سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2003ع (مرزا قليچ بيگ نمبر)

مضمون

صفحو :20

شمشير الحيدري صاحب جو خيال آهي ته ”سنڌيءَ ۾ پهريون اصلي نثري نظم 1937ع ڌاري سوڀراج نرملداس ”فاني“ لکيو هو، جيڪو ”سنڌو“ رسالي ۾ شايع ٿيو هٿو. بعد ۾ شيخ اياز ۽ نارائڻ شيام هن صنف کي باقاعدي سنڌي ۾ متعارف ڪرايو هو.“ تاج جويي جو اندازو آهي ته ٽئگور جي گيتانجليءَ جي سنڌي ۾ ترجمي کانپوءِ 1920ع کان 1940ع ڌاري نثري نظم سنڌي ٻوليءَ ۾ باقاعدي لکجڻ لڳا هئا. جڏهن ته مرزا صاحب اِهائي صنف 1898ع ڌاري ٿر جي شهر مٺيءَ ۾ پنهنجي ايامڪاريءَ وارن ڏينهن ۾ لکي هئي - ۽ پڪ سان ته پاڻ اِها صنف فرانس جي نثري نظم جي عظيم شاعرن بودليئر، رامبو، ميلارمي ۽ سينٽ جا پرس جي نثري نظمن کان ٿي ئي لکي هوندائون. مرزا صاحب جو هتي مثال طور پيش ٿيندڙ نثري نظم، جيتوڻيڪ هڪ اڻ ڇپيل مسودي جو حصو آهي، جيڪو قليچ ڪتبخاني ۾ سندن پونئيرن وٽ موجود آهي، پر هاڻي هتي اُن جي اشاعت سان مان سمجهان ٿو ته اسين سنڌيءَ ۾ نثري نظم جي تاريخ نئين سر ترتيب ڏيڻ جا اهل بڻجي وينداسين. هيءُ نظم جيتوڻيڪ پورا هڪ سؤ پنج سال اڳ لکيو ويو هو، پر اڄ به ترو تازه نثري نظم آهي ۽ اُن ۾ ڪنن جديد ترين نثري نظم جي شاعر جي لکيل نثري نظم جهڙي چمڪ آهي. نظم جو عنوان آهي: ”مِٺي“

مٺيءَ جي شهر ۾ مون کي ملي

هڪ زال، هو ’جنهن جو نانءُ مٺي‘

”هئي سندس ذات مٺي

لات مٺي

بات مٺي

وٺي اُت ٻانهن مستيءَ ۾

ڏني مانس چپن تي چاهه مان

سؤ وار مٺي

چيومانس: اي مٺي!

تون اهڙي مٺي،

جو مٺي مصري به اهڙي ناهي مٺي

چيائين: ڇڏ مُٺا قليچ ڇڏ!

مٺيون ٻيون

آئون مُٺي آهيان

ناهيان مِٺي!

مرزا صاحب وٽ مجموعي طرح سان پنهنجي ڏهه هزار شعرن ۽ 29 شعري مجموعن تي ٻڌل شاعريءَ ۾ نظمن ۽ موضوعن جا وسيع ميدان آهن ۽ جيتوڻيڪ اُن مان اڪثر شاعريءَ تي اخلاقيات جي ڇاپ آهي ۽ اُها دل جي ڀاشا ۾ گهٽ لکيل آهي؛ جو اُن لاءِ هن وٽ بهرحال شاعريءَ جي حوالي سان خالص پنهنجا اصول هئا- ۽ اُنهن مطابق مرزا صاحب جي آڏو شعر صرف حُسن جي تخليق جو نالو نه هو ۽ نه ئي پاڻ شعر مان فقط حظ حاصل ڪرڻ جا قائل هئا. سندن نزديڪ شعر کي زندگي جو ترجمان ۽ ڪنهن اهڙي صحتمند پيغام جو حامل هجڻ گهرجي، جنهن مان بني نوع انسان کي فائدو پهچندو هجي ۽ جنهن مان قوم ۽ ملت جي اخلاق جي تعمير ٿيندي هجي. شاعريءَ بابت مرزا صاحب جي اُنهن مٿين اصولن جو تتُ ۽ پيغام، سندن هن هيٺئين نظم جي سٽ سٽ ۾ سمايو پيو آهي ۽ اِن شعر تي ئي مان پنهنجي هن مضمون کي ختم ڪريان ٿو:

ڇڏي جيئن نامور ويا پنهنجو نالو

ڪريون تن جان اسين پڻ اڄ ڪشالو

وٺون موٽي جڏهن رستو رباني

ڇڏيون ڪا پاڻ پوين لئه نشاني

ته من ڪو رهگذر اِن ڏي نهاري

لنگهي هن رُڃ منجهان پهچي ڪناري!

