مرزا صاحب فارسي، سنڌي، اردو، ترڪي، عربي ۽
انگريزيءَ ۾ به شعر چيو آهي. اهڙيءَ ريت ساڳيو
فارسي غزل ترڪيءَ ۾ به ملي ٿو. شاديءَ جا دعوت
ناما فارسي منظوم لکيل آهن.
مرزا صاحب هر سال پنهنجي وفات جي تاريخ (مادهء
تاريخ) لکندو هو. اُنهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته
”قليچ“ موت کي هر وقت ياد رکيو. موت اصل ۾ مؤمن جو
حق سان وصال آهي. فقيري ۽ درويشيءَ جو چٽو اهڃاڻ
آهي. فنا کي فنا سمجهڻ ۾ ئي بقا آهي. حقيقت ۾
ضرورت بقا جي آهي ۽ هيءُ سمورو جهان ۽ هر شيءِ
”فنا“ ۾ داخل آهي. انسان کي اُهوئي ڪجهه ڪم ايندو
جيڪو ”فنا“ کي پاسيرو رکي ”بقا“ ڏي ڪاهيندو. علم و
دانش ۾ ”بقا“ جي اهيمت آهي. دنيا ۾ رهي دنياداريءَ
جي معاملات کي نباهڻ ۽ انسانيت جي پاسداري ۽
نگهباني ۾ رب تعالى جي خوشنودي حاصل ٿئي ٿي. گُرجي
نامہ“ جي مطالعي مان اهي سموريون حقيقتون معلوم
ٿين ٿيون.
”قليچ“ جي فارسي ڪلام ۽ گُرجي خاندان جي ٻين
نيڪنام ۽ باوقار بزرگن جي منظوم شهپارن ۾ تاريخ،
ثقافت ۽ سنڌ جي وسريل حالتن جي نشاندهي ٿئي ٿي.
”گرجي نامہ“ فارسي شاعريءَ جي صورت ۾ سنڌجو هڪ
”تاريخي ۽ تحقيقي دستاويز“ آهي، جنهن جو ڳوڙهي
مطالعي جي ضرورت آهي. محترمہ فائزه زهرا مرزا (بنت
محترم اعجاز علي بيگ مرزا) کي جس هجي، جنهن پنهنجي
پڙ ڏاڏي شمس العلماء جو هيءُ قيمتي خانداني
دستاويز، نهايت سليقي سان ايڊٽ ڪري وڏي اهتمام سان
شايع ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب شعر و ادب ۽ سخن جو بي
مثال شاهڪار آهي.
باش ساکن اندرين محرابِ رندان اي ”قليچ“
زانکہ برآيد اَزين درگہ هزاران کام ها.
ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو
مرزا قليچ بيگ
۽ شڪارپور
سنڌ جو مشهور شهر شڪارپور تاريخ ۾ ڪيترن ئي حوالن
کان انفرادي حيثيت رکندڙ آهي. هر دور ۾ اُن جي
خوشحالي ۽ خوبصورتي هنڌين ماڳين واکاڻيل آهي.
جاگرافيائي لحاظ کان شڪارپور نهايت ئي اهميت جوڳي
جاءِ تي آباد آهي. اِهي ئي ڪارڻ هئا، جو انگريزن
سنڌ تي قابض ٿيڻ کانپوءِ شڪارپور کي سموري اُتر
سنڌلاءِ ضلعي هيڊ وارٽر جي حيثيت ڏني. مختلف وقتن
تي هن شهر ۾ تعليمي، واپاري، ادبي، سياسي ۽
انتظامي لحاظ کان ڪيترائي اڪابر ايندا رهيا، جن
شهر جي مان کي گهڻو واکاڻيو ۽ مرتبي کي وڌايو.
انگريزن پنهنجن رپورٽن، يادگيرين ۽ ٻين ڪيترن ئي
ڪتابن ۾ شڪارپور بابت جيڪي رايا ڏنا آهن. سي ڪنهن
به سُڄاڻ پڙهندڙ کان ڳجها ڪو نه آهن. ڪيترن ئي
عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي هن شعر ۾ رهڻ جو موقعو
مليو ۽ خود اُنهن جو به شڪارپور سان مختلف رخن کان
هڪ خاص تعلق رهيو. سنڌي ادب جي ابو شمس العلماء
مرزا قليچ بيگ به سن 1891ع ۾ شڪارپور ۾ ائڪٽنگ
ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي سٽي مئجسٽريٽ جي اعلى عهدي تي فائز
رهيو. شڪارپور سان سندس جيڪا به وابستگي رهي آهي،
اُن متعلق جدا جدا عنوانن هيٺ مختصر طرح سان گفتگو
ڪجي ٿي.
مرزا صاحب جي شڪارپور ۾ ملازمت:
مرزا قليچ بيگ جي سوانح عمري ”سائو پن يا ڪارو
پنو“ جي
مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ سن 1891ع ۾
شڪارپور ۾ ائڪٽنگ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي سٽي مئجسٽريٽ جي
اعلى عهدي تي فائز رهيو (1). مرزا صاحب لکي ٿو ته:
”اهو سال 1889ع هو. اُنهي سال مون ڊپارٽمينٽل
امتحان ڏنو هو ۽ پاس ٿيس. ڪرنل ميهو تڏهن شڪارپور
جو ڪليڪٽر هو. اُهو خاص طرح مهربان هو ۽ مسٽر
ميولس اسسٽنٽ ڪمشنر هو، اُهو به خاص طرح مهربان
هو. ٽن مهينن تائين ائڪٽنگ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي،
ڊڪارپور جو سٽي مئجسٽريٽ ٿي رهيس. زال ۽ ٻار به
مون سان رهندا هئا. اُتان موٽي روهڙيءَ آيس“.(2)
شڪارپور مان بدلي ٿي وڃڻ کانپوءِ به مرزا صاحب وقت
بوقت شڪارپور ايندو رهندو هو. سندس سوانحعمري مان
اهڙا اشارا ملن ٿا، جيئن هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”12
اپريل 1914ع جي شام جو شڪارپور وياسين. مسٽر
پوڪرداس، مير علي نواز خان ۽ ٻيا ماڻهو اسٽيشن تي
گڏيا. رات جو ڊاڪ بنگلي ۾ ٽڪياسين ۽ ڏينهن جو شهر
گهمڻ وياسين“ (3). مرزا صاحب ٻئي هنڌ لکي ٿو ته:
”27- ڊسمبر 1921ع تي صبح جو آءُ شڪارپور ڏانهن
ويس. مسٽر پوڪرداس رڪ اسٽيشن تي آيو هو. شڪارپور ۾
موٽر ۽ گهوڙي گاڏيءَ تي وياسين، سرڪاري باغ ۾
وياسين ۽ شهر گهميوسين. گهڻن ماڻهن سان ملاقاتون
ڪيون سين. ٽين وڳي سکر ڏانهن روانا ٿياسين. گهڻا
ماڻهو اسٽيشن تي ڇڏڻ آيا.“(4)
مرزا صاحب جي شڪارپور جي ڪن تقريبن ۾ شرڪت به ڏسجي
ٿي، جيئن سن 1914ع ۾ شڪارپور جي ”ٽمبرس ڪانفرنس“ ۾
شريڪ ٿيو ۽ نشي بابت تقرير به ڪيائين.(5)
مرزا صاحب ملازمت کان اڳ به شڪارپور ۾ ايندو رهندو
هو، ڇاڪاڻ ته سندس ٻيو نمبر وڏو ڀاءُ مرزا صادق
علي بيگ شڪارپور جي هاءِ اسڪول ۾ هيڊ ماستر هو.
سن 1853ع ۾ شڪارپور ۾ هڪ انگريز اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر
گولڊ سمڊ جي ڪوششن سان هڪ مڊل اسڪول جو بنياد پيو،
جنهن کي سن 1873ع ۾ هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو ۽
مرزا صادق علي بيگ اُن جو پهريون هيڊ ماستر هو.
