علي احمد بروهي
مرزا قليچ بيگ
سنڌي علم ادب
جو پيش امام
نوٽ:
سنڌ جي نامياري ۽ ٻهڳڻي ليکڪ/دانشور سائين علي
احمد بروهيءَ هيءُ مضمون خاص طرح سان ”قليچ نمبر“
لاءِ تحرير فرمايو. پاڻ اها ڪرمِ نوازي بورڊ جي
هاڻوڪي سيڪريٽري جناب انعام شيخ جي طرفان ڪيل
گذارش جي موٽ ۾ ڪيائون. هيءُ مضمون اداري تائين
پهچندي ڏهاڪو ڏينهن به نه گذريا هوندا ته بروهي
صاحب جن جي وفات جي ڏکوئيندڙ خبر 30 نومبر 2003ع
تي ٻڌڻ ۾ آئي، انهيءَ حياتي سان چئي سگهجي ٿو ته
هيءَ تحرير غالباً بروهي صاحب جن جي هٿن سان لکيل
سندس زندگيءَ جي آخرين تحرير آهي. ادارو بروهي
صاحب جي اوچتي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪندي، هن
تحرير کي بهرحال تاريخي دستاويز طور ڳڻيندي وڏي
اعزاز سان ڇاپي ٿو. (ايڊيٽر)
سنڌ جي سر زمين هر دؤر ۾ سرسبز، زرخيز ۽ شادباد
پئي رهي آهي. مون کي نه سُجهي ته ڪڏهن سندس ڪُک
خالي رهجي هجي. سنڌوءَ ۾ امڙ جي ٿڃ جو تاثير رکيل
آهي، ۽ جو به هي پاڻي پيئندو ته سنڌ ڄائو ٿي زندگي
گهاريندو، پوءِ هو دلي طور ان حقيقت کي تسليم ڪري
يا نه. سنڌ جي مٽي توڙي پاڻيءَ ۾ اهڙو مقناطيسي
اثر رکيل آهي، جو ديسي پرديسي ماڻهو جڏهن ماڳ
مٽائي هِت اچي سنڌ جي ڇپر ۽ ڇانوَ هيٺ زندگي بسر
ٿا ڪن، سي پرديسي نه فقط سنڌ سان ساٿ ٿا نباهين،
پر پنهنجي اڻٿڪ جدوجهد سان سونهاري سنڌ جي سونهن ۽
سينگار ۾ اضافو ٿا ڪن، جيئن مرزا قليچ بيگ مرحوم،
جو اڄ کان صدي اڳ سنڌي علم ادب ۽ شعر جو امام هو ۽
سندس تصنيفن واري رڪارڊ کي اڄ ڏينهن تائين ڪو به
ديسي يا پرديسي چئلينج ڪري نه سگهيو آهي.
مرزا قليچ بيگ جا وڏڙا روس جا رهاڪو معزز ڪرستان
هئا. سندس والد ۽ نانو ننڍپڻ ۾ ايران جي حاڪم
طرفان سنڌ جي ميرن کي تحفي طور عطا ڪيا ويا هئا ۽
جي انهيءَ زماني ۾ حيدرآباد جي ٽنڊي ٺوڙهي ۾ رهائش
پذير ٿيا. منهنجي امڙ چوندي هئي ته عورت کي ٻه ٿڻ
انهيءَ لاءِ عطا ٿيل آهن ته جيئن هڪ ٿڻ يتيم ٻار
لاءِ وقف رکي، اڄ سنڌ امڙ جا ٻيئي ٿڻ ديسين ۽
پرديسين جي اُڃَ اُجهائڻ ۾ رڌل آهن. اِهوئي سبب
آهي جو سنڌي ماڻهن جو ايمان آهي ته سندن در لنگهي
آيل انسان نيٺ ته ساڻن ساٿ نڀاهيندا ۽ ممڪن آهي ته
جاکوڙ جي ڊوڙ ۾ اڳتي هلي ٻاهريان آيل شايد سنڌ
ڄاون کي به شہ ڏيئي وڃن.
مرزا قليچ بيگ جي لاءِ مشهور آهي ته ساڍا چار سؤ
کن ڪتابن جو مصنف هيو، جن جي وقت بوقت ڇپيل توڻي
قلمي نسخن جي نمائش پئي ٿيندي رهي آهي. سوال اهو
آهي ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هڪ سرڪاري عملدار،
جنهن جون مشغوليون ڪچهريون ڪرڻ، عام ماڻهن جا ڏک
سور ٻڌڻ، سرڪاري لکپڙهه ۽ عملدارن سان ملاقاتون
ڪرڻ ۽ دور دراز ايراضين جو سفر ڪري جائز وٺڻ هجي.
سو ايترو وافر وقت ڪڍي سگهي، جو پنهنجي خانگي ۽
ذاتي دلچسپيءَ ۾ سيڙپ ڪري؟ وري اهي به ڪي ڏهه ويهه
يا پنجويهه نه پر ساڍا چار سؤ ڪتاب، جن ۾ نثر، نظم
۽ روزنامچه شامل هجن!
