سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: ڊي.جي.ڪاليج ڪراچيءَ جون تعليمي ۽ ادبي سرگرميون

 

صفحو:9  

ڊي.جي. ڪاليج  لٽرري اينڊ ڊبيٽنگ سوسائٽي

 

        سنڌ جي تاريخ ۾ هي واحد ڪاليج آهي، جنهن عالمن، اديبن، سائنسدانن، ڊاڪٽرن، سياستدانن سان گڏ، ان دؤر ۾ آءِ.سي.ايس. آفيسر پيدا ڪيا ۽ ٻين شعبن جا ڪامياب انسان ٿيا. انهن شاگردن جي ڪاميابيءَ ۾ هن ڪاليج  جي علمي ۽ ادبي سوسائٽين جو تمام وڏو ڪردار هو.  هن ڪاليج جا استاد انتهائي قابل ۽ پڙهيل ڳڙهيل هوندا هئا.  هو جديد علمن سان گڏ غير نصابي سرگرمين جي اهميت کان به واقف هئا. اهو ئي سبب آهي ته هنن  استادن ۽ شاگردن تي مبني علمي، ادبي ۽ سماجي جماعتون ۽ سوسائٽيون قائم ڪري، سنڌ جي ماحول ۾ هڪ نئين روايت جو بنياد وڌو. پرنسيپل جيڪسن جي دؤر ۾ پروفيسر پادشاهه جي دلچسپيءَ سبب، ڪاليج ۾ ٽي سوسائٽيون: ريڊنگ روم سوسائٽي‘، ’جيمخانه سوسائٽي‘ ۽ ’لٽرري ۽ ڊبيٽنگ سوسائٽي قائم ٿيون. انهن سوسائٽين اڳتي هلي راندين سان گڏ سنڌي ادب، ثقافت ۽ ڊرامي جي حوالي سان انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو. ڪاليج جي شاگردن کي تعليم سان گڏ ادبي اظهار لاءِ به سازگار ماحول مهيا ڪيو ويو.(1)

جيمخانه سوسائٽي

       جيم خانه سوسائٽي شاگردن ۽ استادن جي گڏيل سهڪار سان هلندي هئي، جنهن ۾ خاص طور تي ڪرڪيٽ ۽ ٽينس راندين جي سکيا ۽ مقابلا ڪرايا ويندا هئا.

ريڊنگ روم سوسائٽي

        ريڊنگ روم سوسائٽي تحت شاگردن کي پڙهڻ جي عادت تي زور ڏنو ويندو هو ۽ خاص طور تي ريسرچ پيپر ۽ ميگزين پڙهڻ لاءِ ڏنا ويندا هئا. جن کي پڙهي، هو انچارج استادن جي سامهون بحث مباحثا ڪندا هئا. هن سوسائٽيءَ جون سرگرميون لارڊ ري لائبريريءَ ۾ منعقد ڪيون وينديون هيون.

لٽرري اينڊ ڊبيٽنگ سوسائٽي

        ڊي.جي. سنڌ ڪاليج جي شاگردن جو ادب ۽ تقريري مقابلن ۾ چاهه وڌائڻ لاءِ 1909ع ۾ ڊي .جي. ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن پاران ’ڊي.جي. سنڌ ڪاليج لٽرري اينڊ ڊبيٽنگ سوسائٽي‘ قائم ڪئي وئي. سوسائٽيءَ جو مقصد شاگردن ۾ ادبي ذوق پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي لکڻ، پڙهڻ ۽ تقرير جي فن کان واقف ڪرائڻ هو. اڳتي هلي، انهن شاگردن سياست ۽ ادب ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو. هن سوسائٽيءَ طرفان هفتيوار گڏجاڻيون ٿينديون هيون ۽ علمي ادبي بحث ڪرايا ويندا هئا.(2)

          هيءَ سوسائٽي، پوري صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم سمجهي ويندي هئي، ڇو ته سوسائٽيءَ جي تعاون سان صوبائي سطح جا ليڪچر ۽ بحث ڪرايا ويندا هئا.  ان دؤر ۾، فلم، ڊرامي ۽ اسٽيج جي دنيا، سنڌ جي ماڻھن لاءِ هڪ قسم جو نئون تجربو هو. ان حوالي سان هيءَ سوسائٽي، سنڌي ادب ۾ نوان موضوع ۽ تجربا کڻي آئي. سوسائٽيءَ جو صدر ڪاليج جو ڪو پروفيسر هوندو هو ۽ سيڪريٽري ڪنهن  به شاگرد کي مقرر ڪيو ويندو هو. سوسائٽيءَ جي ليڪچرن ۽ بحثن ۾ هزارين ماڻهو حصو وٺندا هئا. سوسائٽيءَ طرفان مقابلن لاءِ هڪ هزار رقم تي مبني Students’ Quarters Fund قائم ٿيل هو.(3) هيءَ پهرين ادبي جماعت هئي، جنهن جي ڪاررواين جا تفصيل انهن ڏينهن جي اخبارن ۾ شايع ٿيندا هئا.

        هن سوسائٽيءَ ڪيترن ئي موضوعن تي شاندار بحث ۽ ليڪچر ڪرايا. جن ڏينهن ۾ سوسائٽيءَ  طرفان ائني بيسنت ڪپ ڊبيٽ ۽ ڊورٿي جيتندرا داس ڪپ ڊبيٽ ڪرائي هئي، ان ۾ ڪاليج جي شاگردن جي وڏي انگ سميت ٻاهرين شاگردن به حصو ورتو هو. هن سوسائٽيءَ  پاران ڪرايل ڪجهه ليڪچر هن ريت آهن:

·       سنڌ ڪاليج ڊبيٽنگ اينڊ لٽرري سوسائٽيءَ طرفان 4 آگسٽ 1909ع تي ليڪچر جو اهتمام ڪيو ويو. جنهن ۾ ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر مسٽر ويب  سير و سفر جي موضوع تي ليڪچر ڏنو .

·       سوسائٽيءَ طرفان 17 آگسٽ  1909ع ليڪچر جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ پروفيسر ايف.لڊلو اهي بيماريون جيڪي قوم لاءِ هاڃيڪار آهن، جي موضوع تي ليڪچر ڏنو.

·       2  ڊسمبر تي اِي.ايم.پريٽ، سنڌ جي جوڊيشل ڪمشنر  ‘Ethics of War’  تي ليڪچر ڏنو.

·       9 ڊسمبر 1916ع تي، ڊاڪٽر  جي. فزگارلينڊ، هندستان جا نوجوان جي موضوع تي ليڪچر ڏنو.

·       16 ڊسمبر 1916ع تي، فادر بروسون، The Nature of Beauty  جي موضوع تي ليڪچر ڏنو.

·       16 ڊسمبر 1920ع تي سوسائٽي جي اهتمام سان مرزا قليچ بيگ مسلم تاريخ جو هڪ ڳجهو سانحو جي موضوع تي ليڪچر ڏنو، جنهن ۾ هن ڪربلا جي واقعي تي روشني وڌي، سندس ليڪچر ڪاليجي استادن ۽ شاگردن جي اڪثريت ٻڌو.

·       15 جنوري 1921ع تي  ليڪچر جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ صاحب سنگهه شهاڻيءَ خيال ۽ آدرش جي موضوع تي ليڪچر ڏنو.

·       22 جنوري 1921ع تي صاحب سنگهه شهاڻيءَ ٽئگور جي شاعريءَ‘ تي ليڪچر ڏنو.

·       27 جنوري 1921ع تي پروفيسر ڊبليو يو نڪولس راندين جو ڪردار تي اثر جي موضوع تي ليڪچر ڏنو.(4)

·         5 فيبروري 1923ع تي ڊاڪٽر جي.ٽي.رينچ عورتون سياست ۾ حصو وٺن يا نه وٺن جي موضوع تي ليڪچر ڏنو. جنهن  ۾ هن جو چوڻ ته عورتون سياست ۾ حصو نه وٺن. ڊاڪٽر جي. ٽي رينچ جي موضوع تي مباحثو ٿيو، بحث جي آخر ۾ ووٽنگ ڪرائي وئي، جنهن ۾  150 ووٽ عورت عورت سياست ۾ حصو وٺڻ تي پيا ۽ 35 ووٽ حق ۾ نه مليا.

·       4 آگسٽ 1928ع تي مسٽر اي.ٽي. گدواڻيءَ ڪاليداس تي ليڪچر ڏنو.

·       4 آڪٽوبر 1928ع تي پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ رابندر ناٿ ٽئگور  بابت ليڪچر ڏنو.

·       4 نومبر 1928ع تي، پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ ڪجهه نئون ڪري ڏيکارجي جي موضوع تي ليکڪچر ڏنو.

·       9  فيبروري 1930ع تي، پروفيسر ائنڊرين ڊيوئارٽ George Guinevere Knight of the Air’ تي ليڪچر ڏنو“.(5)

·       16 جولاءِ 1946ع تي پي.ڊبليو. ڊي.جي. وزير خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي صدارت هيٺ ڪاليج ۾ شيخ عبد المجيد سنڌيءَ، ماليات جي سابق وزير سنڌ جي سياست جي موضوع تي ليڪچر ڏنو.

        لٽرري اينڊ ڊبيٽنگ سوسائٽي جي ليڪچرن جي لسٽ تمام وڏي آهي،  جيڪا هن وقت اڻلڀ آهي. سوسائٽيءَ طرفان جيڪي ليڪچر ٿيندا هئا، انهن ۾ انگريزي ۽ سنڌي ٻئي زبانون استعمال ٿينديون هيون، پر انگريزيءَ تي وڌيڪ زور هوندو هو. هن سوسائٽيءَ جي هلائڻ وارن ۾ شروع ۾ پروفيسر پادشاه، بعد ۾ ان سوسائٽيءَ ۾ ٽي.ايل.واسواڻي، ايس.سي. شهاڻي، پروفيسر ايل.ايڇ.اجواڻي، پروفيسر ائنڊرين ڊيوئارٽ، آخوند نجم الدين ۽ ڪي ٻيا هئا. ڪجهه وقت کان پوءِ سوسائٽيءَ جو هيڊ ڪوارٽر حيدرآباد مقرر ڪيو ويو، جنهن جي ڪري هيءَ سوسائٽي ڊي.جي. ڪاليج مان پنھنجو اثر وڃائڻ لڳي.

        پاڪستان جي قيام کان پوءِ، خاص طور تي 1956ع کان پوءِ، ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ کي هڪ دفعو ٻيهر سرگرم ڪيو ويو ۽ 1970ع واري ڏهاڪي تائين، هن سوسائٽيءَ پاڪستان سطح تائين تمام وڏا مقابلا ڪرايا، جنهن ۾ شاگردن جي حوصله افزائيءَ سان گڏ اعتماد ۽ ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو هو.

 

حوالا:

1.   مختيار احمد ملاح: ”اڻويهين صديءَ ۾ سنڌ جي تعليم جي ترقي“، سنڌ آرڪائيوز، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2019، ص 160، 161

2.  گل حسن ڪلمتي: ”ڪراچي سنڌ جي مارئي“ ، نئون نياپو، اڪيڊمي، ڪراچي (ٻيو ڇاپو)، 2014ع، ص 349

3.     Prof. L.H. Ajwani: “The Golden Jubilee of the Dayaram Jethmal Sind College, Karachi (1887-1937)”, The Educational Printing Press, Karachi, 1939, p. 129

4.  سنڌ جي تاريخ ۽ انگريزن جو قبضو سنڌي ماڻھن جون ڪوششون (مضمون)

http://sindhsuqleen.blogspot.com/p/blog-page.html)

5.  مختيار احمد ملاح: ”ادبي سوسائٽين جو سنڌي علم ۽  ادب جي ترقيءَ ۾ ڪردار“، ريکائون پبليڪيشن، ڪراچي، 2020ع، ص 250

 

سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي

ڊي.جي. ڪاليج جي ڪجهه پروفيسرن ۽ تاريخ ۽ ادب سان دلچسپي رکندڙ سندن هم خيال دوستن ارادو ڪيو ته سنڌ جي تاريخ، تهذيب، آرڪيالاجيءَ جي تحقيق جي سلسلي ۾ هڪ سوسائٽي قائم ڪجي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي تعليم کاتي، ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر  ۽ ٻين وس وارن سان رابطا ڪيا ويا. سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو بنياد  16 مئي 1927ع تي پيو، پر سوسائٽي مارچ 1934ع ۾ ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ حقيقي نموني سرگرم ٿي. جرنل جي پهرئين شماري ۾ سال 1934 دؤران هن تنظيم جي انتظامي ڪائونسل جي ميمبرن جي فهرست ڏني ويئي آهي. سوسائٽيءَ جو صدر, شاهه لطيف جي پارکو ۽  عالم,  ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ کي بڻايو ويو. عجب جي ڳالهه اها آهي ته ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ ۽  ڊاڪٽر ايڊرين ڊيوئارٽ  جو ڪوبه پيپر  سوسائٽيءَ جي جرنل ۾ شايع ٿيل نه آهي. بهرحال، مذڪوره انتظامي ڪائونسل هيٺين ريت هئي:

صدر : ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ايم.اي، پي. ايڇ. ڊي

نائب صدر:  اي ايم چنا

اعزازي سيڪريٽري: ڊاڪٽر ايڊرين ڊيوئارٽ ، ايم.اي.، پي ايڇ ڊي

اعزازي جوائنٽ سيڪريٽري: اي.بي. آڏواڻي، ايم.اي ، ايل.ايل.بي.

لائبررين: وي بي وياس، بي. اي.(1)

ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ اين.ايم. بليموريا سميت 7 ميمبر هئا. اعزازي آڊيٽر خانبهادر جمشيد جي.ايس.سيٺنا هو. ان کان علاوه سوسائٽي جا ٻه اعزازي ميمبر پي.آر.ڪاڊيل ۽ فادر ايڇ هيراس هئا. ان انتظامي ڪاميٽيءَ کان پوءِ هر سال جنرل باڊيءَ جي  اليڪشن جي نتيجي ۾ اها جُڙندي ۽ تبديل ٿيندي رهندي هئي.(2)

ميمبر ۽ عهديدار

        سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ جا ٽن قسمن جا ميمبر ھوندا ھئا. پھريون سرپرستھوندو ھو جيڪو سال ۾ 500 روپيا ڏيندو ھيو. اڪثر ڪري سنڌ جا گورنر انهيءَ سوسائٽيءَ جا سرپرست رھيا. ٻيو تاحيات ميمبر‘، جيڪي سال ۾ 100 روپيا ڏيندا هئا . ٽيون عام ميمبر‘ هوندا هئا، جيڪي سال تي 6 رپيا ڏيندا هئا.(3) ’هسٽاريڪل سوسائٽيءَ‘ جي سڀني  عھديدارن توڙي  ميمبرن جا نالا ڏيڻ ته مشڪل آھن، پر انهن منجهان ڪجهه نالا ھن ريت آھن: سر مانٽيگو ويب،سيد ميران محمد شاھه، مير بنده علي خان، فقير جي ڪائوسجي، اي.ايل.پرائيس، ڪي پناھ، سھراب ڪيٽرڪ، ڊاڪٽر ڊئارٽ، غلام رسول ڪيهر، حيدر بخش جتوئي، جي.ايم.سيد، حاتم علوي، بولچند راڄپال، ڀيرومل آڏواڻي، آسانند مامتورا، لالچند جڳتياڻي، سوڀراج نرملداس، روچيرام سڏاڻي، ڊاڪٽر دائودپوٽو وغيره.  مشھور ليکڪن کان سواءِ ڪراچيءَ، حيدرآباد، سکر ۽ شڪارپور جي ھاءِ اسڪولن جا ھيڊ ماستر ۽ ڪاليجن جا پرنسيپال انهيءَ سوسائٽيءَ جا ميمبر ھوندا ھئا. ھن سوسائٽيءَ کي سنڌ سرڪار جو تعليم کاتو 300 روپيه سالياني امداد ڏيندو ھيو، جيڪا آخر ۾ وڌائي 500 روپيه ڪئي وئي ھئي. ھن سوسائٽيءَ جو گڏيل ھندستان جي لرنيڊ باڊيز ۽ يونيورسٽيز سان واھپو ھوندو ھيو.

سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ جون گڏجاڻيون

        سوسائٽيءَ جي مختلف سالن ۾ جوڙيل ڪائونسل جي ميمبرن کي ڏسي ائين چئي سگھجي ٿو ته ان زماني ۾ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ پڙھيا لکيا ھندو، پارسي ۽ مسلمان پڻ ان جا ميمبر ھئا. بھرحال ان وقت اتي رھندڙ يورپين يا ڏکڻ ايشيائي به انھيءَ سوسائٽيءَ جا سرگرم ميمبر هئا. سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ جون ماھوار انتظامي گڏجاڻيون به ٿينديون ھيون، پر سال ۾ ھڪڙو ڀيرو جنرل باڊيءَ جي گڏجاڻي ٿيندي ھئي، جنهن ۾ عھديدارن جي چونڊ ڪرڻ کان سواءِ گذريل سال جي ڪارڪردگي ۽ ايندڙ سال جي پروگرام جي رپورٽ منظور ڪئي ويندي ھئي. ھر ٽئين مھيني ھڪ ادبي گڏجاڻي ٿيندي ھئي جنهن ۾ محقق ميمبر پنھنجا تحقيقي مقالا پڙھندا ھئا، جيڪي پوءِ سوسائٽيءَ جي جرنل ۾ ڇپيا ويندا ھيا. اهڙيون گڏجاڻيون ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ۾ منعقد ٿينديون هيون. 

ليڪچر پروگرام

        سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ‘ جو اصل ڪم ماهوار ليڪچر ڪرائڻ هوندو هو. هر مهيني ڪنهن هڪ يا ٻن ميمبرن کان پيپر پڙهايا ويندا هئا، جيڪي ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ۾ منعقد ٿيندا هئا. انهن گڏجاڻين ۾ عام پبلڪ کي اچڻ جي اجازت هوندي هئي. پيپر پڙهڻ کان پوءِ  سوال ۽ جواب ۽ بحث به ٿيندا هئا. ان کان پوءِ، اهي ليڪچر ، سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي جرنل ۾  شايع ٿيندا هئا.(4)

دي جرنل آف دي سنڌ هسٽاريڪل سـوسائٽـي

         هن سوسائٽيءَ جو شاندار ۽ لازوال ڪم ’دي جرنل آف دي سنڌ هسٽاريڪل سـوسائٽـي (The Journal of the Sind Historical Society)  جاري ڪرڻ آهي. هن انگريزي جرنل جو پهريون پرچو مئي 1934ع ۾ ڇپجي آيو. پهرئين شماري جو ايڊيٽر اي.بي. آڏواڻي صاحب هو. ٻيو  پرچو آڪٽوبر  1934ع ۾ ڇپيو، ته آڏواڻيءَ سان گڏ اين. ايم. بليموريا جو نالو به ايڊيٽر طور شامل ڪيو ويو. آخري پرچو جلد اٺون، نمبر 3، جنوري  1948ع ۾ شايع ٿيو. هي شمارو ’ڊاڪٽر ايڇ. ايم.گربخشاڻي يادگار نمبر‘ ڪري ڪڍيو ويو.(5)

 

حوالا:

1.      The Journal of Sind Historical Society, May, 1934

2.     Website of Gul Hayat Institute : drpathan.com/index.php/about-us/gul-hayat-institute

3.     Dr. Mubarik Ali. “Writing the History of Sindh”, Daily Dawn dated  23rd November 2014

4.     مختيار احمد ملاح: ”ادبي سوسائٽين جو سنڌي علم ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ حصو“، ريکائون پبليڪيشن، ڪراچي، 2020ع، ص 212

5.     انسائيڪلوپيڊيا- سنڌيانا (جلد پنجون)، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2012ع،  ص 218

 

سنڌ نيچرل هسٽري سوسائٽي

 

        سنڌ جي حيوانات ۽ نباتات تي، سڀ کان اول  انگريز عملدارن سوچيو. ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ مطابق: ”31 مئي 1927ع تي سر مانٽيگو جي صدارت هيٺ فريئر هال، ڪراچيءَ ۾ فطرتي نظارن جي شوقينن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾سنڌ نيچرل هسٽري سوسائٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو. انهيءَ ڏينهن تي 38 ماڻهو هن جماعت جا ميمبر ٿيا. ان سوسائٽيءَ اڳتي هلي سنڌ جي قدرتي وسيلن جي تاريخ بابت ڄاڻ تي ٻڌل معلومات کي جرنل جي شڪل ۾ پڌرو ڪيو. انهن ئي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو بنياد وڌو ويو هو.(1) جڏهن ته سرڪاري ڊائريڪٽري مطابق: ’سنڌ نيچرل هسٽري سوسائٽيءَ‘ جو قيام 31 مئي 1927ع تي  ان خيال کان عمل آندو ويو، ته  سنڌ جي فطرتي تاريخ جي مطالعي کي فروغ سان گڏ، ان جي مڙني رخن ۾ خالص سائنسي ۽ عملي طرح سان ٻوٽن ۽ جانورن جي تعارف ۽ ڄاڻ کي گڏ ڪري سگهجي. مسٽر ايف. ڊبليو هڊسن، سنڌ جو ڪمشنر سوسائٽيءَ جو پهريون صدر هو.(2)

سوسائٽيءَ جي انتظامي ڪاميٽي

             سنڌ نيچرل هسٽري سوسائٽيءَ کي عملي طور قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ 10 آگسٽ1927ع  تي جنرل باڊيءَ جي ميٽنگ، ڊي.جي. سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ ۾ ڪوٺائي وئي،  جنهن ۾ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.

1.      صدر: مسٽر ڊبليو. ايف هڊسن، سنڌ جو ڪمشنر

2.     نائب صدر: روپچند ٻيلارام، ايڊيشنل جوڊيشل ڪمشنر

3.     نائب صدر: هيريسن (لائڊ بيراج جو چيف انجنيئر)

4.     اعزازي سيڪريٽري: اي.اي. فلائن

5.     اعزازي سيڪريٽري: مسٽر سي. چيٽرجي.(3)

هيءَ   سوسائٽي، سالن جا سال هلي، ۽ ان جا عهديدار تبديل ٿيندا  رهيا.

سنڌ نيچرل  ھسٽري سوسائٽيءَ جون گڏجاڻيون

        سوسائٽيءَ جي مختلف سالن ۾ جوڙيل ڪائونسل جي ميمبرن ۽ جرنل ۾  شايع ٿيل مواد مان معلوم ٿئي ٿو ته ان جا ميمبر گهڻو ڪري انگريز عملدار،  ان زماني ۾ ڪراچي ۾ رهندڙ پڙھيا لکيا ھندو، پارسي ۽ چند مسلمان پڻ ان جا ميمبر ھئا. سوسائٽي جون ماھوار انتظامي گڏجاڻيون ٿينديون ھيون، پر سال ۾ ھڪڙو ڀيرو جنرل باڊي جي گڏجاڻي ٿيندي ھئي جنهن ۾ عھديدارن جي چونڊ ڪرڻ کان سواءِ گذريل سال جي ڪارڪردگي ۽ ايندڙ سال جي پروگرام جي ايجنڊا منظور ڪئي ويندي ھئي. ھر ٽئين مھيني ھڪ گڏجاڻي ٿيندي ھئي. اهڙيون گڏجاڻيون ڊي.جَي. سنڌ ڪاليج  ڪراچي ۾ منعقد ٿينديون هيون.(4)

        هن سوسائٽيءَ  ٽماهي  رسالو ”دي جرنل آف دي سنڌ نيچرل هسٽري سوسائٽي“ جي نالي سان جاري ڪيو، جيڪو اڪثر ڪري ڪراچي ڊيلي گزيٽ پريس مان شايع ڪيو ويندو هو. ايم.ايڇ . پنهور مطابق: ” سوسائٽيءَ 1933ع کان هڪ جرنل شايع ڪرڻ شروع ڪيو، پر ان جا صرف ٻه واليوم 1933ع ۽ 1934ع  شايع ٿي سگهيا. انهن مان هر هڪ جا چار نمبر ۽ 50 صفحن تي پکڙيل هئا.(5) دي جرنل آف دي سنڌ نيچرل هسٽري سوسائٽيءَ‘ جي جرنل جو پهريون جلد اين .ايم بليموريا جو  ايڊٽ ڪيل هو، جيڪو نيچرل هسٽري سوسائٽيءَ جو خزانچي ۽ جنرل سيڪريٽري  به هو ۽ کيس ساڳيا عهدا سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ ۾ به مليل هئا. جڏهن ته ٻيو جلد، سي. چيٽرجي، اعزازي سيڪريٽريءَ جو ايڊٽ ڪيل هو.

 

حوالا:

1.      Website of Gul Hayat Institute : drpathan. com/ index. php/about-us/gul-hayat-institute

2.     Directory of Educational, Scientific, Literary and Cultural Organizations in India, Manager of Publications, 1948,p.199

3.     مختيار احمد ملاح: ”ادبي سوسائٽين جو سنڌي علم ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ حصو“، ريکائون پبليڪيشن، ڪراچي، 2020ع، ص 203

4.     ساڳيو حوالو، ص 202

5.     M. H. Panhawar: “Source Material on Sind”, Institute of  Sindhology, Jamshoro, 1977, p.321

 


 

 

ڊي.جي. ڪاليج  انڊين مجلس

 

ڊي.جي. سنڌ ڪاليج   ۾ نه صرف سنڌ جا استاد ۽ شاگرد هوندا هئا،  پر پوري هندستان مان مختلف مذهبن ۽ خطن جا شهري به استاد، پروفيسر ۽ شاگرد هوندا هئا. انهن جون ٻوليون، ريتون، رسمون ۽ عقيده پڻ الڳ هوندا هئا. پر ڪاليج ۾ پرسڪون ماحول ۽ ادبي ۽ ثقافتي ڪردار خوب نڀائڻ جي واسطي، هنن سيپٽمبر 1919ع ۾ ڊي.جي. سنڌ ڪاليج جي استادن ’انڊين مجلس‘ نالي جماعت، ڪاليج اندر قائم ڪئي. جنهن جو پهريون سيڪريٽري آر.ايڇ اجواڻي هو.(1) هن قسم جي جماعت، هندستان جي مختلف رهواسين آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ به قائم ڪئي هئي، ڊي.جي. ڪاليج جي استادن، ان طرز تي هڪ مجلس هتي پڻ قائم ڪئي. هن مجلس جا عهديدار سنڌي توڙي غير سنڌي پروفيسر  گڏيل سڏيل هوندا هئا. هڪٻئي سان ثقافتي ۽ سماجي شين ڏي وٺ جو بهترين پليٽ فارم هوندو هو.

هن جماعت جون هنگامه خيز گڏجاڻيون ٿينديون هيون ۽ هڪٻئي جون رسمون ۽  ثقافتي شيون ونڊيون وينديون هيون. ڪاليج جا پروفيسر، هڪٻئي سان چانهه جون پارٽيون رکندا هئا. ڪاليج جي ٽيچنگ اسٽاف پاران کاڌي پيتي جون محفلون مچايون وينديون هيون ۽ پاڻ ۾ رانديون ڪرڻ، ٿيئٽر، فوٽو گرافي ۽ آرٽ  وغيره جي شين جو نماءُ ڪيو ويندو هو.(2)

حقيقت ۾ هن قسم جون محفلون، پوريءَ سنڌ ۾ شايد گهٽ ٿينديون هجن، جتي مختلف زبانن ۽ ڌرمن جا ماڻهو ويهي پاڻ ۾ علم ۽ ادب جون ڪچهريون ڪن، آرٽ ۽ تصويرن جو ڏيکاءُ ڪن. هڪٻئي سان پنھنجا ثقافتي کاڌا گڏجي کائين. پنھنجي پنھنجي سياسي ۽ مذهبي عقيدي کي پٺتي رکي، هم آهنگيءَ سان رهن. ڊي.جي. ڪاليج جي هيءَ تنظيم، سنڌ جي تاريخ  ۾ صوفي قدرن ۽ مذهبي رواداريءَ جو بهترين مثال آهي.

حوالا:

1.      “Sindh Gazttee Karachi” dt: 29.7.1920  p.5

2.     Prof. L.H. Ajwani: “The Golden Jubilee of the Dayaram Jethmal Sind College, Karachi (1887-1937)”, The Educational Printing Press, Karachi, 1939, p. 137

بزم مشاعره ڊي.جي. سنڌ ڪاليج، ڪراچي

 

انگريزن جي دؤر ۾ مشاعرن جو تمام گهڻو رواج هوندو هو. ان سلسلي ۾ مختلف شهرن، ادارن ۽ جماعتن ۾ ’بزم‘ قائم ڪيل هئا، جيڪي مختلف ’طرحن‘ تي مشاعرا ڪرائيندا هئا. بزم مشاعره جي وڌندڙ چهچٽي سنڌ جي ڪاليجن کي به متاثر ڪري ڇڏيو ۽ ڪاليجن ۾ به مشاعرن جون بزمون قائم ٿيڻ لڳيون.   1925ع  ۾ ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ به بزمِ مشاعره قائم ڪئي وئي. جنهن جو مقصد هو شاگردن ۾ شاعريءَ جو چاهه پيدا ڪرڻ ۽ کين شاعريءَ  جي فن کان واقف ڪرڻ. ڊي.جي سنڌ ڪاليج جي مشاعرن ۾ ڪاليج جي شاگردن سان گڏ ڪراچي شهر جا سمورا اديب ۽ شاعر دلچسپي وٺندا هئا.(1)

مشاعري جي طرحن تي سنڌ جا شاعر به پنھنجا غزل ڏياري موڪليندا هئا، جيڪي مشاعري ۾ پڙهيا ويندا هئا. بزم مشاعره ڊي- جي سنڌ ڪاليج جون ڪي طرحون هي هيون.

1. ڪهڙي ڪهڙي تنهنجي هيٺان اي فلڪ فرياد آ.

                        (ڊسمبر 1925ع)

هن مشاعري ۾ ڪراچيءَ کان علاوه، ٻين شهرن جي شاعرن شرڪت ڪئي، جن ۾ حاجي محمود ”خادم“، ميان غلام سرور ”فقير“ ۽ ڪشچند ”بيوس” موجود هئا.

2. دل گهريو زاهد ٿيان، پر مون کان مستوري نه ٿي. 

                        (جنوري 1926ع)

هن مشاعري ۾ ڪراچيءَ کان علاوه، ٻين شهرن جي شاعرن پڻ شرڪت ڪئي.

3. صلح جو ھي وقت آ، يا موقعو تڪرار جو.

             (مارچ 1935ع)

هنن مشاعرن جي وڌيڪ معلومات ملي نه سگهي آهي.  ڇو ته ڪٿي به رڪارڊ محفوظ نه رهيو  آهي.

