موت کي هر وقت ياد ڪرڻ جي خيال سان مون پنهنجي قبر
پڪي، پنهنجي مقام (بلند شاهه) ۾ پنهنجي پهرين زال
(والده نادر بيگ) جي قبر جي پاسي ۾ ٺهرائي ڇڏي آهي
۽ اُتي منهنجي ماءُ [ڌي خسرو بيگ مرزا] پيءُ، ۽
ڀائن ڀيڻن [زيب النساء ۽ شرف النساء] جون قبرون
آهن. اُتي سڀ ڪنهن جمعي جي ڏينهن صبح جو آئون
ويندو آهيان ۽ ختمو ڏيندو آهيان ۽ پنهنجن مئلن
مائٽن کي ياد ڪندو آهيان ۽ پنهنجي قبر ڏسي چوندو
آهيان ته هڪڙي ڏينهن آءُ به هتي رکيو ويندس.
پنهنجو ڪفن به تيار ڪري رکي ڇڏيو اٿم، بلڪ جنازي
کڻڻ جي ڏولي به ٺهرائي ڇڏي اٿم، جا ٻين عزيزن ۽
دوستن جي وفات وقت به ڪم پئي ايندي آهي.
روزنامچه مان چونڊ
1914ع
11- اپريل 1914ع: فيض محل (خيرپور ميرس) ڏسڻ
وياسين. شام 12- اپريل تي شڪارپور وياسين. مسٽر
پوڪرداس، مير علي نواز خان ۽ ٻيا ماڻهو اسٽيشن تي
گڏيا. شام جو وري خيرپور موٽياسين. ٻئي ڏينهن
راڻيپور، درازا ۽ گمبٽ ڏانهن ويس ۽ زيارت ڪيم.
16- آگسٽ: ٻن ڏينهن کان درياءَ جو پاڻي چڙهيو هو،
جنهن ڪري ڦليليءَ جي مُنهن تي گهلين وارو بند ٽٽي
پيو ۽ پاڻي ڳوٺ [ٽنڊي ٺوڙهي] ۾ ڪاهي پيو. اسين
ٻارن ٻچن سميت شام جي وقت ڳوٺ مان نڪري وڃي محمد
سليمان واري گهر ۾ رهياسين.
24- آگسٽ: رمضان شريف جي عيد آهي. خير سان ٽيهه ئي
روزا رکيم.
6- سيپٽمبر: آچر جي ڏينهن آئون، سڊني بيگ [ڀائٽو]،
ناصر علي [مرزا صاحب جو ڀاڻيجو] پيرين پيادل گنجي
ٽڪر تي گهمڻ وياسين.
1915ع.
3- جولاءِ: ڪمشنر صاحب مون کي صاحبلوڪن کان سنڌي
زبان جي امتحان وٺڻ لاءِ ممتحن مقرر ڪيو. آئون
ڪراچي ۾ صاحبلوڪن جو امتحان وٺڻ ويس ۽ 7 جولاءِ تي
حيدرآباد موٽيس.
7- نومبر: لاڙڪاڻي ڏانهن ويس. جلوس جي صورت ۾ شهر
لاڙڪاڻي ۾ آندائون. ٻه ڏينهن لاڳيتو ڪانفرنس ۾
مشغول رهيس. محمدن ائسوسيئيشن وارن مون کي ائڊيرس
ڏني. 10 تاريخ صبح جو گهر پهتس.
14- مئي: ايڊيوڪيشن ڪميٽي جي ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيڻ
لاءِ ڪراچي ويس.
1917ع
18- مارچ آئون ڪراچي ويس. ڪئنٽ اسٽيشن تي نادر بيگ
[مرزا صاحب جو وڏو پٽ ۽ جديد سنڌي افساني جو باني]
۽ ٻيو هڪ صاحب گڏيو. اُنهن سان گڏجي سٽي اسٽيشن تي
پهتاسين، جتي ڪراچي جا ڪيترائي هندو ۽ مسلمان آيا
هئا. هڪڙو وڏو ۽ عمدو هار منهنجي گلي ۾ وڌائون.
ٻئي ڏينهن اردو ڪانفرنس هئي، جنهن ۾ آئون پريزيڊنٽ
هوس.
