سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2002ع

مضمون

صفحو :14

الله بخش شيخ

اسسٽنٽ مئنيجر

سنڌي ادبي بورڊ، بُڪ اسٽال

 

ڪلچر کاتي جِي ڪراچيءَ ۾ ڪئليگرافي، ڇپيل ۽ قلمي ڪتابن جي نمائش

 

حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي، ڪراچيءَ ۾ تاريخ 19 آڪٽوبر تي شام جو ’هندو جيمخاني‘ جي بلڊنگ ۾، فنِ ڪتابت ۽ ڇپيل ۽ قلمي ڪتابن جي نمائش ڪئي. حيدرآباد جي نوجوان آرٽسٽ عتيق ميو جِي، قلم ۽ ڪاغذ بدران سڳي سان ڪپڙي تي ”سوره رحمٰن“ جي خطاطي دراصل نمائش جي خاص ڪشش هئي. جناب محمد ميان سومري، گورنر سنڌ، نمائش جو افتتاح ڪيو ۽ پنهنجيءَ تقرير ۾ چيو ته

”سنڌ سرڪار، ثقافت، سياحت، تهذيب تمدن ۽ فنون لطيفه کي اڳتي وڌائڻ ۾، پنهنجون ذميواريون نڀائيندي. گورنر صاحب ان سلسلي ۾، جناب عاشق حسين ميمڻ، سيڪريٽري ڪلچر، گل محمد عمراڻي، ڊائريڪٽر جنرل، ڪلچر، غلام رباني آگري، چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ ۽ محمد قاسم ٻگهيي چيئرمن سنڌي زبان اٿارٽي ۽ ٻين جا نالا کڻي، سندن ڪوششن جي تعريف ڪئي. هن هدايت ڪئي ته: ”هن قسم جون نمائشون شاهه لطيف، سچل سرمست، لعل شهباز قلندر ۽ ٻين صوفي بزرگن جي مزارن ۽ اهم تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن سان گڏ، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ پڻ ٿيڻ گهرجن، ته جيئن ماڻهو سنڌ جي ڪلچر کان واقف ٿين.

گورنر سنڌ، مسٽر عتيق ميو جي محنت ۽ فن پارن جي تعريف ڪندي، کيس هڪ لک روپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

ان کان اڳ، ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي سيڪريٽري جناب عاشق حسين ميمڻ، پنهنجي آجيان واري تقرير ۾ چيو ته ”ثقافت ۽ سياحت کاتي، فنڪارن لاءِ هڪ فنڊ قائم ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي گورنر ڏهه لک روپيا ۽ صوبائي وزير خزانه جناب عبدالحفيظ شيخ پنج لک ڏنا آهن.“ هن سرنديءَ وارن کي اپيل ڪئي ته هو پڻ هن فن ۾ ڀرپور مدد ڪن.

SINDHI DINNER

سنڌي عشائيه

 

’عشائيه‘ رات جي مانيءَ کي چئبو آهي. سنڌ ۾ اڳي شاديءَ جي دعوت تي جيڪا ’ماني‘ ٿيندي هئي، تنهن کي به عام طرح ’شاديءَ جو ڀَتُ‘ ڪوٺيندا هئا. عام ماڻهو، اڃا تائين ڳوٺن ۾ ڀَتُ ڪوٺيندا آهن ۽ ان جو’سَڏُ‘ ڏيندا آهن. پر، شهرن ۾، بيٺل ماڻهو ڇپيل ڪارڊ جو ٽڪرو موڪلي ڏيندا آهن ته فلاڻيءَ رات ’وليمو‘ رکيل آهي. اهو ’وليمو‘ لفظُ اردو زبان مان سنڌ ۾ آيو آهي. هاڻي ’عشائيه‘ لفظُ به رائج ٿيو آهي.

انگريزي ۾ رات جي مانيءَ کي ’ڊنر‘ ڪوٺيندا آهن. پاڪستان
ٺهڻ کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ ’سنڌي ڊنر‘ (
Sindhi Dinner) جورواج ڇو پيو؟ ۽ ڪيئن پيو، اُن جي پوري خبر ڪانهي. پر، ڀانئجي ٿو، ته ڪن سنڌي شخصن پنهنجي معاشري ۾ اوچتو نوان لوڏا ۽ لهرون ڏسي، پنهنجي ڪلچر جي حفاظت لاءِ، ڪنهن ڇٽيءَ جي ڇانوَ هيٺ ويهي، ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي رٿ ڪئي. سوچيائون ته چار ماڻهو رات جي مانيءَ تي گڏ ٿيندا ۽ ڪي چڱيون ڳالهيون ڪندا، ته اُن ۾ ڪنهن کي اعتراض ڪونه ٿيندو. سو، ”سنڌي ڊنر“ جو بنياد وڌائون.