سنڌي ساهت سڀا، ڪراچي

 

        ڊي.جي. ڪاليج ۾ صرف  ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن جو ادبي تنظيمون نه هيون، پر هي ڪاليج شهر جي ٻين اديبن جي تنظيمن جو به محور هو. سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌاري، سنڌي ٻوليءَ جي مرڪزي لائبريري ٺاهڻ ۽ ٻين ادبي مقصدن لاءِ 15 ڊسمبر 1929ع تي وديارٿي سماگ جي هڪ گڏجاڻي ۾ ’سنڌي ساهت سڀا‘ قائم ڪئي ويئي. آسانند مامتورا ان جو باني هو. ناول نگار ۽ ڪھاڻيڪار آسانند مامتوراءِ بنيادي طور تي هڪ استاد هو. ’سنڌ سڀا جي  قيام جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکي ٿو ته،ڪراچي وديارٿي سماگ جي چيئرمين آسانند جي مامتورا؛ سنڌي ادب سان دلچسپي رکندڙ صاحبن جي ڪانفرنس ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ڪوٺائي؛ جنهن ۾ پرنسيپل ايس.سي. شهاڻي، جي.اين گوڪلي، اين.اي. غلام علي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، مسٽر ڄيٺمل پرسرام، پروفيسر اين . اي ڦيرواڻي، مسٽر جي.ايم.سيد ۽ ٻين شرڪت ڪئي.’سنڌ وديارٿي سماگ‘ جي صدر پرنسيپل جي.اين گوڪلي ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو. ڪجهه بحث مباحثي کان پوءِ ايسوسيئشن ٺاهي وئي،  جنهن جو نالو ’سنڌي ساهت سڀا‘ رکيو ويو.(1)سنڌي ساهت سڀا جا پهريان عهديدار ۽ ميمبر هن ريت مقرر ٿيا:

پرنسيپل ايس-سي شهاڻي___________     پريزيڊنٽ

ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي___________     وائيس پريزيڊنٽ

علامه دائود پوٽو_________________ وائيس پريزيڊنٽ

لعل چند امر ڏنو مل_______________       جوائنٽ سيڪريٽري

مسٽر عبدالخالق_______________   جوائنٽ سيڪريٽري

آسانند مامتورا________________   خزانچي

ميمبر:

مٿين عهديدارن کان سواءِ اين.اي غلام علي، محمد صديق ميمڻ، ڄيٺمل پرسرام، جي.ايم.سيد، نادر بيگ مرزا، امداد علي قاضي، ڀيرومل مهرچند، روچيرام سڏاڻي، پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي، ٽي-ايم آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻي ميمبر منتخب ٿيا.(2)

              1933ع ۾ سنڌي ساهت سڀا جي اهميت کي ان وقت وڌيڪ مڃتا ملي، جڏهن 15 اپريل 1933ع تي شڪارپور ۾ سنڌي ساهت سميلن منعقد ڪئي وئي هئي، جيڪا ”سنڌو“  رسالي جي ايڊيٽر مسٽر  بولچند وسومل راجپال جي ڪوششن جو نتيجو هئي. هن آڪٽوبر 1932ع جي شماري ۾ سنڌي ساهت سميلن جي ضرورت جي عنوان سان ايڊيٽر نوٽ لکيو. جنهن کي سڄي سنڌ ساراهيو . ڪراچيءَ ۾ ان معاملي تي ڊي.جي.  ڪاليج جي سنڌي ساهت سڀا ۾ ان تي  تمام گهڻو بحث ٿيو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ، ان ۾ حصو ورتو ويندو. ڄيٺمل پرسرام، رسالي جي ايڊيٽر مسٽر راجپال  کي خط لکيو، جيڪو رسالي جي  حوالي طور آيو، جنهن ۾ هن لکيو هو ته سنڌي ساهتيه سميلن جي عظيم ضرورت آهي ۽ انهيءَ ڪم کي راس ڪرڻ لاءِ سنڌو هن وقت قدم کڻي سا پڻ خوشيءَ جي ڳالهه آهي. قوم جي عمارت جو مکيه ٿنڀو آهي علم ادب. ٻيون ٻوليون ان ڏس ۾ گهڻو واڌارو ڪري رهيون آهن، رڳو سنڌي ٻولي پٺتي رهجي ويئي آهي. منهنجي راءِ آهي ته اوهين اهو سميلن بيشڪ شڪارپور ۾ سڏايو ۽ آواز ڪريو ته مڙيئي ساهتيه جا شائق اچي گڏ ٿين، ويچار ڪن ۽ رٿون رٿين. سنڌ کي هڪ باقانون سنڌي ساهت سڀا (Academy of Sindhi Literature) جي ضرورت آهي. پروفيسر گربخشاڻي، مسٽر لعلچند جڳتياڻي، مسٽر دائود پوٽي ۽ ٻين جي محنت سان مٿين سڀا ڪراچيءَ ۾ قائم ٿيل آهي ۽ ڪجهه ڪم پئي ڪيو آهيس. منهنجي راءِ آهي ته اوهين انهن مڙني بانيڪارن کي هاڪاريو ته هو سميلن ۾ انهيءَ سڀا جو پڪو پايو اچي وجهن......هندو ۽ مسلمان مڙيئي سنڌيءَ جا عاشق ڪٺا ٿي هن  ڪم کي لڳي وڃن ته گهڻي ڪلهين ڇپر کڄي پوندو. منهنجي توهان سان هن ڪم ۾ سورهن ئي آنا همدردي آهي.(3)

        ڊي.جي. سنڌ ڪاليج جي پروفيسر، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ هن سميلن ۾ شرڪت نه ڪئي هئي، تنهن هوندي به ايندڙ مدي لاءِ کيس صدر چونڊيو ويو هو، جڏهن ته خزانچي پروفيسر ڦيرواڻيءَ کي چونڊيو ويو. ان کانسواءِ سنڌ جي جن 100 اديبن تي مشتمل ڪاروباري ڪاميٽي جوڙي وئي هئي، ان ۾ ڊي.جي. ڪاليج جي استادن، شاگردن ۽ سنڌي ساهت سڀا جي ميمبرن جي اڪثريت هئي.

        سنڌي ساهت سڀا جو ٻيو جنم  تڏهن ٿيو، جڏهن 1940ع ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي مروج  سنڌي اعرابن ڏيڻ جو طريقي کي 35 سالن جي استعمال کان پوءِ رد ڪري، هڪ دفعو ٻيهر جهونو عربي نمونو اختيار ڪيو. ڊاڪٽر دائودپوٽي جي مخالفت ۾، ڄيٺمل پرسرام جي صدارت هيٺ ’سنڌي ساهت سڀا‘ قائم  ڪئي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر جيٽلي لکيو آهي ته، ”ڊاڪٽر  دائودپوٽي سنڌي لفظن جي هجيئن ۾ جيڪا ڦيرڦار ڪئي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي عبارت کي جنهن طرح عربي  فارسي رنگ  ڏيڻ شروع ڪيو، ان جي ڄيٺمل پرسرام ۽ سندس ساٿين سخت مخالفت ڪئي. ڄيـٺمل  9 ڊسمبر 1940ع تي  حيدرآباد  سنڌ ۾ ’سنڌي ساهت سڀا‘  برپا ڪئي. پاڻ انهيءَ جو پريزيڊنٽ بڻيو ۽ موتيرام لڇيرام بٽاڻي ان سڀا جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. انهيءَ سڀا طرفان هنن  وقت به وقت چونپڙيون شايع ڪري، سنڌي عوام کي سجاڳي پيدا ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو.(4) هن سڀا ۾ ڄيٺمل پرسرام کان علاوه، پروفيسر ڪي. ايڇ ناگراڻي، ڌرمديو جيٽلي، ديوان ڏيارام وسڻمل، منوهر داس ڪوڙومل ۽ ڪي ٻيا شامل هئا. اڳتي هلي، منوهر داس ڪوڙومل ’سنڌ ساهت سڀا‘ جو آنرري سيڪريٽري بڻيو. ’سنڌي ساهت سڀا‘ پنھنجي مخالفانه پروپئگنڊا لاءِ انگريزيءَ ۽ سنڌي ۾ ست چوپڙيون (Pamphlet) ڇپائي عام ماڻھن ۾ تقسيم ڪيون، جن جي لکندڙن ۾ ڄيٺمل پرسرام، ديوان ڏيارام وسڻمل ۽ منوهر داس ڪوڙومل (سنڌي)، ۽ پروفيسر ڪي. ايڇ ناگراڻي ۽ ڌرمديو جيٽلي، ديوان لوڪناٿ جيٽلي (انگريزي) شامل هئا. 

        سنڌ ساهت سڀا ناتال ۾ 28 ، 29  ۽ 30 مارچ 1941ع تي ڪراچيءَ ۾ هڪ ساهت سملين ڪوٺايو.  سميلن جو روح روان ڄيٺمل پرسرام هو. هن ۾ ڊي.جي. ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن وڏي پيماني تي حصو ورتو. سنڌي ٻوليءَ، ساهت ۽ سڀيتا جي واڌاري لاءِ، سميلن پاران 26 ڄڻن جو مرڪزي بورڊ قائم ڪيو ويو، جنهن تي عملي ڏس ۾ ڪوشش وٺڻ جو ڪم رکيو ويو. مرڪزي بورڊ جا ميمبر هئا:  1.  ڪوي ڪشنچند ”بيوس“، 2. ڄيٺمل پرسرام، 3 ڀاڳچند چترسنگهه، 4. آسانند مامتورا، 5. رام موٽواڻي، 6. بولچند راجپال، 7. پروفيسر بي.ايڇ. ناگراڻي، 8. پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي، 9. هربخش هڱوراڻي، 10. ديو سڀاڻي، 11. چندو لال جئسنگهاڻي، 12 ڏيارام ميرچنداڻي، 13 پروفيسر شامداس واسواڻي، 14. پروفيسر هاسانند بٺيجا، 15. پروفيسر لوڪومل  ڪيسواڻي، 16. موتيرام ايس. رامواڻي، 17 پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، 18. ڪشنچند جيٽلي، 19. تاراچند گاجرا، 20. هريسندر روپچند، 21. پروفيسر هاسانند جادوگر، 22. گورڌن وزيراڻي، 23. پروفيسر رام پنجواڻي، 24. ميلارام واسواڻي، 25. لوڪامل چيلارام ۽ 26 جهامنداس ڀاٽيا.(5)

        هن سميلن ۾ ڪيترائي  ٺهراءَ بحال ڪيا ويا، جن مان ڪي هي آهن: هيءُ سميلن بمبئي يونيورسٽيءَ  تي زور ٿو آڻي، ته جيئن بمبئي پرڳڻي جون ٻيون ٻوليون بي.اي. (آنرس) ۽ ايم.اي. لاءِ رکيون ويون آهن، تيئن سنڌي به انهن امتحانن لاءِ رکي وڃي.

(1)  هيءُ سميلن، سنڌي ساهت، اتهاس ۽ سڀيتا  جي ڪتاب گڏ ڪرڻ واسطي، ساري سنڌ لاءِ  هڪ مرڪزي پستڪاليه (لائبريري) جي ضرورت محسوس ٿو ڪري ۽ ڪراچي ميونسپالٽيءَ  کي عرض ٿو ڪري، ته وڪٽوريا ميوزيم ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتابن ۽ سنڌ تي ٻين ٻولين ۾ لکيل ڪتابن جو هڪ مڪمل پستڪاليه برپا ڪري. سميلن جو برپا ڪيل مرڪزي بورڊ اهڙيءَ ڪوشش ۾ ميونسپالٽيءَ   سان هر طرح پنھنجو سهڪار ڪندو.

(2) هن سميلن جو رايو آهي،  ته سنڌي ساهت جي واڌاري ، ’سنڌي ساهت منڊل‘ برپا ڪيو وڃي، جنهن دؤران سنڌ ۾ امر مُهر  پستڪاليه جاري  ڪرڻ جي هرڪا ڪوشش ڪئي وڃي. جيئن سنڌي ڪتابن ڇپائيندڙ جو مجموعو ٺاهي، ڪتابن جي پڌرائي ڪرڻ جي تجويز تيار ڪري، ڪارائتن مضمونن ۽ ڪتابن ڇپائڻ لاءِ انعام ڏنو وڃي.

(3) هيءُ سميلن، انهيءَ  جو آهي ته سنڌي آئيويٽا  ۾، ڪن حالتن ۾، هڪ آواز  کان وڌيڪ حرف يا آواز ٻيون نشانيون آهن، جو نه صرف شبد وديا  علم  آواز جي قاعدن  جي برخلاف آهن، پر سکندڙن لاءِ مونجهاري ۽ دقت جو وڏو ڪارڻ آهن. انهيءَ ڪري، هيءُ سميلن سنڌ سرڪار کي استدعا ٿو ڪري، ته انهيءَ مونجهاري ۽ دقت کي دؤر ڪرڻ لاءِ  ۽ آئيويٽا کي وگياني اصولن  تي بيهارڻ لاءِ، هڪ سنڌي ودوانن ۽ علم آواز جي ڄاڻن جي ڪاميٽي مقرر ڪري.

(4) هيءُ سميلن سنڌ سرڪار کي استدعا ٿو ڪري، ته سرڪار، سنڌ جي تعليم کاتي کي هدايت ڪري، ته ڪوبه ڪتاب، اسڪولن ۾ درسي ڪتاب، لائبريري ڪتاب يا انعامي ڪتاب نه ٺهرايو وڃي، جيستائين  اها خاطري نه ڪئي وڃي ته ڪتاب ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانهي، جنهن مان سنڌ جي جدا جدا جاتين جي وچ  ۾ نفاق ۽ ناسازي  پيدا ٿيڻ جو امڪان هجي ۽ جي ڪو اهڙو نفاق ڪندڙ ڪتاب منظور ڪيل هجي، ته ڌيان  ڇڪائڻ تي  يڪدم منسوخ ڪيو وڃي.(6)

        سنڌي ساهت سڀا، ڪراچيءَ پاران ڪي مشاعره به ڪرايا ويا، ان سلسلي ۾ 28، 29 ۽ 30 مارچ 1941ع تي ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ڪشنچند ”بيوس“ جي صدارت ۾ مشاعرو ٿيو، مشاعري جي مصرع طرح هن ريت هئي:

”مورتي تنهنجي کي من مندر ۾ استاپن ڪندس.(7)

حوالا:

1.      ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ:”ڪراچي ضلعي جو سنڌي ادب جي ترقيءَ ۾ حصو“، (پي.ايڇ . ڊي، مقالو) سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، ص. 459

2.     ساڳيو حوالو، ص 448

3.     ماهوار ”سنڌو“، شڪارپور: آڪٽوبر 1932ع، ص 323_ 325

4.     ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي: ”ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽون“، اکل ڀارتيه سنڌي ساهتيه ودوت پرشد، دهلي، 1999ع، ص 184.

5.     موتيرام سترامداس رامواڻي: ”ڄيٺمل پرسرام ۽ سندس لکيتون“، شاردا پرڪاشن، بمبئي1991ع، ص 56

6.     ساڳيو حوالو، ص 61

7.     ڊاڪٽر اياز حسين قادري: ”سنڌي غزل جي اوسر“ (ڀاڱو پهريون)،انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو، سال 1982ع، ص 364

سنڌي ادبي سرڪل، ڪراچي

 

 1936ع ۾ ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسند تحريڪ جي شروعات ٿي، جنهن ۾ منشي پريم چند صدارتي خطبو ڏنو هو. سنڌي ادب پڻ ان تحريڪ جي اثر هيٺ رهيو. سجاد ظهير پنھنجي ڪتاب ”روشنائي“ ۾ لکيو آهي ته، ”سنڌ مان ٻن ڄڻن: محمد امين کوسي ۽ قادر بخش نظاماڻيءَ ان ۾ شرڪت ڪئي هئي.(1) هڪ ته ملڪ اندر سياسي شعور چوٽ تي چڙهيل هو ۽ ملڪ کان ٻاهر ترقي پسند تحريڪن جو اثر سنڌ تائين پهچڻ لڳو. شيخ ”راز“ لکيو آهي ته: ”ترقي پسند اديبن اردو ادب ۾ هڪ وڏو مقام پيدا ڪيو ۽ اردو شاعريءَ جي هيئت، اسلوب ۽  فڪر  ۾ ڪيترائي جاذب ۽ خوشگوار  تجربا ڪيا، جن گهڻو ڪري ملڪ جي نئين نسل کي انتهائي متاثر ڪيو. سال 1943ع ۾، سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل نوجوان طبقي ان جو اثر قبول ڪيو. مان ان زماني ۾  ڪراچيءَ ۾ ڪاليج ۾ پڙهندو هوس، ۽ اسان جي مختصر ادبي حلقي ۾ جديد ادب جو خاص مقام هو. اردو ادب جي جديد تخليقن  ۽ تحريرن  اسان تي ڪافي اثر ڇڏيو. نارائڻ شيام، ڏيارام منشاراماڻي، شيخ راز ۽ شيخ اياز جي جديد ادب سان گهڻي دلچسپي هئي ۽ اسان جي پوري سنگت  جديد رجحانن  جو بخوبيءَ مطالعو  ڪيو هو. اسان جديد ادب جو ڪافي ذخيرو  ڪٺو ڪيو ۽ اسان جو گهڻو وقت بحث ان نئين ادب جي بحث مباحثي ۾ گذرندو هو. ساڳئي سال، اهل ذوق نوجوانن جي مدد سان ڪاليج ۾ ’سنڌي ادبي سرڪل‘ جو بنياد رکيو ويو. ان کان اڳ ڪاليج ۾ ڪا سنڌي ادبي جماعت ڪانه هئي، حالانڪ اردو ۽ گجراتي جماعتون  ادبي سرگرمين ۾ پيش پيش هيون.(2)

        ان کان اڳ مذڪوره ڪاليج ۾ سنڌي شاگردن جون ادبي گڏجاڻيون ته منعقد ٿينديون هيون، پر باضابطه ادبي جماعت ڪونه هئي. انهيءَ سرڪل جي بنياد پوڻ کان پوءِ، سنڌي ادب ۾ جدت پسند تحريڪ جو آغاز ٿيو. هن سرڪل ۾ سامراج جي کلي عام مخالفت ڪئي وئي. ان ادبي محاذ ۾ ڪجهه شاگردياڻيون به شامل هيون، جن ۾ سندري ٽهلراماڻي ۽ روشن آرا مغل اهم آهن. سنڌي ادبي سرڪل جي قيام ۾ شيخ عبدالرزاق ”راز“، شيخ اياز، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي ۽ پروفيسر رام پنجواڻيءَ جو هٿ هو. سنڌي ادبي سرڪل جا عهديدار هي هئا:

پروفيسر رام پنجواڻي_________     روح روان

ڊاڪٽر گربخشاڻي __________               صدر

شيخ عبدالرزاق ”راز“_________       سيڪريٽري

سنڌي ادبي سرڪل ۾ ڏينهن ڏينهن ميمبرن جو اضافو ٿيندو رهيو. ان سلسلي ۾  خاص طرح سوڀو گيانچنداڻي، شيخ اياز، ارجن شاد، شيخ عبدالرزاق  راز، رام پنجواڻي، گوبند مالهي، نارائڻ شيام، ڪيرت ٻاٻاڻي، ڊاڪٽر هرو مل سدا رنگاڻي ۽ منگهارام ملڪاڻي سرگرم حصو وٺندا هئا.ھن سرڪل جا ميڙ جناح ڪورٽس ۽ ميٺارام هاسٽل تي  ٿيندا هئا. ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو لکي ٿو ته، ’سنڌي ادبي سرڪل جو پهريون صدر ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي هو ۽ سيڪريٽري شيخ عبدالرزاق راز کي مقرر ڪيو ويو. مگر پهرين ادبي محفل ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي پنھنجي مصروفيتن سبب پاڻ ان عهدي تان دستبردار ٿي، رام پنجواڻيءَ کي سرڪل جو صدر مقرر ڪيو هو. سرڪل پاران جيڪي به شاعريءَ جون محفلون  منعقد ٿينديون هيون، انهن ۾ شاعرن جي پيش ڪيل ڪلام تي نقادن پاران نڪته چيني به ڪئي ويندي هئي. گويا ائين چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ادبي سرڪل سنڌي ٻوليءَ جي پهرين ادبي جماعت هئي، جنهن  ۾ تنقيدي نشستون منعقد  ٿيون. شاعريءَ جون محفلون سرڪل جو هڪ مشغلو ليکيو ويندو هو. ٻيو مشغلو افسانه نويسي ۽ مضمون نگاري هو، جنهن ۾ شاگردن جي معاونت پروفيسر رم پنجواڻي ڪندو هو. چوٿون مشغلو هو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو شعر. هن مشغلي ۽ مجلس کي شاهه ڪلاس به چيو ويندو هو، جنهن ۾ مختلف عالمن کان لطيف جي شعر جي مختلف فني ۽ فڪري پهلوئن تي ليڪچر ڪرايا ويندا هئا. انهن ليڪچرن ۾ ڪاليج جي استادن کان علاوه، علامه آءِ. آءِ. قاضي، اي. ڪي بروهي ۽ لال سنگهه اجواڻي جا ليڪچر يادگار  هئا.(3)

        مشاعرن جي يادگيريءَ جي  سلسلي ۾ شيخ اياز لکي ٿو ته، ”1945ع ۾ مان ۽ منهنجو دوست عبدالرزاق راز ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ۾ قائم ڪيل سنڌي سرڪل ۾ ويندا هئاسين. جتي مون پنھنجو نظم او باغي! او راج دروهي! ڀارت ۾ بلوي جا باني!‘ پڙهيو هو، ته ٻڌندڙ حيران ٿي ويا هئا. اهو نظم پوءِ لهرون جي نالي سان سرڪل جي ڪتاب ۾ ڇپيو هو. پروفيسر رام پنجواڻيءَ  اُن کي ڪيئي ڀيرا پنھنجي مٺڙي آواز ۾ گهڙي تي ڳاتو هو. انهيءَ سرڪل ۾ منهنجي نارائڻ شيام سان واقفيت ٿي“.(4)

’سنڌي ادبي سرڪل‘، سامراج جي خلاف تحريڪ سان گڏوگڏ صحتمند ادب پيدا ڪرڻ جي پهرين ڪوشش ورتي. هيءَ پهرين ادبي تنظيم هئي، جنهن ۾ ڪاليج جو ڇوڪريون به حصو وٺنديون هيون. ان سلسلي ۾ شيخ ”راز“ لکي ٿو ته: ”طالبات به ان تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ اهي ’سرڪل‘ جون سرگرم ميمبر بڻجي ميدانِ عمل ۾ آيون.  اسان جو زور پنھنجي ماحول ۽ ماضيءَ جي معاشي ۽ معاشرتي ڪمزورين طرف  رهيو، ۽ ’سامراج سامراج‘ جي خلاف  ادبي جدوجهد جي تحريڪ جو آغاز ٿيو، جو  ان کان اڳ سنڌ ۾ ناپيد هو. اهڙن نظرين  تي هر سياسي مڪتبه فڪر جي نوجوانن جو اتفاق هو. بداخلاقيءَ، فحاشيءَ ۽ عريانيءَ جهڙن موضوعن کان گهڻي قدر گريز ڪيو ويو، تنھنڪري اسان جي نئين ادب  جي آغاز وقت اهڙن رجحانن جي داخلا گهڻو ڪري ممنوع  رهي. جيئن ته  هيءَ تحريڪ آمرانه، سرمائيدارانه ۽ جاگيردارانه نظام جي خلاف هئي، ان ڪري هر طبقي انهيءَ جي همت افزائي ڪئي. اهو گويا سنڌي ادب جو پهريون متحده محاذ هو ۽ جديد صحتمند ادب پيدا ڪرڻ جي پهرين ڪوشش هئي.(5)

هن سرڪل، سنڌي ناٽڪ جي حوالي سان به نواڻ پيدا ڪئي. ان زماني ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي پرنسيپل هو ۽ غريب شاگردن جي فنڊ ۾ اضافي لاءِ ڪي پروگرام ۽ ناٽڪ اسٽيج ڪرائڻ پيو چاهي. سندس سوچ هئي ته هاڻي  نيڪي ۽ بديءَ وارن ناٽڪن جو دؤر نه رهيو آهي، ان ڪري شاهه لطيف جي آکاڻين کي نئين انداز ۾ پيش ڪري سنڌيت جي پرچار ڪجي. ڊاڪٽر قاسم راڄپر  لکي ٿو ته، ”شاهه جي شاعريءَ جي بنياد تي سنڌيءَ ۾ لوڪ ناٽڪ لکڻ جي پختي روايت سدا حيات پروفيسر رام پنجواڻيءَ وڌي. هن 1941ع ۾ ڊي.جي. سنڌ ڪاليج جي پرنسيپل ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي چوڻ تي ڪاليج جي غريب شاگردن جي مالي سهائتا لاءِ هڪ ناٽڪ مومل راڻو لکي اسٽيج تي آندو. جنهن جون هدايتون ڪاليج جي استادن هيرانند ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ ڏنيون. هن ناٽڪ ۾ مومل جو ڪردار ڪاليج جي شاگردياڻيءَ مئنا واسواڻيءَ ادا ڪيو هو، جنهن شاهه جا بيت ۽ وايون سُريلي آواز ۾ ڳايون. راڻي جو ڪردار ڪملا ڪرپلاڻي ءَ مرداڻي انداز ۾ ڪيو. رُڪَ آڏواڻي سومل بڻي. رام پنجواڻيءَ شاهه جي شاعريءَ جي روشنيءَ ۾ ٻيو ناٽڪ لوڪ داستان عمر مارئيءَ‘ تي پکي ۽ پدمڻي جي نالي سان لکيو، جيڪو 1943ع ۾ ڪاليج جي شاگردياڻين پنجواڻي صاحب جي سنڌي سرڪل جي پليٽ فارم تان سندس ئي هدايتڪاريءَ ۾ ڪري ڏيکاريو.  جنهن ۾ عمر جو ڪردار مئنا ۽ مارئيءَ جو ڪردار ڪملا ٿڌاڻيءَ ادا ڪيو هو. هن ناٽڪ ۾ رام پنجواڻيءَ ڀڳت جي روپ ۾ ڀٽائيءَ جي شاعري موهيندڙ انداز ۾ ڳائي هئي.(6)

اهي سلسلا هلندا رهيا ته ٽن سالن جي عرصي ۾ پبليڪشن جو سلسلو شروع ٿيو. جديد ادب تي مشتمل سرڪل جو پهريون ڪتاب  1945ع ۾ ”لهرون“ ڇپيو. ڪتاب جو مرتب شيخ عبدالرزاق ’راز‘ هو.  هن ڪتاب ۾ شاعري، مضمون ۽ افسانا شامل ڪيا ويا ويا هئا. جن ستن شاعرن جي شاعري ڏني وئي، انهن ۾ شيخ اياز، نارائڻ شيام، سڳن آهوجا، شيخ راز، سنتو درياڻي لعل، محمد نعيم صديقي ۽ سندري ٽهلراماڻي هئا. هر هڪ شعر جي مٿان شاعر بابت مرتب جو رايو ڏنل هو. جڏهن ته پروفيسر رام پنجواڻيءَ جو مضمون ”شعر ۾ انقلاب“ ۽ پروفيسر نارائڻ داس ڀمڀاڻيءَ جو ”شاهه ۽ سامي“ ۽ ممتاز جعفريءَ جو ”احساس“ جي عنوان سان ڏنل هئا. افسانن ۾ لڇمڻ راجپال جو ”او ساقي“،  ڊي. ڪي. منشاراماڻيءَ جو ”گهوٽ راجا“ اهم آهن.

سنڌي ادبي سرڪل، صرف ڪاليج تائين محدود هئي. مگر ان جي سرگرمين جي اثر ڪري 1945ع ۾ گوبند مالهي ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ ’ترقي پسند منصفين جي انجمن‘ جو بنياد وڌو. بهرحال، ’سنڌي ادبي سرڪل‘  1947ع تائين فعال رهي ـ ان وقت ختم ٿي ويئي، جڏهن شيخ عبدالرزاق ’راز‘ ۽ شيخ اياز تعليم مڪمل ڪري ڪاليج ڇڏيو. ان کان پوءِ مٿان وري ورهاڱو ٿيو.

 

حوالا:

1.      غلام رباني آگرو: ”سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر“، سنڌي ادبي بورڊ، 2013ع

2.     شيخ عبدالرزاق راز: ”سنڌي ادب ۽ جدت پسند تحريڪ“، ماهوار ”نئين زندگي“، ڪراچي، مارچ 1970ع، ص 33

3.     ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو: ”سنڌي ادب ۾ ترقي پسند فڪر جي پهرين تنظيم: سنڌي ادبي سرڪل“، ماهوار ”نئين زندگي“، حيدرآباد.

4.     شيخ اياز : ”ساهيوال جيل جي ڊائري“، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ ڪراچي: 2010ع:  ص 427. 428

5.     شيخ عبدالرزاق ”راز“: ”سنڌي ادب ۽ جدت پسند تحريڪ“ ماهوار ”نئين زندگي“،  ڪراچي، مارچ، 1970ع، ص 33

ڊاڪٽر قاسم راڄپر: ”شاهه جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ لکيل سنڌي ناٽڪ“، ڇماهي ”ڪلاچي“، شاهه عبداللطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڊسمبر 2015ع

 

ترقي پسند اديبن جي انجمن

 

سنڌي ادب ۾ ترقي پسند لاڙا ڊگهي عرصي کان موجود هئا. جنهن جي بنياد تي ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ جي استادن ۽ شاگردن گڏجي پهريائين سنڌي ادبي سرڪل جو بنياد وڌو هو.  ان دؤر ۾ ڊي.جي. ڪاليج جا استاد توڙي شاگرد، مغربي ادب ۽ هندستان جي مختلف ٻولين جي ترقي پسند ادب جو مطالعو ڪري چڪا هئا. ترقي پسند تحريڪ جي سلسلي ۾ سڀ کان پهرين جيڪب آباد ۾ ’پريم سڀا‘ نالي جماعت قائم ٿي، ان کان پوءِ ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ۾ ’سنڌي ادبي سرڪل‘ قائم ڪيو ويو. هي سرڪل ڪاليج اندر قائم ڪيو ويو هو. ڪاليج کان ٻاهر 1945ع ۾ گوبند مالهيءَ ۽ سوڀي گيانچنداڻي جي سرڪردگيءَ هيٺ ’انجمن ترقي پسند مصنفين‘ جو بنياد پيو. انجمن کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ڊي.جي. سنڌ ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن کي انجمن ۾ شامل ڪيو ويو، جيڪي انجمن جي گڏجاڻين ۾ ڪثرت سان حصو وٺندا هئا.

شيخ عبدالراز ”راز“، هن انجمن جي قيام جي حوالي سان لکيو آهي ته: ”سال 1945ع ۾، گوبند مالهي ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي سرڪردگيءَ هيٺ، ’ترقي پسند مصنفين جي انجمن‘ جو بنياد  رکيو ويو. گوبند مالهيءَ ان انجمن کي ڪامياب بنائڻ لاءِ شاگردن جو سهارو ورتو. کيس اسان جي سنگت کان سواءِ ٻيو ڪوبه نظر  ڪونه آيو. ان انجمن ۾ ڪاليجي شاگردن  ۽ استادن جي اڪثريت  رهي. ان ۾ چار پنج  غير ڪاليجي به هئا، جن جي ادبي حيثيت پڻ مشڪوڪ هئي. گوبند مالهيءَ ۽ سوڀي ۾ خاطر خواهه ادبي شعور هو. اسان جي ادبي گڏجاڻي هر جمعي تي مقرر ڪئي وئي ۽ اسان بلا ناغي ان نشست ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ بندر روڊ تي انجمن جي آفيس پهچي ويندا هئاسين. جيتوڻيڪ گوبند مالهي، سوڀو گيانچنداڻي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي وغيره  جو مارڪسزم طرف لاڙو هو، تنهن هوندي به هنن ٻن سالن جي عرصي ۾ ڪڏهن به پنھنجن نظرين کي اسان تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. شيخ اياز، نارائڻ شيام جو ڪانگريس ڏانهن لاڙو هو، ۽  مان (شيخ عبدالرزاق ”راز“ ) مسلم ليگي نظرئي  جو حامي هوس. اهڙيءَ طرح، متضاد فڪر رکندڙ نوجوانن هٿ هٿ ۾ ڏيئي، جديد ادبي تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ جي ڪوشش ڪئي.(1) جڏهن ته ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکي ٿو ته ”هيءَ انجمن ڪاليجي استادن ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻي ۽ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، شاگردن جهڙوڪ نارائڻ شيام، شيخ اياز، شيخ عبدالرزاق راز ۽ مارڪس وادي  ليڊرن ڪامريد سوڀي گيانچنداڻي، گوبند مالهي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ وغيره جهڙن ڌڙن تي مشتمل هڪ ٽمورتي انجمن هئي، جنهن ورهاڱي تائين سنڌي ٻولي ۽ علم تي اثر وڌو. 1947ع ۾ هن انجمن طرفان پرهه ڦٽي نالي سان نئين ادب تي مشتمل هڪ ضخيم ڪتاب شايع ڪيو ويو.(2)

هن انجمن جي تحريڪ جو اثر گهڻو ڪري شاعريءَ ۽ ڪھاڻيءَ تي پيو. ’انجمن ترقي پسند مصنفين‘ جي ڪوشش سان سنڌي ادب تي اثر پيو، ۽ هيٺين رجحانن جنم ورتو.

1. شاعريءَ ۾ رومانيت ۽ شعريت کي فراريت تي ترجيح ڏني وئي.

2. سياسي ۽ انقلابي حرڪات کي پيش ڪيو ويو.

3. شاعريءَ ۾ ابهام کان وڌيڪ اشاريت تي زور ڏنو ويو.(3)

هنن رجحانن سبب جديد شاعريءَ کي اهميت ملي. شاعرن جي حيثيت ۾ تبديلي آئي. آزاد نظم، هائيڪو، گيت ۽ ڪن ٻين صنفن کي انجمن جي بانين متعارف ڪرايو. هن سلسلي ۾ سڀ کان پهريان قدم شيخ اياز ۽ شيخ عبدالرزاق ”راز“ ۽ نارائڻ شيام کنيو. ٽنهي صاحبن ’انجمن ترقي پسند مصنفين‘ جي اثر هيٺ ڪراچيءَ جي گڏجاڻين ۾ اهڙي قسم جا مختصر گيت، مختصر نظم ۽ آزاد نظم لکڻ شروع ڪيا. اياز جو پهريون نظم ’او باغي‘ هو، جنهن ۾ رومانيت بجاءِ آزادي، جوش ۽ نيڪ ولولو ڪار فرما هو. ساڳيءَ ريت نعيم صديقيءَ نظم ’پڇڙ تارا‘ لکيو، جيڪو هيٺ ڏجي ٿو:

بي راهه روي ۽ گمراهي، سمجهن ٿا

                            ان کي آگاهي

 رک به نه رهندي، هاءِ تباهي

                  بار الاهي آخر ڇاهي.

پنھنجي ئي پستيءَ جا اشارا

                                            هو پڇڙ تارا

هن انجمن 1947ع ۾ ”پرهه ڦٽي“ نالي جديد ادب تي مشتمل ضخيم ڪتاب ڇپايو. ورهاڱي کان پوءِ، هن انجمن جي گهڻن ميمبرن جي لڏڻ سبب، اها بند ٿي وئي.

