سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2003ع (مرزا قليچ بيگ نمبر)

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 2003ع (مرزا قليچ بيگ نمبر)

نفيس احمد ناشاد

اسد بيگ مرزا

”قليچ“

علم جو گهر شاهه هو ۽ اُن جو دروازو قليچ،

ڄڻ هو تعميرِ ادب جو سنڌ ۾ رازو قليچ.

خلق جي بي لوث خادم ٿي بڻيو مخدومِ قوم،

ٿيو برابر ائين ٿئڻ، آخر جئن چاهيو قليچ،

تاڃي پيٽو فارسي، عربي ۽ هنديءَ جو ٻڌي،

مُجتمع ڪيو سنڌ جي ٻوليءَ جو شيرازو قليچ.

مستعمل، مضبوط بنيادن تي آڏاڻو اَٽي،

سنڌ جي علم وَ ادب جو هر وڌو پايو قليچ.

آبياري هن ڪري پنهنجي پگهر ۽ خون سان،

ڪيو ادب جي باغ کي شادان ۽ سائو قليچ.

عالمِ هفت زبان هو، پر هو سنڌيءَ تي نثار،

قوم کي سنڌيءَ ۾ ئي پيغام پهچايو قليچ.

نسل گُرجي، نالو تُرڪي، پاڻ سنڌي، خاڪِ سنڌ،

سنڌي سڏجڻ تي سدا ٿَي فخر فرمايو قليچ.

نشر توڙي نظم ۾، هر علم تي جوڙي ڪتاب،

ٿي وڌايو هر طرح سنڌيءَ جو سرمايو قليچ.

نثر توڙي نظم ۾، هر علم تي جوڙي ڪتاب،

ٿي وڌايو هر طرح سنڌيءَ جو سرمايو قليچ.

شعر ٿيو بانگِ درا، اُن جو ڪِ آوازِ جرس،

قوم کي ڌانُوڙي ننڊ مان نيٺ جاڳايو قليچ.

ٿيو عطا هو کيس بيشڪ شمس العلماء جو خطاب،

خادم العلماء ٿي ليڪن پاڻ کي ڄاتو قليچ.

عابد و زاهد ۽ مومن، پارسا، پرهيزگار،

فرقي بازيءَ ۽ تعصب کان ڪيو پاسو قليچ.

نيڪ نيت، نيڪ دل، خوش خُلق، خوش خُو، خوش مزاج،

طرز شاهاڻو، طبيعت جو مگر سادو قليچ.

ٿي مرڻ کانپوءِ به اُن کي سنڌ جي مٽي نصيب،

جنهن کي خاڪ پاڪ ۽ اڪثير ٿي ڄاتو قليچ.

قدرداني آهي واجب، سنڌ وارن تي سندس،

تن وساريو آهي اُن کي، جن کي وَرسايو قليچ.

پکڙندي سنڌي زبان، دنيا جي هر ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾،

ڇا لڳايو وسعتِ سنڌيءَ جو اندازو قليچ.

اي ”اسد“ شل روح اُن جي تي رهي رحمت مُدام،

منهنجو آقا، منهنجو مرشد، منهنجو رهبر ٿيو قليچ.

ڊاڪٽر حبيب الله صديقي

قليچ جي ياد ۾

سنڌي ادب جي بيشڪ سَرسِي ملهائجي،

مرزا قليچ بيگ جي وَرِسي ملهائجي.

لائيٽ ڪانه ڪا هُئي، هڪ لالٽين هو،

سو تيلُ گاسليٽ ۽، ڪَرسِي ملهائجي.

 

جنهن خود ٻَرِي، هِي ٻارِي، تنهن کي سلام آ،

فرشِي سلام بيجا، ادبِي ملهائجي.

 

محنت ڪشي ڪئي جنهن، تنهن پيار ڀي ڪيو،

فرهاد سنڌ جي سدا، ورسي ملهائجي.

 

ڪَرسِي ڪڏهن نه مَرسِي، محنت حيات آ،

مرزا حيات آهي، ورسِي ملهائجي.

 

مايوس سنڌ وارن، هُن کي به هوڪيو،

ڀرجي شڪايتن سان، ورسي ملهائجي

 

رسمي خراج آهي ڪل سال چوهتر،

ورسي خلوص خاطر، تَرسِي ملهائجي.

 

هر هڪ ڪتاب شايع ۽ رونما ٿئي،

هر هڪ ڪتاب جي الڳ ورسِي ملهائجي.

 

ٻيو ڪو قليچ هاڻي پيدا ٿئي اگر،

مرزا جي مَٽ نه ڪوئي، جيسِي ملهائجي.

 

هر سال ياد ايندو مرزا قليچ بيگ،

نقشِ قدم سلامت، ورسي ملهائجي.

 

سو دؤر سادگيءَ جو، گذري ويو ”حبيب“،

پئسي جو دؤر آهي، ڀَرجِي ملهائجي.


