سفرنامو
غلام رباني آگرو [سفرنامو]
هندستان ۾ سارڪ سيمينار
جڏهن انگريز هندستان ڇڏي ويا، ته مان تيرهن ورهين جو هئس ۽ ٽيون
درجو انگريزي پڙهندو هئس. ان زماني ۾ انگريزي ست
درجا پڙهي مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻو پوندو هو:
اسڪولن ۾، سنڌ جي ’رنگين تاريخ‘ سان گڏ ’هندستان
جي تاريخ‘ به پڙهائي ويندي هئي. سو، شاگردن کي مغل
بادشاهن جي ٺهرايل عاليشان عمارتن ڏسڻ جو ڏاڍو شوق
هوندو هو. خاص ڪري، دهليءَ ۾ لعل قلعو، ديوان عام،
ديوان خاص، جامع مسجد، موتي مسجد، قطب مينار،
همايون جو مقبرو ۽ آگري ۾ تاج محل ڏسڻ ته ننڍپڻ ۾
اسان جو هڪ خواب هو. ـــ ـــ تاج محل لاءِ ته سڀني
کي اِهو تاثر ويٺل هو ته ”دنيا جي سڀ کان سهڻي
عمارت آهي.“
دنيا جون سڀ کان سهڻيون عمارتون ڏسي ڪنهن اهو فيصلو ڪيو آهي، سو
ته اڄ ڏينهن تائين مون کي معلوم ٿي ڪونه سگهيو
آهي. پر، ڏهاڪو سال اڳ، هڪ يوروپي مصنف جو ڪتاب
پڙهي، تاج محل بابت ذهن ۾ ويٺل اهو تاثر وري تازو
ٿي ويو. پنهنجي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکيو هئائين ته:
”هن دنيا جي ماڻهن کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: هڪڙا اُهي جن
تاج محل ڏٺو آهي ۽ ٻيا اُهي جن ڪونه ڏنو آهي.“
وقت گذرندي ويرم ڪانه ٿي لڳي. تيرهن ورهين جي ٻاراڻي عمر ٽپي،
وڏو ٿيس. سرڪاري ملازم ٿيس. اول ڪراچيءَ ۾ ”نئين
زندگي“ رسالي سان وابسته ٿيس، پوءِ سنڌي ادبي بورڊ
۾ آيس.
سنه 1984ع ۾، ’حڪومت پاڪستان‘ مون کي سنڌي ادبي بورڊ مان بدلي
ڪيو ۽ ايڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد ۾ ’ڊئريڪٽر
جنرل‘ مقرر ڪيو. ائين کڻي چئجي، ته ’سنڌ جي ادبي
بورڊ‘ مان ڪڍي، ’پاڪستان جي ادبي بورڊ‘ ۾ رکيائون.
هڪ ڏينهن، آفيس ۾ ڪم پئي ڪيم، ته فون جي گهنٽي وڳي. پي. اي (P.A)
چيو ته ”سائين، وفاقي سيڪريٽري تعليم اهان سان
ڳالهائڻ گهري ٿو.“[1]
ستت، سندس آواز ٻڌم: ”آگرا صاحب، اوهان جو پاسپورٽ ٺهيل آهي؟“
سوال غير متوقع هو، سو، ڪجهه هٻڪي پيس.
تڏهن پاڻ چيائين ته ”سڌو مون وٽ هليا اچو.“
مان پنهنجيءَ آفيس مان نڪري، سڌو سندس آفيس پهتس. چيائين ته،
”دهليءَ ۾ پاڪستاني سفارتخاني مان بار بار گُهرَ
ٿي رهي آهي ته ڪلڪتي ۾ سارڪ ملڪن جي سيمينار آهي،
تنهن لاءِ پاڪستاني وفد جلدي موڪليو.
”مان جڏهن به ڪنهن ’غير ملڪي وَفَدَ لاءِ اوهان جي اداري ڏانهن
ليٽر لکان ٿو، ته هر ڀري ’چيئرمن‘ پنهنجو نالو وفد
جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ لکي موڪلي ٿو. سو، هن ڀيري،
سندس نالو ڪاٽي اوهان جو لکيو اٿم.
”اوهان کي هفتي کن ۾ ڪلڪتي پهچي، پاڪستاني وفد جي اڳواڻ جي
حيثيت ۾، پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻي آهي. وفد جو
ٻيو ميمبر پنجاب مان آهي، جيڪو لاهور ايئرپورٽ تي
اوهان سان ملندو. وڃي سفر جي تياري ڪريو.“
وفاقي سيڪريٽريءَ جي آفيس مان موٽيس، ته دل تي اهو تاثر ويٺم ته
”خدا مون جهڙن گنگهارن جون دعائون به قبول ڪري ٿو.
هاڻي، هندستان ۽ تاج محل ڏسڻ جو موقعو مليو.“
* * * *
مان ۽ پنجاب جو اديب، بشير گورايا صاحب لاهور ايئرپورٽ تي
ملياسين. اتان اسان کي انڊين ايئر لائينس جي هوائي
جهاز ۾ سوار ٿي، پهريائين دهليءَ ۽ پوءِ ڪلڪتيءَ
وڃڻو هو.
لاهور ايئرپورٽ تي ڪي مسافر ڪافي عرصي کان جهاز جي انتظار ۾
ويٺا هئا. منجهن هڪ عورت به هئي: عمر چاليهارو
ورهيه، شڪل شباهت ۾ ٺيڪ ٺاڪ، نرڙ تي تلڪ هئس، سو،
سمجهيوسون، ته هندو ڌرم جي آهي. هلڻ چلڻ ۾ تمام
ڦڙت. پر، ڪنهن وڏيءَ آنڌ مانڌ ۾ هئي. اسان جي
ويجهو ويٺي هئي. سو، کانئس سبب پڇيونسون، ته اهڙو
ڪو مسئلو بيان ڪيائين، جو سندس سفر واقعي رولڙي ۾
اچي ويو هو. جهاز جي اچڻ ۾ باقي فقط اڌ ڪلاڪ هو.
سو به انڪري جو مقرر وقت کان چار ڪلاڪ ليٽ هو.
اسان ڪن بااثر دوستن کي ٽيليفون ڪيا. هندستاني
همسفر خاتونءَ جي مشڪلات دور ٿي وئي، ته سک جو
ساهه پٽيائين ۽ اسان کان پڇيائين ته : ”اوهان خير
۾ هندستان وڃي رهيا آهيو؟“
اسان کيس پنهنجو احوال ٻڌايو ۽ چيو ته ”هندستان جو پهريون
پهريون دورو آهي، سو مهرباني ڪري، دهلي ايئرپورٽ
تان ڪلڪتي وڃڻ لاءِ اسان جي رهنمائي ڪجو.“
اسان کي دلداري ڏنائين.
مون پنهنجي ساٿيءَ گورايا صاحب کي اهو ڪونه ٻڌايو ته اسلام آباد
۾ ’ايوان صدر‘ توڙي ’هندستاني سفارتخاني‘، ٻنهي
هنڌن تان دهليءَ ٽيليڪس ڪرائي آيو آهيان، ته ’هن
وفد جو خيال رکجو.‘
گورايي صاحب سان اها ڳالهه رڳو انڪري ڪونه ڪيم، جو خاطري ڪانه
هئم، ته منهنجي ڳالهه تي خبر ناهي ته ڪو توجهه ڏئي
يا نه ڏئي؟ ــــ ــــ سو، هندستاني خاتونءَ کي به
دهلي ايئرپورٽ تي رهبريءَ لاءِ عرض ڪيم. ڏاهن جو
چوڻ آهي ته
”خرگوش جي شڪار تي وڃو، ته شينهن جي شڪار جي تياري ڪريو.“
* * * *
انڊين ايئر لائينس جو جهاز پورا چار ڪلاڪ ليٽ آيو. انهيءَ وچ ۾
هندستاني خاتون اسان سان گهائل مائل ٿي ويئي.
ٻڌايائين ته پاڻ اسلام آباد ۾ هندستاني سفارتخاني
۾ عملدار آهي. اسان کي آٿت ڏيڻ لاءِ چيائين ته ’هي
هوائي جهاز هندستان جي فلاڻي شهر مان ڇٽي ٿو، پوءِ
فلاڻي هنڌ پهچي ٿو، اُتان فلاڻي هنڌ وڃي ٿو، جتان
وري لاهور اچي ٿو. سو، هِتِ اڪثر ليٽ پهچي ٿو.“
اسان سندس معنيٰ خيز وضاحت صبر سان ٻڌي. سندس خواهشن جو احترام
ڪيو ۽ انڊين ايئر لائينس جي ناقص ڪارڪردگيءَ تي
ڪوبه ناخوشگوار تبصرو ڪونه ڪيو. بلڪ، محترمہ کي
پنهنجو ’غير ملڪي معزز مهمان‘ سمجهي، آئيس ڪريم ۽
مشروبات سان سندس خاطر تواضح ڪئي.
هندستاني هوائي جهاز لاهور مان اڏاڻو ته دهليءَ پهچڻ ۾ اڌ منو
ڪلاڪ کن مس لڳو. سڀ مسافر هڪ هڪ ٿي جهاز مان هيٺ
لٿا. اڃا جو ڏسون، ته اسان جي ’همسفر هندستاني
خاتون مڙني مسافرن کان اڳ، تڪڙي تڪڙي ايئرپورٽ مان
ٻاهر وڃي رهي هئي آهي! هڪ ڀيرو به ڪنڌ ورائي پوئتي
ڪونه نهاريائين گورايي صاحب اهو نظارو ڏسي هڪ شعر
پڙهيو:
آئي تو يون که جيسي مهربان تهي هميشه
گئي تو يون که جيسي کبهي آشنا نه تهي
دهلي ايئرپورٽ مان ڪي مسافر ٻاهر نڪري ويا ۽ ڪي اڃا وڃي رهيا
هئا، جو ٽن ڄڻن جو هڪ گروپ لائونج ۾ داخل ٿيو ۽
اسان ڏي آيو.
”آگرو صاحب؟“
”جي، مان آهيان.“
”اسلام آباد مان اسان جي هندستاني سفير، مسٽر سنگهه اوهان جي
آجيان لاءِ ’خاص تاڪيد‘ ڪيو آهي. مهرباني ڪري
ٻڌايو، ته اوهان اسان جا مهمان آهيو يا پنهنجيءَ
سرڪار جا؟“
مون کين چيو ته: ”اوهان جي ملڪ ۾ ته مان اوهان جوئي مهمان
آهيان،.پر، هن وقت، اسان کي ڪلڪتي پهچڻو آهي. هي
جهاز اڳيئي ليٽ آيو آهي، سو، جلدي اُنهيءَ
ايئرپورٽ تي هلون، جتان ٻيو هوائي جهاز ڪلڪتي وڃي
ٿو.“
”اجهو ٿا اچون.“ ائين چئي، هو پرڀرو بيٺل پنهنجي ڪنهن ساٿيءَ
سان ملڻ ويا.
ايتري ۾ هڪ ٻيو نوجوان آيو ۽ هٿ ڏيئي چيائين ته ”آگرو صاحب؟“
”جي“ مون وراڻيو.
”مان هِت پاڪستاني سفارتخاني ۾ پريس اتاشي آهيان. ايوان صدر
اسلام آباد مان اڄ صدر جي پريس سيڪريٽري، برگيڊيئر
صديق سالڪ وري وري حڪم ڏنو آهي ته ’هندستان جي
دوري ۾ اوهان جو خاص خيال رکيو وڃي.‘ سو، هاڻي،
جيئن چئو ائين ڪجي.“
مون کيس به ساڳي ڳالهه ٻڌائي.
ملڪ صاحب، اهو ٻڌي؛ فوراً اسان کي ساڻ وٺي هليو. هندستاني
ميزبان به ويجهو بيٺا هئا. هٿ لوڏي اشارو ڪيائون
ته، ”اوهان هلو. اسان به پٺيان اچون ٿا.“
ملڪ صاحب اسان کي ڪار ۾ وهاري، واءُ مينهن ڪندو، ڪلڪتي ويندڙ
هوائي جهاز واري ايئرپورٽ تي پهتو ۽ ڪار مان لهڻ
شرط ڪا دير هيڏي هوڏي ڊوڙندو رهيو. اسان جي ڪلڪتي
روانگيءَ لاءِ ڪافي مرحلا رهيل هئا، جن ڪاغذن تي
’دهلي ايئرپورٽ اٿارٽي‘ جا ٺپا لڳڻا هئا. قدرت
مهرباني ڪئي، جو سڀ ڪم سولا ٿي ويا، ۽ اسان مڙني
مشڪلاتن جي باوجود، ڪلڪتي ويندڙ هوائي جهاز ۾ وڃي
سوار ٿياسين.
