ڊاڪٽر قاضي خادم
”سائو پن يا ڪارو
پنو“
(هڪ اڀياس)
مرزا قليچ بيگ سنڌي ٻوليءَ جو اُهو اديب هو، جنهن
کي پنهنجو مقصد ادا ڪرڻ لاءِ وڏن وڏن اکرن، ڊگهين
شاعرانه تشبيهن يا ٻين لفظن ۾ کڻي چئجي ته لفاظيءَ
جي ضرورت ئي نه پئي. هن جو سؤلو ۽ سادو سچ ايترو
ته عام فهم اثرائتو هو، جو هن جي لکت کي پڙهندي ئي
سموري ڳالهه پڌري ٿي اچيو سامهون بيهي.
مرزا صاحب جي آتم ڪهاڻي ”سائو پن يا ڪارو پنو“
سندس اهڙي ئي تصنيف آهي، جنهن لاءِ مختصر لفظن ۾
ائين چئجي ته بيجا نه ٿيندو ته اُها اُن وقت جي
سنڌ جي مڪمل ۽ ڀرپور عڪاسي آهي، جنهن ۾ هن نه صرف
پنهنجي ڪٽنب ۽ ذاتي زندگيءَ جو احوال ڏنو آهي.
ليڪن هن سنڌ جي وڏن توڙي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن جي
سماجي زندگيءَ، توڙي پنهنجي دور جي شاعرن، عالمن ۽
اديبن سان پنهنجي ذاتي حوالن ۽ واسطن جو ذڪر بلڪل
بي ريا انداز ۾ ڪيو اٿس.
هن آتم ڪهاڻيءَ جي لکجڻ جو سبب خود ليکڪ هن ريت
بيان ڪيو آهي، ته ”… ڪيترن دوستن گهڻن ڏينهن کان
مون کي پئي چيو آهي ته پنهنجي حياتيءَ جو احوال
پاڻ لکان. اُنهن کي آءُ چوندو پئي آيو آهيان ته
جيئري ماڻهو جو احوال لکڻ اجايو آهي، جو خبر ناهي
ته هن جي پڇاڙي ڪيئن ٿئي ۽ هن جا خيال ۽ قول فعل
ساڳيا رهن يا نه، اِنهيءَ صورت ۾ سوانح عمري اَڻ
پوري چئبي. اِنهيءَ هوندي به منهنجي دوست مسٽر
ڀيرومل مهرچند مهرباني ڪري منهنجي حياتيءَ جو
احوال لکيو ۽ اُنهي جي ڇپائڻ جو بندوسبت به
ڪيائين، پر وري به مون منع ڪئي ۽ صلاح ڏنيس ته
اُهو رکي ڇڏي ۽ منهنجي مرڻ کانپوءِ جي مناسب سمجهي
ته ڇپائي پڌرو ڪري. پر اُنهي کانپوءِ وري منهنجي
جهوني ۽ معزز دوست ديوان ڏيارام گدومل مون کي لکيو
ته ٻين گهڻن ڪتابن لکڻ کانپوءِ پنهنجي حياتيءَ جو
احوال پنهنجن هٿن سان ضرور لکان. اُنهيءَ جا سبب
هي معلوم ٿيا ته گهڻن نامور ماڻهن ائين ڪيو آهي ۽
اُنهي ۾ جدا جدا ڳالهين تي ماڻهن کي پنهنجن خيالن
۽ راين ظاهر ڪرڻ جو وجهه ملندو، ٽيون ته اهڙي لکيل
احوال جي اولاد ۽ اولاد جي اولاد کي پوري خبر
پوندي ۽ هو سندس مثال تي هلندا ۽ سندس اصولن جي