منهنجا پيارا دوست مرزا صاحب!

توکي ڪا خدائي ڏات آهي! جيڪو ڪم تو شروع ڪيو آهي، سو مون کي شرمندو ٿو ڪري. آءُ پنهنجيءَ فرصت جو وقت سجائي ڪم ۾ لڳائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان؛ پر ايتريقدر نه، جيتريقدر تون ٿو ڪرين. اِنهيءَ ڳالهه ۾ تون سڀني کان گوءِ کڻي ويو آهين. شل، تون پنهنجي ۽ منهنجي ديس لاءِ گهڻو جين! پر جيڪڏهن تون مون کان اڳي وئين، ته آءُ تنهنجيءَ محنت جو ڦل جهان جي آڏو رکندس. – ڏيارام گدومل

سورت، 10 - ڊسمبر، 1906ع

نصير مرزا

”زمينَ کوٽين اسان جي ته: آسمان لهين!“

بطور ليکڪ… حيرت انگيز حد تائين ڊسيپلن سان حياتي گذاري ۽ سنڌي ادب لاءِ لاتعداد مثالي ڪتاب لکي، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ڇاهتر ورهين جي ٿي، نيٺ پنهنجيءَ جنم ڀوميءَ حيدرآباد ۾، ”بِلندشاهه“ جي نالي سان معروف اباڻي قبرستان ۾، پنهنجي جيئري ئي ٺهرايل لحد ۾ هن وقت سُڪون سان سُتو پيو آهي، جنهن بابت هُن پاڻ ئي پنهنجيءَ هڪ رباعيءَ ۾ چيو هو:

مون آهي مري مري وسايو توکي،

ٻيو سڀڪي ڇڏي، اچي ورايو توکي،

ڇو ٻَکُ نه وجهي سمهان آئون توکي، اي قبر،

مون ساهه ڏيئي آهي وٺايو توکي.

قليچ صاحب جي وصال کي اجهو اڄ لڳ ڀڳ اوترائي ورهيه ٿي چڪا آهن، جيترن ورهين جي ڄمار ۾ هيءُ جهان پاڻ خوشي خوشي ڇڏيو هئائون.

سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ مررزا صاحب اڪيلي سِر جيترا ڪتاب لکيا، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سربلنديءَ لاءِ جيترو نُور نچويو، ڇا هن قوم اُن جي قرض لاهڻ ۽ سندس ٿورا مڃڻ جي ڏس ۾ پاڻ ملهائي ڏيکاريو آهي؟ ظاهر آهي ته: ”نه!“… ۽ اِهوئي سوال اڄ خود قليچ جو روح هر سنڌ واسيءَ کان نه فقط ڪرڻ جو حق رکي ٿو، پر ”باقاعده“ رکي ٿو!

قليچ صاحب جا وڏا ٽالپر بادشاهن جي ايامڪاري دوران وچ ترڪستان (جارجيا) مان 1805ع ڌاري هجرت ڪري حيدرآباد سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا هئا. خود ”قليچ“ لفظ به تُرڪي ٻوليءَ جو ئي لفظ آهي، جنهن جي معنى آهي ’تلوار!‘ سنڌي ٻوليءَ جا اِهي ڀاڳ- سڀاڳ، جو 1853ع جي چوٿين آڪٽُبر تي اِها تلوار مياڻ مان ڇا ظاهر ٿي، اُن جي آب تاب سان سنڌي ادب جو آسمان ڄڻ اڄ به مَرڪي ۽ جَرڪي رهيو آهي.

… ۽ هتي خاص ڪري آئون پنهنجي دل جي ڳالهه ۽ خوشي ته لڪائي نٿو سگهان، ته آئون به اُن ئي نشانبر خاندان جو فرد آهيان ۽ مرزا صاحب جي ڀاڻيجي، ناصر علي مرزا ۽ سڳيءَ ڀيڻ، شرف النساء، جو پوٽو آهيان، جو مرزا صاحب ٻي ڀيڻ جو نالو زيب النساء هو، جيڪا لااولاد هئي. منهنجي لاءِ بطور ناچيز ليکڪ جي، اِها به وڏي خوش بختيءَ جي ڳالهه آهي ته آئون پڻ اُن ئي ٽنڊي ٺوڙهي ۾، مرزا صاحب کان ٺيڪ سؤ ٻه سال بعد ۽ اُنهي ئي گهٽيءَ جي پڇاڙي واري گهر ۾ پيدا ٿيو آهيان، جنهن جي اڳياڙيءَ واري گهر ۾ هِن عظيم الشان ”عالمن جي سج“ اکيون کوليون هيون.

