ايوب کوسو
غزل
جڏهن وڳر جون اُڏارون آيون،
لڳم اوهان جون نِهارون آيون.
خزان جي رُت ۾ سڙيون هي ڪليون،
الئجي ڪاٿي بهارون آيون.
وفا جي موسم غمن ۾ گذري،
اکين ۾ ڳوڙهن قطارون آيون.
اوهان لِڪي ويا دردن جي پويان،
اسان جي آڏو ديوارون آيون.
پڙهي ڏٺاسين هوا جا هٿڙا،
اسان لئه اڪثر ميارون آيون.
لُڏيون به يادون اُڏيون به سوچون،
نه ڄاڻان ڪنهن جون پُڪارون آيون!
وسيم سومرو
نظم
ڪالهه کان،
ڀت تي ٽنگيل وڻن منجهان
هڪ وڻ گم آهي،
ڇا اُن کي ڪنهن ٻالڪ چورايو؟
يا اُهو پکي ٿي
ان روشندان مان اُڏامي ويو؟
جنهن مان، نيري آسمان جو ليئو
هميشه ساڻن ڳالهيون ڪندو هو
آسمان جو ليئو ئي ڄاڻي ٿو،
ته ڀت تان اُڏامڻ ويل وڻ
ڪنهن چورايو آهي ـــ
هوا ته بنهه بي خبر آهي،
ڪالهه کان،
ڪمري جي ڀت تي ٽنگيل وڻن منجهان،
هڪ وڻ گم آهي!
”جوهر“ بروهي
غزل
ايتري بيرخي به ڇاجي لاءِ،
اوکي آ دوستي به ڇاجي لاءِ.
ڪونه پنهنجو ڪري سگهيس توکي،
هاءِ، گهوريم وَهي به ڇاجي لاءِ.
سور، صورت ۽ سونهن ۾ ويڙهي،
تو ڏني سوکڙي به ڇاجي لاءِ.
مون سڏيو، تون سڏيو خبر ناهي،
ٿي وئي واقفي به ڇاجي لاءِ.
چوڏهين چنڊ رات تون نڪتين،
ماٺي ٿي روشني به ڇاجي لاءِ.
عشق ويلي ”بروهي جوهر“ تون،
چاهين پيو ٿو خوشي به ڇاجي لاءِ.
مختيار گهمرو
غزل
قرب ۾ ڪيئي ڪين ويا ٿي،
برهه ۾ سؤ بي دين ويا ٿي.
هڪڙي تنهنجي ماڻي موهيو،
جيون پل رنگين ويا ٿي.
نيڻ شڪاري دل جا ماري،
ڇا ته ڏسو شاهين ويا ٿي؟
نيڻ ملايئه، نيڻن پيتو،
پيئڻ جا شوقين ويا ٿي.
سِڪ ۾ سُڪ ٿي ساڃهه وارا،
نيڻن سان نابين ويا ٿي.
نينهن نشي ۾ گيت لکيم جي،
الفت جا آئين ويا ٿي.
سڄڻن جا ”مختيار“ ڀلا ڇو،
لفظ ۾ اڄ سنگين ويا ٿي!
فياض چنڊ ڪليري
دل چري آ...
اي ڊسمبر!
رات تنهنجي ڪيتري غمگين آهي،
روح منهنجي جون گهٽيون سڀ،
ڪنهن جي پيرن جي ڪنول کان،
دور ٿي،
ائين وڇوڙي جي قبر ۾ دفن ٿي ويون،
جيئن پرانهون ۽ پراڻو ڪو قبرستان،
جِت نه ڪا دونهين دُکي ٿي
۽ هوا ڀي ڪين جت نوحو چوي ٿي
ڪوئي هڪ بي ترتيب لمحو،
زندگي جي دائري ۾،
اوچتو داخل ٿيو ۽،
آئون پيرن کان وٺي آڪاش تائين،
لمس هڪڙي جي لهر ۾
پاڻ کي لوڙهي ڇڏن جي آرزوءَ ۾،
پاڻ ئي لهرن جيان وکري ويس
ڪا اُڀي تڙ،
باس لئه بي چين ناهي.
