سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2003ع (مرزا قليچ بيگ نمبر)

مضمون

صفحو :13

ڊاڪٽر قمر جهان مرزا

شمس العلماء ۽ سائين جي. ايم. سيد

سنڌ جي مشهور معروف دانشور ۽ محب وطن جناب جي ايم سيد جا ادبي، سماجي ۽ سياسي لاڳاپا برصغير جي اڪثر مشاهيرن، عالمن، اديبن ۽ سياسي ڪارڪنن سان هئا، اُنهن منجهان ڪيترن سان ته سندن تمام قريبي ڀائپيءَ جهڙا لاڳاپا هئا. اِها سندن شخصيت جي خوبي ئي هئي جو پاڻ پنهنجن مڙني لاڳاپن کي سنڌ جي قومي مقصدن لاءِ ڪم آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪيائون.

سنڌ منجهان جن شخصيتن سان سيد صاحب جا آڳاٽا ۽ گهرا لاڳاپا هئا، سنڌي ادب جو محسن اعظم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ اُنهن مان نمايان هو. مرزا صاحب جيئن ته شاهه صاحب کان عمر ۾ گهڻو وڏو ۽ هڪ تجربيڪار ۽ صوفي منش عالم هو، اِن ڪري جيڪڏهن ائين چئجي ته مرزا صاحب جي ٻاجهاري شخصيت جو سيد صاحب جي صوفياني شخصيت جوڙڻ ۾ به ڪنهن حد تائين هٿ هو ته اِها ڳالهه غلط ڪانه ليکبي، ڇاڪاڻ ته سائين جي ايم سيد جي ابتدائي تربيت ۽ تعليم واري حوالي سان مرزا صاحب جون ڪيل مشفقانه ڪاوشون روز روشن وانگر چٽيون آهن.

سيد صاحب جا مرزا قليچ بيگ صاحب سان قديم خانداني تعلقات هئا، ڇاڪاڻ ته ”مرزا صاحب جو سيد صاحب جي والد سيد محمد شاهه سان دوستاڻو تعلق هو.“ (1). اُن خانداني لاڳاپي سبب مرزا صاحب تي سيدن سان دوستي واري ننگ کي نباهڻ وارو فرض پڻ هو، جنهن کي هن وضعدار بزرگ بخوبي سرانجام ڏنو. مرزا صاحب سن 1901ع کان 1909ع تائين ڪوٽڙي ڊويزن تي ڊپٽي ڪليڪٽر طور ڪم ڪري رهيو هو، جو 17 جنوري 1904ع تي سيد صاحب جي ولادت ٿي. پاڻ اڃا سورهن مهينن جا مس هئا جو نومبر 1905ع تي سندن والد کي خانداني اختلافن سبب قتل ڪيو ويو. والد جي شهادت کانپوءِ جلد سندن وڏو ڀاءُ به وفات ڪري ويو. اهڙي طرح سيد صاحب ننڍپڻ ۾ ئي وڏڙن جي ٻاجهاري هٿ کان محروم ٿي ويو. هو اڪيلو معصوم ٻارڙو هو ۽ خاندان ۾ ڪو به مرد ملڪيت سنڀالڻ وارو نه هو، مٿان وري دشمني جو سلسلو الڳ. اهڙي نازڪ وقت ۾ سيد صاحب کي ڪنهن سهاير جي سخت گهرج هئي. اُن وقت مرزا صاحب سنڌ جي روايت دوستاڻي ناتي کي نباهيندي، سيد صاحب جي شخصيت ۽ زندگي جي سُڌاري ۾ وڏو مددگار ٿيو. مرزا صاحب ڪوٽڙي ڊويزن جي ڊپٽي ڪليڪٽر هئڻ واري حيثيت ۾ سيد صاحب جي مسئلي ۾ گهري دلچسپي وٺندي سيدن جي خانداني دشمني ختم ڪرائي ڌرين جي وچ ۾ صلح ڪرايو ۽ اُن سان گڏوگڏ 1906ع کان وٺي هن معصوم شهزادي جي ملڪيت جي تحفظ لاءِ اُن کي ’ڪورٽ آف وارڊس‘ ۾ ڏيارڻ ۽ سندس ابتدائي تربيت جو پڻ انتظام ڪرايو.“ (2)