مرزا مرحوم وڏو عرصو روينيو کاتي ۾ مختيارڪار جي
عهدي تي فائز هو ۽ اڳتي هلي ناميارو ڊپٽي ڪليڪٽر
ٿيو. اڳي مختيارڪار جي دائره اختيار واري سر زمين
اڄڪلهه جي ضلعي کان ٻيڻي ايراضي هوندي هئي. وڏي
ڳالهه ته سواريءَ لاءِ موٽر گاڏيون ۽ ٻيو مناسب
ٽرانسپورٽ نه هئا. بلڪه اُٺن ۽ گهوڙن تي دور دراز
۽ اؤکيون منزلون طئي ڪرڻيون پونديون هيون. بجلي،
ٽيليويزن، ريڊيو ۽ ٽيليفون نه هئڻ ڪري رهائش توڻي
روشني اڻلڀ ٿي پوندي هئي. انهيءَ زماني ۾ هڪ
عملدار کي ايتري واندڪائي ڪٿي جو فرصت ۽ دلجاءِ
سان ويهي ڪتاب لکي ۽ ڪاعذ ڪارا ڪري! تعجب هي آهي
ته مرزا قليچ بيگ مرحوم اهڙي اڻهوند واري دؤر
هوندي به ڍڳ ۽ ڍير ڪتابن جا لکي سگهيو آهي، جو
ڏيکاري ٿو ته مرزا مرحوم بيحد اورچ ۽ محنتي انسان
هيو ۽ زندگي عيش آرام ۾ صرف ڪرڻ بجاءِ علم ادب جي
کيتر ۾ قلم جي هر هلائڻ کي ترجيح ڏنائين ۽ اهڙي
علمي بلنديءَ کي سر ڪيائين، جنهن جي پهچ لاءِ ڪو
سوچي به نٿو سگهي. آءُ نٿو سمجهان ته مرزا مرحوم
زندگيءَ ۾ ڪا گهڙي اجائي بسر ڪئي هوندي. نه وري
زندگي ۾ ڪو عيد براد يا ناتال جا ڏينهن ملهايا
هوندائين. سندس لاءِ لکڻ ۽ پڙهڻ ”انڌي ۽ جنڊ“ وارو
مامرو هيو.
اڄ ڪلهه واري ترقيءَ جي دور ۾ جڏهن ڪتاب لکڻ ۽
شايع ڪرائڻ لاءِ ڪيئي سهولتون موجود آهن، تڏهن به
آءُ نٿو سمجهان ته ڪنهن اديب يا شاعر ايترا ڪتاب
لکيا هوندا. جيترا مرزا صاحب ڏانهن منصوب ڪيا ٿا
وڃن. اسان وٽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ واحد بزرگ شخص
آهي، جو عالم ۽ ڏاهو هئڻ سان گڏوگڏ ”ڪتابن جي کاڻ“
سڏيو ويندو آهي. تنهن جي ڪتابن جو تعداد به ڏيڍ سؤ
تائين محدود آهي، انهيءَ انگ ۾ به چاليهارو کن
ڪتاب هڪ ئي موضوع ”لوڪ ادب“ تي لکيل آهن ۽ انهن
ڪتابن جي تياريءَ ۾ سندس شاگردن جو به چڱو تعداد
شامل آهي، جن جي تحقيق به مواد ۾ شامل آهي. آءُ
اڪثر تر زندگيءَ ۾ رولاڪ ٿي رهيو آهيان ۽ وتندو
آهيان ماڻهو ۽ سندن ماڻهپو ڪڇيندو. مون کي هڪ
انسان اهڙو ٽڪريو جنهن لاءِ هي گمان گذريو ته ممڪن
آهي ته هي شخص مرحوم قليچ بيگ مرزا جي جُتيءَ ۾
پير پائي سگهي، اهو قصو هن طرح آهي:
1953ع ڌاري هڪ ڏينهن منهنجي ڳوٺ ڳڙهي ياسين جو آغا
بدرالدين، جو سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر پڻ هيو،
تنهن گهرائي چيو ته دهلي وڃڻ لاءِ تيار ٿي، ڇاڪاڻ
جو روزاني اخبار ٿا جاري ڪيون ۽ جنهن لاءِ
ڊڪليئريشن دهليءَ مان وٺڻي پوندي. آءُ حيران ٿي
ويس، جو پاڪستان کي وجود ۾ آئي پنج سال گذري چڪا
هئا پر اخباري اجازت اڃان سوڌو ڌارين جي هٿ هئي!
آغا صاحب وراڻي ڏني ته سنڌ سرڪار وٽ تجربيڪار
اسٽاف نه هئڻ ڪري هوءَ پنهنجون ذميواريون سنڀالي
نه سگهي آهي. آءُ روزاني اخبار جي شوق ۾ (جنهن
لاءِ مون کي خاطري هئي ته اخبار جو ايڊيٽر يا
مئنيجر مقرر ڪيو ويندس) ترت تيار ٿي، ڀاڙي ۽ خرچ
لاءِ پئسا وٺي ريل رستي ٻئي ڏينهن اچي دهليءَ
پهتس. دهلي مسلم هوٽل ۾ ٽپڙ رکي ارونا آصف عليءَ
کي فون ڪيم، جا نيويءَ جي بغاوت واري زماني ۾ اسان
جي اڳواڻ هئي ۽ مون تي خاص طور مهربان هئي. ترت ئي
گاڏي ڪاهي آئي ۽ ساڻ وٺي گهر هلي حالي حوالي ٿي.
