سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2002ع

مضمون

صفحو :8

ڪهاڻيون

 

هر ڪهاڻيءَ جا پنهنجا ٽيڪنيڪل مسئلا هوندا آهن. ظاهر آهي ته ڪوبه ماڻهو ٻه ۽ ٻه برابر چار جي بنياد تي فارمولا لاڳو نٿو ڪري سگهي. پنهنجي ڪهاڻيءَ جي لاءِ صحيح فارم ۾ ڳولڻ وقت ڪهاڻي ٻُڌائڻ جو فطري طريقو ڪهڙو آهي، سو ڏسڻ کپي. ليکڪ ڪهاڻيءَ کي عمدگيءَ سان فطري ڊول ۾ آندو آهي يا نه، تنهن جي آزمائش هي آهي: پڙهڻ کان پوءِ اوهان جي تصوير ۾ اها ڪهاڻي ڪنهن ٻئي طريقي سان اچي ٿي، يا اوهان جي تصور کي خاموش ڪري ڇڏي ۽ اوهان جي نظر ۾ مطلق ۽ آخرين آهي؟ جيئن نارنگي آخرين آهي. نارنگي ائين ئي آهي، جيئن قدرت اُن کي ٺاهيو آهي.

ـــ ٽرومن ڪيوٽي

 

ڊاڪٽر تهمينه مفتي

 

ڪٿا ـــ ـــ اُپڪٿا

 

هِن ڪٿا جي شروعات ڪيئن ڪريان؟ پنهنجي ننڍپڻ واري دور کان، يا جوانيءَ واري عرصي کان. پر اِها منهنجي خواهش آهي ته هيءَ ڪهاڻي اڻ ـــ چيل نه رهي. هِن جي ابتدا ڪٿان به ڪجي، پر هن ڪٿا کي لفظ ملڻ گهرجن، ڇو جو هن ڪهاڻيءَ جو واسطو مون سان ۽ توهان سان سڌو سنئون آهي.

هڪ گم ٿيل شخص جي ڪهاڻي، جنهن کي گم ٿئي ورهيه گذري ويا!... سندس نالو هاڻي ته Missing Persons جي فهرست ۾ به ڪونهي!

”تون موجود ناهين، پر تنهنجي هجڻ جي شاهدي هي منظر اڄ سوڌو ڏيئي رهيا آهن، ته تون هُئين.... بيدمشڪ جا ڇانورا، ياسمين جي وَل جي گلابي گلن جا ڇُڳا، ڄامشوري جا پٿريلا پيچرا، فيڪلٽيءَ جا در ۽ ديوارون تنهنجي وجود جي تصديق ڪري رهيا آهن. هُو تنهنجون ڳالهيون مون سان ڪندا آهن. مون کي تنهنجي متعلق سوال ڪندا آهن. کين جڏهن ڪو جواب ڏيئي نه سگهندي آهيان، ته پنهنجو چهرو ٻنهي هٿن سان لِڪائڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان.. پر پنهنجو پاڻ ڪيترو لڪائيندس!

”ڪڏهن ڪڏهن مون کي لڳندو آهي، ته تون هِتي ئي موجود آهين... شوخ هوا جي جهلڪي ۾، چاڙهي لهندي منهنجي رئي جي پلاند سان ارڏايون ڪندي ۽ گهگهه ڪاريءَ رات ۾ در کڙڪائي پنهنجي اچڻ جو سنهيو ڏيندو آهين، پر سامهون نه ايندو آهين... ۽ مان نراس ٿي پنهنجي بستري تي آهلجي پوندي آهيان. ننڊ رُسي ويندي اٿم، لڙڪ لڙي پوندا اٿم.

”پتڻ تي خالي ٻيڙي ڏسندي، اُن وڻجاريءَ جي اوسيئڙي، ڪرب ۽ اگنيءَ جو احساس وڪوڙي ويندو اٿم، جيڪا ڳريو، جهليو روئي ان سودي جي وسري وڃڻ جي تمنا ڪندي هئي، جيڪو سودو وڻجارو پنهنجي مرضيءَ سان، ڏورانهن ماڳن ۽ ديسان ديس بندرن تي ڪرڻ ويندو هو. پر توکي ته زوريءَ کنڀي کڻي ويا، جو تنهنجي اچڻ جو آسرو ئي نه رهيو.

”تون منهنجو ڪليگ هئين ۽ ذهني طرح سان هڪ ئي سوچ رکندڙ پڻ. ٻين لفظن ۾ هڪ ئي راهه جا پانڌيئڙا هئاسين. هڪ اُستاد هجڻ جي حيثيت ۾ تنهنجا سياسي ۽ سماجي خيال ٻين کان مختلف هئا. تون خاص هئين، هن عام ماڻهن جي ميلي ۾. جُدا، الڳ ۽ منفرد، اِنڪري ڪنڊي وانگر چُڀندو هئين پنهنجي ساٿين جي وجودن ۾. تون علامت هئين سچائيءَ جي عَلَمَ جي. تو ۾ اڳواڻيءَ جا گٽس هئا، جي ٻين ۾ نه هئا.

”اُن شام جا سُرمئي رنگ گهرا ٿيندا پئي ويا. شينهن جي وڏين درين تان پردا پري ڪيم. سامهون اڇو بوگن، سُرمئي انڌيري ۾ صبح جو جهونجهڪڙي جو احساس ڏياري رهيو هو ۽ چانهه جي ٽراليءَ تي نظر پيم، جيڪا تو پنهنجن هٿن سان تيار ڪري ڪمري ۾ آندي هئي. ويجهو اچي ٽيڪوزي لاهي چانهه چينيءَ جي ڪوپن ۾ پيٽڻ لڳس، ته تازي چانهه جو هڳاءُ ڪمري ۾ پکرجي ويو. کير ۽ کنڊ وجهي چمچي سان ملائي ڪوپ توکي ڏنم. تون صوفي تي ويٺل هئين. چپن کي ٿورو اڳتي ڪري تو چانهه جي چُسڪي ورتي.