تڪميل ڪري سگهندا. انهي ڪري مون اِنهي جي لکڻ ۾ هٿ
وڌو……“ (ديباچو)
آتم ڪهاڻي ۽ روزنامچو رکندو اچان، جنهن ۾ مکيه
مکيه ڳالهيون داخل ڪندو اچان، پر اِها ڊائري خانگي
سمجهڻ گهرجي ۽ گهر جي ڀاتين يا اولاد لاءِ آهي،
ٻاهرين لاءِ نه…… پر هاڻي جڏهن آءُ پنهنجو احوال
پاڻ لکان ٿو، تڏهن لاچار مون کي اُنهيءَ پنهنجي
ڊائريءَ مان احوال ڪڍڻو پيو آهي…“
آتم ڪهاڻِءَ ۾ سچائيءَ جي بيان بابت هو لکي ٿو
ته،”… اگر جي اُنهيءَ ۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون به هيون
جن جي لکڻ کان جيڪر گهڻن کي عار يا اعتراض اچي، پر
تڏهن به سچي احوال لکڻ لاءِ پنهنجن سچن خيالن ظاهر
ڪرڻ لاءِ ائين ضرور آهي. پوءِ ڀلي ته اُنهيءَ جي
نسبت ۾ ٻين جي راءِ مختلف هجي يا اُهي نه لکن…“
مرزا صاحب هي آتم ڪهاڻي ستر ورهين جي ڄمار ۾ لکي ۽
اُن جي شروعات پنهنجي اصل نسل کان ڪئي اٿس، جنهن ۾
پنهنجي پيءُ مرزا فريدون بيگ ۽ ناني مرزا خسرو بيگ
جي جارجيا مان سنڌ پهچڻ جو احوال ڏنو اٿس ۽ هنن جي
خاندان جو تعارف چڱيءَ طرح ڪرايو اٿس. پنهنجي
حياتيءَ جي اوائلي احوال ۾ هن ميرن جي صاحبيءَ جي
آخري زماني دوران پنهنجي خاندان تي آيل تڪليفن جو
ذڪر به ڪيو آهي. هن کي اِهو ٻڌائيندي عار ڪو نه ٿو
محسوس ٿئي ته ڏکئي وقت ۾ سندن گهر جي ماڻهن هٿ جو
پورهيو به ڪيو. ”… امان ۽ ادي سُئيءَ ۽ زريءَ جو
ڪم چڱو ڪنديون هيون ۽ اُنهي مان چڱي موچاري پيدائش
ٿيندي هين. اهڙي پورهئي کي عيب نه ڄاڻنديون هيون.
پنهنجن هٿن سان چرخو ڪنديون هيون، ڪپهه جي ڦٽين
ٽاڻڻ جون آرٽڙيون به هلائينديون هيون، بلڪ ڪڏهن
ڪڏهن ته جنڊ به پيهنديون هيون ۽ ماني به رڌينديون
هيون… بابو پنهنجن هٿن سان ٻارن جي لاءِ ٽوپيون
جوڙيندو هو…“ (ص 9)
اهڙي طريقي سان هن اُن دور جي معاشرت جو نقشو به
ڇڪيو آهي. چوپڙ ۽ شطرنج راند ڪرڻ، چلم ڇڪڻ ۽ ناني
جي ناس ڏيڻ کي به ڪو نه وساريو اٿس، نه صرف ايترو
پر پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن جي تعليم شادي وغيره جو
به تفصيلي ذڪر ڪيو اٿس.
پنهنجي اوائلي تعليم جو ذڪر ڪندي لکڻ پڙهڻ سان شوق
۽ اُن سان گڏ راڳ سکڻ جي شوق جو بيان به ڪيو اٿس.