چيائين ته ڊڪليئريشن مولانا ”آزاد“ وٽان حاصل
ٿيندي، جنهن لاءِ وٽس سڀاڻي صبح جو هلي ديرو
دمائبو، اڄ هِت مون وٽ ٿَڪُ پَٽ ۽ پنهنجن ڪجهه
پراڻن دوستن جي ياد به تازي ڪر، سعيد احمد صديقي،
اختر ۽ شعيب خان تنهنجا باغي ساٿي هت آهن، تن کي
فون ڪيو اٿم، ڄاڻ جو آيا.
ٻئي ڏينهن ناشتي مهل وڃي مولانا ابوالڪلام ”آزاد“
جي ٺڪاڻي تي پهتاسين. خير عافيت کانپوءِ مدعا بيان
ڪيم. درخواست وٺي ان تي آرڊر لکي هڪ ڪلارڪ جي
حوالي ڪيائين ته ترت اجازت نامو جاري ڪيو وڃي.
انهيءَ دوران مون سان مخاطب ٿي سنڌ متعلق ڪجهه
سوال پڇيائين، جن جي جواب ڏيڻ ۾ مون کي خاصي دماغ
سوزي ڪرڻي پيئي. هڪ ته مون تي مولانا صاحب جي جڳ
مشهور شخصيت جو علمي رعب تاب طاري هيو ۽ منهنجا
حواس باخته هئا ۽ يقين به نٿي آيو ته آءُ ايترو
خوش نصيب هوس جو هڪ جليل القدر هستيءَ جي آڏو بيهڻ
جو شرف حاصل ٿيو هيم. خبر، چانهه پي ارونا ۽ آءُ
مولانا صاحب کان موڪلائي سندس لئبرري ۽ ڊرائنگ روم
ڏسڻ وياسين، ڇا ڏسون ته بنگلي جا مهمان خاني سميت
18 ڪمرا هئا ۽ سڀني ڪمرن ۾ جيڪا چيز عام هئي، اها
هئي ”ميز، ڪرسي، مس، قلم ۽ ڪاغذ.“ ٻيو ته درڪنار
پر غسلخانن ۽ حاجت ضروري وارن ٺڪاڻن ۾ به ٽيبل
ڪرسي ۽ مس قلم ڪاغذ بلڪل تيار رکيل نظر آيا. بنگلي
جي ڪامپٽرولر (انجنيئر) ٻڌايو ته مولانا صاحب جي
حڪم مطابق اهڙو انتظام ٿيل هيو ۽ خود پاڻ ڪيترا
دفعا اوچتو خيال اچڻ شرط غسل ڪرڻ ڇڏي ”لکڻ“ شروع
ٿي ويندا هئا. جائزو وٺندي ڏٺم ته هر هنڌ المارين
۾ هيٺان مٿان ۽ پاسن کان دستاويزن، دفترن ۽ فائيلن
جا ڍڳ سٿيل هئا، جي سلسلي وار ۽ ترتيب وار ڪيٿ
ٿانيڪا رکجي به نه سگهيا هئا، توڻي جو ٻه خاص
ڪلارڪ انهيءَ فرض ادائيءَ تي مقرر ٿيل هئا. مولانا
ابوالڪلام ”آزاد“ مصر جي جامع الازهر کان آيل
پنهنجن مهمانن سان گفتگوءَ ۾ مصروف هو ته منهنجي
دماغ ۾ گهنٽي وڄڻ لڳي ته ”شڪ نه آهي ته هي انسان
مرزا قليچ بيگ مرحوم جو همعصر يا ٻيو جنم هجي.“
ٻنهي جي وقتن ۾ هڪ صديءَ جو فرق ضرور هو، پر سندن
مقصد، محبت ۽ محنت ساڳي هئي. مولانا ابوالڪلام هو
۽ قليچ بيگ شمس العلماء هو. ٻنهي جو طريقه ڪار ۽
ٽڪساد هڪجهڙو هو. سواءِ هڪ فرق جي، جو مرزا قليچ
بيگ واري ڪرسيءَ کي ٽيڪ يعني پُٺ ڪانه هوندي هئي.
مرزا صاحب کي هي خيال هيو ته ٽيڪ واري ڪرسي آرامده
هئڻ ڪري ويٺل شخص لاءِ اوٻاسين ۽ اوجهرن پيدا ڪرڻ
جو سبب ٿي بڻجي، ان ڪري لکڻ واري ڪرسي بنان ٽيڪ
جي، يعني ”اسٽول“
(Stool)
موافق هئڻ جڳائي. اهوئي سبب هو جو مرزا قليچ بيگ
جي لکڻ پڙهڻ لاءِ جا ڪرسي استعمال هيٺ هئي، سا
بنان ٽيڪ جي هوندي هئي.
