”حبدار“ سولنگي
غزل
ڪجهه چئي، نيڻ پنهنجا جهڪائي وئي،
منهنجي من ۾ ڪبوتر اُڏائي وئي.
مُرڪ جي ساحري، شاعري ٿي پئي،
سونهن تنهنجي صدين کي نچائي وئي.
هوءَ چنچل اکين سان شرارت ڪري،
سارو ماحول پاڳل بڻائي وئي.
پيارُ منهنجي چپن جي گهٽيءَ ۾ ڇڏي،
جيءَ ۾ جلترنگَ آ وڄائي وئي.
ڪيئن چئجي ته پاڳلپڻو آ اِهو،
هوءَ سچ پچ ڪري ڇا الائي وئي!
خوشبو خوشبو بڻيا ساهه ’حُبدار‘ جا،
روح ۾ رنگ ڪيڏا رچائي وئي!
”درد“ سولنگي
غزل
ڇيت ڇاتيءَ ۾ ڪائي چُڀڻ آ لڳي،
ياد تنهنجي وري اڄ اچڻ آ لڳي.
رات منهنجي اکين مان وُٺو وڏڦڙو،
ساهه سُڏڪي ٿو رڳ رڳ رُئڻ آ لڳي.
اڄ نٿو ڪجهه وڻي سِڪ ٿي سينو ڇني،
دل اندر ڄڻ ته ڪا شيءِ ٽُٽڻ آ لڳي.
دل جي زخمن سندا اُڊڙي ٽانڪا پيا،
روح جي رهنڊ ڀي اڄ ڪُرڻ آ لڳي.
اڄ اُتر جي هوا جيءُ جهوري وڌو،
تانگهه ۾ تڙپي لونءَ لونءَ لُڇڻ آ لڳي.
اڄ وري ننڊ نيڻن کان وئي آ رُسي،
درد جي دونهين دل ۾ دُکڻ آ لڳي.
ارباب علي ”عادل“ چوهاڻ
غزل
خوشبو وانگر وِکري وڃجان،
بڻجي ماکي مصري وڃجان.
توکي جڳ ۾ ملندا ڏکڙا،
هر پل کِلندي گذري وڃجان.
الفت جي ول بڻجي ساٿي،
جڳ ۾ پيارا اوسري وڃجان.
درد ملن جي توکي جانب،
سور سمورا اُڳري وڃجان.
اڳيان پنڌ اڙانگو آهي،
پاڻ پيارا سنڀري وڃجان.
اونداهي هن ڏيهه تي هردم،
سورج بڻجي اُڀري وڃجان.
ڏک کان ڏونگر رڻ ۽ ساگر،
”عادل“ سارا اُڪري وڃجان.
گل بهار باغائي
هائيڪا
سمنڊ ڪناري شام
لهرن لولي ٿي ڏني
واريءَ تي وسرام.
سمنڊ ڪناري شام
هٿ ۾ ڏيئي هٿ گهمن
جوڙا ڏسجن جام.
سمنڊ ڪناري ڏينهن
ماڻهو ڏسجن جام ٿا
هلڪو پئي ٿو مينهن.
سمنڊ ڪناري رات
لهرون شور ڪنديون رهن
ناهي ماڻهوءَ ذات.
سمنڊ ڪناري سيرَ
پنڌ گهمڻ واريءَ تي
لهرون ڀڄائن پير.
دين محمد ”سجاڳ“ پلي
غزل
هميشه گُلن جي نه هارن کي چُم،
ڪڏهن رگ چپن کي ۽ خارن کي چُم.
سڄڻ سونهن پنهنجي سان زنده اٿئي،
نه ڀُلجي ڀڙن کي مِزارن کي چُم.
سڄڻ تي لکيو جن سَجايو لکيو،
اديبن اُنهن کي ادارن کي چُم.
تري وڃ نه ڊپ ڪر پُڄي پار پئه،
وڏي دل ڪري وڌ ڪنارن کي چُم.
رقيبن کان رخ کي لڪائي ڇڏيئون،
وري حسن وارن جي وارن کي چُم.
