آءُ سمجهان ٿو ته انهن سپاهين جي ظلم جو ايڏو ڊگهو
داستان لکي مون اوهانجي صبر کي آزمايو آهي پر مون
ضروري ڄاتو ته ان مامري کي اوهانجي آڏو پيش ڪرڻ
منهنجو فرض آهي. جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه معلوم ٿيڻ بعد
منهنجي دل رت روئي ٿي ۽ آءُ ان صورتحال کي سچ پچ
ته انڌيرنگري ۽ ظلم جي بادشاهت ڪوٺيان ٿو، ته
اوهان ان کي مون کان وڌيڪ سمجهندؤ ۽ محسوس ڪندؤ،
جو اوهان ضلعي جا سربراهه آهيو ۽ عام ماڻهو پنهنجي
مال متاع ۽ سرن جي بچاءُ لاءِ اوهان ڏي ئي ڏسن ٿا.
آءُ پنهنجي ڪيل جاچ مان بلڪل مطمئن آهيان ۽ اوهان
به ان کي بلڪل حقيقت ڪري سمجهندا، حالانڪه ان لاءِ
کُليل ثابتي ڪابه ڪانه ملندي، جيڪي سبب مون مٿي
ڄاڻايا آهن، تن موجب مقامي آفيسرن کي به ڏوهه نٿو
ڏئي سگهجي. ان ڏس م اوهان کي ڪي ڀروسي جوڳا عملدار
۽ ٻيا ويساهه جوڳا ماڻهو به اصل حقيقتن کان واقف
ڪري سگهن ٿا.
انهن حالتن جي پيش نظر آءُ اوهان کي تڪڙي ۽ پرزور
استدعا ڪندس ته اوهان مهرباني ڪري ان مسئلي ۾ ضرور
ڪجهه ڪندا، آءُ اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته اوهان
جي اُپائن سان ماڻهن جي دلين تان وڏو بار لهي
ويندو ۽ هو اوهان جا تمام ٿورائتا ٿيندا. جڏهن هڪ
پاسي سرڪار فرنٽيئر ضلعي کي ڏاڍ مڙسي وارن مزارين
۽ ٻين بلوچ ڦورن کان بچائڻ ۾ رڌل آهي، تڏهن افسوس
جهڙي ڳالهه ٿيندي جو ان کي خبر پوي ته ٻئي پاسي
سرڪاري رجمنٽال سپاهي به اهو ڪجهه ڪري رهيا آهن،
جيڪو هُو ڪن ٿا. ٻين هنڌن تي ٿر ۽ پارڪر ۾ پوليس
جو ئي هڪڙو دستو سرڪاري خزاني جي حفاظت لاءِ مقرر
ٿيل ۽ آهي ۽ هن ضلعي ۾ به جيئن شهدادپور ۾ مون کي
خبر پئي آهي، ته پوليس گارڊ مقرر ٿيل آهي ته پوءِ
ڪو به سبب ڪونهي ته ضلعي جي باقي ٽن تعلقن ۾ به
گارڊ پوليس مقرر ٿئي، جيڪب آباد ۾ هنن ماڻهن جو
هيڊ ڪوارٽر آهي ۽ اسان جا آفيسر به اُتي رهن ٿا،
تنهنڪري اُتي هي ڪا وڏي شرارت نٿا ڪري سگهن پر
تنهن هوندي به اُنهن جي اُرهه زوراين جون خبرون
ملنديون رهن ٿيون، ڪشمور ۽ ٺُل جهڙن ڏورانهن هنڌن
تي ته هي سپاهي ماڻهن لاءِ نسورو عذاب بڻيل آهن.
مون اڳوڻي لکپڙهه ڪانه ڏٺي آهي، تنهن ڪري چئي نٿو
سگهان ته اهي ڪهڙا سبب هئا جن جي ڪري ئي رجمنٽال
سپاهين کي هتي گارڊ ڪري رکيو ويو آهي.
مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن اوهان مهرباني ڪري هن
مامري کي هٿ ۾ کڻو ۽ ان جي ڪمشنر صاحب وٽ مضوط
پيروي ڪريو ته انهن سپاهين کي سندن پنهنجي وڏي
تنظيم ڏانهن واپس موڪليو ويندو ۽ سنڌ جي باقي ڀاڱن
وانگر هت به گارڊ پوليس مقرر ڪئي ويندي. پڪ سان
چئي سگهجي ٿو ته سرڪار کي ان نئين خرچ ۾ ڪابه
اهنجائي ڪانه ٿيندي، جنهن صورت ۾ سرڪار کي ڄاڻ
ٿيندي ته ان خرچ ڪرڻ سان هڪڙي حقيقي ايذاءُ منجهان
ماڻهن کي ڇوٽڪارو ملندو ۽ ماڻهو سک جو ساهه
پٽيندا.
آءُ هي ڊيمي آفيشل خط ”مخفي طور“ لکي رهيو آهيان،
ڇاڪاڻ ته رواجي سرڪاري لکپڙهه گهڻن سببن جي ڪري
ڪارگر ڪانه ٿيندي.
مون کي شرف آهي، جناب والا،
اوهان جي انتهائي تابعدار ماتحت هجڻ جو
ڪي. ايف. مرزا
ڊپٽي ڪليڪٽر، اَپر سنڌ فرنٽيئر
جوڊيشل ڊپارٽمينٽ (مخفي)
جيڪب آباد
9مئي 1896ع
ڏانهن
ڪمشنر- اِن- سنڌ
جناب والا،
هن مهيني جي 6 تاريخ واري اوهان جي مراسلي نمبر
235 جي جواب ۾ اوهان کي عرض ٿو ڪريان ته ان موضوع
تي مون ۽ مسٽر جائيلس جي وچ ۾ تمام تفصيل سان
ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. 1889ع ۾ اسان هن ضلعي ۾
مليٽري جي پاران خزاني واري گارڊ کي هٽائڻ لاءِ
پاڻ ۾ پورو اتفاق ڪيو هو ته نيٽو اِنفئنٽري، جيڪا
هن مهل جيڪب آباد ۾ موجود ٿيل آهي، تنهن کي مقرر
ڪجي. آءُ اڃا تائين ان ساڳئي خيال جو آهيان.
2- آءُ جناب والا جو ڌيان حاشئي ۾ ڏنل مضمون تي
ٿيل لکپڙهه ڏانهن ڇڪائڻ ٿو گهران ته اها پڻ ان
ساڳئي موضوع تي آهي.
3- ان سموري ٿيل لکپڙهه جي مدنظر، مون لاءِ بار
بار ان موضوع تي اوهان جو قيمتي وقت وٺڻ مناسب نٿو
لڳي. پر مون ان موضوع بابت اوهان کي هاڻي ان ڪري
لکڻ ضروري ڄاتو، جو ڪجهه ڏينهن اڳي مون کي هڪڙو ڊي
او خط مليو آهي، جيڪو خانبهادر قليچ بيگ مرزا،
ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ فرسٽ ڪلاس ماجسٽريٽ لکيو آهي. ان خط
جو هڪڙو نقل آءُ اوهان جي مطالعي لاءِ موڪليان ٿو.
خط ۾ اهو ظاهر آهي ته خزاني واري گارڊ، جيڪا شهرن
۾ رکيل آهي اها ذري گهٽ عملي طرح سان ڪنهن به
ضابطي هيٺ ڪونهي ۽ نه ئي وري انهنجي مٿان نان
ڪميشنڊ آفيسرنجو ڪو به ضابطو آهي. اهي ماڻهن لاءِ
هڪ تپائڻ ۽ تنگ ڪرڻ وارو معاملو ٿي چڪو آهي، خاص
ڪري انهن ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ جتي انهن جي تعيناتي
ٿيل آهي ۽ پڻ بنيادي طرح سان مقامي ڊڄڻا عملدار به
انهن جي ڏاڍ جو شڪار آهن، تنهن ڪري سول انتظاميا
جي مفاد ۾ انهن کي هتان هٽائڻ هڪ ڏاڍي خوش آئند
ڳالهه ٿيندي.
