سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2003ع (مرزا قليچ بيگ نمبر)

مضمون

صفحو :15

اُنهيءَ زماني ۾ مسلمان خاندان نه صرف انگريزي تعليم پر سنڌي تعليم کان به پري ڀڄندا هئا پر هِنن دورانديش بزرگن پنهنجي اولاد کي اعلى تعليم ڏياري، جيڪي اڳتي هلي اعلى عهدن تي پهتا.مرزا صاحب جي ناني ۽ والد جي دوستي جي دائري ۾ انگريز عملدار ۽ هندو ديوان به شامل هئا. جن جي صحبت ۽ مشوري سان هنن پنهنجي اولاد کي وڏن تعليمي ادارن تائين پهچايو. مسٽر گولڊ سمٿ، جيڪو اسسٽنٽ ڪمشنر هئڻ سان گڏ تعليم کاتو به سنڀاليندو هو، اُن کان علاوه راس بورن، فلپ صاحب، تروٽ صاحب، جيڪي وڏا آفيسر هئا، اُنهن سان هنن جي دوستي هئي، جن جي صلاح سان مرزا صاهب جا ٻه وڏا ڀائر انگريزي اسڪول ۾ داخل ڪيا ويا ۽ مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ بمبئي جي ايلفنسٽن ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ ويا، اُنهيءَ دؤر ۾ پنهنجي اولاد کي بمبئيءَ جي وڏن تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصلڪرڻ لاءِ موڪلڻ مان خبر پوي ٿي ته هي خاندان شروع کان وٺي ڪيترو نه باشعور ۽ آسودو هو.

مررزا قليچ بيگ پهريائين حيدرآباد جي سنڌي ۽ پوءِ انگريزي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي. سندس پالنا ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان ٿي. مائٽ سندس هر انگل پورو ڪندا هئا. مرزا صاحب کي گهر ۾ جيڪو تعليمي ماحول مليو، تنهن جو ڦل گهر جي هر فرد کي مليو. سندس وڏو ڀاءُ مرزا غلام رضا بيگ پهرين پرشن ٽيچر هو ۽ اڳتي هلي ڊيپوٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو. ٻيو ڀاءُ مرزا صادق علي بيگ پهرين شڪارپور جي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو ۽ پوءِ اُهو به ڊيوپٽي ايجوڪيشنل آفيسر ٿي رهيو. سندس ٽيون ڀاءُ جيڪو کانئس ننڍو هو، اُهو به پهرين پرشن ٽيچر ٿيو ۽ پوءِ ڊيوپٽي انسپيڪٽر ٿيو.اُن کان ننڍو ڀاءُ مرزا جعفر قلي بيگ ڊاڪٽر ٿيو، جنهن بمبئي مان تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ لنڊن مان به اعلى ڊگريون حاصل ڪيون ۽ ڪراچي ۾ اچي اسپتال کولي. هڪ ڀاءُ مرزا نجف قلي بيگ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ اوورسيئر ٿيو ۽ اُنهيءَ کان ننڍو پهريائين پنهنجي ڊاڪٽر ڀاءُ مرزا جعفر علي بيگ جو اسسٽنٽ هو ۽ پوءِ ميهڙ جو جيلر ٿيندي پوليس ۾ سب انسپيڪٽر ٿيو، سندن ٻن ڀينرن مان وڏي ڀيڻ زيب النساء فارسي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ هوشيار هئي. هوءَ شاعره به هئي ۽ سندس تخلص ”مخفي“ هو. مرزا صاحب جو هڪ مامو خانبهادر مرزا علي محمد بيگ ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيو. ايڏيوڏي تعليمي ۽ ادبي پس منظر رکندڙ خاندان جو هونهار نوجوان، مرزا صاحب، پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ به بمبئي جي ايلفنسٽن ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو. هن کي هُت به اُهوئي ماحول مليو، جيڪو کيس گهر ۾ مليو هو، يعني شعر و شاعري ۽ ادبي ذوق واريون محفلون. مرزا صاحب ننڍي هوندي گهر ۾ شاعري به ڪندو هو ۽ شعرن جي تربيت پنهنجي والد کان وٺندو هو ۽ بمبئيءَ ۾ هن کي ڪاليج جو هڪ فيلو، مسٽر واڊيا، جيڪو شعر جو ڄاڻو هوندو هو، هن کي شعر جا قانون سيکاريندو هو ۽ سندس انگريزي شعرن جي اصلاح به ڪندو هو. پنهنجي هڪ نهايت لائق استاد، مسٽر حيرت مرزا، جي صحبت ۾ رهندي هڪ ڪلارڪ وانگر اُن جي خانگي يا سرڪاري لکپڙهه جو اُڪلاءُ به ڪندو هو ۽ وٽس جيڪي ڪتاب راءِ لاءِ ايندا هئا، ته هو مرزا صاحب کي چڪاسڻ لاءِ ڏيندو هو. حيرت مرزا جي صحبت ۾ مرزا صاحب ترڪي ٻولي سکيو ۽ اڳتي هلي سنسڪرت ۽ گجراتي ٻوليون به سکيو ۽ مرهٽي زبان جي به ڄاڻ حاصل ڪيائين. فارسي ٻولي جيئن ته سندس گهر جي ٻولي هئي، جنهن ڪري کيس اُن تي وڏي دسترس حاصل هئي ۽ ڪاليج جي پيپر ۾ گهڻيون مارڪون کڻي پاس ٿيندو هو، جنهن ڪري هن کي اُنهيءَ ڪاليج ۾ فيلو شپ ملي ۽ هو اُتي پارسي پڙهائڻ لڳو. هن کي پڙهائيءَ لاءِ سنڌ حڪومت طرفان ويهه روپيا درماه اسڪالرشپ ملندي هئي. اُتي ڪاليج ۾ اعلى نمبرن ۾ پاس ٿيڻ جي ڪري ويهن رپين جي هڪ ٻي اسڪالرشپ به ملڻ لڳي ۽ ڪجهه پئسا خانگي طور ٽيوشن پڙهائيندي کيس ملڻ لڳا ۽ اِن طرح سان سندس گذر سفر چڱي نموني سان رهيو. بمبئي مان تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ واپس وريو ۽ ڪجهه وقت ڪراچي ۾ رهيو. مطالعي لاءِ فريئر هال لائبرري ۽ گاڏي کاتي واري هاءِ اسڪول جي ويجهو موجود جنرل لائبرري ۾ ويندو هو. سندس انگريزي شاعري انگريزي اخبار ”سنڌ نيوز“ ۾ ۽ فارسي شاعري، فارسي اخبار ”مفرح القلوب“ ۾ ڇپجڻ لڳي. ڪاليجي دوستن ۾ مرزا صاحب سنڌجي ڪجهه شاگردن جو ذڪر ڪيو آهي، جن ۾ مسٽر ڪائوسجي، مسٽر رستمجي پٽيل، هاسارام منگهو ملاڻي، مسٽر ٽيڪچند واسواڻي ۽ ٻيا شامل آهن. بمبئي واري زماني ۾ آغا خان وڏي ۽ سندس خاندان سان واقفيت ٿيس ۽ سندس ننڍو پٽ آغا اڪبر مرزا صاحب جو دوست ۽ همعصر هو. سنڌ۾ به هن جي معزز ماڻهن حسن علي آفندي، ڏيارام گدومل، اڌارام ۽ ڏيارام ڄيٺمل سان صحبت رهي. نوڪري خاطر پرهيائين پنهنجن ڀائرن وانگر ڪراچي جي هڪ هاءِ اسڪول ۾ فارسيءَ جو استاد مقرر ٿيو ۽ پوءِ مئجسٽريٽي جو امتحان ڏنائين ۽ سڀني اميدوارن ۾ هي هڪ ڄڻو اُن امتحان ۾ پاس ٿيو ۽ مختيارڪاريءَ جو ڪم سکڻ لاءِ شڪارپور ضلعي جي ڪڪڙ تعلي جو هيڊمنشي ٿي ويو. جلد ئي کيس ميهڙ جي ٿرڙي مبت تعلقي جو مختيارڪار مقرر ڪيو ويو ۽ سندس عملي زندگي جو هڪ ٻيو دؤر شروع ٿيو.