مرزا صاحب جا شڪارپور جي تاريخ بابت ويچار:
مرزا صاحب پنهنجي مشهور تاريخي ڪتاب ”قديم سنڌ،
اُن جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“ ۾ شڪارپور جي تاريخ تي
مختصر روشني وڌي آهي. فارسي ۽ انگريزي تاريخي
ماخذن کي ڇڏي ڏسجي ٿو ته هي پهريون سنڌي تاريخي
ماخذ آهي. جنهن ۾ ٻين شهرن سان گڏ شڪارپور جي
تاريخ متعقل پڻ مواد موجود آهي. شڪارپور بابت مرزا
صاحب هن ريت لکي ٿو: ”هي شهر دائودپوٽن جو هو. سن
1617ع ۾ جڏهن هنن لکيءَ جي مهرن کي جنگ ۾ شڪست
ڏني، تڏهن هي شهر ٻَڌائون، ۽ پوءِ به سؤ کن ورهين
تائين دائودپوٽن ۽ ڪلهوڙن جي وچ ۾ اِنهيءَ شهر جي
هٿ ڪرڻ لاءِ جهيڙو هليو آيو. ميان يار محمد جي
ڏينهن ۾ اِهو شهر پنوهرن جي هٿ ۾ هو ۽ اُنهي کي
سيويءَ جي پرڳڻي سان شامل ڪري ڇڏيو ۽ اُنهيءَ
کانپوءِ افغاني قافلا اُتي اچڻ لڳا ۽ واپار وڌڻ
ڪري شاهوڪار اچي گڏ ٿيا. اڪثر شهر ۾ سيد، ملا ۽
افغان رهندا هئا. اُنهن مان مشهور ماڻهو هي هئا:
سيد محمد تقي شاهه بخاري ۽ سندس پٽ سيد ابو طالب ۽
سيد مير محمد ۽ حاجي فقير الله، اُهي ٻيئي فضيلت ۽
علميت ۽ پرهيزگاري وارا ماڻهو هئا. نزديڪي ۾
ماڙيءَ جو ڳوٺ آهي، جنهن ۾ لکي پير جي قبر آهي،
جنهن پٺيان لکي جو ڳوٺ سڏجي ٿو. اُتي هڪ گرم چشمو
به آهي.“ (6)
مرزا صاحب جي مٿي ڏنل اقتباس ۾ هڪ جملي تاريخي
مونجهاري کي جنم ڏنو آهي. اهو جملو هن ريت آهي:
”ميان يار محمد جي ڏينهن ۾ اِهو شهر پنوهرن جي هٿ
۾ هو ۽ انهيءَ جو نالو خداآباد رکيائون.“
اِنهيءَ پس منظر ۾ ئي محبوب علي چنا مرحوم ڌوڪو
کاڌو ۽ لکيو هو ته، سنڌ ۾ ”خداآباد“ جي نالي سان
ٽي شهر وجود ۾ آيا هئا (7). جڏهن ته ’خداآباد‘ جي
نالي سان هڪ شهر دادو ڀرسان هو ۽ ٻيو هالن جي
اردگرد هو. ان ڏس ۾ اتريخ سنڌ ڪلهوڙا دور جو مصنف
لکي ٿو ته: ”پنوهرن واري شڪارپور دادو ض:عي ۾ آهي،
جنهن کي ميان يار محمد حڪومت جو مرڪز بنائي مٿس
’خداآباد‘ نالو رکيو. هيءَ وضاحت اِنهي ڪري ضروري
آهي ته عام مشهور ’شڪارپور‘ جا وڏيءَ مدت تائين
ايران، خراسان ۽ ترڪستان سان ۽ پاڪ هند جي تجارت
جو مرڪز بڻي رهي“ (8). ان جو مطلب ته موجود
شڪارپور تي نه ڪڏهن پنوهرن جو راڄ رهيو ۽ نه مٿس
’خدا آباد‘ نالو ئي پيو.
محمد صديق مسافر جي غلطي:
محمد صديق مسافر، مرزا صاحب جي حياتيءَ تي سن 34-
1935ع ۾ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جي سالياني جلسي
۾ ”مرحوم مغفور شمس العلماء خانبهادر مرزا قليچ
بيگ جي سوانح حيات“ جي عنوان هيٺ هڪ تقرير ڪئي
هئي، جنهن ۾ اڳتي هلي ڪجهه اضافو ڪري ”قرب قليچ“
جي نالي سان ڪتاب تيار ڪيو، جنهن جو پهريون ڇاپو
1936ع ۾ پڌرو ٿيو ۽ ٻيو ڇاپو آڪٽوبر 1997ع ۾ ”آگم
پبليڪيشن ايجنسي“ حيدرآباد پاران شايع ڪرايو ويو
آهي، اُنهيءَ تقرير ۾ (مذڪوره ڪتاب ص 29) مسافر
صاحب مرزا صاحب متعلق هڪ واقعو هن ريت بيان ڪيو
آهي: ”مرزا قليچ بيگ صاحب جڏهن شڪارپور ۾
مختيارڪار هو، تڏهن ريلوي ڊپارٽمينٽ وارن صاحبلوڪن
سان سندس گهڻو لهه وچڙ ٿيو. اُتي هڪڙي يوريشن
ڇوڪريءَ ۽ مرزا صاحب جي وچ ۾ صافدليءَ واري محبت
پيدا ٿي وئي. ٻنهي ڄڻن جي مرضي ٿي ته اسين پاڻ ۾
شادي ڪريون، ڇوڪريءَ جي پيءُ لاهور واري وڏي
پادريءَ کان اجازت گهري ته ڇوڪريءَ کي هڪڙي مسلمان
جوان سان شادي ڪرڻ ڏجي يا نه؟ پادريءَ لکي موڪليو
ته جيستائين اُهو مسلمان جوان ڪرستان ٿيڻ قبول نه
ڪري تيستائين ڇوڪريءَ کي ساڻس شادي ڪرڻ جي اجازت
ڏئي نٿي سگهجي. مرزا صاحب، جنهن جي رڳ رڳ ۾ اسلام
جو اثر مضبوطيءَ سان سمايل هو، تنهن ڪرستان ٿيڻ
کان انڪار ڪيو ۽ اُن يوريشن ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ
جي پچر ئي ڇڏي ڏنائين.“
دراصل انهيءَ واقعي جو تعلق راڌڻ سان آهي، نه ڪِ
شڪارپور سان.مرزا صاحب اُن زماني ۾ ميهڙ ڊويزن جي
ٿرڙي محبت تعلقي جو مختيارڪار هو ۽ راڌڻ جي
اسٽءِيشن ماسٽر مسٽر مُري جي وڏيڌيءَ ائلس سان
سندس گهڻي محبت ٿي ويئي هئي، ج نهن وڃي شاديءَ جي
ارادي جي نوبت اختيار ڪئي هئي. (سائو پن يا ڪارو
پنو. ص ص 46- 47)
خانبهادر قادر داد خان پٺاڻ:
آغا قادر داد خان، 16- جنوري 1844ع تي شڪارپور ۾
تولد ٿيو. سندس والد گل حسن خان سوداگر هو، جنهن
کي دهليءَ ويندي واٽ تي ڦورن اچي ورايو ۽ کانئس
مال متاع ڦري قتل ڪري ڇڏيو. جنهن کانپوءِ ننڍڙي
قادر داد خان جي تعليم ۽ تربيت سندس مامي رحمت خان
جي نظرداري هيٺ ٿي. هو پنهنجي تعليم مڪمل ڪري 1
نومبر 1861ع تي ساڳيءَ ڪليڪٽر جي آفيس جي اڪائونٽس
ڊپارٽمينٽ ۾ منشي ٿيو. 12 آڪٽوبر 1863ع تي انهيءَ
ڪليڪٽر آفيس جي روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ منشي مقرر ٿيو.
اهڙيءَ طرح 1 نومبر 1864ع تي ڊپٽي ڪليڪٽر آفيس
شاهبندر ڪراچي ۾ هيڊ ڪلارڪ جي حيثيت سان سندس تقرر
ٿيو. 19 جون 1866ع تي کيس سيوهڻ جو مختيارڪار مقرر
ڪيو ويو. 15 اپريل 1867ع تي کيس شاهبندر بدلي ڪيو
ويو. 18 مئي 1867ع تي کيس مختيارڪار جي اضافي چارج
ڏني وئي. 27 اپريل 1869ع تي کيس ايڪسٽرا اسسٽنٽ
ڪليڪٽر يا ڊپٽي ڪليڪٽر جي اضافي چارج حوالي ٿي.
20- جولاءِ 1877ع تي سيوهڻ ۾ فرسٽ ڪلاس مختيارڪار
ٿيو. 21- جون 1879ع تي سيوهڻ جو ڊپٽي ڪليڪٽر ۽
مئجسٽريٽ مقرر ٿيو. پهرين جون 1892ع تي چوٿين گريڊ
۾ ترقي ٿي. 23- نومبر 1893ع تي سيڪنڊ گريڊ مليو ۽
نوشهري ڊويزن ۾ مقرر ٿيو. 7 اپريل 1894ع ۾ سي آءِ
اي
(Companion of the order of the Indian Empire)
جو خطاب مليو. پاڻ سنڌ محمڊن ايسوسيئيشن جو ٻيو
نمبر صدر (1896ع کان 1903ع تائين) رهيو. خانبهادر
قادرداد خان 31 مئي 1903ع مطابق 3 ربيع الاول
1321هه دمڪشيءَ جي بيماريءَ وگهي انتقال ڪري ويو.
خانبهادر جا مرزا صاحب سان دوستي جا گهرا ناتا
هئا. مرزا صاحب ”تاريخ خيرپور“ کان علاوه پنهنجي
سوانحعمري ”سائو پن يا ڪارو پنو“ ۾ به سندس ذڪر
ڪيو آهي.
شيخ صادق علي انصاري:
شيخ صادق علي 17 آگسٽ 1850ع تي شڪارپور ۾ تولد
ٿيو، سندس والد شيخ شير علي هو، جنهن جي نسب جو
سلسلو چوٽيهين پيڙهيءَ ۾ خواجه عبدالله انصاري سان
ملي ٿو. شيخ صادق علي جا وڏا سهارنپور کان ميرن جي
دور ۾ اچي شڪارپور ۾ سڪونت پذير ٿيا.
