حميد سنڌي
هيءُ زهر ڪير ته پيئندو؟
استاد شفيع محمد جي جيئن 1936ع جي پراڻي گهڙيال تي نظر پيئي ته
هو اهڙي ئي پراڻي ڪرسيءَ تان ٽپ ڏيئي اُٿيو. هو
ٽنگڻيءَ ڏانهن وڌيو مس ته گهڙيال به ٺڪاءَ هنيا.
هن جيئن تڪڙ ۾ صدري ۽ ڌوتل پوتل اڇو وڳو ٽنگڻيءَ
تان ڇڪي لاٿو ته ٽنگڻي سوڌو وڳو ۽ صدري هٿ ۾ هيس.
هن وڳو کٽ تي رکيو ۽ ٽنگڻي ڀت تي ڦهڪائي، ڪوڪا
ساڳين سوراخن ۾ اٽڪائي هٿ سان کڻي ٺوڪيا. ٽنگڻي
اُهائي ٽنگجي بيهي رهي. هن کي ان جو فڪر نه هو، جو
ائين روز ٿيندو هو. هن وڳي ۽ صدري کي ڇنڊڪو ڏنو ۽
پوءِ وڳو پائي مٿان اڇي صدري اوڍي ڪٻٽ ڏانهن وڌيو،
جنهن جا طاق به اُلڙيا پيا ها. هٿ وڌائي ترڪي ٽوپي
ڪڍي پوءِ هڪ برش ڪڍيو جنهن سان ترڪي ٽوپي کي صاف
ڪيو. برش رکي ڪٻٽ جي هڪ طاق تي لڳل آئيني ۾ ڏٺو.
تُرڪي ٽوپي مٿي تي بيهاري ان کي جائيتو ڪيو ۽ پوءِ
وري ڪنڊ کان رکيل مُٺئي وارو لڪڻ کنيون تکو وريو.
هاڻ هو آڳر ۾ هو جت سندس هڪ نياڻي ٿانو پئي ڌوتا.
ٻي نياڻي اڱڻ ۾ ٺهيل ڇپر واري بورچيخاني ۾ ماني
پئي پچائي. ٽين نياڻيءَ ٻهاري پئي ڏني. هو جيئن
ٻاهرئين دروازي وٽ پهتو ته ڇوڪري ڊوڙندي آيس.
”بابا بابا، اِهو ڇا، هاڻ ته اسڪول ٽائيم تي پهچڻو به ڪونهيو،
پوءِ اِها تڪڙ ڇا جي؟“
هو ڇرڪجي بيهي رهيو. پوءِ هوءَ کيس ٻانهن کان ڇڪي ڇپري ۾ وٺي
آئي. هڪ منجي تي کيس ويهاري ٻي منجي ريڙهي پاڻ
ويٺي ۽ مکيل ڊڳڙي دٻڪي ۾ وجهي آڏو رکيائينس. هن
ڪاڙهيل چانهه، کومچي سان ننڍڙي ديڳڙي مان ڪڍي سندس
آڏو رکيل ڪوپ ۾ وڌي. هو چپ چاپ ڊڳڙي ڀور ڀور ڪري
وات ۾ وجهندو ويو ۽ مٿان مٺي چانهه جا ڍڪ ڀريندو
رهيو. هن ڪوپ کي ڏٺو، سڄو ڏريل هو. هن رنڌڻي ۾
نهاريو، ڀڳل سڳل ٿانو. اڱڻ تي نظر وڌائين، ڀور ٿيل
سرون، کڏا ۽ کوٻا، ڀتيون ڀُريل ۽ ڏارون ٿيل سرون.
هو نهاريندو رهيو ۽ چپ چاپ کائيندو به رهيو. بي
خيالي ۾ دٻڪي ۾ هٿ هنيائين، دٻڪي خالي ٿي وئي هئي.
هو آهستي آهستي اُٿيو. ٻاهرئين در ڏانهن وڌيو،
پوءِ مُڙي ڌيءَ کان پڇيائين، ”عمران اُٿيو آ؟“
”بابا توهان به ڪمال ڪيو ٿا. هو هاڻ اُٿندو!“
هن ڪنڌ لوڏيو ۽ پوءِ ٻاهر لاءِ اُٿيو ئي ته سندس نياڻي ويجهو
آيس. ”بابا، سيڌو کپي ويو آ، هاڻي عثمان بقالي به
اوڌر تي سامان نٿو ڏئي. اچو ته ڪجهه سامان وٺيو
اچجو.“
پڻس ڪنڌ لوڏيو.
”ٻيو بابا شاهينا ۽ رضيه جا ڪپڙا به ڦاٽي پيا آهن. سندن گَنديون
ڏسو ٿا ـــ ڪي ٻه وڳا ته وٺي ڏيون.“ استاد پنهنجي
وڏي نياڻي شانان ڏي ڏٺو ته سندس گَندي به ڦاٽل هئي
۽ سندس وڳي ۾ به حال ڪونه هو. هو وڌيڪ نه ڪڇيو،
وري به ڪنڌ لوڏيو ۽ سندس ٽوپي جو ڦندڻ ڦري آيو.