4- جيتري قدر اخراجات جو تعلق آهي، جيڪي انهن کي
پوليس گارڊ سان بدلائڻ تي ٿيندا ته ان لاءِ آءُ
عرض ڪندس ته 1889ع جي لکپڙهه ۾ مون ڄاڻايا هئا ۽
1891ع ۾ سموري ضلعي لاءِ ان تي ٿيندڙ خرچن جو
اندازو پڻ موڪليل آهي.
5- خزاني لاءِ گارڊ. مقامي پوليس جي نفري منجهان
رکڻ تمام مشڪل بلڪ ناممڪن ڳالهه ٿيندي. ضلعي واري
عام پوليس ان ڪم لاءِ لڳائي ڪانه سگهبي، تنهن ڪري
سرڪار لاءِ اهو ضروري ٿيندو ته جيڪڏهن مليٽري گارڊ
هٽايا وڃن ٿا ته انهن جا اخراجات منظور ڪري.
آءُ اهو به عرض ڪندس ته ڊي. او. خط 2929، تاريخ 30
اپريل 1896ع، واپس موٽائي موڪيلندا.
صحيح
ڊپٽي ڪمشنر، اپر سنڌ فرنٽيئر.
اعجاز علي بيگ مرزا
شمس العلماء خانبهادر مرزا قليچ بيگ
جون تصنيفات، اُنهن جي اشاعت ۽ قلمي نسخون جو
آئيندو!
سرزمين سنڌ تي وڏا وڏا عالم، عارف، فاضل، اديب،
شاعر، مؤرخ ۽ مصنف ٿي گذريا آهن، جن هر دؤر ۾ سنڌي
علم و ادب جي ترقي ۽ ترويج لاءِ پاڻ پتوڙي، سمنڊ
سوجهي پنهنجي هم وطنن آڏو علمي جواهر پاران پيش
ڪري سنڌي ادب جي علمي خزانن ۾ اضافو ڪيو آهي. پر
افسوس اِن ڳالهه جو آهي ته اوائلي دؤر جو گهڻو
ادبي سرمايو زماني جي دستبرد کان بچي نه سگهيو ۽
ضايع ٿي ويو. ان هوندي به الله پاڪ جا لک شڪرانا
آهن، جو جيڪي ڪجهه حاصل ٿي سگهيو آهي، سو غنيمت
سمجهڻ گهرجي.
سنه 1853ع ڌاري برطانوي حڪومت جي ڪوششن سان موجوده
سنڌي صورتخطي مقرر ٿي، حڪومت خواه شخصي ڪوششن
وسيلي نظم خواه نثر جا ڪتاب سون جي تعداد ۾ لکجي
شايع ٿيڻ لڳا ۽ ڌارين ٻولين مان ڪتاب ترجمو ڪري
سنڌي ادب ۾ واڌارو آندو ويو. ديوان ننديرام ۽
آخوند عبدالرحيم اُن جا بانيڪار هئا. ناٽڪ ۽ ناول
نويسيءَ جي شروعات ٿي. لغتون، صرف و نحو، علم
منطق، علم صحت، علم معاشرت، مضمون نويسي، آکاڻيون
۽ اخلاقي مضامين لکجڻ ۾ آيا ۽ دين ۽ مذهب تي ڪتابن
لکڻ لاءِ مسلسل ڪوششون شروع ٿي ويون، ان ڪري هن
دؤر کي سنڌي ادب جو زرين دؤر سڏجي ته بيجا نه
ٿيندو.
هن دور جي ادبي تاريخ تي هڪ طائرانه نظر وجهڻ سان
آسمانِ ادب تي هڪ درخشنده ستارو نظر اچي ٿو، جنهن
جي علمي ڪاوشن ۽ ادبي خدمتن جي پيشِ نظر اُن کي
بجا طور تي ”سنڌي زبان جو ابو“ سڏيو ٿو وڃي. سندن
حڪمت ۽ دانشمندي ڏسي ڪن مفڪرن کيس ”سنڌ جو عمر
خيام“ ۽ ڪن سندن همه گيري ۽ انساني فطرت جي
ڊرامائي عڪاسيءَ جي بنا تي ”سنڌ جو شيڪسپيئر“
سڏيو. تاج الشعراء سنڌ حافظ محمد ”احسن“ چنا اُن
صلاحيتمند شخصيت کي هنن خطابن جو مستحق سمجهيو
آهي.
سنڌ جو جامي، نظامي، انوري سعدي اُهو،
ڪين گهٽ هو مير، غالب، داغ، سودا، ذوق کان.
۽ اُها لائق ۽ فائق شخصيت آهي شمس العلماء
خانبهادر مرزا قليچ بيگ صاحب جي، جنهن سنڌي ادب ۾
هڪ سونهري باب جو آغاز ڪيو، ان ڪري ئي سنڌي ادب جي
هن نئين دور جي عَلمبرداريءَ جو سهرو سندن ئي سر
مبارڪ تي سونهي، جنهن ڪري سندس هڪ منفرد حيثيت ڏسڻ
۾ اچي ٿي ۽ اِهوئي سبب آهي جو بجا طور تي هن دور
کي ”قليچ دور“ سڏيو وڃي ٿو.
مرزا صاحب نه فقط سنڌي زبان ۾ رنگين گلن کي سنواري
سينگاري تحسين حاصل ڪيو، بلڪ ٻين ادبي زبانن ۾ به
پنهنجن صلاحيتن جو ڌاڪو ڄمايو. عربي، فارسي، ترڪي،
انگريزي، اردو، سرائڪي ۽ بلوچي زبانون به سندن
خدمتن کان محروم نه رهيون آهن. سندن قلم هر موضوع
سخن تي روان رهيو آهي، پوءِ اُهو نظم هجي يا نثر،
فلسفو هجي يا حڪمت، ادب هجي يا منطق، سائنس هجي يا
رياضي،. تاريخ هجي يا جاگرافي، سياسي هجي يا
اقتصاديات، طب هجي يا طبعيات، علم الحيات هجي يا
تمثيل، بديع هجي يا بيان، عروض هجي يا علم
الاعداد، ڪهاڻي هجي يا آتم ڪهاڻي، ظرافت هجي يا
سنجيدگي، اخلاق هجي يا مذهب، دست شناسي هجي يا
جادو، رمل هجي يا جفر، مطلب ته پاڻ هر اُن علم ۽
فن تي قلم فرسائي ڪري سنڌي علم و ادب کي وسعت بخشڻ
جي ممڪن ڪوشش ڪئي، جنهن جي اُن دور ۾ ضرورت محسوس
ڪيائون.
مرزا صاحب ادب جي ميدان ۾ اهو مقام حاصل ڪيو آهي،
جيڪو تمام گهٽ انسانن کي نصيب ٿيو آهي. سندن لکيل
ڪتابن جو تعداد مون ناچيز جي تحقيق موجب 457 آهي.
اُنهن ڪتابن کان علاوه مختلف محفلن، مجلسن، ادبي،
مذهبي يا ٻين گڏجاڻين ۾ سندن تقريرن جو تعداد
تقريباً ٽيهن کان وڌيڪ آهي. اُنهن کي پڙهڻ سان
معلوم ٿئي ٿو ته اُهي به هڪ معياري تحقيقي ڪتاب
کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه آهن. از انسواءِ ٻين
تحريرن ۽ تقريظن جو تعداد ته اڃا به وڌيڪ آهي.
ڊائرين يا روزنامچن جو به ڪافي تعداد آهي، جيڪي
سنڌ جي تاريخ جي مواد سان ڀريل آهن. ڇو ته پاڻ
جنهن تعلقي، علائقي يا شهر ۾ نوڪري ڪيائون، اُتان
جو مفصل احوال درج ڪيو اٿن. اُن علائقي جو نقشو،
قبرن جا ڪتبا، نقشن سان آبپاشي سرشتا، اُتان جي
رهندڙ قومن جي تاريخي احوال، مشهور شخصيتن جو ذڪر
۽ آدمشماري وغيره.
اُن کان علاوه اسڪول يا ڪاليج جي زماني کان وٺي
آخر تائين جن دوستن ۽ احبابن خط لکيا، يا اُنهن جا
جواب ڏنائون، سي جدا جدا سالوار فائيلن ۾ موجود
آهن، جن مان پڻ اُن وقت جي مشاهيرن يا تاريخ جو
پتو پئجي سگهي ٿو. اِهي فائيل نهايت اهم ۽ اِهي خط
نه صرف پڙهڻ بلڪل محفوظ ڪرڻ جي لائق آهن.
