مير غلام الله خان ٽالپر (يادگيريون)
منهنجي زندگي ڪيئن بسر ٿي؟
22 سيپٽمبر سنه 1907ع جي مان ڄائو آهيان ۽ سنه 1914ع ۾ سنڌي
ٻاراڻو درجو پڙهڻ ويٺس. ٽنڊي محمد خان جي اسڪول ۾
مسٽر عبدالرحيم خان ولد غلام محمد خان نظاماڻي وٽ
مون چار درجا سنڌي جا پاس ڪيا آهن. منهنجا به سال
وڌيڪ اِنهيءَ اسڪول ۾ ضايع ٿيا جو هڪڙي سال ۾
ناپاس ٿيس ۽ هڪڙي سال ۾ امتحان ڏيڻ ڪونه آيس، جو
ڳوٺ ۾ وبا جي بيماري هئي ۽ منهنجا مائٽ جاگيرن تي
لڏي هلي ويٺا هئا. مان ۽ مير غلام علي خان سنه
1920ع ۾ گڏ پڙهڻ ويٺاسون انگريزي. هن صاحب جا پڻ
ٻه سال اجايا منهنجي ڪري ضايع ٿيا. هاءِ اسڪول
حيدرآباد ۾ داخل ٿياسون ۽ بورڊنگ ۾ رهڻ لڳاسون ۽
حاجي مصري اسان جي ماني ٺاهيندو هو ۽ خدمت ۾ هو.
برابر ڇهه سال اُنهي اسڪول ۾ تعليم پئي ورتيسون.
ڇهين درجي انگريزي ۾ ناپاس ٿيس ۽ مير غلام علي خان
جو بلڪل هوشيار ۽ محنتي شاگرد هو سو پاس ٿي ويو.
ستين درجي ۾ ويو. مان تنهن ڪري حيدرآباد هاءِ
اسڪول مان پڙهڻ ڇڏي 1927ع ۾ وڃي ڪراچي سنڌ مدرسي ۾
داخل ٿيس ۽ مير غلام علي خان پڻ لاهور ڏانهن ويو
چيف ڪاليج ۾ تعليم وٺڻ لاءِ، جت نوابن ۽ راجائن جا
شهزادا تعليم وٺڻ ايندا آهن.
مان ڇهين درجي ۾ ٻه مهينا پڙهيس ۽ مسٽر دائود پوٽي مهرباني ڪري
ڇهين درجي جو امتحان وٺي پاس ڪري ستين درجي ۾ داخل
ڪيو. مان هڪ ماستر سان نماز نه پڙهڻ ڪري ۽ صبح جو
ڊرل نه ڪرڻ ڪري وڙهيس، جنهن ڪري مدرسو ڇڏي ڏنم ۽
سنه 1927ع ۾ علي ڳڙهه وڃي داخل ٿيس ۽ مير غلام علي
خان کي لاهور جي آبهوا ڀانءِ نه پيئي تنهن ڪري اهو
به ڇڏي سڌو علي ڳڙهه آيو جو ٻئي ستين درجي ۾ تعليم
وٺڻ لڳاسون. مون بورڊنگ هائوس ۾ هڪ شاگرد تي رات
جو سُتي پاڻي جو مٽ وڃي مٿان وڌو جنهن ڪري بورڊ نگ
هائوس مان ماستر ڪڍي ڇڏيو، جو وڃي ٻاهر هڪ پروفيسر
معين الحق سان گڏ رهيس ۽ آخر مير غلام علي خان به
جلدي مهيني جي اندر ۾ بورڊنگ ڇڏي اچي مون سان گڏ
رهيو. اُت خوب پڙهڻ کي لڳا پيا هئاسون. باقي
امتحان ۾ هڪ مهينو اچي بچيو هو ته لنواري شريف جي
بزرگن جي خاندان مان ٻه صاحبزادا تعليم جي خيال
سان اچي نڪتا جي اسان جا مهمان ٿيا. کين ڪاليج ۾
جاءِ ڪانه ملي سگهي تنهن ڪري واپس وري ڳوٺ ڏانهن
ٿي ويا. پير محفوظ چيو ته ”غلام الله! تو هِت چڱا
ملڪ گهمي ڏٺا هوندا ڇو نه اسان کي گهمائي پوءِ
واپس ڪرين.“ مون جواب ڏنو ته ”ڀلي“. مير غلام علي
خان کي چيم ته ”هلو ته هلون“، مگر صاحب جواب ڏنو
ته ”امتحان ۾ باقي ڏينهن اچي پندرهن بچيا آهن سو
آءٌ ڪونه هلندس، توهان ڀلي وڃو.“ مان پيرن صاحبن
کي وٺي هيٺين ملڪن ڏانهن گهمائڻ ويس: ـــ آگرو،
لکنو، ٽُڊِلا ۽ دهلي. گهڻو ڪري مغل شهنشاهن جا سڀ
يادگار ڏيکاريامانس. قطب منار، فتح پروسڪري، تاج
محل، جامع مسجد ۽ موتي مسجد وغيره وغيره. مون کي
ٻارهن ڏينهن لڳي ويا گهمائڻ ۾. باقي هڪ ڏينهن اچي
امتحان ۾ بچيو هو ته علي ڳڙهه پهتس تنهن تي مير
غلام علي خان چيو ته ”ڀُل ته وڏي ڪئي اٿئي جو
پويان ڏينهن گهمڻ نه وڃين ها جو اِهي ڏينهن ڪمن جي
يادگيري جا سٺا آهن. هاڻي شايد امتحان ۾ پاس مشڪل
ٿيندين.“ پندرهن ڏينهن امتحان ڏيئي ڳوٺ آياسون. ٻن
مهينن کان پوءِ خبر آئي ته مير غلام علي خان
پهريون نمبر پاس ٿيو، مان ناپاس ٿيس.