ڪنهن به پل جي چيچ مون کي
ڇو ڇلي جان، پاڻ ۾ پائي نهٿي
دل چري آ، بي چئي آ،
ذلتن ۽ زيادتين جي باوجود،
هر دريءَ تي برف ڏسندي
”اجنبيءَ“ جا حرف ڏسندي
ڇو اڃا پڇتائي نه ٿي
آئون پنهنجون سرد راتيون،
ساهه جي سگري حوالي،
ڪيئن ڪيان، ڪيسين ڪيان؟
هوءَ لئيءَ جي لام جهڙي،
تاءُ سان ڀرپور پياري،
پاڻ کي ميڙي، سهيڙي
۽ نظر جا ٿان ويڙهي
ڄڻ ته منهنجي جان ويڙهي
دل ـــ نگر کان دور ٿيڻ جي سوچ هيٺان
پاڻ کي پوري ڇڏي ٿي ـــ
هوءَ،
جنهن جي ڊائريءَ جي،
هر صفحي جي ابتدا ۽ انتها ۾،
نانءَ هڪڙي جي گُهلي خوشبو هئي،
اڄ اُها منهنجي هجڻ جي باوجود.
اجنبي ڇو ٿي وئي آ؟
اجنبي ڇو ٿي وئي آ؟
اسحاق سميجو
غزل
ٿانيڪا ٿين ڪيئن هي پاڳل سيلاني،
نيڻ مسافر، جهڙا بادل سيلاني.
ڪيئن ڪو ڀؤنرو هڪرو گُل جو ٿي رهندو،
ڪيئن نه رُلندو ساحل ساحل سيلاني.
رولاڪيءَ جي رسم سدائين رهڻي آ،
اک اک آهي جزيرو، دل دل سيلاني.
هن ديس جا ديس لتاڙيا جنمن کان،
درد زماني ڀر جو ڄاتل سيلاني.
تنهنجو شهر ته سهڻو آ، پر ڪيئن ٽِڪي،
ساجن! سيلانيءَ جي منزل سيلاني.
هي جو هاڻي ڦاٽل سڙهه جيئن ڀاسي ٿو،
طوفانن سان آ ٽَڪرايل سيلاني.
بشير سيتائي
غزل
جڳ رُئاريو، کِلي پيا آهيون،
تو کِلايو، روئي پيا آهيون.
هيرا آهيون اسان جو قدر ته ڪر،
ڪنڪرن مان لڀي پيا آهيون.
دوستو! هر ستم جي سيني ۾،
خنجرن جان کُپي ويا آهيون.
قافلو منزلن تي اُسهيو آ،
گهنڊ آهيون، وَڄي پيا آهيون.
تون ڪو اسرار آهين، راز آهين،
تو ۾ اونها لهي پيا آهيون.
اوچتو ههڙي گهُٽ ٻُوسٽ ۾،
هير وانگي گُهلي پيا آهيون.
هڪڙي ابدي حيات ماڻڻ لئه،
ماريو تو، مري پيا آهيون.
تون ٿو ڊاهين، ڊهڻ لاءِ آتا هون،
تون ٿو ٺاهين، ٺهي پيا آهيون.
تون به هن دور جو ڪو سچ آهين،
تنهنجي پويان لڳي پيا آهيون.
تو سان گڏ خاردار رستن تي،
همسفر ٿي هلي پيا آهيون.
رُڃ جو آ سفر، ته فڪر نه ڪر،
اُس ۾ ڇانءَ ٿي پيا آهيون.
پاڻ ڀي آهيون وقت جا گوتم،
دل ڀوڳڻ سيکي پيا آهيون.
عاشق آهي اسان جو نانءُ ’بشير‘،
حسن تي بس هِري پيا آهيون.
ابرار ابڙو
غزل
رچي پچي راس ٿي وياسين، عمر جي در تي ڇڻي وياسين،
نه آئين نيڻن ۾ رات هڪڙي، اُميد هرڪا کڻي وياسين!