ليڪن، هندستان ۾ پهريون تجربو اهو ٿيو، ته همسفر خاتونءَ وانگر
هندستاني ميزبان به دوکي باز ثابت ٿيا. وري ماڳهن
پيدا ئي ڪونه ٿيا. پر، اسان کي ڪا ايڏي وڏي حيرت
به ڪانه لڳي، ڇو ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ ۾ عام
چوڻي هوندي هئي ته:
”هَلُ ڙي! دهليءَ جا ٺَڳَ!“
* * * *
ڪلڪتي ويندڙ جهاز وڏو هو. غالباً، ’ايئربس‘ هئي. سڄو ماڻهن سان
ڀريل هو، جي سمورا هندستاني هئا: جيتريون هيون
زالون، اوترا هئا مرد ۽ اوترائي هئا سندن ٻار، جن
جو سڄي جهاز ۾ ’ڪِيڪاٽ‘ پئي پيو. پر، اصل آزار
هيءُ هو ته جهاز ۾ ايئرڪنڊيشننگ سسٽم ۾ ڪا خرابي
هئي، يا ڪنهن سبب ڪري، ڄاڻي واڻي ان کي في الحال
بند رکيو هئائون، سو، جهاز ۾ اندر ڏاڍي ٻوسٽ هئي.
سڀ مسافر سخت پريشان هئا.
اسان پنهنجن سيٽن تي وڃي ويٺاسين. پر، اسان کي هڪٻئي کان پري
سيٽون مليون. سو، گورايي صاحب جو حال ڪهڙو هو،
تنهن جي خبر ڪانهيم. پر، پاڻ ائين سمجهيم، ته جهاز
جي ڏاڪڻ وٽ وڃي، ڪا تازي هوا کانوان، نه ته ڪجهه
دير کان پوءِ هِتِ بيهوش ٿي ڪِري پوندس. ڏاڍو
مُنجهي پيس، ته ڪيئن ڪريان؟ ڪاڏي وڃان؟
الله سائينءَ دعا ٻڌي. انجڻين جو ڌڌڪو ٿيو، ٿڌيءَ هوا جو جهوٽو
آيو، ساهه ۾ ساهه پيو، ليڪن، ٻارن جو ’ٻرڙوٽ‘
اُهوئي جاري رهيو.
دهليءَ کان ڪلڪتو ڪلاڪ ڏيڍ جو هوائي سفر ٿيندو. چوماسي جي مند
هئي، هوائي جهاز ايئرپورٽ تي لٿو، ته هلڪي برسات
اڃا پئجي رهي هئي. شايد، دهلي ايئرپورٽ تي به جهاز
کي روڪي بيهارڻ جو سبب اهوئي هو، ته ڪلڪتي مان
سٺيءَ موسم جو ’گرين سگنل‘ ڪونه ٿي آيو. جهاز جي
ڏاڪڻ تان لهي، ايئرپورٽ جي عمارت ڏي هلياسين.
”ڪلڪتا ايئرپورٽ“ لفظ پري کان نظر آيا ته ننڍپڻ ۾ هندستان جي
جاگرافيءَ جو پڙهيل ڪتاب ياد اچي ويو، جنهن ۾ لکيل
هوندو هو ته: ”ڪلڪتو محلاتن جو شهر آهي.‘
ايئرپورٽ جي عمارت ۾ اندر گهڙياسين، ته اهو تاثر جهڪو ٿي ويو.
پنهنجي ملڪ ۾ ريلوائي اسٽيشنن تي ٿرڊ ڪلاس جي
مسافرن لاءِ ٺهيل ’ويٽنگ روم‘
(Waiting Room)ياد آيا. ڪي اڌوراڻا ’صوفا ــــ سيٽ‘ هيڏي هوڏي ٽڙيا پکڙيا پيا
هئا: نه مُنهن، نه سِرُ. مٿن ڪن مسافرن اوٻاسيون
ويٺي ڏنيون ته ڪن پئي سگريٽ ڇڪيا، تنهنڪري چوڌاري
دونهين جي ڌَپَ هئي ۽ سگريٽن جي اڌ ــــ وساڻل
ٽڪرن ۾ خالي پاڪيٽن جا ڍيرَ هئا. شايد سڄو ڏينهن
ڪنهن ٻهاري به ڪانه ڏني هئي.
اوچتو،
Arrival
لائونج جي ٻاهران، ٻه نوجوان نظر آيا، جن جي هٿن ۾
پلي ڪارڊ هئا: مٿن لکيل هو: ”آگرو صاحب ۽ گورايا
صاحب.“ اهو ڏسي خوشي ٿئي.
جهاز مان سامان لٿو، ته ساڻ کڻي لائونج مان نڪري، اچي پنهنجن
ميزبانن سان ملياسين. ٽئڪسيءَ ۾ آيا هئا. جنهن ۾
ڊرائيور اڳيئي ويٺو هو. سامان رکي، سوڙهه سنبيهه
۾، اسان چارئي ڄڻا به منجهس ماپي وياسون. ٽئڪسي
شهر رواني ٿي ته اسان جي ميزبانن چيس ته نظام
پئليس
(Nizam Palace)
هلڻو آهي.
اهو ٻڌي، مان ڏاڍو خوش ٿيس، ته اسان کي حيدرآباد دکن جي نظام جي
محلات ۾ ٽڪائڻ جو بندوبست ڪيو اٿن. ڪلاڪ کن کان
پوءِ ٽئڪسي سيمنٽ جي رنگ جي هڪ ’چار پنج منزله
عمارت‘ اڳيان اچي بيٺي، جيڪو مرڪزي حڪومت جو ’ريسٽ
هائوس‘ هو. ان ريسٽ هائوس کي ”نظام پئليس“ ٿي
ڪوٺيائون. اتي نظام جو محلات هوندو هو. ميزبانن
ٻاهران ئي اسان کان ائين چئي موڪلايو، ته ڳچ رات
گذري چڪي آهي.
ريسٽ هائو جو هڪڙو چوڪيدار اسان جي انتظار ۾ ويٺو هو، تنهن اسان
کي ڪمري جو نمبر ڏسيو ۽ چاٻي هٿ ۾ ڏئي چيو ته،
”ريسٽ هائوس ۾ لفٽ ڪانهي، سڌو سامهون لائونج ۾ وڃو
۽ پٿر جي ڏاڪڻ تي چڙهي، ٽماڙ تي پنهنجي ڪمري ۾
هلو، ته مان به پٺيان سامان کڻي اچان ٿو.“
اسان لائونج ۾ گهڙياسين ته ائين سمجهيوسون ته ”شو جي مندر“ ۾
گهڙيا آهيون. گرميءَ جي مند ڪري، ڪي چوڪيدار
پنهنجون قميصون لاهي، ڇت جي بجلي پکن هيٺان گهريءَ
ننڊ ۾ ستا پيا هئا. چوڌاري ائين ٽڙيا پکڙيا پيا
هئا. جو اڳتي وڃڻ جي ڪا واٽ ئي ڪانه ڇڏي هئائون.
پاسي ورائڻ ڪري يا پکن جي تيز هوا جي ڪري، سندن
ڌوتين جا پَلَوَ ۽ پاسا کُلي ويا هئا. سو، لائونج
۾ هر آئي وئي شخص کي هيڏانهن هوڏانهن پير رکي،
اڳتي وڃڻ لاءِ، واري واري سان هر چوڪيدار جي لنگم
جو درشن ڪرڻو ٿي پيو.
اسان، ڄاڻي ٻجهي پيرن جا دٻڪا ڪڍايا، ته من چوڪيدار سجاڳ ٿين!
ڪي جاڳيا ۽ پنهنجيون ڌوتيون ٺيڪ ڪري پاسو ورائي،
وري سمهي پيا. پر، ڪي اڳي وانگر کونگهرا هڻندا
رهيا.
* * * *
ريسٽ هائوس ۾، ٽماڙ تي، ڪمرو ڳولي، تالو کولي، اندر گهڙياسين.
منجهس ڪا جا به پراڻا پلنگ ڀتين جي پاسن سان رکيا
هئا ۽ ٻنهي جي وچ ۾ هڪ ڪرسي ۽ ٽيبل رکيل هئي، جنهن
جي ٽاپ تي سبز رنگ جي ريگزن لڳل هئي: ڪجهه ڦاٽي
وئي هئي، پر، ڪجهه اڃا سلامت هئي. مٿس پاڻيءَ سان
ڀريل، پلاسٽڪ جو ڍَڪَ سان جَڳُ رکيل هو، ۽ انهيءَ
جي مٿان وري پلاسٽڪ جو گلاس اونڌو رکيل هو. ڇت ۾
هڪ پراڻو پکو ’رُون‘ ’رُون‘ ڪري رهيو هو. گورايي
صاحب تيز ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪيس. پر، ناڪام ٿيو.
مان وري هڪ ڀت کي جاچيندو رهيس، جنهن ۾ دريءَ جي بدران روشندان
لڳل هو. ڀِتِ ۾ روشندان هڻڻ جو فلسفو اصل منهنجيءَ
سمجهه ۾ ڪونه آيو. ايتري ۾ چوڪيدارو بئگون کڻي
ڪمري ۾ داخل ٿيو. هڪ ميڻ بتي ۽ ماچيس ميز تي رکي
چيائين ته ”ڪنهن مهل بجلي گم ٿي وڃي، ته ميڻ بتي
ٻارجو.“ ـــ ـــ بس، اهي اکر چئي، اسان جي جواب جو
انتظار ڪرڻ کانسواءِ هليو ويو.
بئگ کولڻ تي منهنجي دل ڪانه ٿي. دهليءَ ۽ ڪلڪتي ۾ هندستانين
جيڪو آڌرڀاءُ ڪيو هو، تنهن هونئن ئي دل ٺاري ڇڏي
هئي! سو، جن ڪپڙن ۾ هئس، تن ۾ ئي بستري تي ليٽي
پيس. ستت ننڊ وٺي وئي.
* * * *
صبح جو سج اڃا ڪونه اُڀريو هو جو ڪمري ۾ هلچل ڪري، جاڳي
پيس.اکيون کوليم ته گورايي صاحب کي پريشان ڏٺم.
چيائين ته ’صبح جي نماز قضا ڪونه ڪندو آهيان. پر،
غسلخاني ۾ پاڻي ڪونهي.‘
مون کيس مشورو ڏنو ته ’هيٺ چوڪيدارن سان ڳالهه ڪري ڏس، ته ’ڇا
ٿا چون.‘
گورايو صاحب هيٺ لهي ويو، ته سِرِڻ جيڏا وڏا به ڪارا ڪنانوَ
روشندان جي لوهي شيخ تي اچي ويٺا. اول هڪڙي ۽ پوءِ
ٻئي ڀوائتي نموني ۾ ”ٽان“ ”ٽان“ جا خوفناڪ آواز
ڪيا. صبح مرداني سان اِهو منحوس منظر ڏسي، ڇرڪي
ويس ۽ ”قُلَ“ پڙهڻ شروع ڪيم. ستت ئي سندن تشريف
آوريءَ جو تعبير معلوم ٿي ويو: گورايو صاحب موٽيو
ته اها ’بدخبري‘ اچي ٻڌايائين، ته: ”سڄي ريسٽ
هائوس ۾ ڪاٿي به پاڻي ڪونهي ۽ شڪايت ڪرڻ لاءِ ڪا
فون به ڪانهي.“
مون چيو ته ”پوءِ ڇا ڪريون؟“
چيائين ته ’ريسٽ هائوس‘ سان گڏوگڏ جيڪا عمارت آهي، سا ’ٿري
اسٽار هوٽل‘ آهي.اُن ۾ هليا هلون. پئسا پاڻ کي
کيسي مان ڀرڻا پوندا. پر، هت ٽِڪَڻَ مان فائدو؟ نه
پاڻي نه فون باقي آهي بجلي، سابه الائي ڪيڏيءَ مهل
بند ٿئي!“
مون پنهنجي بئگ کنئي ۽ گورايي صاحب پنهنجي ـــ ـــ ٻئي ڄڻا ڏاڪڻ
تان بئگون گهليندا هيٺ ريسٽ هائوس جي اڳيان ميدان
۾ آياسين. سامهون چوڪيدر ويٺا هئا، پر، اسان جي
ڪابه مدد ڪانه ڪيائون، بلڪ ائين چئجي، ته
نهاريائون به ڪونه. ايتري ۾ هڪڙيءَ ٽئڪسيءَ مان ٻه
ماڻهو اچي لٿا. اسان هڪدم ساڳيءَ ئي ٽئسڪيءَ ۾
پنهنجون بئگون کڻي رکيون ۽ ريسٽ هائوس جي گيٽ مان
نڪري، پاسي واريءَ هوٽل جي گيٽ ۾ گهڙياسين. انهيءَ
اچ وڃ ۾ ٽئڪسيءَ واري کي ٻه ٽي منٽ مَسَ لڳا
هوندا. پڇيوسونس ته ”ڀاڙو گهڻو؟“
چيائين ته ”بس، سؤ رپيا ڏيو.“
اهو ٻڌي حيران ٿي وياسون! پر، پوءِ ٿڌو ساهه ڀري، ماٺڙي ڪري سؤ
رپيا ڀري ڏناسون.
