سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2003ع (مرزا قليچ بيگ نمبر)

مضمون

صفحو :2

اهو چوڻ ڪا زيادتي نه آهي ته جيئن دنيا جي نامور بزرگن جا نالا اُنهن ٻولين جي تاريخ ۾ يادگار آهن، تيئن مرزا قليچ بيگ صاحب ۽ هنن صاحبن جا به سنڌي ٻوليءَ تي عظيم احسان آهن.

هي يادگار، جنهن جي قائم ڪرڻ ۾ مولوي فتح محمد صاحب ۽ ٻيا اهلِ علم ۽ همدرد صاحب شامل آهن، سو اسان کي خوشي ڏياري رهيو آهي ته اسان پنهنجي لائق مصنف ۽ اهل قلم مرزا صاحب کي فراموش نه ڪري ڇڏيو آهي، ليڪن اسان وٽ اُنهي لاءِ عظيم عزت موجود آهي. هِن دروازي جو نالو مولوي فتح محمد صاحب پنهنجن هٿن سان کوليندو. جهڙيءَ طرح هي رستو ريلوي اسٽيشن کان هڪ ننڍي ڳوٺ يعني سنڌ جي ٻهراڙي ڏانهن اچي ٿو، ساڳيءَ طرح شمس العلماء مرزا صاحب ٻاهرين اعلى خيالن کي سنڌ ۾ آڻڻ جو شاهراهه ۽ دروازو آهي ۽ مولوي فتح محمد صاحب اڄ هِتي اُن جو انڪشاف ڪندڙ آهي. مون کي ارمان آهي ته پروفيسر گربخشاڻي، مسٽر ڄيٺمل پرسرام ۽ مسٽر علي خان ابڙي کي ٿوري وقت هئڻ ڪري دعوت ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ڪو نه سگهيو آهيان، جو هي سندن حاضر رهڻ جهڙو موقعو هو.

پڇاڙيءَ ۾ اسان جي دعا آهي ته خدا تعالى سنڌ جي ماڻهن کي علم جي شاهراهه وسيلي ترقيءَ جي اعلى معيار تي پهچائي، ٻين قومن سان ڪلهي هڻڻ جي لائق ڪري، ۽ جهڙيءَ طرح اڄ هن شهر ۾ اهڙي قسم جي يادگار قائم ڪرڻ ۾ پيش قدمي ٿي آهي، تيئن رب تعالى شال منجهائن اهڙا شخص پيدا ڪري، جي علم جي نعمت جا مالدار ۽ سخي مرد ٿين.

- غلام مرتضى

پير علي محمد راشدي

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ

”…… حيدرآباد جي تصوير جي ٻئي رخ مسلمانن سان تعلق ٿي رکيو. اُهي به وقت جي غير مساعد حالات هوندي به هروڀرو معدوم ٿي ڪو نه چڪا ها. مثلاً خانبهادر حسن علي آفندي جو خاندان، مرزا صاحبن جو خاندان، آغا اسماعيل شاهه وارن جو خاندان يا منشي نجم الدين جو خاندان، خانبهادر حسن علي مرحوم، تعليم ۽ سياسي معاملات ۾ اڪيلي سر ۽ هٿين خالي اهو ڪم ڪري ڏيکاريو، جيڪو هندن پاران سندن رفارمرن جو هڪ وڏو گروپ گڏجي ڪري سگهيو هو. جيڪڏهن اهو شخص نه هجي ها ته خبر نه آهي ته مسلمانن جو ڇا حال ٿئي ها! مرزا صاحب جي خاندان ٻه وڏا احسان ڪيا:

هڪ ته سرڪاري ملازمت ۾ اهڙا ماڻهو موڪليائون، جن ايمانداري خواه اهليت ۽ صلاحيت جي لحاظ سان هندو عاملن جي ڀيٽ ۾ مسلمانن جو منهن مٿي ڪيو ۽ ٻيو سنڌي لٽريچر کي زنده رکيائون. مرحوم مرزا قليچ بيگ تنها قلم هلائڻ ۾ اهڙي ۽ ايتري جفاڪشي ڪئي جو جيترو مواد وقت جا سمورا هندو اهل قلم گڏجي مهيا ڪري سگهيا هئا، اوترو بلڪ ان کان به زياده علمي خزانو هن هڪ ئي بزرگ فراهم ڪري ڏنو.