ڪراچيءَ جي مٿين ڪلاسن جا اهي باشعور سنڌي ماڻهو، هڙئون وڙئون چندو ڏئي، سنڌي ڊنر ۾ شريڪ ٿيندا هئا. سنڌي ڪلچر جي تحفظ جون ڳالهيون ڪندا هئا، پر عملي سياست (Practical Politics) کان پري رهندا هئا. انهن شخصن ۾ هڪ اهم نالو هو ايم. يو. عباسي.

عباسي صاحب هڪ پرنٽنگ پريس هلائيندو هو. صدر ۽ برنس روڊ جي چوراهي وٽ، وڏي ديول جي آمهون سامهون، “A-One”  نالي Dry Cleaners جو دڪانُ هوندو هو، جنهن جي پٺيان سندس پرنٽنگ پريس هوندي هئي. پاڻ هڪ انگريزيءَ ۾ ’هفتيوار اخبار‘ به ڪڍندو هو.

ڪراچيءَ جي ٻين پريس وارن وانگر، عباسي صاحب به سنڌي ادبي بورڊ جي جاب ورڪ لاءِ ايندو هو. سدائين سفيد رنگ جي قميص، سفيد رنگ جي پينٽ ۽ سفيد بوٽ پائي ايندو هو. سنڌي ادبي بورڊ جو پٽيوالو جڏهن به وٽانئس ڪتابن جا پروف کڻي ايندو هو، تڏهن چوندو هو ته ”پريس ۾ سفيد لباس وارو صاحب ڪرسيءَ تي ويٺو هو.“ ايم. يو. عباسي صاحب جي شخصيت جو هڪ پهلو اهو هو ته پاڻ ئي سنڌ ڊنر جو مکيه منتظم هوندو هو.

اها سنه 1959ع جي ڳالهه آهي. گذريل چاليهن سالن ۾ ڪراچيءَ جي دنيا بلجي ويئي. ايم يو. عباسي صاحب هي جهانُ ڇڏي ويو. ڪراچيءَ مان سنڌي ڊنر جر روايت ختم ٿي ويئي.

* * * *

تازو ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ميٽنگ ٿي. بورڊ جي بزرگ ميمبر، محترم رسول بخش شيخ موٽ تي حيدرآباد ۾ ڪجهه ڏينهن ٽڪيو. تلڪ چاڙهيءَ وٽ هيٺ مشهور ۽ معروف ”عباسي اسپتال“ آهي، جيڪا خانبهادر ڊاڪٽر عبدالعزيز عباسيءَ کولي هئي. دراصل اها اسپتال ”پرتاب محل“ ۾ آهي، جيڪو انگريزن جي زماني ۾ ٺهيو هو.  (جنهن جي قيمت هاڻي ڪروڙين رپيا چئي وڃي ٿي.)

پاڪستان ٺهڻ کان ٽي سال پوءِ، سن 1950ع ۾، خانبهادر عبدالعزيز عباسيءَ اها اسپتال قائم ڪئي. تڏهن پاڻ انسپيڪٽر جنرل سول اسپتال سنڌ جي عهدي تان رٽائر ٿيو هو. انهيءَ زماني کان وٺي هيءُ اسپتال سنڌ ۽ بلوچستان جي عام ۽ خاص ماڻهن لاءِ علاج معلاج جو هڪ وڏو مرڪز آهي. منجهس آپريشن ڪرڻ لاءِ هڪ سٺو آپريشن ٿيٽر پڻ آهي، ليڪن، اسپتال جي خاص ڳالهه اها آهي ته مالي طرح غريب ماڻهن کان پيسا ڪونه ورتا ويندا آهن.