مرزا صاحب مختلف موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ ڪيترائي معلوماتي قسم جا ڪتاب ”ٻارن“ لاءِ پڻ شامل آهن، جن جي جن ۾ ڪيترائي معلوماتي قسم جا ڪتاب ”ٻارن“ لاءِ پڻ شامل آهن، جن جي پڙهڻ سان ٻارن ۽ نوجوانن کي بهتر تعليم ۽ تربيت ملي ٿي. اهڙي ساڳي صورتحال سيد صاحب جي ٻاراڻي سکيا واري حوالي سان پڻ نظر اچي ٿي. جيئن پاڻ لکيو اٿس: ”آءُ جڏهن وڏو ٿي سنڌي پڙهڻ ويٺس ته علمي معلومات ۾ سندس (يعني مرزا صاحب) ڪتابن گهڻي مدد ڏنيم.“ (3). سيد صاحب جيئن ته ننڍپڻ کان ئي جذباتي طبيعت جو مالڪ هو، سندس اُن رجحان کي تبديل ڪري ”مرزا قليچ بيگ جي ناصحانه ۽ فلسفانه ڳالهين طرف مائل ڪيو.“(4)

سيد صاحب ۽ مرزا صاحب جي خانداني لاڳاپن سبب ننڍيءَ عمر ۾ ئي مرزا صاحب جو نالو ننڍي غلام مرتضى جي ڪنن تي پوندو رهندوهو. اُن ڳالهه ننڍي عمر ۾ ئي کيس مرزا صاحب جي شخصيت ڏانهن متوجهه ڪيو، جنهن جو ذڪر ڪندي، پاڻ لکيو اٿن: ”والد جي منشين کان مرزا صاحب جي تعريف ٻڌي هئم، تنهن ڪري 1922ع کان سندس خدمت ۾ وڃي، سندس وسيع معلومات ۽ صوفيانه صحبت مان مستفيض ٿيڻ لڳس.“(5).