پڙهڻ جي ڏس ۾ هن ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ اُن دور جي
عڪاسي ڪئي آهي: ”… ماني کائي ٿڪ ڀڃي، وري رات جو
اُٿي پڙهندا هئاسين. تڏو وڇائي، وچ تي شمعدان يا
ڏياٽي رکي، يا دلو اونڌو ڪري اُنهي تي ڏيئو رکي،
ويهي پڙهندا هئاسين. تڏهن ڪيروسين تيل ڪو نه هو،
ڪڙو تيل ٻرندو هو، بتيون ۽ چمنيون به عام ڪو نه
هيون. صبح جو وري اُس تي ويهي پڙهندا هئاسين……“ (ص
29)
ڪاليج جي تعليم جي باري ۾ لکيو اٿس ته ”…… ڪاليج ۾
مون کي سنڌ جي اسڪالرشپ ويهه رپيا درماهه ته ملندي
هئي پر اُتي ڪاليج جي امتحانن پاس ڪرڻ جي ڪري ٻي
اسڪالر شپ به ويهن رپين واري جدا ملندي هئي، اُنهي
کانسواءِ خانگي طرح ڪيئي دولتمند پارسي شاگرد مون
کان پارسي پڙهندا هئا ۽ اُنهي لاءِ پنج ڏهه رپيا
ڏيندا هئا، جنهن ڪري منهنجو گذران چڱيءَ طرح ٿيندو
هو…“
اهڙي طرح پاڻ جن ڪشالن سان تعليم پرايائون، تنهن
جو تمام سهڻو ۽ پيرائتو احوال بيان ڪيو اٿن. اِن
ڏس ۾ ڪابه ڳالهه لڪائي ڪو نه اَٿن،جيڪي لاها چاڙها
زندگيءَ ۾ آيا، تن کي کولي بيان ڪيو اٿن. هن
پنهنجي جدوجهد جي احوال ڏيڻ مهل ڪٿي به اهو ڪو نه
وساريو آهي ته هوُ هڪ عام انسان آهي، جنهن کان
غلطيون ۽ ڪوتاهيون به ٿينديون آهن ۽ اُنهن تي پاڻ
ڪٿي ڪٿي شرمندگيءَ جو اظهار به ڪري ٿو.
مرزا صاحب پنهنجي نوڪري ملڻ ۽ سروس واري عرصي جي
سڄي احوال کي اهڙي دلچسپ انداز سان لکيو آهي جو ان
دور جو ماحول چڱي طرح سان اکين اڳيان ڦريو اچي. سي
چڱي ريت نروار ڪيل آهن، خاص ڪري هڪ اهڙي شخص جي
واتان، جيڪو انگريزي دور جو ڪامورو هوندي به علم ۽
ادب سان تمام گهڻو چاهه رکندو هجي ۽ پنهنجي خاندان
۽ ذاتي معاملن تي تمام اصول پرست به رهيو هجي،
جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ذهني توڙي جذباتي صدما به
سهڻا پيا هجنس.
پنهنجي حياتيءَ جي احوال ڏيندي مرزا صاحب ڪيترن ئي
مسئلن تي پنهنجي مدلل راءِ به ڏني آهي. شادي جي
معاملي تي هو لکن ٿا ته”…… شادي ڪرڻ جي نسبت ۾ مون
شادي کان اڳي گهڻو خيال ڪيو هو ۽ مقابلو ڪري نفعا
۽ نقصان تفصيلوار ڪاغذ تي لکي، دل ۾ تڪي توري پوءِ
شادي ڪيم“ (ص 118). ”منهنجي راءِ آهي ته زال هميشه
هڪڙي پرڻجڻ گهرجي. ٻئي ڪنهن به عذر تي پرڻجڻ اجايو
آهي.“ (ص 119) هن ڏس ۾ پنهنجي خاندان مان به مثال
ڏيئي واضح ڪيو اٿس ته شادي هڪ سماجي ٻنڌڻ آهي،
جنهن جي تقدس ۽ پاڪيزگي کي هر حال ۾ اوليت ڏيڻ
گهرجي. انهيءَ معاملي ۾ هن ڪيترا دليل به ڏنا آهن،
جيڪي اِهو ثابت ڪن ٿا ته شادي انسان کي براين کان
بچائي ٿي ۽ هڪ فرد کي سماجي ٻنڌڻن ۾ ٻڌي ٿي، جنهن
جي ڪري صحتمند معاشري جي تشڪيل ٿئي ٿي.
