سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2002ع

مضمون

صفحو :16

General

Khalid Mahmud Arif

NI (M).S.Bt.

 

پيارا آگرا صاحب

سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد.

اوهان جا قرب جو مون کي ’چچنامي‘ جهڙو دلچسپ ڪتاب عنايت ڪيو. منجهس، سنڌ ۾ طلوعِ اسلام کان اڳ توڙي پوءِ واري عرصي جو دلنشين احوال ڏنل آهي. مون کي پنهنجي ماضيءَ جو نهايت وڻندڙ نموني ۾ لکيل هي تذڪرو پڙهي ڏاڍو لطف آيو. منهنجو خيال آهي ته نه فقط سنڌ  بلڪ سڄي پاڪستان جي بادشندن کي پڙهڻ گهرجي. ڇو ته هيءُ ڪتاب اسان جي تاريخ جي هڪ اهم حصي سان لاڳاپو رکي ٿو، ۽ ماضيءَ تي روشني وجهي ٿو.

سنڌي ابي بورڊ هن ڪتاب جو قومي زبان ۾ ترجمو ڪرائي هڪ وڏي خدمت سرانجام ڏني آهي. ڪتاب جو فارسي متن، علي ڪوفيءَ سنه 614 هجري ۾ تيار ڪيو هو، جيڪو انهيءَ اصلوڪي عربي نسخي تي مبني هو، جيڪو هاڻ ناپيد آهي، ۽ جنهن جي تنصيف ۽ تاليف جي اصل حقيقت اسان جي اڳيان چِٽي ڪانه آهي.

عام پڙهندڙُ، ’چچنامي‘ ۾ بيان ٿيل مربوط واقعن ۽ خيالن جي تسلسل کان ڏاڍو متاثر ٿئي ٿو. عربيءَ مان فارسيءَ ۾ ترجمي ۽ وري فارسيءَ مان اردوءَ ۾ ترجمي ٿيڻ جي باوجود ڪتاب جو بيانيه انداز اهڙو ته دلڪش آهي، جو اُهو، صحيح معنيٰ ۾، عربي زبان ۾ لکيل ڪتاب جي حاصل منصف کي تحسين جو مستحق قرار ڏئي ٿو.

ڪتاب جو متن وڏيءَ ڪوشش وسيلي هڪ ٻئي سان ڳنڍيو ويو آهي، ۽ واقعن جي صدات ۽ حق گوئيءَ جو علمبردار آهي. ڪتاب جي مترجمن پنهنجو حق ادا ڪيو آهي. سندن ڪوشش ۽ محنت ساراهه جوڳي آهي.

’چچ نامي‘ جو قصو پڙهندڙ جي ذهن کي پنهنجيءَ گرفت ۾ آڻي کيس وڏيءَ دانشمنديءَ سان پنهنجي ماضيءَ جي تاريخ جو عڪس ڏيکاري ٿو. بلاشبه، وڏيءَ صلاحيت سان لکيل هي ڪتاب پڙهندڙ جي روح کي منور ۽ معطر ڪري ڇڏي ٿو.

’چچ نامو‘ انهيءَ حقيقت تي شاهد آهي ته ’قديم هندوستان ۾‘ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ’جنگ‘، ’سازش‘ ۽ ’معاشقي‘ جي معاملن ۾ ڪابه ’حدبندي‘ ڪانه هئي. ’اٽڪل بازي‘ ۽ ’چالاڪي‘ عروج تي هئي، بلڪ اهڙي هڪ باڪمال هنر جي درجي تي پهتي هئي، جنهن ۾ اقتدار جا سوداگَرَ، ’ڪئزلنگ‘ کي به نيچو نِوائي ٿي سگهيا.

نوجوان محمد بن قاسم جو شان شوڪت جي بلندين تي عروج ۽ ميدان جنگ ۾ سندس ڪاميابي هڪ اهڙو ته دلچسپ رزميه داستان آهي، جنهن ۾ ’نيڪيءَ‘ کي ’بديءَ‘ تي فتح حاصل ٿئي ٿي.

جنگ کان اڳ ٻنهي مخالف ڌرين جون هڪٻئي خلاف چالون ۽ پوءِ اصل جنگ جي ڪارروائيءَ ۾ تاريخ جي طالب العلم کي هونئن ته ڪيئي سبق ملن ٿا، ليڪن، حتمي طرح، هن ڳالهه جي ثابتي ملي ٿي ته مسلمانن شهرت، واکاڻ ۽ دولت ڪاڻ هندستان تي ڪاهه ڪانه ڪئي هئي، دراصل، کين مجبور ڪيو ويو هو ته پنهنجن هم ـــ مذهب مسلمان تاجرن سان ٿيل ظلم ۽ تعديءَ جو بدلو وٺن. سو به تڏهن، جڏهن هڪ مغرور ۽ سرڪش مقامي حڪمرانُ، پنهنجيءَ حڪومت جي علائقي ۾ ٿيل هڪ سنگين واقعي تي، مسلمانن جي سفارتي ڪوششن، احتجاج ۽ چتاءُ کي مسلسل نظرانداز ڪندو رهيو.

محدم بن قاسم،پنهنجن اعليٰ اخياريءَوارن جي حڪم ۽ هدايت موجب، وڏيءَ بهادريءَ ۽ ڏاهپ سان ساڻس جنگيون ڪيون ۽ ڪاميابيون حاصل ڪندو رهيو. هو تاريخ ۾ پنهنجي لاءِ عزت ۽ نيڪنامي ڇڏي ويو. بلاشبه، اهو انهن ٻنهي اعزازن جو مستحق هو.

محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ، فوراًرفاع عامه تي مبني نظام حڪومت قائم ڪرڻ ڏانهن توجهه ڏنو ۽ پاڻ کي حڪمرانيءَ جي فن جو شهسوار ثابت ڪيو. کانئس پوءِ درويشن ۽ صوفين جو وارو آيو، جن اسلام جي پيغام کي چوڏس عام ڪيو. عوام اُن ڏانهن متوجه ٿيو، ڇو ته درويشن جو پيغام، سراسر پيار، مذهبي روادريءَ، مساوات ۽ خداوند تعاليٰ جي ڪبريائيءَ اڳيان نمڻ تي مبني هو. انهيءَ پيغام جون شمعون، جيڪي چند فاني ليڪن خدا جي محبت ۾ سرشار درويشن جي هٿن ۾ هيون، تن جو سوجهرو هندستان ۾ پري پري تائين پکڙيو، جنهن عام ماڻهن کي موهي وڌو: کين ڏاهپ جا موتي مليا ۽ هو امن ۽ سک سانت سان زندگي گذارڻ سکيا.

