سيد حسام الدين راشدي
سنڌيڪار: ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو
پنڊت برج موهن ڪيفي دتاتريه
چون، گفتگو زلاله وسوسن، بر آورم،
دست چمن گرفتہ، بمسکن در آورم.
اِهو ياد نه آهي ته جڏهن ورهاڱو ٿيو تڏهن مولانا عبدالحق ڪٿي
هو، البت ايترو ذهن ۾ ضرور آهي ته جڏهن دهلي پئي
لُٽي ۽ خونريزيءَ جي بازار گرم هئي، تڏهن مولانا
حيدرآباد ۾ هو. اُتان جڏهن واپس هلي پئي آيو ته
مرحوم شعيب قريشيءَ کيس زوريءَ ڀوپال جي اسٽيشن تي
لاٿو. ڪجهه ڏينهن ترسو، مگر دل نه پئي لڳس ۽ سڌو
ڪراچيءَ هليو آيو. ڏاڍو ڪمزور ۽ فڪرمند ٿي آيو هو.
دهلي بدستور اُجڙي رهي هئي. قيامت جو ڏيک هو. ڪنهن جي ڪنهن کي
خبر ڪانه هئي. مولانا کي نهايت وحشتناڪ خبرون پئي
پونديون رهيون. ”جيترا وات اوتريون ڳالهيون!....!
انجمن برباد ٿي ويئي. دفتر تباهه ٿي ويو، ڪتبخانو
ساڙيو ويو ۽ هڪڙو ملازم به شهيد ٿيو. سيد هاشمي
وڃي جنت نشين ٿيو ۽ ويچارو پوڙهو ڪيفي به قاتلن جي
هٿان بچي نه سگهيو.
مولانا سمجهي ويو هو ته ڪجهه ٿيو هجي يا نه ٿيو هجي، گهٽ ۾ گهٽ
سندس قافلو ته سڄو سارو لُٽجي ويو. عمر ڀر جي
ڪمائي چَٽ ٿي ويئي، ڪيو ڪمايو خاڪ ۾ ملي ويو ۽ ٻه
جگري يار، جن سان سڄي حياتي گڏ گذري هئي، سي قيامت
تائين ساٿ ڇڏي ويا:
ديدار تو با قيامت افتاد،
نيک است! ولي دران سخنهاست.
تلوارو ۽ ڪِرپان جڏهن موٽي وڃي مياڻن ۾ پيا، درندگيءَ ۽ خون جا
جيڪي ڦوهارا ڇٽجي رهيا هئا، تن جا بنياد بند ڪيا
ويا، تڏهن وڃي معلوم ٿيو ته انجمن جو دفتر ته
واقعي اهڙي نموني درهم برهم ٿي ويو آهي، جو وري
اُن جي شيرازه بندي نه ٿي سگهندي! هڪڙو ملازم به
اهل عيان سميت شهادت جو جام نوش ڪري چڪو آهي. مگر
هاشمي صاحب بچي ويو آهي ۽ پنڊت جو [ڪيفي دتاتريه]
به شهادت جي سعادت کان محروم ٿي دهلي پهچي ويو
آهي. البت لاهور جي ماڊل ٽائون ۾ سندس ڪوٺي هئي،
جيڪا ماڻهن جي هٿ لڳي ويئي ۽ ڪتبخانو ساڙيو ويو.
شُڪر ٿيو جو جان ته بچي ويئي.
مولانا هڪ ٿڌو ساهه کڻڻ ۽ وڏي آه ڀرڻ کان پوءِ وڃي اطمينان جو
ساهه کنيو!
نوميدي از وصال تو، جانگداز بود،
صد جاگره زديدم، اميد بريده را.
* * * *
اُنهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ مولانا جو قيام وزير تعليم سنڌ پير
الاهي بخش وٽ گانڌي گارڊن جي پويان سائي رنگ جي
ڪوٺيءَ ۾ هو. جسماني طور ته يقيناً اُتي ئي هو،
ليڪن سندس روح ”درايه گنج“ نمبر پهرين (دهلي) جي
آس پاس آواره ڦري رهيو هو؛ ڪڏهن فريد آباد پئي
ڀٽڪيو ته ڪڏهن رامپور ۽ حيدرآباد ۽ ڪڏهن ڪيفي صاحب
جي ڳولا ۾ دهليءَ جي گهٽين ۽ رستن تي منڊڪائيندو
رهيو!
آءٌ پنهنجي طور تي کيس وندرائڻ جون هزارين ڪوششون ڪندو پئي
رهيس. ملير، لانڍي، منگهوپير، جهونا مارڪيٽ،
ڪياماڙي، صدر ــــ اهي سڀ اُن زماني ۾ اسان جي
پيرن هيٺان هوندا هئا. هو بندر تي ته تقريباً روز
شام جو چڪر لڳندو هو. ليڪن باوجود اُنهن سڀني
ترڪيبن جي سندس خيال هن وقت اوڏانهن ئي رهندو هو.
جڏهن به ڪا ڳالهه ڪندو هو ته اُتان جي ئي ڪندو هو.
هندستاني احباب، انجمن ۽ اُن جو مستقبل، هاشمي،
ڪيفي، صلاح الدين، بدرعالم بشير بورچي، ڪتبخانو،
نادر ۽ ناياب مخطوطا، مطبوعات جا هزارين جلد،
انجمن جي عمارت جو پلاٽ، بئنڪ ۾ پيل پئسا ـــ مطلب
ته هڪ ماڻهو هزارين معاملا!... وقت اهڙيءَ طرح
ڪٽجي ته ويندو هو، پر ڏاڍو ڏکيو. آخر هڪ ڏينهن
ٻڌوسين ته انجمن جو باقي بچيل ڪتبخانو ۽ اُن جا
نادر مخطوطا مولانا جا پنهنجا ئي پاليل وڪڻي
کائيندا پئي رهيا:
هزار گونہ بہ لنگم، بهر رهم کہ برند،
رهي کہ آن بسوئي تست، ترکنا زکنم.
پاڻ ئي چوندو رهندو هو ته ڪيفيءَ وصيت ڪئي آهي ته جيڪڏهن مولانا
جو انتقال اول ٿئي ته ڪيفيءَ کي ساڻس گڏ دفن ڪيو
وڃي! ۽ جيڪڏهن پهريائين ڪيفي صاحب موت سان ملاقي
ٿئي ته سندس خاڪ رکي رهي ۽ جڏهن مولانا رحلت
فرمائي ته محبت ۽ مروت جي اُن ننڍي پيڪر جي ان خاڪ
لپ کي به اُن ئي قبر ۾ جاءِ ڏني وڃي!
* * * *
منهنجو پنهنجو تعارف ته ڪيفي صاحب سان اُن وقت ٿيو هو، جڏهن
مولانا سان ٻنهي ڀائرن
[1] کي دهلي جي
ڪارونيشن هوٽل مان زوري پاڻ وٽ وٺي وڃي هڪ ڪمري ۾
اِهو چئي رهايو ته: ڏسجو! ڀُلجي به اِن حضرت سان
شاهنامي جي ڳالهه نه ڪجو، نه ته مصيبت اچي
ڪڙڪندي.“
هڪڙو، تراشيل ڏاڙهيءَ وارو، وڏين مُڇن سان ڪُراڙو ماڻهو ميري
پاجامي ۽ معمولي گنجيءَ ۾، چؤطرف ڪتابن جا ڍير
پيل، کٽ جي پريان پلٿي ماري پروفن پڙهڻ ۾ ايتري
قدر محو ۽ مشغول هو جو مولانا جو اِهو فقرو جڏهن
فضا ۾ گونجيو ته هڪدم ڇرڪي اُٿيو. اسان کي ڏسي
کِليو ته ضرور، پر سندس مسڪراهٽ ڦڪي پئي لڳي، جا
گرمجوشيءَ کان بلڪل عاري ۽ خوشيءَ کان خالي هئي.
يا ته اُن ڪمري ۾ اسان اجنبين جي رهڻ هن کي ناگوار
لڳو هو يا هي دَمه ۽ پيريءَ جي دردمنديءَ سبب ائين
ئي مرجهايل هو.
اِهوئي هو هندستان جو مشهور محقق ۽ عالم، حافظ محمود خان
شيراني!.... اِهو ئي فردوسيءَ تي چئن مقالن وارو،
تنقيد شعرالعجم وارو، پرٿوي راج راسا وارو، پنجاب
۾ اردوءَ وارو، ۽ هي اِهوئي پيءُ هو، جنهن جنم ڏنو
هو ”حضرت ابو المعاني الاختر شراني الافعاني“ کي،
جنهن جي ”سلميٰ“ اُن وقت جي نوجوان طبقي ۾ هڪ
سُرور واري ڪيفيت پيدا ڪئي هئي. يعين تصور ۾ ست
رنگو سُهانو سمو پيدا ڪيو هو، ۽ جنهن جي رومانوي
شاعر سان هر اهو انسان جيڪو جواني ۽ جوڀن ۾ هو،
مست ۽ مگن هو!
”شاهنامي“ جي ڳالهه ته نه نڪتي، ليڪن ڏهن پنڌرهن ڏينهن جي قيام
۽ ٻيون هزارين ڳالهيون پئي وچ ۾ آيون. اُن
ويجهڙائپ پاڻ ۾ وڏو اُنس پيدا ڪري ڇڏيو. ايستائين
جو ان جي وڏين مُڇن واري پٺاڻ محافظ لالا عباس خان
سان به اُن جي محبت ٿي ويئي. اسان عجب مان ڏسندا
هئاسون ته گرم راتين ۾ اِهي ٻيئي پٺاڻ پاڻ ۾
ڪهڙيون ٿا لڙيءَ رات تائين ڳالهيون ڪن؟ شڪار جون
ڳالهيون، تيرو تفنگ جون حڪايتون ۽ هندستان ۾ پٺاڻن
جي حڪومت جا داستان!... لالا عباس خان هڪ رات اسان
کي ٻڌايو:
”پير!... شراني خو نهيک کهتا هي، خوچار مرتبه پڻهارن کو هندستان
کا حکومت ملا، اس خانه خراب ني خو چوڙديا... وئي!