* * * *
هوٽل جو نالو غالباً ’هندستان انٽرنيسنل‘ هو. ڏاڍي سٺي هئي. سڄي
Centrally Air-Conditioned هئي. فرش تي خوبصورت غاليچا وڇايل هئا، ته درين تي
ريشمي پردا ڏنل هئا. اسان سامهون ڪلارڪ (Reception
clerk)
وٽ وياسون ۽ کيس چيوسون ته: ”ٻن ڄڻن لاءِ ڪمرو
کپي.“
هن سلوار، قميص ۽ صدريءَ وارو لباس ڏسي، اسان کي سواليه انداز
سان چيو: ”پاڪستاني؟“
”هائو“، اسان جواب ڏنس.
چيائين ته ”بِلُ ڊالرن ۾ ڏيڻو پوندو.“
اسان چيو ته ”ٺيڪ آهي.“
پڇيائين ته ”گهڻا ڏينهن ٽڪندؤ؟“
اسان چيو ته ”ٽي چار ڏينهن.“
چيائين ته ”چڱو. چار سؤ ڊالر ايڊوانس ڏيو.“
گورايا صاحب گهر مان ڏهه هزاررپيا پاڪستاني کنيا هئا ۽ مون پنج
هزار. حڪومت جڏهن پنهنجو ڪو سرڪاري وَفَدُ غير
ملڪي دؤري تي موڪليندي آهي، تڏهن ملڪ، شهر ۽ دؤري
جا ڏينهن حساب ڪري، وفد جي هر ميمبر کي ڪجهه ڊالر
ڏيندي آهي. سو، اسان ٻنهي وٽ ملائي جملي پنج سؤ
ڊالر هئا. رسيپشن ڪلارڪ کي پنج سؤ ڊالرن جو نوٽ
ڏئي چيوسون ته ”کُليا ڪونهن“
ڪلارڪ نوٽ هٿ ۾ ورتو ۽ اسان کي رسيد ڏيئي چيو ته، ”جيڪو بل
بڻيو. باقي رقم اوهان کي واپس ڪنداسين.“
اسان کانئس رسيد وٺي، لفٽ ۾ چڙهي، پنهنجي ڪمري ۾ آياسين. خدا جو
شڪر ڪيوسون، جو هندستان سرڪار جي ’قيدخاني‘ مان
آزادي ملي. پوءِ خبر پئي ته سارڪ ملڪن مان آيل ٻيا
مڙئي مهمان، جن مان ڪي اسان کان اڳي ۽ ڪي پوءِ،
ساڳئي ريسٽ هائوس ۾ ٽڪايا هئائون، سي به ڪلاڪ ٻه
ته پاڻيءَ ۽ فون جو انتظار ڪندا رهيا. پر، جڏهن
ڏٺائون، ته ماڳهن بجلي به بند ٿي وئي، ته اهي به
ريسٽ هائوس ڇڏي هيڏي هوڏي هليا ويا. ميزبانن کي
ڪابه ميار ڪانه ڏنائون. غالباً، کين پراڻو پهاڪو
ياد هو ته: ”خان تنهنجي خاني، ٿي مانيءَ مان
معلوم.“
’هندستان انٽرنيشنل هوٽل‘ جي ڪمري ۾ سڀ کان اول گورايا صاحب ۽
مون هٿ منهن ڌوتو ۽ پوءِ ’روم سروس‘ کي فون تي
چاءِ جي ٻن ڪوپن جو آرڊر ڏنو. ليڪن، گورايي صاحب
کي اوچتو ڪو خيال آيو، سو، چيائين ته، ”ڊالر ته
ويا هوٽل وارن وٽ. خرچ لاءِ هاڻي پاڻ وٽ پنج پئسا
به ڪونهن. تون پاڻ وارا پاڪستاني پنج هزار ڏي ته
پنهنجن ڏهن هزارن سان ملائي، سڪي مٽائڻ واري
مارڪيٽ مان بدلائي اچان.“ ـــ ـــ ائين چئي، هو
چاءِ پيئڻ کانسواءِ ئي مارڪيٽ روانو ٿي ويو.
ڪلڪتي ۾ اسان جي پهرئين ڏينهن جو پهريون صبح ائين گذريو.
* * *
گذريل ويهن پنجويهن ورهين کان وٺي، روزمره جي زندگيءَ ۾، منهنجي
عياشي آهي ننڊ مان اٿي، هٿ منهن ڌوئي، بيڊ ٽِي
(Bed Tea) پيڻ ۽ اخبار پڙهڻ. گهر ۾ هجان، يا سفر ۾، اهو روزمره جي
زندگيءَ جو نيم آهي.
”هندستان انٽرنيشنل“ هوٽل ۾، بيرر چاءِ جي ٽري کڻي ڪمري ۾ داخل
ٿيو. منجهس بِلُو چائنا (Blue-china)
ڪراڪريءَ جو عمدو ٽي سيٽ وڏي سليقي سان رکيل هو.
مون به اوڏي ئي سليقي سان چاءِ ٺاهي. پهريون ئي
ڍُڪُ ڀريم ته مزو اچي ويو ـــ ــ لپٽن جي ’دارجلنگ
ـــ چاءِ‘ ته سچ پچ هندستان ۾ آهي. هت ته اسان صبح
سان ”بيڊ ٽي“
(Bed-Tea)
جي نالي ۾ حقي جو پاڻي پيندا رهون ٿا.
”هندستان انٽرنيشنل“ وارن چاءِ سان گڏ روزانه
Statesman
به موڪلي هئي. سندس خبرن جو ڪو معيار هو ـــ ــ ڄڻ
ته ماڻهو مئنچيسٽر گارجين
(Manchester Gardian)
پڙهي رهيو آهي. ايڊيٽوريل واري صفحي تي هڪ ’فيچر
آرٽيڪل‘ ڏسي، ڇرڪ نڪري ويو‘ لکندڙ جو نالو هو ملڪ
راج آنند.
جڏهن تيرهن ورهين جي عمر ۾، نوشهري فيروز جي مدرسي هاءِ اسڪول ۾
داخلا ورتي هئم، تڏهن انگريزيءَ زبان پڙهائيندڙَ
استاد، مسٽر اظهار ڪاظميءَ کان پهريون دفعو اهو
نالو ٻڌو هئم. چيائين ته ”هندستان جو اهو هاڪارو
ليکڪ، جنهن جي انگريز به ساراهه ڪندا آهن. سندس هڪ
مشهور انگريزي ناول آهي: ’ڪولهي‘. پر، اڻلڀ آهي،
گهڻي وقت کان ملي ڪونه ٿو.“
مان هاءِ اسڪول منجهان نڪري، حيدرآباد ۾ ڪاليج ۾ داخل ٿس. اتان
وري ڪراچيءَ آيس، جتي ڏهاڪو سال پوءِ، هڪ وڏي ’بين
الاقوامي صنعتي نمائش‘ لڳي. دوستن سان گڏ نمائش
گهمڻ ويس. هندستان جي اسٽال تي ڪتابن وٽ وڃي بيٺس.
اڃا جو ڏسان، ته سامهون بڪ شيلف تي ’ڪولهي‘ رکيو
آهي. اسٽال جي مئنيجر سان وڃي مليس. ڏاڍيون منٿون
ڪيونمانس پر چيائين ته، ”وڪري لاءِ ڪونهي.“
دوست اسٽال مان گهمي ڦري آيا، ته مون حفيظ شيخ سان ڳالهه ڪئي.
حفيظ ۽ ٻيا دوست هندستاني اسٽال گهمندا رهيا. ٻاهر
نڪتا، ته هاسٽل پهتاسين، هرڪو پنهنجي ڪمري ۾ هليو
ويو. دير سان، حفيظ منهنجي ڪمري ۾ آيو. ڪوٽ جي
کيسي مان ’ڪولهي‘ ڪڍي مون کي ڏنائين. مون کانئس
ڪونه پڇيو ته ”توکي ڪيئن ڏنائين؟“
گهڻا گهڻا سال پوءِ، ”ڪولهي“ مون وٽان ڪير کڻي ويو. ڪيئن، ڪڏهن
۽ ڇو، اهو هاڻي ياد ڪونهيم. پر، ارمان اڃا اٿم.
1955ع ۾”ون يونٽ“ ٺهيو ته حفيظ لاهور هليو ويو، جتي
A.P.P
۾ ملازم ٿيو. سڪندر مرزا ون يونٽ کي ’اسٽيم رولر‘
ڪوٺيو هو. اسٽيم رولر وڏي آفت آهي. هلندو آهي ته
ڏاڍوڌڌڪو ٿيندو آهي. جيڪا به شيءِ اڳيان ايندي
اٿس، سا ريزه ريزه ٿي ويندي آهي. ون يونٽ ننڍن
صوبن جو حال به اهو ٿي ويو. سنڌ ۾ ڪوٽڙي براج مان
جيڪي زمينون نڪتيون، سي ايوب خان پنهنجن چمچن کي
ورهائي ڏنيون. پر، کين ڪونه وڻيون، ڇو ته ڪلراٺيون
نڪري پيون. سو، هنن روهڙيءَ جي ڀرسان ”دُبَر“ نالي
ٻيلو ڪپرائي، اتان زرخيز زمينون ڪڍي، ورهائي
کنيون. زمينن جي اصل وارثن سنڌن کي ڪنهن کنگهيو به
ڪونه، ڇو ته سنڌي ماڻهو آهن ڪڙٻ جا ڪانا. سو، کين
سختيءَ سان چٿڻ لاءِ اسٽيم رولر جي ضرورت اسڪندر
مرزا کي ڪڏهن بهڪانه پئي. البت، خانِ قلات، احمد
يار خان جي خلاف اسٽيم ـــ رولر، چڱيءَ طرح
استعمال ڪيائين. ــــ ـــ غريب جو جُهڳو ئي جَهڻِ
ڪيائين.
ون يونٽ جي ڏينهن ۾ سنڌ جا سرڪاري ملازم خاص طرح وڏي آزار ۾
هئا. هر ڪم لاءِ کين لاهور جي آفيسن ۾ ڌڪا کائڻا
ٿي پيا. هڪ سال بورڊ جي گرانٽ جاري ڪرائڻ لاءِ مان
به لاهور ويس. ڊپٽي سيڪريٽريءَ مون کي پورا پندرهن
ڏينهن پنهنجيءَ آفيس جي ٻاهران پٽيوالي سان گڏ
بيهاريو. توڙي جو مان به بورڊ جو ڊپٽي سيڪريٽري
هئس.وري به سندس پٽيوالي کي ڪهڪاءُ آيو، پاڻ اسٽول
تان اُٿيو ۽ مون کي ويهڻ لاءِ ڏنائين.
ٻئي سال به وري مون کي بورڊ جي گرانٽ لاءِ لاهور وڃڻو پيو، جتي
حفيظ سان ميل ملاقات ٿي.چيائين ته،”اڄ شام
’الحمراء‘ ’آرٽس ڪائونسل‘ ۾ هلنداسين، جو اُتي
ليڪچر آهي. ائين به چيائين ته شاهه ايران ۽ سندس
ملڪہ لاهور به اچي رهيا آهن، سو، سندن استقبال
لاءِ وڏيون تياريون ٿي رهيون آهن. ملڪہ فرح ديبا
کي خوش ڪرڻ ڪاڻِ ’الحمرا‘ آرٽس ڪائونسل ۾ ’فينسي
ڊريس‘ ۽ ’فوڪ ڪاسٽيومس‘ جي نالي ۾
Beauty Parade
ٿي رهي آهي. اُتي به ليئو پائينداسين.
شام جو اسان ٻئي ڄڻا، الحمراء آرٽس ڪائونسل پهتاسين. ڪائونسل جي
سڄي عمارت بجليءَ جي رنگارنگي بلبن جي جهرمر ۾
ٻهڪي رهي هئي. منجهس
SHOW
۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اسان جي اڳيان، عين ان مَهَلَ،
’فوڪ فرينڊشپ‘ هوائي جهاز جيڏي ڊگهيءَ موٽرڪار مان
هڪ امير گهراڻي جي خاتون اچي لٿي. سندس سونهن
متعلق ايترو عرض ڪرڻ ئي ڪافي ٿيندو ته:
وه آئي اور پهر چراغون مين روشني نه رهي
سبز رنگ جي ريشمي ساڙهيءَ ۾ ڪا حُورَ آسمان مان ڌرتيءَ تي لهي
آئي هئي. سندس ديدار کان پوءِ
Beauty Parade
ڏسڻ بي معنيٰ ڳالهه هئي. سو، اسان ’سڌو الحمراءَ‘
جي ليڪچر هال ۾ هليا وياسين، تقريباً ٽي سؤ ماڻهو
موجود هئا. سڀ لاهور جي اعليٰ طبقي مان آيا هئا.