پوءِ هو در پٽي ٽپڙي پري ڪري ٻاهر نڪتو. سامهون ئي
غفور بيٺو هو. غفور رازڪو ڪم ڪندو هو ۽ استاد شفيع
محمد جا پاڙيسري به هو ته يار به. غفور وڌي اچي هٿ
ڏنس.
”استاد، هيڏانهن ته ڏس، سڄي جاءِ ڏري پئي اٿئي. ڪنهن به مهل هلي
ويندءِ. سؤ دفعا چيو اٿمانءِ ته ڪجهه ته مرمت
ڪراءِ نه ته وڏو نقصان ٿيندءِ. اڙي يار، مان ڪو
توکان پيسا وٺندس، رڳو سرون ۽ مزور کپن، گاري سان
ئي بيهاري ڏيندو سانءِ.“
استاد شفيع محمد ڪا گهڙي ٻڌندو رهيو، پوءِ آهستي آهستي کُلندو
ويو. ”يار، توکان حال ته ڳجهو ڪونهي، ڇهون مهينو
ٿيو آهي رٽائر ٿئي. هونئن به پرائمري ماستر يا هيڊ
ماستر جي پگهار گهڻي. هاڻ ته پگهار به بند ته
پينشن به بند. روز وڃان ٿو اسڪول، من پينشن جا
ڪاغذ ٺهي آيا. هجن ۽ منظوري ملي هجي. ٽي نياڻيون
گهر ويٺيون آهن. ڇوري عامر جي خبر اٿئي، نه پڙهيو
نه ڳڙهيو. ڪيڏو سوچيو هيم ته پڙهي ڳڙهي آفيسر
ٿيندو پر کيس لوفرپائي کان ئي فرصت ناهي. توکي به
چيم ته ڀلا ڪو ڪم سيکارينس. توته ها ڪئي پر ڇورو
به بيهي. گهر ڪِري، يا مان ڪِران، ڪو فرق نه پوندو
غفور سائين! دعا ڪر، اڄ وڃان ٿو من ڪو پينشن جو
منهن سر نڪتو هجي.“
اُستي غفور اوچتو سندس سورن کي روڪيو، ۽ هو سُري وٽس آيو.
”ٻي ڳالهه ٻڌ. ٻڌو اٿم ته پٽهين هيروئن وڪڻي به ٿو ۽ پيئي به
ٿو. ڪا خبر اٿئي؟“
استاد شفيع جي ترڪي ٽوپيءَ جو ڦندڻ ڦرڻ لڳو.
”نه يار، مون ته نه ٻڌو آ، نه کيس نشي جي حالت ۾ ڏٺو آ. لوفرڙو
ضرور آهي، سندس ناني کيس کاري ٻُهر ڪري ڇڏيو. گهڻو
تڻو وٽس رهي، ۽ ڏوڪڙ به اُنهيءَ کان ڦُري. اهڙي
ڳالهه نه آهي پاڙي ۾ ته تون به ڏسين ٿو.“
”نه يار، هن پاڙي ۾ نٿو ڪري. ناناڻي ويندو آهي نه، اُنهي پاڙي ۽
اوسي پاسي هٿڙي به هڻندو آهي.“
”ماري وجهانس، موٽي اچان ته وٺ پڪڙ ته ضرور ڪندوسانس، شام جو گڏ
آهيون.“
هن ڳالهه کي لنوايو ۽ تڪڙو ٿيو. پر سندس دماغ صفا ڦري ويو هو.
هن جو ڪنڌ جيڪو اڳ ٿورو ڏڪندو هو هاڻ وڌيڪ ڏڪڻ
لڳو. ٽوپيءَ جو گل لڏڻ لڳو. هو سوچ ۾ هو کيس شڪ
پوڻ لڳا. ڪيترن ڏينهن کان هن ڏٺو پئي ته پٽس جو
رنگ مَٽيل هو. ڀلا وڳا، نوان بوٽ، گل ڪڍيل وار،
ٻانهن ۾ نئين گهڙي. هن سمجهيو ته نانيءَ کي ڀائرن
وٽان ٻني ٻاري جا ڪي نوان ڏوڪڙ اچي ويا هوندا، پئي
ڏوهٽي تي لُٽائي. هاڻ هو ڪجهه سمجهي پيو ته آخر
ناني ڪيترو ڏيندس. کيس پٽهنس جي يتيم ٻارن کي به
پالڻو آهي. سند زال بيمار ٿي ته سسڻس دوا درمل ۾
مدد ڪيس. گذاري وئي ته جماڻا، چاليها ۽ ختما پئي
ڪيائين. وٽس ڪو خزانو ته ڪونه هو. هئس ٻنيءَ ۾
ڀائرن سان اَباڻو حصو، ڪڏهن وڌ ڪڏهن گهٽ، پهچائي
ويندا هُيس. هو اهڙن خيالن ۾ هو جو واٽ ويندي
ماڻهن سلام پئي ڪيس ته ڪنهن کي وعليڪم سلام ٿي
چيائين ته ڪنهن آڏو ڪنڌ لوڏي اشارو پئي ڪيائين ته
ڪنهن کي ٺپ جواب. اوچتو ڪنهن وڏي واڪي سڏ ڪيس.