وئي! وئي! اوکدا!“
لالا عباس خان جي مڇن جو هڪ هڪ وار پيو ڦڙڪي!... معلوم پيو ٿئي
ته پاڻيپٽ جي ميدان ۾ احمد شاهه ابداليءَ جون
فوجون اُن اوسيئڙي ۾ بيٺيون آهن ته اجهو ٿي دهلي
فتح ٿئي. لالا عباس خان جي وڏين گول ۽ ڳاڙهين اکين
۾ ائين رت ڀرجي ويو، جو ڄڻ شعلا پيا نڪرن، ۽ هو
’مجموعه نغز‘ جي ايڊيٽر شيردل خان آفريدي، جنهن
دشمن قبيلي جي هڪ سو ڏهن ماڻهن کي ٿري ناٽ ٿري سان
دُف ڪيو هو، اُن کان به پاڻ کي وڌيڪ بهادر ۽
غيرتمند سمجهي رهيو هو.
اُن مختصر قيام دوران مون شيراني صاحب کان گهڻو ڪجهه سکيو، سچ
ته اِهو آهي ته اُن ئي ڄڻ مون کي تحقيقي جي دڳ تي
لاتو. اسان روز شام جو جامع مسجد جي طرف ويندا
هئاسون. هن مون کي ڪيترائي قيمتي ۽ مفيد ڪتاب چيئن
آني وٺي ڏنا. هڪ ڏينهن ”گلشن بيخار“ تي وڏو جهيڙو
ٿيو. ڪتب فروش چئين آني ۾ پيو ڏيڻ چاهي ۽ شيراني
صاحب ڇهين پئسن کان وڌيڪ ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. خدا
خدا ڪري ٻي آني ۾ وڃي معاملو نبريو. اهو ٻي آني
وارو ”گلشن بيخار، اڃا تائين مون وٽ موجود آهي.
هاڻي به جڏهن اُهو کڻندو آهيان، تڏهن اُهو ئي تصور
اکين جي آڏو اچي بيهندو آهي. جامع مسجد جي آخر ۾
هڪ سوڙهو ۽ اونداهو ڪمرو، چئني پاسن کان هوا جو
گذر بند، پگهر ۾ شَل، ڇهن پيسن ۽ چئين آني تي پيو
جهيڙو هلي. وڏي اطمينان سان پئي ٻوليءَ تي ٻولي
هلي.
* * * *
اُن ئي زماني ۾ اُتي ”دريا گنج“ نمبر پهرين ۾ صبح جو ٽهلندي،
منجهند جو کاڌي جي ميز تي، شام جو چانهه تي، هڪ
ننڍي قد واري ماڻهوءَ کي مون سوٽ ڪوٽ ۾ ڏٺو. قميص
جو کُليل ڪالر، جيڪو ڪوٽ جي ڪالر کي ڍڪي ڇڏيندو
هو. اُنهي تي ڪنهن وقت ٽاءِ به ٻَڌي ويندي هئي.
قميص عموماً اُها پهري ويندي هئي. جنهن جو ڪالر
ٽينس ڪٽ جو هوندو هو. اسرائيل جي اڳوڻي وزيراعطم
بن گوريان جي تصوير ڏسو، بس اُنهيءَ ئي دور جو
فيشن هو.
اُهو ننڍڙو صاحب گهٽ ملندڙ ۽ گهٽ ڳالهائيندڙ هو. ڳالهائيندو ته
رڳو مولوي صاحب سان هو. شيراني صاحب هوندو ته اُن
سان به ٻه چار ڳالهيون ٿي وينديون، ليڪن مطلب جي
چئن جملن کان اڳتي اصل نه وڌندو. جڏهن ته مولوي
صاحب کاڌي جي ميز تي پنهنجن لطيفن سان پيو رعب
ڄمائيندو ۽ ڪمرو پيو ٽهڪن سان گونجندو. اُن وقت به
اُهو مٽيءَ جي مُٺ مان جڙيل جسم وارو انوکو انسان
رڳو مسڪراهٽ کي ئي ڪافي ڀائيندو هو. آواز ڳورو
هئس، مگر اُن ۾ وڏي ڪشش هئي.
اُن وقت اهڙي خشڪ ماڻهو سان گڏ اسان جو پنهنجو معاملو رڳو ’صاحب
سلامت‘ تائين هو. اسان جي لاءِ کيس علم رڳو ايترو
هئس، ته هي سنڌ جا وڏا رئيس ۽ جاگيردار آهن، جن کي
مولوي صاحب پنهنجي عادت موجب اِنهيءَ اُميد تي پيو
پالي ته ڪڏهن نه ڪڏهن اِهي ماڻهو ”انجمن“ جي مقتل
۾ ڪم ڏيئي ويندا.
خير اسان کي ته اُن لاءِ معلوم ٿي چڪو هو ته هي حضرت اردوءَ جو
تمام وڏو عاشق ۽ اديب، محقق ۽ عالم ”پنڊت بُرج
موهن دتاتريه ڪيفي صاحب“ آهي، جو سڄو ڏينهن
”انجمن“ جي اُن خاص ڪتبخاني ۾ لکندو پڙهندو رهندو
آهي، جتي انسان ته ڇا پکيءَ کي به پهچڻ جي اجازت
نه هئي. انجمن جي ڪل ڪائنات ۾ اُن ڪتبخاني جو اُهو
ئي مقام ۽ مرتبو هو، جو نه ڄاڻان ته ڪهڙي آسمان تي
طوبيٰ جو آهي. اُتي ئي ڪتبخاني سان گڏ هڪ ڪمري ۾
اُن جي رهائش هئي. جيستائين اسان رهياسون، ڪتبخانو
۽ ڪيفي صاحب ٻيئي اسان لاءِ ڳجهه ڳجهاندر ئي رهيا!
* * * *
تاريخ ياد نه رهي آهي. بس اُهو وقت نٿو وسري، جڏهن مولانا
دهليءَ کان ڪراچيءَ پهتو ته ڪيفي صاحب به جهاز مان
ساڻس گڏ لٿو. ڏاڍو ڪمزور ۽ ڪُراڙو! ويهڻ لاءِ هٿ ۾
هوا سان ڀريل هڪ ٽيوب هوس. لڪڻ جي سهاري آهستي
آهستي ڪراچيءَ جي سرزمين تي ڪيفي صاحب قدم رکيو،
حالتن کيس ڪيڏو نه ڪمزور ڪري ڇڏيو هو! اُن عجيب
غريب انسان کي انسان جي حرڪتن ڪيتري قدر بي جان
بڻائي ڇڏيو هو! ڪجهه به نه هو، زندگيءَ جي آخري
پساهن جي جهلڪ هئي، جيڪا جهاز مان لٿي هئي!
مولانا جون اکيون روشن هيون، جن ۾ مشتريءَ جو تاب هو، ڪيفي صاحب
کي اسان سان اهڙيءَ طرح ملائي رهيو هو، ڄڻ هُو
پنهنجو ڪو وڏو ڪارنامو ڏيکاري، پورو پورو داد پيو
وصولي. معلوم ائين پئي ٿيو ته جڏهن دهليءَ جو سهاڳ
پئي لُٽيو ته مولانا به اُن لُٽ ۾ پورو پورو شريڪ
هو، يا اڃان به اُنهن لٽيندڙن تي غالب هو ۽
هيڏانهن هي حضرت، ڄڻ اُن اڀاڳڻ جي نڪ جي اُها نٿ
کڻي ڀڳو هو، جنهن جي قيمت سندس نظر ۽ نگاهه ۾ هيءَ
سموري ڪائنات ۾ ٿوري پئي لڳي. واقعي مولانا اُن
مهل ڄڻ هڪ فاتح جو ڏيک پئي ڏنو، جنهن جي منهن تي
جلال به هو ته جمال به.
دراصل اها ڳالهه هئي ته دُرست، ته هُو سڀ ڪجهه لُٽائي چڪو هو ۽
زندگيءَ جي سڄي ڪئي ڪمائيءَ تي پاڻي ڦِري ويو هوس.
ليڪن پنهنجي هڪ اهڙي علمي همدم ۽ هم نفس کي پاڻ
سان گڏ وٺي آيو هو، جنهن جي آڏو حقيقت ۾ سندس ٻيئي
جهان به هيچ هئا. اسان ڏٺو ته ڪيفي صاحب جي اکين ۾
هڪ خاص قسم جو ڪيف هو، جو هو مطمئن پئي نظر آيو.
اسان سندس وجود ۾ هڪ قسم جو سڪون محسوس ڪري رهيا
هئاسون. اِهو سڀ ڪجهه شايد انڪري به هو ته گويا
اُهي ٻيئي يار غار ورندڙ ڏينهن ڏهاڙا هِتي گڏجي
گهاريندا ۽ گڏجي مرندا. سندن گڏجي دفن ٿيڻ لاءِ
جيڪا دشواري آڏو هئي، سا هاڻي ختم ٿي ويئي هئي.
مولانا جڏهن خوشيءَ مان مست ٿي جهومندو هو، تڏهن سندس ڳاڙهي
ٽوپيءَ جو ڦنڊڻ خودبخود ڦٿڪڻ لڳندو هو. اهڙيءَ طرح
ايئرپورٽ تي به ڪيچ مڪران کان آيل تيز هوائن لڳڻ
سبب سندس ڦندڻ اُن روايتي انداز ۾ پئي پنهنجو پاڻ
ڦٿڪندو رهيو. بلڪل اهڙي طرح جهڙيءَ طرح ڪٺ پُتلي
قسم جي ڪا گُڏي پيئي ناچ ڪري!
* * * *
مولانا جڏهن ڀوپال مان تشريف فرما ٿيو، تڏهن سندس کيسي ۾ ڪل ٽي
سؤ رپيا پيا هئا! هِتي ”انجمن“ جو بنياد اُن ٿوري
پونجيءَ مان نئين سري سان ڪيئن پئي پئجي سگهيو؟
”ڪل پاڪستان انجمن ترقي اردو“ ته وڏي ڳالهه ٿي، پر
اُن مختصر پونجيءَ مان ته ڪنهن ننڍڙيءَ محل جو
اهتمام به نه پئي ٿي سگهيو، حقيقت ۾ اهي ٽي سؤ
رپيا ته مولانا جي ڪنهن چڱي دعوت لاءِ به ڪافي نه
هئا.