حوالا:

1.      شيخ عبدالرزاق راز: ”سنڌي ادب ۽ جدت پسند تحريڪ“ ماهوار ”نئين زندگي“ ڪراچي، مارچ، 1970ع، ص 34

2.     ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ: ڪراچي ضلعي جو سنڌي ادب جي ترقيءَ ۾ حصو، (پي.ايڇ . ڊي، مقالو) سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، ص. 459

3.     شيخ عبدالرزاق ”راز“: ”سنڌي ادب ۽ جدت پسند تحريڪ“ ماهوار نئين زندگي ڪراچي، مارچ، 1970ع، ص 33، 34

باغي منڊل

 

        ترقي پسند ۽ سياسي ادب جي پسمنظر ۾ ڊي.جي. ڪاليج جي ڪجهه اڳوڻن شاگردن ۽ استادن جهڙوڪ  موهن پنجابي، شيخ اياز، امرلعل پنجواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ ٻين گڏجي 1947ع ۾ ”باغي منڊل“جي نالي سان هڪ ادبي ادارو قائم ڪيو، جنهن جي آفيس، ڪاليج جي ڀرسان فريئر روڊ ڪراچيءَ ۾ هئي.  هن اداري پاران پهريون ڪتاب، شيخ اياز جي ڪھاڻين جو مجموعو ”سفيد وحشي“ جي نالي سان 1947ع ۾ شايع ڪيو ويو، جنهن جي ابتدا ۾ شيخ اياز جو هڪ حقيقت افروز مهاڳ ڏنل آهي. 1947ع ۾ ساڳئي اداري شيخ اياز جو ترتيب ڏنل اسان جي سنڌ“ شايع ڪيو، جنهن ۾ موهن پنجابي، شيخ اياز، امرلعل پنجواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ ٻين جون ڪھاڻيون شامل هيون.(1) هن منڊل سنڌي ادب ۾ ترقي پسند ادب کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڪتاب اسان جي سنڌ“ ۾ شيخ اياز جيڪو فڪري مهاڳ لکيو آهي، ان کي پڙهي، سندس ان وقت جي ادبي، سماجي، اقتصادي ۽ قومي شعور کي داد ڏيڻو پوي ٿو.

        ’باغي منڊل‘ جي سهاري هيٺ ساڳئي سال ۾ ٻيو رسالو ”سوشلسٽ پاڪستان“ نڪتو هو، جنهن ۾ بهترين آکاڻي هئي جيوت نرياڻيءَ جي ”هٿ نه لاءِ“ ۽ ان ۾ هڪ ڳوٺاڻي مسلمان جا ڪراچيءَ جي شهر ۾ آزمودا نهايت مذاقي نوع ۾ بيان ڪيل هئا. ساڳئي منڊل جي ”سفيد وحشي“ (1947) مجموعي ۾ شيخ اياز جي حسن پرستيءَ واري آکاڻي ”رولو“ ڏنل هئي، جا هن نوجوان انقلابي لکندڙ جي سٺين ڪھاڻين مان هڪ هئي.(2)

حوالا:

1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)،سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،  حيدرآباد،2009ع، ص 383

2.      پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: سنڌي نثر جي تاريخ“ (ڇاپو ٽيون)، روشني پبليڪيشن حيدرآباد ، 1993ع، ص 65

 

ڪلا ٻاري

        ڪراچيءَ ۾ آرٽس ڪائونسل وارو ڪم، سڀ کان اول ڊي.جي. ڪاليج کان ملي ٿو، جيڪو  بعد ۾سرڻاگتي منزل ڏانهن منتقل ڪيو ويو. ان ڏس ۾ گل حسن ڪلمتي لکي ٿو ته، ”ڪچهري روڊ تي ڏيارام گدومل شهاڻيءَ هڪ ڳاڙهي سرن جي عمارت ٺاهرائي، جنهن کي سرڻاگتي منزل جو نالو ڏنو: جنهن جو مطلب آهي سُر، سنگيت ۽ فن واري جاءِ. پٿر جي هيءَ ٽي ماڙ عمارت 1937ع ۾ ٺهي مڪمل ٿي ۽ اها ڪراچيءَ جي پهرئين عمارت آهي، جيڪا زلزلو پروف آهي. هن بلڊنگ جي هڪ وڏي هال ۾ قديم لائبريري اڄ به موجود آهي.“(1) سرڻاگتي بلڊنگ ورهاڱي کان اڳ ڪراچيءَ ۾ آرٽس ڪائونسل وانگر هو. عمارت ۾ ’ٽيگور آرٽس اسڪول‘ جا ڪلاس به هلندا هئا. رابندر ناٿ ٽيگور، جڏهن ڪراچي آيو هو، جمشيد مهتا ۽ ڊي.جي. ڪاليج جي استادن، شاگردن ۽ ڪراچيءَ جي معززن سندس ميزباني ڪئي هئي.

ان دؤر جي نوجوان شاعر، نرمل جيوتاڻيءَ پاران قائم ڪيل ’ڪلا ٻاري‘ڊي.جي. ڪاليج ۾ قائم ڪئي وئي هئي، جنهن جو مقصد فن کي اڳتي وڌائڻ هو. هن جاءِ ۾ پينٽنگ ۽ مجسما سازي به سيکاري ويندي هئي. ان کي بعد ۾ 1933ع ۾ سرڻاگتي منزل ۾ قائم ڪيل ٽيگور آرٽس اسڪول ڏانهن منتقل ڪيو ويو. نرمل جيوتاڻيءَ جي ٺاهيل ’ڪلاٻاري‘ پاران سرڻا گتي ۾ پينٽنگ ۽ مجسمه سازي سيکارڻ کان سواءِ آرٽسٽن، رنگ ۽ برش جي پوڄارين جو مرڪز هو. ٽيگور آرٽس اسڪول پاران ڊرامن ۽ اسٽيج جي فنڪارن کي سکيا ڏني ويندي هئي، جيڪي شهر ۾ اسٽيج ڊراما ڪندا هئا.

ورهاڱي کان پوءِ ڊي.جي. ڪاليج ۾ علمي ۽ ادبي سرگرميون

 

          ورهاڱي کان اڳ،  سڀني پاڙيسري ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنڌي زبان جو ادب سڀني کان شاھوڪار ھو. سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم عام ٿي چڪي هئي. ٽائيپ رائيٽر، ان وقت ھندستان ۾ سنڌيءَ کان سواءِ ڪنھن به زبان ۾ نه ھو. گھڻي قدر  پرنٽنگ پريسون ته سنڌيءَ کي ھيون. جڏھن ته اردو سميت ڪيتريون لکڻيون اڃا ليٿو ۾ شايع ٿينديون ھيون. سڀ کان وڌيڪ ۽ اخبارون، رسالا سنڌي زبان ۾ نڪرندا ھئا. سنڌي اسڪولن جو شھرن ۾ وڏو ڄار وڇايل ھو، صوبي جي سرڪاري زبان سنڌي ھئي. ان علمي ۽ ادبي ترقيءَ ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن جو وڏو ڪردار هوندو هو. اگر ڏسجي ته ورهاڱي کان اڳ، ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ شاگردن ۽ استادن جي وڏي اڪثريت هندو سنڌين جي هئي. انهن جي هڪدم لڏڻ سان ڪاليج جي 60 ساله ترقي ۽ ڪارڪردگيءَ تي تمام گهڻو اثر پيو. ٻئي طرف پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هندستان مان آيل ماڻھن جي اڪثريت کي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب سان ڪا خاص دلچسپي نه هئي ۽ ڄڻ اهي سنڌ جي ماحول ۽ ثقافت لاءِ اوپرا  هئا. اهو دؤر سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ بدقسمتيءَ  سان هڪ ڏکيو دؤر هو. 1947ع تائين ڊي.جي. سنڌ ڪاليج تعليمي سرگرمين سان گڏ، سنڌي ادب، ڊرامن ۽ غير نصابي سرگرمين جو محور رهيو. سنڌ جا خاص طور هندو سنڌي اديب، شاگرد ۽ استاد ۽ ڪيترائي مسلمان استاد ۽ شاگرد انهن سرگرمين ۾ شامل هئا. هو سنڌي سماج جي  خوبين ۽ مسئلن کان به واقف هئا، ته انگريزي ٻوليءَ سميت پوري يورپ جي ادب جي ترقيءَ کان به واقف هئا. هو صرف لکندا ڪونه هئا، سماجي ۽ سياسي خدمتن ۾ به اڳڀرا هئا.

        ورهاڱي کان پوءِ ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ۾ سنڌي  ادبي سرگرميون هميشه  لاءِ ختم ٿي ويون. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ، هن ڪاليج ۾ هلندڙ سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي جلدي ختم ٿي وئي. سوسائٽي جرنل جو آخري پرچو (جلد اٺون، نمبر 3) جنوري 1948ع ۾ شايع ٿيو. هي شمارو ”ڊاڪٽر ايڇ.ايم.گربخشاڻي يادگار نمبر“ ڪري ڪڍيو ويو هو. هتي شروع ٿيندڙ ادبي جماعتن جي حوالي سان بدر ڌامراهي لکيو آهي ته: ”’سنڌي ادبي سرڪل‘ ۽ ’انجمن ترقي پسند مصنفين‘ ورهاڱي تائين جاري رهي بند ٿي ويون. ’سنڌي ادبي سرڪل‘، شيخ ’راز‘ ۽ اياز جي تعليم مڪمل ڪرڻ ۽ ڪاليج ڇڏڻ سبب ختم ٿي ويئي؛ ۽ ’انجمن ترقي پسند مصنفين‘ ورهاڱي ۾ لڏپلاڻ سبب بند ٿي ويئي. ورهاڱي کان ٿورو اڳ ۾ گوبند مالهيءَ ’سنڌي ادبي سنگت‘ نالي هڪ جماعت قائم ڪئي، جنهن ورهاڱي کان پوءِ مستحڪم ۽ باقاعده ادبي جماعت جي صورت اختيار ڪئي.(1)

          ورهاڱي کان پوءِ جي ٿيل علمي ۽ ادبي سرگرمين جو احوال نه ٿو ملي. پر هن ڪاليج ۾ خاص طور تي انگريزي، اردو ۽ سنڌي ٻولين جي علم ۽ ادب لاءِ ڪي جماعتون جُڙيون، جن گڏجاڻيون، فنڪشن، سيمينار، مشاعرا، ليڪچر وغيره ڪيا. پر هتي سنڌي ٻوليءَ جي جاءِ تي اردو ادب گهڻو پروان چڙهيو، ڇو ته ليڪچررن کان ويندي پروفيسرن تائين جي وڏي اڪثريت اردو ڳالهائيندڙن جي هئي. حقيقت اها به آهي ته ورهاڱي کان پوءِ، ڪاليج ۾ منظم طور تي علمي ۽ ادبي سرگرميون ٿيون به ڪونهن. شروع وارن ڏينهن ۾ جڏهن ڊي.جي. ڪاليج جا اوائلي پروفيسر ۽ پرنسيپل هئا ۽ کين ورثي ۾ مليل ادبي تنظيمون به هيون، ته انهن ڪوشش ڪري، ڪي قدر علمي ۽ ادبي سرگرميون جاري رکيون. 1975ع تائين، ميٺارام  هاسٽل ۾ رهندڙ سنڌي شاگردَ ڪنهن نه ڪنهن نموني ڪاليج جي اندر  يا ٻاهر ادبي سرگرميون جاري رکندا آيا، پر  انهن جو تعداد گهڻو نه هو. ان کان پوءِ خاموشي ٿي ڏسجي. اگر ڏسجي ته 1984ع کان پوءِ ڪاليج ۾ ايندڙ پرنسيپل هڪ ٻن سالن جي عرصي تائين رهيا ئي ڪونهن (سواءِ ڊاڪٽر روي شنڪر جي). ان ڪري نه صرف ڪاليج جي تعليمي معيار کي نقصان پهتو آهي، پر علمي ۽ ادبي سرگرميون بلڪل ٺپ ٿي ويون. البته، ڪجهه استاد، ڪجهه شاگرد ذاتي حيثيت ۾، ڪاليج جي اندر ۽ ٻاهر پنهجون علمي ۽ ادبي سرگرميون جاري رکندا آيا آهن.  ان کان علاوه، ڪاليج طرفان ساليانو مخزن به جاري ٿيندو رهيو آهي، پر ان جي هر سال باقاعدگيءَ سان اشاعت نه رهي آهي.  هن وقت ڏهه کان پندرهن پرچا ڪاليج جي لائبريريءَ ۾ موجود آهن. شروع جي ڏينهن ۾ ڪاليج جي فارغ التحصيل شاگردن پاران Old Boys’ Association قائم ڪيل هئي، جنهن ڪيترائي فنڪشن ڪرايا ۽ شاگردن جي حوصلي افزائيءَ لاءِ انعام ۽ ايوارڊ به ڏنا. مختلف موقعن تي ڪاليج جي ترقيءَ لاءِ فنڊ جمع ڪري ڪاليج جي حوالي ڪيا. اڳتي هلي، 1987ع ڌاري The D.Jarian   پڻ قائم ٿي. ڪاليج ۾، نون ۽ پراڻن استادن جي به هڪ جماعت رهي آهي، جيڪا هاڻي به هر سال گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو گڏجاڻي ڪندي آهي، ۽ ڊنر جو انتظام ڪندي آهي. بهرحال، ڪاليج جي ڪجهه ادبي سرگرمين جو مختصر احوال ڏجي ٿو:

ڊي.جي. ڪاليج مخزن

          ڪنهن به تعليمي اداري جي ميگزين يا مخزن جو شاگردن جي سکيا ۽ تخليقي سگهه وڌائڻ ۾ وڏو ڪردار هوندو آهي. ان ميگزين مان ڪاليج جي شاگردن  ۽ استادن جي ثقافتي، سماجي، اخلاقي قدرن جي خبر پوندي آهي. ورهاڱي کان اڳ، ڪاليج مان هڪ  ڇهه ماهي علمي ۽ ادبي مخزنڊي.جي. سنڌ ڪاليج مسليني“ نڪرندي هئي. مخزن سنڌي، انگريزي ۽ گجراتي ٻولين ۾ شايع ٿيندي هئي، جنهن جا ايڊيٽر، ڪاليج جا استاد ۽ اسسٽنٽ ايڊيٽر، ڪاليج جا شاگرد يا شاگردياڻيون هونديون هيون. مخزن سال ۾ ٻه دفعا فيبروري ۽ آڪٽوبر ۾ شايع ٿيندي هئي. هيءَ مخزن 1947ع تائين جاري رهي. ڊي.جي. ڪاليج جي مسلينيءَ کي ڏسي، شڪارپور ۽ حيدرآباد جي ڪاليجن، اين.جي.وي. اسڪول ڪراچي، ٺاروشاهه هاءِ اسڪول، جيڪب آباد هاءِ اسڪول، نوشهرو فيروز هاءِ اسڪول، لاڙڪاڻو هاءِ اسڪول ۽ ڪي ٻيا اسڪول انگريزي ۽ سنڌي ٻولين ۾ مسليني جاري ڪندا هئا.

        ورهاڱي کان پوءِ، هيءَ انتهائي معياري ۽ ادبي مخزن هميشه لاءِ بند ٿي وئي. ان جي جاءِ تي ساليانو ڊي.جي. ڪاليج ميگزين يا مخزن جي شروعات ٿي. صحيح نموني خبر پئجي نه سگهي آهي، ته پهرين ڪهڙي پرنسيپل هن مخزن جي شروعات ڪئي. اها به افسوس جي ڳالهه آهي ته هيءَ مخزن سالياني به شايع نه ٿيندي رهي آهي. اسان جي تحقيق موجب، گذريل 75 سالن ۾ هن مخزن جا مشڪل سان ويهه پرچا شايع ٿيا هوندا.