1936ع ۾ سنڌ بمبئيءَ کان جدا ٿي. ان زماني ۾ ڪراچيءَ جي انگريزي اخبار ”سنڌ آبزرور“ لاءِ مون کي ”سنڌ اندر رشوتخوريءَ“ جي سروي ڪرڻي پئي هئي، جنهن جي آڌار تي مون هڪ مضامين جو طويل سلسلو سپرد قلم ڪيو هو. ان سروي دوران مون کي معلوم ٿيو ته سرڪاري ملازمت جي دوران مرزا خاندان جي آفيسرن، ايمانداري، شرافت، انتظامي صلاحيت ۽ انصاف پروري ۾ اهڙو ته رڪارڊ قائم ڪيو هو جو ان کي ڏسي هندو عامل ته ڇا بلڪ انگريز حڪمرانن جون به اکيون هيٺ ٿي وينديون هيون. منجهانئن گهڻا صاحب سرڪاري نوڪرين سان وابسته رهيا هئا. مثلاً مرزا قليچ بيگ، مرزا صادق علي بيگ، مرزا علي نواز بيگ، مرزا منوچهر بيگ، مرزا سڊني بيگ، مرزا سڪندر بيگ (سرڪاري وڪيل)، مرزا فرخ بيگ (سرڪاري وڪيل)، مرزا نادر بيگ ۽ ٻيا (سپني جي روحن تي الله تعالى جون رحمتون هجن).

آءُ يقين سان عرض ڪريان ٿو ته حقيقتن ته ڇا افواهن به ڪڏهن انهن بزرگن جي ناموس کي داغ ڪو نه لاتو. گهڻي ئي دنيا پوءِ ڏسندا رهيا آهيون، بيشمار ڪامورا پنهنجا ۽ پراوا اکين اڳيان گذرندا رهيا آهن، پر مرزائن جي ڪڙي تي شال ڪو اچي-…“

”… مرزا قليچ بيگ جي علمي ۽ ادبي اعجاز ڏانهن اشارو ڪري چڪو آهيان، مون کي سندس زيارت جو شرف صرف هڪ ڀيرو نصيب ٿيو. 1928ع ڌاري سکر ۾ آل انڊيا شيعه ڪانفرنس ٿي رهي هئي، جنهن جو انتظام خيرپور رياست وارن ڪيو هو. مرزا صاحب به ان ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اُت آيل هو. شايد استقباليه ڪاميٽيءَ جو چيئرمين هو. آءُ ”سنڌ زميندار“ جو ايڊيٽر هوس. اُن حيثيت ۾ ڪانفرنس جي ڪارگذاري قلمبند ڪرڻ لاءِ ويل هوس. ڪانفرنس جو پنڊال ٽَڪر تي ليوڪس پارڪ ۽ نرسامل ڪلب جي وچ واري ميدان ۾ هو. ماڻهو تمام گهڻي تعداد ۾ آيل هئا، ڪانفرنس ڏاڍي ڪامياب هئي.

مرزا صاحب کي ڊائيس تي گهمندو ڏسي مون وڌي وڃي سندس دست بوسي ڪئي، ٻڌايومانس ته آءُ ڪير آهيان. وڏيءَ شفقت سان مٿي تي هٿ گهمايائين ۽ جڏهن دعا لاءِ عرض ڪيومانس ته دعا به ڪيائين. عبانموني جي ڊگهي ڪوٽ ۾ ملبوس هو. قد اُوچو، جسم ڇڙڪ، سونهاري موجود پر محدود، چهري جو رنگ ڀُورو، ڳل ڳاڙهاڻ تي مائل، عمر ڪانه ٿي لَکايائين. مون کي ساڻس خاص عقيدت هئي، ڇو ته اوائل ۾ جڏهن مون سنڌي پڙهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته سڀ کان زياده جنهن ڪتاب مون کي متاثر ڪيو هو ۽ جنهن کي پڙهي مون کي سنڌي ٻوليءَ سان چاهه پيدا ٿيو هو، سو مرزا صاحب جو لکيل هو – ڀٽائي گهوٽ جي باري ۾.