۽ ڪيڏو ته ڀاڳوند آهيان آئون، جو گهران ڪيڏانهن به وڃان، يا ڪٿان گهمي ڦري گهر موٽي اچان ته سامهون عاليقدر مرزا صاحب جي گهر جي زيارت منهنجي اکين کي تازگي بخشيندي آهي!… ۽ جيستائين حيات آهيان، منهنجو نصيب بڻجي چڪي آهي.

پر ٻئي پاسي هيڏانهن مون لاءِ هي ڳالهه وري ڪيڏي نه دکدائڪ آهي ته هن وقت پوري ٽنڊي ٺوڙهي جي مرزا خاندان منجهان ڪو به اهڙو ماڻهو حيات نه آهي، جنهن جي مرزا صاحب جي روبرو زيارت ڪيل هجي. والد صاحب منهنجي برابر ته قليچ بيگ صاحب کي ڏٺو هو ۽ کانئس قليچ بابت مون کي ڪجهه پڇڻ به گهربو هو، پر پنهنجي والد صاحب کي وري مون پورو نه ڏٺو هو، جو منهنجي ڪمسنيءَ ۾ سندس رحلت ٿي وئي هئي. والده منهنجيءَ لاءِ وري مرزا صاحب جي زيارت ائين ممڪن ڪانه هئي، جو 1929ع ڌاري، جڏهن مرزا صاحب وفات ڪئي، امڙ منهنجي مشڪل سان چئن کن سالن جي هوندي ۽ وڏي ڳالهه ته هوءَ مرزا صاحبن جي ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙهي جي هئي به ڪانه!

مرزا صاحب جا ڪتاب پڙهندي ۽ سندس تصويرون ملاحظه ڪندي، ذهن ۾ سدائين اِها معصوم خواهش اُڀري، ته اي ڪاش! ڪو اهڙو عزيز بزرگ يا عزيزه حيات هجي ها ته اُن کان هوند قليچ صاحب جي آواز، قدوقامت ۽ اُٿي ويٺي بابت پڇي، اُن معلومات کي تحرير هيٺ آڻجي ها.

ها! ائين برابر آهي ته ٽنڊي ٺوڙهي ۾ مرزا صاحب جي ذاتي رهائش وارو گهر مون ضرور اکين سان ڏٺو آهي ۽ اُن جا در و ديوار، ديوارن تي آويزان سندس يادگار فيملي فوٽوز… آرام جو پلنگ، لکڻ واري ٽئبل ڪرسي، پائڻ وارو لباس، بوٽ… سُوٽ…ڪوٽ… ۽ توڻي جو هُو هر لحاظ کان ’مشرقي‘ ذهن رکندڙ عالم ۽ تخليقڪار هو، پر سندس طرز زندگي، جنهن کي فارسيءَ ۾ ’بود و باش‘ چئجي، اُها البته مون کي ’مغربي‘ طرز جي محسوس ٿي آهي.

آواز… مرزا صاحب جو ڪهڙو هوندو هو؟ اُن بابت البته تازو ئي سُڌ پئي اٿم ۽ اُها به خاندان جي ڪنهن فرد يا مرزا صاحب جي حال حيات ڪنهن دوست رفيق وٽان نه، پر ماهوار ”سنڌوءَ“ جي ايڊيٽر پاران لکيل هن وضاحتي نوٽ مان… جنهن ۾ هن صاحب لکيو آهي ته: ”نومبر 1914ع ۾ سنڌي ساهت سوسائٽيءَ پاران افتتاحي اجلاس ۾ مرزا صاحب کي ’سنڌي شعر‘ بابت ليڪچر ڏيڻو هو. مرزا صاحب جو آواز هو ذرا نفيس… سو حاضرين چِٽو نه ٻُڌي سگهن ها، جنهنڪري سندس ليڪچر ڇپرائي ورهايو ويو، ته سڀ حاضرين اُن مان لاڀ پرائي سگهن.“

مرزا صاحب 1910ع ڌاري، ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان رٽائرمينٽ ورتي ته رهائشگاهه کان سڏ پنڌ تي پنهنجي باغ ۾ املداس جي وڻ تي ’وسرام‘ لاءِ آکيرو جوڙايو هو، جنهن جو تذڪرو پاڻ پنهنجي سوانح واري ڪتاب ”سائو پن يا ڪارو پنو“ ۾ ڏنو اٿائون. (۽ جنهن جي تصوير پڻ اُن ڪتاب ۾ آيل آهي.)