        




 

 

جي. ايم. سيد                                   (هڪ يادگار تقرير)

”محسنِ سنڌ“ – مرزا قليچ بيگ

[نوٽ : سنڌ جي هاڪاري محب وطن ۽ سنڌي ادب جي مثالي هڏ ڏوکي سائين جي. ايم. سيد مرزا قليچ بيگ جي علمي خدمتن جي اعتراف ۾ سندس ياد قائم رکڻ لاءِ پنهنجي ڳوٺ سن جي ٻاهران جنوري 1928ع ۾ ”باب قليچ“ تعمير ڪرائي، اُن جو افتتاح مرزا صاحب کان ئي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌ جي هن سپوت ڪسر نفسيءَ کان ڪم وٺي اُن تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ نه چاهيو، انڪري حڪيم فتح محمد سيوهاڻي صاحب کان اُن دروازي جو افتتاح ڪرايو ويو. اُن موقعي تي سائين جي. ايم. سيد صاحب، ”باب قليچ“ قائم ڪرڻ جي مقصد بيان ڪرڻ لاءِ جلسي ۾ جيڪا تقرير ڪئي، اُها مهراڻ جي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿي. اها يادگار تقرير پهريون ڀيرو هِت شايع ٿي رهي آهي، جنهن لاءِ اسان محترم آزاد قاضيءَ جا ٿورائتا آهيون، جنهن خاندان وٽان اهو قلمي نوشتو هٿ ڪيو.]

جناب من!                   

السلام عليڪم:

صاحبا:- اوهان سڀني کي، جي هن مبارڪ موقعي تي اچي گڏ ٿيا آهيو، آءُ دل جي گهراين سان مرحبا چوان ٿو، جو اوهان مهرباني ڪري هن موقعي تي رونق افروز ڪيو آهي. هتي آءُ پهريائين اوهان جي اڳيان ”سن“ شهر جو ڪجهه احوال پيش ڪندس.

هي شهر ڏهين صدي هجريءَ ڌاري چڱو مشهور رهيو، جو ڄام خيرالدين، سلطان فيروزشاهه جي سنڌ مان دهليءَ موٽي وڃڻ تي هن شهر تائين پويان ويو هو. هن شهر جي وجهه تسميه جي پوري پڪ نه آهي، ليڪن گمان آهي ته ڏهين صديءَ جي ابتدا ۾ ٻڌو ويو آهي. يا ته جيئن قديم تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته سيوهڻ جي اوريان ٿوري مفاصلي تي هڪ شهر سيسم هو، جنهن ۾ محمد بن قاسم اچي قيام ڪيو هو. پوءِ شايد اُهو نالو بدلجي ”سن“ ٿي پيو هجي. سيوهڻ جي اوريان ڪو قديم ٻيو شهر ڪو نه آهي، نڪو اهڙو ڪو وڏو ڦٽل شهر ڏسجي ٿو، ۽ سَن جي آسپاس پراڻن نشانن وغيره مان معلوم ٿئي ٿو ته قديم وقت ۾ هي شهر وڏو هو. هڪ جهوني نوشتي مان، جنهن ۾ اسان جي خاندان جي بودوباش جي متعلق ذڪر لکيل آهي، تنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته ڄام نظام الدين جي عهد ۾ مٽيارين مان اسان جا ڪي سيد، قبيلو وٺي ٺٽي جي شهر ۾ ويا. اُن وقت چانگ قوم بلوو ڪري ڪوٽڙيءَ کان وٺي لڪيءَ تائين قبضو ڪري ويا هئا. دُولهه دريا خان سان ڄام صاحب مٿي ذڪر ڪيل سيدن کي گڏي موڪليو، جو اُن سان ئي گهڻي واقفيت هين. اُن بلوي کي اچي شاهن روڪيو، پوءِ هيءَ جاءِ چڱي سڪونت واري ڏسي رهي پيا، جو هي شهر گهڻي وقت کان وٺي آسپاس ۾ شهرت جي جاءِ ۽ درياهه جي ڪناري تي ٻين ملڪن سان واپار جو هنڌ هو.