پنهنجي علم ادب سان شوق جي باري ۾ لکيو اٿن ته، ”…
لکڻ پڙهڻ جو شوق ننڍي هوندي کان مون کي هوندو هو.
بلڪ راند کان به اهو شغل زياده پسند هوندو هو، بلڪ
ننڍي هوندي کان ئي ڪتاب لکڻ ۽ پڙهڻ جو شوق رهيو……“
(ص 120) اڳتي لکيو اٿن ته ”…جيئن علم زياده حاصل
ٿيندو ويو، تيئن ڪتابن گڏ ڪرڻ جو شوق به پيدا ٿيو،
انهيءَ ڪري جيڪي اسان جي وڏن جا قيمتي ڪتاب هئا،
سي ته مون خاص طرح پنهنجي لاءِ قابو ڪيا. ٻيا
انگريزي، عربي، فارسي، اردو، ترڪي ۽ ٻين ٻولين جا
ڪتاب به گڏ ڪرڻ ۽ پڙهڻ لڳس…“ (ص 120)
ائين به ٻڌايو اٿن ته پاڻ ڪيئن ڪتابن جي شوق ۾
ڪتابن جي جهونن دڪانن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ وڃي ويهندو
هو ۽ اُتان ڳولهي ڦولهي سستي اگهه جا ڪتاب خريد
ڪندو هو. پنهنجي پسند جي باري ۾ لکن ٿا ته ”…ڪتاب
اڪثر علم، حڪمت، فلسفي، اخلاق ۽ مذهب جا مون کي
پسند ايندا آهن ۽ اُهي پڙهندو آهيان، ناول ۽ قصا
گهڻو ڪري ڪو نه پڙهندو آهيان……“ پنهنجي لکڻ جي شوق
جي باري ۾ لکيو اٿن ته ”… ڪتابن پڙهڻ جي شوق مان
ڪتابن لکڻ جو شوق پيدا ٿيو… اڪثر چڱا چڱا ڪتاب ٻين
ٻولين مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا اٿم……“
”…ڪتابن لکڻ ۾ مون ڪو وقت ضايع ڪو نه ڪيو. اڪثر
اِهو ڪم آءُ رات جو ڪندو هوس، خاص ڪري اسر جو،
منهنجي عادت آهي ته جڏهن ڪو ڪتاب لکڻ شروع ڪريان
تڏهن پهرئين صفحي جي چوٽيءَ تي هڪڙيءَ ڪُنڊ ۾
سنهڙن اکرن ۾ ’بسم الله‘ لکي پوءِ ڪجهه لکان ۽ وري
وري پوري ٿيڻ تي پهرئين صفحي جي پاڙ ۾ هڪ ڪنڊ تي
’الحمدالله‘ لکي ڇڏيان ۽ ٻنهي هنڌن تي شروع ڪرڻ ۽
پوري ڪرڻ جي تاريخ به لکي ڇڏيندو آهيان. منهنجي
سڀني هٿ جي لکيل ڪتابن جي اِها نشاني آهي…“ (ص
162)
لکڻ جي باري ۾ هڪ عجيب عادت جو ذڪر ڪيو اٿن، ”…
هڪڙو ڪتاب مون کي ٿڪائي ڇڏيندو آهي، تنهن ڪري اڪثر
ٽي ڪتاب گڏ شروع ڪندو آهيان. هڪڙو صبح جو لکان،
ٻيو ٻنڀپهرن جو ۽ ٽيون رات جو…“ لکڻ جو هي نرالو
انداز شاايد ئي ڪنهن ٻئي اديب ۾ هجي. شعر ۽ تصوف
جي باري ۾ به هن پنهنجا خيالات ڏنا آهن، جن مطابق
هڪ طرف ته شهر جوڙڻ جي پابندي ڪانهي ته ٻئي طرف هو
تصوف سان دلچسپي رکندي به ظاهري شريعت تي هلڻ جي
لاءِ زور ڀري ٿو، ”… منهنجي ظاهري شريعت موجب هلڻ
مون کي پئي بچايو آهي، تنهن ڪري ٻين بزرگن وانگر
منهنجي به راءِ اِها آهي ته شرعي ۽ ديني ڪمن رسمن
جي نسبت ۾ حقيقي خيال ڪهڙا به هجن ته به اُهي
پنهنجي جند لاءِ رکڻ گهرجن، نه خلق کي ٻڌائڻ ۽ وعظ
ڪرڻ لاءِ، نه ته شيخ حلاج منصور واري سزا جو خطرو
آهي يا ته خلق ۾ خواري جو ڊپ آهي…“ (ص 135).
پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ سياسي نظريي جي باري ۾ به
وضاحت ڪئي اٿن. لکن ٿا ته ”… جيتوڻيڪ آءُ پوليٽيڪل
ڳالهين ۽ ڪمن سان واسطو نه رکندو آهيان ۽ اهڙن
تحريڪن ۾ شامل نه ٿيندو آهيان، ته به اُنهن جي
نسبت ۾ پنهنجي لاءِ مون راءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي ۽
هميشه اُنهن اصولن تي هلندو آهيان ۽ اُنهن کي
اسلامي ۽ ديني حڪمن موافق سمجهندو آهيان. اِها
راءِ هيءَ آهي، جا ڪنهن هنڌ مون لکي به آهي ته
رعيت ٿي ۽ مسلمان ٿي، اسان مسلمانن تي ديني فرض
آهي ته غير مسلماني بادشاهه يا حاڪم جي برخلاف
فساد نه ڪريون ۽ نه بغاوت جهڙو منصوبو ڪريون يا
اُنهيءَ سان قطع تعلقات ڪريون يا اُنهيءَ جا حڪم
نه مڃون…“ (ص 127) مرزا صاحبجي راءَ اها آهي ته
جيڪڏهن ڪنهن کي اهڙي حڪومت سان اختلاف هجي، جيڪا
سندن مذهبي راهه ۾ رنڊڪ وجهندي هجي ته پوءِ ڀلي
ملڪ ڇڏي هليو وڃي ۽ ڪنهن ٻئي هنڌان اُن خلاف تحريڪ
هلائي. (ص 127) اهڙي طرح پاڻ اِن خيال جا هئا ته
ملڪ جي ترقيءَ ۾ حصو وٺائڻ لاءِ هر ڪنهن کي فعال
ٿي ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ جڏهن ملڪ ترقي حاصل ڪري وٺندو
ته خود بخود خوش حالي به اچي ويندي.
پنهنجي وڏي عمر جي باري ۾ به ڏاڍا دلچسپ خيال پيش
ڪيا اٿن. سندن خيال ۾ سندن وڏي عمر جو راز اُنهن
دعائن ۾ سمايل هو، جيڪي سندن دوست ۽ مٽ مائٽ کين
ڪندا رهندا هئا يا وري قدرت ٿي چاهيو ته هو سنڌي
علم ادب جي چڱيءَ طرح خدمت ڪري سگهي. هن پنهنجي
ٻڍاپي تي دلچسپ شعر چيا آهن.
جنهن ماڻي جواني، تنهن کي پيري نه وڻي،
پيري وڌو مون کي هاءِ منجهه فڪر گهڻي.