ادبي شعور اچڻ بعد، پنهنجيءَ سانڀر ۾ اُن املداس جي وڻ ۽ اُن تي ٺهرايل اُن عجيب و غريب آکيري جي تلاش ۾ ڳوٺ جي باغ ڏانهن پنڌ آئون به پيو هئس… پر الاس!… هاڻي نه اُن باغ ۾ املداس جو ڪو وڻ ئي باقي رهيو هو ۽ نه ئي آکيرو. گويا هوائون، اُن وڻ جا پَن، شاخون ۽ اُن آکيري جا ڪکَ ڪانا اُڏائي الائي ڪهڙن ڏسائن، زمانن ۽ زمينن ڏانهن کڻي وڃي چڪيون هيون ۽ هاڻي اُن باغ ۽ باغ جي ڀرپاسي واري علائقي ۾ نئون زمانو پساهه کڻي رهيو آهي ۽ هاڻي اُن ڀيڻيءَ تي گنجان آبادي رهائش پذير آهي ۽ بي ترتيب، هڪ ٻئي سان ڳتيل گهرن آهن ۽ علاوه ازين سوڙهيون گهٽيون ۽ ٻارن جا انبوهه ۽ رفُ ڪاڳر… ۽ پوليٿين جون ٿيلهيون!

ها!… ائين برابر آهي ته ٽنڊي ٺوڙهي ۾ م رزائن جي ويڙهي جي چوڌاري اوڏڪي ’عالم پناهه‘ واري ديوار جو ملبو ننڍپڻ ۾ مون ضرور اکين سان ڏٺو هو، جنهن جي تصوير مرزا صاحب جي سوانحي ڪتاب ”سائو پن يا ڪارو پنو“ ۾ ڇپيل آهي ۽ جيڪا مرزا صاحب جي ڏينهن ۾ کڙي هئي، (۽ باقاعده کڙي هئي) پر هاڻي هِن وقت، اُن جو ڪو وجود اُتي آهي ئي ڪونه!

خير… مرزا صاحب جي پنهنجي گهر ۽ سندس ڀيڻ ڀائرن جي گهرن جي اوچين اوچين ڇتين تي وڏن وڏن منگهن (هوادانن) جي مون کي اڄ به پوري سانڀر آهي. ۽ اُنهن حاويلين جا شاهي اڱڻ، ۽ اُنهن ۾ رکيل شيشم ۽ جنڊيءَ لٿل پينگها، اوطاقن ۾ منجيون، مُوڙا، آرام ڪرسيون… وندر وُرونهن لاءِ رنگ رنگ جا پکي، مور، هرڻ، ڀلا گهوڙا، سواريءَ لاءِ وڪٽوريا گاڏيون ۽ اهڙين اوطاقن ۽ گهرن کان اوريان پريان، کُليل کُليل ميدان… ويران پوٺا، ۽ جي ڪڏهن سٺا مينهن پئجي ويندا هئا ته ٽنڊي ٺوڙهي جي اهڙن ئي ويران پوٺن مان عجب عجب جهڙيون شيون، ٺِڪريون، ۽ زمانن کان دفن ڪي دفنيا…ڪوڏ، سپون… کُنڀيون نڪري نروار ٿي پونديون هيون ۽ آئون پنهنجن هڪ جيڏن سان وتندو هئس اُنهن ميدانن ۾ سير سپاٽا ڪندو…

… ۽ اِجهو … اسان جي قليچ بيگ، ٽنڊي ٺوڙهي جي اهڙين ئي ته پُراسرار خاموشين ۽ راتين جي سناٽن ۾ خانداني ڪتبخاني جي ٽئبل ڪرسيءَ تي ويهي يا گوشه نشينيءَ وارن ڏينهن ۾ وري پنهنجي املداس واري ٺهرايل پيهي/ آکيري تي چڙهي، لکڻ پڙهڻ ۽ عبادت رياضت جو ڪم سرانجام پئي ڏنو هوندو.