مير غلام علي خان وڃي ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو ۽ مان وڃي
گرامر هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيس. پر مسٽر گبسن ڪمشنر
صاحب بهادر جي مهرباني سان، جو اهو اسڪول خاص
يورپين لاءِ آهي، جت مون کان سواءِ ٻيو ڪوبه شاگرد
سنڌي ڪونه هو. ماستر ۽ ڇوڪرا ڇوڪريون سڀ انگريز
هئا. مان انهي اسڪول ۾ سنه 1929ع جي شروع ۾ داخل
ٿيس. چار مهينا تعليم وٺندو رهيس. منهنجي وڃي هڪ
انگريز ڇوڪري نالي ’ڊيزي‘ سان محبت لڳي، جا هڪ وڏي
انجنيئر جي ڌي هئي. مون کي هي خوب پيار ڪرڻ لڳي ۽
مان به هن جي محبت ۽ پيار ۾ گرفتار ٿي پيس؛ ۽ جيڪو
وقت اسڪول ۾ هوندو هوس سو خوب هُن ڏانهن نهاريندو
۽ ڳالهائيندو ٻولائيندو هوس. هي ڇوڪري مون کان هڪ
درجو مٿي پڙهندي هئي ۽ ٻيا انگريز ڇوڪرا اسان جي
ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ بلڪل سخت رنج ٿيندا هئا ته هي
انگريز ڇوڪري ڇو هن ”سنڌي“ سان ايترو گَهرو پوي
ٿي! هڪ انگريز ڇوڪرو، جنهن هن کي پنهنجي دامَ ۾
ڦاسائڻ ٿي گهريو سو بلڪل خاري ٿي بيٺو، مگر نه
ڇوڪري ڪا پرواه ڪڍيس ۽ نه مون. اسان جو پيار ۽
محبت بلڪل سچو ۽ جٽاءُ وارو هو. ڇوڪري به مون کي
ڏينهون ڏينهن وڌيڪ پيار ڪرڻ لڳي ۽ مان به وڌيڪ
سندس دام ۾ ڦاسندو ويس. اها خبر سڄي اسڪول ۾ پکڙجي
ويئي ۽ هيڊ ماستر صاحب ۽ ڇوڪريءَ جي مائٽن جي ڪَن
تي وڃي پيئي، جن هيڊ ماستر کي اچي چيو ته ڇوڪريءَ
جي نگهباني چڱي طرح ڪن، باقي ٻن مهينن اندر اسين
موڪل تي وينداسون ۽ موڪل جي اِها ڳالهه ڇوڪريءَ کي
مخفي رکي ويئي. هيڊ ماستر صاحب اسان ٻنهي کي جدا
جدا گهرائي چيو ته ”هڪ ٻئي سان اصل نه ڳالهايو.“
ٻئي ڏينهن اسڪول جي احاطي جي پريان ڇوڪريءَ جي کي موٽر ۾ ويٺل
مون ڏٺو ۽ هن مون ڏانهن هٿ سان اشارو ڪيو. مان
ڏانهس ويس ته اکين مان پاڻي زار زار پلٽي رهيو هوس
۽ سندس وات مان اِهي لفظ نڪتا ته هاڻي پاڻ ڪلفٽن
تي هر روز ملنداسون ۽ هن ڊرائيور هٿان خط
موڪليندس. هن جي اکين مان پاڻي وهندو ڏسي مان به
دل جهلي نه سگهيس ۽ منهنجي اکين مان به پاڻي ٽپڪڻ
لڳو ۽ آخر ٻيئي موڪلائي گهرن ڏانهن وياسون ۽ ڪلفٽن
تي هر روز يا ٻئي ڏينهن پئي ملڻ ٿيو. ٻن مهينن کان
پوءِ ڇنڇر ڏينهن اسان ٻيئي ڪلفٽن تي گڏياسون. هن
مون کي چيو ته افسوس صد افسوس جو بابي جي اٺ مهينا
موڪل گورنمينٽ مان منطور ٿي آئي آهي ۽ اسين سومر
ڏينهن شايد ”واسينا“ جهاز ۾ بمبئيءَ تائين
وينداسون، جتان ”پيونو“ جي جهاز ۾ ولايت وينداسون
۽ هڪدم اچي روئڻ ۾ ڇُٽڪي ۽ چيائين ته مون کي متان
وسارين. تنهن تي منهنجي دل، جا اڳيئي ڀري بيٺي
هئي، سا مون کي جهلي نه ٿي، هڪدم پاڻي وهائڻ لڳي ۽
ٻئي ڏينهن تي رکيوسون ته ساڳئي هنڌ ملنداسون. اُها
رات بلڪل دوزخ جي برابر گذري. ٻئي ڏينهن ٻارهين
بجي مهل ملياسون ته هڪٻئي سان خوب ڀاڪر پائي چميون
ڏنيوسون. انجام ڪياسون ته هڪٻئي کي مري ڇڏينداسون.