        ڊي.جي. ڪاليج مخزن ٽن ٻولين ۾ شايع ٿيندو آهي، جنهن ۾ گهڻو حصو  انگريزي ۽ اردوءَ کي ملندو آهي ۽ ٿورو حصو سنڌيءَ جو هوندو آهي. ٽنهي حصن لاءِ استادن ۽ شاگردن تي مبني ايڊيٽوريل بورڊ جوڙيو ويندو آهي، جيڪو مخزن لاءِ پنھنجي پنھنجي حصن جو مواد گڏ ڪندو آهي ۽ انهن کي ايڊٽ ڪندو آهي. مخزن جو  چيف ايڊيٽر ۽ سرپرست هميشه ڪاليج جو پرنسيپل هوندو آهي.  مخزن ۾ گهڻو ڪري شروع وارن صفحن تي قائد اعظم محمد علي جناح جو ڪو پيغام، سنڌ جي گورنر، چيف منسٽر، تعليم جي وزير ۽ سيڪريٽريءَ جا پيغام ڏنل هوندا آهن، ۽ ڪاليج جو پرنسيپل پنھنجي طرفان ڪاليج جي ميگزين، اڪيڊمڪ ۽ نان اڪيڊمڪ سرگرمين جو احوال لکندو آهي.  هن مخزن جا ليکڪ، ڪاليج جا استاد ۽ شاگرد هوندا آهن.(2)

مخزن:  سال 1958ع

        1947ع کان پوءِ جيڪي به مخزن شايع ٿيا آهن، انهن  جي شروع واري دؤر ۾ سٺو مواد ته شايع ٿيو، پر اهو اديب پيدا ڪري نه سگهيو. ڇو ته هر سال مخزن نڪرندو نه هو، جڏهن ته هر سال شاگرد تبديل ٿي ويندا هئا ۽ ڪاليج جا استاد تمام گهٽ لکندا هئا. ورهاڱي کان پوءِ، ڪاليج جو پهريون مخزن پروفيسر ايل. اي. ڊيسوزا شايع ڪيو. جيئن ته هُو انگريزن جي دؤر کان ڪاليج سان وابسته هو، کيس ڪاليج جي ادبي سرگرمين جي اهميت جي خبر هئي، ان ڪري هن آگسٽ 1958ع ۾ ڪاليج جو پهريون مخزن شايع ڪرايو. جنهن ۾ پروفيسر ايل. اي. ڊيسوزا پاڻ انتهائي تفصيل سان پنھنجي ايڊيٽوريل ۾ ڪاليج جي تاريخ، ترقي ۽ مسئلن کي بيان ڪيو آهي. جڏهن ته انگريزي ۽ اردوءَ سيڪشن ۾ شاگردن ۽ استادن جا مضمون ڏنل آهن، پر مخزن ۾ سنڌي سيڪشن شامل ئي نه آهي.

مخزن:  سال -1961- 1960ع

          -19591958ع کان پوءِ -1961 1960ع وارو شمارو، اسان جي رڪارڊ ۾ موجود آهي. هن شماري جو صدر ۽ چيف ايڊيٽر پرنسيپل ايل.اي. ڊيسوزا آهي. جڏهن ته انگلش سيڪشن جو ايڊيٽر سليم حافظ،  اردوءَ جو محمد فضل مبين ۽ سنڌيءَ جو احسان احمد سيد آهي. 1961ع جو سال پروفيسر  ايل.اي. ڊيسوزا جي رٽائرمينٽ ۽ جي.بي. سڌوا جي پرنسيپل ٿيڻ جو آهي. هن شماري جي ايڊيٽوريل ۾، پرنسيپل ايل. اي ڊيسوزا ڊي.جي. ڪاليج جي بهترين تاريخ لکي آهي ۽ پاڪستان جي قيام کان پوءِ وارين حالتن جو بيان ڏنو آهي. هن خاص طرح سان، قيام کان پوءِ وارن مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي ۽ پنھنجي پرنسيپل شپ ۾ جيڪي ڪم ڪرايا، انهن جو تفصيل ڏنو آهي. هن ئي شماري ۾ ميگزين، جيم خاني، اسٽوڊنٽ يونين، آرٽ ۽ ڪرافٽ، سنڌي سرڪل، لٽرري ، سائنس ۽ وئلفيئر سوسائٽين جون الڳ الڳ رپورٽون ڏنل آهن. هن شماري ۾ گهڻي ۾ گهڻو مواد انگلش ۾ ڏنل آهي، جڏهن ته اردو ۽ سنڌي مواد به شامل آهي. سنڌي سيڪشن جو پيشڪار احسان احمد سيد آهي. هن مخزن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو هيٺيون مواد شايع ٿيل آهي:

1.                        

مذهب ۽ اسين

غلام نبي مغل، فرسٽ ايئر سائنس

2.                       

شاگرد- اميد جو آخري ترورو

محمد سليم شيخ، فرسٽ ايئر بائلاجي

3.                       

سهڻا سخن

اشفاق احمد انصاري، انٽر بائلاجي

4.                       

اوهان واعدو ڪيو ئي ڇو ٿا؟

سنڌيڪار: حاتم حيدربخش جتوئي، انٽر سائنس بائلاجي

5.                       

ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري!

نارائڻ جگيشا، فرسٽ ايئر سائنس (ڊي)

6.                       

ڇا توهان کي خبر آهي؟

غلام قادر فرسٽ ايئر ، بي ايس.سي

7.                       

نوريءَ جو نياز

محمد حسين عقيلي، انٽر سائنس

8.                       

معلومات

ممتاز احمد عقيلي، فرسٽ ايئر سائنس  (اي)

9.                       

ڪا به شيءِ ڪيئن ياد ڪجي؟

شفقت جعفري، بي ايس.سي

10.                      

سهائي رات

ممتاز احمد عقيلي، فرسٽ ايئر بائلاجي  (اي)

11.                       

واعدو

عبدالحليم ايڇ.شيخ، انٽر سائنس، بائلاجي (بي)

مخزن: سال 1963-1962ع

        1963-1962ع وارو ڪاليج  مخزن  اهم آهي، ڇو ته پرنسيپل جي.بي. سڌوا، پرنسيپل ڊيسوزا کان وڌيڪ سرگرم هوندو هو. سندس دؤر ۾، ڪاليج ۾ ڪيتريون ئي سوسائٽيون قائم هيون. سندس سرپرستيءَ ۾ 1963-1962ع  ۾ ڪاليج جو  ميگزين شايع ٿيو، جنهن  ۾ پاڻ ڪاليج جي، جن شاگردن پوزيشنيون کنيون يا مختلف راندين جا مقابلا کٽيا، انهن جي رپورٽ ڏني اٿائين. مخزن جا ليکڪ، استادن کان وڌيڪ شاگرد آهن، جن جي انگريزيءَ ۾ به شاعري ڏنل آهي. هن مخزن کي پڙهي، انتهائي تعجب ٿئي ٿو، ته 1962ع کان اڳ ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جو شعبو ختم ڪيو ويو هو. ان سلسلي ۾ هن مخزن  جي سنڌي شعبي جو انچارج شجراع انور لکي ٿو ته، ”هن سال کان اسان جي ڪاليج ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ به کلي آهي ۽ سمجهان ٿو ته اهو هڪ تعليم کاتي وارن انتهائي سهڻو قدم کنيو آهي. مان پنھنجي سنڌي ڀائرن طرفان مبارڪ باد پيش ڪندي هڪ وڌيڪ گذارش ڪندس، ته جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ کي 1956ع وارو درجو ڏيئي ۽ ساڳي نموني سان يونيورسٽين تائين ان جو  حق بحال ڪن، ته  اسان سڄي سنڌ جا سنڌي باشندا کين دعائون ڪندا رهنداسين“.(3) هن مخزن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو هيٺيون مواد شايع ٿيل آهي:

1.                   

شاهه جي حب الوطني

انصاري اشفاق احمد (بي.ايس.سي، ٻيو سال)

2.                  

مرحوم عثمان علي انصاري

عبداللطيف کوکر، ليڪچرر سنڌي

3.                  

سنڌي سڄڻ جي سنگت

شجراع انور (بي.ايس.سي، پهريون سال)

4.                  

مفردن جي ترتيب

پيرزادو صاحب، ڊمانسٽريٽر، ڪيمسٽري

5.                  

ڇا غريب ٿيڻ گناهه آهي؟

جميله انصاري (بي.ايس.سي، پهريون سال)

6.                  

روحي

زبيده ڪاظم (بي.ايس.سي، ٻيو سال)

7.                  

آتش غم غزل

ڪمال احمد ڪمال، بي.ايس.سي

8.                  

اهي نينهن جا نيارا (ڪافي)

محمد يونس ڀٽي، بي.ايس.سي

9.                  

مولانا جلال الدين رومي

قادر بخش (انٽر سائنس)

10.              

گلفارم

شهاب الدين بلوچ (انٽر سائنس)

11.               

اسلامي تعليمات جي ضرورت

فخرالنساءِ (بي.ايس.سي، پهريون سال)

12.              

جيون مالها

ارجن داس (بي.ايس.سي)

مخزن: سال 1965ع-1964ع

        1963-1962ع  کان پوءِ، 1965-1964ع ۾ پرنسيپل  جي. بي سڌوا جي ڪوششن سان ٻيو مخزن پڻ شايع ٿيو، جنهن جو چيف ايڊيٽر پرنسيپل صاحب پاڻ هو. ميگزين انچارج پروفيسر مسز سي. ڪي. ميڊورا، ميگزين سيڪريٽري حمزا محمود خان غوري ۽ ايڊيٽرن ۾ مس صاحبه مرزا، جعفر شريت ۽ سهيل احمد هئا.  هن مخزن ۾ صرف هڪ پرنسيپل جو ئي ميسج شامل هو. هن مخزن جا ليکڪ به ڪاليج جا استاد ۽ شاگرد آهن، جن جو سٺو مواد شامل ٿيل آهي.  هن مخزن ۾ ڪاليج جي جيم خانه، ميگزين، آرٽس  ۽ ڪرافٽ جون مختصر رپورٽون ڏنل آهن. انگريزي ۽ اردو جي ڀيٽ ۾ سنڌي مواد انتهائي مختصر ڏنل آهي.  سنڌي سيڪشن جو نگران عبداللطيف کوکر ۽ مدير عبداللطيف عقيلي آهن. هن مخزن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو هيٺيون مواد شايع ٿيل آهي:

1.                        

شاهه جي رسالي جي زبان

عبداللطيف عقيلي

2.                       

انسان جي بدن ۾ بنا ناليءَ وارا غدود

سهراب ڪوريجو

3.                       

غزل

اقبال احمد ٽانوري

4.                       

عوامي ادب

جاويد سليم

5.                       

جيوڙن جي ڪھاڻي

انصاري عبداللطيف هالائي

6.                       

دنيا جو داستان

سيد واجد علي

7.                       

غزل

قاضي رفيق احمد ابڙو

8.                       

غزل

مس روشن آرا مغل

9.                       

مغرب جو ٻيو رخ

عبدالله مهيسر

10.                      

اُس ۽ ڇانو  (ڪھاڻي)

محمد بخش سومرو

 مٿي ڏنل لسٽ ۾ جاويد سليم جو مضمون ”عوامي ادب“ لاجواب آهي، جنهن ۾ هن  زباني ادب ۽ ڪتابي ادب ۾ فرق ۽ هڪجهڙايون ڏنيون آهن.

مخزن: سال 1967ع- 1966ع

        1967ع- 1966ع ۾، پروفيسر افتخار احمد  ۽ پروفيسر جي.بي. سڌوا جي چيف ايڊيٽريءَ ۾ ڪاليج جو مخزن جاري ٿيو، جيڪو اڳوڻي پرنسيپل  جي.بي. سڌوا کي ارپڻ ٿيل هو. هن مخزن جو سيڪريٽري  محمود ارشد ڪمال هو، سنڌي شعبي جو نگران  عبداللطيف کوکر ۽ نائب مديره ميڊم فهميده ميمڻ هئا. اردو سيڪشن جو انچارج محمود ارشد ڪمال هو ۽ انگريزيءَ جو  پروفيسر مشهيدالدين صديقي هو. مخزن جا مختلف ايڊيٽوريل بورڊ پڻ هئا. هن مخزن ۾ صرف پرنسيپل جو ئي هڪ پيغام شامل هو.  اهڙيءَ طرح، هن مخزن جا ليکڪ  ڪاليج جا استاد ۽ شاگرد هئا. هن مخزن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو هيٺيون مواد شايع ٿيل آهي:

1.                   

بسم الله

امير بخش ميمڻ (بي.ايس.سي، ٻيو سال)

2.                  

ادب جي بي ادبي

رسول بخش ميمڻ (بي.ايس.سي فائنل)

3.                  

سنڌي وڇڙيل ڪونج، (ادب لطيف)

غلام محمد ميمڻ (بي.ايس.سي فائنل)

4.                  

اسان جي سونهاري سنڌ

نثار احمد آخوند، ٻيو سال علم رياضي

5.                  

قديم سنڌ جي سڀيتا ۽ شاهوڪاري

اظهار الحق (بي.ايس.سي، پهريون سال)

6.                  

ڪيوي

شبير احمد ميمڻ (بي.ايس.سي فائنل)

7.                  

گيت

محمد اقبال ميمڻ (بي.ايس.سي، پهريون سال)

8.                  

فنا (نظم)

عبدالحسين مشتاق، بي.ايس.سي، فائنل

9.                  

غزل

رفيق احمد جان (بي.ايس.سي، پهريون سال)

10.              

پاڇا ۽ پڙلاءَ، (ڪھاڻي)

فهميده ميمڻ (بي.ايس.سي، پهريون سال)

11.               

بنا ٽڪيٽ سفر، (ڪھاڻي)

ڪنيا لال ناگديو (بي.ايس.سي، فائنل)

12.              

بک بڇڙو ٽول، (ڪھاڻي)

عبدالعزيز بلوچ  (بي.ايس.سي، پهريون سال)

13.              

هيءَ ڪراچي آهي

شبير احمد شيخ، فرسٽ ايئر سائنس

14.              

دنيا غريب کي ڇو ٿي ڌڪاري!

بشير احمد انڙ، ٻيو سال (علم رياضي)

        هن شماري ۾، فهميده ميمڻ (ڊاڪٽر فهميد حسين) جي ڪھاڻي ”پاڇا ۽ پڙلاءُ“شايع ٿي هئي. پورو مخزن انتهائي معياري ۽ شاگردن جي انگريزي، اردو ۽ سنڌي مواد سان ڀرپور آهي. هن ئي شماري ۾ فهميده ميمڻ جو انگريزي مضمون  “Blessed Be God”  شامل آهي. هن شماري  مان خبر پوي ٿي ته شاگردن سان گڏ ڪيترين ئي شاگردياڻين جو مواد به شايع ٿيل آهي.

مخزن: سال 1972ع

        جيتوڻيڪ، مختلف سالن ۾ ٻيا به مخزن شايع ٿيا، پر اسان کي 1972ع جو شمارو حاصل ٿي سگهيو آهي. هيءُ مخزن مسٽر  اي.ايڇ زبيريءَ جي دؤر ۾ شايع ٿيو. ميگزين جي انچارج مسز ميڊورا ۽ ميگزين سيڪريٽري محمد يونس خان هئا. ميگزين جي ارپنا، اڳوڻي پرنسيپل پروفيسر آءِ. اي. انصاريءَ کي ڪيل آهي. هن مخزن ۾ صرف پرنسيپل جو ئي هڪ پيغام شامل هو.  انگريزي ۽ اردوءَ جو مواد نه صرف گهڻو آيل آهي، پر معياري به آهي. ان مواد جا ليکڪ استاد ۽ شاگرد آهن. هنن سائنس، راندين، مذهب ۽ تعليم جي باري ۾ وڌيڪ مضمون لکيا آهن. مختلف مخزنن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي شاگردن تمام گهٽ لکيو آهي. سنڌي شاگردن جون انگريزي يا اردو لکڻيون به نظر نه ٿيون  اچن. جنهن جو مطلب آهي ته سنڌي شاگرد، هن ڪاليج ۾ ادبي دنيا کان گهڻو ڪٽجي ويا هئا.  سنڌي سيڪشن جو انچارج  عبداللطيف کوکر ۽ ايڊيٽر ممتاز حسين قاضي هئا. مسٽر  قاضي يارهين ڪلاس جو شاگرد هو. پر، هن پنھنجي پاران لکيل ويچار ۾ اهم ڳالهه ڪئي آهي: ”اسان وٽ هن ڪاليج ۾ سنڌي لکندڙن جي گهڻي کوٽ آهي، جنھن ڪري اسان کي انتظاميه کان صفحات وڌيڪ وٺڻ ۾ دشوارين جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. جنھن ڪري مان اوهان کي گذارش ڪريان ٿو ته خدارا ڪجهه اڳيان وڌو، نه ته اهو پنھنجو ورثو وڃائي وهندا. اڄڪلهه نعري بازيءَ  جو وقت ناهي، پر عملي ڪم ڪرڻ جو وقت آهي. هن وقت توهان کي بيروني استحصال کان آزادي ملي آهي، ان جي حفاظت ڪريو. نه ته هيءَ پياري زبان يتيم سڏجڻ ۾ ايندي.(4) هن مخزن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو هيٺيون مواد شايع ٿيل آهي:

1.                   

حضرت ابوبڪر صديق رضه

افتخار حسين کوسو، ٻارهون-سي

2.                  