چپن تي لفظن جا ميڙ ڦهليا، صدا نه بڻجي گُهلي سگهياسين،
هميشه برسات ماٺ جيءَ ۾ ڪڻي ڪڻي ٿي ڪڻي وياسين!
اسان ڪنهن ڪشڪول جا سڪا ڀي نه ٿي سگهياسين سڄي حياتي،
رڳي صدائن جي رڻ تتل جي اُداس واري بڻي وياسين!
ضمير مهلت ڏني گهڙي کن، هوا ۾ لفظن جو زهر بڻجي،
گُهلي پياسين ۽ تنهنجي آڏو هي سچ جو نعرو هڻي وياسين.
اسان اُداسين جو پهر هئاسين ۽ زهر هئاسين حيات جي لئه،
ٿئي ٿو تعجب به پو به توکي الائي ڪئن اڄ وڻي وياسين!
روبينه ابڙو
نظم
روز جڳ ۾ پيون نفرتون ٿيون وڌن!
هاڻ پئسي تي ئي عظمتون ٿيون وڌن!
وقت ڪيڏو عجيب سال، صديون جنم،
ساعتون ٿيون وڌن!
ياد توکي ڪرڻ مان ڀلا فائدو؟
وحشتون ٿيون وڌن!
سال، صديون لڳن ڪوششن ۾ تڏهن،
حُجتون ٿيون وڌن!
تنهنجي ساڃهه سان ئي سوچ ساگر اندر،
دولتون ٿيون وڌن!
مون نه چيو آ ڪڏهن، دورين سان پرين،
محبتون ٿيون وڌن!
سار ساگر منجهان سُور ڇوليون اُٿن،
راحتون ٿيون وڌن!
روڪ تِن کي تون هاڻي جي روڪي سگهين،
وڻ ويڙهيءَ جيان عادتون ٿيون وڌن!
”ساحر“ راهو
غزل
پراڻين يادگيرين مان نئين ناسور ڳالهايو،
پرين! پٿر پَرائي تي ته پنهنجي سور ڳالهايو.
مِلي ورهن پڄاڻا پر سندس لهجو پرائو هو،
وڪاڻيل چيز جان ڄاتل سکيءَ جي گهور ڳالهايو.
گهڻي عرصي جي چَپ پگهري ترنگ ڇڙيا هوا مهڪي،
اسان سپني ۾ سانول سان هيو ڀرپور ڳالهايو.
ڪبيرو ڏوهه آ چاهت، اوهان واجب قتل آهيو،
اکيون اکڙين جي پورن ۾ لٿيون، دوستور ڳالهايو.
اسين هيراڪ جنهن جا، نئون هي حادثو ناهي،
چُمي سوريءَ جي سرڪڻ کي نئين منصور ڳالهايو.
چلو تحفو ڏنل هن جو ڏيکاريم يادگيري لئه،
ويو بچپن ويون ڳالهيون کُلي اک پور ڳالهايو.
اڃا پهراڻ جون ٽڪون ٻرن ٿيون منهنجي نيڻن ۾،
کُلي اجرڪ جي ڦَلڙين مان پراڻي پور ڳالهايو.
گلي سوڙهي اسين گونگا، شهر ۾ سور هو ’ساحر‘،
ڀنل نيڻن مان بارش ٿي هيو دل چور ڳالهايو.
بخشل ”باغي“
غزل
برف پوندڙ پربتن تي سوچجان،
تون خدا جي رحمتن تي سوچجان.
عيب منهنجا تون نظر ۾ رک ڀلي،
پر، سندم ڪجهه محبتن تي سوچجان.
پير تنهنجا دل چُمڻ ٿي چاهيان،
دل چريءَ جي حسرتن تي سوچجان.
گُذرندي ئي هڪ نظر تن تي وجهي،
تون ڊٺل هن تربتن تي سوچجان.
ڏار کان ڇو واءُ ٽوڙي ٿو ڇڏي،
ڀونءِ تي ڪِرندڙ پتن تي سوچجان.