”چانهه ته زبردست ٺهي آهي...“

”انهيءَ ڪري جو تو پنهنجن هٿن سان ٺاهي آهي...“ ۽ تو مُسڪرائي ڏنو ۽ پوءِ سانت ڇانئجي ويئي. ڳالهه اڳتي چُري نه سگهي. تنهنجا ڪارا وار، سانورو رنگ، وڏيون اکيون ۽ اُنهن ۾ ذهانت جي جهلڪ توکي پُرڪشش بنائي وڌو هو. چانهه جا ڪوپ خالي ٿي چڪا هئا. مان ٻيئي ڪوپ ٽراليءَ ۾ واپس رکي ڪِچن ڏانهن ٿي وريس، ته تو مون کي ڪرائيءَ کان وٺي پنهنجي ڀر ۾ ويهاريو:

”ڇو اڄ پرينءَ جي لبن تي مُرڪ نه آهي؟“

”هيءَ اُداسي ۽ چُپ ڇو ڌاري اٿئي؟“

منهنجي نڙيءَ ۾ آلاڻ لهي هئي. ڪجهه گهڙين جي سانت کان پوءِ مون پاڻ سنڀاليو: ”ياد اٿئي نه، تون ۽ مان ڪيئن مليا هئاسن ۽ پنهنجو ملڻ ڪيڏن مخالفتن کان پوءِ ٿيو هو.“

تون مون ڏانهن ڏسندو رهيو هئين.

”هڪ خوف آهي حَسن! جيڪو مون کي اِهو احساس ڏياريندو رهندو آهي، ته متان... متان... ڪوئي توکي مون کان ڌار نه ڪري ڇڏي!“

تو منهنجي اکين ۾ نهاريندي چيو: ”اِهو محض تنهنجو خيال آهي، وهم آهي، پرين!... هاڻي حالتون ٻيون آهن. اچ ته اُنهن گذريل گهڙين ۽ حالتن جي تجديد ڪيون، جن مان تون ۽ مان گذرياسين. ها، مون کي چڱيءَ طرح اُن جي سار آهي، ته تون ۽ مان ڪيئن مليا هئاسين... ها! چڱيءَ طرح سان... رستن تي لٿل اُداسي... ها ياد اٿم! پنهنجو پهريون دفعو ملڻ ائين هو ڄڻ تتل سپرهاءِ وي جي ڪناري گهاٽي بيدمشڪ جي ڇانون ۾ تو منهنجا هٿ پنهنجن هٿن ۾ جهليندي ۽ اُنهن کي چُمندي پنهنجي نيڻن سان لڳايو هو، ۽ تنهنجي اکين ۾ ڄڻ ’مومل کي مجاز جا اکين ۾ الماس‘ هئا، جن جهلڪا ڏيئي محبت جي آتش کي ڀڙڪائي وڌو هو. ٻاهر سُرمئي سانجهه ڪارو پهراڻ پائڻ لڳي هئي، پرين! پهرئين دفعي ملڻ سان ئي هر پاسي ڄڻ ڪنول ٽڙي پيا هئا. ڀونرن ڀنڀولجي ڀيرا پئي ڏنا. نينهن اُڇل کائي تنهنجي مُک تي ڪيئي رنگ وکيري ڇڏيا هئا. ڄامشوري جي اُها مينهوڳيءَ واري مند، جڏهن کنوڻين کيل وڌا هئا. برساتي نئن ۾ تون پنهنجا پير ڀِڄائيندي تِرڪي پئي هئين ۽ مون توکي جهلي ورتو هو.

اُنهن ابتدائي ڏينهن ۾، حسن! توکي اسلام آباد وڃڻو هو هڪ هفتي لاءِ، ۽ مان توکي See Off ڪرڻ لاءِ پنهنجي ساهيڙيءَ وٽ ورڪنگ هاسٽل ۾ رهي پئي هيس. وقتي جدائيءَ پاڻ ٻنهين کي اداس ڪري ڇڏيو هو ۽ ڏينهن ائين گذرندا رهيا ۽ جڏهن ڪيترن مشڪلن کان پوءِ تنهنجو منهنجو سڱ ٿيو ته تنهنجي مائٽن توکي روئاري ۽ ڇيڇاڙي وڌو هو.

هڪ دفعو جڏهن تون ناڪام ٿي پنهنجي ڳوٺ مان واپس وريو هئين، ته تنهنجون اکيون ڳاڙهن عقابن جيان لال، ڄڻ رت پئي هاريائون، ۽ جڏهن تو سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي هئي ته گهر وارن ناڪار ڪئي آهي ته يونيورسٽيءَ جي پڙهيل ۽ اُتي نوڪري ڪندڙ اسان کي گاهه ئي نه وجهندي، ٻيو ته ڌارين سان مِٽي ڪرڻ اسان جي روايت نه آهي، اِهو تنهنجي وڏڙن جو فيصلو هو. اُن روايت سان مهاڏو اٽڪائي جنگ جوٽڻ جو اعلان جو اظهار تو مون سان ڪيو هو. آخري دفعو تون مائٽن کي راضي ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ڏانهن روانو ٿي رهيو هئين ۽ مان توکي ڄامشوري جي اسٽيشن تي رخصت ڪرڻ آئي هيس.

اسٽيشن جي سامهون بيٺل سر ڳڀجي ويا هئا. ماحول ۾ ٿڌڪار هئي. ريل اچي چڪي هئي ۽ تون هڪ اُداس ۽ گهايل مُرڪ سان مون کي ڏسندي گاڏيءَ ۾ چڙهيو هئين. دريءَ جي ويجهو اچي منهنجي هٿ کي جهليو هُيئي. گارڊ سيٽي هنئي ۽ مون توکي الوداع چيو هو. گاڏي آهستي آهستي پليٽ فارم کي ڇڏڻ لڳي ۽ توکي منهنجو هٿ ڇڏڻو ئي پيو هو ۽ دريءَ مان پنهنجو هٿ ڪڍي لوڏيو هُيئي. جواب ۾ مون به گلابي رومال کي لوڏي توکي موٽ ڏني هئي.