قليچ بيگ صاحب توڻي جو زندگيءَ جي پڇاڙڪن ۾ پهرن ۾ گوشه نشيني اختيار ڪيل ٿي ڏسجي، پر باوجود گوشه نشيني اختيار ڪرڻ جي، عملي ڪم ۽ علم ادب ڏانهن هن جي Commitment بلڪل  Clear هئي ۽ سنڌ جي بيشتر عالمن، مفڪرن ۽ دانشورن وانگر ’زندگي، مذهب ۽ موت‘ بابت هو ڪنهن ذهني مونجهاري يا Confusion جو شڪار قطعي نه ٿيو هو! سنڌي ادب جي رومال کي ڪيئن ’گهڻ پاسائين‘ مال سان مالامال ڪجي، قليچ صاحب حياتيءَ جي آخري ساهه تائين اُن ئي جستجوءَ ۾ پاڻ کي مصروف رکيو. هن جي جنم کان وٺي وصال تائين سنڌ تي ’فرنگي‘ جو راڄ هو ۽ هو چاهي ها ته رڳو انگريزي ۾ تصنيف ۽ تاليف جو ڪم ڪري. وقت جي حاڪمن جو وڏو آشيرواد ماڻي ها، پر هن نه فقط سنڌيءَ ۾ لکڻ کي ترجيح ڏني، پر ان زبان ۾ ڪيترين ئي صفن جو موجد پڻ بڻيو.

چوٿين جولاءِ 1929ع جي ڪنهن پهر ۾، پنهنجيءَ ئي ٺهرايل ڏولي ۾ سوار ٿي، حياتيءَ ۾ ئي جوڙايل لحد ۾ لهڻ لاءِ، جڏهن مرزا صاحب ’بِلند شاهه‘ ڏانهن اُسهڻ وارو هو، جو ”بابِ قليچ“ آڏو، جنازه نماز بعد، ’منهن مبارڪ‘ ڏيکارڻ واري آخري رسم وقت، علامه عمر بن محمد دائودپوٽو ۽ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي پڻ ڪراچي مان اچي اُن وقت اُتي پهتا هئا.

اِجهو هن تاثر جي پڄاڻي، آئو محترم ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب جي محبت ۽ عقيدت سان لکيل اِنهن سِٽن تي ڪريان پيو: ”مرزا صاحب جي آخري ديدار فرحت آثار لاءِ جڏهن اُتي پهتس، ته ڏٺم ته سندن مبارڪ چهرو بدر منير وانگر پئي چمڪيو ۽ گلاب جي گُلَ وانگر پئي مهڪيو ۽ سندس پيشانيءَ مان نور ظاهر هو. سندس سونهاريءَ جا سفيد وارَ، سج جي سفيد ڪرڻن وانگر پئي جهرڪيا، ۽ پاڻ ائين ستو پيو هو، جيئن ڪو جيئرو جاڳيندو انسان مِٺي ننڊ ۾ هجي. مطلب ته عجيب لقاءُ لڳو پيو هو ۽ گلاب جي مُکڙيءَ وانگي مُک پئي ٽڙيس ۽ عجيب مُرڪ سندس وجود تي نمايان هئي.“

چونڊ ڪندڙ: نصير مرزا

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ

مهد کان لحد تائين

احوال – دلچسپ واقعا – ڪي اهم ڳالهيون – شاعري

جڏهن سنڌ جي گاديءَ تي مير ڪرم علي خان ٽالپر هو، تن ڏينهن ۾ منهنجو والد فريدون بيگ ۽ نانو خسرو بيگ ٻيئي گرجستان مان هڪڙي ويڙهه ۾ قيدي ٿيندي، ايران ۽ پوءِ سنڌ ۾ آيا. 1805ع ۾ منهنجو نانو مير صاحب جي وڪيل هٿان ايران جي شاهه ۽ وزير جي معرفت سوکڙي ٿي مير صاحب وٽ آيو، جنهن هن کي پنهنجو پُٽيلو يا گود جو پٽ ڪيو، جو کيس ٻيو اولاد ڪو نه هو، جڏهن منهنجو نانو حيدرآباد ۾ آيو، تڏهن سندس عمر پندرهن ورهيه هئي ۽ بابا اُنهي کانپوءِ ٻئي وڪيل سان آيو، جڏهن سندس عمر ڏهه ورهيه مس هئي. مير صاحب هِنن کي پالي وڏو ڪيو ۽ گهڻو مان ڏيندو هو.