تون ڪڏهن تنهائي ۾ تن کي پڙهي،
پيار سان منهنجن خطن تي سوچجان.
ڀونءِ جو سودو ڪرڻ کان ڪجهه اڳي،
ٿورڙو پنهنجي وطن تي سوچجان.
جي مهارون موهه مان پڪڙي وڌيا،
تون اُٺن سان تن جَتن تي سوچجان.
ماهين هيسباڻي
ٽي سٽا
من مندر ۾ مون،
ناهي ڪوئي ٻيو:
رڳو تون ئي تون!
من اندر ڪو ميت
سوري ٿو ويٺو،
پريت جو سنگيت!
”ساڀيا“ سانگي
غزل
هي سوچون اجايون ڏسون ٿا پيا،
سندم سڀ تباهيون ڏسون ٿا پيا.
خوشامد سجائي رکو ٿا مٿان،
اندر جون برايون ڏسون ٿا پيا.
گناهن جي گس جي هلي هُو سکي!
مٿان ڏي صفايون ڏسون ٿا پيا.
گُهرڻ سان نه ڏي، اڻ گهريو ڏئي ڇڏي،
خدا جون ڀلايون ڏسون ٿا پيا.
چئون ٿا تڪبر ۾ ناهيون، ته ڀي،
’اسان ڀي اسان هون‘، ڏسون ٿا پيا.
وسارڻ سان وسري وئين نيٺ تون،
جُڳن جون ڪمايون ڏسون ٿا پيا.
انائن جي خاطر گهڻيون ’ساڀيا‘،
دلين ۾ جدايون ڏسون ٿا پيا!
پارس عباسي
هائيڪا
(تنوير عباسيءَ جي ياد ۾)
کنڊ هئو يا کير؟
گلڙن واري گهرڙي ۾
هڪڙو هو ”تنوير“!
گل پوءِ ڏسنداسي
مُرڪ مِٺي ’تنوير‘ جي
پهرين پَسنداسي.
ميڙا مِڙندا هئا
’سرمد ـــ گهر‘ جي آڳر تي
ٽانگر ٽڙندا هئا.
خيرپور هلنداسين
رهون نه رهون اُتي
ها، پر لنگهنداسي.
سو ڪو وقت هئو
جڏهن اسان تي بابل مٺڙو
ڪک نه سهندو هو!
هيل نه هلنداسي!
’سرمد ـــ گهر‘ جي آڳر تي
ڪنهن سان ملنداسي؟
گل نڪو پوپٽ
بابل ويو عميق ڏي
باغ بڻيو برپٽ!
رُسڻ جي هئي هير
بابل ويو عميق ڏي
پرچائي پوءِ ڪير؟
تو بن ڪيئن ڪريون؟
بابل! تنهنجي آلي بن ٿا
ور ور ٿاٻڙجون.
نيڻن ۾ اُتساهه
ڳول نه هاڻي پاڳل نينگر
ساڳيو پيار اَٿاهه.
جيون ڪيڏارو
تون سورج جيئن ست رنگ هئين
تو بن پئي پارو.
انڊلٺ منجهه اُڏام
مان، بابل ۽ باغيچو
’سرمد ـــ گهر‘ ۾ شام!
خليل عارف سومرو
غزل
نانءُ تنهنجا کڻڻ گهڻن چاهيا،
توکي سجده ڪرڻ گهڻن چاهيا.
ڇو نه توکي غرور ٿئي جاني،
پير تنهنجا چُمڻ گهڻن چاهيا.
ڪيتري خوس نصيب تون آهين،
ساهه تو تي ڇڏڻ گهڻن چاهيا.
هار سينگار کان سواءِ ڀي،
روپ تنهنجا ڏسڻ گهڻن چاهيا.
جا به شيءِ تو زبان تي آندي،
تنهنجا انگل مڃڻ گهڻن چاهيا.
ساهه پنهنجا سڄي حياتي لئه،
نانءُ تنهنجي لکڻ گهڻن چاهيا.