منهنجي سامهون ڳڀيل سَرن جا پاند ڄڻ ته وڇوڙي جو سنيهو ڏيئي رهيا هئا. تنهنجي وڃڻ کان پوءِ درد سنڌوءَ جي ڪا ڇولي هئي، جا هر هر من جي ساحل سان ٽڪرائجي شور مچائي مون کي ويڳاڻو ۽ بيقرار ڪرڻ لڳي. درد هو جو رڳ رڳ ۾ سرائيت ڪري وجود جو حصو بنجي ويو هو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ تنهنجو خط مليو هو، جنهن ۾ تون سمورو احوال لکي پنهنجي زيادتين ۽ هوڏ جو ذڪر ڪيو هو، ۽ مان اُهو سڀ پڙهي هيسجي ويئي هيس. اُڌمن ائين ڪر کنيو جيئن رستي ۾ ڪنهن پانڌيئڙي جي آڏو ڪاريهر ڪر کڻندو آهي. وسوسا من ۾ واچوڙي وانگر ٿي اُٿيا. اُڌمن ۽ وهمن رانوڻ وارو وير وڌو هو، پر اُها پيار جي ليڪ جيڪا تو پاتي هئي، اُن کي اورانگهڻ منهنجي وس ۾ نه هو. اُهو جوکم مون نه پئي کڻڻ چاهيو، جيڪو سيتا کنيو هو. تنهنجو پيار ته اُهو پيار هو، جيڪو پناهه ڏيندو آهي، پنهنجي گهيري ۾ وٺي سڪون ۽ شانتي ڏيندو آهي.... ۽ هڪ ڏينهن پنهنجي واپس اچڻ جو اطلاع ڏنو هُيئي ۽ مون کي آرٽس فيڪلٽيءَ جي پوئين در کان نڪري اچڻ جو چيو هُيئي ۽ پوءِ پاڻ ٻيئي خاموشيءَ سان هلڻ لڳا هئاسين. ڪافي دير کان پوءِ مون ڏي نهاريندي تو پنهنجي ڪٿا شروع ڪئي هئي: ماسين، پڦين جا طعنا، ڀينرن ۽ سؤٽن جا مهڻا ۽ ماءُ جو اِهو سوال ته نپائي توکي اِن لاءِ وڏو ڪيو هوم جو هاڻي پنهنجي مرضي هلائڻ پيو چاهين ۽ اسان کان ڌار دنيا وسائڻ جو سوچيو اٿئي. تنهنجي پيءُ کي خبر پوندي ته ڌرتي ٽامون ڪري ڇڏيندو. تو ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو هو ته خاندان جا نوجوان ڪيترو ئي پڙهي وڃن تن کي سندن سؤٽن سان ئي پرڻائيندا آهن. نياڻين کي تعليم ڏيڻ جو وٽن ڪو رواج ڪونهي. اُنهن وٽ عورت جي حيثيت رڳو نسل وڌائڻ ۽ رات جو مڙس جي ٽنگن کي زور ڏيڻ تائين محدود آهي. ڀلي اُهي سڄو ڏينهن ڪم ڪار ڪندي ٿڪجي پون، سندن بدن ڀڄندو ٽٽندو هجي ۽ ننڊ لاءِ جهوٽا کائينديون هجن، پر مڙس آڏو ڪڇنديون ڪين. ”تون ئي ٻڌاءِ پرين! اُن اڻڄاڻائيءَ جي طوفان کي ڪيئن روڪيان؟“ تو نهايت گنڀير لهجي ۾ مون کان پڇيو هو. تون ڳالهائيندو پئي وئين ۽ مان توکي ٻُڌي رهي هيس... ”مان اها تبديلي پنهنجي گهر ۽ خاندان ۾ ڏسڻ چاهيان ٿو، پر سموري سماج ۾ لاڳو ٿيل روايتن ۽ حڪايتن جي تبديليءَ جي حڪمت عملي Wisdom کي علم جي روشنيءَ ۾ ڏسڻ چاهيان ٿو. تون ئي ٻڌاءِ، اِهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿي سگهي ٿو“، تو نهايت پر عزم لهجي ۾ پڇيو.

”مان ڇا چوان حسن! شهر ۽ ٻهراڙي، ميٽروپوليٽن سينٽر ۽ انٽيريئر سنڌ جو هيءُ تضاد اسان کي ماري وجهندو. ويڇا ۽ فرق زندگيءَ ۾ اهڙو زهر ڀري ڇڏيندا، جو اُهي ناسور بڻجي رَسندا رهندا. اُن تي تو چيو هو ته اُهي ويڇا ايڏا وڏا ۽ گهرا نه آهن جو اُنهن کي پار نه ڪري سگهجي. تون به ته ڪجهه ٻڌاءِ پرين! ته تنهنجا مائٽ ۽ وڏا ڇا ٿا چون؟“ اُهي ويچارا ته پنهنجن ئي مسئلن جو شڪار آهن. پنهنجو ڳوٺ ڇڏي شهر وسايائون. روزگار جي ڳولا ۽ ڀلي زندگي گذارڻ جا خواب اکين ۾ کڻي هو اجنبي ماحول جو حصو بڻجي ويا. مٿان وري ڌيئن جي بار سندن چيلهه چٻي ڪري وڌي آهي. پنهنجو شهر جتي ننڍپڻ  ۽ جوانيءَ جا ڏينهن گذاريا هئائون. اُهي ڄڻ يادن جا کنڊر بڻجي ويا آهن. حسن! منهنجو پيءُ هڪ شهر جو واسي هو. اُن پنهنجي شهر ۾ نَون اچڻ وارن جي هٿان شهري سمجهه ۽ شعور جو قتل ڏٺو. هو روشن خيال ۽ شهري زندگيءَ جو عادي هو، ان ڪري پنهنجي شهر جي خسته حاليءَ کي ڏسي لڏڻ جو فيصلو ڪيائين. اسان جي بهتري ۽ تعليم لاءِ هن پنهنجو  تڏو ڇڏيو. پنهنجن وڏڙن جي حويلين ۽ دلالن کي ڇڏيائين. جتي شاعري ۽ علمي گفتگو ٿيندي هئي. ٻاٻاڻي ٻوليءَ سان گڏ عربي ۽ فارسي موضوع سخن هئي.