مون کيس ائڊريس ڏني ته مون کي خط پهرين لکي. آخر
روئي موڪلائي جاءِ تي آيس ۽ ٻه ڏينهن بستري داخل
هوس. آخر ٽئين ڏينهن دل ۾ اِهو خيال ڪيم ته هاڻي
ڪراچي ضرور ڇڏڻي پيئي، پر خط ملڻ کان پوءِ ڇڏيندس.
ٽي ڏينهن ڪراچي ڪلب ۾ ڪونه ويو هوس، سو خيال ڪيم ته سورن کي وڃي
وندرائي اچان. جڏهن اُتي پهتس تڏهن سڀ دوست لکڻ
لڳا ته ڇوٽي ڏينهن گهر ۾ ويٺين، هاڻي پيئندين، مون
چيو مان ته پيئندس هميشه وانگي وسڪي. آخري خوب پي
کائي هميشه وانگي هڪ بجلي مهل جاءِ تي وڃي سمهيس.
دل ۾ اِهي خيال پچائيندو رهيس ته ولايت وڃان، اِهي
ڪوششون ڪرڻ لڳس ۽ ڊيزيءَ جي جدائيءَ جي ڪري دل ٻين
سان نه پئي لڳي. ڪراچي جهڙو شهر، جنهن ۾ هر طرح جا
مزا لڳا پيا آهن، سي سڀ دل ٽٽڻ جي ڪري وسري ويا.
اِهو ڌڪ دل جو تمام سخت لڳي چڪو هو، سڄو ڏينهن
غمگين گذاريندو هوس. هوڏانهن ڳوٺ ۾ ميرن وڏن
شاديءَ جا ڏينهن ٻَڌي ڇڏيا هئا. مون کي مير صاحبن
وڏن وٽان ماڻهو آيو ته 12 آڪٽوبر 1929ع جي تنهنجي
شادي آهي، تون پهرين آڪٽوبر تي اچجانءِ.
8 تاريخ آڪٽوبر 1929ع جي پر صاحبن سان گڏ منهوڙي کان 25 ميل پنڌ
جا پري موٽر لانچ ۾ چڙهي وهنجڻ وياسون. جت ميوا
مٺايون ۽ ٻاٽليون کڻي وياسون. اسان مان هڪ ڄڻو
مسٽر آسٽراڻي، جو تارُو ڪونه هو، تنهن کي ننڍي
پاڻي ۾ ڇڏيوسون ۽ مان ۽ ٻه پير صاحب ۽ هڪ حاجي علي
محمد خان، سي پئي پاڻيءَ ۾ ترياسون ۽ مسخريون
ڪيوسون. مون کي خيال ٿيو ته پاڻي پي اچان سو ٻاهر
ڪناري ڏانهن وڃي رهيو هوس ته واٽ تي ڏٺم ته
آسٽراڻي پيو غوطا کائي ۽ ٻُڏي، سو اُن کي بچائڻ
لاءِ ٽٻي هنيم ۽ وڃي هن جي اڳيان پٺيرو نڪتس.
آخر هن مون کي هڪدم کڻي ٻانهن جي مٿان ڀاڪر وڌو.
تمام گهڻي ڪوشش ڪيم ڇڏائڻ جي، مگر هن هٿ ڪونه ڪڍيا
۽ مان به هن سان گڏ غوطا کائڻ لڳس ۽ اِهو رنگ مير
غلام علي خان ڪناري تي بيٺو ڏٺو، تنهن پِيرن ۽
حاجي علي محمد کي سڏ ڪري چيو، تن اچي اسان کي
بچايو، مگر سمنڊ جو پاڻي پيٽ ۾ ويو تنهن اسان کي
بيمار ڪري وڌو.
9 آڪٽوبر 1929ع جي مير صاحبن وٽان ماڻهو آيو ته هاڻي اچو، راڄ
پڻ آيو آهي تڏهن اسان ٻُڌو اَڻٻڌو ڪري ڇڏيو.
