع
196.
سنڌي ويا ڪرڻ ڀاڱو-4، 1960ع
197.
سودائي خام 1900ع، 1910ع
198.
سوانح عمري 1920ع
199.
سونو گڏهه-----؟
200.
شئنڊ فرڊ ۽ مرٽن 1913ع، 1916ع، 1922ع
201.
سيرت النبي ﷺ 1916ع
202.
شاهه ايليا 1901ع، 1959ع
203.
شاهه جو رسالو 1956ع، 1994ع 1997ع
204.
شاهه جي رسالي جو ڀاڱو 1913ع
205.شاهه
صاحب عالم 1953ع
206.
شاهزادي محبوب جي آکاڻي 1924ع، 1974ع
207.
شاهزادي قدم برگ 1960ع، 1964ع، 1974ع
208.
شاهنامي وارا شاهه 1926ع
209.
شراب جو خراب اثر-----؟
210.
شرح ديوان گل 1955ع
211.
شرلاڪ هومز ڀاڱو-1، چوپڙي نمبر 1، 1916ع
212.
شرلاڪ هومز ڀاڱو-2، چوپڙي نمبر 2، 1916ع
213.
شرلاڪ هومز ڀاڱو-3، چوپڙي نمبر 3، 1916ع
214.
شريف بيگم 1918ع
215.
شڪ جو شڪار-----؟
216.
شڪنتلا- 1896ع
217.
شمشاد مرجانه 1914ع
218.
شمرانه يا شيطان جي ناني 1914ع، 1916ع، 1959ع،
1969ع، 1974ع، 1928ع، 1983ع
219.
شوقين ڌاڙيل ناول 1923ع، 1927ع
220.
شهريار ۽ شهر بانو 1923ع
221.
شيخ بوعلي سينا 1926ع
222.
شيخ چلي ۽ اڱڻ مسخرو 1900ع، 1916ع، 1956ع
223.
شيطان جو مريد 1914ع، 1916ع
224.
صحت النساءِ 1899ع
225.صداقت
الاسلام 1906ع
226.
صلح ڪل جو پيغام (بهائي مذهب يا دين) 1938ع
227.
ضمان الفردوس 1915ع، 1935ع
228.
طب مطبوع مخزن منظوم 1952ع
229.
طلسمي گڏي-----؟
230.
عاقل ۽ فاطمہ 1952ع
231.
عالم آبي (با تصوير) 1897ع، 1916ع
232.
عالم ارواح-----؟
233.
عالم خواب-----؟
234.
عالم جو استاد 1922ع
235.عالمگير
مذهب 1953ع
236.
عبادت نامو 1922ع
237.
عجائب غرائب: دنيا جو سير 1916ع
238.
عجائبات سائنس 1935ع
239.
عجيب الماس 1915ع
240.
عجيب جواهر 1915ع، 1967ع، 1972ع
241.
عجيب طلسم 1914ع، 1960ع، 1969ع، 1976ع
242.
عجيب غريب نئون ناول 1900ع
243.
عجيب ڳالهيون 1961ع
244.
عزيز شريف 1909ع
245.عزيز
شريف جا راڳ 1909ع
246.
عقود الاعلى: موتين جو هار 1937ع
247.
علامات القرآن-----؟
248.
علم اخلاق 1906ع، 1916ع
249.
علم ادب 1914ع
250.علم
اصول دستور المعاش 1891ع
251.
علم بديع ۽ علم عروض 1953ع
252.علم
تصوف 1916ع
253.علم
قحف يا فرينالاجي 1953ع
254.علم
موسيقي-----؟
255.
غلاميءَ مان مٿي چاڙهو 1961ع
256.فرائض
انساني 1915ع
257.فرهاد
۽ شيرين 1923ع
258.فقہ
جا عجيب مسئلا 1892ع
259.فوائد
الاخلاق 1958ع
260.
فيروز دل افروز 1906ع، 1959ع
261.
قديم چيني اخلاق 1917ع
262.
قديم سنڌ، اُن جا مشهور شهر ۽ ماڻهو 1955ع، 1960ع،
1990ع
263.
قديم سنڌ جا ستارا 1923ع
264.
قصص الانبياءَ 1956ع، 1963ع
265.قصو
ليلى مجنون سنڌي 1889ع
266.
ڪادمبري 1916ع
267.
ڪامل انسان ڀاڱو-1، 1926ع
268.
ڪامل انسان ڀاڱو-2، 1928ع
269.
ڪرامات الاوليا 1911ع، 1956ع
270.
ڪريسس: قديم يونان جي هڪڙي تاريخي ڳالهه 1924ع
271.
ڪيميائي سعادت عرف ڪيميائي ڪرامت ٻه ڀاڱا، 1901ع،
1904ع، 1924ع، 1985ع
272.
گلابي جوڙو-----؟
273.
گل بڪاولي 1916ع
274.
گلزار ۽ گلنار 1916ع
275.گلشن
اخلاق 1914ع
276.
گلشن بهار 1936ع
277.
گلن جي ٽوڪري 1912ع، 1914ع، 1923ع، 1959ع
278.
گليور جو سير ۽ سفر 1913ع، 1923ع، 1960ع، 1969ع
279.
ڳوٺ جي وڏيرن يا پٽيلن ۽ ٻين ماڻهن لاءِ هدايت
نامو 1897ع
280.
لاله رخ 1926ع
281.
لٻا خان درزي ۽ خليفو ڪهنگ 1926ع، 1960ع، 1969ع
282.
لڇمي: هڪ ٺڳباز عورت 1913ع، 1916ع
283.
لطائف طوائف 1927ع
284.
لغات لطيفي 1914، 1967، 1994ع، 1998ع
285.لطيفي
لات 1904ع، 1912ع، 1994ع
286.
لطيفه معرفت 1916ع
287.
لوڀي ۽ ٺوڳي 1895ع، 1916ع
288.
لوقا جي معرفت يا پاڪ انجيل 1931ع
289.
ماکيءَ جي مک-----؟
290.
مائون ۽ ٻار 1953ع
291.
ماڻهون پنهنجو پاڻ طبيب 1927ع
292.
ماڻهو ڪين ٿا ڄاڻن 1928ع
293.
مثنوي تحفئه احرار 1922ع
294.
مثنوي ڪشف اعجاز 1914ع
295.مثنوي
مطلع الانوار-----؟
296.
محبت آل عبا 1922ع
297.
مجالس الشهدا 1910ع
298.
مختيار ثقفي 1919ع
299.
مخلوقات پنج ڀاڱا-----؟
300.
معصوم شفيع جي سوانح عمري 1926ع 1979ع |