مرزا صاحب سوين ڪتاب مختلف موضوعن تي لکيا ۽ ساڳئي وقت سرڪاري نوڪري يعني ڊپٽي ڪليڪٽري به ڪندو رهيو. ڊپٽي ڪليڪٽري جي معنى انهن ڏينهن ۾ هيءَ هئي ته هو اڪثر وقت ٻهراڙيءَ جو گشت ڪندو وتي، سو به اُٺ يا گهوڙي تي. (انهن ڏينهن ۾ نه موٽرون هونديون هيون، نه جيپون، نه آفيسرن ۾ گشت جي ڪوڙن پروگرامن ڏيکارڻ جي عادت). تعجب جي ڳالهه هئي ته ڀڄ ڀڄان جي اهڙيءَ زندگي هلندي مرزا صاحب کي ڪيئن ٿي ايتري فرصت ملي جو هو ايڏي پيماني تي علمي ڪم به ڪري ٿي سگهيو؟ جاچ ڪندي معلوم ٿيم ته مرزا صاحب پنهنجي زندگيءَ کي سخت منظم طريقي تي هلائڻ جو عادي هو: صبح کان شام تائين وقت ڪيئن صرف ٿئي، تنهن لاءِ مقرر پروگرام پيش نظر هوس، جنهن کان ڪڏهن انحراف ڪو نه ٿي ڪيائين – زندگيءَ جي گهڙين کي الاهي امانت سمجهندي فيصلو ڪيل هوس ته سندس زندگيءَ جي ڪا گهڙي بيڪار ۽ ضايع نه وڃي. وقت جي ضياع کي هُن ”امانت ۾ خيانت“ سمجهيو ٿي، پاڻ کي ائين پئي هلايائين ڄڻ ڪا مشين هجي. چون ٿا ته هر صبح، بلاناغه ٽي ڪلاڪ هڪ سڌي اسٽول تي ويهي محض علمي ڪم ڪندو هو. دنيا سڌي رهي يا اونڌي ٿي پوي، مگر مرزا صاحب اهي ٽي ڪلاڪ اسٽول هرگز ڪو نه ڇڏيندو هو. وقت جي اهڙي پابنديءَ ۽ پنهنجي زندگي تي ايتري قدر ضابطي رکڻ سببان ئي سندس لاءِ ممڪن ٿي سگهيو ته هو تصنيف ۽ تاليف جا ايڏا انبار ڇڏي وڃي. اصل ڳالهه هئي پاڻ تي ضابطي رکڻ جي.

مرزا صاحب جي تحريرن کي مجموعي طرح سامهون رکڻ سان اڻ سڌيءَ طرح هيءَ پتو پوي ٿو ته ان دؤر اندر علمي لحاظ سان سنڌ جي مسلماني معاشري ۾ ڪهڙيون گهٽتايون هيون، جن کي پوري ڪرڻ لاءِ کيس قلم هلائڻو پيو هو. طرز نگارش عالمانه ۽ مصلحانه هوس. سلوڻائي جي جاءِ مطلب جي ڳوڙهائي پوري ٿي ڪئي.

(اُهي ڏينهن، اُهي شينهن، ڀاڱو-2)

”… مرزا قليچ بيگ جي زندگي سنڌي ادب ۽ سنڌي زبان کي ارپيل هئي. سنڌي شعر توڙي نثر جو خال ڀرڻ لاءِ هن مشرقي توڙي مغربي شاعرن، عالمن، اديبن، مفڪرن، دانشورن، فيلسوفن ۽ صوفين جي مختلف ڪتابن جو گهرو مطالعو ڪيو ۽ اُنهن مان شعر توڙي نثر جا جوهر چونڊي، اُنهن جي آسان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري پنهنجي پڙهندڙن آڏو رکيا. هن اهڙو ڪو به موضوع ڪونهي ڇڏيو، جنهن تي سندس قلم نه وهيو هجي. کيس جيڪو سٺو ڪتاب هٿ لڳو، تنهن کي جهول ۾ وڌائين. شيڪسپيئر جي مشهور ڊرامن کي به سڀ کان اول نثري صورت ۾ آندائين ۽ بعد ۾ اهڙي ته مهارت سان ترتيب ڏنائين جو ڄڻ ته اُنهن ڊرامن ۾ پيش ڪيل واقعا ۽ حادثا مقامي سرزمين ۾ ٿيل هجن. اُن سان گڏ شرلاڪ هومز جي جاسوسي ناولن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. اُن کانسواءِ جرمنيءَ جي جنگ، چين ۽ اُتي جا ماڻهو ۽ يورپ جا وڏا ماڻهو جهڙا ڪتاب به انهيءَ ساڳئي جذبي سان ترجمو ڪيائين، جنهن جذبي سان جانورن، مقناطيسي ڪشش، سائنس جي حيرتناڪ ڪارنامن ۽ سياسي اقتصاديات بابت لکيائين.“ – ڊاڪٽر ائنيمري شمل