مرزا صاحب جا ذاتي آلبم، جن ۾ ٽالپر ۽ انگريز دور
جي مشهور شخصيتن، مشهور شاعرن ۽ ٻين سربرآورده
هستين جا عڪس به موجود آهن، سي نهايت ناياب آهن.
هڪ اسڪريپ آلبم به آهي، جنهن تي سهڻي ٽُڪ ۽ وڏيءَ
محنت سان پکين، آبي جانورن، گلن، ٿانون، لباس ۽
فرنيچر وغيره جون تصويرون، ڪتاب ۽ پراڻن رسالن مان
ڪپي چسپان ڪيل آهن. ازانسواءِ پنهنجي هٿ سان
انگريزي اشعار وغيره تصويرن جي مناسبت سان پڻ لکيل
آهن. اِهي سڀ شيون ڏسڻ، غور ڪرڻ ۽ محفوظ ڪرڻ جي
لائق آهن.
مرزا صاحب مرحوم جي حياتيءَ جي روشنيءَ ۾ ڏٺو وڃي
ته معلوم ٿيندو ته پاڻ پنهنجي وقت ۾ اعلى سرڪاري
ملازمت تي فائز هئڻ سبب مصروف ترين انسان هئا.
ملازمت جي سلسلي ۾ اڪثر گشت ڪرڻا پوندا هئا ۽ اُهي
به اُٺن ۽ گهوڙن تي! پر باوجود اُنهن مسلسل ۽
ٿڪائيندڙ مصروفيتن جي، هن اورچ اديب ڪڏهن به علمي
۽ ادبي خدمت کي فراموش نه ڪيو ۽ زندگيءَ جو ڪو به
لمحو اجايو نه وڃايائون. سندن سوين ڪتاب شاهد آهن،
جيڪي گهر کان پري جدا جدا منزلن تي لکي پورا ڪيا
اٿن. اهڙيءَ طرح مرزا صاحب سڄي زندگي علمي خدمتن
لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي ۽ اُها خدمت مهد کان لحد
تائين جاري رهندي، جنهن جي بين ثبوت اُهو ”قطعه
تاريخ“ آهي، جو وفات کانپوءِ سندن ويهاڻي جي هيٺان
مليو. شايد رات جي ڪنهن وقت پاڻ موت کي قريب ٿيندو
محسوس ڪندي، فوراً لکي ڇڏيائون، جو سندن اُن وقت
جي ڪيفيت جي عين مطابق آهي:
عمر م به همين سال چو هفتاد شده هفت
آمد ملک الموت زدرگاهِ حق آخر
گفتا که بسي زيستي در منزلِ دنيا
شو عازمِ عقبى که به بيني رخ داور
از فرط مسرت زدم آهي و هردم
در عالمِ ارواح رسيدم دمِ ديگر
تاريخ وفاتم چودلم خوسته از غيب
هاتف زکرم کرد ندا ”بخت مؤقر“
1348
مرزا صاحب هر اُنهيءَ علم، فن ۽ موضوع تي لکي سنڌي
زبان ۽ ادب کي مالامال ڪيو آهي، جن تي کانئن اڳ
توڻي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به سنڌي اهل قلم هڪ لفظ
به نه لکيو آهي.
پاڻ اُن دور جي ضرورتن کي محسوس ڪندي ۽ ٻين اديبن
لاءِ راهه ايجاد ڪرڻ جي خيال سان ادب جي هر صنف تي
ڪتاب لکي سنڌي زبان کي اُهو ڪتابي ذخيرو مهيا ڪري
ڏنو آهي. جنهن لاءِ اهلِ سنڌ اُن جي جيتري به
قدرشناسي ڪن، سا ٿوري آهي.
مرزا صاحب مرحوم جي لکيل يا ترجمو ڪيل ڪتابن جي
ٿلهي ليکي هن طرح موضوع وار ترتيب ڏيئي سگهجي ٿي.
1-
مختلف موضوعن تي انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل
– 69
2-
انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب – 41
3-
فلسفو ۽ اخلاقيات – 89
4-
سنڌي ڊراما – 20
5-
ناول يا آکاڻيون – 23
6-
ادبي ۽ اسڪولي ڪتاب – 119
7-
زنانه تعليم تي لکيل ڪتاب – 19
8-
ٻارن لاءِ لکيل ڪتاب – 17
9-
سنڌي نظم ۾ مختلف ڪتاب (ترجما ۽ طبعزاد)- 29
10-
فارسيءَ ۾ لکيل ڪتاب – 22
11-
عربيءَ ۾ لکيل ڪتاب – 22
12-
اردوءَ ۾ لکيل ڪتاب – 5
13-
بلوچي گرامر – 1
موضوعن جي لحاظ کان مٿين ڪتابن کي اڃا به وڌيڪ
عنوانن هيٺ ورهائي سگهجي ٿو، پر هت طوالت کي مدِ
نظر رکندي اختصار کان ڪم ورتو ويو آهي. مطلب ته
مرزا صاحب مرحوم کي مختلف علمن ۽ موضوعن سان سنڌي
علم و ادب کي مالامال ڪرڻ جو عشق هو، جنهن جي
ضرورت شدت سان محسوس ڪئي پئي وئي. تنهن ڪري ئي پاڻ
تصنيف و تاليف کي پنهنجي زندگيءَ جو مُول مقصد
سمجهي هن اڻانگي ڪم لاءِ پاڻ کي مڪمل طرح وقف ڪري
ڇڏيو هئائون. جيئن جيئن ضرورت محسوس ڪيائون، تيئن
تيئن ڪتابن پٺيان ڪتاب لکندا انبار ڪندا ويا ته
متان ڪو انگشت نمائي ڪري ته سنڌي ادب ۾ فلاڻي علم
يا موضوع تي ڪتاب لکيل نه آهي.
مرزا صاحب مرحوم نه صرف ڪتابن جو مصنف، مؤلف ۽
مترجم هو، پر ساڳئي وقت تي هڪ عالم باعمل پڻ هو.
هو
Practical
انسان هو. پاڻ جيڪڏهن مذهب تي ڪتاب لکيو اٿن ته
اُن جي مڪمل ڄاڻ به رکندڙ هئا ۽ مذهبي اصولن تي
سختيءَ سان پابند به هئا، جيڪڏهن علم رمل، علم
قحف، جادو، زمين پوکڻ جو علم ۽ هنر، علم فلڪيات،
علم جفر، علم موسيقي، جاگرافي، فلسفو، تعليم، موئن
سان ڪيئن ڳالهائجي، پٽ ڄڻڻ پنهنجي وس، وغيره تي
ڪتاب لکيا اٿن ته پاڻ اُنهن علمن تي مڪمل دسترس به
رکندا هئا ۽ اُنهن تي پاڻ ڪئين تجربا به ڪيائون،
جن جو ثبوت سندن زندگي جي مطالعي مان ملي سگهي ٿو.