ڊيزيءَ جو خط پڻ آيو ولايت مان ته بابو هاڻي پينسن ٿو وٺي، هاڻي
آءٌ ڪيئن ڪريان. انهيءَ خط ته باقي منهنجا ڇيهه
ڇني ڇڏا ۽ ڳڻتين ۾ وجهي ڇڏيو. مير غلام علي خان
چيو ته ”غلام الله! مير صاحب وڏو سخت ڪاوڙبو جو
شاديءَ جا ڏينهن باقي وڃي ٻه بچيا آهن، هاڻي هلو
ته هلون“، ته به چيومانس ته پرواهه نه ڪر، هلي
نڪرنداسيون. آخر چاچا بنده علي آيو. جنهن رات شادي
ٿيڻي هئي ته هن ڏينهن جو اسان کي ڇهين بجي مهل
گاڏيءَ ۾ چاڙهي حيدرآباد ڏهين بجي مهل وٺي آيو ۽
نورائي جاگير وٽ سرگس بيهاري هئائون، ۽ اسان سڌا
موٽر ۾ آياسون. اُتان سرگس سان ٽنڊي محمد خان
پهتاسون ۽ اُنهيءَ رات پنجين بجلي مهل لانئون
کاڌم. 12 آڪٽوبر 1929ع جي ٻه مهينا ٽنڊي محمد خان
رهيس.
وري پير محمد محفوظ سان گڏ علي ڳڙهه ويس، ميٽرڪ جو امتحان ڏيڻ.
وڃي ساڳئي پروفيسر سان گڏ رهياسون ٻيئي ڄڻا. پوءِ
ته خوب ملڪ گهمياسون، پڙهڻ جي ٿي سَڻائي... اُت هڪ
ڇوڪري، هڪ پروفيسر جي ڌيءَ سان پير جو عشق لڳو.
اُن جي ساليءَ سان وڃي منهنجو عشق لڳو ـــ پوءِ ته
باقي پڙهڻ جي ٿي سَڻائي!... سڄو ڏينهن لچايون ڪندا
هئاسون ٻيئي ڄڻا ۽ ڪاليج ۾ رڳو نالو هوندو هو، ۽
ڪاليج ۾ ڪونه وياسون. خوب سير ڪيوسون ۽ بندوق پير
محمد محفوظ کڻي هليو هو تنهن ڪري شڪار به خوب ڪندا
هئاسون. رڳو شام جو ڪانگن کي ٻه ٽي سو ڪارتوس هر
روز هڻندا هئاسون، ۽ صبح ۽ شام جو ٽي چار ميل پنڌ
ڪري ويندا هئاسون شڪار ڪرڻ. آخر اهڙو ته پاڙي وارن
کي ڪڪ ڪيوسون جو هيڊ ماستر اسان کان بندوق ڦري رکي
۽ رڳو ڇنڇر آچر تي بندوق ملندي هئي شڪار لاءِ، ۽
هر روز اسان تي ڪاليج ۾ هڪ ٻه رپيا ڏنڊ جا پوندا
هئا.
آخر ڊيزيءَ جو خط ولايت مان هڪ مهيني ۾ هڪڙو ايندو رهيو. مان پڻ
جواب ڏيندو رهيس. اها خط ڪتابت برابر پنج سال هلي.
تنهن کان پوءِ نه ڪي مان ويس نه ڪي هوءَ آئي. آخر
خط پٽ بند ٿي ويا. اهڙو جوڙو وري نه مون کي مليو
نه هن کي مليو هوندو. اهڙا محبتي ماڻهو مون هيتري
عمر آندي آهي، مگر هڪ جهڙآ اصل ڪونه ڏٺا هوندا.
مون به عشق جا چڱا قاعدا ۽ امتحان پاس ڪيا آهن،
مگر هڪ جهڙا اصل ڪونه ڏٺا هوندا. مون به عشق جا
چڱا قاعدا ۽ امتحان پاس ڪيا آهن. مگر هڪجهڙا عاشق
۽ معشوق ملڻ مشڪل آهن! انهيءَ جي عشق کان پوءِ
هزار منهنجن هٿن مان آيون ويون آهن مگر اهڙي محبت
منهنجي ڪنهن سان به نه لڳي هوندي. انهيءَ ڳالهه کي
اڄ يارنهن سال لنگهي ويا آهن، مگر دل تان نه وسري
آهي ۽ نه وسرندي قبر سوڌي.