”او استاد سائين، بادشاهي برقرار، بابل سائين.“
هن ڪنڌ ورائي ڏٺو. مولي ڏنو موالي، اوتاري کان هيٺ ٿيو بيٺو هو.
”ڇو ڀلا ڪهڙي خيال ۾ آهيو استاد. اڄ سائين آمن شاهه جو سلام به
نه ڀريوَ، دعا به نه گهريوَ خير ته آهي؟“
هن يڪدم کڻي هٿ اُڀا ڪيا ۽ ڀڻ ڀڻ ڪري کڻي منهن تي هٿ گهمايا.
”موليڏنا، تڪڙو آهيان ان ڪري نه ٿي بيٺس.“
”پر سائين ڪيترا ڏينهن ٿي ويا آهن، نذر نياز به بس! ان کان ته
عرمان ڀلو چئبو جو هاڻ روز اچي ۽ درگاهه وسائي ڇڏي
اٿائين.“
استاد شفيع محمد، موالي موليڏني کي جيڪو درگاهه آمن شاهه جو
ٻهاريندار به هو، گهوري ڏٺو.
شڪ جا دروازا وري کُلي پيا. هو آهستي آهستي چُريو پر موليڏنو ڪڍ
آيس.
”بابل سائين، عمران کي ته موڪلجو، چئجوس ته سندس يار انتظار ۾
ويٺا آهن.“
پوءِ پيلا ڏند ڪڍي کلڻ لڳو. استاد پٺ ورائي ڏٺو.چار پنج ڇوڪرا
اوتاري جي پاسي کان بيٺل نم جي وڻ هيٺان موالين
وانگر ڪنڌ لاڙيو پيا هيا..
هن هاڻ وک تکي ڪئي. موليڏني جا پيلا ڏند ۽ کلڻ وارو نمونو کيس
نه وڻيو. هاڻ سندس من ۾ شڪ جو پوکيل ٻوٽو وڌي وڻ
ٿي ويو.
هو جيئن بزار مان لنگهيو ته ڪيترن ماڻهن يا دڪاندارن اُٿي بهي
کيس سلام ڪيو ۽ کيڪاريو. استاد شفيع محمد پراڻو
استاد هو، سڄي شهر کي پڙهايو هئائين. سندس عزت هئي
پر الائجي ڇو اڄ جنهن به کيڪارس پئي يا سلام ڪيس
پئي، هن کي ائين پئي لڳو ته هو هاڻ اهو سڀ ڪجهه
رسمي طور تي پيا ڪن۽ کين سندس پٽ جي افعالن جي خبر
پئجي ويئي آهي. هو چُپ چاپ لڪڻ ٽيڪيندو وڌندو
رهيو. ڪنهن کي مرڪي کيڪر جو جواب ٿي ڏنائين يا هٿ
ٿي ٻڌائين پر سندس دماغ جاءِ تي نه هو. هر هر کيس
من اِهوئي پئي چيو ته اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته هڪ
استاد جو پٽ هيروئنچي ٿئي ۽ هيروئن وڪڻي. ائين
ڪيئن ٿي سگهي ٿو. اوچتو هڪ همراهه دوڪان مان ٽپ
ڏيئي اڳيان اچي بيٺس. هن سڃاتو عثمان بقالي هو.
هُو عثمان جي دوڪان تان سيڌو سامان کنڌي تي کڻندو
هو. کيس ياد آيو ته اڄ سيڌي لاءِ ڌيڻس به کيس چيو
هو ۽ کيس اها به خبر هئي ته عثمان جي اوڌر چڱي
خاصي ٿي هوندي. هو هاڻ ڪڏهن ڪڏهن شاهي بزار واري
گهٽي لنوائي ويندو هو، پر اڄ بيخيالي ۾ پراڻي پنڌ
پيو هو. هن کي خيال آيو ته هن کي سيڌي ڏيڻ لاءِ
چوي پر عثمان هٿ ڏيندي ئي شروع ٿي ويو.
”استاد سائين، ناراض نه ٿجو، پر هاڻ ڳالهه چڙهي ويئي آهي. ڇهن
مهينن کان کنڌي ۾ اوهان رپيو به جمع نه ڪرايو آهي.
اوڌر هزارن ۾ اچي پهتي آهي. مان وڏو واپاري ته نه
آهيان. اڳ به چيو هيم پر هاڻ ته دوڪان هلائڻ مشڪل
ٿي پيو آهي. اوڌر وارا مهيني سوا اندر پيسا ڏئي
ويندا آهن پر اوهان جو حساب ڳرو ٿي ويو آهي.“ هو
اڃا ڪجهه ڪڇي ته ڀر واري ڪپڙي جي دوڪان مان سيٺ
هريرام لهي آيو.