ميرن جي صاحبيءَ ۾ نانو ۽ بابا ٻيئي حيدرآباد جي ڪوٽ اندر رهندا هئا، جتي مير صاحب ۽ سندن ديرا هئا. صاحبيءَ جي ڦٽڻ وقت يعني 1843ع ۾ اسان جي مائٽن کي وري تڪليف شروع ٿي. ميرن سان گڏ پهرين ناني مرحوم کي به قيد ڪري ڪلڪتي ٿي نيائون، پر پوءِ ميرن جي ديرن جي سنڀال لاءِ هُن کي هِتي ڇڏي ڏيڻ ضروري ٿين. جڏهن حيدرآباد جو ڪوٽ انگريز سرڪار هٿ ڪيو، تڏهن اسان جا مائٽ، يعني بابو، نانو ۽ سندس ڪٽنب، سائينداد جي ٽنڊي ۾ وڃي ويٺا. اُنهيءَ ڀاڄ ۾ اسان جي توڙي ڪوٽ ۾ ٻين رهندڙڻ جي گهڻي دولت زيان ٿي. ڪجهه سامان اندران ڪڍي ٻاهر اُڇلائڻ ۾، ڪجهه ٻين وٽ امانت رکڻ ۾ ۽ ڪجهه زمين اندر پورڻ ۾.

سائينداد جي ٽنڊي ۾ ڪچن گهرن ۾ وڃي رهيا، جن کي هڪڙي ڏينهن اوچتو اچي باهه لڳي، جيڪا ٽي ڏينهن ساندهه پئي ٻري. ڏاڍي ڏکيائيءَ سان ماڻهن جا بچائي. ڪيترو قيمتي سامان، مال، ڪپڙا، جواهر ۽ موتي سڙي چٽ ٿي ويا. سڙيل موتي ڇڄن جا ڇڄ نڪتا. باهه کانپوءِ مير ڪرم علي خان جا ديرا ۽ ساڻن گڏ بابو ۽ نانو به لڏي اچي مير محمود جي ٽنڊي ۾ ڦليليءَ جي ڪناري تي، يعني آغا جي ٽنڊي ۽ يوسف جي ٽنڊي جي وچ تي، اچي ويٺا ۽ پوءِ اُتان ٺوڙهي جي ٽنڊي ۾، نواب محمد خان ٺوڙهي جي جاگير ۾ اچي ويٺا، جتي اڃا تائين اسان رهندا اچون.

جنهن گهر ۾ آئون ۽ منهنجا ٻيا وڏا ڀائر ۽ ڀيڻون سڀ پيدا ٿيا هئاسين، اُن گهر مان هينئر ٽي چار گهر ٿي پيا آهن. بابي جي وفات [1871ع] کانپوءِ ادي جن وري گهر جي مرمت ڪرائي ۽ ڦير ڦار ڪيو. امان جي وفات کانپوءِ ادي ڊاڪٽر جعفر قلي بيگ مرزا جي ولايت مان ڊاڪٽري پڙهي اچڻ کان ٿورو اڳي هڪڙو گهر جوڙايو ويو، جنهن ۾ پوءِ اسين سڀ رهندا هئاسين.

آئون شادي ڪرڻ [25- ڊسمبر 1888ع] کانپوءِ، اڪثر نوڪريءَ ۾ ٻار ٻچا ساڻ رکندو هئس. پر جڏهن ڳوٺ ايندو هوس، تڏهن ادي مرزا صادق علي بيگ (پهريون مسلمان گرئجوئيٽ) جن سان گڏ اڳوڻي جوڙيل گهر ۾ رهندو هئس؛ پوءِ ميان ابراهيم واري جاءِ خريد ڪري اُتي هڪ گهر جوڙايم، جتي اڃا تائين اسين رهندا اچون.

اسان جي گهر جي ڏکڻ ڏي ناني مرحوم (خسرو بيگ) جو گهر هو. اسان جي گهر جي صفي جي ڏکڻ ۾ جيڪا وڏي ڪوٺي هئي، تنهن ۾ ادي مرزا غلام رضا بيگ (مصنف ڪتاب: علم منطق) کي شادي ڪرائڻ کانپوءِ رهايو ويو. اُهائي هڪڙي شادي اسان جي پيءُ (مرزا فريدون بيگ) ۽ ماءُ (سڪينه ڌيءَ خسرو بيگ) پنهنجي جيئري ڪرائي. اُنهيءَ ڪوٺي ۾ گهڻا ورهيه پوءِ اسان جي والد (فريدون بيگ) وفات ڪئي. (1871ع، مدفن: بِلند شاهه وارو مقام، ٽنڊو ٺوڙهو)، جڏهن ادو مرزا غلام رضا بيگ ۽ ادو مرزا صادق علي بيگ بمبئي ڏانهن پڙهڻ لاءِ ويل هئا.

اسان جي گهر جي ڏکڻ ڏي هڪڙو ٽڪر زمين جو وٺي ناني جي گهر جو پڇواڙو ڪيو ويو هو. اُنهيءَ ڀت ۾ دري هوندي هئي، جنهن مان اسان جي ناني جن جي گهر جو اچڻ وڃڻ جو رستو هوندو هو. اُنهيءَ پاسي صفي ۽ ڪمرن ۾ ناني مرحومہ رهندي هئي.