اسان سندن پاسي سان پريس گئلريءَ ۾ وڃي ويٺاسين،
ڇو ته حفيظ.
A.P.P
جو نمائندو هو. پندرهن ويهن منٽن کان پوءِ اعلان
ٿيو ته ’سابق گڏيل هندستان جو ممتاز دانشور، ملڪ
راج آنندُ ليڪچر ڏيندو.‘
ملڪ راج آنندُ روسٽرم وٽ آيو. مون کيس وڏيءَ اُڪير سان ڏٺو.
خاڪي رنگ جوبند گلي سان ڪوٽ ۽ پينٽ هئس. عمر
پنجاهه پنجونجاهه ورهيه مُنهنَ مهانڊي ۽ رنگ روپ
جي لحاظ کان خواجه فريد جي ٻوليءَ ۾ ائين چئجي ته:
”ميڏا سانولڙا.“
انگريزيءَ ۾ ليڪچر شروع ڪيائين. اڌ منو ڪلاڪ ڳالهايائين. پر،
سندس ڳالهائڻ ۾ ڪو تاثير هو!
مون زندگيءَ ۾ ٻن ماڻهن جون تقريرون ٻڌيون آهن، جي وساري نه
سگهندس: هڪ علامه آءِ. آءِ. قاضي ۽ ٻيو ملڪ راج
آنندُ. سندس تقرير دوران سڄي هال ۾
‘Pin Drop Silence’
هئي. ماڻهن تي ڄڻ ته جادو ٿي ويو آهي. مون پنهنجن
اکين سان پهرينءَ قطار ۾ ويٺل ڪن ماڻهن کي ٿڌا
ساهه ڀريندي ڏٺو. ڪن جون ته اکيون آليون ٿي ويون.
ملڪ راج آنندَ جي تقرير جو موضوع هو:
”اُهو لاهور، جنهن ۾ مون ۽ اقبال پنهنجو ننڍپڻ گذاريو.“
هن سڪ سان لاهور جي اُنهن گلين ۽ ميدانن جو ذڪر ڪيو، جن ۾ پاڻ ۽
اقبال ننڍپڻ ۾ رانديون رونديون ڪندا هئا.
هن لاهور جي باغن ۽ بستانن جو ذڪر ڪيو: جن مان ڪو شالامار هو،
ته ڪو چمن زار هو، ڪو لاله زار هو، ته ڪو سبزه زار
هو: پر، مڙني ۾ گلاب ۽ رابيل جا گل ٽڙندا هئا.
هن اُنهن انسانن جو به ذڪر ڪيو، جيڪي سمورن گلن کان وڌيڪ سهڻا ۽
سرها هئا: سندن هڪڙيءَ ئي مٺيءَ مُرڪ سان ڪيئي
چوڏهينءَ جا چنڊ اُڀري ايندا هئا.
ملڪ راج آنند، اقبال جا شعر پڙهيا، ۽ ايڏي ته سوز سان پڙهيا، جو
ٻڌندڙن ۽ خود سندس اکين مان ڳوڙها ٽمڻ لڳا. محفل ۾
هيجان برپا ٿي ويو.
جڏهن ڌيرج ۾ آيو، ته عِلم ۽ قلم جي تقدس جو ذڪر ڪيو، لفظَ جي
حُرِمَتَ جو ذڪر ڪيو. ڪتابن ۽ ڪتخانن جو ذڪر ڪيو.
اديبن ۽ شاعرن جو ذڪر ڪيو، اخبارن ۽ اخبار نويسن
جو ذڪر ڪيو. انسان جي عظمت ۽ تهذيب ۽ تمدن جو ذڪر
ڪيو.
هن انگريزن کان آزاديءَ جي تحريڪن جو ذڪر ڪيو، جيڪي لاهور مان
اُڀريون هيون ۽ جن ۾ پاڻ به جوانيءَ ۾ بهرو ورتو
هئائين. اُهو ذڪر اهڙي ته جذباتي انداز ۾ ڪيائين،
جو بُتَ جي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وئي. مون کي ته
اياز ياد اچي ويو:
مون ڳاتا گيت بغاوت جا، مون لاٿا زنگ ضميرن جا
جڏهن ڳالهائي بس ڪيائين، ته حالي ته سناٽو ڇانئجي ويو ۽ پوءِ
وڏڦڙي وانگر تاڙين جا ڦهڪا هئا. وڏڦڙي جا وسڪارا
هئا. مِينهن جي لهرن مٿان لهرون هيون. جڏهن تاڙين
جي گونج پوري ٿي، ته سڀ زالون ۽ مرد نهايت احترام
سان اُٿي بيٺا، ۽ ملڪ راج آنند کي ادب سان جُهڪي
سلام ڪيائون.
هن پس منظر ۾، ورهين کان پوءِ ڪلڪتي جي ”اسٽيٽسمن“ ۾ سندس مضمون
ڏٺم، ته گذريل ڏينهن ياد آيا ۽ دل ڀرجي آئي.اکراکر
ڪري مضمون پڙهيم. ڪو مضمون هو؟
’موتين جي مالها هئي!‘
* * * *
اخبار پڙهي اُٿيس، ته ڪمري جي ٻاهران کڙڪو ٿيو. دروازو کوليم،
ته ٽيهن ٻٽيهن ورهين جو هڪ ”ڪلين ـــ شيو“ نوجوان،
هاف سليوز بشرٽ ۽ پينٽ ۾ منهنجي سامهون بيٺو هو.
پاڻ ئي مون ڏانهن هٿ وڌائي چيائين ته ”ڪليم الدين“
مون ساڻس هٿ ملائي چيو ته: ”غلام رباني آگرو“
پڇيائين ته، ”اوهان جو ٻيو ساٿي ڪاٿي آهي؟“
مون کيس چيو ته، ”اڄ ’سارڪ سيمينار‘ جو افتتاح آهي. اُن جو
پروگرام معلوم ڪرڻ ويو آهي.“
مان ۽ ڪليم الدين ڪرسين تي اچي ويٺاسين، ته بيرر چاءِ جا ٿانوَ
کڻڻ آيو. چيائين ته، ”سر، ناشتو آڻيان؟“
مون ازراه اخلاق، مسٽر ڪليم الدين کي چيو ته ”اوهان ناشتي ۾
شريڪ ٿيندا؟“
انگريزيءَ ۾ چيائين ته، ”هائو، خوشيءَ سان.“
بيرو ناشتو کڻي اچي، اُنهيءَ کان اڳ دروازي تي وري کڙڪو ٿيو.
مون دروازو کوليو، ته قد جو ڊگهو، بُت جو ٿلهو،
رنگ جو ڪارو، مٿي جي وارن مان تيل پيو ڳڙيس ۽ پاڻَ
سڄو پگهر ۾ شل، پيرن ۾ رٻڙ جي چپل، بت تي ميري
قميص ۽ هيٺ ميري ڌوتي پاتل هڪ بدشڪل شَخِصُ بيٺو
هو.
ڪليم الدين جي جيئن ئي مٿس نظر پيئي، ته واڪو ڪري چيائينس ته
”حرامزادا، توکي مٿي اچڻ جي اجازت ڪنهن ڏني؟
تنهنجي ڊيوٽي هيٺ هوٽل جي دراوزي وٽ آهي.“
اهو ’خوبصورت خطاب‘ ملڻ کانپوءِ اهو شخص اتان ئي پوئين پيرين
واپس وريو.
اِتي، مون کان ڇرڪ نڪري ويو‘ دل ۾ چيم ته، ”مار، اسان ته شڪي ۽
ڏوهاري ماڻهو آهيون. ڪي ’هسٽري شيٽر‘ آهيون. هِتِ
نظربند آهيون! هندستان جي بيدار مغز سرڪار، پنهنجن
جاسوسن ۽ پوليس عملدارن کي اسان تي ڪرڙِي اکرکڻ جو
حڪم ڏنو آهي. هڪڙو جاسوسُ اسان جي مٿان ڪمري ۾
وهاريو اٿس، ته ٻيو وري هوٽل جي دروازي تي، ته
متان دهشت انگيز ڪارروائي ڪري، اوچتو ڀڄي وڃو.
انهيءَ پس منظر ۾ ڪليم الدين جي ڪمري ۾ گهڙڻ شرط پهريون پهريون
سوال به سمجهه ۾ اچي ويو ته ”اوهان جو ٻيو ساٿي
ڪٿي آهي؟“
ايتري ۾ گورايا صاحب ڪمري ۾ داخل ٿيو. مان کيس ڪجهه چوان ئي
چوان، تنهن کان اڳ ڪليم الدين چيس ته، ”اوهان ڪاڏي
ويا هئا؟“
گورايا صاحب اطمينان سان جواب ڏنس ته، ”سارڪ ـــ سيمينار جي
سلسلي ۾ معلومات وٺڻ ويو هئس.“
ڪليم الدين اسان وٽ ويٺو رهيو، تان جو منجهند جي مانيءَ لاءِ
اُٿياسين. ڪليم الدين به ڊائننگ هال ۾ گڏيو هليو ۽
اسان سان گڏجي ماني کاڌائين. اسان ماني کائي ڪمري
۾ موٽياسين ته هو پنهنجيءَ آفيس کي اسان جي
اُنهيءَ ڏينهن جي سرگرمين جي رپورٽ ڏيڻ ويو.
* * * *
شام جو ’ڪلا مندر‘ ۾ سيمينار جو افتتاح هو. هندستان جي پرڏيهي
معاملن جو اسٽيٽ منسٽر نٽور سنگهه، ’مکيه مهمان‘
هو. سندس وڏي رعب تاب هو. سارڪ ملڪن مان آيل اسان
مڙني نمائندن کي به ساڻس گڏ اسٽيج تي وهاريائون.
’ڪلا مندر‘ جو ليڪچر هال، هزار ٻارهن سو ماڻهن لاءِ ٺهيل هو.
پر، مون مٿان اسٽيج تان جلسي جا ماڻهو ڳڻيا، ته
ڪُلُ هڪ سؤ ڇويهه ٿيا. اهو انگ البت مايوس ڪندڙ
هو. پر، اسان هاڻي انهيءَ ڳالهه تي هري ويا
هئاسون، ته ڪلڪتي ۾ ڪنهن به ڳالهه جو صحيح بندوبست
ڪونهي: بس، نالو وڏو آهي!
ڪجهه دير کان پوءِ، اسٽيج سيڪريٽري اٿيو ۽ مکيه مهمان مسٽر نٽور
سنگهه کان اجازت وٺي روسٽرم تي اعلان ڪرڻ لاءِ
تيار ٿي بيٺو ته امالڪ، بجلي گم ٿي وئي!
گهگه اوندهه ۾ ڪا دير ته هرڪو وائڙن وانگر ويٺو رهيو. تنهن کان
پوءِ ماچيس جي تيلي ٻري ۽ ميڻ بتيءَ جو ڪجهه
سوجهرو ٿيو. نيٺ، جڏهن بجليءَ جي اميد ڪانه رهي ته
اسٽيج سيڪريٽريءَ وڏي واڪي اعلان ڪيو ته ’سارڪ
ملڪن جا نمائندا ائين ئي روسٽرم تي اچي ڳالهائين.‘
اسان وڏي واڪي ته ڳالهائي ڪونه ٿي سگهياسون. لاچار، هر ڪنهن ٻه
ٽي جملا ڳالهايا. ڪلاڪ کن ۾، ’افتتاحي جلسو‘ ختم
ٿي ويو.
ٻاهر نڪتاسين، ۽ اتي وياسين، جتي ميزبانن جي چوڻ موجب، سارڪ
ملڪن جي نمائندن جي مسٽر نٽور سنگهه سان ملاقات
ڪرڻ ۽ گڏجي چاءِ پيئڻ جو انتظام ٿيل هو. پر،
ڪاريءَ وارا ڪک هئا. اهو ڏسي، هرڪو حيران ٿيو، پر،
آخر پنهنجي مُنهن روانو ٿيو. اسان به ماٺڙي ڪري،
ٽئڪسي ڪري هوٽل ۾ پهتاسين ۽ رات جي ماني کائي سمهي
پياسين.
* * * *
صبح جو اُٿياسين، ناشتو ڪيوسون، ته گورايي صاحب چيو ته ”مان
سيمينار جي اڄوڪي پروگرام جا تفصيل وٺي اچان ٿو“
ـــ ـــ ايتري ۾ ڪليم الدين اچي ٺڪاءُ ڪيو.