”حسن! بابا همت جي علامت آهي، ۽ امڙ پيار جي. امڙ ته خواب اُڻيندي اُڻيندي اُها دنيا وڃي وسائي، جتي ننڊ مان ڪوبه نه جاڳندو آهي. ڀائر پنهنجن ونين سان دُور وڃي ولايت وسايا. جن کي گهٽين مان ڌپ ٿي آئي، سي ائين پکيئڙن وانگر پرواز ڪري ويا، جيئن آکيري مان پکي اُڏامي ويندو آهي.

”حسن! تو ڪڏهن خالي آکيرو ڏٺو آهي؟“ اُن جي جواب ۾ تون ڪجهه ڪڇي نه سگهيو هئين ۽ منهنجي منهن ۾ نهاريندو رهيو هئين.

”حسن! اِهو اٿيئي اسان جي مڊل ڪلاس جو الميو!“

ٻاهر ڪاري رات کي نيري آسمان تي کڙيل تارن جي ڪڻين جرڪي جرڪي روشن پئي ڪيو. ڪائنات جي وسعتن جا اُهڃاڻ، ٽيڙو، ڪتيون ۽ ڪهڪشائون پنهنجي جوڀن تي هئا. يادگيريون... جهڙا گل گلاب جا جن تي ڪڏهن به خزان نه آئي، اُهي اڄ به ائين ئي منهنجي شعور جي اڱڻ تي ٽڙيل آهن. اُهو شهر جنهن ۾ منهنجو گهر هو، اُجڙي ويو. جڏهن بابا پنهنجي گهر ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. اُها وستي جنهن عروج ڏٺو هو، مهمان ڪوين، فلسفين ۽ ڏاتارن جو ديس، جنهن کي لڏپلاڻ مٽيءَ جو ڍير بڻائي ڇڏيو هو. ڌرتيءَ ڄاوا پرائي ديس هليا، بنان موڪلائڻ جي. رات جو گهگهه انڌيري ۾ منهن لڪائي ڏور هليا ويا. اُهي حويليون جتي رابيلن ۽ مگري جي سڳنڌ جو ڦهلاءُ هيو. اُتي رنگين ڪوسا ڪوسا هٿ ڏيکار جي چٽاڀيٽي ٿيندي هئي. خس خس جي وڙي جو چسڪو ۽ پنجوريءَ جي لڏونءَ تي هڪ ٻئي سان جهڙپ، اُهي ٽهڪ ۽ لڙڪ مون کان رسي ويا. اُداسي ۽ اڪيلائي منهنجي من جي گهراين ۾ ائين لهي آئي، جيئن گهري نيري سمنڊ جي تري ۾ اڪيلي، ننڍڙي گولڊ فش...

ويراني درن ۽ ديوارن تي پنهنجي چنبا ائين کوڙيندي پئي ويئي، جيئن سرڻ پنهنجي شڪار کي چنبن ۾ جهليندي آهيئ ورانڊي ۾ ٽهڪڙن بجاءِ چٻرن جي چرڙاٽن ۽ چمڙن جي ڦيرن سُرمئي سانجهه کي گدلائي ڇڏيو هو. گهٽيءَ ۾ لڳل اُهو فانوس اُجهامي ويو، جنهن کي روشن ڪرڻ لاءِ چاچو بخشل روز ايندو هو. ٿڌيون کير جون قلفيون، سوڍا واٽر جون ٻاٽليون ۽ ماکيءَ جهڙي فالودي جو سواد سڀني کان وسري ويو هو. سُک جي جاءِ تي بدحالي پنهنجا قدم ڄمائي چڪي هئي. هاڻي پڦيون ۽ امڙ سنڌ واهه تي نه وينديون هيون. الائي ڇو؟... جنهن جو جواب شايد ڪنهن وٽ به ڪونه هوندو. سڀ ڪجهه هوندي به اوپرو هو. شيشا ٽٽل ڪرچيون ٿيل ۽ رنگين درين مان ست رنگي روشني لنگهڻ ڇڏي ڏنو هو. ڪبوترن، ڪارن ٻِلن کي ڏسي اکيون ٻوٽي ڇڏيون هيون. ۽ پوءِ هڪ ڏينهن صبح جو دُڪانن آڏو قطارون لڳي ويون. هٿن ۾ راشن ڪارڊ جهليو بيٺي هئي. قلعيءَ جو رنگ جهڪو ٿي چڪو هو. پنهنجي واري جي اوسئيڙي ۾ سندس زرد چهرو ۽ اکين هيٺان ڪارا حلقا اڻ ٻڌايل ڪهاڻي بيان ڪري رهيا هئا. باشيءَ ـــ ماءُ گهرن ۾ ٿانو ٻهاري ڪندي هئي. هڪ ڏينهن هوءَ ڪم تي نه آئي. معلوم ڪرڻ تي پتو پيو ته هوءَ پيٽ جي سور وگهي گذاري ويئي. هوءَ اسان جي گهرن جي ويجهو رهندي هئي. تڌي تي سندس ڌيءَ ۽ باشو پار ڪڍي روئي رهيا هئا. تختي تي ليٽيل باشيءَ ماءُ جا کُليل وار، هيڊا ڳل سندس چهري جون اُڀريل هڏيون... ۽ بيجان جسم تي هاجران مٽيءَ جي بدني سان پاڻي هاري رهي هئي. اِهو ڏسي منهنجي دل زور سان ڌڙڪي پيئي ۽ مان بيهي نه سگهيس ۽ گهر ڏي ڊوڙ پاتي هيم... اِهي منظر اڄ به منهنجي يادن ۾ ڄؤرن وانگر چنبڙيل آهن. ننڍيءَ وهيءَ ۾ ادراڪ درد بڻجي ويندو آهي. حسن! اهي يادون جڏهن شعور ۾ گهڙي اينديون آهن ته زندگيءَ جي تسلسل کي ساروڻين سان جوڙي وهندي آهيان، جيئن آر سان ميزپوش جو ڪو نمونو ٺهي.

