Muhammad Mallok Unar
Social Worker & Member:
Human Rights Commission of Pakistan
محترم غلام رباني آگرا صاحب،
اوهان تي سلامتي هجي!
سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن مقرر ٿيڻ تي دل جي گهراين سان
مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
دعا آهي ته شل رب تعاليٰ اوهان کي تندرستي ۽ ڊگهي ڄمار بخشي ته
جيئن علم و ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪندا رهو. ـــ
ـــ مولا اوهان کي هميشه خوش ۽ آباد رکي. دعائون ۽
سلام،
محمد ملوڪ اُنڙ
حيدرآباد
محترم جناب غلام رباني صاحب
السلام عليڪم: مهراڻ مليو خبر پڙهي، بيحد خوشي ٿي ته اوهان کي
خدا جي فضل سان چيئرمن جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو
آهي. مان ”پراڻ“ جي پٽن ۾ ڪم ڪندڙ فلاحي ۽ غير
سرڪاري رضاڪار سماجي تنظيمن (NGOs)
پاران ۽ پنهنجي دوستن طرفان دل جي گهراين سان
اوهان کي مبارڪباد ڏيان ٿو.
سنڌ جي سڄڻن اوهان کي مبارڪباد جي خطن ۾ چڱا لفظ لکيا آهن، تن
جا توهان واقعي مستحق آهيو. اميد ته ماضيءَ وانگر
هاڻي به سنڌ جي ادب ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ مؤثر
قدم کڻي، سنڌ جي ماڻهن کي نئين صديءَ سان روشناس
ڪرائيندا. اسان جي حوالي ڪابه ذميواري رکندا، ته
اُنهيءَ کي اکين تي رکبو.
هِتِ محترم محمد ابراهيم جويي صاحب جي ادبي خدمتن جو ذڪر نه ڪرڻ
به پنهنجن سان ناانصافي ڪرڻ جي برابر ٿيندو.
زندگيءَ جو هڪ طويل سفر ادب جي خدمت ۾ گذاريو آهي.
کيس سنڌ ڌرتيءَ جيءَ ۾ جايون ڏيندي. اسان محب وطن
سڀ سنڌي باشندا کيس وڏيءَ عزت ۽ قدر جي نگاهه سان
ڏسون ٿا. دعا آهي ته کيس الله تبارڪ و تعاليٰ وڏي
ڄمار ۽ تندرستي ڏئي! زياده خير والسلام
خير محمد ڏاهري
ڊگهڙي
سائين، رباني صاحب
توهان قرب ڪري پنهنجي تنصيف ”سنڌ جا بر بحر ۽ پهاڙ“ موڪلي آهي.
اوهان هي ڪتاب موڪلي، توهان مون تي تمام وڏي عنايت
ڪئي آهي ۽ ايڏو وَڙُ ڪيو اَٿوَ. سائين منهنجا، سچ
پڇو ته توهان جهڙائي مٺا ماڻهو، اهڙي موٽ ڏيندا
آهن. توهان جي هن احسان کي ياد ڪندو رهندس.
حيدر سنڌي
اسلام آباد
ڊاڪٽر ايم اي قاضي، انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري
محترم سائين آگرا صاحب
اوهان کي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن جي عهدي تي تقرر ۾ مبارڪباد
ڏيڻ ۾ تاخير ٿي اٿم. منهنجيءَ نماڻيءَ راءِ موجب
اوهان اديب، عالم، محقق ۽ مفڪر آهيو، علمي ۽ ادبي
ادارن جو وڏو تجربو رکو ٿا ۽ سنڌ جي سماجي ۽ معاشي
حالتن جو اونهو اڀياس ڪيو اٿو. ملڪ جي گهڻن ئي اهم
قومي ۽ صوبائي ادارن سان قريبي لڳ لاڳاپا رکو ٿا.
سو، اسان سنڌ جي باشندن کي بجا طور اميد آهي ته
سنڌي ادبي بورڊ جي ترقي جي راهه ۾ مشڪلاتون دور
ڪري، ان کي اوج تي رسائيندا. ـــ ـــ دعا آهي ته
رب پاڪ اوهان کي اها توفيق ۽ وڏي عمر ڏئي! آمين.