خانبهادر عبدالعزيز جي وفات کان پوءِ سندس فرزند ڊاڪٽر عبدالحميد عباسي پنهنجي والد بزرگوار جي قائم ڪيل اسپتال اهڙي ته سٺي نموني ۾ هلائي ٿو، جو انهيءَ کي هڪ ادارو (Institution) بنائي ڇڏيو اٿائين. ڊاڪٽر صاحب کي سندس ٻاجهاري سڀاءَ سبب عام طرح ’مٺو‘ ڪوٺيندا آهن.

* * * *

ڊاڪٽر مٺي جي محترم رسول بخش سان ڪا تمام پراڻي دوستي آهي. سو، سندس مان ۾ ڊنر ڪيائين ۽ ان ۾ تعليمدانن ‎، عالمن ۽ اديبن کي سڏيائين. مان اٺين بجي رات جو پرتاب محل تي پهتس، ته مٿان ڊاڪٽر بلوچ صاحب به پنهنجي فرزند علي محمد خان سان گڏ آيو. پرتاب محل جون ڳالهيون مون گهڻي زماني کان ٻُڌيون هيون، پر منجهس اندر وڃڻ جي اڳي ڪڏهن به اتفاق ڪونه ٿيو هو. محل جي مٿئين طبقي ۾ ڊاڪٽر صاحب جي رهاشگاهه آهي ۽ هيٺ اسپتال آهي. اسان سڌو سامهون رسيپشن تي وياسون. اُتي اڳيئي هڪ شخص اسان جو منتظر هو، سو، ڀرسان پٿر جي ڏاڪڻ وٽ وٺي هليو، جنهن تي اميراڻي ٺٺ سان سرخ قالين وڇايل هو. آجيان جي انهيءَ طريقي کي انگريزيءَ ۾ ڪوٺبو آهي. Red Carpet welcome اسان سرخ قالين واريءَ ڏاڪڻ تي چڙهي مٿي هڪ هال ۾ داخل ٿياسين. پنجاهه ورهيه پوئتي ڪنڌ ورائي ڏسبو، ته مڃڻو پوندو ته هيءُ هال واقعي ڪنهن محل جو هوندو! وڏو، ويڪرو، ڪشادو ۽ ايئرڪنڊيشنڊ آهي. چئني ڀتين تي، زمين کان چار پنج فٽ مٿي، ڪاشيءَ جون سرون لڳل اٿس.

سنڌ ۾ عام تاثر هوندو هو ته هندو ماڻهو ڪاشيءَ جون سرون ڪونه هڻائيندا هئا. لاچار کڻي، جاءِ جي ٻاهران پَڪَ ـــ سرائينءَ جاءِ جي ڪانس تي، شو (Show) لاءِ هڻائيندا. پر، عام مسلمانَ پنهنجين مسجدن، مقبرن ۽ قبرن تي ڪاشيءَ جون سرون شوق سان هڻائيندا هئا. سو، مون ڊاڪٽر بلوچ صاحب کان پڇيو ته ”سائين، ڪاشيءَ جون هي سرون هاڻي لڳيون آهن يا شروع کان هيون؟“

ڊاڪٽر صاحب کي خود خبر ڪانه هئي. پر، ايتري ۾، ڊاڪٽر مٺو اچي ويو ۽ جنهن ٻڌايو ته ”شروع کان لڳل هيون.“

هال ۾ چانديءَ جا صوفه سيٽ رکيل هئا. مهمان ايندا ويا ۽ وهندا ويا. هڪ ڪرسي، البت، انوکي نظر آئي. ڊاڪٽر مٺي چيو ته ”اِها ولايت مان وٺي آيو آهيان. نيپولين بوناپارٽ جي ڪرسيءَ جو نمونو (Replica) آهي.“ چيائين ته، ”ڪجهه سالن کان نڪرڻ ڪونه ٿو ٿئي، نه ته هر سال يورپ جو چڪر ڏيندو آهيان، پوءِ ڪڏهن ڪا شيءِ، ته ڪڏهن ڪا وٺي ايندو آهيان.“ جوليس سيزر جو سنگمرمر مان ٺهيل هڪ مجسمو ڏيکاريائين، جو به ولايت مان وٺي آيو هو. ٻيو مجسمو وينس جو رکيل هو، جيڪو ڏاڍو سهڻو هو. عورت جو اُرهه ۾، قدرت ٻار جي غذا لاءِ کير جو چشمو رکيو آهي، پر، ايڏي ته سهڻي بندوبست سان، جو مولانا جاميءَ ’مثنوي يوسف زليخا‘ ۾، عورت جي اُرههَ کي ”قيبہء نور“ سان تشبيہ ڏني آهي. پرتاب محل ۾ رکيل شيون سڀ سهڻيون آهن، پر، جنهن کي به ”نُورَ جا قبا“ ڏسڻا هجن، سو، پرتاب محل ۾ وڃي، وينس جو سنگمرمر جو مجسمو ڏسي!