سيد صاحب شخصي زندگي ۾ مذهبي معلومات واري حوالي سان هيٺين نڪقطن تي سير حاصل ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ هميشه سرگردان رهندو هو. مثلاً (1) ڪائنات جو پيدا ڪندڙ، پاليندڙ، فنا ڪندڙ خدا سائين ڪٿي آهي ۽ ڪهڙي صورت ۾ آهي؟ (2) ڪائنات جي وجود، روح، ماده وغيره جي معلومات، (3) ساهه وارين شين جي پيدائش جو اصل ڪارڻ، (4) حيات بعد الممات جي حقيقت ۽ نظريو، (5) جبر ۽ قدر جو مسئلو، (6) گناهه ۽ ثواب جو مسئلو، (7) مذهب هڪ هو يا گهڻا هئا، اُنهن جا بنيادي متا ڪهڙا هئا، (8) مذهبن ۾ اجتهاد ۽ تقليد جو مسئلو، (9) حق ۽ ناحق، سچ ۽ ڪوڙ جي پرک، (10). ڪثرت ۽ وحدت جي تشريح ۽ لاڳاپو. سيد صاحب اُنهن ۽ اهڙي قسم جي ٻين سوالن کي حل ڪرڻ لاءِ 1920ع کان وٺي لاڳيتو ڪوشش ڪندو رهيو ۽ مٿي ذڪر ڪيل فلسفيانه مسئلن جي اصليت کي سمجهڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ پئي چاهيو. اِن سلسلي ۾ پاڻ هڪ طرف مختلف مذهبن ۽ فلسفن جو گهرو مطالعو ڪرڻ ضروري سمجهيائين ته ٻئي طرف اُنهن مسئلن جي حل ڳولڻ لاءِ مختلف درويش صفت صوفي عالمن سان ملي، بحث مباحثي ذريعي معلومات وٺڻ مناسب تصور ڪيائين، اِن سلسلي ۾ سيد صاحب جا جفاڪشي ڪئي، اهڙي ڪيل جاکوڙ طرف اشارو ڪندي پاڻ لکيو اٿن: ”اُنهن نتيجن تي پهچڻ لاءِ مون کي ڪيئي در ڏسڻا پيا.“ اِن سلسلي ۾ جيڪي بزرگ سيد صاحب جا مددگار ثابت ٿيا، اُنهن ۾ ستن ٻين بزرگن سان گڏ مرزا قليچ بيگ جو پڻ ذڪر ملي ٿو، اُنهن بزرگن وٽان سيد صاحب کي جا رهنمائي حاصل ٿي، تنهن ڏي اشارو ڪندي پاڻ لکن ٿا: ”اُنهن وٽان گهڻا شڪ دور ٿيا.“ (6). اِن سلسلي ۾ سيد صاحب لکيو آهي: ”مون کي صوفياڻي تعليم ته خانداني طرح ورثي ۾ مليل هئي، پر اُنهيءَ جي صحيح تشريح ڪري مون کي مذهبي تعصب کان ٻاهر ڪڍڻ ۾ جن هستين مدد ڪئي، تن ۾ مرزا صاحب سڀن کان اول هو. سندس صحبت ۽ مجلس خود هڪ بي مثل تعليم هئي.“ (7)

مرزا صاحب جي شفقت ڀريي تعاون جو ذڪر ڪندي سيد صاحب لکي ٿو: ”سندس مهربانين جو عيوض ٻيءَ طرح ته ادا ڪري نٿي سگهيس، ليڪن اُن جي ادنى ادائگيءَ ۾ ڳوٺ جي ٻاهران هڪ دروازو ”باب قليچ“ ٺهرايم. سن شهر کان اسٽيشن تائين رستي تي به سندس نالو رکيم.“ (8).

اِهو اُن وقت جو ذڪر آهي، جڏهن سيد صاحب مانجهند تعلقي لوڪلبورڊ جو پريزيڊنٽ ٿيو هو ۽ تعلقي اندر سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيو هو. اِن سلسلي ۾ روڊ تي نالو رکڻ ۽ ”باب قليچ“ تعمير ڪرڻ جي سلسلي ۾ تعلقي لوڪلبورڊ مانجهند پاران ٺهراءُ پاس ڪرائي مرزا صاحب کي خط رستي اطلاع ڏنو ويو، جنهن ۾ دروازي ٺهي وڃڻ بعد اُن جي کولڻ وقت ٿيندڙ جلسي ۾ شريڪ ٿي افتتاح ڪرڻ جي گذارش ڪئي وئي هئي. اُن جي جواب ۾ مرزا صاحب کيس معذرت ڀريي انادز ۾ لکيو: ”اُنهيءَ حسن ظن ۽ صدق دِل جي ڪري اوهان جو شڪر گذار آهيان. باقي جنهن مجلس ۽ پارٽي جو ذڪر ڪيو اَٿوَ، تنهن ۾ حاضر رهڻ ۾ شرم ٿو اچي… پوءِ ڪنهن ٻئي وقت، جي حياتي ۽ قسمت هوندي، ته اچي اوهان وٽان هڪ ڏينهن اندر گهمي ويندس ۽ پنهنجا اڳوڻا ٿان ۽ مڪان وري ڏسي خوشي حاصل ڪندس.“(9).

مرزا صاحب جي اُن لکت منجهان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته مرزا صاحب سيدن وٽ سن ۾ مختلف وقتن تي ويندو هو ۽ ڪجهه عرصي لاءِ وڃي رهندو هو.