اُنهن درويشن ۽ صوفين جي زبان ۾ بي انتها تاثير هو، سندس ڪلام (شعر) ته سالن ۽ صدين جي گردش تي به غالب پئجي ويو: منجهس مڌر موسيقيءَ ۾، عشق سان لبريز زندگي موجزن هئي، جنهن ۾ سڀني لاءِ ساڳي آفاقي پڪار هئي ته ’زندهه رهو ۽ ٻين کي زندهه رهڻ ڏيو، سمورن مذهبن جو احترام ڪريو، آزاديءَ جي نعمت ماڻيو، ۽ الله تعاليٰ جل شانہ جي اڳيان جهڪو.‘

محمد بن قاسم جي زندگيءَ جي المناڪ انجام ۾ انسانذات لاءِ هڪ ٻه سبق آهن. ’ايوانِ اقتدار‘ جي ’غلام گردشن‘ ۾ بي انتها سازشون، حسد ۽ فتنا جنم وٺندا رهدنا آهن. جيڪي شخص، پبلڪ لائيف ۾ جيڏي بلند منصب تي فائز هوندا آهن، تن کي اوڏيءَ ئي تيزيءَ سان هيٺ ڪِرڻ جو ’جوکو‘ هوندو آهي.

محمد بن قاسم پاڻ ملهايو. هو وقت جي واريءَ تي پنهنجن قدمن جا نشان ڇڏي ويو: اڄ کيس وڏي عزت ۽ احترام سان ياد ڪيو وڃي ٿو. سندس مخالف توڙي اُهي شخص، جن سندس خلاف سازشون سٽيون، سي تاريخ جي اُونهيءَ کڏ ۾ وڃي ڪِريا ۽ هميشه لاءِ فنا ٿي ويا.

نيڪ تمنائن ۽ احترام سان.

مسٽر غالم رباني آگرو،                جنرل. ڪي. ايم. عارف

حيدرآباد سنڌ.


 

مسز ثمينه ميمڻ                                [تبصرو]

لئبررين، سنڌي ادبي بورڊ

 

تاريخ سومره سنڌ

از

وزير علي سومرو

سومرن جي حڪومت بابت تفصيلي احوال ڪنهن به هڪ تاريخ ۾ ڪونه ٿو ملي. چون ٿا ته سنڌ تي سندن حڪومت 445 هه کان شروع ٿي ۽ 762 هه (مطابق 1361ع) ۾ تڏهن پوري ٿي، جڏهن فيروز تغلق سنڌ تي ڪاهه ڪئي.

ٽماهي ’مهراڻ‘ ۽ ماهوار ’نئين زندگي‘ جي صفحن ۾، سنڌ جي مشهور مؤرخ ۽ محقق، قريشي حامد علي خانائيءَ توڙي ٻين لکندڙن مير محمد بخش ٽالپر ۽ ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ جا سومرن تي سٺا مضمون شايع ٿيل آهن. پر، اِن ڳالهه جي ضرورت آهي ته سومرا دور جي مستند تاريخ لکي وڃي.

وزير علي سومري جو ڪتاب تاريخ سومره سنڌ وڏيءَ محنت سان لکيل آهي، جو ارڙهن بابن تي مشتمل آهي. ڀانئجي ٿو ته سندس بنيادي مقصد سومرن کي ’سنڌي نسل‘ بدران ’عربي نسل‘ ثابت ڪرڻ آهي. ڪتابُ ابن اسماعيل سومره پبليڪيشن، جڙياپور، چڪ، شايع ڪيو آهي. قيمت اٿس ٻه سؤ رپيا.

* * * *

سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ جي تاريخ جي هڪ ’جامع رٿا‘ جوڙي آهي، انهيءَ موجب، سنڌ تي جن جن گهراڻن حڪومت ڪئي آهي، تن تي جدا جدا جلد لکڻ جي تجويز آهي. مثلاً هڪ جدا جلد سمن تي، هڪ جدا جلد سومرن تي، هڪ جدا جلد ڪلهوڙن تي، هڪ جلد ٽالپرن تي.... وغيره.

شروعاتي دور ۾، سنڌي ادبي بورڊ جو نائب صدر سائين جي. ايم. سيد هوندو هو، سو چوندو هو ته ”سما ۽ سومرا سنڌ جي تاريخ جو سونهري دور آهي.“ سائين محروم جي اها ڳالهه شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽو ۽ پير حسام الدين راشدي به مڃيندا هئا ۽ بورڊ جي ئي سونپيل ڪتابن لکڻ ۾ مشغول هوندا هئا. پر، خبر ناهي ته ڇو هنن سمن ۽ سومرن تي لکڻ جو ڪم هٿ ۾ ڪونه کنيو.

هاڻي، بورڊ ڊاڪٽر سرفراز احمد ڀٽيءَ کان سما دور لکايو آهي، جو ڇاپي هيٺ آهي. اُهو پورو ٿيندو ته سومرا دور ڇپبو. تحقيقي ڪتاب لکڻ تي محنت کپي.

جيڪڏهن سائين جي. ايم. سيد پاڻ پنهنجي ايامڪاريءَ ۾،’سنڌ جي تاريخ جو سونهري دور‘ شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽي ۽ پير حسام الدين راشديءَ جهڙن عالمن کان لکائي وڃي ها، ته سٺو ٿئي ها.

هونئن سومرن تي متفرقہ ڪتاب ته ڪافي ڇپيل آهن. مثلاً انگريزيءَ ۾ هڪ معياري ڪتاب ڪجهه سال اڳ ملتان مان ڇپيو آهي. ساڳيءَ ريت، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جي پڻ سومرا دور جي تاريخ ڇپيل آهي. ”الوحيد“ جي ”سنڌ آزاد نمبر“ ۾ به سومرن بادشاهن جو احوال آهي. ٻيا به ڪيترائي اهڙا ڪتاب سومرن تي ڇپيل آهن.

 

الطاف آگرو                                              [تبصرو]

 

ايم ڪمل جو چونڊ ڪلام

1947ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان جا ٻه آزاد ملڪ ٺهيا، ته سنڌ مان ڪيترائي ناليوارا هندو ليکڪ ۽ شاعر لڏي ويا، مثلاً پروفيسر ايم. يو. ملڪاڻي. ٻڌڻ ۾ آيو ته ڪلڪتي ۾ گهر ڪري ويٺو ۽ اتي ئي هي جهانُ ڇڏيائين. پاڻ سنڌ جي هاڪاري عالم ۽ شاهه ڀٽائيءَ جي رسالي جي مرتب ۽ شارح، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جهڙي اعليٰ اديب جو سچو پچو جانشين هو.