هاشمي صاحب هميشه اهو فرمائيندو هو ته مولوي صاحب ته وڏو خوش
قسمت ۽ بلند بخت ثابت ٿيو آهي. بلڪه کيس اِهو تمام
به يقين جي حد تائين ٿي چڪو هو ته مولويء صاحب
جيڪڏهن قطب ۽ ابدال نه آهي ته ولي ته پڪ آهي. خدا
کي خبر ته سندس وليءَ وارو قول ڪيتريقدر صحيح ثابت
ٿيو، البت سندس خوش بختيءَ ۽ خوش قسمتيءَ جا حيرت
انگيز ڏيک ته ڪنهن حد تائين آءٌ پاڻ به اکين سان
ڏسي چڪو هوس. هميشه سُٺو کائيندو، سٺو پيئندو، سٺو
پهريندو ۽ سٺو رهندو هو. جڏهن به کيس ڏٺم ته سٺو
ئي ڏٺم. اهڙيءَ طرح هِتي به سندس خوش قسمتي ۽ خوش
بختيءَ ۾ واڌارو اچڻ لڳو. اوچتو هِتي به ’هذا من
فضل ربي‘ جي هوا گُهلڻ لڳي. کيس ڀريل ڀُڪليل
’شاردا مندر‘ ملي ويو. هي گجراتي هندن جو اُهو
باوقار تعليمي ادارو هو، جيڪو پنهنجي اعليٰ ترين
تعليمي روايتن جي لحاظ کان ”مندر“ جو روپ اختيار
ڪري چڪو هو. تلڪ مهراج جڏهن به ايندو هو، تڏهن
اِتي ئي قيام ڪندو هو. مهاتما گانڌي جڏهن به
ڪراچيءَ آيو تڏهن اِتي ئي ترسيو. سردار پٽيل به
ڪانگيرسن جا جهيڙا نِپٽائڻ جڏهن به آيو، تڏهن اِتي
ئي رهيو. هڪ دفعي اسان اِنهيءَ ’شاردار مندر‘ جي
مٿينءَ منزل جي ڪمري ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد جي
امامت ۾ نماز ادا ڪئي هئي. حد ته اها آهي ته
شاردار مندر ۾ جيڪي وڻ لڳل هئا، تن مان چوٿون حصو
به هاڻي باقي ناهن بچيا. اُنهن جي گهاٽي ڇانو ۾
لوهه جون پئنچون پيون هونديون هيون. اُهي وڻ
هندستان جي ڪنهن نه ڪنهن وڏي ليڊر جا لڳايل هئا.
بال گنگا ڌر تلڪ مهراج، سي. آر. داس، مهاتما
گانڌي، موتي لال نهرو، جواهر لال نهرو، لال لجپت
راءِ، ولڀ ڀائي پٽيل، حڪيم اجمل خان، ڊاڪٽر
انصاري، مولانا محمد علي، مولانا ابوالڪلام آزاد،
بادشاهه خان ۽ غالباً سڀ کان آخر وڻ سباش چندر بوس
پوکيو هو، ڪنهن ڪنهن جا نالا ڳڻايان؟ مطلب ته ڪوبه
رهنما اهڙو نه هو، جنهن ”شاردا مندر“ ۾ ٻوٽو نه
پوکيو هجي.
* * * *
مولانا جي هِت پاڪستان اچڻ جي حوالي سان، مون مندر جي ويجهو هڪ
وڏو گجراتي اسڪول ”انجمن“ جي لاءِ ذهن ۾ رکيو هو،
پر جڏهن حڪيم محمد احسن، جو اُن وقت ڪراچي
ڪارپوريشن جو ميمبر هو، سان ڳالهه ٻولهه ٿي، ته
اُهو مون ۽ مولوي صاحب کي سڌو ”شاردا مندر“ وٺي
آيو. عمارت ۽ اُن جو شان مان ڏسي پهرينءَ نظر ۾ ئي
مولوي صاحب هڪو ٻڪو ٿي ويو! موصوف هر چڱي چيز کي
خوب پسند ڪندو هو ۽ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هو. ملڪيت
ڪنهن جي به هجي، اُن سان مولانا جو سروڪار ڪونه
هوندو هو. شاردا مندر کي ڏسي مولانا جو وات پاڻيءَ
سان ڀرجي ويو!
مولانا جي عادت هوندي هئي ته جڏهن به ڪنهن کان ڪم وٺڻ مقصود
هوندو هوس، تڏهن اول ان ڪم جي نه ٿيڻ جا سبب وڏي
شَد مَد سان بيان ڪندو هو، پر بيان اهڙيءَ ترڪيب
سان ڪندو هو، جو جنهن کي ڪم سپرد ڪندو هو، سو سندس
ڳالهه ٻڌي ڪم پوري ڪرڻ جي شرط لڳائڻ تي آماده ٿي
ويندو هو ۽ طيش ۾ اچي سر ڌڙ جي بازي لڳائڻ جو به
قسم کڻي ويهندو هو. اِهو هڪ نفسياتي حربو هو، جو
مولانا وڏي چابڪدستيءَ سان ليڪن بظاهر وڏي معصوميت
جي انداز ۾ هر اهم موقعي تي استعمال ڪرڻ فرمائيندو
هو. ان مرحلي ته اُن جي استعمال جو سچ پچ هڪ نادر
موقعو نڪري آيو هو... ”انجمن“ جي لاءِ ايڏي شاندار
عمارت! ڏاڍو اهم ۽ نازڪ مهل ۽ موقعو هو!
مولانا پنهنجيءَ پر ۾ ڏاڍو مطمئن، پير الاهي بخش جي بنگلي ۾ وقت
گذاري رهيو هو يا وري سير و تفريح مان لطيف اندوز
ٿي رهيو هو. گهڻو ڪري سندس صبح گانڌي گارڊن ۾ ۽
شام ”هوا بندر“ ڪلفٽن تي گذرندي هئي. هوڏانهن حڪيم
احسن هو، جنهن جي خودي انهيءَ امتحان ۾ اڙجي ويئي:
مطب بند، بيمار دربدر ۽ هي خود الاٽمينٽ جي چڪرن ۾
سرگردان... آخر هڪ سڀاڳي ڏينهن جڏهن حڪيم صاحب
الاٽمينٽ جا ڪاغذ هٿ ۾ کڻي پهتو، تڏهن مولوي صاحب
رڳو ايترو چيو ته:
”واه ڀَئي واه!
حڪيم صاحب! اهو اوهان جو ئي حصو آهي!
اسان ته چيو پئي ته اوهان کانسواءِ هي ڪم ٿيڻ جو ئي ناهي.
جيڪو ڪجهه به هو، اوهان جوئي معجزو آهي!
هاشم رضا به ڇا ڪري سگهي ها؟
واه ڀَئي واه!
اهو اوهان جو ئي ڪمال آهي!
واه ڀَئي واه!“
۽ آخر ۾ فرمائيندو هو ته، ”خدا اوهان کي خوش رکي.“ سچي ڳالهه
اِها آهي ته اِهو فقرو اُن جي اندر مان نڪرندو هو،
اِها هن جي وڏي مهرباني هوندي هئي. جيڪڏهن ائين به
نه چوي ته ڇا هو” ڀلا اسان اٻوجهه ’سنڌي ماڻهو’،
سو ”بابائي اردو“ جي ايتري ئي شاباس سڀني کي باغ
بهار ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندي هئي.
”انجمن“ جي هيٺينءَ منزل تي وڏي ڏاکڻي ڪمري ۾ ڪيفي صاحب جو قيام
ٿيو ۽ هاشمي صاحب ڪيفي صاحب جي ڀرواري ڪمري ۾ رهڻ
لڳو، جتي اُن وقت ڪتبخاني جا شهيد ٿيل ڪتاب رکي
ٻيئي بزرگ پنهنجي صورت اهڙي ٺاهي رهندا هئا، جو سچ
پچ چئجي ’ڪاغذي هي پيرهن هر پيڪر تصوير ڪا‘ يا وري
جهڙيءَ طرح ڪنهن خسته خانقاه جا متولي خلوص جا
پتلا بنجي دروازي تي ڏوڪڙن جي انتظار ۾ ويٺا هجن ۽
اهڙي نموني پيا گهورين جو بظاهر ڪن وردن وظيفن ۾
مشغول هجن ۽ اصل ۾ سمورو وقت اوڪڙون ويٺا رهن ٿا.
مولانا شروع کان ئي مٿينءَ منزل جي وچئين طبقي ۾ رهندو هو ۽
کاڌو اُن ننڍڙي ڪمري ۾ واپرايو ويندو هو، جتي پوءِ
قاضي احمد ميان ”اختر“ جهوناڳڙهي اچي دفتر ڄمايو ۽
هاڻي اُتي جليل اهمد قدوائي کي ”آتي هين غيب سي يه
مضامين خيال مين.“
کاڌي جي اُن ننڍڙي ڪمري ۾ پيل بيضوي ٽائيپ ميز تي علم ۽ دانش جا
ڪيترائي مشاهير کاڌو کائي چڪا هئا. عبدالرحمٰن
قريشي مرحوم، شعيب قريشي، مولوي محمد امين زبيري
مرحوم، عمر يافعي مرحوم، غرض ته ڪنهن ڪنهن جا نالا
ڳڻايان؟ مرحومين جي هڪ قافلي دنيا مان ڪوچ ڪرڻ کان
اڳ پنهنجي پنهنجي حصي جو رزق ان ئي ميز تان کنيو
هو.
اُن ڪمري ۾ مولانا اُنهن شاهوڪار ماڻهن ۽ سيٺين کي طرحين طرحين
جا طعام نوش ڪرايا، جن ۾ هُو اهو مقصد رکندو هو ته
وٽانئن ”انجمن“ لاءِ وڏي وصولي ٿيندي! مون ڏٺو ته
اهڙي قسم جو اهتمام هميشه اجايو ئي ويو. ”نه راههِ
خدا نه راههِ رسول.“ اهڙن ماڻهن هميشه کاڌو ته
ٻنهي هٿن سان ڍوءَ ڪري کاڌو ۽ خوب اوڳرايون ڏنيون،
پر جڏهن عطيي ڏيڻ جي نوبت آئي ته مجال آهي جو سندن
هٿ کيسي ڏانهن وڌي! آخر ۾ ڪاوڙ واريءَ ڪيفيت ۾
اُنهن ماڻهن جي حق ۾ مولانا جي منهن مبارڪ مان
”اردوئي معليٰ“ جا گل پکڙجندي ڏٺا ويا!