ظفر الله ٽانوري
جناب محترم آگرا صاحب
اسلام عليڪم:
خوشي جي ڳالهه آهي ته سنڌي ادبي بورڊ جون ذميواريون توهان جي
حوالي ڪيون ويون آهن. علمي ادبي خدمتن جي حوالي
سان اوهان جو هڪ مڃيل مقام آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۾
ته اوهان جي جيتري دلچسپي آهي. اوتري ٻئي ڪنهن جي
مشڪل هوندي. سو، اميد ته توهان ان جي خدمت ۾ وسان
ڪونه گهٽائيندا، رب پاڪ اوهان کي ڪامياب ڪندو.
مهراڻ، سرتيون،گل ڦل سنڌي ادبيدنيا ۾ انتهائي اهم رسالا آهن،
انهن جو وقت تي شايع ٿيڻ ڏاڍو ضروري آهي. اميد آهي
ته ٽنهي رسالن جا محترم ايڊيٽر صاحبان پنهنجا
پنهنجا رسالا وقت تي شايع ڪرڻ جي پڙهندڙن اڳيان
پنهنجي ذميواري محسوس ڪندا. اميد ته خوش باش
هوندا.
والسلام
جوهر بروهي
فريد آباد، ميهڙ، ضلعو دادو
[انشاء الله، ”مهراڻ“ ۽ ”سرتيون“ رسالا ايندڙ سال جي پهرئين
پرچي کان پنهنجي پنهنجي مقرر مدي ۾ نڪرندا ۽ ٻارڙن
جو رسالو ”گل ڦل“ هن پرچي کان پوءِ هر مهيني شايع
ٿيندو. ـــ ادارو]
مانوارا سائين، غلام رباني آگرا
السلام عليڪم: جيون ڀر هڪ دفعو توهان سان ملاقات جو شرف حاصل
ٿيو هو ۽ روح تائين ڳڱ ٿي ويس. توهان مصروف ۽ تڪڙا
به هئا، پر، انهيءَ هوندي به توهان جيڪا عزت
افزائي ڪئي، سا مون کان اصل ڪانه ٿي وسري. اوهان
ايڏي پيار ۽ پاٻوهه سان سواگت ڪيو هو، نه ته هاڻي
هن نفسا نفسيءَ جي دؤر ۾، هر آس نراس ۾ مروٽجي مري
ويئي آهي ۽ هر حسرت کي غربت ۽ ڪنگال راڪاس ڪرٽي
کائي ڇڏيو آهي. مان به في الحال رڳو پنهنجن بچن کي
پيرن تي بيهارڻ ۾ پريشان آهيان. اميد اٿم، ته
توهان به منهنجي سهائتا ڪندا: مون ٻڏندڙ کي آشائن
جي درياءَ ۾ ڪو آٿت ڀريو وڻ جي پاڙ يا پن ڏيئي،
تاري پار ڪندا.
کيم چند شرما
ٽنڊو محمد خان
Qazi Muhammad Azam. G. Qureshi
B.Sc, M.A, L.L.B, D.H.M.S
مڪرم ۽ معظم، مشفق ۽ شفيق جناب غلام رباني آگرا صاحب
السلام عليڪم و رحمة الله و برڪاتہ خيريت طرفين مطلوب:
اوهان جي نين ذميدارين بطور ”چيئرمن، سنڌي ادبي بورڊ“، مقرريءَ
تي انتهائي خوشي ٿي! دعا آهي ته بورڊ کي ساڳئي
اڳين عروج تي آڻيندا. اسان جون دعائون آهن. الله
سائين اوهان جو مددگار ٿيندو.
والسلام
قاضي محمد اعظم. جي. قريشي
هالا اولڊ
Shababuddin A. Memon
B.A, L.L.B.
ADVOCATE
محترم غلام رباني آگرو صاحب
السلام عليڪم
اميد آهي ته توهان بفضلہ تعاليٰ سموري ساٿ سان خوش و خرم هوندا.
آمين. عرض ته مون ”بيبي فاطمه زهرا“ جي سيرت مبارڪ
تي هڪ ڪتاب لکي ڇپرايو آهي. ڪتاب جي هڪ ڪاپي توهان
جي خدمت ۾ موڪلي رهيو آهيان، توهان جي سڪ سدائين
سيني ۾ سمايل رهي ٿي. بورڊ جو چيئرمن ٿيڻ جي
مبارڪ. والسلام
شهاب الدين ميمڻ
شهدادپور
مڪرمي جناب غلام رباني آگرو صاحب
اسلام عليڪم
سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمن ٿيڻ تي منهنجي دلي مبارڪباد.
اسلام آباد ۾، وزيراطلاعات، مسٽر نثار ميمڻ واري جلسي ۾ اوهان
سان اوچتو ملاقات ڪري ڏاڍي خوشي ٿي. گذريل مجلسون
۽ محفلون ياد آيون. دعا آهي ته الله پاڪ زندگيءَ ۾
ڪامراني ۽ سرفراز ڪري. آمين.