2930ع
20- مارچ. آئون سيوهڻ ويس. قلندر شهباز جي روضي ۽
سيد ثابت علي شاهه [مرثيي جو شاعر] جي مزار تي به
ويس. چوٿين اپريل تي بوبڪ وياسين، جتي منڇر جي ڍنڍ
جو سير ڪيوسين. مسٽر گوبندرام، سيد ولي محمد شاهه
۽ ٻيا معزز ماڻهو گڏيا. صاحبزادي محمد خان [ڪليڪٽر
دادو] نهايت عمدي طرح بندوبست رکيو هو.
27- آگسٽ. اڄ شام جو سنڌ ڪاليج جي شاگردن جي دعوت
تي ويس. مسٽر شاهاڻي پرنسپال به گڏ هو، اُت تقرير
ڪيم ۽ شعر پڙهيم.
16- ڊسمبر. ڪراچي ويس. ڪاليج ۾ چار ليڪچر ڏيڻا
هئا، جن مان ٽي ليڪچر ڏنم. چوٿون هندو ڇوڪرين جي
هاءِ اسڪول ۾ ڏنم ۽ هڪڙو غلام علي چاڳلا جي
لائبرريءَ ۾ ڏنم.
1921ع
25- مارچ، صوفي سماگم ۾ ويس ۽ هڪ تقرير جا صوفين
جي نسبت ۾ لکي هيم، سا پڙهيم.
24- ڊسمبر. ڏينهن واري گاڏيءَ ۾ آئون لاڙڪاڻي ويس،
جتي سنڌ جي شاعرن جي پهرين ڪانفرنس ٿيڻ واري هئي ۽
مون کي پريزيڊنٽ مقرر ڪيو ويو.
26- ڊسمبر. شروع ۾ منهجي تقرير هئي، جا ”شعر جي
شرف ۽ شان“ جي نسبت لکيل هئي، پوءِ مصرع طرح تي
مشاعرو ٿيو.
1922ع
2- اپريل. آئون ڪراچي ويس، جو ڪن يورپين آفيسرن جو
سنڌيءَ ۾ امتحان وٺڻو هوم. ٽي ڏينهن سانده، انهيءَ
ڪم سانگي، فريئر هال ۾ وڃڻو پيو.
26- آڪٽوبر. هومسٽيڊ هال ۾ جلسو هو، جتي آئون
پريزيڊنٽ هوس. گهڻا ماڻهو آيا هئا.
30- ڊسمبر. گورنر صاحب بمبئي تشريف آندي هئي، جنهن
سان مون ٻنپهرن جو خلاصي ملاقات ڪئي ۽ شام جو مسٽر
غلام حسين جي باغ واري پارٽيءَ ۾ به گورنر صاحب
سان ملاقات ڪيم.
1923ع
24- فيبروري. مسٽر غلام علي نانا [والد فيروز
نانا] جي چوڻ تي ٽريننگ ڪاليج ۾ ليڪچر ڏنم. مضمون
هو ’دل ۽ دماغ جو جسم تي اثر‘.
27- مارچ. ڊاڪٽر رابندر ناٿ ٽيگور سان گڏ وڃي
چانهه پيتم ۽ صحبت ڪيم. چڱو ماڻهو ڏسڻ ۾ ٿي آيو.
13- ڊسمبر. آئون صوفي سماگم جي واسطي ڪراچيءَ ويس
۽ پريزيڊنٽ ٿيس.
21- ڊسمبر. نيشنل ڪاليج وارن جي فرمائش تي اُتي
وڃي ليڪچر ڏنم ۽ سنڌي زبان ۽ لٽريچر جي مضمون تي
لکيل تقرير پڙهيم.
1924ع
2- جنوري. نئين سال جي لقبن جي يادداشت ۾ مون کي
’شمس العلماء‘ جو لقب مليو.
15- ڊسمبر. حيدرآباد ۾ گورنر صاحب بمبئيءَ جي
درٻار هئي. مون کي ’شمس العلماء‘ جي خطاب جي سند،
تمغو، چُغو ۽ دستار ملي.
16- ڊسمبر. مسلمان جي ڪانفرنس هو مسٽيڊ هال ۾ شروع
ٿي. سر رحمت الله پريزيڊنٽ هو ۽ صاحبزادو آفتاب
احمد اردو ترقي ڪانفرنس جو پريزيڊنٽ هو ۽ مير ايوب
خان، سنڌي اردو مشاعري جو پريزيڊنٽ هو.
1925ع
30- اپريل. مرزا منوچهر بيگ [مرزا صاحب جو ڀائيٽو]
جي خواهش تي مون باغ ۾ شمس العلماء واري پوشاڪ ۾
فوٽو ڪڍرايو هو.