”استاد اسين به اُميدوار آهيون. اڳين ٻن عيدن جي اوڌر کاتي جي
ٽنگ کنيو بيٺي آهي.“ سوڙهي بزار ۾ ٽي چار مانهو
بيٺا هئا ته ٻيا به بيهي رهيا. هن هيڏانهن هوڏانهن
لوڻو هنيو. پاسي وارن دوڪانن جا مالڪ هن ڏانهن
گهوري ڏسي رهيا هئا. استاد کي محسوس ٿيو ته سڄي
بزار کيس چٿر وارين نظرن سان گهوري رهي آهي. هن
آهستي هٿ سان سندن گفتگو کي روڪيو. خشڪ ٿيل نڙي کي
کنگهي آلو ڪيو. هن ڪوشش پئي ڪئي ته کين هلڪي لهجي
۾ سمجهائي، پر سندس آواز ڏاڍيان ٿيندو ويو ۽ ان ۾
شايد صبح کان ٿيل وارتا جي ڪوڙاڻ به شامل هئي.
”بابا مري ته ڪونه ويو آهيان، اڃا جيئرو آهيان. رٽائر ٿيو آهيان
پر سُڃو ڪونه ٿيو آهيان. توهان جي اوڌر ڪڏهن رهي
آهي جو وچ بازار ۾ کڻي جهليو اٿوَ. دير سوير پئي
ٿيندي آهي. پر ڪو مرم پويو ٿو. ماڻهو ئي نٿا ڏسو.
وڻيوَ ته وچ بازار ۾ هڻي ڪنهن شريف ماڻهوءَ کي
پٽڪي لاهي ڇڏيو. وڻيوَ ته لفظن جا تير تفنگ هڻو،
وڻيوَ ته ماڻهوءَ کي اگهاڙو ڪري ڇڏيو، وڻيوَ
ته...“ استاد شفيع محمد جو آواز ويو بلند ٿيندو.
اهڙو بگڙيو جو وٺ نه ڏئي. ٻنهي دڪاندارن کڻي ماٺ
ڪئي. هڪ ٻه ٻيا دوڪاندار، جن جي هلڪي سلڪي اوڌر
رهيل هئي، جن پريان بيٺي تماشو ڏٺو. ٽپ ڏئي واپس
دوڪانن ۾ گهڙي ويا. استاد شفيع محمد بڙبڙ ڪندو لڪڻ
ٽيڪندو، بازار ٽپي اچي پرائمري اسڪول جي ميدان ۾
گهڙيو. پرائمري اسڪول جي پراڻي جهريل عمارت سندس
سامهون هئي. جيئن هو جوش ۾ ورانڊي ڏانهن وڌيو ته
سندس نگاهه ٻن ٽن ماسترن تي پيئي، جيڪي اسڪول جي
ورانڊي هيٺان بيهي ڪچهري ڪري رهيا هئا. سندن هٿن ۾
سگريٽ هئا ۽ دونهان ڪڍي رهيا هئا. هڪ ٻن جو کيس
ايندي ڏٺو ته سگريٽ وسائڻ ۽ لڪائڻ جي ڪئي. يڪدم هڪ
همراهه روڪين.
”اڙي سگريٽ ڪي مفت جا آهن ڇا جو زيان ٿا ڪريو. استاد ڪو هاڻي
اسان جو هيڊ ماستر ٿوروئي رهيو آهي. روز اچيو اسان
تي رعب ٿو رکي. ڀلي اچڻ ڏيسو، سگريٽ ڦٽو نه ڪجو.“
استاد سَهڪندو سندن ڀرسان پهتو. کيس ڪلاس ڇڏي ٻاهر سگريٽ پيئندي
ڏٺائين ته بنهه بِرُ ٿي ويو. اڳيئي ڇتو ڪيل هاڻي
ته گڦ پئي وهيس. ”اڙي استاد ٿيا آهيو! شرم نه ٿو
اچيو؟ هڪ ته ڪلاس نه وٺو، ٻيو ٻاهر بيهي ٻيڙيون ٿا
پيو. ڇورا ڇا سکندا. ڪاٿي آ توهان جو هيڊ ماستر
غلام علي، ڇهه مهينا ٿيا اٿس پر اسڪول جو منهن
ڪارو ڪري ڇڏيو اٿائين. جي مان روز خبر نه لهان ته
ڀينگ ٿي وڃي.“
اوچتو سندس نظر اسڪول جي عمارت جي پڇاڙي تي پيئي، جتي ڀت جي اوٽ
۾ تي چار ننڍا وڏا ڇورا ويٺا دونهان ڪڍي رهيا هئا.
ڪي ليٽيا پيا هئا. الائي خالي سگريٽ يا نشي جا
سگريٽ پئي پيتائون.
”اڙي هو ڏسو، منهن ڪارو پيو ٿيوَ. هاڻي ته نشو به هلي ٿو. لخ جي
لعنت هجيوَ.“
هو کين گاريون ڪڍندو سهڪندو هيڊ ماستر غلام علي جي آفيس ۾ در کي
سٽاڪ ڪري کوليندي اندر گهڙيو. غلام علي به پن جي
ٻيڙي وات ۾ جهليو، دونهان ڪڍندي سوچ ۾ ٻڏو پيو هو.
اوچتو جو در ٽڪاءُ ڏنو ته هن ڇرڪ ڀريو ۽ ٽپ ڏيئي
اُٿي بيهي رهيو. ’ڪٿي ڪو اسڪول جو صاحب ته نه آيو
آهي،‘ پر استاد شفيع محمد کي ڏٺائين ته پيٽ ۾ ساهه
پيس.