مرزا صاحب جي آتم ڪهاڻي مڪمل ناهي ته به سندن
روزنامچن مان سندس باقي زندگي جو احوال ملي ٿو،
جنهن مان سندن عزيز اقارب ۽ دوست يارن جي به خبر
پوي ٿي، بنگال جي مهاڪوي ٽيگور سان ملاقات، هالا
جي مخدوم غلام حيدر، جناب جي ايم سيد توڙي اُن وقت
جي ڪيترن ئي اهم شخصيتن جو احوال ملي ٿو، جن ۾
غلام علي چاڳلا، خانبهادر عظيم خان، پوڪرداس، مسز
سروجني نائيڊو، پرنس آف ويلس، مير علي نواز خان
”ناز“ وغيره اچي وڃن ٿا.
مرزا صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي نهايت ئي سچائي، صاف
دلي ۽ حقيقت پسندي کان ڪم وٺندي لکي آهي ۽ اُهي
ڳالهيون بيان ڪيون آهن، جيڪي اُن دور ۾ سنڌ ۾ رائج
هيون. سندس لکڻي مان سنڌ جي اهم شهرن ۽ ماڳن جي به
خبر پوي ٿي. هيءَ آتم ڪهاڻي هڪ اهڙي عظيم انسان جي
جدوجهد جي ڪهاڻي آهي، جيڪو نهايت اصول پسند ۽
جفاڪش هو. علم ۽ ادب ۾ هن جيڪي ڪارناما سرانجام
ڏنا، تن تي پنهنجين لکڻين ۾ ڪو به فخر جو اظهار ڪو
نه ڪيو اٿس، بلڪ نهايت نماڻي ۽ نهٺي انداز ۾
پنهنجي اورچائي ۽ محنت جو بيان ڪيو اٿس. ان طرح نه
صرف هن پاڻ، پنهنجي خاندان، عزيز اقارب، بلڪ سنڌ
جي تهذيب ۽ ثقافت کي پڻ هميشه هميشه لاءِ محفوظ
ڪري ڇڏيو آهي.
ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ
مرزا قليچ بيگ جي لکيل
”سنڌي“ ڪتابن جو تذڪرو
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ کي سنڌي، انگريزي،
اردو، عربي، پارسي ۽ هندي ٻولين تي عبور حاصل هو،
جڏهن ته ترڪي، گجراتي، سنسڪرت، مرهٽي ۽ بلوچي
ٻولين جي پڻ ڄاڻ هئس، ڄاڻايل سڀني ٻولين ۾ ڪتاب
لکيائين يا اُنهن مان سنڌي ۾ ترجمو ڪيائين. هڪ
اندازي موجب مرزا صاحب ذڪر ڪيل سمورين ٻولين ۾
ساڍن چئن سون کان به مٿي ڪتاب لکيا. هتي سندس
”سنڌي ٻوليءَ“ ۾ لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن جو ذڪر
ڪجي ٿو. مرزا صاحب ”سنڌيءَ“ ۾ ڪل 379 ڪتاب لکيا،
جن مان 344 ڪتاب ڇپيل، جڏهن ته 35 ڪتاب اڃان تائين
اڻ ڇپيل آهن.
معلوم ائين ٿئي ٿو ته مرزا صاحب ”مقالات الحڪمت“
جي ترجمي سان ڪتابن لکڻ جو سلسلو شروع ڪيو. ڄاڻايل
ڪتاب مرزا صاحب پهرين فيبروري 1879ع تي بمبئيءَ ۾
لکي پورو ڪيو (ڏسو ساڳئي ڪتاب جو ديباچو). اِهو
ڪتاب ئي سندس ”پهريون ڇپيل ڪتاب“ ڳڻي سگهجي ٿو،
جيڪو سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي، ڪمشنر پريس ڪراچي
مان جنوري 1886ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. اهڙيءَ طرح
سندس ٻيو نمبر سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتاب طبعزاد ناول
”دلارام“ هو. ان کانپوءِ لاڳيتو رحلت تائين لکندو
رهيو ۽ کيس سنڌيءَ ۾ اڄ تائين سڀ کان گهڻا ڪتاب
لکڻ جو اعزاز حاصل آهي.