شيخ صادق علي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ
جو امتحان حيدرآباد جي هاءِ اسڪول مان 1872ع ۾ پاس
ڪيائين. حيدرآباد جي هاءِ اسڪول ۾ مرزا قليچ بيگ
به ساڻس گڏ پڙهندو هو. اُنهيءَ زماني کان وٺي هنن
جي پاڻ ۾ دوستي رهندي آئي. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ
17 آڪٽوبر 1872عتي ٻاويهن ورهين جي ڄمار ۾ شڪارپور
جي ڪليڪٽر آفيس ۾ ڪلارڪ مقرر ٿيو،جتي 17 مئي 1873ع
تائين رهڻ کانپوءِ روهڙي جي ڊپٽي ڪليڪٽر آفيس ۾
ڪلارڪ مقرر ٿيو،جتي 17 مئي 1873ع تائين رهڻ
کانپوءِ روهڙي جي ڊپٽي ڪليڪٽر آفيس ۾ بدلي ڪيو
ويو، جتان 25- سيپٽمبر 1875ع تي شڪارپور ڪليڪٽر
آفيس واپس موٽايو ويو. 6 فيبروري 1876ع تي جيڪب
آباد جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي آفيس ۾ هيڊ ڪلارڪ مقرر ڪيو
ويو. 6 مئي 1880ع تي بلوچستان جي آفيس ۾ فرسٽ
اسسٽنٽ جو عهدو مليو. 17 سيپٽمبر 1880ع تي ساڳئي
عهدي تي شڪارپور بدلي ڪيو ويو. 7 ڊسمبر 1881ع تي
ميرپور خاص تعلقي جي پنجين گريڊ ۾ مختيارڪار مقرر
ٿيو. اُتي ئي کيس مئي 1882ع تي گهوٽڪي جو
مختيارڪار مقرر ڪيو ويو. 3 جولاءِ 1884ع تي
شڪارپور مقرر ٿيو. 7 آگسٽ 1887ع تي جيڪب آباد ۾
ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ٿيو. 12 مئي 1888ع تي ڊپارٽمينٽل
امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ ڇهين گريڊ ۾ ڪليڪٽر جو
عهدو مليس. 22 ڊسمبر 1890ع تي اپر سنڌ فرنٽيئر جو
ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ مقرر ٿيو. 11 مئي 1907ع تي
رياست خيرپور جو وزير مقرر ٿيو، اُن وقت خيرپور ۾
مير فيض محمد خان رياست جو والي هو. شيخ صاحب
خيرپور جي ترقي لاءِ جيڪي ڪوششون ڪيون، تن جو ذڪر
مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب ”تاريخ خيرپور“ ۾ ڪيو
آهي. 1911ع ۾ انگريز سرڪار کيس ’خانبهادر‘ جو خطاب
عطا ڪيو، اُنهيءَ موقعي تي شمس الدين ”بلبل“ هڪ
”قطعه تاريخ“ لکي، جنهن ۾ سندس پوٽي جي ولادت جو
سن به ڄاڻايو.
کردم به سعادت طلب سال ولادت،
هم اختر منزل شد هم عارض انور؛
1328
درسال لقب حال وضيفئه شيخ آمد،
از فکرم فياض عظيم آمد اظهر.
1911ع
شيخ صادق علي انصاري جو هڪ يادگار ڪارنامو
(The Musalman Races found in Sindh, Baluchistan
and Afghanistan)
آهي. سندس اِها رپورٽ 1901ع ۾ شايع ٿي، جا هڪ سؤ
صفحن تي مشتمل آهي. پاڻ سنڌ محمڊن ايسوسيئيشن سان
به لاڳاپيل/ هيو ۽ اُن جي ڪراچي ڪانفرنس ۾ ڀرپور
حصو ورتائين. شيخ صاحب 19 اپريل 1912ع مطابق 1-
جمادي الاول 1330هه تي لاهور ۾ وفات ڪري ويو، جڏهن
پنهنجي علاج لاءِ اُتي ويل هو. سندس لاش شڪارپور
آندو ويو ۽ علوين جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. سندس
وفات تي شمس الدين ’بلبل‘ جي چيل ”قطعه تاريخ“
(فارسي) سنڌي ادبي بورڊ جي ڇپيل ڪتاب ”ڪلام بلبل“
۾ (ص 158- 159) ڏسي سگهجي ٿي. (11) مرزا صاحب جا
شيخ صادق علي انصاري سان دوستي جا ناتا ملازمت جي
حولي سان هئا ۽ ڪتاب ”سائو پن يا ڪارو پنو“ ۾ سندس
ذڪر ملي ٿو.
پير رفيع الدين سرهندي:
پير فيع الدين سرهندي خواجه نظام الدين سرهندي جو
فرزند هو. فارسي جو گوهر ۽ ديني علوم جو وڏو ماهر
هو. شڪارپور ميونسپل ڪميي جو ڪائونسلر به ٿي رهيو.
فارسي شاعري جي حوالي سان گهڻو مشهور هو. خداداد
خان جي فارسي تاريخ ’لب تاريخ سنڌ‘ تي ”قطعه
تاريخ“ لکيائين. (12)
عبدالخالق وڪيل:
ميان عبدالخالق وڪيل جو تعلق شڪارپور جي اعواڻ
خاندان سان هو. مشهور فارسي گو شاعر محمد عارف
’صنعت‘ جو پٽ هو. ’صنعت‘ جو فارسي کان علاوه سنڌي
۾ به گهڻو ڪلام هو، جو بي توجهي سبب محفوظ رهي نه
سگهيو. ميان عبدالخالق اُن جو باقي رهيل فارسي
ڪلام سنواري ترتيب ڏئي ”ديوان صنعت“ جي نالي سان
پڌرو ڪيو. اُنهيءَ ديوان جو پهريون ڇاپو سن 1895ع
۾ پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور، اسلاميه پريس لاهور
مان ڇپائي منظر عام تي آندو. ساڳئي ديوان کي بعد ۾
مرحوم لطف الله بدوي نئين ترتيب سان سنڌي ادبي
بورڊ حيدرآباد پاران ڇپايو.
مرزا صاحب جا عبدالخالق اعواڻ سان دوستيءَ جا ناتا
هئا، جنهن ڪري مرزا صاحب کيس پنهنجي دوانحعمري ۾
به ياد ڪيو آهي. (سائو پن يا ڪارو پنو، ص 75) ميان
عبدالخالق ۽ مرزا صاحب جن جي وچ ۾ گهڻي خط و ڪتابت
به هلندڙ هئي. ميان عبدالخالق جي هڪ خط جو مرزا
صاحب فارسي ۾ منظوم جواب ڏنو هو، جنهن مان سندن
تعلقات جي پروڙ پوي ٿي. (بحواله ”سوادئ خام“.)
مير علي نواز علوي:
شڪارپور جي علوي سادات خاندان جو مشهور شاعر مير
علي نواز (جنم 1851ع، وفات 2- فيبروري 1920ع ولد
مير فخر الدين علوي جو شمار سنڌجي قابل طبيبن ۾
ٿئي ٿو. مير صاحب پنهنجي زماني جو وڏو عارف ۽ عالم
هو. ڪيترا ڪتاب لکيائين. سندس ڪلام ”ڪليات علوي“
جي نالي سان پڌرو ٿي چڪو آهي. اُن جو پهريون ڇاپو
سندس حياتيءَ ۾ ڇپيو، بعد ۾ اُن کي محترم ڊاڪٽر
نواز علي ”شوق“ ترتيب ڏئي 1882ع ۾ ڪافي پبليڪيشن
ڪراچي پاران ڇپايو. 1993ع ۾ ڊاڪٽر عبدالخالق راز
سومري جي ترتيب سان سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو
ويو آهي.
مير علي نواز علوي ۽ مرزا صاحب جا پاڻ ۾ دوستيءَ
جا گهرا ناتا هئا. مير صاحب جي هيٺين نعتيه غزل جو
جڏهن مرزا صاحب تتبع ڪيو، تڏهن اُن جي مقطع ۾ کيس
خراج پيش ڪيو:
حسن تنهنجي جي ڪريان ڪهڙي ڪهاني جاني،
ڪونهي ڪونين ۾ تنهنجو ٻيو ثاني جاني،
اصل کان علوي آهي خاص تنهنجي در جو غلام،
تنهنجي ٻانهپ جي منهنجي ڳل آهي ڳاني جاني.
(مير علي نواز علوي)
مٽ مفتون ۽ علوي سان ڪڏهن ٿيندين ’قليچ‘،
ڪانهي حاصل سا توکي طبع رواني جاني.
(مرزا قليچ بيگ)
ميان محمد شعبان:
ميان محمد شعبان شڪارپور جي ميراڻي خاندان جو فرد
هو. پنهنجي وقت ۾ وڏو ناماچار حاصل ڪيائين. هو
خوشحال ۽ وڏي ملڪيت وارو هو. سندس زمينداري به تر
۾ مشهور هئي. انگريزن جي دور ۾ ايتري تعليم حاصل
ڪيائين جو وڪالت جهڙو پيشو اختيار ڪيائين. هن جو
لائق فرزند ميان غلام قادر شعبان به پنهنجي اخلاق
۽ سهڻي سڀاءُ جي ڪري گهڻو مشهور هو. موسيقيءَ سان
به گهرو لڳاءُ هوس. اڪثر شام جو استاد سينڌي خان
کان ستار ٻڌندو هو.