ٻاهرئين در جي آمهون سامهون ناني مرحوم جي اوطاق هوندي هئي، پر جڏهن نانو (خسرو بيگ) بيمار ٿي پيو، تڏهن گهر ۾ رهندو هو ۽ ڊاڪٽر ۽ طبيب سڀ اُتي ايندا هئا. مير صاحب ۽ ٻيا سرڪاري آفيسر، ڪليڪٽر وغيره ۽ ٻيا اُتي پڇڻ ايندا هئس. مون کي نانو مرحوم رڳو کٽولي تي پيل ياد ٿو پوي، جو آئون وٽس ويندو هوس. بابو (مرزا فريدون بيگ) به اُتي سندس اڳيان ويهي ڪتاب پڙهندو هو ۽ پوءِ پاڻ ۾ علمي بحث مباحثا ڪندا هئا.

ٽنڊي ٺوڙهي ۾، هينئر جتي ريل جو بند آهي، اُتي ميدان لڳو پيو هو. مقام به اُتي ڪو نه هو. اڳي پيرو فقيرو جو مقام (قبرستان) هوندو هو، جيڪو ڪاري باغ (مرزا خسرو بيگ جي جاگير) جي پاسي ۾ آهي. اسان جي هڪ ڀيڻ (شرف النساء، نصير مرزا جي ڏاڏي) ۽ مير صاحب جي ڪوٽ جا ماڻهو به گهڻا اُتي دفنايل آهن. گهڻا ورهيه پوءِ بلند شاهه وفات ڪئي، جنهن کي اُتي دفنايوويو، پوءِ ٿورو ٿورو ٿي ويجهڙائيءَ سبب اُتي مقام ٿيڻ لڳو. (خود مرزا قليچ بيگ صاحب جي تربت به اُن ئي بِلند شاهه واري قبرستان ۾ آهي).

ٽنڊي ٺوڙهي مان حيدرآباد شهر ڏي وڃڻ لاءِ هاڻوڪي پُل واري جاءِ تي پتڻ جي ٻيڙي هوندي هئي. مون کي پاڻ ياد آهي ته ننڍي هوندي اُتان ٻيڙيءَ ۾ پتڻ لنگهيو هئس. جڏهن پُل ٺهي تيار ٿي، تڏهن اُنهي ڏينهن، اُنهيءَ هنڌ ڏاڍيون خوشيون ۽ تماشا ڪيائون ۽ بتيون ٻاريون هئائون. حيدراباد ۾ اينگلو ورنيڪيولر اسڪول هوندو هو. ماستر لڪشمڻ مرهٽو هيڊ ماستر هوندو هو. آئون ۽ ادو مرزا علي قلي بيگ (سچل سرمست جي ابتدائي رسالي جي مؤلف: مدفن بِلند شاهه) وٽس وڃي پڙهندا هئاسين ۽ پهرين ڪلاس ۾ هوشيار هوندا هئاسين. اينگلو ورنيڪيولر اسڪول مان پاس ٿي وري اسين هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿياسين. هاءِ اسڪول تڏهن ڪلاڪ جي مناري واري عمارت ۾ هوندو هو، جتي هاڻي ٽيرننگ ڪاليج آهي، اُنهيءَ هاءِ اسڪول ۾ ادو مرزا غلام رضا بيگ ۽ ادو مرزا صادق علي بيگ پڙهندا هئا.

مناري واير هاءِ اسڪول جي اُڀرندي ڏي مِشن اسڪول هو. اسڪول جي ڏکڻ ۾ وري پادري مسٽر شرٽ رهندو هو. مسٽر ۽ مسز شرٽ وٽ آءُ ميوزڪ يا انگريزي راڳ سکڻ ويندو هوس. پادريءَ جي بنگلي جي ڏکڻ ۾ وري پوسٽ آفيس هوندي هئي، جتي هاڻ زنزني ٽريننگ ڪاليج آهي. [تلڪ] چاڙهي جي هيٺان سنڌي اسڪول هوندو هو، جتي لائبرري ۽ ڪندنمل گرلس اسڪول آهي. اسين اُنهيءَ اسڪول ۾ سنڌي پڙهندا هئاسين، پوءِ انگريزيءَ ۾ وڃي ويٺاسين.