شعر ’عارف’ لکيا ته ڇا ٿي پيو،
گيت توتي لکڻ گهڻن چاهيا.
جاويد ”سوز“ هالائي
غزل
اکين جي آرسيءَ ۾ ڇا ڏسين ٿي،
پروڪي رُت جا سپنا، ڏسين ٿي.
هي تُنهنجي هنج ۾ او ڌرتي سرتي!
وَهن ٿا رت جا دريا ڏسين ٿي.
هي تنهنجا نيڻ دروازي تي اٽڪيل،
پنهنجي آڏو ڪئين صدما ڏسين ٿي.
خزان جي مُند ڄڻ قاتل لڳي ٿي،
اداسيءَ ۾ سَکي چمپا ڏسين ٿا.
اسان کي راس ناهي ڪا خوشي تون،
هميشه ئي خوشي لمحا ڏسين ٿي.
ڏسي تو ڏانهن ٿو هُو گهوري،
۽ تون آهين جيڪا تارا ڏسين ٿي.
عامر سيال
نظم
تو ڪڏهن سوچيو به آهي
پيار ڇاهي؟ پيار ڇاهي؟
چنڊ کان ڀي خوبصورت
پيار جي ٿيندي آ مورت
شام، تنهنجي زلف جهڙي
پيار جي ڀي مُند اهڙي
روز هن کان ڪونه وسري
سار جو سورج ٿو اُڀري
روشني ئي روشني آ
دل ۾ خوشبو، شبنمي آ
تنهنجا ڳل خوشبو چمي ٿي
۽ وري مون وٽ اچي ٿي
چؤطرف سُرهاڻ آهي
نيڻ ۾ آلاڻ آهي
درد جا بادل به ايندا
زخم ڏيندا، زخم ڏيندا
تو ڇڏيو ڪنهن جي سهاري؟
اڄ به توکي دل پڪاري
ٻڌ صدا کي تون جتي آن
تو ڪٿي آن؟ تون ڪٿي آن؟
پاڻ وٽ ڀي فاصلا هِن
زندگيءَ ۾ زلزلا هِن
ڪو اچي مون کي ٻُڌائي
مان نٿو ڄاڻان الائي
ڪيستائين، ڪيستائين
ڇا ازل کان ابد تائين؟
درد منهنجا همسفر هِن!
خيال سڀئي منتشر هِن1
ديپ نيڻن جا ٻرن ٿا
راهه تنهنجي ئي ڏِسن ٿا
پيار جا ڪي گُل هٿن ۾
نانءُ تنهنجو ئي چپن ۾
بيقراري، بيقراري
۽ اکين ۾ انتظاري ـــ
روز جي موسم بڻي آ
پنهنجا جلوا تون کڻي آ
تنهنجو، پنهنجو نانءُ آهيان
تنهنجي اندر آنءُ آهيان
دُور توکان ڪيئن ٿيندس
تو سوا مان ڪيئن رهندس
منهنجي دل ڏاڍي جلي آ
تون هلي آ، تون هلي آ
پيار جا جهنڊا به ڦڙڪن
تو تي ڪيئي نظم لکجن
منهنجي لئه تون ڏات ـــ فن آ
شاعري تنهنجو بدن آ
شاعري تنهنجو بدن آ.
شائق ڪمبوهه
غزل
اڄ وري سُور ڪجهه سوايو آ،
اڄ وري ياد ڪوئي آيو آ.
توکي ڪهڙو پتو او ڳوٺاڻي،
تنهنجي نيڻن ۾ ڪو وڃايو آ.
جيترو ٿي سگهيو حياتيءَ ۾،
درد توسان اسان نڀايو آ.
ٿورو نيڻن مان پيار پاڻياري،
عشق منهنجو اڃان اُڃايو آ.
مونجهه مَنَ جي لهي وڃي ’شائق‘،
گيت اهڙو نه ڪنهن ٻڌايو آ.