حَسن مون ڏانهن ڏسندو ئي رهيو. نيري آسمان تي هيرن ڪڻيون چنڊ سان گڏ چوڏس چانڊوڪي هاري رهيون هيون. خواب جهڙي ڪيفيت هئي. سارو سنسار ڄڻ ته سپنو هو، سانت ٽٽي پئي، حسن! ائين ننڍپڻ هڪ پَل ۾ گذري ويو، ۽ پوءِ اچانڪ هڪ ڏينهن... نرڙ پگهر جي داڻن سان آلو ۽ نيڻ ڇلڪي پيا. هي ڇا؟ منجهي پيس. پنهنجي ماءُ جو پاسو وڃي ورتو هيم. هوءَ رڌڻيءَ ۾ مانيءَ کي تئي تي اٿلائيندي، ٻي چلهه تي چانورن کي دم ڏيئي رهي هئي. منهنجو زرد چهرو ڏسي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيائين. منهنجي لاءِ سندس اکين ۾ آٿت هئي. هاڻي زندگي جو ٻيو رنگ هو. ”درَ تي نه بيهه... گهر کان ٻاهر نه وڃ...“ وقت ڄڻ اڪ جي پوڻي هئي، جيڪو هٿ ۾ پئي آيو. اڄ مان تنهنجي سامهون آهيان حسن! پنهنجن سمورن لڱاين ۽ چڱاين سان. تنهنجي چپن تي عجيب، حيرت ۾ وجهندڙ مرڪ اُڀري آئي، ۽ تون مون کي پنهنجن مائٽن جي راضي ٿيڻ جو سنيهو ڏنو. تو ۾ ڪيڏي نه سهپ ۽ بردباري هئي، ۽ ائين تنهنجو منهنجو رشتو نه ٽٽندڙ سٻنڌ ۾ بدلجي ويو.

حسن! تون ۽ مان اڪثر سماج جي بهتريءَ جي ڳالهه ٻولهه ڪندا هئاسين. سائنس ۽ فلسفو تنهنجا پسنديده موضوع هئا. ’لاحد جي لهي سگهجي ٿي يا نه؟‘ ۽ تون اُن جو جواب به پاڻهي ڏيندو هئين.

حسن! تنهنجي غائب ٿيڻ کان پوءِ جيون محدود ٿي ويو آهي. اُها مينهن ڦڙي الائي ڪهڙي ديس وڃي وسي جنهن جي جهٽڻ سان سِپ موتي پيدا ڪندي آهي. سنڌوءَ جي واري هاڻي اکين ۾ چُڀڻ لڳندي اٿم. زندگي اڌ مئل ۽ اڌ جيئري نظر ايندي اٿم.

حسن! تون جن ڏينهن ۾ مون کان ڌار ڪيو وئين، تن ڏينهن شهر ۾ سڀ پنهنجا ئي هئا. اِهو وسوسو، تنهنجي کسجي وڃڻ جو وسوسو سچ ثابت ٿيو. تون هميشه اِهوئي بحث ڪندو هئين ته اسين سڀ هڪ آهيون، پر تنهنجو اهو اعتماد پڪ سان ڪنهن شيشي وانگر چور چور ٿي پيو هو.

هڪ رات شهر ۾ Fair Play ناٽڪ جو بندوبست ڪيو ويو هو. اُن کيل جو پلاٽ سچائيءَ تي نه پر ڌوڪي تي ٻڌل هو، اُهو ناٽڪ اُمنگن ۽ سپنن جو قاتل هو. شهر واسين جي خوابن کي درد ڀري ساڀيان نصيب ٿي. هو ٽياس تي ٽنگيا ويا ۽ اڃا تائين ٽنگيل آهن، جن مان هڪ تون به آهين.

هن ناٽڪ کي عملي صورت ڏيڻ کان پهرين ڪيترائي بڇڙا قدم کنيا ويا هئا. هن عظيم درسگاهه مان ڪيترن ئي کي چونڊي چونڊي ٻاهر ڪڍيو ويو، ۽ پوءِ ڦاهيءَ تي چاڙهڻ کان پهرئين عقل ۽ دانش تي ڪڙا چاڙهيا ويا. چالاڪيءَ ۽ حرفت سان ڄار ڦٽو ڪيو ويو هو، پر تون الائي ڪهڙي ديس وڃين رهين؟ تنهنجو ڪوبه ڏس پتو نه مليو. ايڏو وڏو هاڃو ٿيندو ۽ ڏسندي ڪنهن به ٻڙڪ نه ڪڇي! توکي سادن ڪپڙن ۾ ملبوس رات جي اونداهيءَ ۾ کنڀي کڻي ويا. توتي ديش دروهيءَ جو الزام هنيو ويو هو. ڪنهن کي دانهن ڏجي! اُنهن وٽ هٿ ٺوڪيا جواز موجود هئا. تنهنجو پنهنجو نظريو هو، سماج لاءِ، پنهنجي ماڻهن لاءِ، ۽ هُنن وٽ پنهنجو نظريو هو. تنهنجي ليبارٽريءَ مان اهڙو مواد مليو هو، جنهن مان ديس جي سلامتيءَ کي شديد خطري ۽ نقصان جو انديشو هو. پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪرڻ لاءِ توکي ڪو موقعو ئي نه ڏنو ويو. منهنجي زندگي بي معنيٰ ٿي ويئي، جنهن جا سڀ رنگ جهڪا ٿي ويا هئا، حسن! هڪ دفعو تون ۽ مان ڄامشوري ۽ ٻن مثالي شخصيتن جي جي آرامگاهه تي چانڊوڪي رات ۾ آيا هئاسين. چهچ سائو گاهه، هوا جي گُهلڻ جي رفتار، رابيلن جي سڳنڌ ـــ ڄڻ منڌ جا مٽ پئي اُپٽيا. هوا جي جهلڪن ۾ انيڪ اشارا هئا. اسان کي ڏسي سهن پنهنجا ڪن اُڀا ڪري اسان کي ڏٺو ۽ ڊوڙ پاتائون. منهنجو هٿ تنهنجي هٿ ۾ هو. اُن رات تو سنڌ جي تاريخ جي وساريل ورقن تي ڳالهايو، سياسي ڍانچي ۽ اقتدار جي هوس ڪيئن نه سرويچن کي سوريءَ تي چاڙهيو هو. انصاف تائين رسڻ کان ئي پهريائين سندن پاڙون پٽي کين شهر بدر ڪيو ويو. سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي اسان تي حرام ڪيو ويو ۽ هاڻي ته سنڌوءَ جي واري فضا ۾ اُڏرڻ لڳي آهي، چوڏس ويراني آهي. شايد اکين جو پاڻي خشڪ ۽ من جو آواز مري ويو آهي. نڀ تي ڪونجن جا ولر رستو ڀلجي ويا آهن. ڪنول گلن جو اهو نظارو ڌنڌلائجي ويو آهي، جن تي ڀونئر ڀري آڪاس کي ڀاڪر ۾ ڀريندا هئا. ڪاش تون مون سان گڏ هجين ها ۽ اِهو سڀ ڪجهه پنهنجن اکين سان ڏسين ها.