ڇڏي عرش کي ڪو فرش ڏي نگاهه،
دعا کٽ يتيمن کي ٻارن کي چُم.
ڇڏي فرش کي ڪر عرش ڏي
نگاهه، چمن توکي تارا تون تارن کي چم.
سڄڻ سان ڪبا ڪونه ليکا ”سجاڳ“،
تون يارن جي يارن جي يارن کي چُم!
نازُ ڀٽو
غزل
زندگيءَ ۾ زندگي ڳوليان پيو،
مان غمن ۾ ڄڻ خوشي ڳوليان پيو.
دوستن کي آزمايو ٿم گهڻو،
دشمنن ۾ دوستي ڳوليان پيو.
پيار جا پنهنجا طريقا ۽ اُصول،
بندگيءَ ۾ بندگي گوليان پيو.
ماڻهو ماريو پاڻ جياريو ڇڏين،
خودڪشيءَ ۾ خودڪشي ڳوليان پيو.
ڪو ادب اخلاق نه ڪوئي درد آ،
شاعريءَ ۾ شاعري ڳوليان پيو.
روز حق سچ لاءِ ٿي ڀورا ٿئي،
آرسيءَ ۾ آرسي ڳوليان پيو.
هَٺَ وڏائيءَ جي بُري هن ڏيهه ۾.
”ناز“ آئون سادگي ڳوليان پيو.
شهمير سومرو
غزل
تنهنجي ته در جو منهنجي لئه بند رهيو ڪڙو آ،
هر ويل ٿيو نئون غم دل ۾ اُٿي کڙو آ.
اڪثر ته تنهنجي اونهي ناراضگي رهي آ.
۽ تنهنجو راضپو ڄڻ پاڻيءَ جو بڙبڙو آ.
پنهنجو ملڻ نه ٿيو پر پئجي پتو ويو هي،
دنيا درياهه آهي، جيون ڪچو گهڙو آ.
محبوب هڪ نظر سان جيسين ڏسان نه توکي،
اکڙين جي آڏو هوندو هر ويل ڪوهيڙو آ.
سان سوچ چنڊ جهڙي سو شعر سج جهڙو،
منهنجو وڃي ٿو بڻجي جي تنهنجو اولڙو آ.
”شهمير“ ڇا ٻڌائي تنهنجي رُسڻ سان پيارا.
اکڙين جو سمنڊ اُٿليو، دل ٿي موئن دڙو آ.
”ساحل“ شاهاڻي
غزل
آءٌ هڪ، ٻيا ڪتاب جاڳن ٿا،
منهنجي نيڻن جا خواب جاڳن ٿا.
جيڪي ڪرڻا ٿئي سوال ڪر مون کان،
منهنجا آتا جواب جاڳن ٿا!
تنهنجي ويجهو اچان ته ڪيئن اچان،
تنهنجي مُک تي حجاب جاڳن ٿا.
اچ ته خوشبوءَ سان واسيان توکي،
منهنجي مَن جا گلاب جاڳن ٿا.
جهوپڙيءَ ۾ جڏهن ته هرڪو سُتل،
محل جا ڇو نواب جاڳن ٿا؟
اک هڻڻ جي ڪيان ٿو مس ”ساحل“،
پر وري هي عذاب جاڳن ٿا!
”شجاع“ سنڌي
غزل
گهڻا رنج و مصيبت جا وڌي ويا سلسلا آهن،
مگر پو ڀي بلند بالا اسان جا حوصلا آهن.
گهڻو سوچي رهيو آهيان زماني ۾ ته ٿيندو ڇا؟
متل دل ۾ مڃان ٿو مان گهڻائي ولولا آهن.
هميشه پيار جون ڳالهيون ڪندا جيڪي رهن ٿا ٻيا،
اُهي ئي دل سندس دلبر ڀلارا ڀرجهلا آهن.
ٿئي افسوس ٿو ڏاڍو ڏسي صورت اِها يارو!
جتي هوندا جهالت جا اڃا ڀي قافلا آهن.