ميان محمد شعبان جا مرزا صاحب سان دوستيءَ جا ناتا
هئا. مرزا صاحب کيس پنهنجي تحرير ۾ ياد ڪيو آهي.
(سائو پن يا ڪارو پنو، ص 75)
ميان محمد حسين:
ميان محمد حسين شڪارپور شهر جي مغل خاندان جو فرد
هو. پاڻ اعلى تعليم يافته هو ۽ سندس تعلق حيدرآباد
دکن جي مشهور آصف جاه گهراڻي سان هو. پاڻ علمي
لحاظ کان به مشهور هو ۽ وڪالت جي پيشي سان وابسته
هو. سندس فرزند آنريبل علي بخش به پنهنجي دور جو
وڏو مشهور هو. مرزا صاحب جا ساڻس سٺا تعلقات هئا.
مرزا صاحب جڏهن به شڪارپور ايندو هو تڏهن ميان
محمد حسين سان سندس ملاقات ٿيندي هئي.
پوڪرداس پاران مرزا صاحب جي ڪتابن جي اشاعت:
پوڪرداس ٿانورداس ڪالرو سن 1868ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو
هو. اوجهن ۽ اسڪولن مان وديا وٺي تعليم کاتي ۾
منشي مقرر ٿيو، سوڪي پوڪي پگهار تي هٿ سيڪي نه
سگهيو ته ترت ئي ڪتب فروشي جو ڌنڌو اختيار ڪيائين.
هن سنڌي ٻوليءَ ۾ طباعت ۽ اشاعت جو سلسلو ”منشي
پوڪرداس ٿانورداس تاجر ڪتب شڪارپور“ جي نالي سان
1- جنوري 1886ع تي جمعي جي ڏينهن ”سٽي بازار“ ۾
شروع ڪيو، جنهن کي اڳتي هلي بنيادي تاريخي حيثيت
حاصل ٿي، ڪجهه عرصي کانپوءِ هن اُهو دڪان ڇڏي اچي
ڍڪ بازار ۾ لُلا گهٽيءَ جي سامهون کاٻي پاسي کان
(چوڙيگر بازار جي منهن ۾) وڏو دڪان وٺي، اچي واپار
هلايو.
پير علي محمد راشدي صاحب لکي ٿو ته: ”جيڪڏهن سنڌي
زبان اڄ تائين حيات آهي، ته اُن جو هڪ سبب پوڪرداس
جو ڇاپخانو به آهي. اُن ڇاپخاني جي وسيلي اڌ صديءَ
تائين سنڌي ڪتاب ڇپبا رهيا، پوڪرداس جي حيثيت سنڌي
زبان جي تاريخ ۾ اُهائي آهي، جا اردو زبان جي حالت
۾ لکنؤ واري منشي نولڪشور کي حاصل ٿي. سرڳواسيءَ
سوين ڪتاب لکرايا ۽ هزارين جلد ڇپائي پڌرا ڪيا.
سندس مقابلي ۾ سکر جي ماستر هريسنگهه پوءِ ساڳيو
ڪاروبار شروع ڪيو ۽ زبان جي وڏي خدمت ڪئي، پر
پوڪرداس جو ڪاروبار وڌيڪ وسيع هو. سنڌي زبان جي
ڪابه تاريخ اوستائين مڪمل ٿي ڪانه سگهندي،
جيستائين اُن ۾ سنڌ جي اِنهن ٻن محسنن، يعني
پوڪرداس ۽ هيرسنگهه، جو ذڪر نه هوندو.“ (13)
پوڪرداس سنڌي ٻوليءَ کان علاوه فارسي، گرمکي،
ديوانگري، سنسڪرت، ڪاٺياواڙي، عربي ۽ انگريزي
ٻولين ۾ به ڪتاب ڇپايا. سن 1898ع ۾ پنهنجي پاڙي
نوشهرو در شڪارپور ۾ ”پوڪرداس پريس“ قائم ڪيائين،
جا ليٿو پريس هئي. بعد ۾ جڏهن ليٿو پريس نوشهرو در
شڪارپور“ رکيائين. شروعات ۾ پوڪرداس جا ڪتاب ليٿو
۾ ڇپبا هئا ۽ پوءِ جديد ٽائيپ ۾ پرنٽنگ پريسن مان
ڇبپا رهيا. سندس ڪتاب ”شڪارپور پريس“، ”البرٽ پريس
سکر“، ”اريڊ اسٽيم پريس لاهور“، ”آريه اسٽيم پريس
لاهور“، ”مفيد عام پريس لاهور“، ”خادم التعليم
سٽيم پريس لاهور“، ”هندستان پريس لاهور“، ”نولڪشور
پريس لاهور“، ”رفاه عام سٽيم پريس لاهور“،
”اسلاميه پريس لاهور“، ”ڪاشي رام پريس لاهور“ مان
ڇپيا.
پوڪرداس نهايت ئي خوش اخلاق ۽ ملنسار طبيعت جو
مالڪ هو. هن جا شڪارپور کان علاوه پوري سنڌ هند جي
اديبن، شاعرن، دانشورن، صحافين ۽ آفيسرن سان گهرا
تعلقات هوندا هئا. سندس دڪان تي اديبن، شاعرن،
صحافين، حڪيمن، عالمن ۽ آفيسرن جي اچ وڃ لڳي پيئي
هوندي هئي. هو هر هڪ مصنف کي تصنيف جو معاوضو به
ادا ڪندو هو ۽ ڇپيل ڪتابن جون ڪجهه ڪاپيون به
ڏيندو هو.
پوڪرداس جا سنڌجي نامياري اديب ۽ دانشور مرزا قليچ
بيگ صاحب سان به گهرا لاڳاپا هئا. مرزا صاحب جڏهن
به شڪارپور ايندو هو، تڏهن پوڪرداس سان سندس
ملاقات ضرور ٿيندي هئي. پوڪرداس به گهڻو ڪري مرزا
صاحب جي استقبال لاءِ شڪارپور اسٽيشن تي ويندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن ته هو ”شڪارپور اسٽيشن“ بجاءِ ”رڪ
اسٽيشن“ تي وڃي مرزا صاحب جو استقبال ڪندو هو ۽
اُتان ساڻس گڏيو ايندو هو.
پوڪرداس مرزا صاحب جا ڪيترائي ڪتاب ڇپايا. هن هيٺ
هٿ آيل ڪتابن جو ذڪر ڪجي ٿو:
(1) احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي:
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب ”احوال شاهه
عبداللطيف ڀٽائي“ جو نئون ڇاپو، جيڪو مارچ 1972ع ۾
ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي حيدرآباد پاران ڇپائي
پڌرو ڪيو ويو، سو محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جن
جو سنواريل آهي. نئين ڇاپي جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر بلوچ
صاحب ڪتاب بابت لکي ٿو ته: هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو
غالباً ”پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور“ (جنهن جو
ديباچي جي هيٺان نالو ڏنل آهي) 15 نومبر کانپوءِ
سن 1897ع ۾ شايع ڪيو. اُن بعد ٻيو ڇاپو 1905ع ۾ ۽
ٽيون ڇاپو 1910ع ۾ شايع ٿيو. (14) ڪتاب جي نئين
ڇاپي ۾، ٻئي ۽ ٽئين ڇاپي جي سرورقن جا عڪس ڏنل
آهن، جن مان خبر پوي ٿي ته ڪتاب جو ٻيو ڇاپو لاهور
جي ”اسلاميه پريس“ ۾ ڇپيو ۽ ٽيون ڇاپو وڪٽوريه
پريس سکر ۾ ڇپيو.
(2) حشراة الارض:
مرزا صاحب جو هي ڪتاب پوڪرداس لاهور جي ”اسلاميه
پريس“ مان ڇپائي پڌرو ڪيو.
(3) پارسي زبان ۽ شعر جي تاريخ:
مرزا صاحب جو هي ڪتاب سن 1900ع ۾ پوڪرداس لاهور
جي”اسلاميه پريس“ مان ڇپائي پڌرو ڪيو.
(4) ڏاڙهياري جبل جو سير:
پوڪرداس مرزا صاحب جو هي ڪتاب پڻ سن 1900ع ۾ ”مفيد
عام پريس لاهور“ مان ڇپائي پڌرو ڪيو.
(5) سودائ خام:
هن ڪتاب ۾ مرزا صاحب جو فارسي، اردو ۽ سنڌي ڪلام
آيل آهي. ڪجهه ڪلام اهڙو به آهي، جو پاڻ پنهنجن
ناٽڪن مان چونڊي شامل ڪيو اٿس. ڪتاب جو پهريون
ڇاپو ڪرائون سائيز ۾ 102 صفحن تي مشتمل آهي. اِهو
ڪتاب 1315هه ۾ پوڪرداس ڇپايو. ڪتاب جو ٻيو ڇاپو
”سودائ خام“ جي نالي سان سن 1910ع ۾ پڻ ڇپايو ويو،
جو 207 صفحن تي پکڙيل آهي.