پنهنجا تازا ڪتاب (1) بلوچستان آزادي کان پوءِ 1947ع کان 1997ع
تائين (2) قائداعظم تحريڪ پاڪستان ۽ صحافتي محاذ
(3) سيرت طيبه ﷺ جي رهنمائي 21 صدي ۾ اوهان کي
تحقيق لاءِ موڪلي رهيو آهيان، جو اوهان کي به انهن
مضمونن ۾ دلچسپي آهي، جواب جو منتظر رهندس.
ڪوئٽه ۾ سردي شروع ٿي وئي آهي. والسلام
انعام الحق کوثر، ڪوئٽه
محترم ايڊيٽر صاحب
السلام عليڪم:
مهران جي گذريل پرچي ۾ ”ايڪيڊمي آف ليٽرس، اسلام آباد ۽ صوبائي
ادبي ادارا“ عنوان سان ايڊيٽوريل پڙهيم، جنهن ۾
“Lif-Time Acheivements Awards”
جي پاليسيءَ ۾ ايڪيڊميءَ اهو رويو اختيار ڪيو آهي،
ته پاڪستان جي سمورن صوبائي ٻولين جي ادبين ۽
شاعرن کي ان جو ڪوبه حق ڪونهي، ڇو ته صوبائي اديب
ان جا لائق ڪونهن! صوبائي ٻولين جي اديبن سان
ايڪيڊميءَ جي تعصب بابت ٻه ٽي وڌيڪ ڳالهيون لکي
موڪليان ٿو، ته جيئن سنڌ جي ماڻهن کي حقيقتن جي
خبر پوي.
اڄ کان ٽي سال اڳ صدر جنرل پرويز مشرف حڪومت جي ذميواري سنڀالڻ
وقت پنهنجي ست نقاطي پروگرام ۾ ”صوبن ۾ احساس
محرومي“ جي خاتمي جي عزم جو اعلان ڪيو هو. ظاهر
آهي ته اِهو احساس محرومي نتيجو هو، انهن مفني
پاليسين جو جيڪي اڳين حڪومتن ڪيا هئا، ۽ جن جي ڪري
اڌ ملڪ ٽٽي ويو هو. سو، جنرل صاحب کي اُن جو ڀرپور
احساس ٿيو. هن مثبت اعلان ڪيو، جنهن تي سمورن
سرڪاري ادرن کي عمل ڪرڻ گهربو هو.
افسوس آهي ته ايڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد انهيءَ ’احساس
محروميءَ‘ کي هيڪاري وڌائي رهي آهي. ايڪيڊميءَ
لاهور جي هڪ
“Tea-shop”
کي لکن روپين جي امداد ڏني آهي، ڇو جو اُتي مقامي
اديب چاءِ پيندا آهن ۽ گپ شپ ڪندا آهن، پر، سنڌ ۾
”سنڌي ادبي سنگت“ جهڙي فعال ۽ سڄي صوبي جي نمائندن
ادبي تنظيم کي هڪ رُپئي جي به گرانٽ ڏيڻ کان انڪار
ڪيو اٿس. ساڳئي وقت هيءَ به هڪ تلخ حقيقت آهي ته
گذريل پنجاهه سالن ۾ بلوچستان مان ڪوبه اديب،
ايڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد جي چيئرمن جي عهدي جي
لائق ڪونه سمجهيو ويو آهي. ايڪيڊمي اردو زبان ۾
شعر ۽ نثر جي ڪتابن تي الڳ الڳ انعام ڏئي ٿي. پر،
صوبائي ٻولين ۾ فقط هڪ انعام ڏئي ٿي، جيڪا سنئين
سڌي ٻه ـــ اکيائيءَ واري پاليسي آهي.
”ايڪيڊمي آف ليٽرس“ جون بي انصافيون جنرل پرويز مشرف جي مذڪوره
اعلان کان پوءِ به جاري آهن، ۽ انهيءَ سنڌي ۽
بلوچي اديبن ۾ احساس محروميءَ کي وڌايو آهي. حڪومت
پاڪستان کي گذارش آهي ته صوبائي ٻولين سان انصاف
ڪري.