عظيم سنڌي
ويران
هن بَڙ جي گهاٽي ڇانوَ ۾
ٽاڪ منجهند جو
تو ـــ مون ويهي پگهر سُڪايو
ڪيڏو دل کي آٿٿ آيو
اُن وڻ جو اڄ ويري تون
ٿو اُن جي پاڙ اکيڙين تون
توکي ڪيئن مان ڀاءُ چوان
۽ بڙ جي گهاٽي ڇانو چوان
او ٿڌڙي ـــ مٺڙي ـــ
هير جا ويري!
تنهنجي اک ٿي وئي آ ميري
ٽاڪ منجهند جو نٽهڻ اُس ۾
مون سان ويهي پگهر سُڪايهءِ
اُن تي ڪوئي رحم نه آيئه
توکي ڪيئن ها! توکي ڪيئن مان
ڀاءُ چوان ۽ بڙ جي گهاٽي ڇانوَ چوان
تون ٿڌڙي مٺڙي ـــ
هير جو ويري
ڄاڻان ٿو اک تنهنجي ميري
تون منهنجو ڀاءُ نه آهين
دشمن آهين دشمن آهين
هن ڌرتي جو
تون دشمن آهين.
امين زرداري
وائي
اڄ ڀي منهنجا پيار!
آهيان تنهنجي آسري.
جيڪي واعدا وئين ڪري، پيارل جلدي پار،
آهيان تنهنجي آسري.
ڪين وڻي ٿو تو سوا، سارو هي سنسار،
آهيان تنهنجي آسري.
نرمل تنهنجي نانءُ کان، گهوريان گهر تڙ يار،
آهيان تنهنجي آسري.
پنهنجو سمجهي ’امين‘ کي، گوڏي گڏ ويهار،
آهيان تنهنجي آسري.
خيال سنڌي
سڏ
وڇوڙي واري وري آ موسم
گواهه آهي پپر جو پن پن
تون مان به وڇڙي ته وڃڻا آهيون
پپر جي وکريل پتن جيان ئي
تون مان به وکري ته وڃڻا آهيون
انهي کان اڳ جو
سِڪون ٻيئي ۽ ملون نه ڪڏهين
انهي کان اڳ جو
روئون ٻيئي ۽ کلون نه ڪڏهين
انهي کان اڳ جو
سِڪڻ، لڇڻ ۽ رئڻ ئي پنهنجو
نصيب سمجهون
پرين هلي آ پرين هلي آ
ملي گلي سان
سمورا سُڏڪا ڇڏيون کُٽائي
اچ ته ايڏو روئون ٻيئي جو
تنهنجي اکين مان خواب منهنجا
منهنجي اکين مان خواب تنهنجا
وڃن اُڏامي، وڃن اُڏامي.
”ظهير“ زرداري
غزل
رات به گُهلندي هير ڏٺي مون،
تنهنجي آ تصوير ڏٺي مون.
تنهنجي چاهت جي، پيرن ۾
ساڳي آ زنجير ڏٺي مون.
منهنجو آهين، منهنجو آهين،
هٿڙن تي تحرير ڏٺي مون.
هاڻي ساڳيا درد نه رهندا،
ڦرندي آ تقدير ڏٺي مون.
آهي هر دم پنهنجي اندر،
تنهنجي ذات ’ظهير‘ ڏٺي مون.
گل ٽکڙائي
غزل
سڄي رات سُندر ستارا ٿا جاڳن،
اکين جا اُنهن سان اشارا ٿا جاڳن.
نڪو انت آهي نڪو ڇيهه آهي،
هي ساگر جا سهڻا ڪنارا ٿا جاڳن.
وڌو شور برپا هوائن ڪري آ،
کُلي گهر جي کڙڪي نظارا ٿا جاڳن.
سڄي رات ٿڙڪون ۽ ڄاڙي وڄي ٿي،
مگر پوءِ به ماڻهو پيارا ٿا جاڳن.
هئي ڪالهه بيوه اُها ڪنوار اڄ آ،
انهيءَ لاءِ ڪيڏا سهارا ٿا جاڳن.
اسان کان پڇو ٿا زماني جون ڳالهيون،
اسان جهڙا ڪيئي اُڃارا ٿا جاڳن.