جيڪڏهن ڊراما لکيا اٿن ته پاڻ ائڪٽنگ يا ڪردار جي
ادائيگي به ڪري ڄاڻندا هئا. اُهي ڊراما گهر جي
اسٽيج تي ٻارن کان ڪرائيندا هئا ۽ کين ادائگي جو
ڍنگ ڏيکاريندا ۽ سيکاريندا هئا. موسيقيءَ تي لکيو
اٿن ته پاڻ ڳائي ۽ ساز وڄائي به سگهندا هئا. روحن
سان به ڳالهائيندا هئا ته رمل ۽ جفر جا حساب به
ڪري ڄاڻندا هئا. اُهي ڍارا ۽ ڪيل حساب اڃا به
موجود آهن. باغ ۽ باغباني تي لکيو اٿن ته اُها
عملي طرح به ڄاڻندا هئا ۽ اُهو باغ به اڃا موجود
آهي. ڪوڏر جي تعريف ڪئي اٿن ته ڪوڏر بهترين نموني
سان هلائيندا هئا. واڍڪيءَ تي لکيو اٿن ته واڍڪي
به ڄاڻندا هئا. سندن عاج جي ڪم جو هندورو اڃا به
موجود آهي، جيڪو غالباً 1913ع ۾ يا اُن کانپوءِ
ٺاهيو هئائون، جنهن تي والد بزرگوار مرزا اسد علي
بيگ صاحب جو نالو اُڪريل آهي. سونارڪي ڪم يا زيورن
تي لکيو اٿن ته اُهو هنر به ڄاڻندا هئا. سندن
جوڙيل سَت – سَري دُهري، جا پنهنجي ٽين ۽ آخري زال
کي شاديءَ کانپوءِ تحفو ڪري ڏني هئائون، سا پڻ اڃا
خاندان ۾ موجود آهي، جيڪڏهن ڪتاب ”پُٽ ڄڻڻ پنهنجي
وس“ لکيو اٿن ته اُن تي عمل به ڪري ڏيکاريو اٿن،
جنهن جو ثبوت سندن ارڙهن پٽ آهن، جي تعليم، صحت يا
طب تي ڪتاب لکيو اٿن ته پاڻ طبابت به ڄاڻندا هئا ۽
دوائون پنهنجن هٿن سان ٺاهي عزيزن دوستن ۽ اولاد
جو علاج به ڪندا هئا.
ڪن اديبن ۽ دوستن کان ٻُڌو ويو آهي ته مرزا صاحب
جي وجہ شهرت ”ترجما“ آهن، يعني سندن تصنيفات کان
ترجما گهڻا آهن، گو ائين ناهي، تاهم اهڙن اديبن ۽
دوستن جي اِن ريمارڪ مان مراد جيڪڏهن اِها آهي ته
ترجمو آسان ڪم آهي ۽ اُهو مرزا صاحب جي ڏائي هٿ جو
کيل هو ته ان سلسلي ۾ اِهو چوڻ وڌاءَ نه ٿيندو ته
غير ٻولين جهڙوڪ عربي، فارسي، فرينچ، ترڪي، يا
انگريزي مان ترجمو ڪرڻ لاءِ پاڻ وڌيڪ قابليت ۽ اُن
ٻوليءَ تي عبور هئڻ لازم ۽ ملزوم ڳالهيون آهن،
جنهن کان سواءِ ترجمو ناممڪن ۽ بي سود آهي. حقيت
اِها آهي ته ترجمو تصنيف کان وڌيڪ مشڪل ۽ ڪٺن ڪم
آهي. جيسين مترجم اصل مصنف جي مدعا ۽ پيغام پوري
جوابداري ۽ ديانتداري سان مطلوب ٻوليءَ ۾ ادا نه
ڪندو، تيسين اُن مان ڪو به مقصد حاصل ٿي نه
سگهندو. ترجمي جو احساس ۽ قدر اُهي ڪري سگهندا،
جيڪي پاڻ اُن مرحلي مان گذريا هوندا. مرزا صاحب جو
اِهو ئي ته ڪمال آهي ته پاڻ جيڪي به ڪتاب ترجمو
ڪيا آهن، سي اهڙي نموني جا آهن، جو ڪو به پڙهندڙ
محسوس ڪري نه سگهندو ته اِهي ڪتاب اصل سنڌيءَ ۾
لکيل آهن يا ڪن ڌارين ٻولين مان ترجمو ڪيل آهن. سن
1888ع ۾ هڪ انگريزي فلاسفر لارڊ بيڪن جي
Bacan’s essays
جو ترجمو، ”مقالات الحڪمت“ جي نالي سان ڪيو اٿن،
سو به تڏهن جڏهن پاڻ اڃا شاگرد هئا. هن ڪتاب جو
موضوع اخلاقي فلسفو آهي ۽ اصل ڪتاب جو مضمون اهڙو
ته ڳوڙهو ۽ ٻولي اهڙي ته دقيق آهي جو وڏا وڏا
انگريزي جا پروفيسر به اِن ڪتاب جي گهڻن حصن جي
معنائن ۽ شرح تي متفق نه آهن. اهوئي سبب آهي جو اڄ
تائين ڪو به انگريزي ڄاڻندڙ سنڌي اديب، استاد يا
پروفيسر اُن جي ترجمي ڪرڻ جي ڪوشش ئي نه ڪري سگهيو
آهي. پر مرزا صاحب اُن ڪتاب جو ترجمو اهڙي ته سليس
۽ بامحاوره سنڌيءَ ۾ ڪيو آهي جو وڏا ڄاڻو سندس نثر
نويسي ۽ ترجمي جي قابليت جي تعريف ڪرڻ تي مجبور
آهن. ساڳيءَ طرح شيڪسپيئر جي ڊرامن جو ترجمو اهڙي
ته دلنشين پيرايي ۾ ڪيو اٿن، جو پڙهندڙ داد ڏيڻ تي
مجبور ٿي پوي. شاهه ايليا، حسن دلدار، فيروز دل
افروز جهڙن ڊرامن لاءِ ڪير چوندو ته اِهي ترجمو
آهن. نثر نويسيءَ ۾ مرزا صاحب جو مثال ملڻ مشڪل
آهي، سندس نثر خواه نظم سلاست ۽ جدت جي لحاظ کان
اعلى قسم جو آهي. ڪنهن به ڪتاب ۾ دقيق نثر ڪم آيل
نه آهي ۽ اِهائي سلاست سندن نثر نويسي جي خاص خوبي
آهي.
موجوده دور جي ڪن ڏٺن وائٺن ۽ ترقي پذير اديبن کي
وڏي رات اهو اظهارِ خيال ڪندي ٻڌو ويو آهي ته مرزا
قليچ بيگ اوڻيهين صديءَ جو اديب هو ۽ اڄ سندس نثر
توڙي نظم غير متعلقه ۽ بعد از وقت معلوم پيو ٿئي،
پر حقيقت اُن جي برعڪس آهي. آزادي زبان ۽ خيال هر
ڪنهن جو حق آهي، تاهم حقائق کي بدلائي نٿو سگهجي.
قليچ جا اهڙا به ڪتاب آهن، جي حالانڪه ترجما آهن،
پر ايڪيهين صديءَ جي عين ضرورتن مطابق آهن، ڇو ته
اُهي اهڙين سچاين ۽ حقيتن تي مبني آهن، جيڪي اڄ به
اهڙي طرح
Relevant
آهن، جهڙو اولين اشاعت وقت هئا. اهڙيءَ طرح سندن
اصلي تحريرون به آهن، جيڪي زمان و مڪان جي قيد کان
ماورا آهن. اُهي سيرت ۽ ڪردار سازيءَ جي حوالي سان
وجود ۾ آيون ۽ ظاهر آهي ته سٺا گڻ ۽ چڱا لڇڻ ئي
مثالي زندگيءَ جي ضمانت ٿين ٿا.
اِهي قليچ جا احسان آهن، جو هن اهڙن مغربي ۽ مشرقي
ادبي شاهڪارن کي سنڌي ويس پهرائي نه رڳو اُنهن
ڪلاسڪ ڪتابن جي معنى ۽ مطلب کي برقرار رکيو، پر
پنهنجي سليم فطرت ۽ خداد لياقت جي ذريعي اڪثر جاين
تي پنهنجي مقامي ۽ قومي ضرورتن ۽ گهرجن مطابق
اُنهن ۾ اڻ لکائيندڙ نموني ۾ اهڙا ته واڌارا يا
تبديليون ڪيون، جو اُهي اسان جي سماج جو عڪس ۽
سونهن بڻجي پيا آهن.
امام غزاليءَ جو ڪتاب ڪيميائي سعادت، شيڪسپيئر جا
ڊراما، بيڪن جا مقالا، مغرب ۽ مشرق جي مفڪرن ۽
شاعرن جي چونڊ شعرن جا ترجما، عمر خيام جي ڪلاسڪ
رباعين جو منظوم ترجمو، جيڪو رباعيات عمر خيام جي
ترجمن جي مجموعي ۾ شامل ڪري تازو تهران مان شايع
ٿي عالمي ادب طور پيش ڪيو ويو آهي. سنڌي زبان،
تاريخ ۽ معاشرت بابت سندن تحريرون اڄ به معلومات
جو معارف ۽ بنيادي سرچشمو آهن.