مان ۽ ڪليم الدين خاموشيءَ سان ويٺا رهياسين. جڏهن ويهي ويهي
ڏاڍو ڪڪ ٿيس، ته خيال مٽائڻ لاءِ، دريءَ جي شيشي
مان آڱر سان اشارو ڪري، ڪليم الدين کي چيم ته،
”اها گنبذ واري عمارت ڪهڙي آهي؟“
چيائين ته، ”وڪٽوريا ميوزيم. ڇو اڳي اوهان ڪلڪتي ڪونه آيا
آهيو؟“
مون چيو ته، ”اسان ته اڳي هندستان ئي ڪونه آيا آهيون.“
چيائين ته، ”اوهان جو خيال هجي، ته مان سڀاڻي اوهان کي ميوزيم
گهمائي اچان.“
مون سندس شڪريو ادا ڪيو. گورايو صاحب موٽي آيو. اسان ٽنهي وري
منجهند جي ماني گڏجي کاڌي. ڪليم الدين موڪلائي،
پنهنجي آفيس ڏي ويو. ٻئي ڏينهن، هو مون کي ۽
گورايي صاحب کي ساڻ وٺي، ميوزيم گهمائڻ هليو. جڏهن
ميوزيم ڏسي، ڪمري ۾ موٽي آياسين ته گورايي صاحب
چيو ته، ”ڪيڏي نه حيرت جي ڳالهه آهي ته هندستان
سرڪار جنهن شخص کي اسان تي چوڪسي رکڻ لاءِ مقرر
ڪيو آهي، سو ئي ڦري هاڻي اسان جو رهبر ٿيو آهي،
(بلڪ اڳتي هلي واهرو ٿيو).“
گورائي صاحب چيو ته، ”ڪليم الدين ۽ اسان به ساڳيو انگُ ته فقط
هڪڙو ئي آهي: ٽئي ڄڻا مسلمان آهيون، هونئن، هن جي
ٻولي، لباس روزمره جو کاڌو خوراڪ، اٿيءَ ويٺيءَ
جون ريتيون رسمون، ڄمڻ جو هنڌُ، ۽ وطن ـــ ـــ
سَڀُ اسان کان مختلف آهن.“
* * * *
’وڪٽوريا ميوزيم‘ هڪ شاهڪار آهي. غالباً جڏهن ’پرنس آف ويلس‘
برٽش انڊيا ۾ آيو هو، تڏهن اُن جو افتتاح ڪيو
هئائين. ميوزيم کي چڱيءَ طرح ڏسڻ لاءِ ڏينهن کپن.
منجهس لاتعداد ’نواردات‘ رکيل آهن. پر، هڪ ڪٻاٽ
تمام غير ـــ معمولي هو. منجهس ٻه خانا هئا. ٻنهي
تي واگڻائي رنگ جو ڪيمخابي ڪپڙو وڏيءَ نفاست سان
وڇايل هو.
ڪٻاٽ جي هرهڪ خاني ۾ هڪ هڪ تلوار رکيل هئي. مٿئين خاني ۾ميسور
جي حڪمران، حيدر عليءَ جي تلوار رکيل هئي: جوهردار
۽ چمڪدار. هيٺئين خاني ۾ وري سندس پٽ، ٽيپو سلطان
جي تلوار رکيل هئي: اُها به حيدر عليءَ جي تلوار
وانگر جوهردار ۽ چمڪدار هئي. پر، اُنهيءَ کي، ڄاڻي
واڻي، اڌ مان ڀڃي، ٻه ٽڪر ڪري رکيو ويو هو.
مان اهو ڏکوئيندڙ منظر ڏسي، آلين اکين سان ٻاهر نڪري آيس.
* * * *
ڪلڪتي ۾ ڏسڻ جون جايون ته گهڻيون ئي هونديون. پر، وڪٽوريا
ميوزيم کان پوءِ اسان کي ٻي ڪابه عمارت ڏسڻ جي
سَڌَ ڪانه ٿي.
هاڻي، روزمره جو معمول اِهو ٿي ويو، ته صبح جو گورايا صاحب
سيمينار جو پروگرام معلوم ڪرڻ هليو ويندو هو ۽
يارهين بجي ڪليم الدين مون وٽ هوٽل جي ڪمري ۾ پهچي
ويندو هو. منجهند جو ماني ٽيئي ڄڻا ڊائننگ هال ۾
گڏجي کائيندا هئاسون.
هڪڙي ڏينهن مانيءَ جي ٽيبل تي ويٺا هئاسون، ته مون ڪليم الدين
کي آڱر سان اشارو ڪري چيو ته ”اهو آهي اسان جو
ميزبان، جيڪو ڪلڪتي ايئرپورٽ تي اسان کي وٺڻ
آيوهو.“
ڪليم الدين اٿيو ۽ وٽس ويو، کيس آڻي، اسان سان گڏ ٽيبل تي
وهاريائين ۽ لنچ ۾ شريڪ ڪيائين.جڏهن ماني کائي بس
ڪئيسون، ته کيس وٺي وڃي ڪائونٽر تي بيهاريائين ۽
چيائينس ته، بُل ادا ڪر. ”کانئس بل پياري، وري
اسان وٽ وٺي آيو ۽ اسان جي اڳيان چيائينس ته،
”تو هنن مهمانن کي دعوت نامي ۾ لکيو آهي، ته اوهان جي اوٽ موٽ
جو خرچ ۽ رهائش جو انتظام اسان تي آهي. پر، هنن ۽
ٻين مهمانن جي رهائش جو تو جيڪو ’حسن انتظام‘ ڪيو
آهي. تنهن جي ته توکي سربستي خبر آهي. ريسٽ هائوس
۾ فون ڪانهي، بجلي ڪانهي ۽ پاڻي ڪانهي. ـــ ـــ
البت، ساهه کڻڻ لاءِ هوا آهي.“
ميزبان اهڙو ڪڇي جهڙي ڀِتِ!
ڪليم الدين چِڙَ مان چيس ته، ”هت هوٽل ۾ ته هي پنهنجي خرچ تي
رهيل آهن. پر، ٻڌاءِ ته جڏهن ڪلڪتي مان موٽي
دهليءَ ويندا، ته ڪاٿي رهندا؟“
ميزبان ميسڻو ٿي چيس ته ”سامهون واريءَ ٽيبل تي جيڪا عورت ويٺي
آهي، سا هندستان جي پارليامينٽ جي ميمبر آهي. اُها
دهليءَ ۾ هنن جي هر طرح پرگهور لهندي.“
ڪليم الدين چيس ته، ”هينئر ئي هل ۽ ساڻس ڳالهه ڪر.“
ٻيئي ڄڻا اُٿي ويا پارليامينٽ جي ميمبر وٽ، جنهن ڳالهه ٻڌي،
ميزبان کي ڇڙٻ ڏئي چيو ته، ”اوهان جي معاملن ۾
منهنجو ڇا وڃي؟“
اهو ٻڌي، ڪليم الدين ميزبان کي اسان وٽ وٺي آيو ۽ چيائينس ته
ڪَنَ کولي منهنجي ڳالهه ٻُڌُ:
”سڀاڻي شام تائين تو هنن ٻنهي غير ملڪي مهمانن کي واعدي موجب
ڪرايي جي ادائگي نه ڪئي، ته مان توتي رپورٽ ڪندس
ته تنهنجي سارڪ ملڪن جي سيمينار ۾ ڪابه دلچسپي
ڪانهي. تو ته انهيءَ بهاني سان هندستان سرڪار کي
به ٺڳيو آهي، بلڪ خانگي ڌرين کان به چندي ۾وڏي رقم
ورتي آهي. دراصل، تون پروفيشنل پيداگير آهين.“
ڪليم الدين غصي ۾ هو ۽ کيس سخت گهٽ وڌ ڳالهائي رهيو هو، جو مان
۽ گورايا صاحب اتان اٿي، خاموشيءَ سان پنهنجي
ڪمري ۾ هليا آياسين.
شام جو وري ”ڪلا مندر“ ۾ وياسين، جو مون کي پنهنجو پيپر پڙهڻو
هو، سو پڙهيم، ته اچي چيائون ته ”ميزبان اوهان
کي پنهنجي ڪمري ۾ ياد ڪري رهيو آهي. چوي ٿو، ته
مهرباني ڪري جلد اچو.“
وٽس ويس، ته شرمساريءَ واري انداز ۾ نظام پئليس ۾، پنهنجن”ناقص
انتظامن“ جو اعتراف ڪيائين ۽ پوءِ چيائين ته
”ايئرپورٽ تي ملاقات کانپوءِ واري اوهان سان ملي
به ڪونه سگهيس. هاڻي به واعدي موجب اوهان کي اوٽ
موٽ جو ڪرايو ڊالرن ۾ ته ادا ڪري ڪونه ٿو سگهان.
البت، هندستان سڪي ۾ ڏيان ٿو.“
هندستاني سڪي ۾ کانئس ڪرايي جي رقم وٺي،مان ۽ گورايا صاحب هوٽل
۾ موٽي آياسين. ٻئي ڏينهن اسان جي دهليءَ روانگي
هئي. جڏهن هوٽل وارن سان حساب ڇڏائڻ وياسين ته
هنن به اسان جا ايڊوانس مان بچيل ڊالر واپس ڪرڻ
کان انڪار ڪيو ۽ چيائون ته:
”رزرو بئنڪ آف انڊيا ۾ جمع ڪيل ڊالر موٽي ڪونه ملندا آهن.“
اسان کي بل جي ايڊوانس مان بچيل رقم هندستاني سڪن ۾ ڏنائون.
ماٺڙي ڪري، هوٽل مان سامان کڻي، ايئرپورٽ روانا
ٿياسين، جتي ويجهو اوڏو ته ڇا، پري پري تائين
’خدا حافظ‘ چوڻ لاءِ ڪوبه ’بني بشر‘ نظر ڪونه
آيو. پر، ان ڳالهه جو ڪوبه ارمان ڪونه ٿيو. بلڪ،
سچيءَ دل سان شڪر ڪيوسون، جو ڪلڪتي جهڙي اوپري
شهر مان، جتي اسان جو اوهي نڪو واهي، جان بچائي
سنئين لڱين موٽي آياسيون.
[1]
* * *
دهليءَ ڏانهن ايندڙ هوائي جهاز ۾ مون کي ۽ گورايي صاحب کي الڳ
الڳ سيٽون مليون. منهنجي پاسي ۾ جيڪا سيٽ هئي،
ان تي هڪ شخص ويٺو هو، جنهن کي سکن واري پڳڙي
ٻڌل هئي. تعارف ڪرايائين، ته ’پوليس کاتي ۾ ايس.
پي. آهيان‘. هندستان ۾ امن امان جون ڳالهيون
نڪتيون، ته ٻڌايائين ته ”اندرا جي قتل کان پوءِ
سکن جي جان مسلمانن بچائي هئي، نه ته دهليءَ ۾
وڏو ڪوس ٿئي ها. سو، هاڻي سک، اندروني طرح،
مسلمانن سان مليل آهن.“ اسان کي مشورو ڏنائين
ته، ”دهليءَ ۾ ’جَنِ پَتِ‘ هوٽل ۾ رهجو. سٺي
هوٽل آهي.“
’جن پت‘ هوٽل وارن به اُٿندي ئي شرط وڌو ته ”بل جي ادائگي ڊالرن
۾ ڪرڻي پوندي.“ پر، پاڪستاني سفارتخاني جو مسٽر
مَلڪُ وچ تي پيو، سو، اسان کي پنهنجن ڪاغذن ۾
سندس’سرڪاري مهمان‘ ڪري لکيائون ۽ بل ۾ اسان کي
هندستاني سڪا ورتائون.
اسان ’جن پت‘ هوٽل ۾ ڏينهن پهر ٽڪياسين، ته پتو پيو ته ’جن پت‘
سٺي هوٽل ڪانهي: ’تمام سٺي هوٽل آهي.‘ ڪمرا
ڪشادا، ايئرڪنڊيشنڊ. صاف، سٿرا، کاڌو نهايت لذيذ
۽ سروس شاندار، سهانگي وري اهڙي جو اعتبار ئي
ڪونه اچي، ته بل پورو وٺن ٿا، يا حساب ڪتاب ۾
ڀُلَ ٿا ڪن. هڪ ڀيري مانيءَ ۾ رڳو سبزيون
گهرايوسون. ــــ ـــ انهن جي رَڌَپچاءَ ۽ ساءَ
جي ڪهڙي تعريف ڪجي!