پرتاب محل جي تاريخي حيثيت جي ڳالهه نڪتي، ته ٻڌايائون ته منجهس هڪ تهخانو به آهي، جنهن ۾ سباش چندر بوس رهي ويو آهي. ڪن چيو ته پرتاب محل ۾ آل انڊيا ليول جا ٻيا ليڊر به اچي رهندا هئا. ان تي ڊاڪٽر مٺي هڪ دلچسپ ڳالهه ٻڌائي. چيائين ته، ”ڀائي پرتاب مري ويو. سندس نياڻي Cannery Islands ۾ رهندي آهي، جيڪي يورپ جا تمام حسين ٻيٽ آهن. اُتي ڪو ٻِيو سنڌي سيٺ به رهندو آهي، تنهن کي الائي ڇو اچي اندر ۾ ڇڪ ٿي، ته جيڪر ’حيدرآباد‘ وڃي هڪ دفعو پنهنجو اباڻو گهر ڏسي اچان.“

ڀائي پرتاب جي ڌيءُ چيس ته ”پوءِ مهرباني ڪري اسان جي گهر مان به ليئو پائي اچجانءِ.“

سيٺ حيدرآباد آيو، ته مون کي فون ڪيائين. مون کيس سڪ سان سڏيو ۽ سندس آڌرڀاءُ ڪيم. خوش ٿي، واپس موٽي ويو. اُتي وڃي ڀائي پرتاب جي ڌيءُ کي حال احوال ڏنائين، جا به ٻڌي ڏاڍي خوش ٿي. ـــ ـــ مڄاڻ ته قدرت طرفان سيٺ کي رڳو سنڌ ۾ پنهنجو اباڻو گهر ڏسي اچڻ جي مهلت مليل هئي. هفتي کن ۾ هي جهان ڇڏي ويو!

انهيءَ قصي تان هندستان جي هندن، خاص طرح، پڙهيل ڪڙهيل عاملن جو ذڪر نڪتو، جيڪي سنڌ مان لڏي ويا، ته ڪي ڪاٿي ته ڪي ڪاٿي وڃي گهر ڪري ويٺا. انهن جا احوال دادي ليلا ڏاڍا دلچسپ ٻڌايا. پنهنجي خاوند جون به ڳالهيون ٻڌايائين، جن جو تَتُ پرج اِهو هو ته ’سنڌي ڪلچر ڏاڍو شاهوڪار آهي، ۽ سنڌي ماڻهو اعليٰ روايتن جا امين آهن.‘

سنڌي ڪلچر مان سنڌي جي تاريخ ۽ تاريخي جاين جو تذڪرو نڪتو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب وضاحت سان سمجهايو ته ’رني ڪوٽ سنڌ جي ڌارين حاڪمن ڪونه ٺهرايو هو. دراصل، ٽالپرن ٺهرايو هو.‘

پرتاب محل جي هال ۾ پيانو به رکيل هو، (يا ڪو هارمونيم هو). مون اُن ڏينهن گهڻو گوش ڪونه ڏنو هو. خبر تڏهن پئي جو دادي ليلا اوڏانهن ويئي ۽ پيانو کولي، راڳ ڳائڻ شروع ڪيائين. ڪي سنڌي راڳَ ڳايائين! سنڌيءَ ۾ چئبو آهي ته ’اصل مَٽَ ڀڃي ڇڏيائين!‘ ـــ ـــ کيس ڳائڻ تي ڏاڍو ڪو ملڪو آهي!