هڪ دفعي هڪ وڏي گجراتي سيٺ کي قاضي صاحب پنهنجن پراڻن لاڳاپن جي
بنياد تي ريجهائيندو ”انجمن” ۾ وٺي آيو. اُن جي
دعوت جو اهتمام ۽ تياريون شروع ٿي ويون، محض اُنهن
ڏوڪڙن لاءِ، جن جي حصول خاطر دل سان دسترخوان
وڇايو ويو. وڏيون وڏيون اسڪيمون سوچيون ويون. قاضي
صاحب هن وقت اُن سيٺ سان پنهنجن پراڻن ۽ گهرن
لاڳاپن، سندن دولت جي فراواني ۽ فراخدليءَ جا
داستان ٻڌائيندي مولانا جي يقين کي پختو ڪندو رهيو
۽ گڏوگڏ مالي گهرجن کي به وڌايئندو رهيو. البت اهو
مسئلو آخر تائين مولانا ۽ قاضي صاحب جي وچ ۾
متنازعه رهيو ته آخر هن حضرت کان رقم ڪيتري طلبي
وڃي. ڳالهه اها هئي ته هوڏانهن دولت جي فراواني
هئي ۽ هيڏانهن ضرورتن جي ڀرمار! اهڙين حالتن ۾
ڪنهن نتيجي تي ڪيئن پهچجي؟
بهرحال اُها سدوري ساعت به اچي پهتي. اسان کي ٻه ڪلاڪ اڳ ۾
گهرائي اِهو ويچاريو ويو ته دسترخوان تي ڪهڙيءَ
ڪرڻ طرح ”انجمن“ جو الميو ڇيڙيو وڃي؟ حُسن طلب جا
ڪهڙا ڪهڙا طريقا اختيار ڪيا وڃن؟ سلسلئه ڪلام جو
ڪهڙو حصو ڪير بيان ڪري؟ مطلب ته ”علم الڪلام“ جا
سڀيئي گُر برزبان ياد ڪرايا ويا. آخر ۾ سڀيئي اِن
ڳالهه تي متفق ٿيا ته جيڪا به گفتگو ٿئي ۽ جنهن به
نموني ۾ ٿئي، تنهن جون حدون خدا ۽ اُن جي رسول
تائين رسائڻ کپن. مجوزه ”مهمان خصوصي“ ميمڻ قوم جو
فرد فريد ۽ چشم چراغ هو. رهي ”انجمن“ جي حالت زار،
سو سندس لاءِ سورة الم نشرح کان وٺي تفسير حقاني
تائين سڀني مذهبي ڪتابن جي ڇپائڻ جو ذڪر ڪري ’حسن
طلب‘ جي تيرن جو وسڪارو هر طرف کان ڪيو وڃي.
هڪ طرف اسان اِها ’ريهرسل‘ ڪري رهيا هئاسون ته ٻئي طرف اُتان جو
بورچي بشير مختلف قسمن جي طعامن جو نوڪ پلڪ درست
ڪري رهيو هو. اِن ٻه واٽي تان جڏهن به سيد بدرعالم
پئي آيو ويو، تڏهن انتظار ۾ سٺي سليقي جي سلسلي ۾
مولوي صاحب جي گارين جو ڦوهارو مٿس پئي برسو.
ايستائين جو هُو غريب وڃي کاڌي جي ڪمري ۾ هچي ساهه
کڻي. اها ٻي ڳالهه هئي ته هو معمول موجب ڏندن
هيٺان ڪي ڳجهيون مصراعون ضرور پيو گنگائي، جنهن جا
تيور ته اسان سڀيئي سمجهي پئي سگهياسون. مگر
روانيءَ جي تک ۽ تاءَ ۾ ”حسن بين“ مان پوريءَ طرح
لطف اندوز ٿيڻ محال هو.
مولانا شيرواني زيب تن فرمائي اُهائي ترڪي ٽوپي ٿورڙو ڏنگُ ڏيئي
مٿي تي رکي ۽ لڪڻ هٿ ۾ کڻي الله جو نالو وٺي اٿي
کڙو ٿيو. اسان جو سڄو قافلو سندس پويان پئي هليو.
هڪ وڏي موٽر در تي اچي بيٺي. هڪ ڊگهو جوان هٿ ۾
”فائيو فائيو“ جو دٻو کڻي وڏي شان سان لٿو. قاضي
صاحب نهايت ئي تڪلف ۽ فاتحانه انداز سان کانئس
پوءِ ڪار مان ٻاهر نڪتو.
مولانا ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين مهمان محترم جو غور سان جائزو
ورتو. ڪا صورتحال ڪانه سُجهي. پنهنجي عادت موجب
ڏندن ۽ چپن ۾ ڪجهه چيائين، پر مون نه ٻڌو. هاشمي
صاحب پنهنجي مخصوص انداز ۾ ٿورو ٽهڪ ڏنو ته سندس
ٻٽيهي ظاهر ٿي پيئي ۽ سندس اکين جا تارا ٽمڪڻ لڳا.
هن جي منهن ۾ پيل گهنج ڏاڍا سهڻا ٿي لڳا. مولانا
ظاهري طور تي وڏي خلوص ۽ اخلاق سان اڳتي وڌي،
مهمان جو استقبال ڪيو ۽ اسان سڀني به واري واري
سان هڪ ٻئي کان وڌيڪ گرمجوشي ڏيکاري ساڻس هٿ
ملايا. هُو اڳيان، مولانا پٺيان ۽ اسان جي پويان
آهستي آهستي ڏاڪڻ ڏانهن وڌياسين.
ڪيترا ڏينهن ان انتظار ۾ گذري ويا، پر مقصد برثواب ٿيندي نظر
ڪونه ٿي آيو! آَخر هڪ وقت کان پوءِ اهو موضوع فقط
قاضي صاحب کي ڇيڙڻ تائين محدود رهجي ويو. مولانا
طرحين طرحين جا مزا وٺي قاضي صاحب کي پئي ڇيڙيندو
رهيو. اسان سڀني ۽ قاضي صاحب به مزو ورتو. اول ته
هو ڪجهه شرمائيندو رهيو، پر پوءِ مولانا جي جملي
بازي مان پاڻ به خوب لطف حاصل ڪيائين.
جيستائين آس دل ۾ قائم رهي، تيستائين مولانا جڏهن به ڪلفٽن
ويندي. اُن سيٺ جي شاندار ڪوٺيءَ جي سامهون
لنگهندو هو تڏهن اُن جي آل ۽ اقبال جي دائمي بقا ۽
قيام لاءِ سَو سَو دعائون گهرندو لنگهندو هو. پر
جڏهن آس چيهاڙيون ٿي ويئي ته پوءِ اُتان لنگهڻ وقت
مولانا پنهنجي مخصوص انداز ۾ منهن ڦيري، خاص
تشبيهن ۽ محاورن جي استعمال ڪرڻ ۾ مرحوم
عبدالرحمان صديقيءَ کي به گهڻو پوئتي ڇڏي ويندو
هو!
ان دل لڳيءَ جو سلسلو ڪو وقت هلندو رهيو. هڪ دفعو وري اهڙي هڪ
دعوت جو پروگرام ٺهيو ۽ مولانا جا لطيفا ائين
موزون ٿيا، جيئن مينهن جي مهل جهرڻن مان پاڻيءَ
جون لارون وهن.
* * * *
منهنجون صُبحون ۽ شامون گهڻو ڪري ”انجمن“ ۾ پئي گذريون. رات جو
ماني به گهڻو ڪري اُتي ئي کائي گهر موٽندو هوس.
اُن وقت منهنجي رهائش پلازا ڪوارٽس ۾ هوندي هئي.
کيمچند بلڊنگ جا مٿيان ٻه فليٽ مون وٽ هئا، جن مان
هڪ به هاڻي ماهرالقادري ٿو رهي. شام جو چانهه پي
اسان سڀ وچينءَ منزل جي ڪوٺي تي ايندا هئاسون، جتي
رات جي مانيءَ تائين محفل متل رهندي هئي. مولانا،
ڪيفي صاحب، هاشمي صاحب، مولوي زبيري صاحب، پوءِ
شعيب قريشي ۽ بعد ۾ عبدالرحمان صديقي. پاڪستان
نئون نئون ٺهيو هو. نوان نوان ماڻهو ايندا ٿي
رهيا. پنهنجي روايتي وضعداري کي اڃا ڪنهن به
خيرباد ڪونه چيو هو ۽ دوستيءَ جو انگ نڀائڻ، پراڻن
قدرن موجب راهه رسم کي هٿان نه ڇڏڻ بهرحال باقي
هو. لهذا، لکيل پڙهيل جيڪو پنهنجو ڏيهه ڇڏي هتي ٿي
پهتو، اُهو هو چوياريءَ ۾ ضرور شريڪ ٿيندو هو.
چوڌري خليق الزمان سان ته مولانا جي هونئن ئي وڏي
ياري هئي. اُهو به جڏهن اوچتو لکنوءَ کان ڪراچيءَ
اچي راتورات پهتو هو تڏهن مهيني اڌ ۾ هڪ اڌ ڦيرو
اسان وٽ ضرور ڪندو هو. اهڙيءَ طرح اردوءَ جا سڀيئي
مصنف، شاعر ۽ سامعين، جن جا اسان سنڌي ماڻهن رڳو
نالا ٻُڌا هئا، اُهي هن چوياريءَ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ
علمي صحبت مان لطف اندوز ٿيندي ڏٺا ويا.
* * * *
بس اِنهن ٻن ٽن فردن تي ٻڌل هڪ بستي هئي ۽ اِنهن سان ئي اُن وقت
جي ”ڪل پاڪستان انجمن ترقي اردو“ عبارت هئي. هونئن
ته اِهي صاحب پاڻ ۾ رڳو ٽي يا چار فرد هئا، پر
حقيقت ۾ اهي پوري دنيا تي ڳرا هئا. اِنهن پنهنجي
سر هڪ الڳ دنيا ٺاهي ورتي هئي. سندن دنيا الڳ،
جهان جدا، عالم انفرادي، مطلب ته سڀ کان جدا سڀ
کان نرالا ۽ سڀ کان دلچسپ ۽ دلڪش. ڪنهن جي ڪهڙي
ڳالهه ڪجي! سچ ته اهو آهي ته هنن اکين اُنهيءَ دور
۾ جيڪي پرخلوص علمي محفلون ڏٺيون ۽ اُنهن ۾ جيڪي
دلچسپ ادبي قصا ۽ داستان ٻڌا، سي وري ڪڏهن ڪونه
سُئا. اکيون وري ڪڏهن اُهي منفرد منظر ڪونه ڏٺا!