مرزا صاحب سنڌجي ننڍن وڏن واهڻن، ڳوٺن ۽ شهرن ۾ رهيو. سندس لباس انگريزن وارو هوندو هو. نوڪريءَ جا فرض اعلى نموني ۽ ايمانداريءَ سان نباهيائين. سندس لکڻ پڙهڻ جي شوق ۽ ڪتابن ڇپجڻ جي عزت سندس شخصيت کي اُڀاريو ۽ سُتت ئي نهايت هاڪارو ۽ هر دلعزيز ٿيڻ لڳو. سنڌجي مختلف شهرن ۾ رهڻ دوران تمام گهڻي تعداد ۾ ڪافيون ۽ غزل ٺاهيائين، جن کي ڳائڻ لاءِ اوائلي دؤر ۾ ٻه ڇوڪرا به رکيائين، جيڪي سندس لکيل غزل ۽ ڪافيون پيا ڳائيندا هئا.

جيڪڏهن ڪا عورت سگهڙ ۽ سليقه مند آهي ته نه صرف هڪ ڪٽنب سڌري ٿو، پر اُن جا اثرات پوري معاشري تي پڻ پون ٿا، اُنهن ڳاليهن کي نظر ۾ رکندي هن پنهنجي گهرواريءَ جي مدد سان ٻه ڪتاب ”زينت“ ۽ ”صهت النساء“ لکيا، جن ۾ گهر جي سڌاري ۾ عورت جو ڪردار ۽ عورت ۽ ٻارن جي صحت متعلق ذڪر ڪيل آهي. ايمانداريءَ سان نوڪري، ججهي اولاد جي پرورش ۽ سندن تعليم و تربيت سان گڏ هن عظيم انسان 457 ڪتاب لکيا، جيڪو علمي دنيا لاءِ هڪ رڪارڊ آهي. مرزا قليچ بيگ جي ايڏي وسيع علمي خدمت هن جي شخصيت کي هڪ مثالي ڪردار ۽ قابل صدا احترام بڻايو آهي. هن جي لکڻ جو مقصد هڪ طرف سنڌي زبان جي خدمت ڪرڻ هو ته ٻئي طرف سماج سُڌار لاءِ هن ادب کي هڪ وڏي قوت سمجهيو. اسڪولن، ڪاليجن ۽ مڪتبن جي نصاب مطابق مختلف ڪتاب لکي سنڌ جي ماڻهن کي علمي شعور ڏنو. سنڌي قوم کي سنڌ جي تاريخ کان آگاهي ڏيڻ خاطر مرزا صاحب اُن وقت جي لکيل فارسي زبان ۾ سنڌ جي تاريخ جا ڪتاب سنڌي ۽ انگريزي ۾ ترجمو ڪري تاريخ جي وڏي خدمت ڪئي. اُن کانسواءِ هن فلسفي، تصوف ۽ سائنس جي موضوعن تي به بهترين ڪتاب لکيا. ٻار جيئن ته آئينده جا معمار آهن، تن کي مرزا صاحب ڪو نه وساريو، اُنهن ۾ پڙهڻ جو چاهه پيدا ڪرڻ لاءِ دلچسپ ڪتاب لکيائين ۽ ٻارن لاءِ شاعري به ڪيائين.

مرزا قليچ بيگ جي تاريخي ۽ مثالي خدمتن جي حوالي سان سنڌ طرفان مٿس نسل درنسل سلام رهندو.

ڊاڪٽر اسد جمال پلي

”ديوانِ قليچ“: ٻولي ۽ فن جو شاهڪار

غزل عربي صنف آهي، قصيدي جي محدود بندن مان ٺهيو آهي، عروض جي ماهرن غزل لاءِ وڌ ۾ وڌ ٻارهن بند مقرر ڪيا آهن. غزل جي لغوي معنى آهن: عورتن سان ڳالهيون ڪرڻ، عورتن جون ڳالهيون ڪرڻ يا عورتن جي زبان ۾ ڳالهيون ڪرڻ. ڪن محققن ’غزل‘ کي ”غزالا“ (هرڻيءَ جي ڇال) سان به منسوب ڪيوآهي، جنهن جو مطلب شاعر جو مختلف بندن ۾ هڪ خيال کان ٻئي خيال ڏانهن ڇال آهي. قدامت جي لحاظ کان چون ٿا ته ’توريت‘ ۽ ’زبور‘ جي ڪن حصن ۾ به موزون غزل موجود آهن. عربي مان غزل فارسي ۾ مروج ٿيو، جتان سنڌي ٻوليءَ ۾ آيو.