(6) ڪرامات اولياء:
مرزا صاحب جو هي ڪتاب سن 1911ع ۾ پوڪرداس ”مفيد
عام پريس لاهور“ مان ڇپائي پڌرو ڪيو. 260 صفحن جو
هي ڪتاب ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پهرين ڀاڱي ۾ سنڌ
کان ٻاهر جي چوڏهن بزرگن جو احوال ڏنل آهي ۽ ٻئي
ڀاڱي ۾ سنڌ جي ڇهن بزرگن جو ذڪر ڪيل آهي.
(7) شاهه جو رسالو:
مرزا صاحب ”شاهه جو رسالو“ نومبر 1913ع ۾ ترتيب
ڏئي مڪمل ڪيو. اهو رسالو پوڪرداس سکر جي عبدالعزيز
محمد سليمان جي ”وڪٽوريا پريس“ مان ساڳئي سال
ڇپائي پڌرو ڪيو. مرزا صاحب رسالي جي منڍ ۾ لکي ٿو
ته: ”هن رسالي ۾ نوان بيت مڙيئي 846 ۽ ٻيون وايون
15 آهن.“ سمورو رسالو 922 صفحن تي مشتمل آهي.
ويجهڙائيءَ ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي دوباره شايع ڪيو
آهي.
(8) حرڪت مان برڪت:
مرزا صاحب جو انگريزيءَ مان ترجمو ڪيل هيءُ ناول
سن 1914ع ۾ پوڪرداس ايڊورڊ پريس سکر مان ڇپائي
پڌرو ڪيو. هي ناول پاڪيٽ سائيز ۾ 57 صفحن تي مشتمل
آهي.
(9) راحيل ’ناول‘:
مرزا صاحب جو هي ترجموڪيل ناول 1914ع ۾ پوڪرداس
ايڊورڊ پريس سکر مان ڇپائي پڌرو ڪيو، جو 142 صفحن
تي مشتمل آهي.
(10) مومل راڻي جو قصو:
مرزا صاحب جو گڏ ڪيل هي حفيظ وارو ”مومل راڻي جو
قصو“ ڏهون ڀيرو سن 1947ع ۾ ”پوڪرداس ائنڊ سنس
پبلشر ۽ بڪ سيلر شڪارپور“ ڇپائي پڌرو ڪيو. مرزا
صاحب لکي ٿو ته هي قصو اصل هڪڙي غريب ماڻهوءَ لعلو
نالي ذات تيوڻي، عرف حفيظ جو جوڙيل آهي. هو پاڻ اڻ
پڙهيل ۽ اکين کان انڌو هو، پر سندس شعر ۾ ڏاڍي
لسائي ۽ ميٺاڄ آهي. اگرچه ڪنهن ڪنهن هنڌ تڪ يا
قافيه ۾، يا صحيح لفظن ۾ ٿوري گهڻي ڪچائي آهي، مگر
جڏهن اهڙيون حالتون اڪثر سنڌي ٻولي ۾ پڙهيل شاعرن
وٽ به روا آهن، تڏهن هن جو گهڻو ڏوهه ناهي.(15)
(11) ديوان قاسم:
آخوند محمد قاسم ولد نعمت الله هالائي (1806ع –
1881ع) جي ديوان بابت ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب
لکي ٿو ته: ”ديوان قاسم پهريون دفعو 1875ع ۾ ڇپيو.
اُن کانپوءِ ٻيو ڀيرو مرزا قليچ بيگ ترتيب ڏنو.
(16) مرزا صاحب جي ترتيب ڏنل ”ديوان قاسم“ کي سندس
فرزند مرزا اسد بيگ صاحب سڌاري سنواري ڇپايو. مرزا
صاحب جو ترتيب ڏنل ”ديوان قاسم“ 1936ع ۾ پهريون
دفعو پوڪرداس ”آرين اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس“ مان
ڇپائي پڌرو ڪيو. هي ڪتاب 172 صفحن تي مشتمل آهي.
(12) روحاني تعليم:
مرزا صاحب جو ڪتاب ”روحاني تعليم، حاجتمندي مان
طاقت مندي“ جي نالي سان پوڪرداس سنڌ پرنٽنگ پريس
نوشهري در شڪارپور مان ڇپائي پڌرو ڪيو. هي ڪتاب 46
صفحن تي مشتمل آهي. اُنهن ڪتابن کان علاوه
پوڪرداس، مرزا صاحب جا ”قائق الارواح“، ”حالات
اولياء“، ”مقالات الاولياء“، ”ميراث المومنين“،
”سندباد جهازي“، ”جانور“
(تصويرن سان)، ”پکي“ (تصويرن سان) ”سُرندڙ ساهه
وارا“ ۽ ”عجائب غرائب“ پڻ ڇپائي پڌرا ڪيا.
حوالا
(1)
مرزا قليچ بيگ: ”سائو پن يا ڪارو پنو“، سنڌي ادبي
بورڊ، 1988ع ص 228.
(2)
ايضاً، ص 54.
(3)
ايضاً، ص 243.
(4)
ايضاً، ص 265.
(5)
ايضاً، ص 237.
(6)
مرزا قليچ بيگ: ”قديم سنڌ، اُن جا مشهور شهر ۽
ماڻهو“، سنڌي ادبي بورڊ، ص 25 ۽ 26.
(7)
محبوب علي چنا: ”خدا آباد ثالث“، ٽماهي ”مهراڻ“
نمبر، 4/1955ع.
(8)
غلام رسول مهر: ”تاريخ سنڌ – ڪلهوڙا دور“، جلد -1،
سال 1963ع، ص 161 ۽ 162.
(9)
روزنامہ ”الوحيد“ خاص شمارو (سنڌ آزاد نمبر) ڇاپو
ٻيو، سيپٽمبر 1979ع، ص 161 ۽ 162.
(10)
ايضاً، ص 162 ۽ 163.
(11)
غلام محمد گرامي: ”ڪلام بلبل“، سنڌي ادبي بورڊ
1982ع، ص 159 ۽ 160.
(12)
خداداد خان: ”لُب تاريخ سنڌ“ (فارسي)، سنڌي ادبي
بورڊ، 1959ع، ص 306.
(13)
پير علي محمد راشدي: ”اُهي ڏينهن اُهي شينهن“،
جلد 1، ص 342.
(14)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”احوال شاهه عبداللطيف
ڀٽائي“، 1972ع.
(15)
مرزا قليچ بيگ: ”مومل راڻي جو قصو“، پوڪرداس تاجر
ڪتب شڪارپور، ڇاپو ڏهون، 1947ع.
(16)
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: ”سنڌي ادب جي مختصر
تاريخ“، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، ص 239.
امام راشدي
مرزا قليچ بيگ ۽ لاڙڪاڻو
سنڌي ادب جو محسن شمس العلماء مرزا قليچ بيگ 1853ع
۾ ڄائو ۽ 1929ع ۾ وفات ڪري ويو. زندگي جي انهي 86
سالن ۾ اورچ مرزا صاحب هڪ پل به اجايو ڪو نه
وڃايو. هُن پنهنجي حياتي علمي ۽ عملي طرح بسر ڪئي.
سنڌي ٻوليءَ جي ڀرپور نموني ۾ خدمت ڪيائين ۽ سنڌي
ادب کي دل کولي مالامال ڪيائين. اِهوئي سبب آهي جو
مرزا صاحب جو نيڪ نانءُ هميشہ عزت ۽ احترام سان
ورتو وڃي ٿو ۽ جيسين سنڌ سلامت آهي، تيسين سندس
نالو به قائم ۽ روشن رهندو.
بيشڪ سنڌ کي مرزا صاحب تي بجا طور تي فخر آهي ۽
رهندو. پاڻ نهايت اعلى ۽ مصروف انتظامي عهدي تي
رهندي به پنهنجا ادبي فرض نهايت خوش اسلوبي سان
نباهيندو رهيو ۽ علم جي سينڌ سنواريندو رهيو. هر
موضوع تي ڪتاب لکيائين. شاعري، آکاڻي، ناول،
مضمونن ۽ مقالن سان گڏ ٻاراڻو ادب ۽ عورتاڻو ادب
به تخليق ڪيائين ۽ دنيا جو شاهڪار ادب سنڌيءَ ۾
منتقل ڪيائين. مجموعي طور تي ڏٺو وڃي ته مرزا صاحب
حياتيءَ جي هڪ گهڙي به غافل نه رهيو. هُن سرڪاري
مصروفيات کان مليل سموريون گهڙيون قلمي پورهئي ۾
سَجايون ڪيون. اهوئي سبب آهي جو مرزا صاحب جي لکيل
ڪتابن جو تعداد ساڍن چئن سون کان به مٿي آهي.
مرزا صاحب جي ايتري ساري علمي ۽ قلمي پورهئي ڪرڻ ۾
خانداني روايتن جو اثر ته ڪارفرما هُيوئي پر سڀ
کان اهم ڳالهه ’ماحول‘ جي آهي. مرزا صاحب کي سٺو
ماحول ميسر هو. پاڻ روينيو کاتي ۾ سروس ڪيائين ۽
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اهم عهدن تي فائز رهيو ۽ ڊپٽي
ڪليڪٽر بڻيو. اِها لاڙڪاڻي جي خوش نصيبي آهي، جو
مرزا صاحب 1893ع ۾ هِت پڪو ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي آيو.