هاڻي وري ڪير ڪٿي ٻڌي سگهندو. اُهو هند ۽ پاڪ جي
تهذيب، پراڻي علمي روايت ۽ تمدن جو هڪ مثالي نمونو
هو. اُهو اجهاڻل ديپ جو دونهون هو. هاڻي ته عرصو
ٿيو جو اُها بستي به اُجڙي ويئي آهي.
باورنمي شود کہ گهي آن دلِ خراب،
معموره بوده است، کہ ويرانہ کرده اند.
* * * *
ڪيفي صاحب سان منهنجي بي تڪليفي انهيءَ زماني ۾ وڌي. مون کيس
گهڻو ويجهو انهيءَ ڪمري ۾ ٿيندڙ محلفن ۾ ڏٺو.
دهليءَ ۾ هُو مون کي اصل ڪونه وڻيو هو، پر هِتي
اهڙو وڻيو ڇا، بلڪ اهڙو لڳو، جو اڳي کان به وڌيڪ!
انسان جي حيثيت سان ته نهايت مٿاهين مقام تي محسوس
ٿيو. جيتوڻيڪ هاشمي صاحب مون سان اِن مسئلي تي
اتفاق ڪونه ڪندو هو، پر ڇا ڪجي، جو ڪنهن جي پسند
جي پنهنجي ڳالهه آهي. حسن ۽ عشق تي نه اڳ ڪنهن جو
وَسُ هليو آهي نه هاڻي ئي هلي سگهي ٿو.
ڪيفي صاحب تي اِها حقيقت هِتي چي عيان ٿي ته مولوي صاحب شروع
کان ئي اسان کي سنڌ جو رئيس ۽ جاگيردار سمجهي، خاص
مصلحتن تحت مهمان طور رکيو هو، پر اسان ٻيئي ڀائر
نه سرمائيدار هئاسون، نه جاگيردار. البت اخلاص ۽
وفا شعاري جي دولت اسان وٽ اُنهيءَ حد تائين هئي،
جو خدا نه ڀُلائي، ته مولوي صاحب کان به اِن
معاملي ۾ اسان جو پلو وزن ۾ ڀاري هو.
ها!.... ته ”انجمن“ جُڙي ويئي هئي: ”ال پاڪستان انجمن ترقيءَ
اردو“. ڇاڪاڻ جو جاءِ موجود هئي. تمام وڏي جاءِ،
پر ٽن جاين تي مشتمل ڪيترين ماڙين واري ۽ اڻ ڳڻين
ڪمرن واري. گهاٽا وڻ وڏي ڇانو ڪندڙ، ٻاهر ويهڻ
لاءِ سَوَ بئنچون ۽ اندر ڪمرن ۾ ڪتب ايندڙ هر طرف
فرنيچر، ڪرسيون، ميزون، ڪؤنچ، الماريون، کٽون،
ٽجوڙيون. ايستائين جو اِستنجي لاءِ ناريل جا ٺهيل
سُهڻا بَدنا وغيره به موجود. انهيءَ گهڻي
سازوسامان واري گهر ۾ اسين ايڏي اطمينان ۽
دلجععيءَ سان رهي. اُنهن جو استعمال ڪندا هئاسين،
ڄڻ اهو سمورو سامان اسان پنهنجي رت پونءَ جي پگهر
۽ حلال جي ڪمائيءَ مان شرعي حق پورا ڪري خريد ڪيو
هو! هوڏانهن ٻاهر نظر ڪريو ته چؤطرف گل ئي گل...
وڏين ڪونڊين ۽ گمبلن ۾ موسمي ۽ مستقل گل ٻوٽا....
ڏيهي توڙي پرڏيهي، اهڙا رنگا رنگي جو سندن سونهن
سان سموري عمارت رنگ محل پئي لڳندي هئي.
اهو ته سڀ ڪجهه هيو، پر انهيءَ کان علاوه لڏي ويل گجراتي استاد
ميزن تي مس ڪپڙيون، قلم ۽ تصنيف توڙي تاليف لاءِ
ڪاغذ به ڇڏي ويا هئا. بس، جي ڪا ڪمي هئي ته رڳو
”پئسي“ جي هئي! مولانا هر وقت مختلف اسڪيمون پيو
سوچيندو هو ۽ پئسن پيدا ڪرڻ جي دائن ۽ پيچن ۾ پيو
پاڻ کي مصروف رکندو هو. هاشمي صاحب به هِتي هُتي
وٺ پڪڙ ۾ پيو پنهنجو وقت ڪڍندو هو. وقت گهڻو تڻو
سنگت سان ئي گذرندو هو. دهلي ۽ اُن جي آسپاس توڙي
حيدرآباد دکن کان آيل شڪلين جو هڪ سلسلو برابر ۽
سراسر جاري پئي رهيو.
دهليءَ جو هڪ مرزا صاحب به هوندو هو ــــ ڏاڍو کلمک، مگر گهڻ
ڳالهائو. بيگماتي ٻولي پيو ٻوليندو هو. هر ڳالهه
’خدانخواسته‘ يا ’خدا نه ڪري‘ کان شروع ڪندو ته
’اوئي‘ تي وڃي توڙ ڪندو هو. تقريباً روزانه جو چڪر
هوندو هو. ظاهر ۾ ته ڪو ڪم هوئي ڪونه ۽ اڃا ترڪ
ڪيل جائداد جي سلسلي ۾ فضا ربي جي هوا به ڪانه ٿي
گُهلي، ان ڪري سڀني کي في الحال فراغت ۽ فرحت ئي
هئي.
* * * *
ها، ته ڳالهه نڪتي هئي وقت گذارڻ جي. هِتي ڪيفي صاحب جي لاءِ
وقت گذارڻ هڪ مسئلو ٿي پيو هو. مولوي صاحب کان
سواءِ ڪنهن ٻئي ان هن جي دوستي هئي ڪانه. عام
ملاقاتين کان هو سخت گهٻرائيندو هو. سندس مسلڪ هو
ته:
باعشقان نشين و همہ هاشقي گزين،
باهر کہ نيست عاشق، کم گوئي کم نشين.
اجائي گپ شپ ڪرڻ ته ڪڏهن به هُن کي آئي ڪانه ۽ اجايو وقت وڃائڻ
ته هن جي مذهب ۾ ڪفر کان به هزار ڀيرا وڌيڪ حرام
هو. دراصل هو هيو ئي ”ڪتابي ڪيڙو“، مولوي صاحب کان
سواءِ جي هن جي گاڏي هلندي هئي ته فقط ”ڪتابن“
سان.
حرام دارم باديگران سخن گفتن،
کجا حديث تو آيد، سخن دراز کنم.
بس ڪتاب هن جي هٿ آيو ته اوسي پاسي ۾ به نظر نه ايندو. وڃي الڳ
ٿيندو. سو هتي ڀلا ڪتاب اچن ڪٿان؟ جيڪڏهن ڪجهه هئا
ته به اُهي مون وٽ. مگر مان مولوي صاحب جي هٿان
مار کاڌل هوس. ديوان قلي قطب شاه مستعار ورتائين
ته وساري به ڇڏيائين! رسالي ”اردو“ جا چند فائيل
گهرايائين ته اُهي سندس ويسر جي واديءَ جي ور چڙهي
ويا! جڏهن ذڪر نڪرندو هو تڏهن اهڙو ٻالو ڀولو ٿي
ويندو هو ڄڻ هُن ويچاري وٺڻ ته ڪجا، اُنهن ڪتابن
جا نالا ئي نه ٻُڌا هئا. اهڙي عالم ۾ ڀلا انجمن جي
احاطي ۾ ڪيفي صاحب کي ڪير ڪتاب آڻي ڏيندو. ٻنهي
ڌرين گهڻو ئي ضبط کان ڪم ورتو. ليڪن بي وسي ۽
بيحالي جي ان مسلسل عالم کي اکين سان ڏسي آخرڪار
مون کي ئي هار مڃڻي پيئي. مون فيصلو ڪيو ته ڇا به
ٿي پوي، ڪيفي صاحب کي ڪتاب ڏيڻا ئي پوندا.
سچ پچ اُهي ماڻهو ڏاڍا عجيب ماڻهو هئا! سڄو ساز سامان لُٽائي
ويٺا هئا. گهر ويو، تڙ ويو. وطن ويو، وطن واسي
ويا. صدين جا ڄميل گهراڻا لُٽجي ويا.
سڀ ڪجهه ويو، مگر غم ڪنهن به چيز جو ڪونه. جيڪڏهن کين ڪو غم هو
۽ صدمو رسيو به هو ته کيس پنهنجن ڪتابن جو ۽
ڪتبخانن جو. جي سندن دل تي ڪو ٻوجهه طاري ٿيو
هوندو، ته اُهو ته ڪتابن جي ذڪر سان. اهڙيءَ طرح
جي سندن اکين ۾ لڙڪ لڙيا هوندا ته اُهي انهيءَ مهل
ڳڙيا هوندا. جنهن مهل قدم مخطوطن، ناياب نسخن ۽
مسودن جي ياد کين ستايو هوندو!
نازم باهلِ عشق کہ برقيس غيرت است،
رشک بِملک و جاه فريدون، نکرده کس.
* * * *
ڪيفي صاحب جيڪو به ڪتاب چاهيندو هو، مان وٽس پهچائيندو هوس. مگر
هڪ شرط ساڻس لاڳو ڪيو هئم ته پاڻ جڏهن ڪتاب واپس
ڪندو تڏهن اُن تي ڪجهه نه ڪجهه لکندو ضرور. گويا
اِهو منهنجي لاءِ هڪ تبرڪ هو. مهينن جا مهينا وٽس
ڪتاب هوندا هئا. اندر ڪمري ۾ ويهي هُو هر وقت ڪجهه
نه ڪجهه پيو لکندو هو. گهٽ ۾ گهٽ مان اِهو سمجهي
نه سگهيس ته اُن جي نوعيت ڪهڙي هئي، ڇاڪاڻ ته
اُنهيءَ دوران هن جي ڪائي چيز ڇپجي آڏو نه اچي
سگهي هئي.