مرزا قليچ بيگ جي آتم ڪٿا ۽ روزنامچا، جي مرزا
صاحب ملازمت دوران دور دراز ماٿرين ۽ پهاڙي چوٽين
جي پيمائش
(Survey)
ڪندي لکيا، سي ثبوت آهن، انهيءَ حقيقت جا ته مرزا
صاحب اڻٿڪ، اورچ ۽ محنتي انسان هو ۽ انسانذات جي
ترقيءَ لاءِ هميشه پراميد رهيو. مون کي قليچ جي
لکڻين ۾ نااميدي ۽ مايوسي ڪٿي به نظر نه آئي، بلڪ
هر هنڌ، هر جاءِ نيون راهون ۽ نوان ماڳ مڪان نظر
ايندا رهيا. مسافريءَ دوران جتي به ڪنهن
ڪارروائيءَ کيس مزو ڏنو آهي يا لطف بخشيو آهي ته
اهڙي ڪارنامي جو ذڪر ڪيو اٿس. مثال طور ڏاڙهياري
جبل جي چڙهائيءَ دوران هڪ ماٿريءَ ۾ اچي برسات
پيئي. وڏڦڙي کان جان بچائڻ لاءِ پاسي واري پهاڙي
ڇپر ڏانهن وڃي پناهه ورتائون، جتي خاص وڻڪار هئي،
اُٺ کي ويهاري تڏو پٿاري آرامي ٿيا، ڇاڪاڻ ته بارش
جي ڍري ٿيڻ جا آثار ڪو نه هئا ۽ اهو ڏينهن اُت
گذارڻو پيو. بارش جي وسڪاري ۾ خاموش ويهڻ بجاءِ
اوٺار رسا ڪڍي وڻ جي ڏار ۾ پينگهه ٻڌي ۽ مرزا قليچ
بيگ کي ويهاري پينگهه ۾ لوڏا ڏيڻ لڳو. واري تي
مرزا قليچ بيگ پينگهه جي جهوٽن ڏاڍو مزو ڏنو ۽
سموري شام تائين جهوٽا کائيندو رهيو. چيائين ته
”هيءَ نهايت تندرستي بخش راند يا ورونهن آهي ۽
جنهن ۾ ڪو خرچ ۽ سيڙپ به نٿي ٿئي.“ تعجب آهي ته
سنڌ جا نوجوان هن راند کي پنهنجو مشغلو ڇو نٿا
بڻائي فائدو حاصل ڪن! خود منهنجي پنهنجي سانڀر ۾
اسان جا مرد توڙي زالون انهيءَ راند ۾ بهرو وٺندا
هئا ۽ گهر واري اڱڻ ۾ بيٺل ڪنڊي ۾ پينگهه تي وارو
وٺڻ لاءِ لٺ لڳندي هئي. اڄ ڪلهه جنڊيءَ لٿل پينگها
۽ هالن وارا هندورا پڻ وڏيرڪي فرنيچر جيان فقط
ڏيکاءُ لاءِ چند گهرن تائين محدود آهن.
رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن جي باوجود مرزا قليچ بيگ پنهنجي
فرض ادائي سهڻي نموني نباهي ۽ ڏاڙهياري جبل جي
مختلف چوٽين ۽ پنڌ پيچرن تي پهچي حالتن جو جائزو
ورتو ۽ هر هڪ ڳالهه رڪارڊ ڪئي، جيئن پهاڙي چوٽيون،
وڻڪار، پهچ جا رستا، پاڻيءَ جا وسيلا، ڪوهستاني
آدمي، خوراڪ لاءِ اناج ۽ ميوا، جانور، گهرو ڍور،
ڳئون ۽ ٻڪريون، پکي پکڻ، مرد ۽ عورتون ۽ سندن
ڪوهستاني رسم و رواج، ماڻهن جي ٻولي ۽ کاڌ خوراڪ
جا طريقا وغيره. ڪاش، سنڌ سرڪار مرزا قليچ بيگ جي
اڻٿڪ خدمتن جو قدر قيمت ڪري ۽ سندس ياد رکڻ خاطر
ڏاڙهياري جبل ۽ گورک پهاڙي واري ڪوهستان کي ”ڪوه
قليچ“ جي نالي هئڻ جو شان بخشي، ۽ سندس تحقيق جي
قدرداني ڪري (آمين).
ڊاڪٽر غلام علي الانا
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ
جديد سنڌي ادب جو باني
1- (الف) شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو نالو ذهن
تي اچڻ سان ئي هڪ قداور سنڌي اديب، سنڌي ٻوليءَ جي
ماهر، عالم ۽ شاعر ۽ جديد سنڌي ادب جي بانيءَ،
سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي لسانيات جي ڄاڻوءَ، ۽ اُن
کانسواءِ جديد سنڌي ادب ۽ اُن جي تاريخ جو مڪمل
نقشو ۽ اُن زماني جي ادبي ماحول جو منظر اکين آڏو
تري اچي ٿو. شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو علمي ۽
ادبي مقام ۽ مرتبو اوڻيهين ۽ ويهينءَ صدي (مرزا
صاحب جي ولادت 1853ع ۾ ٿي وفات 1929ع ۾ ڪيائون) جي
توڙي اڄ جي اديبن ۽ شاعرن ۾ اڄ به مٿاهون آهي.