’سائين اڄ ته ساهه ڪڍيو هُيوَ.“ هن کي ڪاوڙ ۾ بڙبڙ ڪندي ڏٺائين
ته غلام علي چوڻ لڳو، ”سائين مان ڇا ڪيان. توهان
جي پينشن لاءِ ايس ڊي او جي آفيس به ويو هوس.
توهان به ته ٻه ٽي دفعا ويا آهيو. هاڻ هو ڪاغذ نٿا
ڪڍن ته مان ڇا ڪيان. توهان به دنياداري ڪيو نٿا.
ڪجهه ڏوڪر اڳواٽ گهرن ٿا. اوهان به ٽڪو پيسو ڏيو
نه ته ڪاڳر ڪيئن ٺهندا؟“
هو اڃا وڌيڪ ڳالهائي ته هن ڏٺو ته اُهي چارئي اُستاد سامهون
بيٺا هئس ۽ انهن جو منهن ڦريو پيو هو. هن سمجهيو
ته ڳالهه مڙئي ڪا ٻي آهي. استاد شفيع محمد ٺنڀ
هنيو بيٺو هو. هو جيسين ڳالهائي هڪدم هڪ استاد وڏي
واڪي ڳالهايو:
”سائين جي پينشن ٺهي يا نه، اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو روز
اچيو بيعزتو ڪيو وڃي. ڪڏهن ڪنهن استاد کي بڇڙو ڪيو
وڃي ته ڪڏهن ڪنهن کي. اڄ به اسان چئن کي بُجا ۽
گاريون ڏيئي هيڏي آيو آ. اها جي صورتحال آهي ته
اسان ڪم ڪونه ڪنداسين. اڳ ته پاڻ هيڊماستر هو ته
اسان سَٺو پئي. هاڻ ڪو اسان جو صاحب آهي جو پيو
بڇڙو ڪري.“
غلام علي هيڊ ماستر يڪدم ڀڻڪيو.
”سائين ائين ته نه ڪيو.“
”ائين نه ڪيان؟ ماستر ورانڊي آڏو بيهي شاگردن جي سامهون سگريٽ
پين، ڪلاس ڇڏيو اچن. کين ڪجهه نه چئجي. کين وهڻ جو
ڪمرو به ڏنم ته اُتي وڃي ٻاڙَ پوري ڪيو پر هاڻي هو
اگهاڙا ٿيو بيٺا آهن. ڇورا سندن سامهون ويٺا سگريٽ
پين. الائي نشو ٿا ڪن. سندن ئي منهن ڪارو پيا ڪن،
پر آهي ڪا هنن بيشرمن کي سَمَڪ؟“
استاد شفيع محمد اڃان وڌيڪ ڳالهائي ته ساڳئي استاد، جنهن استادن
جي ٽولي جي اڳواڻي پئي ڪئي، سندس تقرير کي روڪيو ۽
هيڊماستر غلام علي ڏانهن نهاريندي چيو. ”هاڻي بس،
اسان وڌيڪ گاريون نه کائينداسين. سائين اسين وڃون
ٿا. هاڻ توهان ٻيئي ويهي اسڪول هلايو.“ چارئي ڄڻا
ٺپ ٺپ ڪندا نڪري ويا. غلام علي ڦان ٿي ڪرسيءَ ۾
ڪري پيو. استاد شفيع محمد ڪا گهڙي بيٺو رهيو، پوءِ
هڪ ڀڳل ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. ڪمري ۾ سانت هئي.
ٻيئي چپ هئا. هيڊماستر غلام علي ڪجهه چوڻ لاءِ چپ
کولي وري بند پئي ڪيا. استاد شفيع محمد ڇت کي
گهوري رهيو هو. ائين سانت ٽٽي ۽ اوچتو اسڪول جو
گهنڊ وڄڻ لڳو. گهنڊ جو آواز هن دفعي ايڏو تيز هو
جو هو ٻيئي ڄڻا ڄڻ ته نند مان ڇرڪ ڀري اُٿيا هجن.
هنن هڪٻئي ڏانهن نهاريو ۽ سوچيو ته اڃا رسيس جو ٽائيم به نه ٿيو
آهي، پوءِ هيءُ گهنڊ؟ ائين هڪ استاد جيڪو نائب به
هو، اندر گهڙيو.
”سائين، استاد ڏاڍا ڪاوڙيا آهن، وٺ ئي نٿا ڏين. هنن پاڻ گهنڊ
وڄائي موڪل ڪري ڇڏي آهي. هو چون ٿا ته استاد سندن
بيعزتي ڪئي آهي. هاڻ جي استاد ايندو رهندو ته هو
نه ايندا.“
هو ڏکوئجي ويو. ٻارن جي گوڙ ۽ جوش وارن آوازن استاد شفيع محمد
کي ڏکويو. هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. نائب کيس
رئندي ڏسي پاڻي ڀري آيو. هن پاڻي جا ٻه ڍڪ پيتا.