اُردوءَ جي محقق ڪيلم الدين احمد غزل کي ’نيم وحشي صنف‘ ڪوٺيو آهي. لڳ ڀڳ ساڳي ڪيفيت مولانا غلام محمد ”گرامي“، ”وفا“ پلي جي ڪلام تي تبصرو ڪندي ٽماهي ”مهراڻ“ جي ”شاعر نمبر“ (1969ع) ۾ ”خمريات“ جي دائري ۾ چئي آهي.

سنڌيءَ ۾ غزل ايران مان آيو، انهيءَ ڪري مٿس فارسي غزل جو اثر باقاعده غالب آهي. سنڌيءَ ۾ غزل نه صرف صنف جي حيثيت سان آيو، بلڪ مضمونن جا سڀيئي سوڻ ساٺ به پاڻ سان گڏ کڻي آيو. ايران سان ثقافتي تعلقات ۽ فارسي جو تمام گهڻو عرصو سنڌ جي سرڪاري زبان رهڻ، اُنهيءَ جا خاص سبب آهن، جڏهن سنڌيءَ ۾ غزل لکجڻ شروع ٿيو، تڏهن نه صرف اُن وقت سرڪاري زبان فارسي هئي، بلڪ سنڌ۾ پهريائين فارسي غزل آيو. سنڌ جي درٻارن ۾ فارسي غزل عام طرح سان ليو ۽ پڙهيو ويو. سنڌيءَ جي شاعرن فارسي غزل لکڻ شروع ڪيو. فارسي غزل جا سنڌي شاعرن ديوان مڪمل ڪيا. سنڌ۾ فارسي اخبارن، خاص طرح ”مطلع الخورشيد“، ”اِڪليل“ ۽ ”مفرح القلوب“ فارسي غزل کي شايع ڪري عام ڪيو. فارسي غزل جا مشاعرا منعقد ڪيا ويا. هنن مشاعرن ۾ شاعرن کي اهو احساس ٿيو ته جيڪي ڳالهيون فارسي غزل ۾ آهن، اُهي سنڌي عوام تائين ”سنڌي غزل“ جي شڪل ۾ پهچائجن. اهڙيءَ طرح سنڌيءَ ۾ غزل لکيو ويو، جيڪو نه صرف فارسي زبان جي اثر هيٺ لکيو ويو. مگر مڪمل ايراني تهذيب ۽ تاريخ جي اثر هيٺ لکيو ويو، جنهن ۾ فارسي ادب جي عشقيه داستانن جهڙوڪ وامق عذرا، شيرين فرهاد، يوسف زليخا ۽ ليلى مجنون کان وٺي ايراني بهادرن جو ذڪر به خوب ٿيو. فارسي محاورا، تشبيهون ۽ فارسي غزل جو مزاج ۽ موضوع خاص طرح گل و بلبل، ساغر و مينا، بهار و خزان، شمع و پروانه، پيرِ مغان، محتسب، زاهد و ناصح، صنم خانه ۽ رقيب جي تصور کان وٺي آه و فغان جا به فارسي انداز سنڌي غزل ۾ گونجيا، عشقيه بيانن ۾ محبوب جي ثنا ۽ ساراهه، حسن جي مدح سرائي، محبوب جو قد، زلف، رخ، رخسار، خال خَط، دهن و لب، مزگان ۽ چاده غبغب به فارسي طرح سان شامل ٿيا.

اڳتي هلي ”سنڌي غزل“ لکيو ويو، اُن جا مشاعرا ٿيا. ديوان لکيا ويا ۽ سڀيئي عروض جا ساڳيا قاعدا ۽ قانون سنڌي غزل سان لاڳو رکيا ويا ۽ اهڙي طرح سنڌي غزل سرجي وڏو ٿيو. غزل کان علاوه ٻيون به صنفون فارسي مان سنڌيءَ ۾ آيون. مگر غزل خاص طرح استاد شاعرن جي توجهه جومرڪز رهيو ۽ اُن جي قاعدن ۽ قانونن جو خاص خيال رکيو ويو، جنهن ڪري سنڌي غزل اڄ تائين به پنهنجي اصلي حسب نسب (فارسي غزل) کي وساري ڪو نه سگهيو آهي.

سنڌي ۾ ”غزل“ تمام گهڻو لکيو ويو آهي. غزلن جا مجموعا، ڪليات ۽ ديوان لکيا ۽ ڇپيا واي. آهستي آهستي ”ديوان“ به غزل لاءِ غزل جي خاص ”الف – ب وار“ ترتيب لاءِ مخصوص ٿي ويو. شروع ۾ ديوان ۾ ٻيون به صنفون ڏبيون هيون ۽ ترتيب جي به پابندي ڪانه هئي، پر بعد ۾ اُن جي هڪ مخصوص حيثيت ٺهي ويئي ۽ مشاعرن خواه ادبي محفلن ۾ صاحبِ ديوان شاعر جي هڪ خاص عزت، احترام ۽ اُستادانه حيثيت قائم ٿي.

وقت سان گڏ غزل جي موضعن ۾ تبديلي ۽ وسع8ت آئي ۽ فلسفي ۽ تصوف کان وٺي جديد سائنسي موضوعن تائين غزل کي سينگاريو ۽ سنواريو ويو.فارسيءَ کي ڇڏي منجهس ٻين ٻولين جا لفظ خاص طور هندي ۽ انگريزي زبانن جا مروج خواه غير مروج لفظ آندا ويا. ”بندن“ جي پابندي به ٽوڙي ويئي، عروض جي قاعدن ۽ قانونن کي پُٺ ڏني وئي. رديف ۽ قافين جي پابندي جو خيال نه ڪيو ويو، جنهن سبب غزل جي اصلي صورت متاثر ٿي. مگر هيءَ جدت ۽ نواڻ گهڻو وقت قائم رهي نه سگهي ۽ آهستي آهستي اُستاد شاعرن خواه غزل جي دنيا ۾ لاقانونيت پيدا ڪندڙن محسوس ڪيو ته غزل جي سونهن ۽ وصف سخت متاثر ٿي آهي ته ”غزل“ وري پنهنجي فني حدنڏانهن موٽ کاڌي آهي. البته موضوع ۽ زبان طرف ڪابه روڪ رڪاوٽ نه آئي آهي، پر غزل پنهنجي تغزل ۾ ئي ٺهي ٿو.