اوڻيهين ۽ ويهين صديءَ ۾ ڇپيل سنڌي ادب جو جڏهن
جائزو وٺجي ٿو، تڏهن پڙهندڙڻ جي اڳيان اهو بلڪل
ظاهر ٿي وڃي ٿو ته مرزا صاحب سنڌي ادب ۾ هڪ
”يگانو“ نالو آهي ۽ سنڌي ادب جي خدمت جي رفتار ۾،
اڄ ڏينهن تائين ڪو به سندس مقابلو ڪري نه سگهيو
آهي.
(ب) هر ٻوليءَ جي علم ادب جو جائزو، اُن ٻوليءَ
يا اُنهن ٻولين تي اثر انداز ٿيل سماجي ۽ ادبي
نظرين، ۽ اُنهن نظرين جي ڪري علم ادب ۾ آيل
تبديلين جي مطالعي ۾ مددگار ثابت ٿيو آهي. مثال
طور 1857ع کان وٺي ورهاڱي واري زماني يعني 1947ع
تائين، ۽ اُن کانپوءِ وارين سنڌ جي سياسي، سماجي،
ثقافتي، تهذيبي، تمدني ۽ نفسياتي لاڙن ۽ ادبي
نظرين، اشتراڪيت واري نظرئي، ترقي پسند نظرئي،
وطنيت ۽ قوميت واري نظرئي توڙي ٻين نظرين جي ارتقا
۽ اُنهن نظرين ۾ آيل تبديلين جي تاريخ جي سلسلي ۾،
ڪنهن به ٻوليءَ جو مطالعو گهڻي قدر مددگار ثابت
ٿيو آهي. اهڙي مطالعي مان، ڪنهن به ملڪ ۽ اُن ملڪ
جي سماجي، ثقافتي، سياسي، تهذيبي، تمدني، علمي ۽
ادبي تاريخ لکڻ لاءِ ذريعا ميسر ٿي سگهن ٿا.
انهيءَ لحاظ کان سنڌي ادب جي تاريخ به هاڻ، اهڙن
حوالن سان، نئين سر لکڻي پوندي ۽ اُن جو مطالعو،
بيان ڪيل نظرين جي حوالي سان ڪرڻو پوندو.
(ت) سنڌي ادب جي تاريخ جي اڀياس مان اهو به
معلوم ٿئي ٿو ته انگريزن جي سنڌ ۾ اچڻ کانپوءِ،
سنڌي ٻولي هر لحاظ کان ترقي ڪئي. سنڌ جي ماڻهن جو
نَون علمن سان واهپو ٿيو.
انگريزن سنڌ تي فيروري – مارچ 1843ع ۾ قبضو ڪيو.
انگريزن جي حڪومت کان اڳ وارو سنڌي نثر مذهبي
دعائن، اخلاقي آکاڻين، قصن ۽ ڪهاڻين کانسواءِ صرف
و نحو جي اصولن تائين محدود هوندو هو. انگريز
سرڪار سنڌي زبان ۾ ڪيترائي ڪتاب لکرايا ۽ ترجمو
ڪرايا. هن سلسلي ۾ منشي اُڌارام ٿانورداس، ديوان
ننديرام، سيوهاڻي، ديوان ڪوڙُ مل چندنمل، ديوان
جهمٽ مل نارومل، ديوان روچيرام، ديوان ليلارام وطڻ
مل، ديوان ڪيولرام شهاڻي، سيد ميران محمد شاهه
(اول)، ميان محمد حيدرآبادي، آخوند لطف الله، قاضي
غلام علي، مرزا صادق علي بيگ، سنڌي نثر ۾ ڪيترن ئي
موضوعن تي ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا، اُنهن ڪتابن ۾
باب نامو، ٻاراڻو ڪتاب، پهريون ڪتاب، ٻيو ڪتاب،
ٽيون ڪتاب، چوٿون ڪتاب، تاريخ معصوميءَ جو ترجمو ۽
هندستان جي تاريخ پهرئين ڏهاڪي ۾ لکيا ويا. ٻئي
ڏهاڪي ۾ ايسپ جون آکاڻيون ، ڀنڀي زميندار جي
ڳالهه، مفيد الصبيان، سورٺ ۽ راءِ ڏياچ، سڌاتوري ۽
ڪڌاتوري جي ڳالهه، گل شڪر، سنڌي ويا ڪرڻ، انگي
حساب، جاگرافي، جاميٽري، دنيا جي تاريخ، چٽ جي
پاڙ، علم هيئت ۽ آلجبرا وغيره لکيا ويا. ٽئين
ڏهاڪي ۾ ڪولمبس جي تاريخ، گل خندان، سڀا جو
سينگار، مقالات الحڪمت، گاسپل آف مئٿيوز وغيره،
مطلب ته ٽيهن کن سالن اندر ستر کان اسي ڪتاب ڇپائي
پڌرا ڪيا ويا. اُنهن ۾ انڊين پينل ڪوڊ، شاهه جو
رسالو، اصول علم طب، راسيلاس (ناول)، ديوانِ گل،
قصو وڪئي ڏاتار جو، قصو دلو راءِ جو، قصو سيف
الملوڪ جو، قصو مهر منير جو، اُن کانسواءِ علم
منطق، مفتاح القلوب، جواهر اللغات، ميزان الشعر،
ديوان قاسم ۽ انگيرزي – سنڌي لغت جهڙا ڪتاب ڇپجي
ظاهر ٿيا.