سيد صاحب پاران منظور ڪرايل اِهو ”باب قليچ“ آخرڪار 1927ع جي آخر ۾ تيار ٿيو، جنهن جو افتتاح جنوري 1928ع ۾ ٿيڻو هو. مرزا صاحب کي وري به ساڳي طرح لکيو ويو. اُن سان گڏوگڏ فيبروري جي 7 تاريخ شاهه حيدر جي عرس واري موقعي تي جا تعليمي ڪانفرنس ٿيڻي هئي، اُن ۾ پڻ اچڻ ۽ پيپر پڙهڻ جو کين اطلاع ڏنو ويو ته جواب ۾ مرزا صاحب لکي موڪليو ته ”آءُ اِها کوليان (افتتاح ڪريان) سا ڳالهه صحيح ۽ مناسب نٿي لڳي. باقي ڪيل انجام موجب آءُ اچي اُها ڏسندس.“ (10). مرزا صاحب هر قسم جي سياسي معاملنکان پري رهڻ وارو هڪ سنجيده ۽ پروقار عالم هو. اُن ڪري پاڻ هر اهڙي پروگرام کان پاسو ڪندو هو، جنهن ۾ ڪائي اهڙي ڳالهه ٿيڻ جو امڪان هجي، اُن ڳالهه کان سيد صاحب پڻ بخوبي واقف هو. پر پوءِ به مرزا صاحب سان پنهنجن لاڳاپن ۽ عقيدت سبب، کيس ساڳي عزت ۽ مان مرتبي ڏيڻ جو خواهشمند رهندو هو. اِهوئي سبب آهي جو مرزا صاحب کي فيبروري 1928ع ۾ ٿيندڙ تعليمي ڪافنرنس ۾ اچڻ ۽ پيپر پڙهڻ لاءِ چيو ويو. پر مرزا صاحب مٿي ذڪر ڪيل سببن جي ڪري سيد صاحب کان معذرت ڪئي. اهو جنوري 1928ع جو ذڪر آهي ۽ سڏايل ڪانفرنس فيبروري ۾ ٿيڻي هئي. جيئن ئي اها تاريخ ويجهي آئي تيئن مرزا صاحب ڪانفرنس جي تقرير تيار ڪري ورتي ۽ سيد صاحب کي لکي موڪليو ته ”في الحال اچي نٿو سگهان. طبيعت برابر ناساز آهي. جي حياتي ۽ قسمت آهي ته ڪنهن ٻئي وقت ملبو. باقي جي مسلمان صاحب گڏٿين ۽ ڪانفرنس گڏٿئي، ته جيڪا تقرير مون کي ڪرڻي ٿئي ها، سا لکي هن سان گڏ ٽپال ۾ بوڪ پوسٽ ڪري ٿو موڪليان. اها منهنجي طرفان اوهين پڙهي ٻڌائجو.“(11)

سيد صاحب جيئن جيئن علمي، ادبي ۽ سماجي حوالي سان مختلف عملي ميدانن ۾ اڳتي وڌڻ شروع ڪيو، تيئن وقت بوقت مرزا صاحب سان صلاح مصلحت جي سلسلي ۾ رابطي ۾ رهندو هو. ان زماني ۾ ”دارالمصنفين“ لکنؤ بهترين اشاعتي ادارن ۾ هڪ وڏو نالو هو. سائين جي ايم سيد مطالعي واري شوق ۽ سنڌي ادب جي وڌائڻ لاءِ صلاح مصلحت ڪرڻخاطر کيس لکيو: ”سنڌي ادب جي وڌائڻ لاءِ ڇو نه دارالمصنفين جي طرز تي ڪتابن ٺاهڻ، ترجمي ڪرڻ ۽ ڇپائڻ جو انتظام ڪجي.“ سيد صاحب جي اِن راءِ تي مرزا صاحب کيس مشورو ڏنو ته ”اوهان جي ڪتابن بابت رٿ تمام چڱي آهي، مگر مڪمل طرح اُن جو قائم رهڻ محال ٿو ڏسجي. خدا ڪري ته ڪامياب ۽ فتحياب ٿئي. آءُ اِنهيءَ ڪم ۾ پنهنجي سڀڪا مدد ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.“