ورهاڱي کان به اڳ ڪراچيءَ ۾ خانم محموده رضويه پنهنجي اردو
دوستي ۽ اردو تاليفات جي بنياد تي ادبي حلقن ۾
گهڻي مشهور هئي. مولوي صاحب وٽ به ايندي رهندي
هئي. تڏهن ڪيفي صاحب لاءِ ڪجهه ضرور کنيون ايندي
هئي. ڪڏهن آچار، ڪڏهن چٽڻي، ڪڏهن پاوا ته ڪڏهن ڪا
چَهري چيز. اِهي نعمتون ڪيفي صاحب اڪثر اڪيلائيءَ
۾ تناول فرمائيندو هو. جڏهن رات جي مانيءَ تي سڀ
گڏجي ويهندا هئاسين ته اڪيلائيءَ ۾ کاڌل اُنهن شين
جي بدهاضمي جي موضوع تي مولوي صاحب ۽ ڪيفي صاحب جي
وچ ۾ چڱي ڏي وٺ ٿيندي هئي. مگر ڪيفي صاحب جيستائين
اُتي رهيو، تيستائين اُنهن مزن وٺڻ کان ڪونه
مُڙيو، حالانڪ پنهنجي منهن ڀوڳيندو به گهڻو ئي هو.
مولوي صاحب جا پُربهار مذاق، محموده رضويه جون چهريون چيزون ۽
منهنجا ڪتاب ڪيفي صاحب کي تيستائين دل بهلائيندا
رهيا، جيستائين هو ڪراچيءَ ۾ قيام پذير هو. اِنهن
ڳالهين کي هاڻي زمانا گذري ويا. ارڙهن سال ڪو
معمولي مدو ڪونهي. اهي گهڻيون يادون ته هاڻي ذهن
مان به نڪري چڪيون آهن. هاڻي جڏهن پنهنجو ڪتبخانو
صاف ڪري رهيو آهيان، تڏهن پنهنجن ڪتابن مان اُهي
ڪتاب نڪرن ٿا، جن تي ڪيفي صاحب جا نوٽ لکيل آهن.
ڪجهه ڪتاب ته ڏٺا آهن، جن کي ڏسي دل ڦِسي پيئي
آهي. اُهي وسريل ڳالهيون وري دل تي تري آيون آهن ۽
مان بي چين ٿي ويو آهيان. اُهي سڀيئي ڳالهيون جيڪي
حقيقتن جي روپ ۾ گذريون آهن، اڄ افسانا لڳي رهيون
آهن. هاڻي مولانا رهيو، نه ڪيفي صاحب، عبدالرحمان
صديقي الله کي پيارو ٿي ويو، شعيب مرحوم به هليو
ويو، مولوي زبيري ويو، خانبهادر رضا حسين به جدا
ٿي ويو ۽ قاضي احمد ميان ”اختر جهونا ڳڙهي به وڃي
جنت نشين ٿيو. نه معلوم ڪيتريون صورتون اکين کان
اوجهل ٿي ويون. هاڻي وڃي هڪ هاشمي صاحب بچيو آهي،
سو به ايڏو ڏور جو ساڻس ميل ملاقات به مقدر جو
معاملو ٿي پيو آهي
[2] اُن محفل کي هاڻي
هڪ خواب ۽ خيال ئي سمجهڻ کپي.
خزان رسيد گلستان بہ آن جمال نماند،
سماع بلبلِ شوريده رفت و حال نماند،
نشان لالہء اين باغ، از کہ ميپرسي؟
بروکہ آنچہ تو ديدي، بجز خيال نماند.
دل چوي ٿي ته ڪيفي صاحب منهنجن ڪتابن تي جيڪي نوٽ لکيا آهن،
اُهي سڀ هتي نقل ڪيان، جي بطور تبرڪ ۽ علمي يادگار
جي لحاظ کان قائم رهن. ڇاڪاڻ ته پاڻ اِهي عبارتون
رڳو لکڻ لاءِ ئي نه لکيائين، پر اُنهن مان گهڻيون
ڪم جون ۽ ڪارآمد چيزون بيان ڪري ويو آهي. مثلاً:
(1) ”ڪليات مير“، طبع نول ڪشور (1941ع) بمقدمہء عبدالباري آسي
مرحوم، تي لکي ٿو ته:
”آسي صاحب جي ڪوششن جي باوجود به غلطيون رهجي ويون آهن، جن جو
ذڪر مان ’همياري زبان‘ ۾ ڪري چڪو آهيان. مير اُنهن
شاعرن مان هو، جن جو ڪليات ۾ منتخب ڪلام سان گڏ
زنده رهڻ کپندو هو. ڪليات کي غور سان پڙهڻ سان
معلوم ٿيندو ته مرزا غالب جا اڪثر سٺا غزل اُهي ئي
آهن، جي مير جي زمينن ۾ چيا ويا آهن. ’غالب‘ ضرور
’مير‘ کي آڏو آڻي غزل چيا هوندا. مير جا بهترين
نشتر اُهي آهن، جن ۾ عربي ۽ فارسي جا الفاظ ڪٿي به
نظر نٿا اچن. جي اچن به ٿا ته رڳو نالي ڳڻائڻ ڪآڻ
۽ عام فهم. هڪ نشتر هي ٻُڌو:
تهمتي تهمتي تهمين گي آنسو،
رونا هي يه، ڪچهه هنسي نهين هي.
ڪيڏو چڱو ٿئي ها جي مرتب صاحب هر ديوان جي شروع ۾ غزلن جي هر هڪ
مطلع جي پهرين مصرع اشاري جي طور تي ڏيئي ڇڏي ها.“
ڪيفي، 6-6-1948ع.
مون به اهائي اِملا ضبط ڪئي آهي، جا مرحوم جي اختيار ڪيل آهي.
حالانڪ ڊيش ۽ فل اسٽاپ جي بجاءِ ڪراس (X)
قائم رکيو آهي. اها عبارت تيرهن سٽن ۾ آهي.
اهوئي ڪتاب پورا ڏهه سال گذرڻ کان پوءِ منهنجي عزيز جناب جي.
ايم. سيد صاحب وٽ 10 آڪٽوبر 1958ع کان 31 ـــ
ڊسمبر 1959ع تائين ڪراچيءَ جي سينٽرل جيل ۾ هيو.
جڏهن ته اُهو مارشل لا جي تحت زنداني جو وقت هو ۽
مان دل جي عارضي سبب وطن کان هزارين ڪوهه ڏور
فلپين ۾ زير علاج هوس.
ڪيفي صاحب جي نوٽ پڙهڻ کان پوءِ، جيئن ئي ڪليات کوليم، تيئن
اتفاق سان هي غزل نڪتو آهي.
جو تجهه بن نہ جيني کو، کهتي تهي هم،
سو، اُس عهد کو اب، وفا کر چلي،
وه کيا چيز هي وه! جس کي ليئي،
هر اک چيز سي دل اُڻها کر چلي
بهت آرزو تي گلي کي تري
سو، يان سي ’لهو مين، نها کر چلي
پرستش کي يان تک که اي بت تجهي!
نظر مين سبهون کي، خطا کر چلي
نه ديکها غم دوستان، شکه هي،
يهي داغ اپنا، دگها کر چلي.
دگهائي دي يون کہ بيخود کيا،
همين آپ سي بهي جدا کر چلي.
مولوي صاحب جڏهن هندستان کي ترڪ وطن ڪيو، ته کيس ڪيترا ئي ڏينهن
من تي ملال رهندو هو. جڏهن به نجي محفلن ۽ صحبتن ۾
اورنگ آباد، دهلي ۽ حيدرآباد دکن جو نالو زبان تي
ايندو هو، اُتان جي مينهوڳين جي مُندن جو ذڪر
نڪرندو هو، محفلن ۽ مجسلن جون ڳالهيون کُلنديون ۽
دوستن ۽ احبابن جي ياد ايندي هئي ته سندس اکين ۾
پاڻي تري ايندو هو ۽ گنڀير آواز ۾ هي شعر پڙهندو
هو:
هم ني جب واديء غربت مين قدم رکها تها،
دور تک ياد وطن آئي تهي سمجهاني کو.
ڪي گهڙيون مولانا ٽٻيءَ ۾ پئجي ويندو هو! مون کي سندس شعر تي هڪ
ڏينهن هي فارسي شعر ياد اچي ويو! جڏهن ٻڌايومانس
تڏهن چڱو وقت گُم سُم ٿي ويو.
چو اسبابِ سفر، از بهر غربت، بار ميکردم،
عريبانه نگه بر آن در و ديوار ميکردم.
مولوي صاحب اهڙن جيءَ جهوريندڙ موقعن تي ”مير“ جي غزل جو هي شعر
پيو پڙهندو هو:
بهت آرزو تهي گلي کي تري،
سو، يان سي لهو مين نها کر چلي.
اها حقيقت هئي ته مولانا هندستان ۾ رهڻ ٿي گهريو، پر حالتن کيس
ٽِڪاءُ ڪرڻ ڪونه ڏنو.
(2) انتخاب ڪلام مير ـــ مطبوعہ انجمن ترقي اردو هند (1932ع)
مرتب: مولانا عبدالحق صاحب بي. اي. (عليگ) چوٿون
ڇاپو. ڪيفي صاحب لکي ٿو:
”ڏاڍو چڱو ٿيو، جو اهو انتخاب شايع ڪيو ويو. صفحي 86 تي هي شعر
درج ٿيل آهي.
اب کي جنون مين فاصلہ شايد نہ کچهه رهي،
دامن کي چاک اور گريبان کي چاڪ مين.
خواجه حالي ان شعر جي وڏي واکاڻ ڪئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ هڪ واقعي
جو ذڪر به ڪيو آهي. ڪجهه به هجي شعر ۾ ترميم جي
ضرورت محسوس ٿئي ٿئي. شروعات وارا ئي ٻه ٽي لفظ
آهن، جن ۾ ترميم ڪرڻ کپي. موجوده صورت ۾ ائين ٿو
معلوم ٿئي ته عاشق جو جنون مستقل ناهي. موسمي تپ
وانگر ڪڏهن ٿيو ته ڪڏهن سال نه ٿيندو. جنون عشق ۾
هيٺ مٿاهين چئي سگهجي ٿي نه ٿيندي رهندي آهي، پر
اِها ڪنهن وقت به ڇڏي نٿي وڃي. جيئن بهار جي مند ۾
جنون جوڀن ۾ لڳندو آهي. خير، پهرين مصرع هيئن هجي
ته بهتر:
اس فصلِ گل مين فاصلہ شايد نه کچهه رهي
(ڪيفي، 6-6-1948ع)
(اهو نوٽ اوڻيهن سٽن تي مشتمل آهي)
(3) ديوان اثر ـــ مرتب عبدالحق آنريري سيڪريٽري انجمن ترقي
اردو (1930ع) مطبوعه مسلم يونيورسٽي پريس علي ڳڙهه
1349هه.