جتي چاهتن جا مسافر هلن ٿا،
اُتي خيال جذبا ڪنوارا ٿا جاڳن.
جڏهن سوچ پنهنجي چپن کي ٿي چوري،
تڏهن روشنيءَ جا شرارا ٿا جاڳن.
مُٺين منجهه پوپٽ رهن ڦٿڪندا ٿا،
اُهي نوحا پڙهندا ويچارا ٿا جاڳن.
شعر ’گل‘ لکي ٿو ذهن کي ولوڙي،
سندس خيال سُندر سگهارا ٿا جاڳن.
وشال
غزل
زندگيءَ جو گُل نه جيئن مرجهائجي،
گيت چاهت جو سدائين ڳائجي!
نينهن جوناتو ڇنا، نڪريم دم،
هي وچن دل جان سان ورجائجي.
زنگ ذهنن تي چڙهي جڏهين وڃي،
پو رسالو شاهه جو اُٿلائجي.
بيوفا ٿيڻو نه آ، بس پيار ۾،
يار کي ڪجهه ٿورڙو تڙپائجي.
’ڏک سکن جي سونهن‘ ڀِٽ واري چيو،
ڇو غمن کان پو ڀلا گهٻرائجي.
روز وڇڙي روز ملجي ڇو ’وشال‘،
هڪ دفعو ئي پيچ پختو پائجي.
عطا قاضي
غزل
لفظ جن جا گلاب لڳندا هن،
سي ئي پوتر ڪتاب لڳندا هن.
ساري جيون ۾ توسان گڏ گهاريل،
پل اُهي ئي ثواب لڳندا هن.
پيار تنهنجي ۾ جي مليا مهڻا،
مون کي سُندر خطاب لڳندا هن.
ڪيئن وڻان ڪنهن کي؟ سچ چوڻ وارا،
ماڻهو اڪثر خراب لڳندا هن.
جيڪي چهرا، سوال بڻجي پيا،
سي ئي چهرا جواب لڳندا هن.
جيڪي اوندهه کي وڌائن ٿا ’عطا‘،
اُهي ڇو آفتاب لڳندا هن؟
انجم قاضي
گيت
اوچتو اوچتو، مَن جي پاتال مان،
پيار ڦُٽندو ويو،
اوچتو اوچتو،
اوچتو اوچتو!
هو ڪيو فيصلو، تو وسارڻ جو مون،
نانءَ تنهنجي تي پر،
گيت سِرجي پيو،
اوچتو اوچتو!
سار تنهنجي جڏهن، هن آئي کڻي،
تنهن سمي چؤطرف،
جڳ سڄو جرڪيو،
اوچتو اوچتو!
سڀ گهٽيون پيچرا، شهر جا اوپرا،
تو بنا من ڏکي،
آ ٿيو ڪيترو،
اوچتو اوچتو!
موڙ ڪهڙو اچي، ويو هي آهي مٺي!
پنهنجو ڪٽجي ويو،
پيار جو سلسلو،
اوچتو اوچتو!
”آس“ ٻٻر
غزل
بس، اسان جو جيئڻ مُشڪل هو،
ڇو ته پٿر ٿيڻ مشڪل هو.
بُت تان زندگي کي لاٿوسين،
ڇو ته اُن کي سِبڻ مشڪل هو.
چنڊ سان نيڻ ٽاڪي خوش آهيون،
اِن ڪري جو سُمهڻ مشڪل هو.
حُسن پُٺ تي ڇڏي آيا هُون،
بُک ۾ عشق ڪرڻ مشڪل هو.
توکي سارڻ ۾ ڇڏيوسون، جانان!
پاڻ کي روز ڦٽڻ مشڪل هو.
ڪنهن نه ڪنهن طرح مِٽي اوڍي سين،
ڇو ته ننگو رهڻ مشڪل هو.
گل حسن ”ساگر“ ڪوري
وائي
نيٺ ته باک ڦُٽي پوندي آ، رهندي ناهي ٻاٽ،
وٺجو واٽ سُواٽ.