’جن پت‘ هوٽل جي ويجهو ٻي هڪ وڏي عاليشان هوٽل ئي. چيائون ته
”اُتي شراب عام هلندو آهي ۽ روزانو رات جو
هندستاني حسينائون، سرِعامُ، اسٽيج تي وڏي ناز ۽
انداز سان، سمورا لٽا لاهي، يوروپي نموني تي،
بلڪل عريان رقص ڪنديون آهن.“
هندستان ۾ ”سيڪولرزم“ جي نالي ۾ عام آزادي آهي. آزاديءَ جي نالي
۾ ڇا نٿو ٿي سگهي! پر، عام رواجي عقل جي ڳالهه
آهي ته پراون مردن جي اڳيان لٽا لاهي، سرِعامُ،
پنهنجيءَ اوگهڙ جي نمائش ڪهڙي عورت ڪندي؟
غربت ئي ماڻهوءَ کان اهي جڏا ڪَمَ ڪرائيندي آهي. سو، اسان ائين
ئي سمجهيو، ته اسان جي ملڪ ۾ به غربت آهي. پر،
هندستان ۾ عام ماڻهوءَ جي غربت شايد اسان کان به
زور آهي.
* * * *
ٻئي ڏينهن اسان پاڪستان جي سفارتخاني ۾ سفير سان ملڻ وياسين.
سفير پاڻ ته موڪل تي هو. سندس نائب مليو. اسان
مهذب لفظن ۾ ساڻس
protest
ڪيو ته:
”اوهان ڪلڪتي ۾ سارڪ سيمينار جي منتظم ۽ ڪارڪنن جي ڪابه جاچ جوچ
ڪانه ڪئي ته ڪير آهن؟ بس، هُنن سيٽي وڄائي، ته
اوهان هڪدم حڪومت پاڪستان کي ٽيليڪس مٿان ٽيليڪس
موڪلڻ شروع ڪيا، ته ’وارو ڪيو، دير نه ڪريو،
جلدي پنهنجو وفد موڪليو.“
وٽس ڪو جواب ته هئو ئي ڪونه. بس، شرمندو ٿيو.
اسان چيس ته ”اسان کي تاج محل ڏسڻ لاءِ آگري وڃڻو آهي.“
ڦڪو ٿي چيائين ته ”هندستان سرڪار کان اوهان کي گهربل اجازت وٺي
ڏئي نٿو سگهان.“
اسان کي حيرت لڳي، ته سڄيءَ دنيا جا ماڻهو تاج محل ڏسڻ وڃن ٿا.
پر، هن همراهه کي اها ڳالهه به ڏکي لڳي ٿي. اسان
جي سفارتخاني ۾ ڪيڏا نه باصلاحيت ماڻهو ويٺا
آهن! خبر ناهي ته هن جهڙا شخص، ڪهڙيءَ
’غيرمعمولي قابليت‘ ڪري سفارتخانن ۾ مقرر ڪيا
ويا آهن؟ خبر ناهي ته سنڌين ۽ ٻروچن ڪهڙو ڏوهه
ڪيو آهي جو کين سفير جي عهدي جي لائق نٿو سمجهيو
وڃي؟ اهي به ته ساڳئي ملڪ جا باشندا آهن. ننڍن
صوبن ۾ حق تي ”احساس محرومي“ پيدا ٿيو آهي.
اسان چيس ته، ”دهليءَ جو هڪ اديب ڪنور مهندر سنگهه بيدي نالي
آهي. اهو اسان کي خط لکندو آهي، ته ’دهليءَ اچو،
ته مون سان ضرور ملو. اوهان جي صلاح ڪهڙي آهي؟“
اِها ڳالهه ٻڌي سندس واڇون ٽڙي پيون. اسان کي منٿون ڪرڻ لڳو ته
”ضرور وڃو، اِهي ڳالهيون هِتِ اسان کي ڏاڍيون ڪم
اينديون.“
اِتي اسان کي اندازو ٿيو ته ’مارِ، هي همراههُ ماڳهن پرائي ٻوڙَ
تي ماني ٻڌيون ويٺو آهي. مهندر سنگهه بيديءَ سان
اسان جي ملاقات کي به پنهنجي ڪنهن ذاتي فائدي
لاءِ استعمال ڪندو.‘
اسان احتجاج طور سندس چاءِ پيئن کانسواءِ اُٿي هليا آياسين.
اُهو جمعي جو ڏينهن هو. دهليءَ جي جامع مسجد ۾ نماز پڙهڻ هليا
وياسين. اسان جي پهچڻ کان اڳ امام بخاريءَ جي
تقرير جاري هئي. مون گورايي صاحب کي چيو ته
”نماز پڙهي ساڻس ملنداسين.“ گورايي صاحب ۽ مون
مسجد جي اڳيان هڪٻئي جون تصويرون ڪڍيون.
شاهجهان جي ٺهرايل هيءَ تاريخي مسجد تمام خوبصورت آهي. هاڻي
مرمت طلب ضرور آهي. پر، اڃا ڏاڍي بيٺي آهي. مسجد
ڏسي، امام صاحب وٽ سندس چيمبر (حجري) ۾ وياسين.
امام بخاري هندستان جي مسلمانن ۾ وڏي حيثيت رکي ٿو. ڏاڍيءَ سڪ
سان مليو. گرميءَ جي مند هئي، سو، دهليءَ جي
دستور موجب اول لسي گهرايائين. پوءِ اسان کي
پنهنجي گهر رات جي مانيءَ جي دعوت ڏنائين.
اسان سندس شڪرادائي ڪئي.
کِلي چيائين ته ”يا ته ماني کائو، يا صاف انڪار ڪيو.“
اسان کي ”هائو“ ڪرڻي پئي.
پاڪستاني سفارتخاني وارن کي ڄاڻ ڪري، رات جو وٽس ماني کائڻ
وياسن.
بخاري صاحب ڏاڍو ٿلهو مڙس آهي. گهر ۾، گوڏ ۽ گنجيءَ ۾ ائين
ليٽيو پيو هو، جو ڄڻ ته ڪو پهلوان آهي. اسان
کي ڏسي، قميص پاتائين. هندن جي سخت گلا ۽ سِکن
جي تعريف ڪيائين.
چيائين ته:
”سکن جو اڳواڻ مون سان مسجد ۾ ملڻ آيو هو. مون کيس ميوو پيش
ڪيو. نارنگيون کاڌائين. پر کلون ادب سان رومال
۾ ويڙهي ٻَڌائين. چيائين ته اُڇلائي، بي ادبي
ڪونه ڪندس. پاڻ وٽ سانڍي رکندس، ته هيءَ اوهان
جي ڪرم نوازيءَ جي نشاني آهي.“
ڪچهري ڪري، شاندار دعوت کارايائين. دهليءَ ۾ ٻي اهڙي سٺي دعوت
فقط پاڪستاني سفارتخاني جي پريس اتاشيءَ مسٽر
ملڪ پنهنجي گهر ۾ کارائي هئي.
اسان بخاري صاحب کان موڪلائي، هوٽل تي آياسين ۽ ٻئي ڏينهن لعل
قلعو، ديوان عام، ديوان خاص ۽ موتي مسجد ڏسڻ
جو پروگرام ٺاهيوسون.
* * *
صبح سان ٽئڪسي ڪري، دهليءَ جون يادگار تاريخي جايون گهمڻ
نڪتاسين. پر، پهريائين رستي تي هندستان جي
هاڻوڪي دؤر جو هڪ يادگار نظارو ڏٺوسون. وڏو
ويڪرو روڊ هو. مٿس چڱيءَ ٽريفڪ هئي. الاهي
سائيڪل سوار ۽ ٽئڪسيون هيڏي هوڏي پئي آيون
ويون. ڪيئي مرد ۽ زالون پنهنجن پنهنجن ڪمن
ڪارين سان پيادل به وڃي رهيا هئا. اسان جي
اڳيانڪا عورت (غالباً ڀنگياڻي هئي) ميريءَ
ساڙهيءَ۽ رَٻڙ جي پراڻيءَ چپل ۾، کِڙِتِ
کِڙِتِ ڪندي وڃي رهي هئي. هڪ سائيڪل سوار،
جنهن کي سفيد ڪڙتو، سفيد ڌوتي ٻڌل هئي ۽ مٿي ۾
سفيد گانڌي ڪئپ پاتل هئس، پاسي مان اچي
لنگهيس. ڪو ڀڻڪو ڪيائينس جو ٻڌي، ڀنگياڻيءَ
هڪدم پادر ۾ هٿ وڌو. سائيڪل سوارَ گهڻئي تڪڙا
پيڊل گهمايا. پر، ڀنگياڻيءَ پادر اهڙو ته ڪشي
هنيس، جو ميزائيل وانگر سڌو وڃي ڪياڙي ۾ لڳيس.
ڪي راهگير به انهيءَ هل هنگامي ۾ شريڪ ٿي ويا. پر، اسان جي
ٽئڪسيءَ وارو ڊرائيور سک هو، سو پنهنجي ٽئڪسي
پاسي سان ڪڍي، سڌو لعل قلعي وٽ اچي پهتو.
لعل قلعو هاڻي صفعا سُڃ آهي. ”محل اداسي، گليان ويران!“ جو منظر
آهي. قلعي جي ٻاهرين ديوار سرخ رنگ جي آهي ۽
اڃا به ڀڀڪيدار آهي. پر، عظمت جي نشاني فقط
اُها ديوار ئي رهجي وئي آهي. اندر وڏو وسيع
ميدان آهي. اهو لنگهي’ديوان عام‘ ۾ پهتاسين.
وڏا وڏا سنگمرمر جا پيلپاوا ۽ سهڻو تخت،
ماضيءَ جي يادگيري ڏياري رهيا آهن. ديوان خاص
ڪجهه بهتر حالت ۾ آهي. ٻئي عظيم تاريخي
عمارتون آهن. پر، صفائي پوري ساري اٿن. مٿن،
مٽيءَ ۽ مَرُ جا تَههَ ڄمي ويا آهن. سو، سندن
سنگمرمر جو چمڪ دمڪ ختم به ٿي وئي آهي. اتان
ٿي، موتي مسجد ۾ وياسين. ننڍڙي پر ڏاڍي سٻنڌڙي
آهي. اُها به سنگمرمر جي ٺهيل آهي. مون ٻه
رڪعتون نفل پڙهي، پنهنجي والد بزرگوار جي سنت
ادا ڪئي. انگريزن جي بادشاهيءَ ۾ دهلي گهمڻ
آيو هو. ڳوٺ موٽي آيو ته اسان سان موتي مسجد
جي تعريف ڪئي هئائين. ـــ ـــ غالباً ان جو
سبب اهو هو ته انگريزن جي بادشاهيءَ ۾ تاريخي
جاين جي حفاظت سٺي هوندي هئي.
هاڻي، هندستان آزاد آهي. منجهس پنجاهه ورهين کان ’جمهوريت‘ آهي.
سو، هر ڪو آزاد آهي. تنهنڪري تاريخي جاين جي
تباهيءَ لاءِ ڪنهن کي به ڏوهه ڏئي نٿو سگهجي.
دنيا ۾ هر ملڪ جي جمهوريت جو نمونو پنهنجو
پنهنجو آهي. ٽيئنءَ دنيا جي ملڪن جي به پنهنجي
پنهنجي جمهوريت آهي.
* * *
ٻئي ڏينهن صبح سان قطب مينار ۽ همايون جو مقبرو گهمڻ وياسين.
ساڳيو قلعي وارو ويرانو. ڌوڙ پئي اڏاڻي.
ٿڪائيندڙ نظارو هو.اڪيلي سِرِ، قطب مينار چڙهڻ
تي، اسان جي دل ڪانه ٿي. بس، پري کان ڏٺوسون.
سکر ۾، معصوم شاهه وارو منارو سراسر ٻُسو آهي.
ليڪن، هن تي قرآن ڪريم جون آيتون پٿر ۾ اُڪريل
آهن. پاسي ۾ تاريخي ’مسجد شوڪت اسلام‘ بيٺي
آهي. پر، منجهس نفل پڙهڻ لاءِ ڪو معمولي تڏو
به ڪونه هو.
همايون جو مقبرو البت، ’پر شڪوه‘ عمارت آهي. اُتي ملڪي ۽ غير
ملڪي سياح جام هئا. هڪ خوبصورت يوروپي خاتونءَ
سان ملاقات ٿي، جا فنِ تعمير جي ماهر هئي.
ٻڌايائين ته:
فن تعمير جي ارتقائي تسلسل ۾ ’تاج محل‘ ’همايون جي مقبري‘ کان
فقط هڪ دفعو مٿي آهي.
ليڪن، هيءُ تاريخي شاهڪارُ به هاڻي زبون ٿي رهيون آهن. پوري
مرامت ڪانه ٿي ٿئيس. اسان کي اُهو ڪمرو به
ڏيکاريائون، جنهن مان انگريزن 1857ع جي بلوي
کي دٻائڻ کان پوءِ، آخرين مغل تاجدار جي ٻن
پٽن کي گرفتار ڪيو هو ۽ کين لعل قلعي ۾ آڻي،
پوڙهي پيءُ جي اکين اڳيان پستول جون گوليون
هڻي ماريو هو.