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ 457 ڪتاب لکي سنڌي علم
ادب، سائنس ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي ڪاميابيءَ سان
قلم فرسائي ڪئي آهي. زبان ماءُ جي حيثيت رکي ٿي ۽
مرزا صاحب هڪ لائق فرزند ارجمند وانگر ”امڙ
سنڌيءَ“ جي جهولي چمڪندڙ موتين، م هڪندڙ گلن ۽
تابناڪ تحريرن سان ڀري پنهنجو فرض پورو ڪيو آهي.
ڇا ڪا غيرتمند قوم اهڙي فرزند جليل کي وساري سگهي
ٿي ۽ ڇا اهڙي لائق وفائق ۽ لاثاني اديب جي بيش بها
ادبي ذخيري کي ضايع ٿيڻ کان بچائي نٿي سگهي؟
مرزا صاحب مرحوم جي علمي ۽ ادبي خدمتن جي قدر
شناسي ڪندي انگريز، غير سنڌي، غير مسلم سرڪار
طرفان کيس ”قيصر هند“ (انديءَ جو تمغو)، سوني واچ
۽ 1924ع ۾ ”شمس العلماء“ جا القاب مليا. اُن
کانسواءِ درٻار ۾ ڪرسي ۽ ٻيا ڪئين آفرين ناما ۽
سَندون مليون. سندن ڪافي ڪتاب اُن وقت جي سرڪار
طرفان ڇپايا ويا، وغيره وغيره.
هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته اسان مملڪت خداداد
پاڪستان جي قيام کانپوءِ پنهنجي پياري سنڌ جي
سرزمين جي هن هڏڏوکيءَ ۽ لاثاني اديب جي تصنيفات
مان پوريءَ طرح بهرور ٿيا آهيون يا نه؟ ڇا اسان جي
قوم سندن خاطر خواه قدرشناسي ڪري سندن ڪو يادگار
قائم ڪيو آهي؟ ڇا پاڻ نورنچوئي هن قوم کي جيڪو
ادبي خزانو ڏنو، اُهو سمورو ڇپائي قوم جي آڏو رکي
چڪا آهيون؟ ڇا سنڌ جي دانش گاهن مان ڪا سندن نالي
تي قائم ڪئي وئي آهي؟ ڇا ڪنهن دانش گاهه ۾ سندن
ڪارنر يا
Chair
موجود آهي؟ ڇا ڪنهن دانش گاهه جو ڪو رستو يا بلاڪ
قليچ جي نالي منسوب ڪيل آهي؟ ڇا ڪنهن دانش گاهه يا
ميوزم ۾ سندن صحيح خدوخال پيش ڪندڙ تصوير نمايان
جاءِ تي آويزان آهي؟ ڇا سندن نالي تي ڪا اسڪالرشپ
ڏني وڃي ٿي؟ ڇا ڪنهن به علمي درسگاهه ۾ نالي ماتر
ئي سهي، ڪا رننگ ٽرافي انعام طور رکيل آهي” ڇا
سندن ولادت يا وفات جو ڏهاڙو باقاعدگيءَ سان حڪومت
يا علمي حلقن طرفان ملهايو وڃي ٿو؟ ڇا اِن ڳالهه
جو جوڳو بندوبست ڪيو ويو آهي ته موجوده يا اُن
کانپوءِ هڪ ٻن پيڙهين تائين ڪو قليچ کي ياد رکندو؟
اِهي سڀ اُهي سوال آهن، جي اڄ قوم ۽ ادب جو درد
رکندڙ هر فرد موجوده نسل جي اڪابرين ۽ واڳ ڌڻين
کان پڇڻ جو حق رکي ٿو.
مرزا صاحب مرحوم جي تصنيفات جي اشاعت جي سلسلي ۾
اِهو چوڻ بيجا نه ٿيندو ته جهڙي بي توجهي سنڌ جي
ناشر حضرات ۽ عوام ڏيکاري آهي، اُن جو مثال ملڻ
مشڪل آهي. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ سموري
عرصي جو جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو ته هن عظيم
مصنف جي تصنيفات جو عشر عشير به شايع ٿي نه سگهيو
آهي. انفرادي ۽ شخصي ڪوشش کي ڇڏي ڏٺو وڃي ته اڄ
ڏينهن تائين حڪومت پاڪستان جي طرفان مرزا صاحب جو
هڪ به ڪتاب شايع نه ٿيو آهي ۽ نه ئي حڪومت پاڪستان
يا صوبائي حڪومتن کي قومي لحاظ کان اُن جو احساس
آهي ته قليچ جي به ڪا حيثيت آهي، جنهن هن ملڪ ۾
ڳالهائيندڙ زبانن جي ڪا خدمت ڪئي آهي. دنيا جون
زنده ۽ غيرتمند قومون پنهنجي بزرگن جي ڪارنامن تي
نه فقط فخر ڪنديون آهن پر انهن جي نيڪ نامي ۽
ڪارنامن کي هميشہ زنده رکڻ لاءِ ڪوشان پڻ رهنديون
آهن ۽ ايندڙ نسلن ۾ بيداري پيدا ڪرڻ ۽ بزرگانِ قوم
جي نقشِ قدم تي هلي پنهنجي قوم جي ناموس قائم رکي،
اقوامِ عالم ۾ پنهنجي عزت ۽ حرمت قائم رکنديونآهن.
ان لحاظ کان اسين پنهنجي گريبان ۾ منهن وجهي
ڏسنداسين ته هي معلوم ٿيندو ته اسين هن ترقي يافته
دنيا ۾ ڪيترو پوئتي آهيون!، ان جا سبب فقط
لاپرواهي، بي علمي ۽ بي توجهي آهن.
هن بيان مان منهنجي مراد هرگز اِها ناهي ته اهو
حال صرف قليچ سان روا رکيو ويو آهي، بلڪ اِن ستم
ظريفيءَ جو نشانو ٻيون به ڪيتريون ئي سربرآورده
شخصيتون آهن، جن علم و ادب جون بي بها خدمتون ڪيون
آهن پر اُنهن جا فقط تاريخي يا ادبي ڪتابن ۾ فقط
نالا محفوظ آهن، ڄڻ اُنهن ماضيءَ ۾ ڪو علمي ادبي
ڪردار ئي ادا نه ڪيو هو. ثابت علي شاهه، مير حسن
علي خان حسن، شهنشاههِ غزل مير عبدالحسين سانگي،
حمل فقير، علي خان ابڙو، مولوي عبدالڪريم چشتي،
حاجي محمود خادم، محمد بخش واصف، مولوي دين محمد
وفائي، مولوي دين محمد اديب فيروز شاهي، مرزا نادر
بيگ، مرزا اجمل بيگ اجمل ۽ اهڙا ٻيا سوين اعلى
پايي جا اديب، جن سنڌي علم و ادب جون بنيادي ۽ بي
بها خدمتون ڪيون آهن، سي اڄ ڪنهن کي ياد آهن؟
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ مرزا صاحب مرحوم جي
تصنيفات جي نشر و اشاعت جو ڪم نهايت تيزيءَ سان
هندو ناشرن خاص طرح ۽ اُن وقت جي تقريباً ٽيهارو
مسلمان ۽ هندو ڪتابن جي ڇپائيندڙ ادارن ڪيو. اُن
جي مقابلي ۾ 1947ع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اهڙا
ٿورا ادارا آهن، جن فقط چند ڪتاب شايع ڪرڻ جي زحمت
گوارا ڪئي آهي، جن جو تفصيل مختصر طرح هن ريت آهي:
سنڌي ادبي بورڊ - 50 ڪتاب
ڀٽ شاهه ڪلچر سينٽر ڪميٽي -2 ڪتاب
(هڪ انگريزي)
سنڌ ڪلاسڪس - 2 ڪتاب انگريزي
آر.ايڇ. احمد ائنڊ برادرس - 5
ڪتاب
”اداره قليچ“ حيدرآباد -
(ننڍا وڏا) 15 ڪتاب
سنڌيونيورسٽي پريس -1 ڪتاب
قومي هجره ڪائونسل - 4 ڪتاب (هڪ
انگريزي)
مرڪزِ تحقيقات فارسي ايران پاڪستان -1 ڪتاب.