پل ۾ ٻارڙن جا آواز پري ٿيندا ويا ۽ پوءِ چوڌاري چپ چپات ٿي
ويئي. هو آهستي آهستي اُٿيو ۽ ڳالهائڻ کان سواءِ
هيڊ ماستر جي ڪمري مان نڪري آيو. ورانڊي مان هيٺ
لٿو ته هن ڏٺو ته سندس ٺاهيل ننڍڙو باغيچو به سُڪي
۽ ويران ٿي ويو هو. ڪنهن ان کي پاڻي به نه ڏنو هو.
گل ٻوٽا ۽ ڇٻر سڙي خاڪ ٿي ويا هئا. هو ڪا گهڙي
بيٺو رهيو. ڳوڙها وري جاري ٿي ويا. هو تڪڙو تڪڙو
ميدان ٽپڻ لڳو.
ميدان پورو ٿيو. هن جي سامهون هاڻ گهرن جي گهٽين جو ڄار وڇايل
هو. هن گهٽين ۾ گم ٿيڻ کان اڳ پوئتي ورائي اسڪول
جي عمارت کي ڏٺو. هو ڪا گهڙي ان ڀڳل سڳل عِلم جي
گهر کي گهوريندو رهيو. پوءِ هن کي احساس ٿيو. هاڻ
ته اوڏانهن وڃڻ لاءِ مٿس بندش پئجي ويئي آهي. هن
گهورڻ بند ڪيو.
هن جون اکيون وري ڳوڙهن سان ڀرجي ويون. هاڻ اها عمارت کيس چٽي
به نظر نه پئي آئي. هن يڪدم اسڪول جي عمارت کي پٺي
ڏني ۽ پوءِ هڪ گهٽيءَ ۾ گهڙي پيو.
هو گهٽيون لتاڙيندو هليو پر کيس لڳو ته سندس من اهڙو منجهيل آهي
جو سُٽ جيان منجهيل گهٽيون کيس دڳ نه پيون ڏين.
ائين جيئن هو هڪ وڏي ۽ موڪري گهٽي لتاڙي رهيو هو ۽
اوچتو ڇرڪ ڀريائين. پريان هڪ نينگر تيز ڊوڙندو آيو
۽ کيس ڌڪيندو پاسي واري گهٽيءَ ۾ گهليندو ويو.
پهريائين ته کيس ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي پوءِ ڏٺائين
ته هيءُ سندس پٽ عمران آهي. عمران يڪدم ٻه ننڍڙا
پُڙا قميص جي کيسي مان ڪڍي سندس صدري جي ٻنهي کيسن
۾ دٻائي زور سان اندر وڌا، پوءِ آهستگيءَ سان
چيائين:
”بابا، هيءَ امانت اٿو، ڪو ماڻهو کڻڻ ايندو.“
ائين چئي هو اڳتي ڊوڙندو ويو ۽ ننڍين گهٽين جي ڄار ۾ گم ٿي ويو.
هُن کيس گُم ٿيندي ڏٺو ۽ سامهون ڏٺائين. کيس ٻه ٽي
اڇن ڪپڙن وارا ماڻهو نظر آيا، جيڪي ڊوڙندا وڏي
گهٽيءَ مان الوپ ٿي ويا. هو ڪا گهڙي بيٺو رهيو
پوءِ هن کيسي مان هڪ پُڙو ڪڍيو. پُڙي ۾ ڪافي پڙيون
پيل هيون. هو سمجهي ويو ته اِهي اُهي ئي پُڙيون
آهن، جيڪي ’پُڙيون‘ سڏبيون آهن ۽ جن جو ذڪر اُستي
غفور ساڻس ڪيو هو.
هن پٽ لاءِ ڪيڏا نه خواب ڏٺا ته پڙهي ڳڙهي ڪو وڏو آفسر بڻبو.
لاڏ پيار کيس مئٽرڪ فيل تي بيهاريو هو. ڪا گهڙي
اُن پاسيري ننڍي گهٽي ۾ بيٺو سوچيندو رهيو سندس بت
وڌيڪ پگهرجي ويو پوءِ ڳرين وکن سان اڳتي وڌيو ۽
وڏي گهٽي ۾ داخل ٿي پنهنجي رُخ ۾ هلڻ شروع ڪيائين.
گهٽي پوري ٿي ته هو آمن سائينءَ جي درگاهه وٽ هو.
اوتاري آڏو موليڏنو موالي بيٺو هو.
”سائين آبڪاري وارن ڇاپو هنيو دلبر عمران ائين ڇانگ ڏيئي ڀڳو جو
فرشتا به نه وٺينس. انهي گهٽي ۾ اڏار ڪيائين.
توهان سان مليو؟ استا، شفيع محمد چپ بيٺو رهيو. ڏٺائين ته
موليڏنو بي اونو هو. هان اوتاري ۾ ڪوبه ننڍو وڏو
موالي ڪونه هو. استاد جي چهري تي فڪر ۽ پريشاني جا
آثار نمايان هئا. موليڏني پنهنجا پيلا ڏند ٽيڙيندي
کيس آٿت ڏنو.