27- جنوري. مسٽر دهلوي ويهن ورهين کان پوءِ گورنر
بمبئي جو وزير مقرر ٿي سنڌ ۾ آيو، اُن کي بسنت هال
گڏيس. ٽيهين تاريخ، مسٽر نور محمد وڪيل جي دعوت تي
وياسين ۽ ايڪٽيهين تاريخ ڪانفرنس ۾ هن سان
ملياسين.
23- اپريل. آئون لاڙڪاڻي ويس. شام جو پوئٽري
سوسائٽي ۾ مشاعرو ٿيو، 25 تاريخ تي نوين بجي
شڪارپور پهتس. ٻئي ڏينه 26 تاريخ تي شام جو
پوڪرداس [معروف پبلشر] جي دعوت هئي، جنهن ۾ شهر جي
گهڻن هندن ۽ مسلمانن شرڪت ڪئي.
28- سيپٽمبر. صبح واري گاڏيءَ ۾ ڪراچي ويس. 29
تاريخ ڪاليج ۾ ليڪچر ڏنم ۽ 30 تاريخ ٿياسافيڪل هال
۾ پنجين تاريخ مدرسي ۾ ليڪچر ڏنم.
1927ع
11- جنوري. مسٽر ليلارام هيڊ ماستر جي چوڻ تي
حيدرآباد هاءِ اسڪول ۾ ’شعر جي اثر‘ تي سنڌيءَ ۾
تقرير ڪيم.
16 جنوري مسٽر آدمجي منڇر جي دلال ۽ مسٽر سواربجي
مون وٽ آيا. گهڻي خوشي ٿي جو اِهي منهنجا ڪاليج جا
سنگتي هئا.
28- جولاءِ. مرزا علي حسن سان گڏجي بمبئيءَ ڏانهن
ويس.
8- ڊسمبر. مسٽر ڏيارام گدومل منهنجو پراڻو ۽ گهرو
دوست، جو باندو (بمبئيءَ) ۾ رهندو هو، اُن جي مرڻ
جي خبر اڄ ٻڌم. نهايت گهڻو ڏک ٿيم.
1928ع
23- مارچ. رمضان جي عيد هئي. مون ٽيهه ئي روزا
رکيا. [ياد رهي ته اُن وقت مرزا صاحب 73 ورهيه جي
ڄمار جا هئا].
31- جولاءِ. ڪراچي ويس، جو پهرين ۽ ٻين جولاءِ تي
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي يادگيري ۾ جلسو ڪيو ويو
هو ۽ ڪاليج جي سرسوتي گروپ وارن مون کي اُن جلسي
جو پريزيڊنٽ ڪيو هو.
19- آگسٽ. آچر جي ڏينهن آئون، مرزا علي حسن سان گڏ
بمبئيءَ روانو ٿيس. پهرينءَ ئي رات جو مون کي پيٽ
۾ سور ٿيڻ لڳو، جنهن ڪري آئون ماني کائي نه سگهيس
[۽ اُن سفر کانپوءِ مرزا صاحب اڪثر بيمار رهڻ لڳا
هئا].
1929ع
11- جنوري. آئون ڪراچي ويس. ڊاڪٽر ڀَٽ کي پنهنجون
اکيون ڏيکاريم، جنهن چيو ته ساڄي اک ۾ موتيو پاڻي
آهي، جو شايد جلدي وڌي وڃي ۽ آپريشن ڪرڻي پوي. ٻي
عينڪ ورتيم.
22- مارچ. آئون ڪراچي ويس. شام جو آريه سماج جي
هال ۾ مذهبي ڪانفرنس ۾ ”اسلامي دنيا ڪهڙي ترقي ڪئي
آهي“، انهي مضمون تي ليڪچر ڏنم.
23- مارچ. شام جو ٿياسافيڪل هال ” ”مشرقي ۽ مغربي
قومن ۾ خواب ۽ ان جي تعبير“ بنسبت ليڪچر ڏنم مسٽر
غلام علي چاڳلا ۽ ٻيا گهڻا معزز موجود هئا.
24- مارچ. شام جو آريه سماج هال ۾ مشاعرو هو ۽
آئون پريزيڊنٽ هوس.
25- مارچ. آئون صبح واري گاڏيءَ ۾ حيدرآباد روانو
ٿيس. ڊاڪٽر گربخشاڻي [شاهه جي رسالي جو مشهور
مؤلف] به گڏ هو.