مٿين انگن اکرن مان معلوم ٿيو ته 56 سالن جي طويل
عرصي ۾ فقط 80 کن ڪتاب شايع ٿي سگهاي آهن، جن مان
به تقريباً ويهارو ڪتاب اُهي آهن، جيڪي مرزا صاحب
جي حياتيءَ ۾ ڇپجي چڪا آهن ۽ اُنهن کي ٻيهر ڇپايو
ويو آهي. يعني اڻ ڇپيل ڪتابن مان فقط ساٺيڪو کن
وڌيڪ ڇپيا آهن. ياد رهي ته مرزا صاحب جي زندگيءَ ۾
اٽڪل هڪ سؤ ڪتابن کان به ڪجهه وڌيڪ ڪتاب شايع ٿي
چڪا هئا. جي نه صرف مقبول ٿيا، بلڪ ڪيترن ڪتابن تي
حڪومت طرفان انعام به ڏنا ويا. آڳاٽا ڇپيل ڪتاب
ايترا ته ناياب ۽ ناپيد آهن جو گهڻن جي ته ڪاپي
نموني لاءِ به دستياب نه آهي. ڪن علم دوست حضرات
وٽ موجود هجن ته چئي نٿو سگهجي. اهڙي صورت ۾ اُنهن
ڪتابن کي ٻيهر نه ڇپرايو ويو ته اُنهن جو وجود ئي
ختم ٿي ويندو، جو قوم جي ادب جو وڏو نقصان ٿيندو.
حڪومت ۽ ناشر حضرات جي اهڙي بي توجهي ڏسي مرزا
صاحب مرحوم جي فرزند مرحوم و مغفور الحاج اسد علي
بيگ مرزا (ولد بزرگوار) پنهنجي عظيم پيءُ جي ڪتابن
شايع ڪرڻ لاءِ پنهنجي زندگيءَ جي پونجي خرچ ڪري هڪ
پريس خريد ڪئي ۽ 1951ع ۾ ”اداره قليچ“ جو بنياد
رکيو، جنهن ۾ مرحوم و مغفور همايون بيگ مرزا
”فائق“ جي مدد ۽ نگهداريءَ هيٺ هڪ رسالو شايع ڪيو
ويو، جو ماهنامه ”قليچ“ جي نالي سان مشهور ٿيو. هن
رسالي چند سالن تائين وڏي خدمت انجام ڏني، جنهن
ڪري قليچ جا ننڍا وڏا اٽڪل پندرهن ڪتاب شايع ٿيا.
ماهنامه ”قليچ“ ۾ ٻين ادبي مضامين سان گڏ قليچ جي
اهم ڪتابن مان اقتباسات به ڏنا ويندا هئا، جنهن
ڪري سنڌي عوام ۾ قليچ جي ڪتابن متعلق گهڻو چاهه
پيدا ٿيڻ لڳو. پر افسوس ته چند سالن کانپوءِ اُهو
سلسلو مجبوراً بند ڪرڻو پيو. ڇاڪاڻ ته اهڙن ادارن
کي هلائڻ لاءِ وڏي سرمايي جي ضرورت هوندي آهي،
جنهن جو سرچشمو ”عوام“ ئي هوندو آهي. پر هتي به
اِهائي بي توجهي ۽ بي عملي آڏو آئي. پڙهندڙن
ماهانه خواه سالانه چندي ڏيڻ ۾ سستي ۽ بي پرواهي
اختيار ڪئي، جنهن ڪري پريس جا اخراجات پورا ٿي نه
سگهيا ۽ اهڙي ريت اهو ادارو اڳتي وڌي نه سگهيو. هن
موقعي تي ”قليچ“ جو هي شعر بالڪل ٺهڪي ٿو اچي ته:
ٿيم سڀ شعر موتي ۽ جواهر
خداوندا! خريدارن کي ڇا ٿيو؟
اشاعت جو اِهو واحد شخصي طريقو وجود ۾ آيو هو، جو
پڻ جاري رهي نه سگهيو.
خوشقسمتي سان 1951ع ۾ سنڌ سرڪار طرفان هڪ نيم
سرڪاري علمي ادارو ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي نالي سان
وجود ۾ آيو، جنهن جو مقصد سنڌي ادب ۽ زبان جي نشر
و اشاعت، سڌارو ۽ واڌارو آهي. اُن ۾ ڪو شڪ ناهي ته
هن اداري سنڌي علم و ادب جي توسيع ۽ ترقيءَ لاءِ
گهڻي جانفشاني ڪري، سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي.
تاهم هي قليچ جي اشاعت لاءِ پنهنجي سرگرمي کي اڳتي
هلي جاري رکي ڪو نه سگهيو، جيستائين محمد ابراهيم
جويو صاحب سيڪريٽري رهيو. اُن وقت تائين هن جي
ذاتي ۽ شخصي ڪوششن سبب قليچ جا ڪتاب نهايت اعلى
طريقي سان شيع ٿي عوام جي هٿن تائين پهتا، جويي
صاحب وارو دور قليچ جي ڪتابن جي اشاعت لاءِ نهايت
موافق ۽ سونهري دور چئجي ته بيجا نه ٿيندو. گو
اُنهن ڪتابن ۾ گهڻو تعداد ٻارن لاءِ لکيل ڪتابن جو
آهي، جي 30 کان 40 صفحن تي مشتمل آهن. تاهم جيڪي
ڪتاب هن بزرگ اديب ۽ علم دوست اُن وقت جي ضروت کي
محسوس ڪندي شايع ڪرڻ لاءِ مناسب سمجهيا سي شايع
ڪرائي عوام کي فراهم ڪيا، جي ايتري قدر ته مقبول
ٿيا جو اُنهن جا ٻه ٽي ۽ چار چار ايڊيشن به شايع
ڪرڻا پيا، پر افسوس ته قليچ جي ڪتابن جي اشاعت کي
اڳتي هلي ڄڻ ته سج گرهڻ لڳي ويو ۽ اڄ ڏينهن تائين
چند ڪتابن جي دوباره ڇاپڻ کانسواءِ، ڪو به مزيد
قلمي نسخو شايع ٿي نه سگهيو آهي.
سوچڻ ۽ غور ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن قليچ
جهڙي عظيم، مخلص ۽ بي لوث مصنف جي تصنيفات جي
اشاعت جو اهو حشر آهي ته پوءِ ڪهڙي نئين اديب ۽
مصنف جو تحقيق ۽ تاليف تي ارواح ورندو. هڪ محقق،
اديب ۽ عالم عرقريزي سان پنهنجو شاهڪار ته تخليق
ڪري، پر جيڪڏهن اُهو منظرِ عام تي نه آيو ۽ عوام
جي هٿن تائين نه پهتو ته ڇا اُهو اُن تخليق جو موت
۽ قوم جي بدبختي نه آهي؟
اڄ جو سنڌي محقق ۽ مصنف اُن خوش فهميءَ ۾ نه رهي
ته سندس تخليق کانئس پوءِ قوم تائين پهچائي ويندي
۽ اُهو پيغام يا فيض جيڪو هو پنهنجي هم وطنن يا
ايندڙ نسلن تائين پهچائڻ گهري ٿو، اُهو حق ادا ڪيو
ويندو. اُهي قومون ئي ڪي ٻيون آهن، جيڪي پنهنجن
اديبنعالمن ۽ مفڪرن کي بين الاقوامي سطح تي روشناس
ڪرائڻ ۽ اُنهن جي همت افزائي ڪرڻ ۾ هڪ لحظو به
ضايع نٿيون ڪن. ايران يا يورپ ۾ ڪو اهڙو اديب،
محقق يا مصنف ورلي ملندو، جنهن جي تخليق داخلي
ادارن يا حڪومت جي طرفان دادِ ۽ تحسين حاصل نه ڪيو
هجي ۽ اُها شايع نه ٿي هجي. پر اِهي سڀ ناانصافيون
۽ بي قدريءَ جون شڪايتون اسان جي ئي قوم جي مصنفن،
اديبن ۽ عالمن جي نصيب ۾ لکيون ويون آهن. اِهو
موجوده نسل جو فرض آهي ته اُهي هن بيڌياني جي سببن
تي غور ڪن ۽ اهڙا اپاءَ وٺن جو ڪنهن به اهل قلم،
اهلِ فڪر ۽ اهل تحقيق جو ذهني پورهيو ضايع نه ٿئي
۽ قوم انهن جي فڪر وفن مان مستفيض ٿي ترقي جون
منزلون طئي ڪري، اقوامِ عالم سان ڪلهو ڪلهي ۾
ملائي فخر سان اوچي ڳاٽ هلي سگهي.