سن، سنڌ ۾ چوٿون نمبر درياهي بندر ليکجي ٿو. هن کي واپار جون سهوليتون چڱيون آهن، ليڪن ريلوي طرف رستي ۾ واريءَ جي ڪثرت هئڻ سبب سڀ سلسلا بند هئا. ان ڳالهه جي سخت ضرورت هئي ته هڪ سٺو پڪو رستو هجي. پهرين ڪلر وغيره وجهائڻ جو خيال هو، ليڪن واريءَ جي ڪثرت سبب ٻيو ذريعو ڪو نه هو جو ميٽلڊ ٿيڻ کانسواءِ ڪم ڏئي سگهي ها. اسان تعلقي لوڪلبورڊ جي ميمبر صاحبن جا شڪر گذار آهيون، جن اسان جي همت افزائي ڪري، هن ڪم ۾ پورائي ڪئي آهي. اهڙي طرح ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جا به احسانمند آهيون، جنهن اسان کي مالي مدد پئي پهچائي آهي. هن وقت هي رستو اٽڪل 13235 رپيا کائي تيار ٿيو آهي. هن رستي جو پهريان مقاطعو مرحوم ميان محمد هاشم کي هو، جيڪو هڪ تمام آزمودگار ماڻهو هو. اهو مقاطعو کڻڻ بعد جلد ئي فوت ٿي ويو، پوءِ سندس پٽ ميان محمد وريل جي نالي ٿيو. هو نوڪريءَ وارو ماڻهو هو، پاڻ نظرداري ڪري نه سگهيو، تنهنڪري ڪم ۾ نقصان ٿي ويس ۽ ڪم جي سرانجاميءَ ۾ دير به ٿي ويئي، پر تنهن هوندي به مٿئين مقاطعدار دل ڪشادگيءَ سان هيءَ ڪمان [باب قليچ] مفت ٺهرائي ڏني. جڏهن ڪم ۾ نقصان پيس ته اسان جي تعلقي لوڪلبورڊ سندس لاءِ گهڻي سفارش ڪئي، ليڪن ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ وارن منظور نه ڪئي. سندس پويون مقاطعدار محمد ابراهيم آهي، جنهن جي هٿ ۾ رستو ميٽلڊ ٿيو آهي. هن اسان جي نظر هيٺ ايمانداريءَ سان هتي الوسع پورو ڪم ڏنو آهي ۽ مسٽر گاگنداس ڊويزنل اوورسيئر ڪوٽڙي به گهڻي سر جوشيءَ سان بهرو ورتو آهي. هن رستي تي نالو ”قليچ روڊ“ تعلقي لوڪلبورڊ منظور ڪيو آهي.

صاحبا! هتي سنڌ ۾ سواءِ ڪن وڏن شهرن جي، موجوده حالت ۾ اِهو عام دستور ٿي ويو آهي ته چاپلوسي ۽ خوشامد تي نالا رکيا ويندا آهن يا پوليٽيڪل ماڻهن جا نالا رکيا ويندا آهن، پر اسان جي ميمبر صاحبن، جن ۾ اعلى خيالن وارا ماڻهو آهن، ان ڳالهه کي محسوس ڪري رستي تي هڪ اهڙو نالو رکيو آهي، جيڪو هر طرح سان هر دلعزيز آهي. قوم جي ترقيءَ لاءِ جدوجهد ڪندڙ مختلف قسمن جا صاحب نظر ايندا، جهڙوڪ اِهل سياست، اهل علم، مصنف، تاجر، ڪاسبي، بلڪ هرهڪ پنهنجي وسعت آهر ڪم ڪندڙ آهي، ڪنهن جي ڪوشش کي وساري صرف هڪ خاص طرف جو خيال وٺڻ بعد انصاف آهي. اهل علم وارن جي اڄ ڪلهه سنڌ ۾ تمام گهڻي قلت آهي. هن وقت سنڌ جي نونهالن کي پرڏيهي ڳالهين ۽ اعلى خيالن سان لبريز ڪرڻ لاءِ اهو ضروري نظر پيو اچي ته سنڌي ادب کي اعلى معيار تي پهچائجي. هن وقت سنڌي تصنيفن جي تمام گهڻي قلت آهي. فقط ڪي چند مصنف صاحب نظر ايندا، جن کي ان طرف توجهه آهي ۽ اُهي سمجهي سوچي تصنيفون ڪن ٿا، جيئن ته شمس العلماء مرزا قليچ بيگ صاحب، مولوي فتح محمد سيوهاڻي صاحب، مسٽر ڄيٺمل پرسرام صاحب، مسٽر گربخشاڻي صاحب وغيره. ليڪن پنهنجي ڪثير مشغولين هوندي به سنڌي ٻولي جي واڌاري لاءِ وقت ڪڍڻ سبب مرزا صاحب سنڌي ادب کي گهڻو ذخيرو پهچائي سگهيو آهي. سنڌ جي ادب ۾ صفا ڪجهه نه هو ۽ وڏي ضرورت هئي ته ٻين سڌريل قومن جي لٽريچر مان ڪجهه ذخيرو فراهم ڪجي، جو تصنيف ڪرڻ ۾ گهڻو وقت گهرجي ٿو ۽ ترجمي ۾ وقت ٿورو لڳي ٿو اهو به هڪ عجيب ۽ ضروري ڪم مرزا صاحب پورو ڪيو آهي. ٻين صاحبن اڪثر پنهنجو گهڻو سارو توجهه تصنيفن تي پئي ڏنو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com