همايون جي مقبري ۾ اهو ڪمرو ڏسي موٽياسين، ته مون کي ائين لڳو
ته هندستان ۾ دهلي شهر تاريخ جا جيڪي لاها ۽
چاڙها ڏٺا آهن، سي ٻئي ڪنهن شهر شايد مشڪل ڏٺا
هجن. ’اندر پرست‘ کان وٺي ’دهلي‘ ٿيڻ تائين،
هن شهر الائي ته ڪيتريون صديون سفر ڪيو آهي.
ڪڏهن گلن جي پنکڙين سان ڪنوار وانگر سينگاريو
ويو آهي، ته ڪڏهن انساني رت سان وهنجاريو ويو
آهي.
جڏهن نادر شاهه ماڻهن جي عام ڪوس جو حڪم ڏنو هو، تڏهن دهليءَ جي
وسندڙ ٽماڙ ۽ چار ـــ ماڙ گهرن مان انساني رت
جا نيسارا گهٽين ۾ وهڻ لڳا هئا. محمد شاهه مغل
بادشاهه جي وزير کي عقل آيو، سو ڳچيءَ ۾ ڳارو
وجهي، نادر شاهه جي حضور ۾ حاضر ٿيو ۽ ٽمندڙ
اکين سان هڪ فارسي شعر پڙهيائين، جنهن جو مطلب
هي هو ته:
هاڻي ته هن شهر ۾ قتل لاءِ به ڪير ڪونه بچيو آهي،
سواءِ هن جي ته قتل ٿيلن کي جيئرو ڪرين ۽ وري ڪهائين.
اهو ٻڌي، نادر پنهنجي اگهاڙي ترار مياڻ ۾ وڌي، تڏهن وڃي دهليءَ
۾ معصوم انسانن جو ڪوس بند ٿيو. ـــ ـــ دهلي
اڄ تائين نادر شآهه جي ڪوس کي وساري ڪانه سگهي
آهي!
روهيلن هن ئي شهر ۾ مغل تاجدار جون اکيون ڪڍي، اونڌو ڪري، کيس
تخت تي وهاريو هو.
محي الدين، اورنگزيب عالمگيرُ، جنهن لاءِ هڪ تاريخنويس لکيو آهي
ته ’ڪابه تهجد جي نماز قضا ڪانه ڪيائين ۽ ڪوبه
ڀاءُ جيئرو ڪونه ڇڏيائين‘ تنهن هن ئي شهر ۾،
سرمد کي قتل ڪرايو هو. ابوالڪلام آزاد سرمد تي
ڏاڍو سٺو ڪتاب لکيو آهي. پڙهڻ وٽان آهي. سرمد
ياد آيو، ته سندس هڪ فارسي رباعي منهنجن چپن
تي آئي:
”صبح جو سوير جڏهن ماڻهو پنهنجي پنهنجي ڪم ڪار سان ويندا آهن،
تڏهن محبت جا ماريل پنهنجي يارَ جي گليءَ جو رخ ڪندا آهن.“
گورايي صاحب پڇيو ته ”ڪنهن جي رباعي آهي؟“
مون چيو ته ”سرمد جي!“
ايتري کيس به خبر هئي، ته سرمد دهليءَ ۾ شهيد ٿيو هو. سو،
چيائين ته ”سندس مرقد تي حاضري ڏيون.“
مون کيس چيو ته ”پوءِ سڀاڻڪو سڄو ڏينهن اهڙين زيارتن لاءِ وقف
ڪريون ٿا.“
ٻئي ڏينهن، اسان زيارتن لاءِ تيار ٿي، نڪتاسين. سرمد جي مزار
جامع مسجد جي سيڙهين وٽ آهي. احاطي ۾ بند آهي.
ماڻهن جو چڱو هجوم اڳيئي گڏ ٿي ويو هو. سڄي
مزار گلاب جي پنکڙين سان ڍڪيل هئي. اسان به
مٿس گلن جي ورکا ڪئي۽ فاتحه پڙهي.
اتان ٿي، مولانا ابوالڪلام آزاد جي مزار تي وياسين. جامع مسجد
اڳيان، وڏي سبزه زار جي وچ ۾، سنگ مرمر جي هڪ
سهڻي چبوتري هيٺان آهي. سبزه زار کي چوڌاري
وڏو لوهي ڪٽهڙو آهي، جنهن جي دروازي کي قلف
لڳل هو. سو، اسان ٻاهران ڪٽهڙي وٽ بيهي، فاتحه
پڙهي.
اتان ٿي نظام الدين اولياءَ جي مزار شريف تي حاضري ڏيڻ وياسين.
نظام الدين اولياءُ هندستان جي وڏي هستي هو.
سندس برگزيده شخصيت ڪنهن به تعارف جي محتاج
ڪانهي. تاهم، جنهن کي سندس حياتيءَ جو احوال
معلوم ڪرڻو هجي، سو، خواجه حسن نظاميءَ جو
ڪتاب ”نظامي بئنسري“ پڙهي ڏسي. پر، جيڪڏهن حسن
سجزيءَ جو ڪتاب ”فواد الفواد“ پڙهندو، ته
روحاني طرح مخمور ٿي ويندو.
امير خسرو چوندو هو ته ”حسن سجزي منهنجا سڀ ڪتاب وٺي، رڳو مون
کي ’فوادالفواد‘ ڏئي.“
ايراني باشندا هندستان جي فارسي شاعرن ۾ فقط ٻن ڄڻن کي مڃن ٿا:
هڪ امير خسروءَ کي ۽ ٻيو اقبال کي. امير
خسروءَ جي مزار به خواجه نظام الدين اولياء جي
احاطي ۾ آهي. امر خسرو تمام وڏو شاعر ۽ اوڏو
ئي وڏو موسيقار هو. ۽ خواجه نظام الدين اولياء
جو ازحد عقيدتمند هو. سندس مزار تي به حاضري
ڏنيسون ۽ فاتح پڙهيسون.
گورايا صاحب چيو ته ”اڳو پوءِ غالب جي مزار تي به حاضري ڏئي
اچون.“ انهيءَ زيارت ۾ ڪجهه مشڪل هئي، پر،
سفارتخاني جي پريس اتاشيءِ، مسٽر ملڪ مدد ڪئي،
سو، اسان کي عالب جي آخرين آرامگاه تي حاضري
ڏيڻ جو موقعو مليو.
شاهه ڀٽائيءَ جي روضي جو جيڪو شان آهي ۽ جيڪي خلق جا جيڪي هجوم
آهن، سي هرڪو ڄاڻي ٿو. پر مرزا غالب جي مزار
غريباڻي ڪمري ۾ آهي. هونئن، انهيءَ ڪمري کي
چوڌاري وڏي چوديواري ڏنل آهي. ڪجهه عرصو اڳ
غالباً برسات پئي هئي، سو، اخبارن جا ڦاٽل
ڪاغذ اڏامي، اندر احاطي ۾ وڃي ڪريا هئا ۽
برسات جي پاڻيءَ ۾ ڳري اندرئي پَٽَ تي ڄمي ويا
هئا. تنهن مان صاف ظاهر هو،ته مهيني ماسي ۾
ڪنهن ٻهاري ئي ڪانه ڏني آهي. اسان کانسواءِ
ٻيو ڪوبه ماڻهو مزار يا احاطي جي آسپاس موجود
ڪونه هو. مجاور ڪوٺڙيءَ جو قلف کوليو. اندر
داخل ٿياسين. فاته پڙهيسون. سخت ڪسمپرسيءَ جو
ماحول ۽ منظر هو. اهو ڏسي، غالب جو هڪ شعر
بيساخته منهنجن چپن تي آيو:
هستي کي فريب مين مت آجائيو اسد
عالم تمام حلقهِ دام خيال هي
غالب جي ابدي آرامگاهه جي ڪسمپرسيءَ مون کي اهڙو ته ڏکويو، جو
ٻئي ڪنهن به هنڌ وڃڻ تي دل ڪانه ٿي. موٽي هوٽل
۾ آياسين، رات جي ماني سويرو کائي، ٻئي ڄڻا
پنهنجن پنهنجن ڪمرن ۾ وڃي آرامي ٿياسين.
[1]
صبح جو گورايي صاحب چيو ته، ”پرينهنءَ پنهنجي فلائيٽ آهي. باقي
وچ تي هڪڙو ڏينهن بچيو آهي. ڪو سونهون ساڻ
هجي، ته سٺو. نه ته ائين ته دهليءَ جي گهٽين ۾
هلندي، هلندي، وقت گذري ويندو.“
مون گورايا صاحب کي ٻڌايو ته ”ٻارهن اديبن جو هڪ سرڪاري وفد
هندستان مان پاڪستان جي دوري تي آيو هو. منجهن
هندو ۽ مسلمان اديبَ، زالون ۽ مردَ سڀ شامل
هئا. پر، وفد جو اڳواڻ، ڪنور مهندر سنگهه بيدي
نالي هڪ سِک هو، جو گرونانڪ جو جانشين آهي.
دهليءَ ۾ رهي ٿو. اتي ڪنهن زماني ۾، غالباً
ڪمشنر به رهي چڪو هو. اهو پاڻ کي سونهون (Guide) ڏيندو، ڇو ته مون حڪومت پاڪستان جي هدايتن موجب، ايڪيڊمي آف
ليٽرس جي اعليٰ آفيسر جي حيثيت ۾ ڪراچيءَ،
لاهور ۽ اسلام آباد ۾ هنن جا وفد جا ليڪچر
رکايا هئا ۽ ڪتابن جون نمائشون ڪرايون هيون.
بلڪ سندن اهڙي ته مهمان نوازي ڪئي هئم، جو
’الوداعي بئنڪئيٽ‘ ۾، ڪنور مهندر سنگهه بيدي
صاحب مون کي ٻانهن کان وٺي، صدر پاڪستان کي
چيو ته، ”سر، مون کي هن شخص جي اوهان سان
شڪايت ڪرڻي آهي.“
صدر پاڪستان حيران ٿي چيس ته ”ڪهڙي؟“
بيديءَ چيس ته، ”هن شخص اسان جون ايڏيون ته خدمتون ڪيون آهن، جو
سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي، ته جڏهن واپس وطن
وينداسين، ته خود پنهنجن گهرن ۾ اسان جون
ايڏيون خدمتون ڪير ڪندو؟“
صدر کلي چيس ته، ”غلام رباني آگرو صاحب سنڌي آهي. سَڀُ سنڌي
مهمان نواز ٿيندا آهن.“
مون گورايي صاحب کي اهو به ٻڌايو ته ”بيدي صاحب ۽ هندستاني
اديبن جي سڄي وفد کي مان موهن جو دڙو به
گهمائڻ وٺي ويو هئس. اتي منهنجي مهربان ۽
تڏهوڪي ڪمشنر، مسٽر قلي بخش رند کين خالص سنڌي
دعوت کارائي هئي، سنڌي لوڪ ناچ ڏيکاريا هئا ۽
اجرڪ پاتا هئا.
اسلام آباد ۾ بيدي صاحب هوٽل جي ماني ڪونه کائيندو هو، سو، سندس
ماني منهنجي گهران پچي ويندي هئي. هڪ ڏينهن،
مون کي ’پنجا ـــ صاحب‘ جي زيارت جي فرمائش
ڪيائين، جيڪو حسن ابدال جي پاسي، سکن جو وڏو
تيرٿ آهي. پر، وفد جي سرڪاري پروگرام ۾ شامل
ڪونه هو.
مون بيدي صاحب ۽ سڄي هندستاني وَفَدَ کي وڏي شان مان سان ”پنجا
ـــ صاحب“ جي زيارت ڪرائي. ڪئبينيٽ ڊويزن مان
مرسڊيز موٽرون ورتم،جن جي اڳيان ۽ پٺيان سرخ ۽
سبز بتين وارا پوليس جا پائلٽ هلي رهيا هئا،
ڄڻ ته ڪو ”اسٽيٽ گيسٽ“ وڃي رهيو آهي!
بيدي صاحب اهو منظر ڏسي، گلاب جي گل وانگر ٽڙي پيو.
هاڻي انهيءَ پس منظر ۾، مون کي دهليءَ مان مسلسل خط لکندو رهندو
آهي، ته ”اوهان ڪڏهن ٿا دهلي گهمڻ اچو؟ اسان
جي وفد جا سَڀُ ميمبرَ اوهان جي ديدار جا
مشتاق آهن.“
گورايو صاحب اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. چيائين ته ”صبح جو
بيدي صاحب سان گڏجي گهمڻ هلنداسين، يا وري
کانئس ڪو سونهون وٺنداسين. شام جو ٻارڙن لاءِ
چاندني چؤنڪ مان ٿوري گهڻي شاپنگ به ڪري
اينداسين.“
صبح جو ناشتو ڪري، بيدي صاحب کي فون ڪئيسون. چيائين ته، ”منهنجي
ڀاڄائي چاق ڪانهي. سو، چندي ڳڙهه وڃڻو اٿم.