ڊاڪٽر مٺي ٻڌايو ته اسپتال مان فرصت اصل ڪانهيم. هفتو هفتو جاءِ مان ٻاهر ڪونه نڪران، سو، مهيني ماسي، دوستن کي مانيءَ تي سڏيندو آهيان. ڪڏهن ڊاڪٽر ته ڪڏهن تعليمدان، ته ڪڏهن ڪي ٻيا. مڙئي محفل مچايون ويٺو آهيان. ڪنهن سان چاليهن سالن کان سنگت اٿم، ته ڪنهن سان پنجاهه ورهين کان، ڪنهن به رنگروٽ سان دوستي ڪانهي. سڀ ڏاها، زماني شناس ۽ جهونا دوست اٿم. محفل ۾ موجود، پنهنجن دوستن ۽ احبابن جو تعارف ڪرائيندي سندن نالا ٻڌايائين: مسٽر شمشاد جوڻيجو، وڪيل دادو، پروفيسر ضمير احمد، اڳوڻو صدر شعبه ڪيمسٽري ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو، جناب علي محمد خان بلوچ، اڳوڻو سيڪريٽري آبپاشي، محڪمه سنڌ، ممتاز عالم، اديب ۽ محقق، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جناب غلام رباني آگرو، چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ، جناب رسول بخش شيخ، ميمبر سنڌي ادبي بورڊ ۽ ايڊيٽر هفتيوار ”صداقت“ جيڪب آباد، حيدرآباد جو مشهور ۽ معروفُ، سرجن ڊاڪٽر عبدالغني صديقي، مشهور تعليمدان دادي ليلان هرچنداڻي، ۽ گيانچند، حيدرآباد ـــ ـــ سرجن غني صديقيءَ لاءِ ٻڌايائين ته ”ڏينهن ٻه اڳ ولايت مان موٽيو آهي.“

ڊاڪٽر مٺي جي ڊنر جي خاص ڳالهه اها هئي ته ڪراچيءَ جي سنڌي ڊنر وانگر منجهس به سياسي گفتگو هئي ئي ڪانه، ائين ٿي لڳو ته سگريٽ نوشيءَ وانگر ان تي به بندش پيل هئي. اسان جي ڪچهري عروج تي هئي جو اوچتو سڏ ٿيو ته ”ٽيبل تي ڊنر لڳي آهي، سو، اچو، متان ماني ٺري وڃي.“

هال جي ٻاهران هڪ ويرانڊو آهي، جنهن کي خود هڪ هال چئجي ته غلط ڪونه ٿيندو. ويهارو کن ماڻهن لاءِ ڊنر ـــ ٽيبل مختلف قسمن جي نهايت لذيذ طعامن سان ڀري پيئي هئي. سنڌي مانيءَ جو ساءُ ئي پنهنجو آهي. مانيءَ تي به سنڌ جي علم ۽ ثقافت جون ڳالهيون جاري رهيون. اهي ٻڌي مون کي وري وري ڪراچيءَ ۾ ايم. يو. عباسيءَ واري سنڌي ڊنر ياد آئي.

آخر ۾ جڏهن سُئيٽ ڊش  Serveڪيائون، ته الائي ڪيئن راڳ جو ذڪر نڪري پيو. ڊاڪٽر مٺي چيو ته ”اوهان کي ڊنر ٽيبل تي ويٺي ويٺي ئي مئڊم نورجهان جي سي. ڊي. ٻڌايون ٿا.“ ائين چئي، ويٺي ويٺي، ميز تي هيٺان، خبر ناهي ته ڪنهن بٽڻ کي دٻايائين، جو اوچتو سامهون واريءَ ديوار، سئنيما جي پردي وانگر چمڪڻ لڳي، ۽ هڪ سُريلو آلاپ ڪن ٿي پيو.

ڊاڪٽر مٺي کِلي چيو ته، ”سائين! ڀل ٿي ويئي. نورجهان ڪانهي، لتا منگيشڪر آهي.“ پر، اسان کي لتا جي گانن ڏاڍو مزو ڏنو، ڇو ته موسيقي مُلڪي سرحدن جي مٿان پرواز ڪندي آهي.“

محفل موسيقي پوري ٿي، ته مهمانن به ڊاڪٽر مٺي کان موڪلايو. ”يار زنده، صحبت باقي“ جي مقولي تي عمل ڪندي، ڊاڪٽر مٺي سڀني دوستن کي ڀاڪر پاتو ۽ سندن آمد جو شڪريو ادا ڪيو. سائين رسول بخش شيخ صاحب فرمايو ته، ”ادا، مان به سڀاڻي جيڪب آباد ويندس.“

مون کيس موڪلائڻ لاءِ ڀاڪر پاتو ته هڪ فارسي شعر ياد آيو، جنهن جو مطلب آهي:

”هيءَ نسيمِ سحر اوهان پارَ کان آئي آهي.“

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com