هن مقالي جو پس منظر به اِهو ئي آهي ته مرزا صاحب
لاڙڪاڻي کي ڪيئن ڏٺو، اُتان جي شخصيتن سان سندس
صحبت ڪيئن گذري، ادبي ماحول جي ڪهڙي صورتحال هئي،
شاعرن ۽ اديبن جو معيار ڇا هو. اهڙو احوال مرزا
صاحب جي لکيل ڪتابن مان ملي ٿو.
مرزا صاحب پهريون ڀيرو لاڙڪاڻي ۾ سنڌ 1893ع ۾ ترقي
ملڻ کانپوءِ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي پهتو. انتظامي لحاظ
کان ته لاڙڪاڻي سان هي سندس پهريون تعلق آهي، پر
ٻيو روحاني تعلق سندس نياڻي جو هت مدفن آهي، جيڪو
سندس سڀني واسطن کان وڌيڪ اهم آهي. مرزا صاحب
پنهنجي سوانحعمري ”سائو پن يا ڪارو پنو“ ۾ لکي ٿو
ته:
”… سگهوئي آءُ پڪو ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿي لاڙڪاڻي آيس ۽
مسٽر ميولس جي هيٺان ڪم ڪرڻ لڳس. ٻار ٻچا به مون
سان هئا. اُتي اسان جي ٻي ڌيءَ، جا پوءِ ڄائي هئي،
سا مري ويئي ۽ اُتي دفن ڪئي وئي.“ (1)
مرزا صاحب لاڙڪاڻي ۾ اِنهيءَ عهدي تي 1895ع تائين
ڏسجي ٿو. بعد ۾ هُو سيوهڻ بدلي ٿي ويو.
مرزا صاحب جيئن ته سنڌ جي تاريخ جو به وڏو ڄاڻو
هو، تنهن ڪري جڏهن لاڙڪاڻي ۾ آيو، تڏهن هن شهر جي
تاريخي پس منظر کي هن طرح بيان ڪري ٿو:
”هي شهر ڪو گهڻو جهُونو نه آهي، ٻن سَون ورهين جو
مس آهي. لاڙڪاڻو نالو لاڙڪ قوم جي ماڻهن کان پيو
اٿس، جي آسپاس رهندا هئا. پر گهڻا چانڊيا ٻروچ
اُتي رهندا هئا، جنهن ڪري اُنهيءَ کي چانڊوڪو
پرڳڻو چوندا هئا. اُنهن جو سردار ولي محمد هو،
جنهن کي انگريز سرڪار جي مدد ڪري وڏي جاگير ملي.
سندس پٽ غيبي خان هو. رند ۽ جمالي ۽ لغاري ۽ کوسا
جاگيردار به آهن. پهرين ڪلهوڙا هتي آيا ۽ زمينون
هٿ ڪيائون. پوءِ لڏي خداآباد ۾ وڃي ويٺا، جو تخت
شهر ٿيو ۽ اُهو لاڙڪاڻي کان ٽيهارو ڪوهه ڏکڻ ڏي
هو. پوءِ چانڊوڪي ۾ هڪڙو نائب رکيائون، جنهن جو
نالو شاهه بهارو هو ۽ جنهن جي قبر اڃا اُتي آهي.
جڏهن نور محمد ڪلهوڙي، اِنهيءَ پاسي ملڪ وڌايو،
تڏهن چانڊڪو يا لاڙڪاڻو وڏو شهر شمار ۾ اچڻ لڳو ۽
ٽالپرن جي وقت ۾ به زور هو، جو توبخانو اُتي رهندو
هو. هڪڙو جهونو قلعو به اُتي هوندو هو، جو ڪلهوڙن
جوڙايو هو، جنهن ۾ ٽالپرن جو توبخانو رهندو هو،
جتي انگريز سرڪار پوءِ اسپتال، جيل ۽ چرين جي
اسپتال ٺهرائي هئي، جا سن 1871ع ۾ ڪڍي گدوبندر وٽ
ڪيائون. مٿيون شاهه بهارو ميان نور محمد جو وزير
نائب هو ۽ ڏهه هزار ماڻهو سندس هٿ ۾ هوندا هئا. سن
1199 هجريءَ (1773ع) ۾ وفات ڪيائين، جو سال سندس
قبي تي لکيل آهي. اِهو قبو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي
ٺهرايو هو.“ (2).
مرزا صاحب جا لاڙڪاڻي ۾ ڪيترن ئي معزز ماڻهن ۽
خاندانن سان علمي، ادبي ۽ سماجي تعلقات هئا، اُنهن
مان قادري خاندان ۽ لاهوري خاندان (3) سر فهرست
آهن. جڏهن ته شخصيتن ۾ نواب غيبي خان چانڊيو،
سردار قيصر خان مگسي، فيض محمد کهاوڙ، غلام محمد
اسراڻ، وڏيرو امام بخش خان ماهوٽو (4) ۽ ٻين سان
پڻ مرزا صاحب جو سڪ وارو رستو قائم هو ۽ اِهو ئي
سبب هو جو مرزا صاحب رٽائر (1910ع) ٿيڻ کانپوءِ به
لاڙڪاڻي بار بار ايندو رهيو. لاڙڪاڻي ۾ نوڪريءَ
(1893ع – 1895ع) کانپوءِ بالترتيب 1915ع، 1921ع ۽
1926ع ۾ آيو.
مرزا صاحب لاڙڪاڻي ۾ نوڪريءَ واري عرصي ۾ ڪيترا
ڪتاب به تيار ڪيا، پنهنجي سوانحعمريءَ ۾ پنهنجي
ڪتابن جي ڄاڻايل فهرست ۾ هن طرح لکيو آهي: ”1895ع
– زمين پوکڻ جو علم ۽ هنر، باغ ۽ باغباني، عالم
آبي، حشرات الارض يا جيت ۽ ڪيئان، نانگ ۽ ٻيا
سُرڻا – لاڙڪاڻو.“ (5)
معلوم ٿيو ته مرزا صاحب لاڙڪاڻي ۾ نوڪري ڪندي
مٿيان پنج ڪتاب تيار ڪري ورتا.
اهڙي طرح مرزا صاحب ٻيهر لاڙڪاڻي ۾ سن 1915ع ۾
”انجمن اسلاميه“ جي دعوت تي آيو. اُنهيءَ دوري ۾
مرزا صاحب لاڙڪاڻي ۾ ٽي ڏينهن قيام ڪيو ۽ ڪيترين
ئي تقريبن ۾ شريڪ ٿيو ۽ ڪن موقعن تي تقريرون به
ڪيائين. پاڻ لکيو اٿس ته:
”1915ع، 7 نومبر: لاڙڪاڻي ڏانهن ويس، ٽين بجلي مهل
ڏينهن جو اُتي پهتس، لاڙۡاڻي جا ڪيترائي هندو ۽
مسلمان اسٽيشن تي گڏجڻ لاءِ آيا هئا. وڏيءَ محبت
سان مليا ۽ مون کي جلوس جي صورت ۾ شهر لاڙڪاڻي ۾
آندائون ۽ سرائي گوهر خان جي بنگلي ۾ رهيس. ٻه
ڏينهن لاڳيتو ڪانفرنس ۾ مشغول رهيس. محمڊن
ايسوسيئيشن وارن مون کي ايڊريس ڏني. مون مدرسو
ڏٺو. اُتان 9- تاريخ شام جو حيدرآباد لاءِ روانو
ٿيس. سڀ ماڻهو هندو ۽ مسلمان اسٽيشن تي آيا…“(6)
مرزا صاحب 7 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ پهتو ۽ 8 نومبر تي
مدرسه اسڪول جي هال ۾ ”انجمن اسلام“ طرفان مرزا
صاحب جي مانَ ۾ ڪيل تقرير هن ريت هئي:
”اسين پريزيڊنٽ ۽ ميمبر ’انجمن اسلام‘ لاڙڪاڻي جا،
هن شهر جي مسلمانن طرفان اوهان جا شڪرگذار آهيون،
جو اوهان اسان کي اجازت ڏني آهي ته اسين شهر جي
ٻين ماڻهن سان گڏجي اوهان جي مرحبا ڪريون ۽ اوهان
کي جيڪي دل ۽ دماغ جون عجيب طاقتون خدا تعالى عطا
ڪيون آهن ۽ اُنهيءَ جي هدايت سان اوهان خلق جي فيض
۽ فائدي لاءِ چڱي طرح ڪم آنديون آهن، تن جي تعريف
ڪريون. جيتوڻيڪ اوهان کي گوشه نشينيءَ ۾ علمي
مشغولي رکڻ گهڻو پسند ايندي آهي. تڏهن به اسان کي
خبر آهي ته اوهان سرڪار جي علحدن کاتن ۾ گهڻائي
ورهيه نوڪري ڪئي آهي ۽ نيٺ پينشن به ورتي آهي، جا
پنهنجي لاءِ سرڪار مان يا سنڌ جي ماڻهن کان عزت
آبرو حاصل ڪئي آهي. سا گهڻي تائين هلندي. اِها
ڳالهه سچي آهي ته ڪنهن قوم جي چال چلت اُنهيءَ جي
ٻولي تي منحصر آهي، يا اُنهيءَ سان تعلق رکي ٿي،
تنهنڪري سنڌ جي علمي مايي وڌائڻ ۽ ڪتابن لکڻ ۾
جيڪو توهان ڪم ڪيو آهي، تنهن جي قدرداني ۽ شڪر
گذاري پيش ڪريون ٿا. اسين اميد ٿا ڪريون ته اُنهن
جو بنياد پڪو ٿيندو ويندو، بلڪ اسان جي دل ٿي چوي
ته هن تحرڪ جي زماني ۾، جڏهن ماٺ ۾ ڪمائتي ٿيڻ جي
ضرورت گهڻي آهي، تڏهن به جي ممڪن هجي ته اوهان کي
به شهنشايت جي ڪائونسل جي ميمبرن ۾ ڏسون ته پنهنجي
آزمودي ۽ تجربي سان سرڪار کي مدد ڪندا رهو. ڪنهن
به طرح اسين اوهان کي خاطري ٿا ڏيون ته اسين اوهان
جي حق ۾ دعا ٿا ڪريون ته اوهان جي حياتي وڏي ٿئي،
جنهن مان خلق کي فائدو پيو رسي. اوهان جا دوست ۽
سچا خير خواهه هيٺ صحيح ڪندڙ – انجمن جو پريزيڊنٽ
۽ ٻيا“ (7).