”دلارام“ ناول کانپوءِ ناٽڪ جا
ڪتاب ترجمو
ڪيائين، جن مان شروعاتي ”ليلى مجنون“ ۽
”خورشيد“ هئا. سنڌي ٻوليءَ ۾ اُن وقت اِهي بلڪل
نيون صنفون هيون. ”ليلى مجنون“ سندس لکيل پهريون
ناٽڪ آهي، جيڪو 1889ع ۾ ”قصو ليلى مجنون تصويرن
سان“ جي عنوان هيٺ سکر اسڪول جي فرسٽ اسسٽنٽ ماستر
عبدالحق ولد محمد پنجل آخوند لاهور جي اسلاميه
پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو. مٿي ذڪر ڪيل ٽن ڪتابن
لکڻ جو پس منظر ”ليلى مجنون“ ناٽڪ جي منڍ ۾ مرزا
صاحب هن طرح بيان ڪيو آهي:
”پڌرو هجي ته ناٽڪ جو رواج سنڌ ۾ ٿورن ڏينهن کان
پيو آهي. ناٽڪ مان ڪيترو فائدو ماڻهن کي پهچي ٿو،
تنهن بابت هتي بيان ڏيڻ اجايو آهي. هيترو چوڻ بس
آهي ته قديم وقت جي ٻولين ۾ جهڙوڪ يوناني ۽ سنسڪرت
۽ ٻين ۾ اهڙا ڪتاب لکيل آهن ۽ هن زماني ۾ به گهڻو
ڪري يورپ جي سڀن ڀاڱن ۾ اينهنجو رواج آهي. هندستان
۾ به ڪن ورهين کان اهو رواج هلندو اچي ۽ ڪيترن ئي
ڏيهي ٻولين ۾ ناٽڪ جا ڪتاب ملي سگهن ٿا. سنڌ ۾
جڏهن اهڙو ڪتاب ڏيهي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪو نه هو، تڏهن
مون انهيءَ ڪم ۾ هٿ وڌو.
انهيءَ قسم جي علم جا اصل ٻه وڏا ڀاڱا آهن، هڪڙو
اُهو جنهن ۾ ڪو خيالي يا تاريخي قصو ڳالهه وانگي
هجي ۽ اُن ۾ جدا جدا ماڻهن جي پاڻ ۾ گفتگو به هجي،
اُنهي کي انگريزيءَ ۾ ”ناوهل“ ڪري سڏيندا آهن. ٻيو
اُهو جنهن۾ رڳو زباني گفتگو هجي جو جسمي اشاري سان
ڏيکاري سگهجي، جنهنکي ”ناٽڪ“ چئجي ٿو يا انگريزي ۾
ڊراما، هن ڀاڱي جا وري ٻه قسم آهن. هڪڙو ناٽڪ نثر
۾ يا شعر ۾ جو نثر وانگي پڙهجي، ٻيو ناٽڪ شعر ۾ جو
راڳ ۾ ڳائجي، هن پوئين کي انگريزي ۾ آپرا ڪري
سڏيندا آهن.
اُنهن مٿين ٽنهي طرزن تي مون ڪوشش ڪري نموني طرح
ڪتاب لکيا، پهريون هڪڙو خيالي ناوهل ٺاهيم، جنهن
جو نالو ”دلارام“ رکيم. ٻئي قسم مان نثر وارو ناٽڪ
”خورشيد“ لکيم، اهي ٻئي ڪتاب سنڌ جي لٽريچر ڪاميٽي
پسند ڪيا ۽ تعليم کاتي جي ڪم لاءِ مُنکان ورتا،
باقي ٽئين قسم جو ڪتاب يعني راڳ ۾ ناٽڪ سو هي
’ليلى مجنون! جو ناٽڪ آهي. اهو اصل هندستاني ۾ هو
جو مون سنڌيءَ ۾ لکيو آهي……“ |