هن ڏس ۾ جيڪڏهن حڪومت وقت مان ڪنهن سهڪار، همت
افزائي ۽ مالي امداد جي اميد نه آهي ته پوءِ
يقيناً قوم جي نوجوانن کي اڳتي وڌڻو پوندو، جيڪي
سر زمين سنڌ سان محبت رکندڙ مخير حضرات جي سهڪار
حاصل ڪرڻ سان هڪ اهڙي خانگي اداري جو بنياد وجهن،
جو مالي اعتبار کان خود ڪفيل هجي ۽ جنهن جونظم و
ضبط اهڙن بي لوث، مخلص، محنتي ۽ علم دوست منتظمين
جي حوالي ڪيو وڃي، جيڪي هر قسم جي لساني، مذهبي ۽
سياسي تعصبات ۽ تندلي کان باالتر هجن ۽ اُنهن جو
مول متو فقط پنهنجي علم و ادب جي سڌاري، واڌاري ۽
اشاعت سان هئڻ گهرجي. ياد رکڻ گهرجي ته اهڙا ادارا
ٻاهرين ملڪن ۾ نهايت ئي اعلى ڪارڪردگي جو مظاهرو
ڪري رهيا آهن. اهڙي قسم جي ادارن کي حڪومت جي عمل
و دخل کان بلڪل محفوظ رهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته جنهن
وقت حڪومت جو نالو آيو ته ڪارڪردگي جو روح ئي
تبديل ٿي ويندو ۽ پوءِ ان اداري جو اُهو ئي حشر
ٿيندو، جيڪو اسان جي ملڪ ۾ عام طرح سان ادارن سان
ٿي رهيو آهي. اُن جو مقصد اِهو ناهي ته ادارا بند
ڪيا وڃن پر ايترو ضرور آهي ته جڏهن اهڙا خانگي
ادارا نيڪ نيتي سان ڪم ڪندا ۽ لالچ ۽ بيجا پيسي
ڪمائڻ کان بالاتر ئي فقط ادبي خدمت تائين محدود
رهندا تڏهن ٻنهي جو فرق نمايان نظر ايندو. ۽ اهو
پڻ ٿي سگهي ٿو ته اهڙي چٽاڀيٽيءَ جي دور ۾ پُراڻا
ادارا به پنهنجو جائزو وٺڻ تي مجبور ٿين ۽
ڪارڪردگي کي وڌيڪ تيز ۽ مفيد بنائي سگهن.
جيڪڏهن منهنجي زندگي ۾ اهڙو ڪو بي لوث، مخلص ۽ هڏ
ڏوکي ادارو قائم ٿيو ته آءُ وعدو ٿو ڪريان ته
پنهنجي حيثيت آهر اُن جي دامي، درهمي ۽ عملي طرح
خدمت اِنشاء الله ضرور ڪندس ۽ شمس العلماء مرزا
قليچ بيگ جو ذاتي رهائشي پلاٽ جو ڪراچي ۾ گارڊن
ويسٽ ۾ موجود آهي ۽ جنهن تي في الوقت ’قبضه مافيا‘
جو قبضو آهي، اُهو خالي ڪرائي ان اداري کي ڏيندس
يا حڪومت کان اُن جي عيوض ۾ ٻيو پلاٽ وٺرائي ڏيندس
۽ پنهنجي ذاتي زرعي زمين جا به ڪي ايڪڙ اُن اداري
لاءِ وقف ڪندس. اميد اٿم ته الله اُهو ڏينهن
آڻيندو ۽ اسان جا اديب، ليکڪ، عالم، محقق ۽ مصنف
اطمينان جو ساهه کڻندا ۽ وڌيڪ جوش، جذبي ۽ ولولي
سان پنهنجي مادرِ وطن جو علمي ۽ ادبي ورثو اڳتي
وڌائيندا رهندا ۽ اقوام عالم ۾ سر زمين سنڌکي
سرخرو ڪندا.
ڪتابن جي اشاعت متعلق مٿئين گذارش ڪرڻ کانپوءِ هن
مقالي جي عنوان جو آخري حصو غور طلب آهي، يعني
”مرزا صاحب مرحوم جي قلمي نسخن جو آئيندو“ ته اُن
متعلق پنهنجين مجبورين، ڪوتاهين ۽ بي علميءَ کي
مدنظر رکندي، اهل سنڌ جي خدمت ۾ حقائق جي روشنيءَ
۾ چند گذارشات پيش ڪرڻ جي جرائت ڪندس ته قليچ جي
بي بها علمي شاهڪارن جي اشاعت جي متعلق ڪهڙا قدم ۽
اپاءَ ورتا وڃن، جيئن قليچ جي وارثن وٽ بحالت
مجبوري محفوظ آهي. ”قلمي نسخا“ طباعت سان سينگار
جي سنڌي زبان جي فروغ ۽ ان جي ادبي محاسن کي اجاگر
ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ۽ ممڪن آهي ته وڌيڪ وقت
گذرڻ ۽ بي توجهي جي ڪري متان اُهو بي بها ادبي
سرمايو اڏوهيءَ جي کاڄ ٿي تباهه و برباد ٿي وڃي،
تنهن کان اُن کي ڪيئن بچائي سگهجي؟
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو ڪل اولاد 18 فرزند ۽
3 نياڻيون هو. پر سندن وفات وقت 11 فرزند ۽ 3
نياڻيون زنده هيون. الحمد الله مرزا صاحب جا سڀيئي
فرزند علمي، ادبي ذوق رکندڙ هئا. سندن نياڻين مان
ٻه نهايت عمده شاعرائون هيون، جن جو ڪافي ڪلام
ڪليات جي صورت ۾ موجود آهي. فرزندن مان سواءِ پنجن
جي باقي سڀ شاعر ۽ اديب ٿي گذريا آهن. اُنهن مان
مرزا نادر بيگ، مرزا همايون بيگ ’فائق‘، اسد علي
بيگ مرزا، افضل بيگ مرزا، اڪمل بيگ مرزا ۽ اجمل
بيگ مرزا صاحب ديوان ۽ صاحب ڪليات هئا. ديوانن کان
علاوه به هنن جو گهڻو متفرقه ڪلام قلمي نسخن جي
صورت ۾ موجود آهي. ان کانسواءِ سندن تصنيف ڪيل
تحقيقي ۽ تخليقي ڪتابنجو تعداد به اٽڪل 120 کان
وڌيڪ آهي. الحمد الله اُنهن سڀني تي تحقيقي ٿي رهي
آهي ۽ انشاء الله آءُ پنهنجي پي ايڇ ڊي ٿيسز (شمس
العلماء مرزا قليچ بيگ ۽ سندس خاندان جون ادبي
خدمتون) ۾، جا ڪراچي يونيورسٽي مان ڪري رهيو آهي،
اُن ۾ مفصل ذڪر ڪندس.
مرزا صاحب جي وفات وقت سواءِ ٽن پٽن جي باقي سڀ
اڃا ٻار هئا. والد محترم جي اُن وقت عمر 15 سال
هئي. ماشاء الله هيتري اولاد جي موجودگي ۾ به مرزا
صاحب مرحوم کي هميشہ پنهنجي ادبي سرمايي جو فڪر
رهندو هو ته کانئن پوءِ اُنهيءَ جو ڪهڙو حال
ٿيندو. اُن جو ذڪر پاڻ سوانحعمريءَ ۾ ڪيو اٿن.