ڪي اديب ۽ شاعر هندستان جي ڪن شهرن ۾ گهر ڪري ويٺا، ته ڪي وري ڪن ٻين شهرن ۾ وڃي آباد ٿيا. گذريل پنجاهه ورهين ۾، اُنهن مان ڪي گذاري ويا ۽ ڪي اڃا حيات آهن. هُنن کي سنڌ اڃا به ياد آهي! جيئن هندو ۽ مسلمان ”اردو ادبين“ جو قدر جهڙو هندستان ۾ تهڙو پاڪستان ۾ آهي [1]، تيئن سنڌي ليکڪن جي ڪتابن جو قدرُ به جهڙو هند ۾ آهي تهڙو سنڌ ۾. سندن اعليٰ شخصيت جي مڃتا به ساڳي آهي، جنهن جو هڪ مثال آهي سنڌي زبان جي تخليقي اديبن (Creative Writers) ۾ سندري اُتمچنداڻي.

پر، ائين به آهي ته پنج آڱريون برابر ڪونهن. سو، اِهو به سچ آهي ته اُتان جي حالتن ڪن لکندڙن جي سوچ ۽ ٻوليءَ تي اثر وڌا آهن، جن جو مثال لعل پشپ ۽ ايم. ڪمل آهن.

* * * *

ايم ڪمل صاحب آگسٽ مهيني جي اٺين تاريخ سنه 1925ع ۾ سنڌ ۾ ڄائو هو. اِنهيءَ جو مطلب ته هُو هندستان ڏانهن لڏپلاڻ وقت ٻاويهن ورهين جو نوجوان هوندو. تڏهن کان وٺي هو سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکندو رهيو آهي. سندس شعر جا سترهن مجموعا ۽ ايڪانڪي ناٽڪن جا ڇهه مجموعا ڇپيا آهن. سندس ’چنڊ ڪلام‘ جو ڪتاب ’الهاس نگر‘ مان سنه 2001 ۾ ڇپيو آهي. لعل پشپ سندس ڪلام جي چونڊ به ڪئي ۽ مهاڳ به لکيو آهي.

هي ڪتاب ڊيمي سائيز ۾ ڇپيو آهي ۽ منجهس هڪ سو سٺ صفحا آهن. جلد پڪو اٿس ۽ ڪاغذ تمام عمدو، سفيد رنگ جو، جهڙو سنڌ ۾ ڇپيل ڪن ٿورن ڪتابن ۾ نظر ايندو. پڪي جلد جي مٿان آرٽ پيپر جو رنگين جئڪيٽ به ڏنل آهي، جنهن جي فلئپ تي ايم. ڪمل کي ”غزل جو بادشاهه“ ڪوٺيو ويو آهي. ڪتاب جي فلئپ تي لکيو ويو آهي ته:

”ايم ڪمل گهڻو لکيو آهي، ۽ پوءِ به گهڻو لکيو آهي. هن جا ڪتاب هاڻي ماڻهن ڳڻڻ ئي ڇڏي ڏنا آهن ۽ دشمن وسارڻ واسطي ’دوا جون گوريون‘ ڳهڻ ويٺا آهن.“

لعل پشپ صاحب ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته:

”ڪي ٿورو لکندا آهن، پر، گهڻو لکندا آهن، ڪي گهڻو لکندا آهن، پر، ڪجهه نه لکندا آهن، پر، ڪجهه نه لکندا آهن. ڪي گهڻو لکندا آهن ۽ گهڻو لکندا آهن، گهڻو لکندڙ تمام ٿورا هوندا آهن، سنڌيءَ ۾ توڙي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ننڍيءَ توڙي وڏيءَ ۾، اسان وٽ فقط مثال آهي  ـــ ايم. ڪمل“

”مهاڳ“ لکڻ کان اڳ، لعل پشپ، ”تنقيد“ جي سري هيٺ، ايم. ڪمل جي شعر جي هڪ سٽ ڏني آهي: ”چڻنگون چڻنگون پل ٻرن ٿا“ ـــ ـــ ۽ پوءِ هيٺيان هيئن لکيو اٿس:

”لکڻ جو مقصد ئي، جيئن مڃيو ويو آهي، پنهنجي معنيٰ ٻڌائي تخليق توڙي تنقيد ۾، تنهنڪري اسان هڪ طرح مجبور آهيون، ته ڪمل جي مٿينءَ سٽي جي معنيٰ ٻڌايون.

هڪ ته سڄيءَ تنقيد جو مذڪور مقصد ئي، بنيادي طرح، تنهنڪري تنقيد لکڻ جو به، هڪ غير ضروري، اڻ گهربل، اجائي پڏايل ڪارنامي جي سرڪسي نمائش آهي.

هڪ ته وڏو مسئلو اِتي بڻجي ٿو جو معنيٰ ڪڍڻ مهل ليکڪ جي خون تي پلجندڙ ڄورَ، جنهن کي اسان نقاد جو نالو ڏنو آهي، وٽ ڪوبه وزنائتو ۽ ڪارگر اوزار ڪونهي جوهڪ پڪ سان ٻڌائي ته تخيلق مان معنيٰ کوٽڻ، ڳولهڻ مهل هو تخليقڪار جي لڪل ٻڌايل معنيٰ ٿو ٻڌائي يا ٻي ڪا، جيڪا هن جي پنهنجي آهي. ٻين لفظن ۾، هو معنيٰ ڪڍي ٿو، جيڪو هن جو مقصد آهي، يا معنيٰ وجهي ٿو، ٻين لفظن ۾، معنيٰ مٿان پنهنجي معنيٰ مڙهي ٿو، مزيدار ڳالهه اِها ته اِهو مڃي هلندي به ته معنيٰ، ڪابه، ٻي به هُجي سگهجي ٿي.“

اڳتي هلي، ايم. ڪمل جي اِنهيءَ سٽ جي معنيٰ اڃا به وڌيڪ کولي سمجهائڻ لاءِ شري لعل پشپ مهاڳ جي سري هيٺان هيئن به لکيو آهي:

”اُهو سمجهندي به ته اسان جي ڪڍيل معنيٰ، سٽ جي معنيٰ کان جيڪا اسان کان لڪل آهي، ڳجهي آهي، ٻي ۽ الڳ آهي، مڙهيل به ٿي سگهي ٿي. پوءِ به سٽ جي پنهنجي ڪانه ڪا، ڪابه، ڪهڙي به، معنيٰ آهي، ان حد تائين اُها ڪنهن به ٻيءَ معنيٰ کي رد ڪري پنهنجي معنيٰ، پاڻ وٽ رکي، لڪائي رکي، وڏي رانديگر وانگر، ڇو ته جيترو وڏو خالق هوندو، اوترو وڏو رانديگر هوندو.“