مرزا صاحب لاڙڪاڻي ۾ ٽيون ڀيرو سن 1921ع ۾ آيو.
لاڙڪاڻي ۾ پهرين سنڌي ادبي ڪانفرنس 25 ۽ 26 ڊسمبر
تي منعقد ڪئي وئي، جيڪا ”بزم لاڙڪاڻي جي طرفان
ڪوٺائي وئي هئي. هن يادگار ڪانفرنس جي صدارت جو
اعزاز مرزا صاحب کي حاصل ٿيو، اِنهيءَ پهرين سنڌي
ادبي ڪانفرنس يا آل سنڌ مشاعره ڪانفرنس جو جنرل
سيڪريٽري احمد علي خان ڪامران پرنسپال مدرسه هاءِ
اسڪول لاڙڪاڻو ۽ جوائنٽ سيڪريٽري حاجي محمود
”خادم“ هئا، جڏهن ته استقباليه ڪميٽي جو چيئرمين
ميان علي محمد قادري هو. مرزا صاحب هن ڪانفرنس ۾
شرڪت لاءِ لاڙڪاڻي ۾ چار ڏينهن قيام ڪيو. پاڻ 24-
ڊسمبر تي لاڙڪاڻي پهتو ۽ 27 ڊسمبر تائين قيام
ڪايئين، اُنهن ڏينهن جي روداد پاڻ تفصيل سان هن
طرح قلمبند ڪئي آهي:
”24- ڊسمبر: ڏينهن واري گاڏيءَ ۾ آءُ لاڙڪاڻي ويس،
جتي سنڌ جي شاعرن جي پهرين ڪانفرنس ٿيڻ واري هئي ۽
مون کي پريزيڊنٽ مقرر ڪيو ويو هو. اسٽيشن تي مرزا
منوچهر بيگ ۽ ٻيا گهڻا ماڻهو موجود هئا. گلن جا
هار وڌائون ۽ جلوس جي صورت ۾ مون کي شهر مان وٺي
ويا ۽ وڃي منزل تي لٿاسين. شام جو سڀ معزز ماڻهو
ملاقات لاءِ ايندا رهيا.
25- ڊسمبر: ڪانفرنس شروع ٿي، رپورٽون پڙهيون ويون
۽ ايڊريس ڏنائون. مون مختصر جواب ڏنو. شام جو
سبجيڪٽ ڪميٽي هئي پر آءُ نه ويس. مون کي سڄي ڪار
گذاريءَ جو سربستو احوال پهچايو ويو.
26 – ڊسمبر: شروع ۾ منهنجي تقرير هئي، جا ”شعر جي
شرافت ۽ شان“ جي بنسبت لکيل هئي. پوءِ مصرع طرح تي
مشاعرو شروع ٿيو. ڏينهن جو کاڌو مدرسي ۾ سڀني کاڌو
۽ شام جو سڀني جي گڏيل تصوير ورتي ويئي. رات جو
سرائي غلام محمد اسراڻ جي دعوت تي آءُ ويس.
27- ڊسمبر: صبح جو منوچهر بيگ حيدرآباد ڏانهن
روانو ٿيو ۽ آءُ شڪارپور ڏانهن ويس. (8) انهيءَ
پهرين سنڌي ادبي ڪانفرنس ۾ طرحي مشاعري ۾ ڏنل طرح
مصرع هن ريت هئي:
”ستارو منهنجي قسمت جو، اوهان جي مهرباني آ.“
مرزا صاحب اُن طرحي مشاعري ۾ جيڪو شعر پڙهيو، اُن
جا پهريان بند هي هئا:
مروت ۽ وفا اڳ هئي هينئر اُن جو رهيو نالو،
مروت ڪيميا آهي وفا سيمرغ ثاني آ.
پيل هيس خاڪ ۾، چاڙهي مون کي نِئين عرش اعلى تي،
”ستارو منهنجي قسمت جو اوهان جي مهرباني آ.“ (9)
1922ع ۾ لاڙڪاڻي مان هڪ هفتيوار اخبار ”الحقيقت“
جاري ٿي، اِها اخبار قادري خاندان جي ملڪيت هئي.
پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته: ”فقير علي محمد
قادري مرحوم و مغفور اُن دور جو پخته مشق شاعر هو.
”الحقيقت“ اخبار سندس ملڪيت ۽ سندس ئي جاري ڪيل
هئي“. (10)
”الحقيقت“ اخبار ادب ۽ شاعريءَ جي سٺي خدمت ڪئي.
مرزا صاحب هن جو ليکڪ بڻيو. ان دور ۾ ”الحقيقت“ جي
استقبال لاءِ بيشمار شاعرن شعر لکيا ۽ ڪيترن شعر ۾
تاريخون جوڙيون، جن مان ”الحقيقت“ ۽ اُن جي بانيءَ
جي علمي عظمت جو پتو پوي ٿو. مرزا صاحب واحد شاعر
ڏسجي ٿو، جنهن ”الحقيقت“ اخبار جي نڪرڻ تي ٻه
تاريخي شعر چيا، هڪ سنڌيءَ ۾ ۽ ٻيو فارسيءَ ۾.
ٻيئي شعر هيٺ ڏجن ٿا:
سنڌي
’الحقيقت‘ جاري ٿي اخبار واهه،
لاڙڪاڻي مان ۽ سڀ ڪنهن سا پڙهي.
ملڪ جو احوال سڀ معلوم ٿيو،
سنڌ ۾ هر طرح علميت وڌي.
مهتمم اُن جو مقرر ٿيو ”فقير“،
آهه جو مشهور ساعر قادري،
”فاضل اعظم“ تڏهن تاريخ چئي.
فارسي
درسند همين سال، به آوانِ خجسته،
اخبارِ مسمى به ’حقيقت‘ شده شايع.
سنگين بعبارت شده رنيگن بمضامين،
آوارده بهم از همه جاچيده وقايع.
باشعروسخن معدنِ هر علم هنر شد،
مخزن شده از بهر صنايع و بدايع.
درمايه گران گشت به قيمت شد ارزان،
خواندش چوکسي وقت نگويد شده ضايع.
چون جست دلم منادهء تاريخ شروعش،
از غيب ندا آمده ”مرغوب طبايع.“ (11)
”الحقيقت“ اخبار ۾ مرزا صاحب کي تمام گهڻي پذيرائي
ملندي رهي ۽ وقت بوقت اُن ۾ سندس ڪتابن تي تعارف ۽
تبصرا به ڇپيا رهيا. اهڙوئي هڪ تعارف نوٽ 16-
ڊسمبر 1922ع جي شماري ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ مرزا
صاحب جي علمي خدمتن سان گڏ سندس ڪن ڪتابن کي به
ساراهيو ويو آهي. اُهو نوٽ هن ريت آهي:
”فخرِ سنڌ، مرزا قليچ بيگ صاحب جي نام نامي ۽ اسم
گراميءَ کان ڪير غير واقف هوندو؟ هن بزرگ ۽ سنڌي
زبان جي اُستاد ڪامل جي جوهر لياقت لاءِ سنڌ جي
چئني ڪنڊن کان ’آفرين آفرين‘ ۽ ’جزاڪ الله‘ جا
آواز اُڀري سنڌ کي مٿي کڻي بيٺا آهن، جنهنڪري سنڌ
به پنهنجي علمي دولت تي ناز ڪري رهي آهي. مرزا
صاحب جي قلم ۽ طرزِ تحرير ۾ خداوند ڪريم هڪ خاص
ڪشش رکي آهي، جنهنڪري سنسد لکيل ڪتاب پڙهندڙن جي
دل اهڙي ٿا ڇڪي وٺن، جهڙوڪ مقناطيس ڇڪي لوهه کي يا
ڪهربا گاهه کي. مرزا صاحب جا ڪتاب هندن ته ڇا
مسلمانن ۾ به سپنديءَ جي نگاهه، بلڪه عزت ۽ محبت
جي جذبي سان ڏٺا ۽ پڙهيا ٿا وڃن، تنهن ڪري مرزا
صاحب جي ڪتابن تي قلم کڻي اُنهن تي روشني وجهڻ
ائين آهي، جيئن سج جي اڳيان شمع رکڻ، مرزا صاحب جي
ڪتابن لاءِ مرزا صاحب جو نالو ئي ڪافي تبصرو آهي.