آخر ڪلام، علي ڳڙهه ۾ خوب مزا ماڻياسون ۽ ملڪ ڏٺاسون. آخر جڏهن
امتحان جو وقت آيو تڏهن اسان ٻنهي ڄڻن جا ڏينهن
کٽي پيا ۽ امتحان ۾ ڪونه ويٺاسون ۽ موٽي ڳوٺ
آياسون ۽ وري ٻئي سال گڏجي پير ۽ مان علي ڳڙهه
وياسون، جت ساڳئي ماستر وٽ رهياسون. مگر اُهي پير
کنياسون ۽ خوب ڌڪا کاڌاسون ۽ ملڪ ڦِرياسون ۽
امتحان ۾ وري پنج داڻيون وڌيون ٻنهي، تڏهن موٽي
ڳوٺ آياسون ۽ مان سنه 1931ع ۾ پوني پڙهڻ ويس
ايگريڪلچر ڪاليج ۾ جت ڇهه مهينا خوب ڦريس. پنج گني
۽ ماهبلي شور ۽ بينگلور ۽ بمبئي، ناسڪ، ستارو،
احمدآباد، سورت، گجرات، اهي ملڪ خوب چڱيءَ طرح ڏٺم
۽ ڇهن مهينن کان پوءِ مير غلام علي خان ڪراچي ۾
انٽر ۾ ناپاس ٿيو ۽ سڌو پوني اچي نڪتو ۽ ڊيڪن
ڪاليج ۾ داخل ٿيو. مون سان گڏ رهندو هو. مان
بمبئيءَ روڊ تي هڪ بنگلو مسواڙ تي ڪري رهندو هوس ۽
موٽر پنهنجي خريد ڪئي هئم. مان ايگريڪلچر ڪاليج ۾
زرعي ڪم سکندو هوس. صبح جو ڇهين بجي مهل ڪم تي
ويندو هوس ۽ ڏهين بجي ايندو هوس ۽ شام جو ٽي بجي
مهل ڪاليج ۾ ڪم تي ويندو هوس ۽ ڇهين بجي موٽندو
هوس. اسان کي هيٺيون ڪم ڪرائيندا هئا:- هر ٻني ۾
ڪيئن ڏجن، سو اسان هر روز هڪ ڪلاڪ ٻنيءَ ۾ هر
واهيندا هئاسون ۽ ڀتر ڀڃڻ ۽ ٻنا ڪڍڻ ۽ پاڻيءَ
وارائڻ ۽ کڌيون جهلائڻ. هڪ بلاڪ ٻنيءَ جو اسان جي
حوالي هوندو هو، جنهن ۾ اسان پنهنجي محنت سان ڪڻڪ
جو ٽڪر ۽ وونئڻ ۽ مرچون ساريون وغيره پوکيندا
هئاسون ۽ گاهه پڻ ڪري ڍڳن کي چاريندا هئاسون ۽تنهن
کان سواءِ مالهي ٿي باغ ۾ ڪم ڪندا هئاسون. بازار ۾
ٽوڪرا کڻي ڀاچيون وغيره پڻ وڪڻڻ ويندا هئاسون.
تڏهن کان سواءِ جانورن جي دوا پڻ سيکاريندا هئا ۽
مينهون ۽ ڳئون ڏهي کير مان ڪريم ڪڍندا هئاسون ۽
ڪريم مان مکڻ به ڪڍندا هئاسون. اِهي سڀ ڪم سِکندا
هئاسون، پنهنجن هٿن سان ڪندا هئاسون. اِهو ڪم مون
برابر ٻه سال ڪيو ۽ ڪورس پاس ڪيم ۽ 1933ع ۾ ڊگري
جو ڊپلوما حاصل ڪيم ۽ موٽي ڳوٺ آيس، ۽ خبر پيم ته
هاري ويچاري کي ڪهڙي نه تڪليف آهي جو مون پاڻ هاري
ٿي ڪم ڪيو هو!
مير غلام علي خان به انٽر جو امتحان پاس ڪري موٽي اچي بي. اي.
ڪراچي ۾ پڙهيو. مان سڌو ڳوٺ آيس، جتان مير صاحب
وڏي حڪم ڪيو ته هاڻي وڃي ددُيري جاگير سنڀال، جت
وڃڻ سان وڃي بنگلو ٺهرايم، جنهن ۾ رهڻ لڳس. ددُيري
جاگير جي پيدائش مير صاحب کي ٻيڻي ڪري ڏنم ۽ ماڻهو
سڀ چئي ۾ ڪري ڏنامانس ۽ جت برابر ٻه سال چڱي شوق
سان ڪم ڪيم، مگر پوءِ ميونسپالٽي ۾ ميمبر ٽي سال
اڳيئي ٿي رهيو هوس ۽ پريزيڊنٽ لاءِ اميدوار بيٺس ۽
خدا جي حڪم سان چونڊيس ۽ ٽي سال پريزيڊنٽ ٿي رهيس.
جڏهن ٽي سال پورا ٿيا تڏهن سنڌ بمبئيءَ کان جدا ٿي
۽ ڪراچي اسمبلي ٿي، جنهن لاءِ گوني تعلقي مان
اميدوار بيٺس ۽ منهجي مقابلي ۾ سيد قبول محمد شاهه
بيٺو، مگر هڪ هزار ووٽن تان کانئس کٽيم. 1937ع ۾
ايم. ايل. اي جي خطاب ورتم، پوءِ جاگير تي وڃڻ ڇڏي
ڏنم ۽ سياست ۾ گهڙي ويس. انهيءَ ۾ خوب بهرو ورتم،
پاليسيون ڏٺم، برابر چار سال ڪم ڪيو اٿم.
اسيمبليون به چار سال اٽينڊ ڪيون اٿم. منهنجي
ايامڪاريءَ ۾ سنڌ اندر ٽي منسٽريون ڊٺيون آهن، جن
۾ مون پنهنجو قيمتي ووٽ ڏنو آهي.