سيد حسام الدين راشدي

مرزا قليچ بيگ جي ڪتبخاني ۾ ٻه ٽي گهڙيون

[نوٽ: سترهن سال اڳ جي ڳالهه آهي. 15 جون 1955ع جو، مرزا صاحب مرحوم جي ٻن فرزندن مرزا اسد بيگ ۽ مرزا همايون بيگ جي ڪوٺ تي محمد ابراهيم جويو ۽ آءُ ٽنڊي ٺوڙهي وياسين. مقصد هو ته مرزا صاحب جو گهر ڏسون ۽ اُهو ڪتبخانو اکين مان ڪڍون، جتان امر – جوت واري اُها مشعل روشن ٿي، جنهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کي علم ۽ ادب سان روشن ڪري ڇڏيو. منهنجي نوٽ بڪ ۾ اُنهيءَ ڏينهن جون جيڪي يادگيريون درج ٿيل آهن سي هيٺ ڏيان ٿو، جيئن ڇپجي ضايع ٿيڻ کان بچي وڃن. – حسام الدين]

اڄ 15 جون 1955ع جو مون مرزا صاحب جو گهر ۽ ڪتبخانو پهريون دفعو ڏٺو.

8-9 ڪٻٽ ڪتابن سان ڀريل آهن. گهڻو قيمتي حصو ضايع ٿي ويو آهي، جيئن ته سنڌ جي تاريخ تي ڪو به قلمي نسخو يا اهم ڪتاب ڪو نه آهي. ڀانئجي ٿو ته سڀيئي ضايع ٿي ويا يا ڪتابي چورن جي ور چڙهي ويا! ڪنهن به سنڌي مصنف جو ديوان يا بياض ڏسڻ ۾ نه آيو، ورنه ”چچ نامي“ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين سنڌ جي تاريخ جا جيڪي فارسي ماخذ آهن، سي هِتي هئڻ کپندا هئا. ايراني مصنفن جا قلمي نسخا رکيل آهن، جيڪي پڻ سنڀال نه هجڻ سبب جيتن جو کاڄ ٿي ويا آهن.

مرزا صاحب جي ويهڻ ۽ سمجهڻ جو ڪمرو ميز، ڪرسي، آرام ڪرسي، قلمدان ۽ قلم ڏٺم. چمڙي جو هڪ ٿيلهو آهي، جنهن ۾ مرزا صاحب ڪاغذ پٽ رکندو هو، ڪنهن انگريز دوست سوکڙي ڏنو هيس، جنهن جو نالو ٿلهن اکرن ۾ مٿانئس لکيل آهي. مرزا صاحب جي خاص استعمال جون يادگار باقي اِهي شيون بچيل آهن. اُنهن کانسواءِ علمي يادگار هي ڏٺا ويا.

1-     دوستن يارن ۽ ملڻ وارن جا وزٽنگ ڪارڊ ڪيترا گم ٿيل آهن. ڪجهه موجود آهن، جن مان اُنهيءَ دؤر جي مشهور ملڻ وارن جو پتو پئجي سگهي ٿو.

2-     تصويرون جا چار آلبم، جن ۾ سندس دؤر جي مشاهيرن جون تصويرون، اُنهن جا دستخط ۽ اُنهن جي هٿ اکرين عبارتون لکيل آهن. اُنهن جا مونوگرام آهن، پوئين دؤر جي ٽالپرن جون تصويرون نهايت قيمتي ۽ اڻلڀ آهن. ڪن انگريز عملدارن جون تصويرون به آهن، جهڙوڪ: جان جيڪب صاحب تروٽ صاحب (جنهن لاءِ سنڌ جو عوامي گيت چيل آهي: ”تروٽ واڳون وار ڙي! تروٽ واڳون وارا!“)، ڪرنل ميهو صاحب، ڪمشنر پرنگل صاحب ۽ سرچارلس نيپئر وغيره. هي آلبم سنڌ جي تاريخ لاءِ سهڻو ۽ قيمتي مواد رکن ٿا.