توڙي اڳيان مقتل گاهون، اُوچا رکجو ڳاٽ،
وٺجو واٽ سُواٽ.
ساهت کيتر تي آهيان ڄڻ، آءٌ ڇمر جي ڇاٽ،
وٺجو واٽ سُواٽ.
ڪيڏا واءُ ڪيا ڙي آهن، سَرَ سَرَ ۾ سرڙاٽ،
وٺجو واٽ سُواٽ.
شعلا شعلا شعر اسان جا، توڙي ڪيڏي ٻاٽ،
وٺجو واٽ سُواٽ.
ساگر جي ڪا ڇولي بڻجو، مُور نه بڻجو ماٽ،
وٺجو واٽ سُواٽ.
وٺجو واٽ سُواٽ.
”مسڪين“ ابراهيم ملاح
غزل
سدائين رهياسين ڏکن ۾ رڳو،
رهيو ساٿ تنهنجو سُکن ۾ رڳو!
اسان جي رهي دربدر زندگي،
اسان رات روئي ڪٽيون اٿ لُڇي،
ويا ٽهڪ پنهنجا چپن کان رُسي،
حياتي جي ڪاٿي نه منزل ملي،
ملي ڪانه هِت ڪا اسان کي خوشي:
وئي عمر گذري غمن رڳو!
اسان پنهنجو جيون جلائي ڇڏيو،
اوهان جي پٺيان ئي وڃائي ڇڏيو،
اوهان ڀي اسان کي ڀُلائي ڇڏيو،
خبر ڪانه ڪٿ تو الائي ڇڏيو،
اسان کي مگر تو رُلائي ڇڏيو:
خزان آهي دل جي چمن ۾ رڳو!
هي جذبا اندر جا اُٿن، ڇا ڪيان؟
۽ هي درد دل جا وڌن، ڇا ڪيان؟
پرين! پور تنهنجا پون، ڇا ڪيان؟
نگاهون جي رستا ڏسن ڇا ڪيان؟
اوهان لاءِ اکڙيون روئن ڇا ڪيان؟
آهيون مرحلن جي مچن ۾ رڳو!
وهاب جروار
غزل
سُهڻا سُهڻا خواب اکين ۾ رهجي ويا،
بڻجي سي ته عذاب اکين ۾ رهجي ويا.
ريل ته پنهنجي ماڳ طرف پئي هلندي وئي،
چهرا گل گلاب، اکين ۾ رهجي ويا.
هر هڪ منظر دل تان آهه اُڪرجي ويو،
ڇوڪر، ڏاٽو، لاب، اکين ۾ رهجي ويا.
هن کي جيئن ڀريو مون پنهنجي ڀاڪر ۾،
سارا سندس حجاب اکين ۾ رهجي ويا.
مون کان جڏهين ڌار وئي ٿي، رب ڄاڻي،
ڳوڙها صرف ’وهاب‘ اکين ۾ رهجي ويا.
”اداس“ سولنگي
غزل
اَلائي ڪهڙو وفائن سندو انعام ملي؟
صلو ملي يا سزائن جو اهتمام ملي؟
وڌيڪ ڪير ڀلا ٿو ڏئي سگهي ڪنهن کي،
اهو گهڻو آ روين ۾ احترام ملي.
ستم ظريفي گهڻو ٿي روايتون ٽوڙي،
جديد دؤر گهري ٿو نئون نظام ملي.
اوهان کي ياد رهون ايتري خواهش آ،
خسيس شيءِ کي ڪڏهن ٿو وڏو مقام ملي؟
لحاظ ڪوڙو مگر بي رخيءَ کان بهتر آ،
ڪڏهن ڪڏهن ئي سهي، ڀل نه عام جام ملي.
اها عجيب روش آ جي منهن مَٽڻ وارا،
اگر اچن به کڻي منتظر غلام ملي!
جتي حيات سهارا وڃائي ويهي ٿي،
اُتي ’اداس‘ سفر جو ٿو اختتام ملي! |