1- اپريل. پير غلام حيدر صاحب، هالا واري پير صاحب
[مخدوم طالب المولى جو چاچو] هڪڙو خط ۽ ٻه ماڻهو
مون وٽ موڪليا. هالا ۾ اچڻ جي واسطي موٽر به
موڪليائين. صبح جو هالا روانو ٿيس. [وفات کان اڳ
اهو سفر مرزا صاحب جو آخري سفر ثابت ٿيو]. سيد
غلام مرتضى شاهه صاحب سن وارو [سائين جي ايم سيد]
به اُتي موجود هو. پيرن جي ڪانفرنس بنسبت پاڻ ۾
صلاح مصلحت ڪئيسين. پوءِ آئون ڀٽ شاهه تي ويس، ۽
شاهه صاحب جي روضي جي زيارت ڪيم ۽ مخدوم نوح جي
روضي جي به زيارت ڪيم.
4- اپريل مون کي دل ۽ معدي ۾ سور ٿيڻ لڳو، ڊاڪٽر
نيڀراج ۽ ڊاڪٽر بولچند ۽ ڊاڪٽر محمد خان ۽ ڊاڪٽر
نور محمد شيخ ۽ سول سرجن گهرايو ويو. جسم جي سڀني
اندروني عضون ۾ اماس (سوڄ) ٿي پئي هئي. علاج ٿيڻ
لڳو.
20- مئي. حج جي عيد ۽ سومر جو ڏينهن آهي. گهٽيءَ
مان مون کي آرام ڪرسيءَ تي ويهاري مسجد تائين کڻي
ويا، جتي نماز پڙهيسين. خطبو هميشه وانگي مون
پڙهيو. منبر تي ويهي.
(نوٽ: مرزا صاحب مرحوم جي خودنوشته ڊائري يا
روزنامچو، 10- جون 1929ع تي ختم ٿيل آهي. گويا بعد
واروعرصو سندس شديد علالت جو رهيو).
قطع تاريخ وفات
مرزا صاحب 3- جولاءِ 1929ع تي رات جو يارهين بجي
ڌاري وفات ڪئي. پنهنجي ڳوٺ واري قبرستان (بِلند
شاهه ۾) پنهنجي جيئري ٺهرايل قبر ۾ دفن ڪيا ويا.
سندن مزار مبارڪ جي سيراندي کان رکيل ڪتبي تي جيڪو
قطع تاريخ وفات اُڪريل آهي، سو پڻ مرزا صاحب مرحوم
جن جو ئي جوڙيل آهي، جنهن جي آخري شعر مان ابجد جي
حساب سان سندن وفات جو سال يعني سن 1348ع هجري
نڪري ٿو:
عُمرم به همين سلا چُو هفتاد شُده هفت،
آمد مَلک الموت، ز درگاهِ حق آخر.
گُفتا کہ بسي زيستي درمنزلِ دنيا
شو عازمِ عُقبى که به بيني رُخِ داور.
ازفرط مسرت زدم آهي و بُمردم
درعالمِ ارواح رسيدم دمِ ديگر
تاريخ وفاتم چُو دِلم خواسته ازغيب
هاتف زکَرم ڪرد نِدا: ”بخت موقر“
1348هه
مشاهيرن جا خط
(مرزا صاحب ڏانهن مختلف شخصيتن جي لکيل خطن مان
چونڊ)
ڪراچي،
27- جولاءِ 1872ع
مرزا قليچ بيگ کي ٿوري وقت لاءِ هاءِ اسڪول
حيدرآباد ۾ فارسي پڙهائڻ لاءِ مقرر ڪجي ٿو. انهيءَ
لاءِ چاليهه رپيا پگهار ملندو.
اي. ايم. ايڇ. فلٽن
ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر، سنڌ
بمبئي
23- جون 1880ع
منهنجا پيارا مرزا قليچ بيگ
تنهنجي 15- تاريخ واري خط جي لاءِ آءُ گهڻو شڪر
گذار آهيان. آئون اِهو ٻڌي گهڻو خوش ٿيو آهيان ته
تون مئجسٽريل امتحان ۾ پاس ٿيو آهين ۽ روينيو کاتي
۾ گهڙڻ جي توکي اُميد آهي. آءُ هميشہ تنهنجي
خوشيءَ ۽ فتحيابي جو ٻڌي خوش ٿيندس.