اسان جا مائٽ (پيءُ ۽ نانو) جڏهن سنڌ ۾ آيا، تڏهن ترڪي ٻولي ڳالهائيندا هئا ۽ پارسي به؛ پر پارسي ۽ عربي هتي سنڌ ۾ گهڻو پڙهيا؛ ڪي آخوندن کان ۽ ڪي پاڻ ۾ پڙهڻ ۽ صحبت ڪرڻ کان. سنڌ ۾ رهڻ ڪري ۽ شادين ڪرڻ سبب سنڌي به سکيا. جيتوڻيڪ پڇاڙيءَ تائين سنڌي صرف نحو ۽ اصطلاحن جون چڪون ڪندا رهندا هئا. جيئن ته ورلي مذڪر کي مؤنث ۽ مؤنث کي مذڪر ڪري ڳالهائيندا هئا.

وڏا ڀائر، ٺوڙهي جي ٽنڊي ۾، آخوند محمد شفيع وٽ پڙهندا هئا ۽ آئون به اُتي پڙهندو هئس. امان مرحومه ادين [زيب النساء ۽ شرف النساء] کي پڙهائيندي هئي، ۽ ناني جي گهر جون ڌيئون به اچي امان وٽ پڙهنديون هيون ۽ سبڻ ڀرڻ جو ڪم سکنديون هيون.

مسٽر اُڌارام ٿانورداس ۽ مسٽر نربداس اڪثر سنڌي ڪتاب لکندا ۽ ترجمو ڪندا هئا. سنڌ جي تاريخ نارائڻ جگنناٿ پهرين لکي، پوءِ ڪتاب لکڻ ۽ پسند ڪرڻ لاءِ هڪڙي لٽريچر ڪاميٽي مقرر ٿي، اُنهي وقت ڌاري ننڍي هوندي آئون به ڪتاب لکڻ ۽ ترجمو ڪرڻ لڳس. ڪي ڪتاب ڪاميٽي ۾ پيش ڪيم، جيڪي کين گهڻا پسند آيا ۽ مون کي انعام به مليا. اُنهيءَ کانپوءِ جهڙو ڪاليج ۾، تهڙو پوءِ نوڪريءَ جي ڏينهن ۾، تهڙو پوءِ پينشن وٺڻ کانپوءِ به ڪتاب لکندو پيو اچان.

بابا مرحوم [فريدون بيگ مرزا] هٿ ۾ هڪڙي چانديءَ جي مُنڊي پائيندو هو، جنهن جي ٽِڪ تي ”عبدالراجي فريدون بيگ گرجي“ لکيل يا اُڪريل هوندو هو. نانو مرحوم به ائين ڪندو هو ۽ اُنهيءَ جي مُنڊيءَ جي ٽِڪ تي به ”عبده الراجي خسرو بيگ گرجي“ لکيل هوندو هو.

بابو مرحوم جدا پنهنجيءَ جاءِ ۾ رهندو هو ۽ لکندو پڙهندو هو. ڏينهن جو اُتي ئي سمهندو هو ۽ رات جو سڀ گڏجي سمهندا هئاسين. آرڙهه ۾ ٻاهر ٿلهي تي ۽ سياري ۾ اندر صفي ۾، جتي بُخاري ۾ باهه ٻاريندا هئاسين. آءُ ننڍي هوندي بابي سان گڏ هڪ کٽولي تي سمهندو هئس. ننڍو ٻار امان سان ۽ ٻيا وڏا ڌار سمهندا هئا، سمهڻ مهل آئون بابي مرحوم کي زور ڏيندو هئس.

ننڍي هوندي اسين گهر ۾ توڙي ٻاهر رانديون ڪندا هئاسين. گهر ۾ ڪنگر ڪلوٽو ۽ لڪ لڪوٽيءَ راند. ڌيئون چيڪليون پانديون هيون. ٻاهر کينهوڙي جي راند، گلي ڏڪر، ٻارين ۽ ٻلهاڙي راند ڪبي هئي. وڻن ۾ ڏاڪ چمڻ جي راند ڪندا هئا. لغڙيون ۽ تڪلون به اُڏائيندا هئاسين. پتن جي راند به هئي، پر ٿوري. چدن جي راند، پوءِ اسڪول ۾ وڃڻ کانپوءِ پيئي. اسڪول ۾ جمنيشن ۽ ڪرڪيٽ جي راند هاڻ ٿورن ورهين کان پيئي آهي. ٻي ننڍي هوندي جي راند ڳجهارتن ۽ پرولين جي هئي. بيت بازي به گهڻي هوندي هئي، جنهن ۾ آئون ۽ ادو مرزا علي قلي بيگ هوشيار هوندا هئاسين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com