هاڻي ته هرڪو پڙهندڙ، پوءِ اُهو وتائي فقير وانگر ’ڏاهو‘ هجي يا ماڳهن ڪو ’موڳو مٽر‘ هجي، پَڪَ ئي پَڪَ ڳالهه جي تَهه تائين پهچي ويو هوندو. ان کان وڌيڪ آخر ڪهڙي سمجهاڻي ٿي سگهي ٿي! سنڌ ۾ ته وڏن وڏن لکندڙن جو چوڻ آهي ته کين لعل پشپ جي گفتن مان Dialogues of Plato جو ’واسُ پيو اچي، پر، هونئن به ائين ته آهي ته ”ڀلئون ڀَلِ جو ڇيهه ئي ڪونهي.“ ڪن جو ته ماڳهن اهو به چوڻ آهي ته ”لعل پشپ جي روپ ۾ شنڪر آچاريه جي آتما هندستان ۾ نئون جنم ورتو آهي.“

صحيح ڳالهه جيئن به هجي. پر، آهي ادب جي جاءِ. سو، اسان مسڪينن لاءِ مناسب آهي، ته عِلِمَ ۽ عَقَلَ جي هن ڀنڊارَ، مهاتما لعل پشپ کان ٻئي ٻانهون ٻڌي، معافي ۽ موڪل وٺجي! سڌو سنئون هلي، ايم.ڪمل وٽ حاضر ٿجي، ۽ سندس واتان ’بادشاهي ڪلام‘ جو مزو وٺجي. دشمنن کي ڇڏي ڏجي، ته ڀلي پيا دوا جون گوريون ڳهن‘

ايم. ڪمل جو چونڊ ڪلام

مرڪ جي سڀ نقابَ سان آهن

لوڪ ڏاڍا عذاب سان آهن.

سڀ ٻڌل ڪنهن ڪتاب سان آهن

آدمي هت حساب سان آهن.

.... .... .... ....

ڏانءُ نه آيو ڳالهه ڪرڻ جو

ٺهيل ٺڪيل ڪم ڊهي پيو آ

 

ٽي وي ٽاور ڊهي پيو آ

وقت شهر جو وڌي پيو آ

 

دل جي ارمان کي ڇا چئجي

هي مهمان هت ٽڪي پيو آ

.... .... .... ....

هڪ ٻئي کان هتي هرڪو لڪل آ

هي شهر گهمڻ جهڙو لڳي ٿو.

 

مالڪ ٿو ڊڄي پنهنجي ڪتي کان

افسانو لکڻ جهڙو لڳي ٿو.

.... .... .... ....

سُهڻو وجهه اَٿوَ پُڇَنِ کي سينگاريو

اڄ کان چالو ڪتن جو هفتو آ

.... .... .... ....

سڀ مسافر سهڪندا بس کي ڌوڪيدا ٿا هلن

هڪ ڊرائيور فقط آ، جو مزي ۾ ويٺو آ

.... .... .... ....

فقط روشني ڏي ئي ڏسندا ڏٺاسين

اُجالي جا شوقين انڌا ڏٺاسين.

.... .... .... ....

قصو کاري، وري ٺاهڻ آيا

دوستي دوست نباهڻ آيا

.... .... .... ....

اوپرن دور کان ڌمڪايو پئي

اهي پنهنجا هئا جي ڪاهي آيا

.... .... .... ....

بلنديءَ تي رهي آ بي شعوري

گڏهه جي هينگ تي گهوڙو ڪڏي ٿو.

.... .... .... ....

زندگيءَ عمر جي ڪوڪي ۾

ٽنگي ڇڏيو آ ٽوال جيان

.... .... .... ....

سنه 63-1964ع ڌاري، شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽي هندستان گهمڻ ويا. موٽي آيا ته ڳالهين ڪندي ايم. ڪمل جو نالو ۽ تاثر اهو ڏنائون، ته مزاحيه (Humour) رنگَ ۾ شاعري ڪندو آهي. ايم. ڪمل جا مٿي ڏنل شعر پڙهي، گهڻن جي چهري تي مُرڪ ايندي ۽ اياز ۽ ڀٽيءَ جي راءِ ۾ صداقت نظر ايندي.

پر، ڏاهن جو چوڻ آهي ته، ”جيڪي ٻين کي کلائن ٿا، سي پاڻ ڏاڍا دُکي آهن.“ اهو اصول ايم. ڪمل سان به لاڳو آهي. سندس ڪلام انهيءَ حقيقت تي شاهد آهي، مثال طور، هي شعر پڙهي ڏسجن:

گهرُ چَمَنَ ۾ پاندَ ۾ ڪنڊا،

پنهنجي قسمت تي روئي کلي ڏنم.

* * * *

پاڻ کي پاڻ کان ٿو دور رکي،

ڪنهن جو هيسايل آدمي آهي.

.... ... ... ...

ديدَ، دل، همدردي، سڪ ۽ دوستي،

وقت ڳرڪائي ويو آ پيارَ سَڀُ.

* * * *

منهنجي ئي قبيلي ۾ لڳو آ،

جو مون کي ڇرو هڻي ڀڳو آ.

... ... ... ...

منهنجي منهن تي ڏارون ناهن،

تنهنجو چشمو ڀڄي پيو آ.

... ... ... ...

ڪلهه جو ماڻهو جهڪيل جهڪيل هو،

اڄ جو ماڻهو ٽٽي پيو آ.

* * * *

آدمي سڀ چهرا چهرا ٿي پيا،

۽ هي چهرا، پردا پردا ٿي پيا.

... ... ... ...

جن به آئينو ٿيڻ ٿي چاهيو،

هاءِ، سي سڀ پرزا پرزا ٿي پيا.

* * * *

ڦرمار ڏسو، اڄ ڪڇو ڪينَ،

هي وقت ڏسو، اڄ ڪڇو ڪين.

 

جيڏانهن ڌڪي ٿو واءُ ڪمل،

بس هليا هلو، اڄ ڪڇو ڪين.

* * * *

گهوڙ گهمسان جو قصو آهيان،

اڄ جي هستيءَ جو هڪ حصو آهيان.

 

وقت ويراني جو ڏنو ٿم روپُ،

نه ته مان به باغ جوحصو آهيان.

 

ڇو نه چڙهندا مٽيءَ جا تهه مون تي،

انڌي جي گهر ۾ آئينو آهيان.

* * * *

مان ته ساڳئي ئي جاءِ تي آهيان،

لنگهه تنهنجا جدا ٿي ويا.

* * * *

هاءِ آهن ۾ ساهه ٻڏي ويو،

لهرن ۾ درياهه ٻڏي ويو.

 

پل پل اکڙيون ڀرجي آيون،

جيئڻ جو بس چاهه ٻڏي ويو.

* * * *

سرهي سرهي بات ڪري وڃ،

عطر عطر اڄ رات ڪري وڃ.

 

آسائتي جي اَڄُ آس پڄي،

رات رهي، پرڀات ڪري وڃ.

* * * *

نه اورانگهي آهن، ڪڏهن حد چپن جي،

ڪناري تي طوفان بيٺا ڏٺاسين.