خيالن ۾ اچي ڪوئي ڪري ٿو خودڪشي ڇو جو؟
دماغن ۾ مصيبت جا مچي ويا زلزلا آهن.
محبت ۾ وڃون گڏجي مگر افسوس اي جاني!
ماني جي ڪري ڏاڍا اچي ويا فاصلا آهن.
چريو هن کي چون ٿا جي ڪري ٿو ڳالهه الفت جي،
حقيقت ۾ وڏا چريا اُهي ئي ٻوگهلا آهن.
ٽڙن گلڙا محبت جا ٿئي دل کي خوشي ڏاڍي،
”شجاع“ جيون سڄو پنهنجو ٻڌُان ٿو مسئلا آهن.
معراج منگي
گيت
ڍولا... او... ڍولا!
تنهنجي آ ڳولا.
توريءَ ڏهاڙا
ڪيئن گذاريا
لُڪون ۽ جهولا، ڍولا!...
ڪڻڪن لابارا،
آيا اُونهارا،
سرتين جا ٽولا، ڍولا!...
يادن جو گهيرو،
دردن ڪيو ديرو،
ڄاڻي ٿو مولا. ڍولا!...
تنهنجي ضرورت آ،
تون جي ملين مون سان،
سانگ ٿين سولا، ڍولا!....
’معراج‘ اسان جو،
اڄ ٿئي پنهنجو،
لهن ڪي اولا، ڍولا!...
حسن صوفاڻي
غزل
بي رخيءَ جي ٽياس جو آهي تسلسل زندگي،
ڇو نه ٿي وشواس جو آهي تسلسل زندگي.
ڇو اسان کان چين دل جو آکسي وئي بيوسي،
عمر ٿوري آس جو آهي تسلسل زندگي.
روح هو لمحو ڪٽيو آهي عذابن ۾ پرين!
هي ڏکن جي واس جو آهي تسلسل زندگي!
اي هوا، گهاوَن مٿان مرهم رکي وڃ پيار مان،
درد جي احساس جو آهي تسلسل زندگي!
خواهشن جي شور ۾ دفنائجي اهڙو ويس،
هاڻ ٿي بنواس جو آهي تسلسل زندگي!
ياسين چانڊيو
وائي
تو جڏهن مُرڪي ڏٺو،
ٿي خزان خوشبو وئي.
پيار مان منهنجي اڳيان، جو گذر تُنهنجو ٿيو:
ٿي خزان خوشبو وئي.
هر ادا ۾ پيار هو، ۽ بدن خوشبو هيو:
ٿي خزان خوشبو وئي.
تنهنجي وارن ۾ مٺي! مون اچي گل جو هنيو:
ٿي خزان خوشبو وئي.
تنهنجي چپڙن چاهه مان،منهنجي چپڙن کي ڇُهيو:
ٿي خزان خوشبو وئي.
تنهنجي نيڻن پيار مان، منهنجي نيڻن ۾ ڏٺو:
ٿي خزان خوشبو وئي.
وفا ڪوڙل چنه
غزل
سونهن هيءَ لاجواب سانڍي رک،
هي نئون آ شباب سانڍي رک.
جو وڃي تنهنجي ياد ڄڻ بنجي،
سو ئي نيڻن ۾ خواب سانڍي رک.
مس مليو آهين اڄ ته قسمت سان،
پنهنجو جاني حجاب سانڍي رک.
ياد توکي رهان يا وسري وڃان،
پر هي منهنجو ڪتاب سانڍي رک.
جوت جلون جي ڏينهن بنجي وئي،
جلوي جلوي جو تاب سانڍي رک.
تو جفائون ڪيون جي ’ڪوڙل‘ سان،
تن جو سارو حساب سانڍي رک.
ملهار سنڌي
غزل
تو لئه آتو هي منهنجو اندر ٿو رهي،
ذهن اُڻ تڻ ۾ هرهڪ پهر ٿو رهي.
ساٿ ڪيئن ٿو ڇڏي مان سگهان پيار جو،
جنهن سان سهڻو هي دل جو شهر ٿو رهي.
اَڙي چين ڪهڙي شهر ٿو رهين،
ڏکيو زندگيءَ جو سفر ٿو رهي.