مطلب ته انهيءَ مختصر عرصي اندر، اِنهن ۽ ٻين
موضوعن تي لکيل ۽ ترجمو ٿيل ڪتابن جي ڊگهي فهرست
ڏسڻ کانپوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته انگريزن جي حڪومت
جي شروعاتي ٽن ڏهاڪن واري عرصي ۾ سنڌي نثر توڙي
نظم لاءِ نيون راهون، نوان گهاٽ ۽ نوان گس گهڙجي
چڪا هئا، پر اُن دور ۾ پيدا ٿيل سمورو ادب وندر ۽
ورنهن وارو ادب ليکيو ويندو آهي.
انگريز سرڪار سنڌي زبان جي سکيا کي لازمي ٺهرايو ۽
اُن لاءِ اهڙو حڪمنامو به جاري ڪيو ۽ سنڌي ٻولي
لاءِ سرڪاري طور هڪ صورتخطي پڻ مقرر ڪئي.
(ث) انگريزي ادب جي اڀياس، هن دور ۾ ماڻهن ۾
قومي اُمنگ ۽ جذبو جاڳايو. هن زماني ۾ دنيا جون
سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتون بدليون، جن برصغير
جي ٻين علائقن سان گڏ سنڌ جي حالتن کي به متاثر
ڪيو، دنيا جي مختلف ملڪن جي ٻولين جي علم و ادب ۾
نثري توڙي نظمي صنفن جي موضوعن ۽ مضمونن ۾ تبديلي
آئي. نين نين صنفن جنم ورتو، اُنهن ۾ ڪهاڻيون،
ناول، ناٽڪ، مضمون، يعني تخليقي ادب جي صنفن تي
طبع آزمائي ٿيڻ لڳي، يورپ ۾ تخليق ڪيل اهڙو ادب
ننڍي کنڊ جي ٻولين جهڙوڪ: بنگالي، بهاري، مرهٽي،
هندي، گجراتي، اُڙيا، تامل، تيليگو، ڪنڙ، ملايالم
۽ اردوءَ ۾ جنم وٺڻ لڳو. ڪيتروئي ادبي ذخيرو اُنهن
ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو. اهڙن اثرن کان سنڌي جهڙي
زنده ٻولي به پاڻ کي بچائي نه سگهي ۽ سنڌي ٻوليءَ
۾ به ڪيترين ئي ڪهاڻين، ناولن، ناٽڪن ۽ مضمومنن جو
ترجمو ڪيو ويو.
(ج)- (1) هن دور تائين، هڪ طرف ننڍي کنڊ ۾ آزاديءَ
جي تحريڪ، بنگال جي ورهاڱي جي تحريڪ، هوم رول
تحريڪ، خلافت تحريڪ، مسلم ليگ جي قيام ۽ مسلمانن
جي حقن لاءِ هلچل ۽ سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ
واري هلچل جي ڪري، سنڌ جي سماجي، سياسي ۽ اقتصادي
حالتن ۾ وڏي تبديلي آئي. اُنهيءَ تبديليءَ، سنڌي
ٻوليءَ ۽ سنڌي علم ادب تي به گهڻو اثر ڪيو. سنڌ ۾
پريسون قائم ٿيون؛ سنڌي ٻوليءَ ۾ اخبارون نڪتيون ۽
رسالا شايع ٿيا. اُنهن جي ڪري سنڌي ادب – نثر توڙي
نظم – جي اشاعت ۾ واڌارو ٿيو (1).
(2) سنڌ جي سياسي، سماجي، اقتصادي، ادبي ۽ ثقافتي
تاريخ ۾ ٻيو وڏو انقلاب ”موهن جي دڙي“ جي کوٽائيءَ
کانپوءِ آيو. موهن جي دڙي جي قديم آثارن جي
کوٽائيءَ مان مليل تاريخي حوالن جي ڪري سنڌ جي
ماڻهن کي پنهنجي وطن، پنهنجي عظيم ۽ قديم تاريخ ۽
پنهنجيءَ قديم ثقافت، تهذيب ۽ تمدن تي فخر ٿيڻ
لڳو.