* * * *

بي صدا رات جي ڪو تارو ٽٽو،

ائن لڳو ڄڻ تو پڪاريو مون کي.

* * * *

ٻڏندڙَ سِجَ پهرئين تاري،

تنهنجا نياپا مون کي ڏنا هئا.

 

اوچتو تنهنجي گهر آيو هوس،

مرڪن جا ڪي ڍير لڳا هئا.

 

يادن جي برسات پئي هئي،

ٽهڪن جا گل ٽڙي پيا هئا.

 

ننڊَ جي مِکرَ سان اسان ٻنهي،

اکڙين جا دَرَ بند ڪيا هئا.

 

توکان جڏهن مون وقت پڇيو هو،

تنهنجي اکين پَلَ ڄمي ويا هئا.

ويل وڃڻ جا بادل آيا،

نيڻ ٻنهي جا ڀڄي پيا هئا.

* * * *

ايم. ڪمل جي ڪتاب ملڻ جي ايڊريس هيءَ  آهي:

ويڻا پبليڪشنس، جي ـــ 2 راجيو اپارٽمينٽ، گول ميدان، الهاس نگر، 421001.


 

علي آڪاش                                    [تبصرو]

 

سنڌ ـــ اتهاس جي آرسيءَ ۾

 

ڪتاب: ”سنڌ ـــ اتهاس جي آرسيءَ ۾“

سنڌيءَ ۾ سهيڙيندڙ: پروفيسر اعجاز قريشي

ڪتاب جو اصل عنوان: ”سنڌ آبزروڊ: سليڪشنس فرام دي جرنل آف سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي“

انگريزيءَ ۾ سهيڙيندڙ: ڊاڪٽر مبارڪ علي

موضوع: تاريخ

ڇپائيندڙ: فڪشن هائوس ـــ لاهور

قيمت: 100 رپيا

صفحا: 173

هن ڪتاب ۾ 6 مضمون آهن، جيڪي سمورا ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جا سهيڙيل ۽ لکيل آهن. هي چار مضمون “Sindh Observed: Selections from The Journal of Sindh Historical Society” تان ورتل آهن. اُنهن ۾:

(1) سپت سنڌو رگ ويد ۾، Sapat Sindhu in Rig veda,

(2) قديم هندستان، خاص طور سنڌ ۽ پنجاب ۾ ايراني، The Iranians in Ancient, India, Especially in Sindh and the Punjab.

(3) سنڌي ۾ برطانوي تاريخ جا ٻه عظيم موقعا Two Great Occasions in British History in, Sindh, By: C.l. Mariwalla,

(4) سنڌ ۾ ٻوليءَ جي تاريخي ترقي Historical Development of Educations in Sindh. By: Miss Sarla. J Narisan.

انهن مضمونن کي سنڌي ويس ترتيبوار پروفيسر اعجاز قريشي، شهنيلا انصاري، امداد سيلرو ۽ شازينه انصاري اوڍايو آهي.

هن ڪتاب ۾ موجود مضمون جن عالمن، ماهرن ۽ محققن جا لکيل آهن، اُهي پنهنجي زماني جي جيد عالم، فاضل، سُرتوند، ساڃاهه ڀريا ۽ بيلوث خدمتون ڪرڻ وارا اسڪالر هئا. اُنهن سواءِ ڪنهن رنگ نسل ۽ ذات پات جي فرق جي، فقط علم، ڏاهپ، ادب ۽ تعليم تي ئي ڌيان ڏنو. اُنهن جي لاءِ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي جهڙو تحقيقي پورهيو ڪندڙ پليٽ فارم موجود هو. اڄ اسين جڏهن سنڌ جي تاريخ تي ڳالهايون ٿا يا اُن کي پڙهون ٿا ته اسان کي اِها شديد گهرج محسوس ٿئي ٿي ته سنڌ جي تاريخ ۾ وڏي حد تائين درستين جي ضرورت آهي. دنيا جي ٻين تاريخن جيان سنڌ جي تاريخ به بادشاهن، اميرن، وزيرن ۽ سپهه سالارن جي تاريخ آهي. اُن ۾ به فقط جنگين ۾ کٽڻ ۽ هارائڻ جا قصا ملن ٿا. اڄ جڏهن ڪوبه تاريخ جو شاگرد سنڌ جي تاريخ جو ڪتاب هٿن ۾ کڻي ويهي ٿو ته کيس سمجهڻ ۽ حقيقت پرکڻ ۾ ڪافي ڏکيائون اچن ٿيون، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي تاريخ مسخ ٿيل حقيقتن جي تاريخ آهي.

پروفيسر اعجاز قريشيءَ، ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو ڪتاب سنڌيءَ ۾ پيش ڪيو آهي، جو تاريخ کي سمجهڻ ۾ اسان جي مدد ڪري ٿو.

ڪتاب جي پهرئين مضمون ”سپت سنڌو، رگ ويد ۾“ ۾ سنڌو درياهه ۽ اُن جي سهڪاري درياهن بابت هندستان جي قديم تاريخ جي اهم دستاويز رگ ويد کي بنياد بنائي ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. هيءُ مضمون هند ۽ سنڌ پرڳڻن جي پراڻي جاگرافي کان سواءِ اُتان جي درياهن بابت تفصيلي ڄاڻ ميسر ڪري ٿو. هن مضمون جو مرڪز سنڌو درياهه کي ئي بنايو ويو آهي ته جهوني زماني ۾ سنڌو درياهه کي مختلف قومن ۽ ماڻهن ڪهڙي ڪهڙي نالي سان سڏيو ۽ سڃاتو. انڪري هيءَ مضمون سنڌو درياهه جي اوائلي وهڪرن بابت هڪ اهم مضمون آهي ۽ اُن کانسواءِ اِهو به ته هيءُ مضمون پڙهي اسين اهو محسوس ڪريون ٿا ته سنڌو درياهه اُن وقت ڪيڏي نه اوج ۽ موج تي هو!

ڪتاب جي ٻئي مضمون ”قديم هندستان، خاص طور سنڌ ۽ پنجاب ۾ ايراني“ ۾ هندستان ۾ قديم ايرانين جي اچ وڃ بابت انتهائي ڪارائتي ڄاڻ ميها ڪئي ويئي آهي. اُن ڄاڻ کي بنياد بنائي ايران ۽ هندستان جي تهذيبن ۽ مماثلت ۽ هڪجهڙائي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. هندستان ۽ ايران جي ماڻهن جي هڪجهڙين عادتن، اُٿڻ ويهڻ ۽ کائڻ پيئڻ تي مناسب بحث ڪيو ويو آهي. ان جي ڪري هيءُ مضمون اسان کي سنڌ پنجاب ۽ ايران جي وچ ۾ واپاري، تهذيبي، سماجي ۽ برادرانه لاڳاپن کي سمجهڻ ۾ ڪافي مددگار ٿئي ٿو.