مان هن دوزخ خاني ۾ 22 آڪٽوبر سنه 1940ع ۾ گرفتار ٿيو آهيان. هي
جو نئون ورن آيو آهي جو هيٺ لکان ٿو:
مير غلام الله خان ايم. ايل. اي ۽ پريزيڊنٽ ميونسپالٽي ٽنڊي
محمد خان جو ڪيئن ڪوڙي ڪيس جو شڪار بنيو؟... سندس
حياتيءَ ۾ سندس زندگي جو عجيب غريب نظارو!... ڪنهن
کيس سيٺ محمد ميمڻ ۽ سيٺ محمد جعفر پخاليءَ جي
ٻنهي خونن ۾ ڪوڙي تهمت ۾ گرفتار ڪرايو؟ مسٽر مير
چنداڻي ڪليڪٽر حيدرآباد جي، جنهن جو خاص طرح هيٺين
ڳالهين تان ساڻس شخصي ضد هو. مسٽر ميرچنداڻي
ڪليڪٽر جڏهن نئون سکر مان بدلي ٿي آيو هو ته هن
صاحب ٻاهر ميدان ۾ تنبو کوڙايو ته ملاقاتي اچي اُن
۾ ويهن ۽ تنهن کان سواءِ وقت ۽ ڏينهن پنهنجي ملڻ
جا مقرر ڪيائين، جنهن ڪري ساري پبلڪ دانهون ڪرڻ
لڳي. مون وڏي وزير سر غلام حسين کي چئي اُهي ڏينهن
۽ تنبو کڻائي ڇڏيا، جنهن تان ڪليڪٽر کي سخت ڪاوڙ
آئي ۽ منهنجي مخالف ڌر کي سڏائي چيائين ته ڪو ڪيس
منهنجي مٿان ڪرائين. آخر هڪ بدمعاش محمد خان گروڙ
نوابشاهه جي پاسي جي رهندڙ کان ڪيس ڪرايائون ته
مير غلام الله خان چوريون ٿو ڪرائي، ڦرون ۽ ڌاڙا
ٿو هڻائي ۽ مسٽر ڪيولرام ريزيڊنٽ ماجسٽريٽ کي رشوت
ڏيو، چور ٿو ڇڏائي. انهيءَ ڪيس ۾ پنجيتاليهه شاهد
ڏنا ويا ۽ ڪيس محمد اسحاق ڊپٽي ڪليڪٽر ٽنڊي ڊويزن
واري ڏانهن هلائڻ لاءِ موڪليو ويو. ڪليڪٽر صاحب،
هن صاحب وٽ هڪ هزار رپئي جو ضامن مون کان ورتو، جو
مون اُن مهل مير غلام علي خان ڏنو. ڪيس هليو.
چاليهه شاهد چئن مهينن ۾ جج صاحب ڪورٽ ۾ پڇيا، پر
هڪڙي به شاهدي مون تي ڪانه ڏني. خدا جي حڪم سان
محمد اسحاق ڊپٽي ڪليڪٽر بدلي ٿي ويو ۽ يورپين مسٽر
مالفورڊ آيو، جو هڪ اعليٰ خيالن جو انسان هو ۽
بلڪل آزاد خيال ۽ انصاف پسند انسان هو ۽ مسٽر
ميرچنداڻي ڪليڪٽر جي پرواهه ڪانه هئس. هن صاحب سڄو
ڪيس پڙهي فتويٰ ڏني ته مير غلام الله ۽ مسٽر
ڪيولرام بي ڏوهي آهن، جن کي سرڪار ڇڏي ٿي ڏئي ۽
فريادي ڪوڙي مقدمي ڪرڻ ڪري سرڪار کي تڪليف ڏني
آهي، تنهن ڪري مٿس قلم 211 هيٺ فرياد داخل ڪجي ٿو.
اِها فتويٰ ٻڌي ڪليڪٽر سڙي مري ويو. جا دل جي منشا
هئس، سا پوري ڪانه ٿي. تنهن کان پوءِ ميونسپالٽيءَ
جي لکپڙهن ۾ تڪليف ڏيڻ لڳو. مگر مون هن جي ڪابه
پرواهه ڪانه ڪئي. هن ڪي ميمبر صاحب پڻ جاسوسي لاءِ
ڇڏيا ته ڪابه بي قاعدگي ميونسپالٽي اندر ڏسو ته
اچي مون کي ٻڌيو، مگر خدا جي فضل ۽ مهرباني سان
ڪابه بي قاعدگي ڏسڻ ۾ ڪانه آيس. هڪ ڀري خانبهادر
کهڙو وزير صاحب ٽنڊي آيو، تڏهن ڪليڪٽر پاڻ به آيو.
اُت چيائين ته ويم گهر ٽنڊي ۾ ٺهرائجي، مگر مون
صاف جواب ڏنومانس ته ڪونه ٺهرايو ويندو، نڪو توهان
جو نالو مٿس رکيو ويندو ۽ هن صاحب ڪمشنر ٿيڻ جي
ڪوشش پئي ورتي ۽ وڏي وزير مير بنده علي خان تي بار
وجهايا مگر مون هن جي صاف ظاهر کُليءَ طرح مخالفت
پئي ڪئي ۽ اها جاءِ مسٽر ٽانٽن صاحب بهادر کي ملي،
۽ هن مون کان لڙائيءَ جي چندي لاءِ گهر ڪئي. مون
ٻڌايومانس ته توکي ڪونه ڏيندس، باقي گورنر صاحب
بهادر کي ڏيندس. هن ڊپٽي ڪليڪٽر محمد اسحاق کي به
ٽي ڀيرا چيو ته غلام الله کي نوٽس ڏيو ته توتي 110
جي ڪارروائي ڪئي ويندي جو دانهون پهتل آهن. هن چيس
ته غلام الله لکي موڪليندو ته ڀلي ڪارروائي ڪريو.