سنڌي غزل ۾ پهريون ”ديوان“ جڏهن آخوند گل محمد ”گل، مڪمل ڪيو ته ازخود نج سنڌي لفظ سنڌي غزل جي مجبوري بنيا. اُنهن لفظڻ شروع ۾ غزل جي غنائيت کي ضرور متاثر ڪيو، مگر اِهو ديرينه مطالبو پورو ٿيو ته غزل ۾ نج سنڌي لفظ استعمال ڪيا وڃن.

آخوند گل محمد ”گل“ جي هن ابتدائي ڪوشش کي بعد جي صاحبِ ديوان ۽ استاد شاعرن وڌيڪ مشق ڪري پنهنجي فن ۽ خيال سان آسان ۽ عام فهم بنائي ڇڏيو، جنهن ۾ خاص طرح مولانا حاجي احمد ملاح (”ديوانِ احمد“)، مخدوم محمد زمان طالب المولى (”ديوانِ طالب المولى“) ۽ معمور يوسفاڻي (”ديوان معمور“) جون ڪوششون واضح مثال آهن. اِنهن ديوانن جي تسلسل ۾ اِنهن کان به آڳاٽو هڪ وڏو اهم، معتبر ۽ نهايت سگهارو نالو شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو آهي، جنهن جو ”ديوانِ قليچ“ غزل جي شاعرن لاءِ هڪ ”مستند نصاب“ جي حيثيت رکي ٿو. مرزا قليچ بيگ جي شخصيت ۽ سندس فن جي تعارف ادبي حلقن کان ڳجهو ڪونهي. سنڌي زبان جو ڪهڙو عالم، محقق ۽ شاعر اِنهيءَ سج وانگر روشن حقيقت کان نا آگاهه هوندو.

ننڍي هوندي جڏهن پرائمري ڪلاسن ۾ مرزا صاحب جو هيٺيون غزل سُر سان پڙهندا هئاسين ته اُن جي ترنم اهڙو ته مزاج ۾ ويهي رهيو، جو لڳي ٿو ته اڄ به اُنهن بينچن تي ويٺا جهومون ۽ پڙهون ته:

الاهي ڪرم ڪر اسان تي قراري،

آهيون اصل کان سڀ ڏکيا ۽ ڏُهاري،

ڏکن ڏوجهرن جي خزان ڪئي خرابي،

ڀلا آڻ ڪا سُک سندي نؤ بهاري.

هنن شعرن ۾ ”ڏوجهرن“  ”نوبهاري“ لفظن تي عور ڪجي ته اُهو شاعر جو زورِ بيان آهي، جو ”ڏوجهرن“ جو لفظ اهڙي طاقت سان استعمال ٿيو آهي، جو ”نؤبهاري“ جو ڌاريائپ وارو عيب غائب ٿي ويو آهي.

”ديوانِ قليچ“ پهريائين 1956ع ۾ ۽ پوءِ 1989ع ۾ ٻيهر سنڌيادبي بورڊ ڇپايو، ديوان تي هڪ مڪمل ۽ تفصيلي مقدمو سنڌجي قادرالڪلام شاعر ۽ مرزا صاحب جي فرزند مرزا اجمل بيگ لکيو آهي، جيڪو ديوان متعلق سڀني وضاحتن ۽ تشريحن جون تقاضائونپوريون ڪري ٿو.

مرزا صاحب جي ديوان ۾ سڀني غزلن کي عنوان به آهن ته اُن جو وزن به ڏنا ويا آهن. عنوانن جو رواج اُن دؤر ۾ ٺهندو هو. هن وقت اِهو رواج موجود نه هو. جڏهن هالا مان ”فردوس“ رسالو نڪرندو هو، ته اُن ۾ وري غزل جي مٿي ”اردو ڌُن“ ڏني ويندي هئي. اِهو رواج به اڳتي نه هليو. اهڙيءَ طرح پراڻن ڪافي گو شاعرن وانگيان ڪجهه وقت وري غزل جي مٿان ”راڳ“ ۽ ”روپ“ جا نالا به ڏنا ويا. اِهي ماضيءَ جا رواج هئا، جيڪي اڳتي هلي خارج ٿيندا ويا.

هاڻي غزل جي مٿان عنوان نٿا ڏنا وڃن، باقي ”وزن“ جومسئلو اهم آهي، اهو بهرحال ضروري آهي ته غزل وزن ۽ بحر ۾ پورو هجي پوءِ اُن جي مٿان اُن جو لکڻ نه لکڻ ضروري ڪونهي. ”ديوانِ قليچ“ ۾ ڪجهه قصيدا به شامل آهن. ڪي غزل طويل آهن ۽ ڪي وري موضوع جي تسلسل سبب نظم جون تقاضائون پوريون ڪن ٿا. اِنهن سڀني حقيقتن طرف مرزا اجمل بيگ تفصيلي لکيو آهي. خاص طور مرزا صاحب جيڪو قافيه مانرديف ڪڍڻ جو تجربو ڪيو آهي، اُهو اُن وقت معيوب هو، مگر بعد ۾ اُن خوب مقبوليت ماڻي. مثال طور هن دؤر جي غزل جي اهم شاعر ولي محمد ”وفا“ پلي جو مجموعو ”درد هزارين هڪڙي دل“ کڻي ڏسبو ته اُن ۾ ڪيترائي عمدا غزل سامهون ايندا. جيڪي پنهنجي فني اعتبار کان ”قافيه“ مان ”رديف“ جو مثال رکن ٿا.