ادب جي واڌاري وارو اهڙو ادارو مرزا صاحب جي جيئري ته جُڙي ڪو نه سگهيو، پر پوءِ اڳتي هلي 1940ع ڌاير جڏهن سيد صاحب سنڌجو وزير تعليم ٿيو، تڏهن ”سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جو بنياد وڌائين، جنهن اڳتي هلي 1951ع ۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي صورت اختيار ڪئي.

مرزا صاحب ۽ سيد صاحب جا جيڪي مٿي ذڪر ڪيل تعلقات رهيا ۽ جن سندس شخصيت مٿان اثر ڇڏيا، تنهن جو اعتراف ڪندي پاڻ لکي ٿو، ”کيس پنهنجي ادبي اُستاد ۽ پدرانه شفقت جو صاحب سڏيان ته بجا ٿيندو.“ (12)

 

حوالا

(1)     جي ايم سيد: ”جنب گذاريم جن سين“، حصو پهريون، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، ص 278.

(2)    ايضاً

(3)    ايضاً

(4)    جي ايم سيد: ”پنهنجي ڪهاڻي، پنهنجي زباني“ حصو 1، جي ايم سيد اڪيڊمي، 1998ع، ص 76.

(5)    جي ايم سيد: ”جنب گذاريم جن سين“،ايضاً

(6)    جي ايم سيد: ”پنهنجي ڪهاڻي، پنهنجي زباني“، حصو 2 قلمي.

(7)    جي ايم سيد: ”جنب گذاريم جن سين“،ايضاً، ص 278.

(8)    ايضاً، ص 279.

(9)    جي ايم سيد: ”اڄ پڻ چڪيم چاڪ“، سنڌي اديبن جو ڪوآپريٽو سوسائٽي، 1970ع، ص 12.

(10)         جي ايم سيد: ”پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني“، حصو 1، جي ايم سيد اڪيڊمي، ص 241.

(11) ايضاً

(12)         ايضاً، ص 15.

ڊاڪٽر تهمينه مُفتي

”پائي وائي ۽ پائي وزو“ ۽ ”پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون“

(هڪ اڀياس)

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ هڪ نهايت روشن خيال ليکڪ، جنهن سنڌي ادب کي نوان ادبي لاڙا ۽ رجحان ڏنا ۽ فڪري حوالي سان سنڌ ڌرتيءَ جي بنيادي ۽ اصلي پيغام کي عام ڪيو، اُن جي عظمت جو چٽو دليل سندس ڪيل گوناگون تحقيقي، تخليقي ۽ علمي ڪاوشون آهن، مرزا صاحب کي سندس مثالي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ نه صرف گذريل صديءَ ۾ قابل فخر مڃتا ملي، پر سندس ڪيل خدمتن کي اڄ به نهايت احترام سان ساراهيو وڃي ٿو ۽ کيس سنڌي ادب جي پهرئين وڏي عالم، مدبر ۽ دانشور جي حيثيت ۾ سدائين ياد ڪيو ويندو. مرزا صاحب اٿاهه طبعزاد ۽ تحقيقي مواد سان گڏ ڪيترائي ترجما ڪري سنڌي ٻولي ۽ اُن جي ادب جي دامن کي مالامال ڪيو. هن خاص طرح انگريزي ادب تان ڪيتروئي مواد سنڌيءَ ۾ آندو، جنهن ۾ وليم شيڪسپيئر جو نالو اهم آهي. سندس قصا ۽ ڊراما ترجمو ڪيائين، ۽ ڪيترائي پرڏيهي ناول سنڌيءَ ۾ آندائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com