مرزا حيرت
(مرزا صاحب جو بمبئيءَ ۾ آئيڊيل استاد)
ڪراچي
28- آگسٽ 1911ع
منهنجا پيارا مرزا قليچ بيگ
مسٽر نارٽن بئيريسٽر، جو هينئر مير صاحبن وارو ڪيس
پيو هلائي، تنهن خواهش ڏيکاري آهي ته اوهين هِن کي
پنهنجو هڪڙو سنڌ جي تاريخ وارو ڪتاب تحفي طور ڏيو،
تنهن ڪري مهرباني ڪري اوهين اهو ڪتاب هن ڏي موڪلي
ڏيو ۽ انهيءَ ۾ پنهنجي هٿ سان لکو ته هي تحفو ڪري
موڪليو ويو آهي.
هرچندراءِ وشنداس
(سنڌ جو هڪ نهايت ناليوارو قومي خدمتگار)
ڪنڊيارو
24- فيبروري 1899ع
مرزا صاحب، آئون اوهان کي ياد ٿو ڏياريان ته اوهين
زناني ٽريننگ ڪاليج حيدراباد جي سڌاري ۽ نظرداريءَ
جي لاءِ مقرر ٿيل صلاحڪار ڪائونسل جا ميمبر آهيو،
جا ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر کي مدد ڏيڻ لاءِ آهي. مون
کي اميد آهي ته جيترو وڌيڪ انهيءَ ۾ حاضر ٿي سگهو،
اوترو بهتر آهي.
ايس. جي. ڪورنٽن
ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر
منهنجا پيارا مرزا قليچ بيگ
توهان پڪيءَ طرح ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيا آهيو، تنهن
لاءِ آئون توهان کي مبارڪ ٿو ڏيان.
آر. جائلس
ڪمشنر سنڌ
17-
جنوري 1898ع
پيارا قليچ بيگ
اوهان کي اطلاع ٿو ڏجي ته اوهان ’چچ نامو‘ ۽ ’سنڌ
جي تاريخ‘ جا ڪتاب لکيل آهن، تن جو ٻڌي اسين گهڻو
خوش ٿيا آهيون. اسان خوشيءَ سان اِهي پنهنجي
سرڪاري ڇاپخاني ۾ مفت ڇپائينداسين.
ايڇ. اي. ايم. جيمس
ڪمشنر سنڌ
ڪراچي
5- جنوري 1906ع
منهنجا پيارا مرزا قليچ بيگ
منهنجي مبارڪ قبول ڪجو. آئون ڏاڍو خوش ٿيو آهيان
جو اوهان کي ’قيصرِ هند‘ جو تمغو مليو آهي. ’عمر
خيام‘ جي رباعين جو ترجمو جيڪو اوهان ڪيو آهي، سو
هڪڙو ئي اوهان کي اُنهيءَ آبرو جو حقدار ڪري ٿو.
ڊبليو. اين. رچرڊسن
سورت
10- ڊسمبر 1906ع
پيارا قليچ بيگ
توکي ڪا خدائي قابليت آهي. جيڪو ڪم تو ڪيو آهي سو
مون کي شرمندو ٿو ڪري. آئون پنهنجو فرصت جو وقت
سجائي ڪم ۾ لڳائڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان، پر نه،
ايتريقدر، جيترو تون ٿو ڪرين. انهيءَ ڳالهه ۾ تون
سڀني کان گوءِ کڻي ويو آهين. شل تون پنهنجي ۽
منهنجي ديس لاءِ گهڻو جين، پر جي تون اڳي وئين، ته
آئون تنهنجي محنت جو ڦل جهان جي اڳيان رکندس.
ڏيارام گدومل
(مرزا صاحب جو جگري دوست)
سملا
1-
اپريل
منهنجا پيارا مرزا
……’انجيل‘ جي ترجمي ڪرڻ ۾ اوهان جيڪا مدد ڪئي آهي،
تنهن جي احسان مندي مڃڻ جي اِها هڪڙي معمولي نشاني
آهي. ’بائيبل‘ سوسائٽي موافق انعام يا اجورو ڏيڻ
گهري ٿي، جو اميد آهي ته اوهين قبول ڪندؤ.
جوزيف ريڊمن
بمبئي
23- جولاءِ 1914ع
پيارا مرزا
معلوم رهي ته گورنر اِن ڪائونسل اوهان کي اُنهيءَ
ڪميٽي جو ميمبر مقرر ڪيو آهي، جنهن کي سنڌ جي
مسلمانن جي تعليم جي نسبت ۾ ويچار ڪرڻو آهي.
جي. ايل. ريو
سيڪريٽري
پيارا مرزا قليچ بيگ
’سنڌ ڪرسچن لٽريچر ڪميٽي‘ جي طرفان، ’توريت‘ جي
’ڪتاب پيدائش‘ جو اوهان جيڪو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو
آهي، تنهن لاءِ اسين اوهان جا گهڻو شڪر گذار
آهيون.