مرزا قليچ بيگ پنهنجي دؤر ۾ نه صرف پنهنجي سرڪاري عهدي ۽ اعلى تعليم ۾ مٿانهون ۽ معتبر هو. مگر علم ۽ عمل ۾ به سندس حيثيت لاثاني هئي. هو نه صرف متعدد ٻولين جو عالم ۽ ڄاڻو هو، مگر ڪيترن ئي گوناگون علمن ۽ موضوعن جو ماهر پڻ هو. سندس مشاهدو تمام وسيع ۽ تجربو ۽ مطالعو تمام جامع هو. هُو سنڌي معاشري جي مزاج ۽ سماجي نفسيات کان واقف هو. سنڌ جي ريتن، رسمن ۽ رواجن کان وٺي هنرن، ڌنڌن ۽ حياتيات ۽ نباتات جي سڀني پهلوئن جي کيس خبر هئي. ٻهراڙيءَ جي ويس ۽ اوڍ کان وٺي عام ماڻهن جي محسوسات ۽ امنگن جو وسيع مشاهدو سندس ذهن ۾رچيل هو. هن صاحب باوجود ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ مهارت هوندي به ”سنڌي زبان“ ۾ غزل لکڻ کي ترجيح ڏني ۽ پنهنجا خيال ۽ تصور پنهنجي زبان ۾ پيش ڪيا. سندس ڏات ۾ هڪ قادرالڪلام ۽ صاحبِ فن شاعر جا سڀ لوازمات ۽ معيار موجود هئا. هن پنهنجي وقت جي سڀني ادبي ڪانفرنسن، مشاعرن ۽ ميڙاڪن ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ گهڻو ڪري هر مجلس جو مير ۽ مهندار هوندو هو. مقرر ڪيل طرحن تي شعر لکيا، پڙهاي ۽ داد و تحسين حاصل ڪيو. پنهنجي همعصر خواه بزرگ شاعرن وٽ پنهنجي منفرد حيثيت تسليم ڪرائي. هتي اسين سنڌي غزل جي بي تاج بادشاهه مير عبدالحسين خان ”سانگي“ جو اعتراف مثال طور عرض رکون ٿا، جيڪو مرزا صاحب جي شان کي ظاهر ڪري ٿو:

شاعرِ عالي دماغ آهي اُهو مرزا ”قليچ“،

سر زمينِ شعر ۾ جنهن کي ٿيو ڪلي اختيار.

”سانگي“ سنڌي مشاعرن جو باني هو. هن سنڌي غزل جي وڏي خدمت ڪئي ۽ غزل گو شاعرن جو وڏو قدردان پڻ هو. هن نه صرف مشاعرا منعقد ڪرايا، بلڪه ”دعوتِ غزل“ جو رواج برقرار رکيو. مرزا قليچ جي دعوت غزل تي سندس هڪ تضمين هن طرح آهي ته:

 

آهي دلچسپ هي ٿي مصرع موزون ”قليچ“،

هاڻ هُما کان به همايون ٿيون سايو منهنجو.

مرزا صاحب وٽ به اِهو چرچو خوب آهي ته:

طبع منهنجي کي ته ’سانگي‘ سندي سنگت ”قليچ“،

تيز رفتار ڪيو، ڪنهن ڪيو، دلدار ڪيو.

نه صرف ايترو مگر عبدالغفور ”مفتون“ همايوني ۽ مير علي نواز علوي شڪارپوري واري جو قدر مرزا صاحب هيئن ٿو ڪري ته:

مٽ ’مفتون‘ ۽ ’علوي‘ سان ڪڏهن ٿيندين قليچ،

ناهه حاصل سا توکي طبع رواني جاني.

”قليچ“ وٽ غزل لاءِ لاتعداد مضمون آهن. هن غزل جي مضمونن لاءِ سخا جا ايترا ته در کولي ڇڏيا آهن، جو اهو بحث ئي ختم ٿو ٿي وڃي ته غزل ۾ ڪهڙو موضوع آڻجي ۽ ڪهڙو نه آڻجي؟ قليچ جي ديوان ۾ عشقيه کان وٺي اخلاقي، تاريخي فلسفيانه، صوفيانه ۽ ناصحانه مضمونن جو وڏو ذخيرو موجود آهي. هن پنهنجي پيغام کي موزون ۽ مناسب لفظ ڏنا آهن. مرزا اجمل بيگ صاحب صحيح لکيو آهي ته ”سندس شعر ۾ تخيل کان وڌيڪ مشاهدي، عقل ۽ احساس جون قوتون ڪار فرما رهيون آهن.“ اسان کي قليچ وٽ مبالغه آرائي جو چرچو عام نظر نٿو اچي ۽ اِها سندس ذاتي زندگي جي ”عملي (Practiacalism) هجڻ جو دليل آهي. هوُ ”باعمل“ (Practical) شاعر ئي آهي، جنهن تي ناصحانه رنگ وڌيڪ غالب پئجي ويو آهي. پنهنجن لڙڪن سان جهان کي لوڙهڻ وارو نه آهي. قليچ جو فن معتبار ۽ مٿانهون آهي. کيس زبان تي مڪمل عبور حاصل آهي. وٽس سنڌي معاشري جو وسيع مطالعو ۽ مشاهدو موجود آهي. هو پنهنجي وطن جي ذري ذري جو ڄاڻندڙ آهي: پوءِ اُهي ريتون رسمون هجن ۽ انساني نفسيات هجي ۽ تاريخ يا جاگرافي هجي، مطلب ته کيس هر طرح ڪمال حاصل آهي. هڪ مثال ڏسو:

گهوڙو پاڍڻ:

قليچ آهي هر پل در تنهنجي جو اصل،

رهي اُت پيو، چري، جيئن گهوڙو اندر پاڍ.

نانگن ۽ بلائن جو ذڪر:

شراب آهي ارڙ، آفيم ڪاريهر، چرس کپر،

پيڻ ڀنگ ۽ ڊمڻ گانجو، چنڊو، گهوڙيل، لوهاري.

تشبيهه جو مثال: بغير مشابهه ٻولي جي محاورن مان تشبيهه ڳولڻ جو سهڻو م ثال ته ڏسو:

ٿيو چيلهه جو نالو رڳو، ڏسجي نه مگر سا،

هيءُ ڳالهه عجب جهڙي، ڪمر آهي، ڪمر ناهه.