رفيق احمد شيخ
شاهه لطيف يونيورسٽي
خيرپور ميرس
شوڪت خواجائي، سکر
نئينگ وارو ڏندڪٿائي ڪردار ”لکمير ڪافر“ ڪير هو؟
سيوهڻ کان 30 ڪلو ميٽر اولهه طرف، ڀت جبل جي دامن ۾، نئينگ جو
تاريخي ڳوٺ آهي. هن وقت ’مائي روهي‘ جي نالي سان
سڄي ملڪ ۾ مشهور آهي، هي ڳوٺ لاهوت جي چوٿين منزل
آهي ۽ هر نئون لاهوتي ”مائي روهي“ جي نالي تي روٽ
پچائي هتي ورهائي ٿو. نئينگ ۾ ڏند ڪٿائي ادب جو
وڏو ذخيرو موجود آهي. ”مائي روهي“ لاءِ چيو وڃي ٿو
ته لکمير ڪافر جي ڀيڻ هئي، جيڪا مسلمان ٿي هئي.
سندس ڀاءُ لکمير ڪافر هو ۽ ظالم بادشاهه هو. اها
پڻ هڪ ڏند ڪٿا آهي ته حضرت علي صه هڪ پوڙهي عورت
جي فرياد تي مديني کان نئينگ ۾ اچي، لکمير ڪافر
سان جنگ ڪئي هئي. ڀت جبل ۾ ڪيترن ئي ميلن کان نظر
ايندڙ اڇو گول نشان هن وقت موجود آهي، جنهن کي چون
ٿا: ”علي سائينءَ جي تري.“
جيلاني سيدن جي مقبري جي ٻاهران ڇهه فوٽ اڀي پيل ـــ پٿر کي چون
”مائي روهي جو بت.“ قديم دور جي قلعي جي ٺهڻ لاءِ
گڏ ڪيل پٿر کي ”ڪافر جون ڌيئرون“ يا ”ڪافرن جون
جهوليون“ چون ٿا. هڪ اسٽوپا نما چبوترو ”لکمير
ڪافر جو تخت“ سڏجي ٿو ۽ آمري دور جي هڪ اتاهين دڙي
کي ”لکمير جي ماڙي“ ڪوٺيندا آهن. لکمير ڪافر جي
ماڙيءَ هن وقت تائين کوٽائي ڪانه ٿي آهي. هنيري
ڪزنس پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”سنڌ جا قديم آثار“ ۾
ان جو ٿورو ذڪر ڪيو آهي. نئينگ جي تاريخ جو پهريون
دفعو ذڪر يوسف ميرڪ 1044 هه ۾ پنهنجي ڪتاب ”تاريخ
مظهر شاهجهاني“ ۾ ڪيو آهي.
نئينگ وارو علائقو اوائلي ارتقا واري دور سان واسطو رکي ٿو. هن
علائقي ۾ ڪيترائي پراڻا دڙا يا ڪوٽ ۽ انهن جون
قديم غارون ۽ لکين سال اڳ جا پنڊپهڻ موجود آهن.
ڏند ڪٿائي ادب جا ماهر چون ٿا ته ڏند ڪٿائن جي
پويان ڪجهه حقيقتون ضرور آهن. جيڪڏهن آثار قديمه
وارا هتي اچي مواد گڏ ڪن، ته ڪجهه نه ڪجهه حقيقتون
ظاهر ٿي پونديون. جيڪڏهن سائنسي انداز سان ڏند
ڪٿائن تي کوجنا ڪجي، ته ’لکمير ڪافر‘ وارو قصو به
چٽو ٿي پوندو ۽ ڏند ڪٿائي ادب مان تاريخ نڪري
ايندي.
[روزانه ’ڪاوش‘ جي شڪريي سان]
نوٽ: اين، جي. مجمدارُ بنگالي هو. کيس ننڍپڻ کان پراڻا تاريخي
ڪتاب پڙهڻ ۽ سڪن سڃاڻڻ جو شوق هو. وڏو ٿيو ته
سرڪاري نوڪريءَ ۾ ويو ۽ سنڌ جي قديم آثارن موهن جي
دڙي ۽ ٻين هنڌن تي کوٽائيءَ ۾، سرجان مارشل سان
ٻانهن ٻيلي ٿي رهيو. سنڌي ادبي بورڊ سندس هڪ ڪتاب
جو ترجمو ”سنڌ ۾ قديم کنڊهرن جي کوٽائي“ نالي سان
ڇڏيو آهي، جنهن ۾ نئينگ جو هي ذڪر آهي:
نئينگ وٽ ٽڪري:
... ساڳئي رستي سان اڃا به ست ميل ڏکڻ طرف نئينگ نالي هڪ
خوبصورت هنڌُ آهي. اوڀر طرف کان بڊي جبل جو وڪڙ
اٿس ۽ اولهه طرف کان کيرٿر جو حصو ڀِٽَ آهي. ڳوٺ
جو نالو ”نئن ـــ نئينگ“ تان پيو آهي، جنهن هن
ماٿريءَ کي پنهنجي پاڻيءَ سان سائو ستابو علائقو
بنائي ڇڏيو آهي. نئن نئينگ کان سواءِ هتي ٻيا ست
جهرڻا به آهن، جيڪي بڊي جي برپٽ ۾ وهندا آهن، جن
جابلو علائقي جي وچ ۾ هڪ خيابان بنائي ڇڏيو آهي.