اوچتو ٻاهر ٽيٽيهر جي دانهن ٿي آهي. دروازي تي دستڪ جو آواز ۽ ڪنهن جي قدمن جي پراسرار ردم محسوس ٿيڻ لڳي آهي. سياندي جي سَٽ بدن ۾ اُڀري اٿم. مون کي لڳي ٿو ته اڄ ڪائنات جون حدبنديون اسان تي حاوي نه ٿينديون، حسن! اڄ مان اڪيلي رهجي ويئي آهيان، صرف تنهنجون ساروڻيون مون سان گڏ رهجي ويون آهن. لڙڪ لڙي پيا اٿم. تون ائين گم ٿي وئين جو تنهنجو ڏس پتو ڪونه پيو. تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ڪيتريون ئي اسپيسز ۽ ڪائناتون آهن، جن کي پار ڪرڻ منهنجي وس ۾ نه آهي. هڪ دفعو تون اچ، هي در کولي، جيئن تون هميشه ايندو هئين. تون ڏسندين ته هن دل ۾ صرف تون آهين. ڄاتل سڃاتل آواز اڄ منهنجي ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳو آهي. ”چانڊوڪيءَ ۾ املتاس جي سون جهڙن گلن ۾ اُنهن جي ٽڙڻ وقت منهنجو وجود هن ڪائنات جي حد پار ڪندو آهي. مان توکي هر وقت ڏسي سگهندو آهيان. فنا ۾ بقا انهن کي ئي ملندي آهي، پرين! جيڪي موت کي زندگي سمجهندا آهن.“ مان ان آواز تي اُٿي بيٺي آهيان! تون ته منهنجي سامهون بيٺو آهين. سامهون دريءَ مان ڪتيون ۽ ٽيڙو جرڪي رهيا آهن. تون مون ڏي ڏسي رهيو آهين، مان هٿ وڌائي توکي روڪڻ جي ڪوشش ڪريان ٿي، پر تون اُتي هئين ئي ڪونه! ڪجهه به ڪونه هو، صرف خاموشي هئي. رات جي راڻيءَ جي مهڪ هئي، ۽ ٽراليءَ ۾ خالي ڪوپ هئا، ۽ مان حيران بيٺل رهجي ويس.


 

ابن الياس سومرو

 

ڦَهڪو

 

ڪراچيءَ مان پاشا وارا به آيل هئا. پپوءَ جي سالگرهه هئي. منهنجي وڏي ڀاءُ کي ٻن نياڻين کان پوءِ پُٽ ٿيو هو، سو وڏي ڌام ڌوم سان دعوت ڪئي ويئي هئي. ماتلي، ٽنڊي محمد خان، هالا ۽ مٽياري مان مائٽ گهرايا ويا، جن تي اڃا ٻهراڙيءَ واري ڇاپ لڳل هئ. پرنس ٽائون وارو بنگلو چڱيءَ طرح سينگاريو ويو هو. شگفته، لُبنا، ۽ دِينا، جن کي خاندان جي اعليٰ درجي جي سلجهيل دماغ هئڻ جي حيثيت حاصل هئي، تن جي سڀني سان تعارف ڪرايو پئي ويو. هر طرف رنگا رنگي چَهل پَهل هئي. منهنجون ٻيئي ڀاڄايون مهمانن جي آڌرڀاءُ ۾ مصروف هيون. وڏي ڳالهه ته ڳِل ڳِل ۾ ملائي کيڪارڻ وقت ٽيڏي اک سان هڪ ٻئي جي لَباسَ جي ميچنگ به ڏسي رهيون هيون.

سڀني کان آخر ۾ هو. دِينا، جيڪا تازو ايئرهوسٽيس جي ٽيسٽ ۾ فيل ٿي هئي ۽ پاڻ کي اداڪاره ڪرشما ڪپور سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندي هئي، تنهن کِلندي کِلندي منهنجي پسنديده مصور پابلو پڪاسو جي شاندار پينٽنگ کي سِنگر سلائي مشين جي زِگ زيگ سڏيو ته آءٌ ڦهڪائيءَ کان پگهرجي ويس. وري الماريءَ ۾ رکيل تحقيقي ڪتابن ڏانهن نهاري چيائين ته ”هي رٽائر ۽ پوڙهن ليکڪن جا ٿُلها ڪتاب ڪير پڙهندو؟ ’هانگ ڪانگ جرنل‘، ’شِي‘، ’ينگ ايج‘ يا ’سيٽلائيٽ ميگزين‘ هجن ها ته ڪجهه تصويرون ڏسي دل وندرايون ها،“ ٽهڪ ڏينديون ٽِشوءَ سان پگهر اُگهنديون وڃي لان ۾ ويٺيون، ۽ حُميرا، عتيقه ۽ زيبا بختيار جي ڪنوارپڻ ۽ شادين کان وٺي ويندي طلاقن تائين ڳالهيون ڪنديون رهيون. وري هيل بيري، آمريڪي شيدياڻيءَ جي ڳالهه نڪتي، جنهن گذريل اَسِي سالن ۾ پهريون دفعو ”آسڪر“ کٽي نالو ڪڍيو هو.