قليچ نه صرف سنڌي معاشري جو گهرو مشاهدو رکي ٿو، مگر هوُ ڀٽائيءَ جي رسالي جو به وڏو عالم آهي. لطيفيات تي سندس عبور سندس تصنيفن ۾ ظاهر آهي. هاڻي ايڏي وڏي شاعر کي اسين روايتي شاعر چئي ڪيئن ٿا نظرانداز ڪري سگهون، جيڪو اسان کي غزلن ۾ به ويٺو ڀٽائيءَ جي رسالي جي ٻولي سمجهائي. مثال طور ”ڪاڍو“ ۽ ڄار“ لفظن جي سمجهاڻي ملاحظه ٿئي:

شاهه صاحب:

ايءَ ڪرم جو ڪاڍو، نه ته پَٽن پنڌ ڪير ڪري.

مرزا قليچ:

تون ڏاڍا عاشقن تي ٿو ڪرين ڏاڍ،

ويچارا پنهنجو لوڙن ٿا ڪرم ڪاڍ.

شاهه صاحب:

مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ’ٻار‘ ۾،

اُڀا ائين جون، متان پاند پسائيين.

مرزا قليچ:

مون کي وڌائين ٻار ۾، هو تار پاڻي جنهن هنڌ،

پوءِ چيئين متان پسائين بت کي چيم، اکين سان.

مرزا صاحب ڪيڏو نه سهڻو نڪتو رسالي تان کنيو آهي ته:

مگر سچ چيو ٿن، تَرن ڪک مٿي،

رهن موتي پاتار ۾ شاهسوار.

سندس پيغام جو سڄو مرڪزي نڪتو ”نيڪ نيتي“ تي مبني آهي ته:

خلق جي خدمت ۾ مشغول سدا رهه تون قليچ،

من ڪڏهن ڪا ٿئي، مقبول، ڪمائي تنهنجي.

مرزا صاحب ”نيم طبيب خطره جان ۽ نيم ملان خطره ايمان“ جو قبوليدار آهي. سندس ڪلام ۾ باعمل عالم، صوفي ۽ قلندر لاءِ اعلى درجي جو احترام ۽ ظاهري ڏيک ويک ۽ مصنوعيت لاءِ تنبيهه موجود آهي: فرمائي ٿو:

ڪوڙي ڪو ڏاڙهي مٿو، ٿيندو قلندر ڪينڪي،

جام سان جم، آئيني سان ٿئي سڪندر ڪو نه مير،

پڳ وڏي، ڏاڙهي ڊگهي سان ڪيئن ٿئي ڪو مولوي،

گيڙئن ڪپڙن ڍڪڻ سان، ڪو نه ٿئي صوفي فقير.

مٿئين مختصر بحث ۾ اها ڳالهه ثابت ٿي وڃي ٿي ته ”ديوانِ قليچ“ ”غزل“ جي شاعر لاءِ هڪ ”نصاب“ جي حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ فن ۽ ٻولي جا اهڙا ته شهپارا موجود آهن، جن سان بنيادي تربيت ۾ پختگي ملي سگهي ٿي. هونءَ به جنهن شاعري ۾ ”اعلى انساني قدرن ۽ معيارن“ جو پرچار موجود هجي. اُها هر دؤر جي شاعري آهي، ڇاڪاڻ ته ”ديوانِ قليچ“ عام عاشقانه آه و زاري کان محفوظ ۽ اعلى انساني قدرن ۽ معيارن سان ٽمٽار آهي، تنهن ڪري هر دؤر ۾ سندس قدر ۽ قيمت جيئن جو تيئن برقرار آهي.

حيدرآباد ضلعي جي ماڻهن مان تعداد ۾ ٿورا مگر نهايت باوقعت ڪي گُرجي آهن، جي اُنهن ٽن گرجيئن جو اولاد آهن، جن کي گذريل صدي جي شروعات ۾ قسمت سنڌ ۾ آڻي رسايو. اُهي هئا مرزا خسرو بيگ، مرزا محمد باقر بيگ ۽ مرزا فريدون بيگ. اُهي سڀ اصل ”ٽفلس“ جا رهاڪو هئا، جو ايران ۽ روس جي جنگ ۾ ننڍي هوندي، ڪن رحمدل ايرانين کي هٿ لڳي ويا ۽ هنن جا پيءُ مارجي ويا هئا. پوءِ اُهي سنڌ جي ميرن جي وڪيلن کي مليا، جن آڻي هتي پهچايا ۽ ميرن وٽ اُنهن جو وڏو مانُ ٿيو. مرزا خسرو بيگ ته اوائل ۾ ميرن جي طرفان انگريز سرڪار وٽ وڪيل ٿي ويو هو ۽ مرزا محمد باقر بابت ڊاڪٽر برنس چوي ٿو ته هوُ مير مراد عليءَ جو خاص ماڻهو هو. پهرئين مرزا سن 1860ع ۾ ٽنڊي ٺوڙهي ۾ وفات ڪئي ۽ ميرن جي قبن وٽ دفن ڪيل آهي. هن جو وڏو پٽ انگريز سرڪار جي نوڪريءَ ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر ٿي داخل ٿيو ۽ اُنهيءَ جو پٽ به ساڳئي عهدي تي هو. مرزا فريدون بيگ، جو اصل عيسائي هو ۽ سندس نالو ”سڊني“ هو، تنهن مرزا خسرو بيگ جي نياڻي سان شادي ڪئي ۽ سَتَ پٽ ٿيس. اُنهن مان هڪڙو مرزا قليچ بيگ آهي، جو ”تاريخ سنڌ“ ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪتابن جو مشهور مصنف آهي. اِهو سارو خاندان سنڌ جي خاندانن ۾ علميت و فضيلت جي ڪري گهڻي وقت کان وٺي ناليرو آهي. ”سنڌ گزيٽيئر“ (واليوم بي)

ڊاڪٽر گل حسن لغاري

”گرُجي نامہ“

هڪ تعارف

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ سنڌي، فارسي، عربي، انگريزي ۽ ٻين ڪيترين ئي ٻولين تي دسترس رکندڙ عالم، محقق ۽ شاعر هو. سنڌي ادب کي شاهوڪار بڻائڻ ۾ مرزا صاحب جو وڌ ۾ وڌ ۽ مثالي حصو آهي.

مرزا صاحب پنهنجن وڏڙن جي زبان فارسي ۾ شعر و سخن جو ته شهنشاهه هو، پر فارسي نثر جي مختلف ڪتابن مان سندس چونڊ تحريرون، اڃا تائين سندس ڪتبخاني جي زينت بڻيل آهن. ”گُرجانامه“، سندس خاندان جي فارسي شاعرن جي ڪلام تي مشتمل مجموعو آهي، جنهن ۾ سندس فارسي ڪلام به شامل آهي.