3-     اخبارن جا فائيل، خطن جا فائيل ۽ مختلف ضروري مضمونن جا فائيل ۽ ڪٽنگس. هي سڀيئي شيون نهايت قيمتي ۽ سنڌ جي تاريخ لاءِ سوغات آهن.

4-     نوٽ بڪ: مرزا صاحب جا تقريباً 20 – 25 نوٽ بڪ آهن، جن ۾ سنڌ جي تاريخ متعلق گهڻو مواد ۽ قيمتي واقعا درج آهن، جن ۾ سنڌ جي هر هڪ تعلقي متعلق مختلف عنوانن هيٺ اُنهيءَ زماني جي معلومات گڏ ڪيل آهي. اُنهن ئي نوٽ بڪن ۾ مختلف شاعرن جا چونڊ شعر، مختلف قبرن جا تاريخي ڪتبا، سنڌ جي واهن جا نقشا ۽ اُنهن جي ڊيگهه، قومن جي تاريخ، سنڌ جي پيداوار، آدمشماري وغيره، مشاهيرن جي وفات جون تاريخون ۽ تاريخي قطعا لکيل آهن.

5-     ذاتي ڊائريون: مرزا صاحب 1860ع کان وٺي مسلسل روزاني ڊائري لکندو هو، جنهن ۾ روزانو جا واقعا پنهنجي متعلق، ٻين جي متعلق ۽ سنڌ جي هلڻ چلڻ متعلق لکندو رهيو ٿي. اِهي ڊائريون انگريزن جي دؤر جي سياسي ۽ سماجي واقعن متعلق اهم دستاويز جي حيثيت رکن ٿيون. اِنهن جي مطالعي مان ڪيترا قيمتي واقعا ۽ اُنهن جون درست تاريخون سامهون اچن ٿيون.

6-     تصنيفات: مرزا صاحب جا تقريباً ڏيڍ سؤ کن ڪتاب اڃا اڻ ڇپيل موجود آهن. (اُنهيءَ وقت منهنجي تحريڪ ۽ برادرم محمد ابراهيم جويي جي ڪوشش سان، سنڌي ادبي بورڊ، مرزا صاحب جون سنڌي تصنيفون شايع ڪرڻ قبول ڪيون ۽ هن وقت تائين ڪيترائي قيمتي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.“ اُنهن اڻ ڇپيل ڪتابن مان ڪن جو ذڪر هتي ڪجي ٿو:

(1)     انگريزي مضمون: انگريزيءَ ۾ لکيل پندرهن علمي ۽ ادبي مضمونن جو مجموعو.

(2)    ابڪار الافڪار: هن ۾ هيٺينءَ ترتيب سان مرزا صاحب مختلف شاعرن جو انتخاب ڪيو آهي:-

حصه اول: پنج جلد فارسي شاعريءَ جي انتخاب ۾:

(1) ”درج الالي“، (2) ”شوا هوالحقاني“، (3) ”انوارالاسرار“، (4)؟، (5) ”ڪنز الدقايق.“

حصو دوم: هڪ جلد عربي شاعرن جو انتخاب

حصو سوم: هڪ جلد ”سلڪ مرواريد“ جي نالي سان

حصو چهارم: پنجن جلدن ۾ انگريزي شعرن جو انتخاب

هنن ڪتابن ۾ نظم سان گڏ نثر جا ٽڪرا به آهن. فارسي حصي ۾ سنڌ جي فارسي گو شاعرن جا پسنديده اشعار ملن ٿا. هي ڪتاب 1906ع – 1922ع جي عرصي ۾ تيار ڪيل آهي.

(3)    يادگيريون: هن ڪتاب ۾ مرزا صاحب پنهنجي دور جا اکين ڏٺا احوال لکيا آهن. پنهنجي خاندان جو ذڪر، اُنهيءَ دؤر جي تعليم جو حال، مختلف ماڻهن سان ميل ملاقاتيون، صحبتن ۽ مجلسن جو حال احوال، ۽ ديباچو پهرين تاريخ مارچ 1919ع جو لکيل آهي. ڪُل ست باب آهن. 1- جاين مڪانن بابت احوال، پنهنجي قديم گهر بابت، ناني جي گهر بابت، پاڙي ۽ ڳوٺ کان ٻاهر بابت، حيدرآباد بابت، حيدرآباد کان ٻاهر بابت. 2- اصل، نسل، قوم، مذهب. 3- ٻولي ۽ تعليم. 4- پوشاڪ ۽ زيورن بابت، ڪپڙا، زناني پوشاڪ، زيور ۽ اُنهن ۾ سڌارا، هندن ۽ ٻين جي پوشاڪ. 5- ٻار ڄمڻ، رسمن جا سڌارا، بيواه زالون، پردو، کاڌو پيتو، روشنائي، نوڪر، رانديون، هنر، ڌنڌو، نوڪري. 6- گذران جو رستو، شين جا اگهه. 7- متفرقه ڳالهيون.