”اگرچه مير اتر جو ادبي شاهڪار سندس مثنوي ’خواب و خيال‘ آهي.
مگر سندس غزل ۾ به جيڪا لوچ ۽ بيان ۾ وسعت ۽ سادگي
آهي، تنهن جي ڪهڙي تعريف ڪجي! ڪهڙيون نه پياريون
پياريون ۽ معصومانه ڳالهيون ٿو ڪري. (ڪيفي،
6-6-1948ع)
(اها لکت ستن سٽن ۾ ٻڌل آهي)
ڪيفي صاحب درست فرمايو آهي ته واقعي سادي زبان ۾ غضباڪ شعر چئي
سگهجي ٿو.
يا خدا پاس، يا بتان کي پاس
دل کبهي اپني هان رها هي نهين
(4) ديوان درد (سلسلہ آصفيہ نمبر 3) مطبع نظامي، دفعو ٻيو،
1932ع، انهيءَ تي هي ڇهه سِٽي راءِ رقم فرمائي
آهي:
”خواجہ مير درد اُنهن چند شاعرن مان هو، جي منهنجا ممدوح آهن.
مان مير درد کي سندس سڀني همعصرن تي ترجيح ڏيندو
آهيان. ڇا زبان ۽ اسلوب جي لحاظ کان ۽ ڇا نقطئه
نگر ۽ آفاقيت جي لحاظ کان.“ (ڪيفي 6-6-1948ع)
هن غضب جا ٻه شعر ڏسو، ڪيڏا سٺا آهن:
توهي نہ اگر ملا کري گا،
عاشق پهر جي کي، کيا کري گا
اپني آنگون، اُسي، مين ديکهون
ايسا بهي کبهو خدا کري گا
(5) انتخاب سودا ـــ از ثاقب ڪانپوري، مڪتبه جامعه دهلي، دفعو
ٻيو، 1941ع. انهيءَ تي ڪيفي صاحب لکي ٿو:
”مان سواد کي مير تي ترجيح ڏيندو آهيان. مير وٽ رڳو پنهنجي
پِٽڪو آهي، انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه ڪونهي. سودا
وٽ ٻيو ڪجهه به آهي، هن جي خارجيت مير مزاج کان
پري هئي.“ (ڪيفي، 6- 6- 1948ع)
ڪيفي صاحب پنجن سٽن ۾ اها راءِ لکي آهي. انهيءَ انتخاب مان ٻه
ٽي شعر پڙهندا هلون. سودا فرمائي ٿو:
ديکئي آج کہ کس طرح سي گذري هم پر،
دن سي محشر کي تو، کلدست و گريبان تهي رات،
* * *
سودائي سي شخص ڪي تئين، آزرده کيجئي،
اي حود پرست، حيف!نهين تو وفا پرست.
* * *
سودا سي ڪا حال تو ني نه ديکها که ڪيا هوا؟
آئنه لي ڪي آپ ڪو ديکهي هي تو هنوز!
جو گذري مجهه په، مت اُس سي ڪهو، هوا سو هوا،
بلا ڪشانِ محبت يہ جو هوا سو هوا.
(6) ديوان حالي – مطبع انوار احمدي، آلة آباد، تي لکي ٿو:
”چڱو ڪيو ناشر جو مقدمة[3]شعر
و شاعريءَ کان ديوان کي جدا ڪري شايع ڪيو، خواجه
صاحب ديباچي ۾ لکيو آهي ته: ”اهڙيون نشانيون موجود
آهن، جن مان سمجهي سگهجي ٿو ته اسان جي شاعريءَ جو
ڏيئو تمام جلد ۽ هميشه لاءِ وسامڻ وارو آهي.“ درست
ثابت نه ٿيو، خواجه صاحب کي گذر ڪئي به ٽيهه سال
ٿيا آهن، ۽ اِهي الفاظ اڃا اڳ جا آهن، جيڪي
نشانيون کيس نظر آيون هونديون، اُهي هاڻي ته نظر
نٿيون اچن. شاعريءَ کي حالي جتي ڇڏيو هو، اُها
اُتان تمام گهڻي اڳتي وڌي ويئي آهي، ۽ يقيناً اڃا
به اڳتي وڌندي.“ (ڪيفي، 6-6-1948ع)
حالي جي ديوان جو ذڪر نڪتو آهي ۽ ڪيفي صاحب جي راءِ به آڏو آهي،
هاڻي اُهي شعر به ڏسو جي مولانا کي وڻندا هئا ۽
مون سندس زباني هر هر ٻڌا:
آگي بڙهي نه قصة عشقِ بتان سي هم
سب ڪچهه ڪها، مگر نه کهلي رازدان سي هم
اب ڀاگتي هين سايئه عشقِ بتان سي هم
ڪچهه دل سي هين ڊري هوئي، ڪڇ آسمان سي هم.
* * *
هي جستجو ڪه خوب سي هي خوبتر کهان[4]
اب ڻهيرتي هي ديکهئي جاڪر نظر ڪهان
يا رب، اس التفات ڪا انجام هو بخير
تها اُس ڪو هم سي بط، مگر اِس قدر ڪهان
هم جس په مر رهي هين، وه هي بات هي ڪچهه اور
عالم مين تجهه سي لاکهه سهي، توُ مگر ڪهان
هوتي نهين قبول دعا، ترڪ عشق کي
دل چاهتا نہ هو، تو زبان مين اثر ڪهان
حالي نشاط نغمهء ومي ڍونڊتي هو اب؟
آئي هو وقتِ صبح، رهي رات بهر ڪهان.
* * *
ڪڇ هنسي کهيل، سنبهلنا غم هجران مين نهين
چاڪ[5]
دل مين هي مري جو ڪه گريبان مين نهين.
نهرتي نهرتي دل، يون هي نهر جائي گا
بات جو آج هي، وه ڪل غم هجرا مين نهين
* * *
ڪڇ پتا منزلِ مقصود ڪا پايا هم ني
جب يه جانا ڪه همين طاقتِ رفتار نهين
بات جو دل مين چهپائي نهين بنتي حالي
سخت مشڪل هي ڪه وه قابلِ اظهار نهين
* * *
فصلِ خزان ڪمين مين هي، صياد گهات مين
مرغِ چمن ڪو فرصتِ سير چمن ڪهان
جي ڊهونڊتا هي بزم طرب مين اُنهين، مگر
وه آئي انجمن مين تو پهر انجمن ڪهان
روڪا بهت ڪل آپ ڪو حالي ني وان، مگر
جاتا هي محوِ شوق ڪا ديوانه پن ڪهان
* * *
پوچهي گئي نه بات ڪهين، پاسِ وضع ڪي
اتني هي هم سبڪ هوئي، جتني گران رهي
ديرو حرم ڪو تيري فسانون سي ڀر ديا
اپني رقيب آپ رهي، هم جهان رهي
دارا وجمِ ڪو تيري گدائون په رشڪ هي
نرخِ متاعِ عشق، الهى گران رهي
* * *
ڪل مدعي ڪو آپ په ڪيا ڪيا گمان رهي
بات ان کي ڪاٽتي رهي، اور همزبان رهي
ڪل ڪي خبر غلط هو ته جهوٽي ڪا روسياه
تم مدعي ڪي گهر گئي اور ميهمان رهي
حالي ڪي بعد ڪوئي نه همدرد پهر ملا
ڪچهه راز تهي ڪه دل مين هماري نهان رهي؛
هي ٻه مشهور شعر به ان ئي غزل جا آهن:
يارانِ اتيز گام ني محمل کوجاليا
هم محو ناله جرس ڪاروان رهي
دريا ڪو اپني موج کي طغيانيون سي ڪام
ڪشتي ڪسي ڪي پار هو يا درميان رهي
* * *
سخت مشڪل هي شيوهء تسليم
هم بهي آخر ڪو جي چراني لگي
وقتِ رخصت تها سخت حالي پر
هم بهي بيٺي تهي، جب وه جاني لگي
* * *
چاره گر! کار باندازه تدبير نهين
ڪيجيو همت اگر، وقت دعا ياد رهي
عدم کي راه کٽ جاتي کبهي کي
مگر ياد عزيزان راهزن هي.
* * *
ڪيون بڙهاتي هو اختلاط بهت
هم ڪو طاقت نهين جدائي ڪي
انهيءَ غزل ۾ ’حالي‘ پنهنجي اوائلي دوستن جي انتقال جو ذڪر ڪندي
مطلع ۾ چوي ٿو:
زنده پهرني ڪي هي هوس، حالي
انتها هي يه بي حيائي ڪي
(7) ديوان نظير اڪبر آبادي: مرزا فرحت الله بيگ دهلوي، شايع
ڪندڙ انجمن ترقي اردو هلي، 1942ع.
”انجمن ڏاڍو چڱو ڪيو جو نظير جو هيءَ ديوان شايع ڪيو. فرحت مرزا
مقدمو ته لکيو، مگر مان کيس انهيءَ لاءِ داد نه
ڏنو، جڏهن هي مقدمو لکيائين، تڏهن سندس دماغ ۾
شيفتگي هئي.“ ڪيفي 6- 6- 1948ع.
(8) ديوان تابان: مرتب مولوي عبدالحق، شايع ڪندڙ انجمن ترقي
اردو اورنگ آباد 1935ع.
تابان جي شاگرديءَ جو مسئلو قطعي طور نبري نه سگهيو ۽ اِهو ممڪن
به ڪونهي، ڇاڪاڻ ته اُهو حسن پرستيءَ وارو زمانو
هو ۽ تابان جي حيثيت حسن ۽ جمال جي لحاظ کان...
اِهوئي هڪ شهر ۾ قاتل بچيو آهي... جي مصداق هو،
جنهن کان جڏهن به هن ڪجهه پڇيو ته ان کيس پنهنجو
شاگرد ڪري ڇڏيو.“ ڪيفي 6-6-1948ع
(9) ڪليات موهن ـــ محمد هاشم مهتمم ـــ مطبع هاشمي 1282 هه،
ميرٺ. حسب فرمائش يڪتائي سوداگران دهلوي، شيخ محمد
حسين صاحب بتاريخ 25 رجب المرجب 1282هه، ڪتابت:
شيخ عبدالحق ڪيرانوي ”مومن ڪير سڏائي؟ ڪنهن کان به
گهٽ نه هو. ان جي ڪلام جو به انتخاب شايع ٿيڻ
گهرجي.“
ڪيفي 6-6-1948ع
ڪو زمانو ڪيفي صاحب هتي رهيو. پوءِ اِهو طئي ڪيو ويو ته هُو
دهليءَ وڃي انجمن ترقي اردو (هند) جو ڪم سنڀالي.