سچل سرمست

اعجاز علي شاهه، ٻارهون-سي

3.                  

شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن دائودپوٽو

ممتاز حسين قاضي، يارهون-اي

4.                  

ڏک سکن جي سونهن گهوريا سک ڏکن ري

نسيم ڪوثر ارباب، بي.ايس.سي

5.                  

پيئڻ بلا

ڀواني شنڪر شارڌا، ٻارهون- سي

6.                  

منهنجو وطن (نظم)

منظور حسين منظور، يارهون-اي

7.                  

ڪاليج جي زندگي

امتياز حسين شاهه، سال ٻيو

8.                  

لطيفو

آفتاب احمد کتري، پهرين سال سائنس

9.                  

موت

ممتاز حسين قاضي، يارهون-اي

10.              

ويڙا شال وڙن

ڀواني شنڪر شارڌا، ٻارهون-سي

11.               

زنده باد مڙده باد (افسانو)

افتخارالحق قريشي، بي.ايس.سي

12.              

بغير عنوان (افسانو)

مس اقبال شاهه، بي.ايس.سي

13.              

راڻيءَ جو موٽر مون ڪالهه گهرايو

غل آغا، پهريون سال ، سائنس

14.              

خدا (نظم)

منظور حسين منظور، يارهون-اي

مخزن: سال 1982ع- 1981ع

        1982-1981ع وارو مخزن پروفيسر اي.ايڇ. زبيريءَ جي دؤر ۾ نڪتو. مخزن جو انچارج پروفيسر شاهد حسين عشقي، ميگزين سيڪريٽري عامر نويد ملڪ  ۽ ايڊيٽر جمشيد مصطفيٰ هئا. هن مخزن ۾ صرف پرنسيپل جو ئي هڪ ميسج شامل هو.  سادي پني ۽ غير معياري مضمونن تي مشتمل هي مخزن معمول کان ٿورن صفحن تي ڦهليل هو. گهڻي  ۾ گهڻا مضمون اردوءَ جا شامل ٿيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. مجموعي طور تي، سڀئي مضمون ڪاليج جي استادن کان وڌيڪ شاگردن جا لکيل آهن. هن مخزن ۾ ڪاليج جي ڪجهه غير  تدريسي سرگرمين، جهڙوڪ راندين جي سالياني رپورٽ به ڏنل آهي. سنڌي سيڪشن جو نگران  عبداللطيف کوکر ۽ ايڊيٽر آغا عرفان آهي. هن مخزن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو هيٺيون مواد شايع ٿيل آهي:

1.                        

ٻارنهن مهينا ٻارنهن ڪھاڻيون

خالد محمود ترڪ، فرسٽ ايئر-سي

2.                       

خيالن جا گل

امتياز علي قريشي، ٻارهون-سي

3.                       

يادون

امتياز علي قريشي، ٻارهون-سي

4.                       

معصوم جو سوال (ڪھاڻي)

آغا عرفان، ٻارهون-سي

5.                       

سنڌڙي ۽ سنڌي ٻولي

عزيز احمد بهلول، ٻارهون- سي

6.                       

منهنجا ديس (نظم)

امتياز علي قريشي، ٻارهون- سي

7.                       

کلو ته سهي

عزيز احمد بهلول، ٻارهون- سي

8.                       

هي ديس (نظم)

آغا عرفان، ٻارهون-سي

9.                       

معلومات

آغا عرفان، ٻارهون- سي

مخزن: سال1987ع- 1986ع  

        1982ع کان پوءِ، هڪ يا ٻه مخزن شايع ٿيا. انهن مان هڪ1987ع- 1986ع  ۾ پروفيسر ظهير احمد جي زماني ۾ شايع ٿيو. مخزن جو چيف ايڊيٽر  ڊاڪٽر  ايم.ايم ارشي، سيڪريٽري عرفان ستار آهن.  ان شماري ۾ سنڌ جي وزير اعليٰ اختر علي جي قاضي ۽ ڪاليج جي پرنسيپل جا ميسيجز ڏنل آهن. درحقيقت، 1987ع ۾ ڪاليج جي هڪ سو ساله جشن جو سال هو، پر هن مخزن ۾ ان جو  ڪو خاص ذڪر آيل نه آهي. البته اردو واري سيڪشن ۾ هڪ شاگرد  عبدالرزاق  عبدالغفار جي مضمون مان معلومات ملي ٿي ته: ”1987ع ۾ سو ساله جشن جي سلسلي ۾ ڪاليج جي اڳوڻن پرنسيپلن ڪوششون ورتيون، جنهن جو آغاز سرور زبيريءَ ڪيو. کانئس پوءِ ايندڙ پرنسيپلن جن ۾ پروفيسر عبيدالرحمان، پروفيسر نسيم شيخ، پروفيسر ضياءُ الدين ۽ پروفيسر انوارالحق هاشمي شامل هئا، جشن ڪرائڻ لاءِ  پوري پوري دلچسپي ورتي، پر اتفاق سان سڀئي پرنسيپل صاحبان هڪٻئي پٺيان بدلي يا رٽائر ٿيندا ويا ۽ جشن سو ساله پرنسيپل جناب ظهير احمد جي هٿن سان مڪمل ٿيو. بدقسمتيءَ سان ڪراچيءَ ۾ ڪجهه اهڙيون حالتون ٿي پيون، جن ۾ ڏک به هو ۽ شهر ۾ ڪرفيو به لڳل هو. ان ڪري انتظاميه فيصلو ڪيو ته جشن تاسيس جو آغاز جهنڊي جي سلاميءَ سان ڪيو وڃي.(5)  هن مخزن ۾،  ڪاليج جي ٽن اڳوڻن شاگردن  ڊاڪٽر  ڊيسا، ڊاڪٽر اي. ڪيو. خان ۽ ڊاڪٽر اديب الحسن جا سندن دؤر جي ڪاليج جي يادن بابت مختصر رايا ڏنل آهن. مخزن ۾ شامل مضمون، ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن جا لکيل آهن، جيڪي ڪچا ۽ ڦڪا محسوس ٿين ٿا، ڇو ته مضمونن جي چونڊ، ايڊيٽنگ ۽ پروف ريڊنگ تي ڌيان ڏنل نظر نه ٿو اچي. سنڌي سيڪشن جو نگران پروفيسر عبداللطيف کوکر ۽ ايڊيٽر فاروق حيدر آهن. هن مخزن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو هيٺيون مواد شايع ٿيل آهي:

1.                        

ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب جي ترقيءَ جو جائزو

سبينه کوکر، بي.ايس سي فائنل

2.                       

ذڪرِ حبيب: سنڌ جي حوالي سان 

محمد خان ٻرڙو، بي.ايس سي فائنل

3.                       

شاهه سائينءَ جو سر سامونڊي

ميرل خان ڇٽو، ڪلاس ٻارهون  اي

4.                       

سچل سرمست

محمد رفيق ميمڻ، ڪلاس ٻارهون 

5.                       

غلام محمد شاهه ”گدا“

ديدار حسين مگسي

6.                       

شاهه جي عظمت

عطا الرحمان جروار، بي.ايس سي

7.                       

ياد (نظم)

الطاف سرهيو، انٽر سائنس

8.                       

ننڊ ۽ اوجاڳو  (ڪھاڻي)

وزير علي چانڊيو، سيڪنڊ ايئر

9.                       

آخري منزل

نواز علي ميمڻ، ڪلاس ٻارهون 

10.                      

پريت جو فلسفو

غفار ڀٽو، بي.ايس سي II-

11.                       

قديم سنڌ جو مختصر جائزو

الطاف حسين ميمڻ، ڪلاس ٻارهون  اي

 

مخزن: سال 1987ع

        ڪاليج طرفان 1987ع ۾ هڪ ٻيو به مخزن شايع ٿيو، جنهن ۾ مخزن انچارج پروفيسر شاهد حسين عشقي ۽ ڊاڪٽر ايم. منيرالدين ارشي هئا. انگريزي سيڪشن  جو انچارج پروفيسر ايم.اي.ايس. قريشي، اردوءَ جو راجا شهزاد ۽ سنڌيءَ جو  پروفيسر عبداللطيف کوکر هئا. هي مخزن پرنسيپل ظهير احمد جي دؤر ۾ شايع ٿيو.  مخزن ۾ ڪوبه پيغام ڏنل نه آهي، نه وري مهاڳ طور ڪجهه لکيل آهي. چند انگريزي ۽ اردو، ۽ ڪي ٿورا سنڌي جا مضمون ڏنل آهن.  هيءُ مخزن انتهائي سادو ۽ غير معياري  مواد سان ڀريل آهي. هن مخزن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو هيٺيون مواد شايع ٿيل آهي:

1.                   

سيرت النبي ۽ جديد دؤر 

نور احمد پتافي، يارهون ڪلاس

2.                  

ديوان ڏيارام ڄيٺمل  

اڪبر سرڪي، ليڪچرر رياضي

3.                  

سچل سارو سچ

حسين سليم شيخ، فرسٽ ايئر، انجنيئرنگ

4.                  

شاهه بابت ڳالهيون

خالد حسين گدارو، ٻارهون ڪلاس 

5.                  

راڻا تو مان راڄ ٿيندا

عرفان احمد بلوچ، ٻارهون ڪلاس

6.                  

سائنسي اهم کوجنائون

زبير يوسف ڀنڀرو، بي.ايس سي فائنل

7.                  

شاهه جي زندگيءَ  جا ڪجهه دلچسپ واقعا

زاهد احمد ميمڻ، ٻارهون ڪلاس

8.                  

شاهه لطيف: جڳ مشھور ۽ مهابرک ڏاهن جي نظر ۾

امام الدين چانڊيو، بي ايس سي

9.                  

قول دنيا جي ڏاهن جا

فاروق احمد شيخ، ڪلاس يارهون

10.              

ڇا اوهان کي خبر آهي؟

رفيع الدين اعواڻ، بي.ايس سي ، سال پهريون

11.               

حمد

زبير يوسف ڀنڀرو، بي.ايس سي فائنل

12.              

غزل

عاطف عباسي، فرسٽ ايئر، پري انجنيئرنگ

13.              

غزل

محمد خان ٻرڙو، بي.ايس سي فائنل

14.              

غزل

منير احمد شهاڻي، يارهون ڪلاس

مخزن: سال 2002-2001ع

        وچ ۾ ڪجهه ٻيا مخزن به شايع ٿيا، پر پرنسيپل ڊاڪٽر روي شنڪر جي ميسيج مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ مخزن ڏهن سالن جي وقفي کان پوءِ شايع ٿي  رهيو آهي. ان حوالي سان سال 2002-2000ع وارو شمارو انتهائي منفرد  ۽ معياري آهي. هي مخزن پروفيسر روي شنڪر جي دؤر ۾ شايع ٿيو. مخزن جو انچارج ڊاڪٽر نورالحق ۽ انگلش سيڪشن جو انچارج پروفيسر موسيٰ ڪاملاڻي آهن. مخزن جي شروع ۾ پروفيسر انيتا غلام علي (وزير تعليم)، محمد شريف (سيڪريٽري تعليم)، ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز، ڊاڪٽر روي شنڪر (پرنسيپل)، پروفيسر ڊاڪٽر نورالحق (وائيس پرنسيپل)، پروفيسر موسيٰ ڪاملاڻي (انچارج انگلش سيڪشن) جا ميسيجز (پيغام) ڏنل آهن. مخزن ۾ ڪاليج ۾ ڪم ڪندڙ ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف جي مڪمل لسٽ ڏني وئي آهي. ان کان علاوه، مخزن ۾ ڪاليج جي چئن سينيئر ۽ اهم  پروفيسرن، جن ۾ پرنسيپل ڊاڪٽر روي شنڪر، پروفيسر افضل حسين، پروفيسر موسيٰ ڪاملاڻي، پروفيسر ارشد جمال ۽ پروفيسر چغتائي شامل آهن، جا انٽرويو شايع ڪيا ويا آهن، جن ۾ سندن تعليمي پس منظر کان ويندي ذاتي زندگيءَ جا دلچسپ واقعا ڏنل آهن. هن  شماري ۾ پروفيسر ناگپال جا انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ مضمون پڻ ڏنل آهن.  هن مخزن جي سڀ کان خاص ڳالهه، اها آهي، ته اردو سيڪشن ”ڊاڪٽر عبدالقدير خان نمبر“ طور شايع ٿيل آهي. هن شماري جي سنڌي سيڪشن جو انچارج علي راز شر ۽ ايڊيٽر شاهد علي سومرو هئا. هن مخزن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو هيٺيون مواد شايع ٿيل آهي:

1.                        

شاهه ۽ لسانيت

علي راز شر، چيئرمين سنڌي شعبو

2.                       

ڪجهه غور طلب گفتا 

پروفيسر ناگپال، انگريزي شعبو

3.                       

شاهه: سنڌي ٻوليءَ جو معمار

مسز سڪينه ميمڻ، اسسٽنٽ پروفيسر سنڌي شعبو

4.                       

سنڌ جي تعليمي ماحول کي سڌارڻ جي ضرورت

شاهد حسين سومرو 

5.                       

صوفي مت ڇا آهي؟

غفور ميمڻ

6.                       

اکر پڙهه الف جو

ياسمين عبداللطيف چانڊيو، بي.ايس سي II

7.                       

سياسي  ٻارن جو مجرم بنجڻ

شاهد حسين سومرو، بي.ايس سي I

8.                       

وطن جي محبت

نازيه شيخ

9.                       

ماحولي گدلاڻ، هڪ وڏو مسئلو

شازيه شاهه، بي.ايس سي II

10.                      

سچ، سونهن ۽ سورن جو شاعر

امتياز علي ٻرڙو، سيڪنڊ ايئر پري انجنيئرنگ

11.                       

ايڪيهين صديءَ جا مسئلا ۽ حاصل ٿيندڙ ترقيون

انيل ڪمار، ڪلاس ٻارهون ، بي 

12.                      

ڪوڙين ڪن سلام

ياسمين عبداللطيف چانڊيو، بي.ايس سي II

مخزن: سال 2008ع

          2008ع ۾ پرنسيپل پروفيسر حڪيم الله بيگ چغتائيءَ جي دؤر ۾ ڪاليج مخزن شايع ٿي آيو، جنهن  ۾ ميگزين ڪميٽيءَ جي ميمبرن ۾ پرنسيپل حڪيم چغتائي، پروفيسر رضوان حيدر (وائيس پرنسيپل)، پروفيسر وسيم عادل،  پروفيسر نذير احمد شيخ (شعبه انگلش)، پروفيسر عتيق احمد، پروفيسر افتخار محمد اعظمي، پروفيسر سڪينه ميمڻ ۽ پروفيسر محمد اقبال شامل آهن.  مخزن جي اشاعت بهترين پيپر تي ٿيل آهي. ڪاليج جي سڀني ٽيچنگ اسٽاف جا فوٽو ڏنل آهن. جڏهن ته ميسيجز ۾ ڊاڪٽر عشرت العباد (گورنر سنڌ)، نثار احمد کهڙو (اسپيڪر سنڌ اسيمبلي)، پير مظهر الحق (تعليم کاتي جو وزير)، پروفيسر ڊاڪٽر  رفيع احمد صديقي (ڊائريڪٽر ڪاليجز) ۽ پروفيسر حڪيم الله بيگ چغتائي (پرنسيپل) ڊي.جي. ڪاليج شامل آهن. مخزن ۾ هڪ بهترين مضمون پروفيسر افتخار محمد اعظمي جو ”ڊي.جي. سنڌ گورنمينٽ سائنس ڪاليج تاريخ ڪي  آئيني ۾“ ڏنل آهي، جنهن ۾ ڪاليج جي تاريخ ۽ پرنسيپل جي باري ۾ مختصر معلومات ڏنل آهي. سنڌي شعبي جي انچارج پروفيسر سڪينه ميمڻ آهي. هن مخزن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو هيٺيون مواد شايع ٿيل آهي:

1.                   

ڊي.جي. ڪاليج جي تاريخ

پروفيسر سڪينه ميمڻ

2.                  

سرجي تان سور، سامائي  ته  سک ويا!

پروفيسر ناگپال

3.                  

محنت جي عظمت

ارسلان ميمڻ

4.                  

خطاب به ڊي.جي. سنڌ ڪاليج

نبي بخش بلوچ 

5.                  

اسان جو محبوب پرنسپل ڊاڪٽر روي شنڪر هراڻي

پروفيسر شمس الدين ابڙو

6.                  

شاهه جا بيت

رويت ڪمار  XII

7.                  

شاهه لطيف ڀٽائي

سسئي ميمڻ

8.                  

سچل سرمست 

خوشحال XII

9.                  