اوهان جو سچو دوست
ٽي، منسکاڻي
ڪراچي
16- فيبروري
’امن سڀائن‘ جي ڪتابن لکڻ ۾ اوهان جيڪا چڱي مدد
ڪئي آهي، سا ٻڌي ڪمشنر صاحب گهڻو خوش ٿيو آهي ۽
درٻار ۾ هيءُ آفرين نامو ۽ سوني واچ به تحفو ڪري
ڏئي ٿو.
جي. ايل. ريو
ڪمشنر، سنڌ
بمبئي، گورنمينٽ هائوس
1- جنوري 1924ع
پيارا شمس العلماء
گورنر صاحب جي حڪم موجب، آئون اوهان کي ”شمس
العلماء“ جي تازي خطاب ملڻ تي مبارڪ ٿو ڏيان ته شل
اوهان جي حياتي وڏي ٿئي ته اها عزت ماڻيو ۽ خلق جي
زياده خدمت گذاري ڪريو.
سي.جي.آدم
پرائيويٽ سيڪريٽري
(وائسراءِ جي سيڪريٽريءَ جو خط)
منزل سيراڻي
3- جنوري 1924ع
پيارا مرزا قليچ بيگ
آئون اوهان کي سچيون مبارڪون ٿو ڏيان، جو اوهان کي
”شمس العلماء“ جو خطاب مليو آهي.
ايس.ايڇ.ڪورنٽن
ڪليڪٽر، حيدرآباد
منهنجا پيارا مرزا صاحب؛
جيڪو ’شمس العلماء‘ جو لقب اوهان کي پنهنجي لياقت
موجب مليو آهي، تنهن لاءِ اوهان کي دلي مبارڪون
هجن.
سيد محمود شاهه
سپرنٽينڊنٽ پوليس ٿرپارڪر.
منهنجا پيارا مرزا صاحب
جيڪو لقب ’شمس العلماء‘ جو اوهان کي مليو اهي ۽
جنهن جا اوهين هر طرح لائق آهيو، تنهن لاءِ اوهان
کي دل و جان سان مبارڪ ٿو ڏيان.
محمد قادر شيخ
وزير، خيرپور رياست
ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ڪراچي
4- جنوري 1924ع
پيارا مرزا قليچ بيگ
آئون اِهو معلوم ڪري نهايت خوش ٿيو آهيان ته ’شمس
العلماء‘ جو لقب اوهان کي مليو آهي. بيشڪ اِهو
اوهان کي اڳي ملڻ گهربو هو. شل خدا اوهان کي وڏي
حياتي ڏئي! اِها منهنجي دعا آهي.
هوتچند مولچند گربخشاڻي
(شاهه لطيف جي رسالي جو نامور مؤلف)
بمبئي
6- جنوري 1924ع
عزت ملڻ جي لاءِ اوهان کي دلي مبارڪون هجن. جا عزت
اوهان کي گهڻو اڳي ملڻ کپندي هئي.
گورنر بمبئي
پيارا مرزا صاحب
نون خطابن وارن جي ياداشت ۾ اوهان جو معزز نالو
ڏسي مون کي نهايت گهڻي خوشي ٿي، جهڙي ساريءَ سنڌ ۽
گهڻن ٻين کي به ٿي هوندي. اوهان جي ذات ۾ ايتريون
خاصيتون ۽ لياقتون موجود آهن، جو ساري خلق اوهان
کي پيار ڪري ٿي ۽ ساراهي ٿي. اسين اوهان کي فخر
سان پيار ڪريون ٿا. شل خدا اوهان کي سنڌجي خدمت
لاءِ گهڻي مدت تائين مهلت ڏئي.
امداد علي امام علي قاضي
ڊسٽرڪٽ جج، خيرپور
(علامه. آءِ. آءِ. قاضي)
سلسبري (آفريڪا)
21- فيبروري 1924ع
منهنجا پيارا مرزا صاحب
مون هينئر ڪراچي جي هڪڙي اخبار پڙهيو آهي ته اوهان
کي سرڪار ’شمس العلماء‘ جو لقب عطا ڪيو آهي. اميد
ته جڏهن موٽي هندستان ۾ ايندس، تڏهن اوهان کي بلڪل
تندرست اچي ڏسندس.
آئي. ايڇ. ٽائنٽن
ڪليڪٽر |