(4)    گرجي نامو: هي هڪ قسم جو تذڪرو ۽ شعرن جو مجموعو آهي. پنهنجن خانداني شاعرن جا شعر ۽ خاندان سان متعلق قطعه تاريخ وغيره. مثلاً: اشعار فارسي از ميرزان گرجي ساڪنان سند يا درباب ايشان – اشعار طبعزاد مرزا خسرو بيگ، خيرالنساء بيگم، مرزا قليچ بيگ، مرزا علي قلي بيگ، اشعار طبعزاد ديگران در باب بعضي از مرزايان، مرزا بنده علي مرحوم وغيره، تاريخ وفات مرحوم علي محمد بيگ. هي ڪتاب 181 صفحن ۾ آهي. بعضي دلچسپ تاريخون هي آهن:

حيدرآباد ۽ سکر کان نڪرندڙ اخبار ”الحق“ جي تاريخ آهي:

دوش اندر گوش هوشم از سروش آمد نويد

شد شروع اخبار ”الحق“ هم به ايام سعيد

اختر عزّ و شرف طالع شده برملک سند

رونق تازه ازان اسلام را خواهد رسيد

بهر سالش فکر کردم، هاتفم گفتا: ”بلي!

رونق اسلام شد در سند از الحق پديد“ 1319هه

تاريخ وفات مير شاهنواز خان علوي، حسب فرمائش مير علي نواز خان علوي:

”هاتفم گفت با سر الفت سوي جنت برفت نازان او“

ڪڪڙ جي شهر تي هڪ دلچسپ نظم آهي، جنهن جو عنوان آهي ”ڪوائف ڪڪڙ“. ٻه شعر آهن:

مرا کوايف ککر چو ياد مي آيد،

دلم چو خندهء گل شاد، شاد مي آيد؛

عنان کشيد مرا ناگہ آن طرف قسمت،

کزان هنوز نسيم مراد مي آيد!

هن مجموعي ۾ سنڌ بابت ڪيتريون ئي قيمتي تاريخون آهن.

(5)    بدايع الوقايع: مرزا صاحب هن ڪتاب ۾ اُهي دلچسپ تاريخي واقعا گڏ ڪيا آهن، جيڪي کيس مطالع ڪندي وڻيا آهن. تاريخي لطيفا، ادبي لطيفا، سياسي لطيفا ۽ واقعا، عبرت جهڙا واقعا. هن ۾ جملي پنج سؤ واقعا آهن. آخري واقعو آهي نادر شاهه جو موت ۽ سندس پڇاڙيءَ جا ڏينهن. معما، موت، نمڪ حرامي، همت ۽ وهم وغيره.

(6)    شاهه جي رسالي جي ڪنجي: هيءَ شاهه جي رسالي جي انڊيڪس آهي. لفظ ڏنل آهن ۽ هر هڪ اڳيان لکيل آهي ته ڪٿي ڪٿي ڪتب آيو آهي. مثلاً ڌنار، ديانت، ديپڪا، ديت، ديد، ديوان، ڌاڄا، ڌاريجو، ڌار، ڌاڻي ۽ ڌڄ. هيءَ سندس پنهنجي جوڙيل رسالي جي انڊيڪس آهي. هن کي جيڪڏهن وڌيڪ نظرثاني ڪري مڪمل ڪجي ته شاهه جو رسالو ريفرنس لاءِ وڌيڪ ڪم اچي سگهندو.

(7)    تواريخ مقدس: گلبن تاريخ جي نموني جو ڪتاب آهي. 1 انگ کان 2000 هزارن تائين جي انگن لاءِ  قران ۽ حديث جا لفظ، جيڪي تاريخ ڪڍڻ ۾ مدد ڏيئي سگهندا.

(8)    عجائبات سائنس: هن ۾ اُنهيءَ دؤر تائين سائنس جا جيڪي عجائبات ظهور ۾ اچي چڪا آهن، اُنهن جو ذڪر آهي.