هيءُ ڪتاب محترمه خانم فائزه زهرا مرزا، ليڪچرر فارسي، گورنمينٽ خواتين ڪاليج مارگلہ (اسلام آباد) جي محنتن، تصحيح ۽ مقدمي سان، انتشارات مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاسڪتان، اسلام آباد مان تازو شايع ٿيو آهي. هن اهم ۽ ناياب ڪتاب کي منظر عام تي آڻڻ جي لاءِ رهبري ڊاڪٽر محمد حسين تسبيحي ڪئي آهي.

”گُرجي نامہ“ جي نالي جي نسبت، خود مرزا صاحب پنهنجي اصل نسل ۽ وڏن ڏانهن منسوب ڪئي آهي. ۽ پاڻ پنهنجي ڪتاب ’سائو پن يا ڪارو پنو‘ ۾ لکي ٿو ته ”منهنجو نانو ۽ پيءُ، ٻيئي اصل جارجيا يا گرجستان جي گاديءَ جي هنڌ ٽفلس شهر جا ويٺل هئا. اُتي ڄاوا هئا، تنهنڪري ”گُرجي“ يا ”جارجين“ سڏبا هئا ۽ اسين سندن اولاد اڃا تائين ”گُرجي مرزا“ سڏبا آهيون.“

”گُرجي نامہ“ ۾ جن شاعرن جو ڪلام مرزا صاحب گڏ ڪيو آهي، اُنهن ۾ اول مرزا خسرو بيگ گرجي جا طبعزاد اشعار آهن، جن ۾ غزليات، مقطعات و مثنويات، مفردات، رباعيات ۽ قصائد شامل آهن. سندس تخلص ”خسرو“ آهي. ”بيابانِ پُر گل“ جي عنوان سان پنهنجي هڪ غزل ۾ ’دل‘ يا ’قلب‘ جي ڪيفيت بيان ڪندي چئي ٿو:

قدر دل دانستنت واجب بود،

اين دلست اما محبت منزل است،

نيست در غربت کسي حامي مَرا،

حاميم گرهست صاحب دلدل است،

”خسروا“ من گِريہ کَردم آنقدر،

کز سر شکم اين بيابان پُرگل است.

يعني: دل جي قدرداني (شناس رکڻ) ڄاڻڻ توتي واجب ٿئي ٿي. هيءَ دل آهي، پر مقصد ۽ منزل ’محبت‘ آهي، ڪير به غربت ( بي حالي ۽ درماندگي) ۾ منهنجو مددگار ۽ حامي نه آهي. جيڪڏهن ڪو به نگهبان ۽ پُشتيبان آهي ته اهو صاحب دلدل (حضرت علي عليہ السلام) آهي. اي خسرو! مون ايتريقدر ته گِريه ڪيو (ڳوڙها ڳاڙيا) جو منهنجي ڳوڙهن ڳاڙڻ جي پاڻيءَ مان هي بيابان گلن سان پُر ٿي ويو.

مرزا خسرو بيگ کانپوءِ مرزا فريدون بيگ ”قانع“ جا چونڊ شعر، غزليات، رباعيات ۽ سَجعون ڏنل آهن. هڪ رباعيءَ ۾ حضرت علي عليہ السلام کي خدا تعالى جي الهام جو خزانو قرار ڏئي ٿو. الهام، اُها ڪيفيت يا حالت آهي، جنهن کي رب تعالى پنهنجي طرفان ٻانهي جي دل ۾ تلقين جي صورت ۾ وجهي ٿو. هو چئي ٿو:

اي مظهر اَسرار الاهي ست علي

واي محرم راز مصطفايي ست علي

از بي بصري نمي شناسي ذاتش

گنجينہء اِلهام خدايي ست علي.

يعني: حضرت علي عليہ السلام اَسرار اِلاهي جو مظهر آهي ۽ حضور ﷺ جن جي نزديڪي ۽ قرب جو رازدان (محرم) آهي. افسوس، جو سندس ذات مقدس کي انڌائي جي ڪري نٿو سڃاڻين، حالانڪ حضرت علي عليہ السلام خدا تعالى جو الهام جو خزانو آهي.

ٻي هڪ رباعيءَ ۾ ڇوٽڪاري ۽ نجات جي يقين جو اظهار ڪري ٿو. الله تبارڪ و تعالى جي رحمت، بخشش ۽ سندس سخا ۾ پختي يقين سان چئي ٿو:

بر چهرهء معصيت غباري داريم

اَزکردهء خويش شرمساري داريم

چون جُود و عطاي تو بجويد مارا

باجُرم و گناهه رستگاري داريم.

يعني: اي رب تعالى! اسان جو چهرو گناهن ۽ ڏوهن جي غبار سان ڀرپور آهي ۽ پنهنجي ڪيل بدعملي ۽ بدڪرداري جي ڪري شرمسار آهيون. (تنهن هوندي به) جڏهن تنهنجي سخا ۽ (خطائن تي) عطا اسان کي ڳوليندي ته ڏوهن ۽ گناهن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪنداسين.

مرزا فريدون بيگ ”قانع کانپوءِ مرزا قليچ بيگ پنهنجي اشعار کي ”قليچ“ جي تخلص سان پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ غزل به آهن ۽ هر هڪ غزل کي عنوان ڏنو آهي. مرزا خسرو بيگ ”خسرو“ ۽ مرزا فريدون بيگ ”قانع“ به ساڳي روش سان غزل چيا آهن ۽ رباعين ۾ به عنوان ڏيئي رباعيون لکيون آهن. ”گُرجي نامہ“ ۾ سندس پهرين غزل ”بگذار با دانشوران“ ۾ آهي ته دانشورن کي پاسيرو رک، حقيقت شناس ٿيءُ، سلوڪ ۽ عرفان جي مردن واير راهه اختيار ڪر، مڪر ۽ فريب سان شعر و سخن کي سينگاريندڙ دانشورن کي ڇڏي ڏي ۽ فضول بحث و تڪرار وارن کي پنهنجي حال ۾ رهڻ ڏي. ”قليچ“ چئي ٿو:

منديش کز شاخ مراد، آخر بر شيرين خوري،

ديدي کہ با رنج و تعب، حاصل چہ شد فرهاد را،

ازگفتہء مردانِ ره، رمز حقيقت را گزين،

تزويزکم بينان برد، تقليد بي بنياد را،

اُفتي ”قليچ“ از کَجر وي، همچو الف آزاد شو

بگذار با دانشوران، تکرار سين و صاد را.