هن ئي زماني ۾، مغربي ٻولين ۾ تخليق ڪيل جديد ادب
کي سنڌي زبان ۾ اُٿلايو ويو. اُن تحريڪ جو باني
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ هو. سنڌي ٻوليءَ ۾ جديد
نثير صنفن جا بانيڪارن ۾ مرزا قليچ بيگ کانسواءِ
ديوان ڪوڙي مل چندنمل ۽ ميان شمس الدين ”بلبل“ جا
نالا به وڏي احترام سان شامل ڪري سگهجن ٿا. جديد
سنڌي نثر جي انهن بانيڪارن ۽ اوائلي سنڌي نثر
نويسن، سنڌي نثر جي عبارت ۽ اُسلوب ۾ به نواڻ
آندي. اِن سلسلي ۾ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘
پنهنجي ڪتاب ’بلبل سنڌ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”هن دور جي
وڏن بانيڪارن ۽ سنڌي نثر کي نئين راهه تي آڻڻ وارن
۾ مرزا قليچ بيگ ۽ شمس الدين ’بلبل‘ سڀ کان اڳرا
هئا.“ (2)
(ح) (1) 1914ع ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي، اُنهيءَ
لڙائيءَ، سڄيءَ دنيا جي حالتن ۾ وڏو ڦيرو آندو،
اُنهن حالتن جو ننڍي کنڊ، پاڪ – هند جي ٻين علائقن
سان گڏ سنڌ تي به گهڻو اثر ٿيو. سنڌ جي عام ماڻهن
۾ به ذهني انقلاب آيو. اُنهيءَ ذهني انقلاب ماڻهن
جي ذهنن ۾ سجاڳي آندي؛ اُنهيءَ ذهني سجاڳيءَ جا
اُن وقت جي علم ادب تي گهرا اثر پيا. اُن دور جي
اديبن ۽ شاعرن، پنهنجي سماج ۽ عام ماڻهن جي مسئلن
جي باري ۾، نثر توڙي نظم ۾ لکيو، اُنهن اديبن ۽
شاعرن، سنڌي جيوت جي مختلف مسئلن تان پردا هٽائي،
اُنهن جي سچي تصوير، پنهنجي پڙهندڙڻ جي سامهون
ڪهاڻين، ناولن، ناٽڪن ۽ شعري صنفن جي ذريعي پيش
ڪئي.
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ اُن دور جي جديد نثر
نويسن ۾ پيش پيش هو. سندس لکيل ناولن ۽ ناٽڪن ۾
اُن زماني جي سنڌي عوام جي سماجي زندگيءَ ۽
زندگيءَ جي قدرن جي جهلڪ نظر اچي ٿي. علم ادب جي
شاگردن کي اِهو معلوم آهي ته جديد ناولن، ناٽڪ ۽
ڪهاڻين جا موضوع هميشہ انساني زندگيءَ جا قدر ئي
رهيا آهن. اِن سلسلي ۾ مرزا صاحب جو طبعزاد ناول
”زينت“، اُن دور جي سنڌي معاشري جي قدرن جي
نمائندگي ڪري ٿو. هن ناول جي اڀياس مان اِها خبر
پوي ٿي ته اُن وقت سنڌي معاشري جا قدر ڪهڙا ڪهڙا
هئا؟ اهڙيءَ طرح مرزا صاحب 1914ع ۾ ”شريف بيگم“ جي
عنوان سان سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون افسانو لکي، سنڌي
ادب ۾ ”جديد ڪهاڻيءَ“ جي صنف جي شروعات ڪئي ۽
پنهنجن همعصر نثر نويسن جو ڪهاڻيءَ جي صنف طرف
ڌيان ڇڪايو. (3)
(2) سال 1920ع تائين ننڍي کنڊ ۾ آزاديءَ جي هلچل
گهڻو زور وٺي چڪي هئي. هن دور تائين سنڌي ٻوليءَ ۾
ڪيتريون ئي اخبارون ۽ رسالا شايع ٿيڻ لڳا هئا.
اُنهن اخبارن ۽ رسالن ۾ آزادي جي هلچل جو پيغام
گهڻي زور شور سان ڇپجڻ لڳو هو. عوام ۾ انگيرزن جي
خلاف آواز اٿارڻ لاءِ، اُنهن اخبارن ۽ رسالن ۾
مضمون، نظم، گيت ۽ ايڊيٽوريل ڇپجڻ لڳا ۽ علم ادب
جي ميدان ۾ سياسي ۽ سماجي سجاڳي جي هلچل تهائين
زور وٺڻ لڳي هئي. هن زماني ۾ سنڌي نثر ۽ نظم جا
وڏا وڏا اديب ۽ شاعر ادبي ميدان ۾ سرگرم هئا.
اُنهن ۾ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، سيد ميران
محمد شاهه (اول)، ديوان ڪوڙو مل چندنمل، ديوان
ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، لالچند امر ڏنو مل
جڳتياڻي، نارائڻداس ميوارام ڀمڀاڻي، ڀيرومل مهر
چند آڏواڻي، ميلارام، منگتراءِ واسواڻي، ليلارام
پريمچند، تيرٿ وسنت، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، محمد
هاشم مخلص، شمس الدين بلبل، الهه بخش اٻوجهو، سيد
اسد الله شاهه ”فدا“ (اول)، مولانا دين محمد وفائي
۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جا نالا مشهور آهن. انهن
اديبن ۽ شاعرن، پنهنجي ادبي مواد جي اشاعت لاءِ
ادبي ادارا قائم ڪيا، جن جي مدد سان ڪيترائي ڪتاب
ڇپجي ظاهر ٿيا (4).