هن ايراضي کي آباد ڪندڙ مکيه ذريعو هڪ گرم جهرڻو
آهي، جيڪو هڪ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تان وهي، ڪڙئي ڳوٺ
جي ڀرسان وهي ٿو. جهرڻي جو پاڻي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ
تان ڪرڻ وقت هڪ آبشار بنائي ٿو، جنهن جي مٿان ان
پيهڻ واسطي هڪ جانڊه هنئي وئي آهي. نئينگ ۾ هڪ سؤ
فوٽ اوچي ٽڪريءَ تي لڪشمير (لکمير) جي ماڙي آهي.
جنهن جو ذڪر ڪيپٽن پريڊي جي سر بارٽل ڏانهن 1851ع
۾ لکيل خط ۾ ٿيل آهي. پر، اسان کان اڳ ۾ قديم
آثارن جي ڪن ماهرن هن دڙي کي ڪونه تپاسيو هو.ٽامي
جي دور سان لاڳاپيل ٺڪر جي ٿانون جا پرزا چوٽيءَ
کان وٺي ٽڪريءَ جي تري تائين پکڙيل نظر اچن ٿا.
ٽڪر جي لاهيءَ جي ڪيترين جڳهين تي وڏن پٿرن جا
اتاهان ڍير پيل آهن. شايد اهي ڪنهن زماني ۾ اڏاوتن
جي ڪم ايندا هوندا. ٽڪريءَ جي ڪناري سان، اص طور
تي اوڀر طرف اهڙن پٿرن سان جوڙيل هڪ ڀت اڃا به ڏسڻ
۾ اچي ٿي. پر اهو ٻڌائڻ ممڪن ڪونه آهي، ته اها ڀت
ڪنهن پراڻي دور سان واسطو رکي ٿي يا ان جو ڪنهن
تازي دور سان تعلق آهي. 18 صديءَ ۾ ڪنهن مير قلعي
جي تعمير واسطي پٿر ڍورائي ڍير ڪرايا هئا. پر قلعي
جي اڏاوتي ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ هو وفات ڪري ويو.
ماڻهن ۾ نئينگ ٽڪريءَ لاءِ اهو اثر ويٺل آهي، ته
مٿس ڪنهن زماني ۾ قلعو يا ڪوٽ ضرور هوندو هو. پٿرن
جي اڏاوت به انهيءَ حقيقت جي پٺڀرائي ڪري ٿي. ٽڪري
جي پاسي ۾ پوريل ڍيرن اندر موجود پٿر جي ڀتين جي
ثابتي به ملي آهي. علامتن مان اسان کي پوري پڪ ٿئي
ٿي ته اها اڏاوت تاريخ کان اڳ واري ڪنهن دور سان
واسطو رکي ٿي. اهڙيءَ اڏاوت کي اڄ به محسوس ڪري
سگهجي ٿو. اسان پوريءَ پڪ سان چئي سگهون ٿا ته
انهن ڍيرن اندر ڪوٺين ۽ وڏن ڪمرن جي ڀتين جا نشانَ
اڄ به موجود آهن. سنڌ جي اولاهين ٻين ٽڪرين وانگر
هتي به ٽڪريءَ جي لاهين تي، سهيوڳي دور وانگي،
ماڻهن جي ٺهيل گهرن جي اڏاوتن جا نشان ملن ٿا.
اسان کي نئينگ وٽ کوجنا ڪرڻ جو موقعو ڪونه مليو.
ٿوري وقت جي تپاس ۾ اسان جو ڪجهه به مٿاڇري تان
لڌو، ان تي اطمينان ڪيوسون. اسان کي اتان ڳاڙهي
ٿانو تي ڪاريءَ چٽسالي وارا، سنڌ سڀيتا سان
لاڳاپيل ٿانو ۽ پاساڙا مليا.
[مجمدارُ] |