”اُستاد، هن ڌنڌي ۾ ائين ٿيندو آ، پيا ڇاپا لڳندا آهن. عمران به
دلبر ماڻهو آ. نئون ڌنڌو آهي، آبڪاري وارن سان ڪو
حساب ڪتاب رکيو آ. هن يار به آڱوٺو ڪڍي ڏنن. اڳي
به ڪڍ پيا هيس پر هيءُ گولي ٿيو وڃي. جي هٿ اچين
ته کيسا خالي، سَڳ به نه. پر اڄ مال هيس. پڪڙجي ها
ته وڏي ڏچي ۾ اچي ها. عمران هڪ دفعو انهن گهٽين ۾
گهڙي سو سهين، وٺ جو ناهي.“
اُستاد سڳ ۽ مال جو و ته ککو وکو ٿيو. يڪدم کڙين تي زور ڏنائين.
سڌو اچي گهر ساهه پٽيائين. موليڏني کيس تڪڙو ويندي
ڏٺو ته اچرج ۾ پيو.
استاد شفيع محمد ٽپڙي کڻي جيئن در کڙڪائڻ جي ڪئي ته ڏٺائين ته
در ٻيڪڙيل هو. هٿ جي لوڏي سان طاق کلي پيا هو اڱڻ
۾ آيو، ڪو به نظر نه آيو، پر رڌڻي ڏانهن نظر
ڪيائين ته اُستي غفور جو پٽ نظر آيو.
”سائين، اديءَ جن نانيءَ جي گهر ويون آهن. مون کي سار سنڀال
لاءِ وهاري ويون. اڄ ته موڪل به سويل ٿي ويئي. خبر
ناهي ڇو؟“
هن نينگر جي مٿي تي هٿ رکيو. هن رنڌڻي ۾ ڏٺو، اڄ ته منجهند لاءِ
باهه به نه ٻري هئي. رَکَ ۽ ڪِرُ هئي جتان هلڪو
سيڪُ پئي آيو. هو سمجهي ويو ته هي سڀ ويلو ٽارڻ
لاءِ نانيءَ جي گهر ويا آهن. هو چپ چاپ وڌيو ۽
پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ گهڙي پيو. ائين نينگر ڪوٺيءَ جي
در وٽ بيهي سڏ ڪيس.
”سائين، مان وڃان.“
هن ڪنڌ ورائي کيس ها ڪئي، پوءِ پاڻ واري پراڻي آرام ڪرسيءَ تي
آهلي پيو. سڄو پگهريو پيو هو ۽ پوءِ صدري ڇڪي لاهي
کڻي کٽ تي اُڇلي، جنهن مان هڪ ننڍي لفافي اچي ٻاهر
ٺڪاءُ ڪيو. هيءُ پُڙو ته بي جان هو پر سندس جسم ۾
جان پجئي ويئي ۽ هو سڄو ڏڪڻ لڳو. ڪي گهڙيون هن جي
ڪيفيت عجيب رهي. هو سڄي ڏينهن جي ڪارگذاريءَ تي
سوچيندو رهيو. هن اهو به سوچيو ته استادن ته کيس
ڪڍي ڇڏيو جو هو اڃا تائين ان ڪاٺي جيان هو جيڪا
ڪڏهن به ڪير ڀڄي نه سگهيو هو. هو قديم قدرن جو
اَمين اُستاد هو. پر اڄ هيءُ ڇا ٿيو؟ سندس ئي
گهران باهه جا شعلا اُٿيا هئا. هن عمران کي ڏوهه
ڏيڻ جي بدران پاڻ کي ڏوهاري سمجهيو. ماءُ جي دادلي
سو به هڪ پٽ هجڻ ڪري، هن ئي کيس ڍر ڏني ۽ اڄ هيءُ
زهر سندس سامهون پيو هو. هو اُٿي بيٺو. مُٺئي وارو
لڪڻ هٿ ۾ جهلي هوا ۾ ڦيرائڻ لڳو. ”اڄ عمران اچي سو
سهين، کل لاهي ڇڏيندو سانس.“ هو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو
ٿيندو ويو. ائين ٻاهريون در آهستي کڙڪڻ لڳو. هو
ڇرڪي ويو ۽ ڪاوڙ ڍري ٿي ويس. هيءُ زهر جون ڍير
پڙيون لفافن ۾ ويڙهيل وٽس پيون آهن. ڪٿي آبڪاري
وارا ته نه آهن؟ هو بيٺو رهيو. در وري کڙڪڻ لڳو.
هو نه ويو. در وري کڙڪڻ لڳو. هن محسوس ڪيو ته کڙڪي
۾ ايڏو زور ناهي. آبڪاري وارا هجن ها ته ڏٺائين ته
کيس اطمينان ٿيو. موليڏنو موالي بيٺو هو. هو ٽپڙي
هٽائي ٻاهر آيو. هاڻ کيس ڪاوڙ پئي ائي ته هيءُ
بدمعاش جنهن عمران کي کاريو، سو در تائين اچي پهتو
هو. هن خار مان پڇيس. ”وري ڇا هي؟“
موليڏنو سُري ويجهو آيس. ڪن ۾ سس پس ڪيائين:
”سائين خير آ، عمران پڪي هنڌ تي آهي. آبڪاري يا پوليس ڀلي مٿو
هڻي. پر نياپو ڪيو اٿائين. ته جيڪا امانت ڏني
اٿائين اُها ڏيو.“
استاد ويچار ۾ پئجي ويو. پهريون ته خيال آيس ته لڪڻ وهائي ڪڍيس،
پر پوءِ وري خيال آيس، هو پوئتي ڊوڙيو ٻيئي لفافا
کنيائين.