هن وقت اسان جي سامهون مرزا صاحب جا هيٺيان ڪتاب
تبصري لاءِ موجود آهن: ٻاراڻي تعليم، اسلامي
تعليم، ورزش نامو، نصيحت نامو، تعليم نامو، زالن
جا فرض ۽ هڪڙي سگهڙ زال هي ڪتاب اهڙا آهن، جو ڇپجڻ
سان ئي پنهنجي مقبوليت ۽ شهرت حاصل ڪري چڪا آهن،
تنهن ڪري هٿ جي ڪنگڻ لاءِ آرسيءَ جي ڪهڙي
ضرورت!“(12)
مرزا صاحب چوٿون دفعو لاڙڪاڻي ۾ 1926ع ۾ آيو هو ۽
اِهو آخري ڀيرو هو. پاڻ ”انجمن حسينيه“ جي دعوت تي
آيو هو ۽ ڏاڍو مصروف وقت گذاريائين. دعوتن ۽
مشاعرن ۾ شرڪت ڪيائين ۽ ٻين تقريبن ۾ به شريڪ
رهيو. اُنهيءَ دوري ۾ مرزا صاحب پنهنجي نياڻي جي
مرزا تي پڻ حاضري ڀري ۽ فاتح پڙهي. پاڻ لکي ٿو ته:
”23- اپريل: آءُ لاڙڪاڻي ويس ۽ 2 وڳي مهل ڏينهن جو
اُتي پهتس. واٽ تي دادوءَ ۾ منوچهر بيگ گاڏي ۾
چڙهيو. لاڙڪاڻي اسٽيشن تي مسٽر حامد علي ۽ ٻيا
گهڻا ماڻهو آيا، هار وڌائون ۽ گهڻي خوشي مرحبائي
ڪيائون. مسٽر حامد علي پنهنجي موٽر ۾ ويهاير بنگلي
تي پهچايو. شام جو ’انجمن حسينيه‘ جي مجلس ٿي، مون
کي ائڊريس ڏنائون، جنهن ۾ منهنجي تعريف ڪئي وئي.
مون اُن جو جواب ڏنو. اُن کان پوءِ منقبت وغيره
پڙهيم. وري رات جو حاجي امير علي وٽان کاڌي جي
دعوت ملي. مسٽر ۽ مسز حامد علي ۽ ٻيا گهڻا معزز
ماڻهو اُتي هئا. ٻئي ڏينهن صبح جو قبرستان ۾ وڃي
پنهنجي ٻار [نياڻي] جي قبر تي ختمو چيم. شام جو
’پوئٽري سوسائٽي‘ ۾ مشاعرو هو. مسٽر حامد علي
منهنجي تعريف ڪئي ۽ مون کي اُن جو جاوب ڏيڻو پيو.
پوءِ هڪ ليڪچر ڏنم ۽ هڪ شعر پڙهيم ۽ ٻين جا شعر
ٻُڌم. رات جو وري مسٽر حامد عليءَ وٽ ماني هئي.
25- تاريخ جو ملاقاتون ٿيون ۽ شام جو مسٽر حامد
علي اسٽيشن تي پهچائي آيو ۽ 9 وڳي شڪارپور پهتس.“
(13)
مرزا صاحب جي هنن تحريرن مان صاف ظاهر آهي ته کيس
لاڙڪاڻو گهڻو پسند هو ۽ هِتان جي ماڻهن سان بيحد
پيار هوس. لاڙڪاڻي واسين مرزا کي صاحب کي جيڪا عزت
۽ مانُ بخشيو آهي، اُهو سندن علمدوستي ۽ وضعداري
جو غماز آهي. اِها حقيقت آهي ته مرزا صاحب کي
لاڙڪاڻي جي مِٽيءَ سان محبت هئي. اُنهيءَ محبت جو
هڪ ٻيو پختو دِليل ۽ مضبوط رشتو، سندس نياڻيءَ جو
هت مدفن آهي. خود مرزا صاحب جو پٽ مرزا نادر بيگ
پڻ بعد ۾ لاڙڪاڻي ۾ بئريسٽر ٿي آيو ۽ پنهنجون
خدمتون سرانجام ڏنائين. مرزا صاحب پاڻ لکيو آهي
ته: ”منهنجو وڏو پٽ نادر بيگ بئريسٽر ٿي آيو، تنهن
کانپوءِ هُو لاڙڪاڻي ۾ بئريسٽري ڪرڻ لڳو.“ (14)
مرزا صاحب جا ِهي سمورا محبت آفرين تعلقات لاڙڪاڻي
سان وابسته رهيا.
حوالا ۽ واڌارا
(1)
”سائو پن يا ڪارو پنو“: مرزا قليچ بيگ، سنڌي ادبي
بورڊ، حيدرآباد، ڇاپو پهريون، 1965ع، ص: 56
(2)
”قديم سنڌ، اُن جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“: مرزا قليچ
بيگ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ٽيون ايڊييشن،
1891ع، ص: 30
(3)
قادري خاندان ۽ لاهوري خاندان لاڙڪاڻي جا نهايت
مشهور ۽ معروف علمي، ادبي ۽ سماجي حوالي سان ممتاز
حيثيت رکندڙ آهن. مرزا صاحب لاڙڪاڻي ۾ فقط قادري ۽
لاهوري خاندانن جي ويجهڙو ڏسجي ٿو. اُن سبب علمي
به هئا، ته هم مسلڪ به، قادري خاندان مان ميان علي
محمد قادري، ميان غلام سرور ”فقير قادري، ميان
غلام عباس ”جوش“ قادري ۽ ٻين سان سندس علمي ۽
تعلقات تمام گهرا رهيا. اِهي شخصيتون سنڌ ڄاتل
سڃاتل ۽ لاڙڪاڻو ۾ ممتاز حيثيت رکندڙ شاعر ۽ اديب
هئا. ميان علي محمد قادري ته لاڙڪاڻي ۾ مشاعرن
ڪرائڻ ۽ ادبي ماحول جو روح روان هو. (تفصيل لاءِ
”هُو ڏُوٿي هُو ڏينهن“ ملاحظه ڪجي.) اهڙيءَ طرح
لاهوري خاندان مان خانبهادر سرائي ٺارو خان، نواب
امير علي خان (ميونسپل ڪاميٽي لاڙڪاڻي جو صدر، سنڌ
اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ بمبئي ليجسليٽوِ ڪائونسل جو
ميمبر) ۽ سرائي علي گوهر خان سان سندس دوستيءَ
وارو رستو هو. مرزا صاحب جڏهن به لاڙڪاڻي ۾ آيو،
تڏهن لاهوري خاندان جو ئي مهمان بڻيو.
(4)
لاڙڪاڻي ضلعي جا هي نهايت معتبر ۽ مشهور زميندار ۽
جاگيردار آهن، اُنهن مان هر هڪ پنهنجي وقت ۾ وڏي
حيثيت رکندڙ هو. نواب غيبي خان چانڊيو (سنڌ جو وڏو
جاگيردار ۽ ننڍي کنڊ ۾ چانڊين جو مڃيل سردار)،
سردار قيصر خان مگسي (جهل مگسيءَ جي سردار گهراڻي
جي مشهور معروف شخصيت)، فيض محمد خان کهاوڙ (ڳوٺ
گاجي کهاوڙ جي کهاوڙ خاندان جو زميندار)، غلام
محمد اسراڻ (خيرپور جوُوسو ڳوٺ جي اسرڻ فيملي جو
بزرگ ۽ زميندار)، وڏيرو امام بخش خان ماهوٽو (سنڌ
جي تاريخي شهر ماهوٽا جو زميندار). راشدي برادران
پنهنجي يادگيرين ۾ وڏيري امام بخش ماهوٽي جو ذڪر
ڪيو آهي.)
(5)
”سائو پن يا ڪارو پنو“: مرزا قليچ بيگ، سنڌي ادبي
بورڊ، حيدرآباد، ص: 231
(6)
ساڳيو: ص : 248
(7)
ساڳيو: ص ص: 213- 214
(8)
ساڳيو: ص ص: 264- 265
(9)
”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“: گل محمد گاد (مرتب)،
ميونسپل ايمپلائيز يونين لاڙڪاڻو، 1984ع، ص: 42
(10)
”هُو ڏوٿي هُو ڏينهن“: پير حسام الدين راشدي، سنڌي
ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڇاپو پهريون، 1977ع، ص:23
(11)
”سنڌي غزل جي اوسر“: (ڀاڱو پهريون): اياز قادري،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1982ع، ص: 239
(12)
”سائو پن يا ڪارو پنو“: مرزا قليچ بيگ، سنڌي ادبي
بورڊ، حيدرآباد، ص ص: 22- 219
(13)
ساڳيو: ص: 275
(14)
ساڳيو: ص: 62. |