سندن وصيت نامو (جو هر سال نئون لکندا هئا) پڻ هڪ
ادبي سرمايو آهي، جنهن ۾ هر مسئلي کي واضح طور
بيان ڪيو ويو آهي. پنهنجن ڪتابن متعلق لکيو اٿن ته
اُنهن جو وارث اُهو پٽ آهي، جيڪو اُنهن کي
سنڀاليندو. مرحوم نادر بيگ، اختر بيگ ۽ همايون بيگ
وڏا هئا ۽ شادي شده هئا ۽ پنهنجين نوڪرين جي سلسلي
۾ ٻاهر گذارڻو پوندو هون، جنهن ڪري ڪتبخاني جي
نگراني ۽ سنڀال جو ڪم والد محترم مرحوم اسد علي
بيگ مرزا جي حوالي رهيو ۽ هن مرحوم پنهنجو اهو
فريضو آخري وقت تائين احسن طريقي سان بجا آندو ۽
اهوئي سبب آهي جو اِهي بيش بها قلمي نسخا محفوظ
رهيا.
والد صاحب ڪتبخاني لاءِ خاص نئين اوطاق ٺهرائي،
جنهن ۾ علمي ذخيرو ۽ نوادرات حفاظت سان منتقل ڪري
پنهنجي عظيم پيءُ جي ورثي کي زماني جي دستبرد کان
محفوظ رکيو. ڪتابن جي صفائي ۽ اڏوهيءَ کان بچاءَ
لاءَ دوائن وغيره جو جوڳو انتظام ڪيو ويو. قليچ جو
قومي اثاثو هر خاص و عام لاءِ هميشہ کليو رکيائين.
آئون اڃا ننڍو هوس، منهنجو وڏو ڀاءُ مرحوم مختيار
علي هر وقت بابا سان گڏ هوندو هو. ڪتبخاني جي
سنڀال لاءِ والد صاحب اُن کي مڪمل تربيت ڏني هئي.
1957ع ۾ مختيار جي وفات کانپوءِ اُهو اهم ڪم
منهنجي سپرد ڪيو ويو، جو والد صاحب ڪيترائي سال پٽ
جي جدائي ۾ روئندو رهيو، جيڪي شاگرد يا مصنف تحقيق
جي سلسلي ۾ ڪتبخانهء قليچ کي رجوع ڪندا هئا، آءُ
اُنهن جي خدمت چاڪريءَ ۾ موجود رهندو هوس ۽ کين
قلمي نسخا استفادي لاءِ ڪڍي ڏيندو هوس ۽ پوءِ
اُنهن کي حفاظت سان رکندو هوس. ڪيترا محقق ته
ڏينهن جا ڏينهن رهيا پيا هوندا، جن جي پذيرائي ۽
رهڻ جو بندوبست منهنجي ذميداري هوندي هئي. اهڙي
طرح مون کي ڏاڏا جي ڪتابن سان عشق ٿي ويو. ڪيترا
ڪتاب فرصت جي وقت پڙهندو هئس. گهڻن ڪتابن جا
ديباچا لکي هڪ فائيل تيار ڪيو هيم. ڪڏهن ڪڏهن
بابا، رزا عباس علي ۽ مرزا سلطان حيدر سان ويهي
تاريخي ۽ اهم خط پڙهي هڪ جدا فائيل ۾ سنڀالي رکندا
هئاسين. ان طرح ڪيترا ڏاڏا جا سالوار ٺهيل فائيل
نظرن مان گذريا ۽ اُنهن کي نَون فائيلن ۾ ترتيب
سان ٺاهي رکيا هئم. ان کان سواءِ ڏاڏا جي استعمال
واري هر شئي کي سنڀالي ۽ سينگاري رکيم. اِن طرح
اهي نوادرات پوءِ اڪثر ”يومِ قليچ“ جي موقعن تي
مختلف هنڌن تي نمائش طور رکيا ويندا هئا.
ڪتابن جي حالت نهايت بوسيده ٿي چڪي هئي، جن جي
جلدبندي ضروري سمجهيم، ان ڪري بابا جي اجازت سان
اُن ڪم ۾ هٿ وڌم. 69- 1967ع واري عرصي ۾
سنڌيونيورسٽي ۾ ايم اي ۾ داخلا جي دوران استاد
محترم جناب ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب سان مشورو
ڪيم، جنهن يونيورسٽي جي هڪ بهترين ۽ ايماندار جلد
ساز سان تعارف ڪرايو، جنهن کي روزانو سرفراز
ڪالوني کان ڪتبخانهء قليچ وٺي ويندو هئس ۽ پنهنجي
موجودگي ۾ اُن کان قلمي نسخن جي بٽر پيپر پئڪيٽس ۾
جلدبندي ڪرايم. اُن تي ڪافي خرچ آيو، ڪيترائي
مهينا اِهو ڪم هليو ۽ الحمدالله سڀ ڪتاب بهترين
جلدن ۾ مجلد ٿي ويا ۽ خدا جو شڪر آهي ته اُهي اڃا
موجود آهن. پر هاڻي اُنهن کي به وڏو عرصو گذري چڪو
آهي ۽ استعمال سبب يا ڪتابن جي نمائشن ۾ رکڻ سبب
ڏسڻ ۾ آيو آهي ته ڪافي ڪتابن کي ٻيهر جلد بنديءَ
جي ضرورت آهي.
1972ع کان مون کي نوڪريءَ جي سلسلي ۾ ڪراچيءَ ۾
منتقل ٿيڻو پيو، جنهن ڪري ڪتبخاني جي سنڀال برادر
۾ حبيب جي سپرد آهي. تاهم هر وقت ذهن تي هنن قلمي
نسخن جي مستقبل ۾م ستقل حفاظت جو وڏو ٻوجهه محسوس
ٿو ڪريان. زمانو بدلجي چڪو آهي. سياسي حالتون به
هر روز خراب کان خراب تر ٿينديون پيون رهن. گهڻا
ڀيرا خيال آيو آهي ته اِها امانت سنڌ آرڪائيوز يا
سنالاجيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيان. پر جڏهن استخارا
وجهان ته سخت منع اچي. سمجهه ۾ نٿي آيم ته اُن جو
سبب ڇا آهي ۽ قدرت جي مرضي ڇا آهي.
هاڻ پڪو ارادو ڪيو اٿم ته ڪنهن به صورت ۾ اهو علمي
خزانو ڪنهن به سرڪاري يا نيم سرڪاري اداري کي ڏيڻ
کان بهتر آهي ته اُن جي حفاظت پاڻ ڪجي پوءِ جيترو
ٿي سگهي باقي الله تي ننگ آهي، البته جيڪڏهن ڪو
ادارو اُنهن قلمي نسخن کي ڇڀائڻ لاءِ تيار ٿئي ته
اُن کي بنا ڪنهن معاوضي جي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.
نوجوان نسل ته اهڙين سنڀال وارين جوابدارين کي کڻڻ
لاءِ دلچسپي ڪو نه ٿو رکي. ٽن ڀائرن مان برادرم
حبيب ۽ همشيره علمي ۽ ادبي ميدان ۾ خدمتون انجام
ڏيندا رهن ٿا. خدا کين سلامت رکي. کين ڪتبخاني سان
ڪافي دلچسپي آهي، ان جي نگهداري دل و جان سان ڪندا
رهن ٿا.
اڄ قليچ جي ڪتابن جو هڪ هڪ ورق قوم جي توجهه جو
منتظر آهي. الله اسان کي توفيق عطا فرمائي ته قليچ
جي علمي ڪاوشن جو ثمر قوم جي آڏو پيش ڪري سگهون.
(آمين)
”…مرزا صاحب مرحوم مَهد کان وٺي لحد تائين، پنهنجو
نُور نچوئي، اَهلِ سنڌ لاءِ علمي ۽ ادبي خزانو جمع
ڪيو. سندس اها علمي ۽ ادبي خدمت پنهنجي ذاتي مال
منافعي يا ڪنهن طمع يا لالچ جي پٺيان نه هئي.
پنهنجيءَ ڄمار ۾، ڪڏهن به هُن مرحوم پنهنجي علمي ۽
ادبي خدمت جو صلو ڪنهن سنڌيءَ کان طلب نه ڪيو.
اُنهيءَ باري ۾، مرحوم مرزا صاحب جن جو اُهوئي چوڻ
هوندو هو ته ’ماڻهو پنهنجي پئسي پنجڙ، مال دولت،
زر زيور وغيره تي زڪوات ڪڍندا آهن. اسان کي الله
پاڪ جلشانہ علم عطا ڪيو آهي، جنهن جي زڪوات ٿا
ڪڍون‘…“
- مرزا اجمل بيگ. |