ٻهراڙيءَ جي عورت

پروفيسر سڪينه ميمڻ

10.              

حيات طيبه

آصف  BSc

11.               

سنڌي ٻوليءَ تي عربي جو اثر

پروفيسر سڪينه ميمڻ

12.              

سر مارئي

لياقت علي XII

13.              

سرهاڻ

صوبيه ارم BSc

14.              

ڌرتيءَ جو پيغام  (نظم)

مصعب ضرار  XII

مخزن: سال 2010ع

        2010ع واري مخزن جي اشاعت شاندار ۽ فوٽن جي رزلٽ به بي مثل آهي. هي شمارو پروفيسر سيد رضوان حيدر جي دؤر ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن جا مضمون ۽ مواد شامل آهي. ميگزين ڪميٽيءَ ۾ پروفيسر سيد رضوان حيدر، پروفيسر وسيم عادل،  پروفيسر نذير احمد شيخ (شعبه انگلش)، پروفيسر عتيق احمد، پروفيسر افتخار محمد اعظمي، جي.رامداس ۽ پروفيسر محمد اقبال شامل آهن.  سنڌي سيڪشن ۾ انتهائي غير معياري ۽ زوريءَ لکرايل يا شامل ڪيل مواد آهي. جڏهن ته اردو ۽ انگلش جو مواد ڪافي حد تائين بهتر آهي. مخزن جي شروع ۾ ڊاڪٽر عشرت العباد (گورنر سنڌ)، پير مظهر الحق (تعليم کاتي جو وزير) ۽ پروفيسر سيد رضوان حيدر (پرنسيپل) ڊي.جي. ڪاليج  جا ميسيجز ڏنل آهن. مخزن ۾ پروفيسر چغتائيءَ جي الودائي پارٽيءَ جي به رپوٽ شامل آهي. هن مخزن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو هيٺيون مواد شايع ٿيل آهي:

1.                        

پنھنجي پاران

پروفيسر جي. رامداس

2.                       

مون ۾ تون موجود

پروفيسر ناگپال

3.                       

علم هڪ انمول موڙي

راحيل احمد ، پري ميڊيڪل XII

4.                       

سنڌ جي مختصر تاريخ

نادر علي سومرو، پري ميڊيڪل XII

5.                       

گوڙ جي گدلاڻ

سري ڪانت، BSc

6.                       

هالا: سنڌ جو هڪ تاريخي ۽ ثقافتي شهر

نائف رفيق انصاري، انٽرني ليڪچرر، فزڪس

7.                       

حضرت علي عليه السلام جا قول

پروفيسر طاهره مقبول موسوي، انگريزي شعبو

8.                       

هنر- عقل جو خزانو  

اياز لطيف  BSc-II

9.                       

انسان جي جسم جي دلچسپ ڄاڻ

فهد حاتم، BSc-I

10.                      

جانورن جون ڪجهه حيرت انگيز حقيقتون

فهد حاتم، BSc-I

11.                       

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا بيت 

چونڊ پروفيسر خدا بخش مڱريو

ادبي جماعتون ۽ سوسائٽيون

        ورهاڱي کان اڳ، ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ڪيتريون ئي علمي ۽ ادبي جماعتون قائم هيون. لڏ پلاڻ جي ڪري، انهن جماعتن جو خاتمو ٿي ويو. پر 1948ع کان، ڪي قدر سرگرميون شروع ٿيون ۽ ڪجهه جماعتن کي ٻيهر فعال ڪيو ويو ۽ وقت سان گڏ ڪي نيون جماعتون قائم ڪيون ويون، جن ۾ لٽرري سوسائٽي‘، ’ڊبيٽنگ سوسائٽي‘ ۽ ’ڊرئميٽڪ سوسائٽي‘، ’سوشل سوسائٽي‘، ’آرٽ ائنڊ ڪرافٽ سوسائٽي‘، ’ويلفيئر سوسائٽي اهم آهن. ڪاليج ۾  1970ع کان جماعت اسلامي ۽ 1980ع کان  ايم.ڪيو.ايم. جو به تمام گهڻو اثر و رسوخ رهيو آهي. انهن سياسي جماعتن به هتي سياسي جلسا ۽ ڪي ادبي سرگرميون ڪيون آهن. ڪاليج ۾ اڄ به شاگردن جا مقابلا ۽ تقريبون ٿينديون رهن ٿيون، جن ۾ شاگردن کي انعام ۽ ايوارڊ ڏنا ويندا آهن.  ورهاڱي کان پوءِ، هتي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب  جي حوالي سان ڪابه قابل ذڪر  تنظيم، اشاعت، يا ڪو فنڪشن نظر نه ٿو اچي. سنڌي ادب، هن ڪاليج مان پنھنجي ادبي حيثيت وڃائي چڪو آهي. بهرحال، هتي انگريزي ۽ اردو ادب جي تمام گهڻي ترقي ٿي آهي ۽ تعليمي حوالي سان پڻ ڪيتريون ئي جماعتون قائم ٿينديون رهيون آهن.  هتي انهن جو مختصر احوال ڏجي ٿو:

ڪاليج لٽرري سوسائٽي

        ورهاڱي کان پوءِ، پروفيسر ايل. اي ڊيسوزا پهريون پرنسيپل هو، جنهن ڪاليج جو مخزن جاري ڪيو. 1959ع ۾ ڪاليج ۾ استادن ۽ شاگردن تي مبني ڊي.جي. ڪاليج لٽرري سوسائٽيءَ‘ جو بنياد رکيائين. هن سوسائٽيءَ، خاص طور تي، انگريزي زبان ۾ مقابلا، ليڪچر ۽ ادبي نشستون ڪرايون. هن سوسائٽيءَ کي پرنسيپل ايل. اي ڊيسوزا پاڻ ڏسندو هو. اڳتي هلي، پروفيسر جي.بي. سڌوا هن سوسائٽيءَ کي تمام گهڻو سرگرم ڪيو. ڇو ته پروفيسر سڌوا جي دؤر ۾ هر سال جي حساب سان ڪاليج مخزن شايع ٿيندا هئا، انهن ۾ ڪاليج لٽرري سوسائٽيءَ  جي سرگرمين جي مڪمل رپورٽ موجود آهي. هيءَ سوسائٽي سنڌي، انگريزي ۽ اردوءَ ۾ پروگرام رچائيندي هئي.

ڊبيٽنگ سوسائٽي

        ڪاليج ۾ ڊبيٽنگ سوسائٽي، ورهاڱي کان اڳ ئي هلندڙ هئي. 1949ع کان ان کي هڪ دفعو ٻيهر فعال ڪيو ويو. هيءَ سوسائٽي ٻارن کي تيار ڪري، نه صرف ڪراچيءَ ۾ ڊبيٽنگ مقابلا ڪرائيندي هئي، پر ملڪي سطح تي ٻارن کي تيار ڪيو ويندو هو. هن سوسائٽيءَ جو  صدر پروفيسر جي.بي. سڌوا هوندو هو ۽ پروفيسر عبيدالرحمان انچارج هوندو هو. ان کان علاوه، پروفيسر زيڊ. اي رضويءَ جو به اهم ڪردار هوندو هو.(6) اڳتي هلي، ٻين پرنسيپلن به ان کي تمام گهڻو سرگرم رکيو ۽ هر سال ملڪي سطح تي مقابلا ڪرايا ويندا هئا. هيءَ سوسائٽي 1970ع واري ڏهاڪي تائين بهترين ڪم ڪندي رهي. ان کان پوءِ، هن سوسائٽيءَ کي بي اثر ڪيو ويو.

ڊرئميٽڪ سوسائٽي

        ورهاڱي کان اڳ ئي، ڪاليج ۾ ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ جو قيام ٿيل هو، پر  ان کي پرنسيپل ايل.اي. ڊيسوزا ٻيهر فعال ڪيو. 1958ع ۾ ڪاليج پاران ڊرئميٽڪس سووينيئر پڻ شايع ڪيو ويو، جنهن جو صدر پرنسيپل ايل. اي ڊيسوزا ۽ نائب صدر ايس. شوڪت حسن هئا. هيءَ سوسائٽي 1949ع کان 1970ع تائين سرگرم رهي ۽ ان طرفان ڪيترائي اردو ڊراما اسٽيج ٿيندا رهيا، جن ۾ ”بابا ڪالي شاهه“، ”فلسفي پروفيسر“، ”مالش تيل ماليش“، ”ڇوٽي ميان“، ”ڪمرا  نمبر چار“،  ”مسافر“ وغيره اهم آهن.(7)

ڊي.جي. سنڌ ڪاليج سنڌي سوشل سرڪل

        ورهاڱي کان پوءِ، هن ڪاليج ۾ سنڌي شاگردن ۽ استادن جو تعداد انتهائي مختصر رهيو. جيڪي شاگرد ايندا ۽ ويندا هئا، پر انهن جي ڪابه ادبي تنظيم ڪانه هئي. ان کان علاوه، جيڪي شاگرد  پڙهندا هئا، ته انهن مان گهڻن کي ادبي دلچسپي  به ڪانه هوندي هئي. اهو ئي سبب آهي جو، ڪاليج مخزن ۾ سنڌي شاگردن جون لکڻيون تمام گهٽ آهن.

        ”سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪن ۾ هن ڪاليج ۾ پڙهندڙ سنڌي شاگردن، ادبي لکڻين جي چٽاڀيٽيءَ، تقريري مقابلن ۽ سماجي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ’ڊي.جي. سنڌ ڪاليج سنڌي سوشل ورڪ‘ نالي هڪ تنظيم قائم ڪئي. 68- 1967ع ڌاري هن تنظيم جا عهديدار پريم جگيشيا، عبدالحسين سرائي، اقبال ميمڻ، فهميده ميمڻ ۽ ٻيا هئا.(8) ڊي.جي. ڪاليج ۾ سنڌي شاگردن جو هي سوشل سرڪل، پروفيسر ايل. اي. ڊيسوزا، 62- 1961ع ۾ قائم ڪرايو هو. کيس ڪاليج ۾ سنڌي شاگردن جي سرگرمين جي خبر هئي، جيڪا ورهاڱي کان پوءِ جهڙوڪ ختم ٿي چڪي هئي. ان ڪري هن سنڌي شاگردن کي گڏ ڪري سوشل سرڪل قائم ڪئي.  62- 1961ع ۾ هن سرڪل جو صدر مسٽر احمد شاهه ۽ سيڪريٽري جنرل شفقت حسين جعفري هو.

        سرڪل جو سيڪريٽري جنرل، شفقت حسين جعفري لکي ٿو ته، ”شروع ۾ اسان کي فنڊن جي گهٽتائي هئي. پر پوءِ اسان هڪ فلم شو ڪرايو، جيڪو تمام گهڻو ڪامياب ٿيو. هن سال، اسان جي سرڪل پنجن ڇهن سالن کان پوءِ، هڪ منفرد مقابلو ڪرائڻ ۾ ڪامياب وئي آهي. ان سلسلي ۾ اسان جناب ذوالفقار علي ڀٽي، وزير براءِ تيل ۽ قدرتي وسيلا جا شڪرگذار آهيون، جنهن ڊبيٽ لاءِ 1000 روپين چندو ۽ ٽرافي ڏني. ٿوري وقت جي باوجود، ڪيترن ئي ڪاليجن ان ڊبيٽ ۾ حصو ورتو. ٽرافي سنڌ يونيورسٽي کٽي ورتي. اسان جي پرنسيپل هر قسم جو تعاون ڪيو. اسان اي.آر. سمون صاحب، ايڪس آفيشيو  جا به شڪرگذار آهيون، جنهن تعاون سان گڏ ڪيتريون ئي صلاحون به ڏنيون.(9)

        ڊي.جي. سنڌ ڪاليج سنڌي سوشل ورڪ، سنڌي شاگردن جي مالي سهائتا کان سواءِ، پڙهائيءَ  جي سلسلي ۾ مدد ڪندي هئي. هن تنظيم جون مختصر ادبي سرگرميون به هيون، پر هيءَ تنظيم گهڻو وقت هلي نه سگهي. 

بزم ادب، ڊي.جي. ڪاليج

        اردو ادب جي شاعرن، استادن ۽ شاگردن جي تعاون سان 1960ع واري ڏهاڪي کان ڪاليج ۾ ’بزم ادب‘ قائم ڪئي وئي، جنهن  ڪاليج ۾ ڪيترائي فنڪشن ۽ مشاعرا ڪرايا. هن بزم ۾، ڪاليج جي استادن کان سواءِ، ڪراچيءَ جي مشھور شاعرن کي پڻ گهرايو ويندو هو. 1967ع واري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته، ”بزمِ ادب، هن سال تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. هن سال، هن انجمن لڳ ڀڳ 21 تقريبون منعقد ڪيون، جيڪو ڪاليج جو هڪ تاريخي رڪارڊ آهي. ڪاليج جي شاگردن به ان ۾ جوش ۽ خروش سان حصو ورتو. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سائنس جا شاگرد، ادب جي اهميت کان بي خبر نه آهن. هن بزم جي تقريبن ۾ مختلف شخصيتون پڻ گهرايون ويون، جن ۾ اي.ڊي. اظهر، تابش دهلوي ۽ پروفيسر حسن عابد قابل ذڪر آهن.(10)

        ڪاليج جي مختلف مخزنن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هر سال ڪيترائي مشاعره ۽ ٻيون ادبي سرگرميون ٿينديون رهيون آهن. اهو ئي سبب آهي، ته ڊي.جي. ڪاليج اردو جا نالي وارا اديب، صحافي ۽ شاعر پيدا ڪيا آهن. ان کان علاوه، ڊي.جي. ڪاليج جي ڪجهه پروفيسرن ۽ ليڪچررن ڪاليج ۾ رهي، تدريسي سرگرمين سان گڏ پي ايڇ.ڊي ڪئي ته ريسرچ پيپر به لکيا آهن. ورهاڱي کان پوءِ، ڊي.جي. ڪاليج  سنڌي اديب شايد ئي ڪي ٿورا پيدا ڪيا هجن. 1947ع کان 2000ع وارن سالن ۾، هتي تمام گهٽ سنڌي شاگرد داخل ٿيا آهن. ان کان علاوه، جيڪي داخل ٿيا آهن، انهن مان گهڻن جو تعلق وڏن ماڻھن سان هو، جيڪي ڳوٺ ڇڏي ڪراچيءَ ۾ رهڻ جي قوت رکندا هئا. ٻيو ته  اڳ جي ڀيٽ ۾ هيءُ سائنس ڪاليج رهيو، ان ڪري سائنس جي ٻارن توڙي استادن، ادب ڏي گهٽ توجهه ڏنو. ٻئي طرف، اردوءَ ۾ ٻارن جو هڪ وڏو تعداد هو. انهن مان هر سال ڪي اهڙا شاگرد هوندا هئا، جيڪي ادب سان چاهه رکندا هئا. ٻئي طرف، ڪاليج ۾ اهڙا استاد ۽ ادبي جماعتون پڻ موجود هيون، جيڪي ٻارن جي ادبي نشو نما ڪنديون هيون.

 

حوالا:

1. ڊاڪٽر بدر ڌامراهو  :”سنڌي ادبي جماعتون ۽ اشاعتي ادارا“  (اڻ ڇپيل)

2.      مختيار احمد ملاح: ”ڊي .جي سنڌ ڪاليج مِسلينيءَ جو سنڌي ادب جي ترقيءَ ۾ ڪردار“ (مقالو) ٽماهي مهراڻ، سنڌي  ادبي بورڊ، ڄام شورو، 4/ 2019ع

3.      شجراع انور: ”عرض حال“، ڊي.جي. ڪاليج مخزن، 1963-1962ع، ص  1

4.      ممتاز حسين قاضي:” پنھنجي پچار“، ڊي.جي. ڪاليج مخزن، 1972ع، ص  1

5.عبدالرزاق  عبدالغفار: ”جشن صد ساله“، ڊي.جي. ڪاليج مخزن، 1987ع، ص  70

6.      Debating Society’s Report 1962-63,D.J. Science College Annual Magzine, 1962-63, p.69

7.      Dramatics Souvenir, D.J. Science College Annual Magzine, 1958

8.      انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، (جلد پنجون)،  سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ، ، ص

9.D.J. Scince College, Annual Magzine, 1961, p. 123

10. D.J. Scince College, Annual Magzine, 1967, p. 103


 

(1)  ڊاڪٽر اياز حسين قادري: ”سنڌي غزل جي اوسر“، جلد پهريون- انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، سال 1982ع، ص 306.

(1) گل حسن ڪلمتي:”ڪراچيءَ جون عمارتون“، نئون نياپو، ڪراچي، 2020ع، ص  139

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org