پو به خاموش آهن هي انسان ڇو؟
هيڏو سنسار ۾ جو قهر ٿو رهي.
منهنجي دل ۾ اِيئن ئي رهين ٿو پرين!
شعر ۾ جيئن وزن ۽ بحر ٿو رهي.
سوئي جيون سُٺي کان سُٺو آ پرين،
جنهن ۾ ڪوئي سچو همسفر ٿو رهي.
درد منهنجي اندر ۾ ٿا جاڳي پون،
تنهنجي در تان جڏهن ڀي گذر ٿو رهي.
سڪ هُن لاءِ پوءِ ڀي اندر ۾ اٿم،
مون لئه جنهن جي هٿن ۾ زهر ٿو رهي.
جيڪو پنهنجو ڪري سچ کي سونهن کي،
نانءُ ’ملهار‘ اُن جو اَمر ٿو رهي.
ضمير کرل
غزل
توکي ڏسندي ئي غم ويا ڀُلجي،
ٻيا زماني جا ڪم ويا ڀُلجي!
نيڻ تنهنجي بدن ۾ ضم ٿي ويا،
ساهه کان ڀرڻ دَم ويا ڀُلجي!
ڪنهن ڏي ڏسڻو نه هو حياتي ڀر،
توکي ڏسندي قسم ويا ڀُلجي!
سونهن تنهنجي چميم جو نيڻن سان،
مون کان دل جا زخم ويا ڀُلجي!
”....جهڙيءَ طرح تيز روشنيءَ جي هڪ هنڌ هجڻ جي ڪري نه رڳو اُن
هنڌ واري هڪڙي شيءِ بلڪل چٽي نظر ايندي آهي، ۽
ڀرپاسي واريون ٻيون شيون اوجهل ٿي وينديون آهن،
تهڙيءَ طرح مذم ۽ ٽڙيل پکڙيل روشنيءَ سبب وري شين
جا پاڇولا ۽ غير واضح عڪس محسوس ٿيندا آهن. اهڙيءَ
صورتحال ۾ هڪ جي بدران ٻيو ڪجهه ڀاسندو آهي ۽ اسان
جي ڪيفيت ’ڏسڻ‘ جي بدران ’هٿوراڙيون‘ هڻڻ واري
هوندي آهي. ان جو مثال اجهو هيئن آهي: جيئن آءٌ ڪو
صوف ڏسان، پر منهنجي نظر پهريائين ان جي ڳاڙهي حصي
تي پوي ۽ پوءِ اُن جي پيلي حصي تي؛ پوءِ ٽاريءَ
مان لڙڪڻ واري جڳهه تي ۽ آخر ۾ لڙڪڻ واري نموني
تي، ته اِهو ائين آهي جيئن آءٌ اُن جو ذرو ذرو ڪري
معائنو ڪريان، ظاهر آهي ته منهنجو اهو مشاهدو
تجزياتي قسم جو آهي ۽ منهنجي اها ڄاڻ ’نسبتي آهي.
ڇاڪاڻ جو ان صورت ۾ مون کي، صوف جي مختلف ڀاڱن جي
باري ۾ ڄاڻ ملي آهي ۽ ان جي سڄي ساري يا ڪُلي حُسن
بابت معلومات. ٿورو سوچيو ته جيڪڏهن اهو سڄي ساري
اِن قسم جي شعوري تفريق کان سواءِ اوچتو مڪمل طور
منهنجي مشاهدي ۾ اچي ها، يعني پنهنجي پوري اهميت
سوڌو منهنجي ذهن تي ڇانئجي وڃي ها ۽ هڪ احساس کان
پوءِ ٻئي احساس جي صورت ۾ ظاهر ٿيڻ بدران هڪ
ايڪيءَ ۽ ڪُلي نموني ۾ سامهون اچي ها، ته اهو
احساس اڳئين کان يقيناً جُدا هجي ها ۽ اِهو ئي
درحقيقت جمالياتي نگاهه جو حامل ٿئي
ها....“ ـــ
علامہ آءِ. آءِ. قاضي |