جيڪڏهن شاهد توهان وٽ موجود آهن، پوءِ ڇو ٿا ڇڏيو
جو محمد اسحاق چيو ته مون مير غلام الله کي اڳي
چيو هو، جنهن اُهو ساڳيو جواب ڏنو هو. شاهد هٿ ڪري
پوءِ قدم کڻجي. تنهن تي هن پر عبدالستار سرهندي ۽
قبول محمد شاهه ۽ شاهنواز شاهه ۽ مُلي صالح کي
گهرائي چيو ته مون تي ڪوڙا شاهد ٿين ته مون کي 110
قلم موجب رجوع ڪري، مگر سڀني کيس جواب ڏنو ته مير
غلام الله تمام زبردست ۽ مڙس ماڻهو آهي، اسين
سَنوان سڌا ماڻهو شاهدي ڪانه ڏينداسون، باقي ٻئي
ڪنهن کيڏ ۾ وجهه لڳو ته ڦاسائي ڏينداسيون. آخر هي
ڪليڪٽر مون سان لاڳيتو ائين کؤنسندو آيو، مگر مون
ڪابه پرواهه ڪانه ڪڍيمانس.
جڏهن 21 آڪٽوبر 1940ع جي ٽنڊي محمد خان ۾ سيٺ محمد ۽ محمد جعفر
جي خونن جو حادثو ٿيو ته پير عبدالستار جو وڏو پٽ
اچي فوتين جي مائٽن سان مددگار ٿيو ۽ پاڻ سڌو موٽر
۾ چڙهي ڪليڪٽر مسٽر مير چنداڻي وٽ حيدرآباد ويو ته
هاڻي توکي غلام الله هن ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي ٿا
ڏيون، مڙسي تون ڪجانءِ. آخر پير صاحب جو پٽ اِهي
صلاحون ڏيئي رهيو هو ته ڇو نه ميرن مان ڪو هنن
ڪيسن ۾ ڦاسائجي، جو وڏا ماڻهو آهن. ضرور ڪوشش وٺي،
سچا ڏوهي من لهي ڏين نه ته پاڻ خون ٻوڙي
ڇڏينداسون. آخر صلاح ڪري چيائيون ته مير غلام الله
جو نالو ڏجي جو پير چيو ته مڙس ماڻهو به اِهو ئي
آهي ۽ زبردست به سڀني ميرن ۾ اِهو ئي آهي، تنهن
کان پوءِ سمجهائي خميسي کي فرياد ڪرڻ لاءِ موڪليو
ويو.
ڪليڪٽر صاحب 22 آڪٽوبر 1940ع جي محمد اسحاق ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ مسٽر
رامناٿ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ ڏياري موڪليو ته مير غلام
الله کي ضرور گرفتار ڪجو، جن صاحب مون کي 22
آڪٽوبر 1940ع جي 11 بجي جي مهل ٿاڻي تي گهرائي قلم
302 موجب گرفتار ڪيو ۽ پوليس جي حوالات ۾ رهيس، ۽
23 آڪٽوبر 1940ع جي منهنجي مائٽن سيشن جج کي ضمانت
لاءِ درخواست ڪئي، جنهن صاحب پنجاهه هزار جو ڪچو
ضامن کنيو ۽ مون کي حڪم ڪيو ته حيدرآباد اندر رهي.
ٻئي ڏينهن تي سرڪاري وڪيل مسٽر مرزا سڪندر بيگ کي
نوٽيس ڏيئي گهرايو ويو، جنهن ڪورٽ ۾ کُلم کُلايو
سيشن جج مسٽر ڪپاٽيا صاحب کي صاف اکرن ۾ ٻڌايو ته
جيڪڏهن مير غلام الله جو ضامن کڻندا ته ثابتي اصل
ڪانه ملندي، جو هي ماڻهو بلڪل زبردست ۽ همٿ وارو
آهي ۽ هن کان ماڻهو بلڪل سخت ڊپ ڪري رهيا آهن، ۽
جي هي آزاد هوندو ته ڪوبه شاهدي ڪونه ڏيندو. آخر
ضامن رد ٿيو مون کي چاوڙي واري لاڪپ ۾ رکيو ويو هڪ
انڌاري ۾ ۽ ڪليڪٽر صاحب هينئر هڪدم پنهنجي منزل
ٽنڊي محمد خان ۾ هڪ هفتو رکي ۽ جاچ لاءِ نور محمد
سي. آءِ. ڊي جو انسپيڪٽر ۽ سب انسپيڪٽر عبدالعزيز
۽ ٻيا ويهه ماڻهو سي. آءِ. ڊي جا ۽ سب انسپيڪٽر
غلام حيدر، جو منهنجي ڊپ کان بدلي ڪرائي ويو هو،
جو منهنجو سخت دشمن هو ۽ ڊي. ايس. پي مسٽر پرائيڊ
جو سندس يار هو، اُهي گهرائي ٽنڊي روانا ڪيائين ۽
پاڻ جو ڪڏهن ٽن سالن ۾ ٽنڊي ڪونه آيو هو سو به ويو
۽ هڪ مهينو پئي جاچ هلي ۽ ڪوڙا شاهد منهنجي هَٺ
گهرن جهڙوڪ قبول محمد شاهه کي وٺيو پئي ٺاهيا.