سالگرهه جو رڳو نالو هو، حقيقت ۾ منهنجي ڀاڄاين کي پنهنجن غريب مائٽن کي پنهنجي اميري ۽ خوشحاليءَ جو رعب ڏيکارڻو هو. منهنجو ننڍو ڀاءُ سڻڀي کاتي واپڊا ۾ انجنيئر، وڏو ڀاءُ ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن کاتي ۾ ڊپٽي، نئين ماڊل جي ڪرولا در تي ۽ ٽنڊي حيدر ۾ زرعي زمين ۽ قاسم آباد ۾ جيڪو پلازا تيار ٿئي، تنهن ۾ ٻارن جي نالي فليٽ وٺڻ جو شوق. مون سان ٻنهي ڀاڄاين جي ڪانه پوندي هئي. آءٌ ايم. اي اسلاميات ڪري آڪسفورڊ اڪيڊيمي ۾ ليڪچرار ٿي ويو هوس. بابا ۽ امڙ جي وفات کان پوءِ منهنجي مذهبي مزاج جو فائدو وٺي سموري ملڪيت جا وارث ٿي ويا هئا. اُضحيءَ واري عيد تي جڏهين فريزر ۾ ٻن ٻڪرن جو گوشت ثابت پيل ڏسي پُڇيم ته ”پوءِ اوهان غريبن ۽ پاڙيوارن ۾ ڇا تقسيم ڪيو آهي؟“ هڪ حديث جو حوالو پڻ ڏنم، ته وڏي ڀاڀي ائين چوندي وڃي ايبٽ آباد مان تحفي ۾ آيل ريشمي شال کي ڏسڻ ويٺي ته ”هن ماستر کي ته ڪنهن مسجد جو پيش امام ٿيڻ گهربو هو.“ ڪجهه مهينا اڳ ننڍي ڀاڀيءَ جي ڀيڻ لُبنا جي سڱ بابت منهنجي لاءِ ڳالهه نڪتي ته ننڍي ڀاڀيءَ مُنهن کي موڙو ڏيئي چيو ”ڪتابن ۽ ديني رسالن جي ڍير تي لُبنا جو مستقبل تباهه ڪرڻو نه آهي. موٽرڪار، نه مٿان جي آمدني.“ ائين چئي روزمره وانگر ماءُ سان ٽيليفون تي گفتگو ڪرڻ ويهي رهي ۽ پپوءَ جي رزلٽ کان وٺي ويندي ٻوڙ رڌڻ ۽ مصالحن تائين ڳالهائيندي رهي.

لُبنا لاءِ ننڍي ڀاڄائيءَ جو خيال چاچس حاجي حنيف جي پٽ ڊاڪٽر انور ڏانهن هو ۽ جلد ئي ڳالهيون به ڪري ڇڏيائون ۽ تياريون به شروع ٿي ويون. ڊاڪٽر انور سينٽرل هاسپيٽل ۾ اسپيشلسٽ جي حيثيت ۾ سٺو نالو ڪڍيو هو ۽ رت ۾ موروثي جُزن جي اثرن تي ڪجهه تحقيقات به ڪري رهيو هو. جڏهن پپوءَ جي سالگره تي تحفو ڏيڻ لاءِ آيو ته پنهنجي ننڍي هوندي جي دوست وڏي ڀاڀيءَ جي ڀاءُ ادا ڪريم جي به ملاقات ٿي ويس. هي جڏهن به ملندا هئا ته ڄڻ طب ۽ نفسيات جي جنگ شروع ٿي ويندي هئي. ادا ڪريم ايم. اي. خواتين جي نفسايت ۾ ڇا ڪئي هئي، هن جي دليلن ۽ تبصرن کان سڄو خاندان بيزار ٿي پيو هو. اڄ به ڊاڪر انور جو ڪريم سان هن نڪتي تي بحث هلي رهيو هو ته ساڳئي خاندان ۾ شادي ڪرڻ وارن جو اولاد اُپاهج ٿي سگهي ٿو ۽ جسماني خواهه ذهني طور معذور سڄي سماج تي هڪ بوجهه ٿيو پوي. لنچ تي چڱو چهچٽو ٿيو. هڪ تي هِي ٻيءَ تي هُو! سالگره ۾ ڊاڪٽر انور جي ماءُ چاچي ڪريمان ته جيڪو به وقت ويٺي هئي ته اک لُبنا م ان ڪڍيئي نه جيڏانهن وڃي تيڏانهن نهاري. سڀني سان پنهنجي ٿيندڙ نُنهن ۽ ڊڪٽر انور جون تعريفون ڪرڻ ۾ پوري هئي. شاديءَ جون تياريون ٻڌائي رهي هئي. ڊائمنڊ جا سيٽ، ٽنڊي محمد خان واري چاچي الهڏني وارن کي ڏيکارڻ جي ته عادت هيس. رڳو نٿ ڪانه هئي. ٻيو سڀڪجهه هو. جو چيائون ته دودي چنيسر جي سُوءَ آهي. راڄ ۾ ڪنهن به نياڻيءَ جو نڪ ٽوپيل ڪونه هو. ماما حاجي فيضو سڀني راڄن جو چڱو مڙس هو ۽ خانداني روايتن جو سخت پابند. ان کان سڀ ڊڄندا به هئا. هن جو فيصلو پٿر تي ليڪ هو. هميشه چوندو هو ته پنهنجن مان شادي ڪرڻ گهرجي، بلڪه ٻهران سڱ وٺڻ جي به خلاف هو. سندس خيال هو ته ائين ڪرڻ سان خاندان جون خاص روايتون ۽ نسلي خوبيون قائم رهن ٿيون. ڳالهه صحيح به هئي. راڄ ۾ ستن پيڙهين کان وٺي ائين پئي ٿيو. نه نياڻي ٻاهر ڏنائون، نه ٻاهران ورتائون.