يعني: اُها سوچ نه رک (اُميد نه ڪر) ته مقصد ۽ مراد واري ٽاريءَ مان آخرڪار مٺو ميوو کائيندين ( حاصل ڪندين). تو (خود) ڏٺو ته ايڏي رنج ۽ عتاب جي هوندي به فرهاد کي ڇا حاصل ٿيو؟ (عرفان و سلوڪ جي راهه اختيار ڪندڙ) مردن جي واٽ جي گفتار مان حقيقت جي رمز اختيار ڪر. ڪو تاهه نظر وارن جي مڪر ۽ فريب واري راهه، بي بنياد پيروي ڪندڙ ڏانهن وٺي ويندي. اي ”قليچ“ تون غلط ۽ خطا واري واٽ (ڪَجروي) تي هلڻ جي ڪري ڪِري پئين. اُنهن (بي بنياد تقليد ڪندڙ) دانشورن جي سين ۽ صاد واري بحث و مباحثي (تڪرار) کي ڇڏي ڏي.

قليچ هڪ ديندار، غير متعصب، نيڪ انديش ۽ صوفي منش انسان هو ۽ اهل بيت اطهار جي محبت سان گڏ اصحاب ڪرام جي احترام ۽ عظمت جو پورو پورو قائل هو. هو ”پناههِ عشق“ جي عنوان سان پنهنجي هڪ غزل ۾ فرمائي ٿو:

”قليچ“ اندر پناهِ عشق تو هرگونہ شُد ايمن

نبي ؐ اينجا علي عه اينجا جناب هشت و چار اينجا.

مرزا صاحب کي مسلمانن جي پسماندگي ۽ ڪمزوريءَ جو شديد احساس هو. هو تُرڪ سلطانن جي زوال ۽ جنگين کان متاثر ۽ فڪرمند هو. هن کي دين اسلام جي ڪاميابي لاءِ گهڻي کان گهڻو اونو هو. ترڪن جي ناڪامي کي اسلام لاءِ، هڪ خرابي ۽ خطرو ڄاڻائي ٿو. هن ”گُرجي نامہ“ ۾ ”دعاي صبحگاهي“ (صبح جي دعا) ۾ پنهنجي اندر جي احساسن جو اظهار ڪيو آهي ۽ اسلام جي روز افزون ترقيءِ دعا به ڪئي آهي. فرمائي ٿو:

مسلمانان عجب شوريست کاين دورِ قمر دارد

غبارفتنہ و غوغاي محشر سربہ سر دارد

شهان رابا شهان آوَخ فتوي درميان آمد

بہ بند غم گرفتار است هر کو اين خبردارد

خيال خام درس شُد رئيس روس را پيدا

زفرطِ بي حيايي ناکسانہ کَر و فرادرد

اگر سلطانِ تُر کان اين ظفر يابد يسي بهتر

وگرنہ دين اسلام از خرابيها خطر دارد

بکو شيد اي عزيز ان وقت ياري و مدد اين است

ببيند آنچہ گويم هرکہ او نور بصر دارد

اِلاهي رونق اسلام روزا روز افزون باد

کہ دين مصطفى صه لاُبدَ حمايت بيشتر دارد

”قليچ“ از درگہ داور سحر گاهان دعا مي خواه

دعاي صبحگاهي گفتہ اند اغلب اثر دارد.

يعني: اي مسلمانو! هيءُ عجيب ۽ حيران ڪندڙ گوڙ ۽ گهمسان، جيڪو زماني جي گردش ۾ رکيل آهي، اُن ۾ فتني، شر، گمراهي ۽ شور سان قيامت جهڙو غلغلو سماعيل آهي. افسوس، جو مسلمان فرمانروائن (سلطانن) کي پاڻ سستي، ڪاهلي ۽ آرام سپندي وڪوڙي ويئي آهي، جنهن کي به اها خبر پهتي (بادشاهه پاڻ فقط عيش و آرام ۾ آسوده آهن) سو انهيءَ حالت جي ڪري غم ۾ مبتلا آهي، روس جي [تڏهوڪي] صدر کي مسلمانن جي خلاف ذهن ۾ ناقص ۽ بيڪار خيال پيدا ٿيو آهي، جنهنڪري هو پنهنجي نااهليءَ ڪري، رعب تاب ۽ ڌام ڌوم رکي ٿو. جيڪڏهن تُرڪن جي سلطان کي فتح نصيب ٿئي ٿي ته زياده بهتر آهي، ورنه دين اسلام لاءِ خرابي ۽ خطرو موجود آهي. اي عزيزو! (پيارا مسلمانو!) ڪوشش ڪريو، دوستي ۽ ياري جي مدد جو هي وقت آهي، جو ڪجهه آئون چوان ٿو، اُنهيءَ تي اکيون کوليو، جيڪڏهن اوهان اکين جي ديد رکو ٿا. اي رب تعالى! اسلام جي رونق روز بروز ترقي ڪندي ۽ روشن ٿيندي رهي، ڇو ته دين مصطفى ﷺ جي حمايت لازماً زياده تر ۽ اڻٽر آهي. اي ”قليچ“، رب تعالى جي درگاهه مان صبح سويري دعا گهرندو رهه، (ڇو ته) چون ٿا ته صبح سويري واري دعا گهڻو اثر رکي ٿي. (قبول ٿئي ٿي).

هي مرزا صاحب جي فارسي شاعريءَ جو هڪ سرسري جائزوآهي، ڇو ته ”قليچ“ غزليات، رباعيات،تاريخ ها وفات – خاندان ”گرجي“ ۽ مير صاحبان، مثلاً مير حسين علي خان ٽالپر وعيره به لکيا آهن. ٽنڊي ٺوڙهي جي مسجد جي تعمير جي تاريخ، اخبار ”الحق“ جي اجراءَ جي تاريخ، ڪڪڙ شهر جي حالتن جو احوال به فارسيءَ شعر ۾ موجود آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com