ڪتاب جو ٽيون مضمون ”انگريز دؤر ۾ هڪ جهاتي“ آهي، جنهن ۾ انگريز دؤر ۾ سنڌ ۾ رونما ٿيل ٻن واقعن جي نشاندهي ڪئي ويئي آهي. پهريون: سنڌ ۾ ريلوي نظام قائم ٿيڻ ۽ ٻيو: سيٺ نائون مل کي ”اسٽاف آف انڊيا“ قرار ڏيڻ واري تقريب. جنهن کي پڙهي محسوس ٿئي ٿو ته ڪيئن نه انگريزن پنهنجن مفادن کي اڳيان لکي مختلف ماڻهن کي مختلف اعزاز ۽ القاب ڏنا ۽ جاگيرون ۽ زمينون ارپيون.

هيءُ مضمون پنهنجي مواد ۽ موضوع جي لحاظ کان نهايت ئي اهم آهي، جنهن مان اسان کي اهو معلوم ٿئي ٿو ته انگريزن هتي پنهنجي راڄ کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙيون ڪوششون ورتيون ۽ اُنهن ماڻهن جون دليون کٽڻ جي لاءِ ڪهڙا ڪهڙا اُپاءُ ورتا. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سنڌ ۾ريلوي جو نظام اچ وڃ جي لاءِ اُن وقت انتهائي انقلابي قدم هو، ڇاڪاڻ ته تنهن زماني ۾ سنڌ ۾ وهٽن تي سواري ڪئي ويندي هئي، جيتوڻيڪ انگريزن جي اهڙي سهوليت ڏيڻ سان سنڌ جي واپار، معاش ۽ معاشرت ۾ ڪافي سڌارو آيو ته ٻئي پاسي اِها به حقيقت آهي ته اهڙو نظام ڏيڻ سان انگريزن کي سنڌ ۾ راڄ ڪرڻ ۾ ڪافي آساني ٿي.

انگريزن جي اهڙي رويي جو ڀوڳڻ سنڌ اڃا ڀوڳي رهي آهي، ۽ اسين اهو سواءِ هٻڪ جي چئي سگهون ٿا ته انگريز دؤر ۾ حڪمرانن سنڌ ۾ جاگيردارنه نظام کي تمام وڏي هٿي ڏني.

هن ڪتاب ۾ موجود چوٿون مضمون ”سنڌ ۾ ٻوليءَ جي تاريخي ترقي“ مس سرلا. جي. نريسان جو لکيل آهي، جنهن ۾ لائق ليکڪا سنڌ ۾ تعليم جو تاريخي جائزو وٺندي اِهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌ جي مختلف ننڍن وڏن شهرن توڻي ٻهراڙين ۾ ڪهڙا ۽ ڪيترا اسڪول موجود هئا ۽ ان وقت ۾ تعليم ڪيئن ڏني ويندي هئي. ان کان سواءِ هن مضمون ۾ سنڌ ۾ تعليم جي اوسر ۽ ترقيءَ جي سببن کان سواءِ سنڌين جي تعليم ۾ پوئتي رهڻ جا سبب به ٻڌايا ويا آهن، جنهن ۾ لائق ليکڪا جاگيردارانه نظام ۾ عورتن کي تعليم نه ڏيارڻ جا بنيادي سبب ٻڌايا آهن.

هن ڪتاب جو پنجون مضمون سنڌ جي فتح ”فتُه البلدان“ بلاذري جو لکيل آهي، اِهو مضمون پڙهندي اسان کي اها ڄاڻ پوي ٿي ته فاتحن جا تاريخدان ڪهڙي نموني سان تاريخ لکندا آهن ۽ اُهي پنهنجن سورمن، سپهه سالارن، سپاهين ۽ حڪمرانن جا ڳڻ ڪيئن ڳائيندا آهن!

هونئن ته هن ڪتاب ۾ شامل مڙئي مضمون پنهنجي پنهنجي تاريخي افاديت ۽ اهميت جي ڪري اهم آهن، پر تاريخ کي سمجهڻ جي سلسلي ۾ هيءَ پويون مضمون پنهنجي الڳ ۽ منفرد حيثيت جتائيندو نظر اچي ٿو. هن مضمون ۾ ”تاريخ ڇا آهي“ واري نقطي کي بنياد بنائي سڄي دنيا جي مشهور تاريخدانن ۽ فلسفين جي راين، تصورن ۽ نظرين کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ويو آهي، انڪري اسين جڏهن هيءُ مضمون پڙهون ٿا ته هڪ طرف ڪيترن ئي هنڌن تي اسين ڪيترن ئي راين سهمت ٿيو ٿا وڃون ته ٻئي طرف اڳتي هلي وري ٻئي تصور يا سوچ جي اڳيان رکي اُن کي رد ڪري ٿا ڇڏيون. ائين پڙهندڙ هن مضمون سان گڏ هلندي پنهنجي پاڻ کي تاريخ جي سلسلي ۾ چٽو ۽ صاف ڪندو هلي ٿو.

مجموعي طور تي اهو چئجي ته سنڌ جي تاريخ بابت پروفيسر اعجاز قريشيءَ جو سهيڙيل هيءُ ڪتاب اسان کي سنڌ تاريخ جي آرسيءَ جا ڪيترائي عڪس ڏيکاري ٿو، جيڪي اسان جي لاءِ بنهه نوان ۽ تازا آهن.

* * * *

 

شهنيلا انصاري                                 [تبصرو]

 

هي جي واڪا واءَ ۾

 

در کڙڪيو. همراهه در کوليو، ته سامهون هڪڙي اجنبي شخص، هٿ ۾ هڪ سرڪاري فرمان کنيو بيٺو هو. اجنبي شخص همراهه کي چيو ”هن سرڪاري فرمان موجب آئون تنهنجو مالڪ آهيان. تون منهنجي هر حڪم جو پابند آهين. مان هاڻي هتي ئي رهندس ۽ تون منهنجي خدمت ڪندين ۽ هر حڪم مڃيندين.“

اهو چئي اجنبي شخص ان همراهه جي گهر ۾ داخل ٿيو. اهو همراهه، لڳاتار ڪيترائي سال انهيءَ شخص جو ذلت آميز رويو سهندو ۽ هن اجنبيءَ جي خدمت ڪندو رهيو. کيس ماني ۽ شراب فراهم ڪندو رهيو. سمهڻ مهل زور ڏيندو رهيو، ڪڏهن به هن جي ڪنهن به حڪم کان انڪار نه ڪيائين. آخر گهڻي کائڻ پيئڻ ڪري، اهو اجنبي شخص بيمار ٿي پيو ۽ آخر مري ويو.