اهڙن ئي ٻن دوستن جي جدائيءَ تي ڪنهن شاعر چيو
آهي:
پتا ٽوٽا ڊار سي، چلي پون اڙائي،
اب کي بچهڙي ناهي ملين گي، دور پڙي هين جائي.
ڪيفي صاحب جڏهن هتان ويو ته اهڙو ويو، جو وري سندس ورڻ جي نوبت
ئي نه آئي. هي ٻيئي يار خوش گفتار اهڙا الڳ ٿي
ويا، جو وري کين هڪ ٻئي کي ڏسڻ به نصيب نه ٿيو.
جو پائي اج پتنون لگدا فيرنه آوندا پلکي
بيڙي داپور، ترخجن ديان کڙيان کدي نابيٽهن رلکي
* * *
رخصت کي واقعات کا بس اتنا هوش هي
ديکها کي هم اُن کو جهان تک نظر گئي
رخصت جي تاريخ به ياد ناهي ۽ نه وداع وارا واقعا ذهن ۾ محفوظ
رهيا. ڪجهه ڏينهن جو ساٿ ئي جيڪڏهن ڇُٽجي ٿو وڃي
ته دل ۾ درد ٿو محسوس ٿئي. هي ته مني صديءَ کان به
وڌيڪ جو ساٿ ۽ سنگم هو، دوستي هئي ۽ باقاعده
ياراڻي هئي. ياراڻي به اهڙي، جهڙي مثالي. بهرحال
اهو ته ڏٺو ويو ته جڏهن ٻنهي جي جدائي ٿي، تڏهن
سندن دل تي ڇا گذري هئي!
جڏهن ”لياقت ـــ نهرو سمجهوتو“ ٿيو ۽ پاڪستاني اخبار نويسن جو
وفد منهنجي مربي ڀاءُ پير علي محمد راشدي جي
اڳواڻيءَ ۾ دهلي وڃڻو هو، تڏهن مان به ساڻس گڏ
ويس. دهليءَ ۾ قيام دوران هڪ رات ”تيج“ اخبار جي
مالڪ آنجهاني لالہ ديش بنڌو گپتا جي گهر هڪ مشاعرو
ٿيو. (اهو مشاعرو ڇنڇر ڏينهن ڇهين مئي 1950ع تي
رات جو ساڍي نوين وڳي منعقد ٿيو ۽ ٻئي ڏينهن ان جي
رپورٽ ۽ روداد ”تيج“ اخبار ۾ ڇپي هئي) اهو مشاعرو
پنهنجو ماحول ۽ نوعيت جي لحاظ کان منفرد ۽ يادگار
مشاعرو هو. انهيءَ مشاعري ۾ ”امن“ دهلوي جيڪو غزل
پڙهيو هو، تنهن جو مطلع هو:
يگانگي کا جو پيغام لي کي آئي هين
خدا گواه بڙا کام لي کي آئي هين
۽ لالہ ديش بنڌو گپتا جي صاحبزادي ڌرم پال گپتا ”وفا“ جي غزل ۾
هي شعر هئا.
دکهه درد ليا هي، غمِ ايام ليا هي
دل ديکي محبت مين يه انعام ليا هي
فرقت مين تصور سي عجب کام ليا هي
جيسي تري دامن کو ابهي تهام ليا هي
ساقي! ترا سو مرتبه جب نام ليا هي
تب جاکي ڪهين هاتهه مين اک جام ليا هي
هنگامئه هستي کو کيا فتح اجل ني
اب آئي هي نيند اور کچهه آرام ليا هي
جب ياد کيا هي تو تجهي ياد کيا هي
جب نام ليا هي تو ترا نام ليا هي
ورهاڱي کان پوءِ ٻنهي ملڪن جا شاعر، اديب، جي پاڻ ۾ صدين کان گڏ
رهيا هئا، پهريون ڀيرو هڪ ٻئي سان گلي مليا هئا.
سڀني جون دليون جذبات سان ٽمٽار هيون. سندن اکين ۾
مينگهه ملهار هئا، جي ماضيءَ جي صحبتن کي ساري وسي
پيون هيون.
ٿڌڙيءَ چانڊوڪيءَ جي نُور ۾ فرش تي پوندڙ خُنڪي ۽ لڳندڙ هير
جڏهن پنڊت هري چند ”اختر“ جي شعرن کي پنهنجين پَرن
تي کڻي پرواز پئي ڪيو ته يقين ڪريو ته مشاعري ۾
چئني طرفن کان آهون ۽ سُڏڪا پئي ٻڌڻ ۾ آيا! هونئن
ته هر ڪنهن سياسي مصلحت خاطر صبر جو ڍڪ ڀريو، نه
ته سچ پچ ڪهرام مچائڻ ۾ اُنهن ڪائي ڪسر نه ڇڏي
هئي. مصلحتي جتن ڪرڻ جي باوجود به ٻنهي ڌرين صبر
ڪندي به پنهنجون اکيون خوب پئي مهٽيون! هن يار جا
دلسوز شعر هئا:
ياس و حرمان کي، غم و آلام کي باتين کرين
آ دلِ ايذا طلب، ڪچهه کام کي باتين کرين.
هم ني مانا عهدِ الفت اک خيالِ خام تها
آؤ ليکن، اس خيالِ خام کي باتين ڪرين.
دوست سي کهه دين دلِ بي مدعا کي داستان
آج ساقي سي شکستِ جام کي باتين کرين.
جسکي دنيا آپ سي تهي جسکي دنيا آپ تهي
آج اُس بدبخت کي انجام کي باتين کرين.
”شکست جام“ تي ۽ آخري شعر تي سڀيئي ڪوشش ڪري دل کي جهلي ويهي
رهيا، پر ڪن کان صبر جي دامن هٿان ڇڏائجي ويو ۽ هڪ
ڪُهرام مچي ويو!
مشاعري جي اِها ڳالهه ته ائين وچ ۾ اچي ويئي، اصل ڳالهه هئي
پنڊت ڪيفي صاحب جي، جو ”مير مشاعره“ هو. مشاعري
ختم ٿيڻ کان پوءِ اڳتي وڌي ساڻس مليس. ڏاڍو پيار
ڪيائين. ڪوٺيءَ جو ڏسُ ڏنائين ۽ ٻئي ڏينهن صبح سان
ملڻ جو تاڪيد ڪيائين. پر وائي ناڪامي! هتي ڪنهن کي
مهلت هئي، جو مقرره پروگرام (Conducted
Tour)
۾ ڪا تبديلي آڻي سگهي!
* * * *
ڪو زمانو گذري ويو. هڪ دفعي مولوي صاحب جي واتان ٻڌم ته ”جشن
آزاديءَ“ جي سلسلي ۾ لال قلعي جي ”ديوان عام“ ۾
وڏي ڌوم ڌام سان هڪ مشاعرو ڪرايو ويو هو. ديوان
عام يا ته شاهجهان بادشاهه جي دؤر ۾ سجايو ويندو
هو يا وري اُنهيءَ رات جو مٿس چار چنڊ لڳايا ويا
هئا. ”مير محفل“ جي ويهڻ لاءِ ”تخت طائوس“ جو
انتظام ڪيو ويو هو.
”نتيجو ڪهڙو نڪتو؟...“ مولانا ايستائين پهچي، مٿي کي جهٽڪو
ڏيندي ڏاڍي ڏکاري آواز ۽ لهجي ۾ جذباتي ٿيندي
ٻُڌايو ته ”ٻُڌو!... اِهو منظر ڏسي ڪيفي صاحب ڪاوڙ
۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ ڪڙڪيدار لهجي ۾ چوڻ لڳو ته،
توهان ماڻهن کي همت ڪيئن ٿي؟... هيءَ گستاخي ڇو
ڪئي؟... شاهجهان جي مسند ۽ اُن تي مان ويهان؟“
ائين چئي ڪيفي صاحب روانو ٿيڻ لڳو. وڏن ايلازن سان وڃي راضي
ٿيو، پر صدارت هيٺ فرش تي ويهي اُنهيءَ بادشاهي
ڪرسيءَ جي قدمن ۾ ڪيائين. مولانا چيو ته ڏسڻ وارن
جي بقول ڪيفي صاحب ويٺو رهيو، مگر آخر تائين سندس
ڪاوڙ ۾ ڪمي ڪانه آئي. ان ئي ناگوار ڪيفيت ۾ رهيو.
* * * *
اُن کان پوءِ ڪيفي صاحب جي رڳو وفات جي خبر ئي پهتي ۽ ائين ئي
اهو افسانو اختتام تي رسيو. پنجابي شاعر هدايت
الله ڇا ته خُوب چيو آهي!
الف ايک ترنجن تون کت اگي
ساڊي نال ديان چرخي گيان
رهي شکل نه اونهان دي ياد سانول
جيڙهيان صورتان مٽي دي وچ لک گيان
ساڊي هان دي رهي نه رکهه لوگو!
جيڙي پهل پتر شاخان سُک گيان
پُلي چال شطرنج هدايت الله
باري برد هوئي گوٽان مُک گيان.
هاڻي ته اهڙيون بابرڪت صورتون ڪوئي وري ڪونه ڏسي سگهندو.
[ڪراچي: 10 ـــ جون 1963ع، نظرثاني: 10 ـــ اپريل 1966ع، ڇپيل:
سماهي ”اردو، آڪٽوبر 1966]
گوئٽي تمام ذهين هئڻ جي باوجود ’بيٿو ون‘ کي سمجهي نٿي سگهيو.
چون ٿا ته شارپ مائنسز ۾ پنهنجي منفرد ’سناٽو‘
ڌُن، بيٿوون خاص ڪري گوئٽي کي ٻُڌائڻ لاءِ وڄائي.
آخري سُر تي بيٿوون گوئٽي ڏانهن ڏٺو، جيڪو
خاموشيءَ ۽ بيزاريءَ ۾ ٻُڏل، بلڪ برف جيئن ٿڌو ۽
غير متحرڪ پئي لڳو، اهو ڏسي بيٿوون رڙ ڪري چيو:
”اُستاد! جيڪڏهن اوهان به پنهنجي لفظن سان منهنجي
فن کي داد نه ڏيندؤ، ته پوءِ مان داد وٺڻ يا گُهرڻ
ڪٿي وڃان؟“ ــــ آندري
زيد
|