پر، شام جو ساڍي پنجين بجي اوهان وٽ ايندس.“
صبح جو گورايي صاحب ۽ مون اول ته پنهنجيءَ واپسيءَ جي جهاز جي
ٽڪيٽ
Reconfirm
ڪرائي ۽ پوءِ سمورو وقت ڪتابن جي دڪانن ۾
گذاريو. مون ٻه ڪتاب خريد ڪيا: هڪ انگريزيءَ ۾
۽ ٻيو اردو ۾، ٻئي مولانا ابوالڪلام آزاد تي
ورتم.
شام جو هوٽل وارن کي پنهنجي معزز مهمان ۽ ڪرمفرما ڪنور مهندر
سنگهه بيدي لاءِ سبزيءَ جا ’خاص سموسا‘ ۽ ’خاص
سئنڊوچز‘ تيار ڪرڻ ۽ چاءِ ۽ ڪافي ٻنهي جو
انتظام رکڻ لاءِ تاڪيد ڪيم.
گورايي صاحب چيو ته ”تون اجايو ٿو خفو ڪرين! بيدي صاحب پَڪ ئي
پَڪ پاڻ کي رات جي مانيءَ تي گهر يا ڪٿي ٻاهر
هوٽل تي وٺي هلندو.“
بيدي صاحب ساڍي پنجين وڳي ”جن پت“ هوٽل تي پهتو. ساڳيو لباس،
ساڳي پڳڙي ۽ ڏارهيءَ کي اهي ساڳيا وَٽَ، جن تي
کيس اسلام آٻاد ۽ لاهور جي هوٽلن ۾ ڪلاڪن جا
ڪلاڪ لڳي ويندا هئا. هندستاني وَفَدَ جا ميمبر
هوٽل جي لابيءَ ۾ سندس انتظار ڪري ڪري ٿڪجي
پوندا هئا. کيس ملي، مون کي ٻيون به الاهي
اڳيون ڳالهيون ياد آيون!
بيدي صاحب پنهنجين يادگيرين جو ڪتاب ”يادون کا جشن“ ڇپايو هو،
مون کي ڪتاب جي ڪاپي آٽوگراف ڪري ڏنائين.
منجهس راولپنڊيءَ ۾ ”شاليمار هوٽل“ جي هڪ
يادگار تصوير به وڌي هئائين، جنهن ۾ هو پاڻ ۽
مان وچ ۾ بيٺا آهيون. وفد جا ٻيا ميمبر اسان
جي ساڄي ۽ کاٻي بيٺا آهن.
مون کيس سموسا ۽ سئنڊوچز پيش ڪري، چاءِ ۽ ڪافيءَ جو پڇيو.
چيائين ته، ”هن مهل ’ملڪ روز‘ پيئندو آهيان، سو، گهران پي آيو
آهيان.“
مون تنهن هوندي به ملڪ روز جي ٽن گلاسن جو آرڊر ڏنو.
بيدي صاحب خوش خير عافيت ڪئي. کائي پي، اسان کان پڇيائين ته
”ڪڏهن آيا آهيو ۽ آئينده ڪهڙو پروگرام آهي؟“
مون چيو ته ”ڪلڪتي ۾ سارڪ سيمينار هو، سو، هندستان اچڻو پيو.
هاڻي، دهليءَ جو شهر ڏسي واپس موٽڻ جو ارادو
آهي.“
چيائين ته ”بهت بهتر.“
اهي اکر چئي، گورايي صاحب کان سندس نالو ٻيهرَ پڇيائين. ۽
موڪلائڻ لاءِ اٿي بيٺو.
گورايا صاحب کيس حيرت سان ڏسندو رهيو!
[1]
مان بيدي صاحب کي هوٽل جي ٻاهران ڪار ۾ وهاري، کانئس موڪلائي
ڪمري ۾ آيس ته گورايو صاحب سڙيو ٻريو ويٺو هو:
چيائين ته، ”هل ته هلي پاڻ ئي ٻارڙن لاءِ
چاندني چؤڪ مان ڪا سوکڙي پاکڙي وٺي اچون. ڄاڻ
سج لٿو.“
اسان ٽئڪسي ڪري ’چاندي چوڪ‘ پهتاسين. ٽئڪسيءَ واري کي ڪرايو
ڏيئي، هيٺ لٿاسين. اسان تي، بيدي صاحب وانگر
’چاندني چوڪ’ جو به وڏو رعب ويٺل هو. پر،
’چاندني چوڪ‘ سراسر ڪن ڪچري جو ڍير هو. هِتِ
هُتِ رستي جي ٻنهي پاسي سان ڀڳل سرن، ريت ۽
بجريءَ جا ڍير هئا. دڪانن جون مهاڙيون برساتن
۾ ڪاريون ٿي ويون هيون، ته وري مٿن ڪنهن رنگ
جو برش ڪونه گهمايو هو.
گورايا صاحب هڪڙي دڪان تي چڙهيو. گهر جي ڀاتين لاءِ چانديءَ جا
جهومڪ ۽ ٻيا ڪي ٿورڙا زيور ورتائين. مون به
پنهنجيءَ نياڻيءَ عينيءَ لاءِ اهڙي ڪا هلڪي
سلڪي شيءِ ورتي. ٻئي دڪان تي چڙهياسين. گرم
مصالحي جو دڪان هو. پر، تمام سٺو هو. منجهس هر
قسم جو گرم مصالحو ته هو. پر، سٺي زعفران به
رکي هئي. مون ٿوري ورتي.
ديسي کاڌيءَ جي دڪان تي چڙهياسون. پر، ڪم جي ڪانه هئي. دڪان وڏو
هو. پر، رڳو نالو هئس. ان کان ته بنگلاديش ۾
سؤ دفعا سٺي ۽ سستي کاڌي، ۽ را سِلِڪِ (ڪچو
پٽ) دڪانن تي ڏٺو هئوسون.
بهرحال، اها ٿوري گهڻي شاپنگ ڪري، هوٽل ۾ پهتاسين. فون ڪري،
ڌوٻيءَ کان ڪپڙا گهراياسون، ته بئگون ٺاهي
رکون، ته صبح جو ايئرپورٽ تي وڃڻ ۾ دير نه
ٿئي.
ڌوٻيءَ جو ڇوڪرو ڪپڙا کڻي آيو.اسان کي سفر جي تياري ڪندي ڏسي
چيائين ته، ”سر، وڃو ٿا ڇا؟“
اسان ”هائو“ ڪئي ته چيائين ته ”مون کي به وٺي هلو.“
مون کيس چيو ته ”تون پاڪستان هلي ڇا ڪندين؟“
چيائين ته، ”پئسا ڪمائيندس.“
اسان چيس ته، ”اتي وري پئسا ڪٿان آيا؟،
ٻانهون ويڪريون ڪري، چيائين ته، ”سر، اوهان کي آمريڪا هيترا
هيترا پئسا ڏئي ٿي!“
مون کان کِل نڪري وئي. کيس پنجاهه رپيا خرچي ڏنم. پنجاهه رپيا
گورايي صاحب به ڏنس. خوش ٿي، ٺينگ ٽپا ڏيندو،
پنهنجي دڪن ڏي ويو.
صبح جو سامان کڻي ايئرپورٽ تي آياسين. موڪلائڻ لاءِ ڪير به ڪونه
هو. پر، ڪابه مايوسي يا مونجهه ڪانه ٿي. مون
ته ائين محسوس ڪيو، ته هندستان ڏٺوسون. ننڍپڻ
جو هڪ خواب پورو ٿيو.
دراصل، ’توقعات‘ (Expectation)
ختم ٿيڻ کانپوءِ ماڻهوءَ جون سڀ ’حسرتون‘ به
ختم ٿي وينديون آهن. تڏهن ته سياڻن چيو آهي: ’
ڏٺو پِيرُ، پُني مرادَ.‘
دهليءَ کان پوءِ لاهور واپس ايندي، اهوئي اڌ منو ڪلاڪ لڳو.
هوائي جهاز ۾ پائلٽ هڪ ڪئسيٽ لڳايو هو. عام
طرح هوائي جهاز ۾ نغمو ڌيمي سُرَ ۾ وڄندو آهي.
پر، پائلٽ ۽ سندس ڪِريو کي ڪو اهو نغمو ڏاڍو
وڻندو هو، سو آواز قدري اچو رکيائون. انهيءَ
نغمي جا ٻه ٽي ٻول مون کي اڃا ياد آهن:
يه هندوستان هي پياري!
همياري جان هي پياري!
هماري آن هي پياري!
يه هندستان هي پياري!
لاهور ايئرپورٽ تي لٿاسين، ته خوشقسمتيءَ سان مون کي ان مهل ئي
اسلام آباد لاءِ فلائيٽ ملي وئي، سو، گورايا
صاحب کي موڪلائي، هڪدم گهر فون تي اطلاع ڪيم ۽ PIA
جي هوائي جهاز ۾ وڃي ويٺس.
اسلام آباد پهتس، ته ڊرائيور اڳيئي ايئرپورٽ تي بيٺو هو. سڌو
ايمبسي روڊ تي، پنهنجي سرڪار گهر آيس. ٻارڙن
سان ڪچهري ڪري، کين هلڪيون سلڪيون سوکڙيون
ڏئي، رات جي ماني کائي، پنهنجي پراڻي پلنگ تي
وڃي ليٽيس. وهاڻي تي مٿو رکيم ته سفر جو سڄو
ٿَڪُ لهي ويو. ائين ڀانيم ته:
’پنهنجي وطن جي غريباڻن ڪکن ۾ جيڪو قرار آهي، سو، ڪاٿي به
ڪونهي.‘
علمي ۽ ادبي سرگرميون
1 ـــ ثقافت، سياحت، رانديون، نوجوانن جا معاملا، سماجي ڀلائي ۽
عورتن جي ترقيءَ واري کاتي جي ڪارڪردگي
2 ـــ ڪلچر کاتي جي ڪراچيءَ ۾ ڪئليگرافي، ڇپيل ۽ قلمي ڪتابن جي
نمائش
3 ـــ سنڌي عشائيه
4 ـــ احسن الهاشميءَ سان رهاڻ
5 ـــ حميد سنڌيءَ جي سالگره جو جشن
6 ـــ سنڌ تاريخ ڪانفرنس
وفاقي
سيڪريٽري مسٽر سعيد قريشي هو. ڪنهن زماني ۾
سنڌ ۾ چيف سيڪريٽري رهي چڪو هو. جڏهن فيض احمد
فيض وفات ڪئي، ته مون ايڪيڊميءَ جي چيئرمن کي
چيو ته ”اسان کي فيض جهڙي عظيم شاعر جي آخرين
رسومات ۾ شريڪ ٿيڻ گهرجي.“ جنرل ضيا جي حڪومت
هئي، سو، چيئرمن ڊڄي چيو ته ”اوهان پاڻ وفاقي
سيڪريٽريءَ سان ڳالهايو.“ مسٽر سعيد قريشيءَ
نه فقط مون کي اجازت ڏني. پر، ائين به چيائين
ته ”اوهان سرڪاري طرح ايڪيڊميءَ جي نمائندگي
ڪيو.“ مان لاهور ويس ۽ ائين ئي ڪيم. فيض جي
اهليہ، مسز ايليس مون کي ان موقعي تي فيض جي
هڪ ناياب تصوير تحفي طور ڏني، جا مون وٽ اڃا
يادگار آهي. ورهين کان پوءِ تازو، قريشي صاحب
سان گورنر هائوس ۾ ڊنر تي ملاقات ٿي. ڏاڍي
خوشي ٿي. پاڻ اڄڪلهه ڪنهن فوجي اسپتال جو
منتظم آهي. مون کي سڪ سان ڳراٽڙي پائيندي
چيائين ته ”تون صحيح معنيٰ ۾ دانشور آهين.“
. غالب جي موجوده مزار ۽ ان سان گڏ ڪتبخانو
غالب جي آثارن جو مرڪزُ، سابق صدر هندستان
ڊاڪٽر ذاڪر حسين جي ڪوششن سان ٺهيو آهي. ڊاڪٽر
ذاڪر حسين علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جو وڏو
عقيدتمند هو. مون علامه صاحب وٽ سندس هڪ محبت
ڀريو خط پڙهيو هو. تازو، جهنڊي شريف جي پير
سائين وهب الله شاهه راشديءَ ٻڌايم ته ”مولانا
عبيدالله سنڌيءَ جو به ڊاڪٽر ذاڪر حسين سان
وڏو قرب جو رستو هو.“
|