مون کي اٺ ڏينهن لاڪپ جي انڌاري ۾ بند رکيو ويو ۽ هر روز گورو
ڪماني پڇڻ ايندو هو ته سچا خوني ٻڌاءِ. آءٌ صاف
اکرن ۾ ٻڌائيندو هوسانس ته مون کي ڪابه خبر ڪانهي،
باقي ڪليڪٽر صاحب جي ضد جي ڪري مان گرفتا ٿيو
آهيان. اٺين ڏينهن مون کان جڏهن پڇڻ آيو، تڏهن
جواب ڏنومانس ته تو ۽ ڪليڪٽر ئي ماريا آهن سيٺ
محمد ۽ محمد جعفر! تڏهن ڪاوڙجي صوبيدار کي حڪم
ڏنائين ته هن کي وڃي وڏي جيل تي ڇڏي اچ. آخر هو
مون کي قيدين واري لاريءَ ۾ چاڙهي سينٽرل جيل تي
ڇڏي ويو، جتي مون کي بي ڪلاس جي 11 نمبر انڌاري ۾
رکيو ويو ۽ ڏهن ڏينهن کان پوءِ اي ڪلاس جي هڪ
انڌاري ۾ وڃي رکيو ويو. منهنجي مٿان در اڳيان هڪ
مقدم ۽ پوليس وارو رکيو ويو ته ڪنهن سان نه
ڳالهائي، تنهن هوندي به ڪا پرواهه ڪانهي. مڙس
آهيان، اِهي ڀاڙيا ڇا ڪندا. وقت ويندو خير جو
حياتي جو گذري. آءٌ ته قيد ۾ بند آهيان هڪ ڪوٺيءَ
اندر، پر قبول محمد شاهه ۽ پير عبدالستار جان ٻنهي
ٻاهر پاڻ تي ڪي پهرا رکيا اٿن بندوقن سان، ته متان
غلام الله مارائي نه وجهي! اِهي به ڪي مڙس چئبا،
جي هينئر مُئل مڙس کان پيا ڊڄن، جو ويچارو بند
خانن ۾ رات ڏينهن قابو آهي!
هڪ ڏينهن خيال آيم ته اهڙي ڪا تجويز ڳولي ڪڍجي، جو هي وقت خير
جو هن دوزخ خاني ۾ ڪنهن مشغولي ۾ رڌل رهان. مصيبت
جو منٽ به صديون ۽ سال نظر ايندا آهن. هينئر هن
مصيبت ۾ سورن جو خزانو موجود آهي ۽ ٻيا آهن عذاب.
الله کانسواءِ ٻيو ڪير به مددگار ڪونهي. هينئر هتي
پورن پالڻ شروع ڪيو آهي ۽ سور نپائڻ لڳا اٿم.
مائٽن ۽ عزيزن ۽ قريبن ۽ دوستن يارن ۽ محبوبن جا
وڇوڙا، اُنهن جي يادن جي مون وٽ حد ئي ڪانهي. هي
دوزخ خانو به جيئرن لاءِ هڪ قسم جي قبر آهي. مُئن
کي قبر جون ڀيڙون ته هنن کي ڀتن جون ڀيڙون. تنهن
هوندي به رب جو شڪر آهي ۽ صبر ڪريو ويٺا خير جو
وقت گذاريون. انسان ويچارو ميڻ کان به نرم آهي،
مگر سِر تي آئي کان پوءِ رُڪ کان به سخت آهي.
طبيعت جا اڳيئي عشق ڏانهن ڳاهيل ماهيل هئي، تنهن
شعر چوڻ شروع ڪيا آهن ۽ آخر هڪ نوٽ بڪ تي اِهي
پنهنجا شعر لکڻ لڳس ۽ ان نوٽ بڪ تي نالو ”عاشقن
جون اُڇنگارون“ رکيو ويو. دنيا جا عجيب غريب دور
انسان جي مٿان اچن ٿا ۽ انسان کي گهرجي ته کل
خوشيءَ سان بسر ڪري. ڏيڻ وارو به خدا پاڻ آهي، رحم
فضل به پاڻ ڪندو، پنهنجن بندن تي سختيون به مڙسن
تي اينديون آهن. شينهن ڪڏهن ٻيلن ۾ ڪڏهن پڃرن ۾!
انشاء الله خدا پاڪ خالق پنهنجو رحم ڪرم ڪندو هن
بندي تي، جو سندس رحم واري درٻار ۾ اميدوار آهيان.
(آمين) |