”هن مصيبت مان ته جان ڇُٽي.“
هن دروازي وٽ بيهي ٽپڙي هٽائي، موليڏني کي ٻانهن کان اندر ڇڪيو.
هو سٽ تي اندر هليو آيو.
”اچي پنهنجي امانت کڻ، هيڏي وري نه اچجانءِ مروان! توئي عمران
کي کاريو آهي. هيءُ هڪ اشراف جو گهر آهي سمجهيئي،
وري ايندين ته ٽنگون ڀڄي ڇڏيندومانءِ“ موليڏني هڪ
لفافو کنيو ۽ رٻڙ۾ ويڙهيل مچو ٿيل نوٽ سندس هٿ تي
رکيا ۽ اُهوئي کلندو پيلا ڪارا ڏند ڏيکاريندو اهو
چئي ڀڄي ويو:
”استاد اڄ ايترو ئي مال کپي، سڀاڻ وري ايندس، عمران ٻه ٽي ڏينهن
نه ايندو. هيءُ گهر ته اسان کي سولو آ. استاد ڊڄ
نه، فڪر ئي نه ڪر.“ هن کي ائين لڳو ته عمران جي
وڃڻ کان پوءِ هاڻ هو هيروئن جو دلال بڻجي ويو آهي.
هن کي بُڇان اچڻ لڳي.
پوءِ هن ڪاوڙ ۾ در بند ڪيو ۽ اڱڻ ۾ هلڻ لڳو. هن ٽنگن ۾ سگهه ئي
ڪانه پئي ڀانئين پر گهلجي پئي هليو. جڏهن رنڌڻي وٽ
پهتو ته ڏٺائين ته چلهه اُهائي وساميل آهي. هن وڏو
ٽهڪ ڏنو ۽ ٻه ڪاٺيون وجهي، پوءِ ويٺو چلهه کي
ڦوڪڻ. هو ايستائين ڦوڪون ڏيندو رهيو جيستائين ڪا
چڻنگ نه دُکي. هن نوٽن وارو مڙيل سُڙيل مچو به ان
۾ وجهي ڇڏيو. باهه دُکي پيئي، تيئن هن اندر ۾ باهه
محسوس ڪئي. هن پلاسٽ جي پراڻي جڳ کي کنيو ۽ وڃي
پراڻي مٽ مان پاڻي اوتڻ لڳو. سڄو جڳ پي ويو پر کيس
لڳو ته سندس اڃ ئي نه لٿي آهي، هن ٻيو جڳ ڀريو ۽
منجي تي سهڪندو ويهي رهيو. اوچتو سندس نظر پُڙين
واري لفافي تي پيئي.
”هيءَ زهر ڪير ته پيئندو؟“ سٽ ڏيئي لفافي مان هن پڙيون ڪڍيون ۽
تڪڙو تڪڙو جڳ ۾ خالي ڪرڻ لڳو. سندس هٿ ڏڪي رهيا
هئا. پوءِ هن جڳ ۾ هٿ وجهي ان کي گهمايو، پوءِ هو
تڪڙو تڪڙو هيروئن مليل پاڻي پيئڻ لڳو. هو ڀڻڪي
رهيو هو:
”هيءُ زهر ڪير ته پيئندو؟“
هو هر هر چوڻ لڳو، ”هيءُ زهر ڪير ته پيئندو……… هيءُ زهر ڪير ته
پيئندو؟“
هن چلهه ڏانهن ڏٺو، هاڻ اُت باهه وسامي ويئي هئي ۽ کيس لڳو ته
زهريلي ڪمائي سڙي وڃڻ سان گڏ سندس اندر جي باهه به
وسامي ويئي آهي ۽ پوءِ هو ساڻو ٿي ڀت کي ٽيڪ ڏيئي
آهلي پيو.
سندس اکيون پورجڻ لڳيون. هو ڀڻڪڻ ۽ وڦلڻ لڳو: ”موليڏنا، هن گهر
ڏي هاڻ نه اچجانءِ، ٽنگون ڀڄي ڇڏيندومانءِ.“
پوءِ هن ڏٺو ته عمران سوٽ بوٽ ۾ گهر ۾ داخل ٿيو. سندس نياڻيون
ڀلن وڳن ۾ ملبوس، هٿن ۾ طعام، ساڻس گڏ اچي بيٺيون
آهن. اوستو غفور به پٺيان آيو ــــ مزور ساڻ، هٿن
۾ تيشي ۽ مارو. ”استاد، جاءِ جوڙيون پيا.“
ائين استاد غلام علي هيڊ ماستر گهڙي آيو ۽ چيائين، ”استاد پينشن
به اچي ويئي اٿو.“
استاد گدگد ٿيڻ لڳو. پوءِ هن اکيون کوليون پر اُتي ته ڪير به نه
هو. دروازي ڏانهن ڏٺائين، دروازو بند هيو پوءِ هن
وري اکيون بند ڪري ڇڏيون جو اُتي ته ڪير به ڪونه
هو! |