(خ)- 1 ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پر سنڌ ۾ سياسي ۽
سماجي تحريڪن گهڻو زور ورتو، جن جو اثر سنڌي ادب
تي نمايان ٿيڻ لڳو. اُن دؤر ۾ لکيل سنڌي ڪهاڻين،
ناولن، ناٽڪن ۽ اخباري ايڊيٽوريلن ۾ اُن دور جي
سماجي ۽ سياسي جيوت جو عڪس پيش ڪيل آهي.
2- هي دور، در حقيقت، حقيقت نگاريءَ وارو دور هو.
هن دور جي سنڌي ادب ۾ زندگيءَ جي روز مره جي
مسئلن، هارين نارين، مزدورن ۽ محنت ڪش ماڻهن جي
زندگيءَ جو نقش چٽيل آهي ۽ اُنهن سان همدرديءَ جو
اظهار ڪيل آهي. اهڙو ثبوت مرزا صاحب جي ناولن ۽
ناٽڪن، نارائڻداس ڀمڀاڻيءَ جي ناولن جهڙوڪ: ’غريبن
جو ورثو‘، ’مالهڻ‘ ۽ ’پاپ پاڪيزگي‘، محترم احمد
چاڳلا جي ناٽڪن – ’ڀوت ۽ خوني‘، عثمان علي انصاري
جي ڪهاڻين؛ خانچند درياڻيءَ جي ناٽڪن ’ملڪ جا
مدبر‘ ۽ اهڙي طرح ڊاڪٽر دائود پوٽي، پرمانند
ميوارام، پروفيسر رام پنجواڻيءَ، ليلارام ولايت
راءِ، محمد صدق ’مسافر‘ ۽ قاضي اختر مورائيءَ جي
مضمونن، ناولن ۽ شعري صنفن ۾ موجود آهي.
(د) -1 سنڌي ادب جي تاريخ ۾ سال 1864ع کان وٺي
1929ع تائين واري دور کي ”سانگي ۽ قليچ دور“ سڏيو
ويو آهي (5). سنڌ ۾ سر سيد احمد خان جي تعليم جي
بيداريءَ واريءَ تحريڪ جو وڏو اثر ٿيو. حسن علي
آفندي صاحب ڪراچي ۾ ’سنڌ مدرسة الاسلام‘ قائم ڪيو.
اهڙيءَ طرح سنڌ جي ٻين شهرن ۾ تعليمي ادارا قائم
ٿيا، جن سنڌ جي ماڻهن کي تعليم جي حاصل ڪرڻ واري
جذبي طرف مائل ڪيو. سنڌ مدرسي مان اخبار نڪتي.
اهڙيءَ طرح ٻين شهرن مان اخبارون ۽ رسالا نڪرڻ
شروع ٿيا، جن سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ ۾ نئين
سجاڳي آندي ۽ ماڻهن ۾ ڇپيل ادب پڙهڻ جو چاهه وڌيو.
هن دور ۾ به ڪيترائي ناول، ناٽڪ، ڪهاڻيون ۽ مضمون
انگريزي، هندي، گجراتي، مرهٽي ۽ بنگالي، فارسي ۽
ٻين ٻولين تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا.
2- مرزا صاحب، سنڌي نثر جي هر صنف ۾، ترجمن ۽
طبعزاد تصنيفن جي ذريعي واڌاري آڻڻ جو عزم ڪيو هو.
مرزا صاحب سنڌي ٻوليءَ ۾ ناولن ۽ ناٽڪن وغيره جي
لکڻ ۽ ترجمو ڪرڻ جي شروعات اڳ ئي ڪري ڇڏي هئي.
اُنهن صنفن کانسواءِ هن افسانه نويسيءَ، مضمون
نويسيءَ، علم الغات، سنڌي ويا ڪرڻ، علم اللسان،
فلسفي ۽ دينيات وغيره کانسواءِ تاريخ ۽ لطيف
شناسيءَ تي طبعزاد ڪتابن کانسواءِ ٻين ٻولين ۽
ڇپيل ڪتابن تان ڪيترائي ڪتاب سنڌي ٻولي ۾ ترجمو
ڪري، سنڌي ادب کي اُنهن علمن جي خزاني سان ڀري
ڇڏيو.
2- هن دور ۾ نه فقط وڏا وڏا شاعر ۽ نثر نويس پيدا
ٿيا پر هن دور ۾ ڪيترائي علمي، ادبي، ثقافتي، فني
۽ اشاعتي ادارا پڻ وجود ۾ آيا، جن ڪيترن ئي ڪتابن
۽ رسالن جي شايع ڪرڻ سان گڏ اسٽيج تي سنڌي ڊرامن
جي ڏيکارڻ جو سلسلو شروع ڪيو. |