همراهه انهيءَ اجنبي شخص جي لاش کي نفرت ۽ حقارت وچان هڪڙي پراڻي ميري ڦاٽل ڪمبل ۾ ويڙهيو ۽ وڃي درياهه ۾ اڇلايائين ۽ زور سان چيائين “No!”.

جرمنيءَ جي ڏاهي برٽالٽ بريخت جي اها ڪهاڻي هڪ لمحي لاءِ مون کي سنڌ جي حالتن سان ٺهڪندڙ لڳي ٿي. پر، ٻئي لمحي ۾ سوچان ٿي ته، ’نه اڃا ڪي آهين، ڪلجڳ ۾ ڪاپڙي‘. سنڌ گدڙن ڪانه کاڌي آهي. سنڌ وطن دوست، روشن خيال، مڻيادار ۽ مهان ماڻهن کي جنم ڏنو آهي، جن جا خواب خواهشون، امنگون، پيار محبت ۽ عشق پنهنجي وطن جي مٽيءَ، ٻوليءَ ڏُتڙيل مارُن لاءِ آهن. هنن لاءِ سڀني سماجي گناهن ۽ ڪٽرپڻي سان مهاڏو اٽڪايو آهي.

پروفيسر قريشي جي تازو شايع ڪتاب ”هي جي واڪا واءَ ۾“ جو مهورت حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ٿيو هو. مون به انهيءَ تقريب ۾ شرڪت ڪئي هئي. تقريب ختم ٿيڻ کان پوءِ اعجاز صاحب مون کي ڪتاب جي هڪڙي ڪاپي تحفي طور ڏني هئي. گهر پهچڻ کان پوءِ ڪتاب کولي ڏٺم، ته ڏسان ته ڪهڙا ڪهڙا مضمون آهن. ٽائيٽل پڙهي، دل چيو ته ڪجهه پڙهان ۽ ائين مان هي ڪتاب پڙهندي رهيس.

اعجاز صاحب جي تحريرن ۾ مون کي انهن ئي محب وطن ماڻهن جو عڪس نظر آيو، جن سان سنڌ جو روشن مستقبل وابسته آهي آهي. هاڻي ته مون سندس ڪتاب کي ورائي ورائي غور سان پڙهيو آهي. هن مختصر تبصري ۾ ان جو حق ادا ڪري نٿي سگهان. پر، ڪن مکيه ڳالهين ڏانهن اشارو ڪريان ٿي.

ڪتاب جو پهريون مضمون ”سنڌي ٻولي: ماضي، حال ۽ مستقبل“ آهي. هن مضمون ۾ پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ سائنٽيفڪ انداز ۾ بيان ڪئي اٿن ۽ پر آئينده ٻوليءَ جي واڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ تجويزون پڻ پيش ڪيون اٿن. موجوده دؤر ۾ ٻولي رڳو رابطي جو ذريعو نه آهي پر قوم جي سڃاڻپ جو ذريعو پڻ آهي. قومن جي بقا سندن ٻوليءَ جي بقا سان لاڳاپيل آهي. جيڪڏهن ٻولي زنده رهندي ته قوم به زنده رهندي.ادب به سرجندو ۽ ترقي ڪندو، جيڪو قومي تاڃي پيٽي جوڙڻ ۾قومي جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي حياتي ۽ ترقي سنڌي قوم جي جياپي ۽ مان مرتبي سان ڳنڍيل آهي. سنڌي ٻولي سنڌ جي زندگي ۽ قومي عزت جو اهڃاڻ آهي.

ڪتاب جو ٻيو مضمون پڻ تمام گهڻو اهم آهي،”ڪالاباغ ڊئم ۽ فني اعتراض“. ڪالاباغ ڊئم بابت سنڌ ۾ ڪي به ٻه رايا نه آهن، پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪالاباغ ڊئم جو مقدمو انگن اکرن ۾ مضبوط بنياد تي وڙهيو وڃي. قريشي صاحب هن مضمون جي شروعات ۾ 1850ع کان 1920ع تائين پنجاب ۽ سنڌ ۾ آباد ٿيندڙ زمين جو وچور ايڪڙن ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن سان پاڻيءَ جي صورتحال صحيح ٿئي ٿي.

ڪتاب جو اڳيون مضمون ”ون يونٽ“ ۽ سنڌ جي ويجهڙائي واري تاريخ آهي. حڪمرانن جو دليل هو ته ون يونٽ ”قومي مفاد“ ۾ آهي. انڪري ون يونٽ جي مخالفت معنيٰ پاڪستان جي مخالفت غلام محمد سرڪار انهيءَ قومي مفاد جي تڪميل لاءِ ٽن صوبن جي وڏن وزيرن کي برطرف ڪيو. ون يونٽ خلاف جنهن ڳالهايو. سو، پاڪستان جو غدار ٿيو. ڪيترائي نامور اڳواڻ ملڪ دشمني، غداري ۽ بغاوتن جي تهمتن سان جيل ويا. هنن وطن سان محبت خاطر مشڪلاتون سٺيون پر آخرڪار وقت اهو ثابت ڪيو ته ون يونٽ غلط قدم هو.

سنڌ جي قانون ساز اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيل ون يونٽ ٺهراءَ جو متن پڻ ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي ۽ ون يونٽ جي فائدي ۽ مخالفت ۾ ڪيل ڪجهه تقريرون پڻ شامل ڪيون ويون آهن، جن ۾ مسٽر سيرومل ڪرپالداس، غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي، محترم پير الاهي بخش جون تقريرون پڙهڻ وٽان آهن. ساڳئي وقت پير علي محمد راشدي جي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪيل تقرير ۾ سندس قول ۽ فعل جي تضاد جو هميشہ لاءِ قائم رهڻ وارو آئينو آهي.

اڳيان هلي ”جناب محمد نواز شريف ڏانهن هڪ خط“ آهي، جنهن ۾ نواز شريف دؤر دؤران سنڌ جي سياسي، زرعي، صنعتي، ترقياتي، انتظامي، تعليمي، معاشي ۽ معاشرتي حالتن بابت سور پٽيا ويا آهن. اڪثر اها شڪايت ڪئي ويندي آهي ته اسان وٽ اهڙو ڪو به رائيٽر موجود نه آهي، جيڪو سنڌ جي موجوده تاريخ لکي. پر مان سمجهان ٿي ته هي ڪتاب اڄ جي تاريخ بابت ڪي پوائنٽس Key Points فراهم ڪندو.

”گڏيل چونڊ سرشتو بهتر حڪمراني جو حصو آهي“ ڪتاب جو اڳيون مضمون. هي 28 جولاءِ 2000ع تي اداره امن انصاف طرفان حيدرآباد طرفان گڏيل چونڊجي سرشتي جي عنوان سان ڪرايل سيمينار ۾ ڪيل تقرير جو مڪمل متن آهي. هن تقرير کي پڙهڻ کان پوءِ احساس ٿئي ٿو ته مصنف معاشيات جو بهترين استاد ۽سنڌ جي مسئلن لاءِ دردمند دل رکندڙ آهي.

”سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ واري بگڙيل صورتحال“ ۽ ”سنڌ ۾ زرعي بحران جا ڪارڻ“ هي ٻئي مضمون به سنڌ جي مسئلن ۾ اهم جڳهه والارين ٿا. هنن مضمونن ۾ سنڌ ۾ پاڻيءَ جي ڌاڙي زراعت جي بدانتظامي، سم ۽ ڪلر جو ذڪر تفصيل سان آهي. سچ پچ ته سنڌ جا سڀ مسئلا هڪ پاسي پاڻي ته اسان لاءِ موت ۽ حيات جو مسئلو آهي.

اڳيون مضمون ”خودڪشي: سنڌي سماج جو هڪ الميو“ آهي. اسان وٽ خودڪشين جي وڌندڙ رجحان کي اڪثر ڪري ذهني پريشاني جو ڪارڻ چئي ڳالهه ختم ڪئي ويندي آهي. پر، هن مضمون ۾ رڳو حوالا ڏيڻ بدران سنڌي معاشري جي موجوده حالتن کي اڳيان رکندي خودڪشي جي سببن ۽ ڪارڻن تي سائنٽيفڪ انداز ۾ بحث ملي ٿو ۽ انهيءَ برائيءَ جي سدباب لاءِ تجويزون ملن ٿيون. بلاشبه هن مضمون کي اعليٰ پايه جو تحقيقي مضمون ڪوٺي سگهجي ٿو، جيڪو سماجي سائنسدانن لاءِ نين راهن جا ڏس ڏئي ٿو.

هن مضمون ۾ ڪراچيءَ جي علحدگي، ٻولي، صوبائي خودمختياري، ون يونٽ، زمينون، نوڪريون، پاڻي، جو مسئلو، ڪالاباغ ڊئم، قدرتي وسيلا، لوڌ ۽ لڏپلاڻ ۽ ترقياتي اسڪيمن تي ترتيبوار انگن اکرن سان بحث ڪيو ويو آهي ۽ سنڌي سماج جي ناراضگيءَ جا سبب سهڻي نموني بيان ڪيا ويا آهن.

1857ع جي جنگ آزاديءَ کان پوءِ سر سيد احمد خان هڪڙو ڪتاب لکيو هو ”رساله اسباب بغاوت هند“ جنهن ۾ هن جنگ آزاديءَ جي سڄي ذميواري انگريزن مٿان مڙهي هئي ۽ کين جنگ لڳڻ جا سبب تفصيل وارا ٻڌايا هئا ۽ انهيءَ ڪتاب جي بنياد تي ئي مسٽر هيوم انڊين نيشنل ڪانگريس جو بنياد رکيو هو. اعجاز قريشي صاحب به هڪ طرح سان تاريخي حقيقتن جي روشنيءَ ۾ آئينو ڏيکاريو آهي ته سنڌي سماج ۾ ڇاجي ڪري ڏينهون ڏينهن غم ۽ غصو وڌي رهيو آهي.

ايڇ ٽي لئمبرڪ پنهنجي ڪتاب Terrorist جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته ”حرن خلاف ڪاررواين جي ڊگهي سلسلي دؤران مان سنڌين جي بي انتها بهادري جي واقعن کان متاثر تي سندن انفرادي ۽ اجتماعي طور تمام گهڻي عزت ڪندو هئس. ان جو ڪارڻ اهو هو ته هو ناقابل شڪست سگهه ۽ سهپ جا ڌڻي هئا. هو پنهنجي گوريلا ڪاررواين ۾ بي انتها سفاڪ ۽ بي رحم به هئا ۽ پنهنجي مقصد خاطر ساهه کي صدقي ڪرڻ لاءِ باهه جي آڙاهه ۾ اکيون ٻوٽي ڪاهي پوندا هئا. هو جيڪو ڪجهه هئا نهايت کرا سچا، ارڏا ۽ اڏول هئا.“

”ڇا سرزمين سنڌ ڪاري آهي“ اڄ جي ٻرندڙ مسئلي ڪارو ڪاري بابت آهي. جنهن ۾ نه رڳو ان مسئلي کي تفصيل سان اجاگر ڪيو ويو آهي. پر سدباب لاءِ سفارشون پڻ پيش ڪيون ويون آهن.

”20 مئي جڏهن گهاتو گهر نه آيا“ مذڪوره جو آخري مضمون جيڪو 20 مئي 1999ع تي آيل طوفان ۽ سرڪار جي بي حسيءَ جي چٽي تصوير آهي. مون کي خبر نه آهي ته هي مضمون هن ڪتاب جي آخر ۾ ڇو رکيو ويو آهي. پر هن مضمون پڙهڻ کان پوءِ قاريءَ جي همٿ جواب ڏئي ٿي وڃي ۽ هو ذهني طرح ڪجهه به وڌيڪ پڙهڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. شايد، ان سبب ڪري ئي هي مضمون ڪتاب جو آخري مضمون رکيو ويو آهي.

آءٌ سمجهان ٿي ته هن ڪتاب جو اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو لازمي آهي، ته جيئن اسان پنهنجو آواز سنڌ کان ٻاهر به پهچائي سگهون. بيشڪ هن ڪتاب ۾ سنڌ جا سڀ ناسور بيان ٿيل آهن، جن جي ڪري ئي سنڌ لڇي، تڙپي ۽ واڪا ڪري ٿي.

 

 

خط ۽ پيغام

[جسٽس سيد ديدار علي شاهه ۽ جسٽس راڻا ڀڳوانداس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جا جج آهن. کين علم ۽ ادب سان گهري دلچسپي آهي. مسٽر غلام رباني آگرو، گذريل دفعي جڏهن اسلام آباد ليڪچر ڏيڻ ويو هو، تڏهن ٻئي ڄڻا نه فقط سندس ليڪچر ٻڌڻ آيا، پر، ٻئي ڏينهن اسلام آباد ڪلب ۾، سندس مانَ ۾، پُرتڪلف ”لنچ“ ڏنائون، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جا الاهي جج شريڪ ٿيا.

هنن ٻنهي صاحبن آگري صاحب جي چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن ٿيڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي،کيس قربائتا خط لکيا آهن، جي اداري جي ڀلائيءَ ۽ بهبوديءَ ۾ سندن دلچسپيءَ جو ثبوت آهن. ـــ ادارو]


[1] . تازو، پاڪستان جي اخبارن ۾ خبر آئي ته مشهور هندستاني هندو اديب،گوبي چند نارنگ کي، پاڪستان جي ممتاز سائنسدان، ڊاڪٽر عبدالقدير کان انعام ڏياريو ويندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com