(9)    جام جم: اوحديءَ جي ڪتاب جو سنڌي منظوم ترجمو

(10)   ’مخزن الاسرار‘ جو سنڌي منظوم ترجمو

(11) ترڪيب الانسان: مولانا روميءَ جي مثنويءَ جو ترجمو.

(12)         اشعارن القرآن: اُنهن قرآني آيتن کي گڏ ڪيو ويو آهي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن وزن ۾ اچن ٿيون. هي ڪتاب نهايت بيمثل آهي.

(13)         قرآن شريف جي انڊيڪس.

(14)         لطائف الطوائف: حسين واعظ ڪا شفيءَ جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو.

(15)ذڪر الموت: هن ننڍڙي رسالي ۾ مرزا صاحب هر سال جيڪي پنهنجي موت لاءِ تاريخون پئي ڪڍيون آهن، تن کي گڏ ڪيو اٿائين. 1331 کان 1346 تائين. مثلاً: غفران (1331)، اين قدح بشکست اين ساقي نماند (1332)، چراغ زندگاني (1346)، بخت موقر (1348). اها آخري قطعه تاريخ آهي، جنهن سال مرزا صاحب هيءُ جهان ڇڏيو ۽ اهو قطعو سندس مزار جو لوح بڻيو.

(16)         سوادي خام: ديوان.

(17)         چندن هار: سندس مثنوين، غزلن، قصيدن وغيره جو ديوان.

(18)         املهه ماڻڪ: ڀاڱو ٻيو – بيتن جو مجموعو.

(19)         موتين جي دٻلي: رباعين جو مجموعو.

(20)        سنڌ جي تاريخ جون ڳالهيون: سنڌ جي تاريخي واقعن کي ڳالهه ۽ داستان جي انداز ۾ لکيو ويو آهي.

(21)         شهزادو بهرام: هئمليٽ جو ترجمو.

(22)        شهزادو شهريار: ڪام سين ۽ ڪام روپ جو ترجمو.

(23)        جمشيد ۽ حميده.

(24)        بدر منير ۽ بينظير: (آپيرا)

(25)         فرهاد شيرين: (آپيرا)

چونڊ ٽڪرا

مرزا صاحب جي مختلف ڪتابن مان هيٺيان قيمتي ۽ تاريخي ٽڪرا ڏجن ٿا:-

1-     ”الحقيقت“ اخبار جي جاري ٿيڻ جي تاريخ پنجن شعرن جي قطعي ۾ چئي ويئي آهي؛ مرغوب طبايع (1340) مان سال نڪري ٿو. (هيءَ اخبار لاڙڪاڻي مان فقير علي محمد قادري ڪڍندو هو. پويون ايڊيٽر غلام عباس قادري ’جوش‘ هوندو هو. نواب امير علي خان لاهوري سندن سرپرست هو ۽ پوءِ سر شاهنواز خان ڀٽو سرپرست هو. ڪيترن سالن کان اخبار بند ٿي وئي آهي.)

2-            تاريخ مسند نشيني مير علي نواز خان، خيرپور.

(1) دلم بخواست کي سال جلوس او گويم

    بخاطرم برسيده: خلف سعادتمند  1239هه.

(2) وفات مير امام بخش کردو و بر جانشين

    نموده اند همہ مير علي نواز پسند

(از ”گرجي نامه“)

3- مير علي مراد خان ٽالپر جو شعر:

از خضابم نبود هيچ دلم را مطلب

غرض آنست که آهو صفتان رم نه کند

    مير سهراب خان ٽالپر جو شعر:

هر آنکس کي خود پهلواني کند

چه حاجت کي ”شهنامه“ خواني کند

    ميان محمد سرفراز خان جو شعر:

دلا در سينہ ساکني شو که اينکه يار مي آيد

طبيبي با مروت برسر بيمار مي آيد

سرفراز نمي ساز بدشنامي و پيغامي

اگر صلح است پيغامي، وگر جنگ است دشنامي

……

هر شور که هست برسرزر

مفلس تو خوشي! کي زر نداري

……

مهته بالچند ”آزاد“:

شوخئ چشتم تواز شورش اشکم افزود

غلط است اينکه نمک تلخئ بادام برد

غلام علي مومن:

هر عقده کي برخاطرم از بار خزان بود

از فيض بهار اين دل وا سوختہ واساخت

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com