سالگرهه جون خوشگوار يادگيريون کڻي سڀيئي مائٽ پنهنجن ڳوٺن ۾ پهتا ۽ ڊاڪٽر انور ۽ لبنا جي شاديءَ ۾ شرڪت جا پروگرام ٺاهڻ ۾ لڳي ويا. ڪين ته موقعي مطابق موٽندي ريشم گهٽي ۽ چاندني بازار مان خريداري ڪرڻ جو پهه ڪري ڇڏيو، ته اوچتو خاندان ۾ هڪ ”ڦهڪو“ ٿيو! ڊاڪٽر انور سينٽرل هاسپيٽل جي سرجن چوڌريءَ جي ڌيءَ ڊاڪٽر فرخنده تي موهجي ماٺ مٺيءَ ۾ شادي ڪري وڃي لاهور نڪتو!... نه خبر نه چار!... ڀلا جيستائين چاچي ڪريمان تيارين ۾ اجائي ڊيگهه ڪئي ۽ غريب مائٽن تي پنهنجي اميريءَ جا رعب رکيا، تيستائين بازجهرڪي جهٽي ويو. تنهن کان سواءِ انور ساڳئي خاندان ۾ شادي ڪري اُپاهج ٻار پيدا ڪرڻ جي خلاف هو. بس مهراڻ هوٽل ۾ ساده تقريب ٿي، جتي معززين شريڪ ٿيا ۽ اُنهيءَ ئي شام جو وَنِي وٺي انور وڃي گلبرگ ۾ ٺڪاءُ ڪيو. چاچا حاجي حنيف جا ڪيڏانهن ويا عمره ادا ڪرڻ جا ارادا ۽ ڪيڏانهن ويون مدرسن کي خيراتون ڏيڻ: اڇي توپي ڪپڙي جي مٿي ۾، هٿ ۾ تسبيح ۽ مصلو ۽ چاليهن دعائن واري چوپڙي جيڪا ثواب خاطر ڇپائي مفت تقسيم ڪئي هئائين ـــ اُنهيءَ ۾ اکيون کتل. چاچي ڪريمان ته مرندي مرندي بچي. ڊاڪٽرن دماغي نس ڦاٽڻ جو انديشو ٻڌايو، جو سڪيلڌي پُٽ جو گهڻو صدمو پهتو هو.س منهنجي ننڍي ڀاڀي تي به گهٽ اثر نه ٿيو. لبنا جو مستقبل لڙاٽجي ويو هو. مائٽن جا طعنا ۽ ڳالهيون الڳ ٻڌڻيون پيس. ناني سڀاڻي ماتليءَ جي راڄ جي وڏي جيڪا ٻارن کي ڪاڪڙي جا ساٺ ڪرڻ ۽ مڱڻن ۽ شادين جون تاريخون مقرر ڪرڻ جي ماهر هئي، تنهن کي سڱاوتي جي جهيڙن جو رکيل دل ۾ ساڙ ظاهر ڪرڻ جو سٺو وجهه مليو. تنهن ته ايتري قدر چئي ڇڏيو ته ”اِهي پوءِ ڍاوا، سدائين اسان جين سليقه مند ۽ سگهڙ نياڻين کي اڻ پڙهيل ۽ جاهل سڏيندا هئا، هاڻي جهڙي ڪئي اٿن تهڙي ڀرين، لوڙين ۽ ڀوڳين. اسان جو ڇا،“ ۽ ائين به چيائين ته ”ويچاري ماستر ۾ ڪهڙي گهٽتائي هئي جو انڪار ڪيائون. اشراف ڇوڪرو هو.“

ماما فيضو ڪاوڙ۽ ڏک جو اظهار ڪندي فقط ايترو چيو ”اسان جي نياڻين ۾ ڪهڙي گهٽتائي هئي جو انور وڃي پنجاب مان پرڻيو آهي!“ هي پهريون دفعو هو جو ماما فيضو جي فيصلي کي پُٺ ڏني ويئي هئي ۽ هن نموني راڄ ۾ ناڪامي ٿي هئس!

انور پيار جو پرڻو ڪري بَسنت ميله، شاليمار ميله، راوي فيسٽيول ۽ فلمي ايوارڊ جهڙين تقريبن ۾ اهڙو گم ٿي ويو جو نه مٽن مائٽن جي خبرچار ۽ نه ڳوٺ راڄ جي خبرچار. ڏيڍ سال ائين اک ڇنڀ ۾ گذري ويو. هڪ نياڻي به ٿي ويس. پر آهستي آهستي پهريائين ننڍين ڳالهين تي فرخنده سان بحث ٿيڻ لڳو ۽ پوءِ ڳالهه وڌندي ويئي: انور جي طرفان ڏنل اجرڪ جو تحفو فرخنده پنهنجي نوڪرياڻيءَ کي پارائي ڇڏيو. نياڻيءَ جو نالو انور ”ماروي“ رکڻ جو ارادو ڪيو ته فرخنده ”هِيرَ“ رکي ڇڏيو. وري انور کي الحمرا ۽ جم خانه ڪلب جي گڏجاڻين ۾ فرخنده جو سندس مائٽ ميجر سان ريل ڇيل واهيپو ڪونه وڻيو ۽ انور اڪثر خفا رهڻ لڳو، ويتر جو هڪ غير ملڪي طبي وفد سان گهوڙا گليءَ ۾ فرخنده جو ميجر سان ٻه ٽي ڏينهن بنا اجازت وڃڻ ٿيو ته اختلاف وٺي ميجر سان شادي ڪري ڇڏي، ۽ نياڻي جي ورثي ۽ پنج لک حق مهر جو ڪيس به انور تي داخل ڪري ڇڏيائين!

خاندان ۾ هي ٻيو ”ڦهڪو“ ٿيو!

چاچا حنيف ۽ چاچي ڪريمان کي پٽ جي ڏک سان گڏ هاڻي انهيءَ نياڻيءَ جو ڏک کائي رهيو هو، جيڪا فيصل آباد ۾ پَلجي رهجي هئي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com