ورهاڱي کان پوءِ ڊي . جي.
ڪاليج جو سفر
1947ع
۾ گڏيل هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ ٻه ملڪ:
هندستان ۽ پاڪستان دنيا جي نقشي تي نمودار
ٿيا. سنڌ جيئن ته مسلم آباديءَ وارو صوبو هو،
ان ڪري ان کي پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو. سنڌ جي
سڀ کان وڏي شهر ڪراچيءَ کي ملڪ جي گاديءَ جو
هنڌ ٺاهيو ويو. سرحد جي ٻنھي پاسن کان وڏي
پيماني تي لڏ پلاڻ ٿي. سنڌ مان هندو سنڌين جي
اڪثريت هندستان لڏي وئي ۽ اتان جي مختلف خطن،
ثقافتي حصن ۽ اردوءَ جي مختلف لهجن جا باشندا
وڏي پيماني تي سنڌ جي وڏن شهرن،
جهڙوڪ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، سکر،
خيرپور ۽ نواب شاهه ۾ آباد ٿيا. لڏ پلاڻ جي
نتيجي ۾ جيڪي پناهه گير سنڌ جي شهرن ۾ پهتا،
شروع ۾ انهن کي گهڻو ڪري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾
ترسايو ويو. حيدرآباد جو ڊي.جي. نئشنل ڪاليج،
ان سلسلي ۾ تمام گهڻو متاثر ٿيو.
قابل ذڪر ڳالهه اها آهي ته جڏهن
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جا آثار پڌرا ٿيڻ لڳا ته
’ڊي.جي.
سنڌ ڪاليج بورڊ‘
پاران ٽي.ايم.آڏواڻي،
رام پنجواڻي، نهچلداس همتسنگهاڻي، ٽي. جي.
خوبچنداڻي ۽ ٻيا سنڌيت لاءِ ڊي.جي.
ڪاليج
جهڙو ڪاليج کولڻ لاءِ بمبئيءَ
ويا.
جتي هنن روينيو واري وزير مُمرارجي
ڊيسائيءَ سان ملاقات ڪئي، پر هن سنڌين جي وفد
کي مناسب موٽ نه ڏني. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هو
بيمار ٿي پيو،
ته ساڳيو وفد هڪ گلدستو کڻي سندس تيمارداري
ڪرڻ ويو.
کيس اها ڳالهه ڏاڍي وڻي ۽ هُن
ترت ئي بمبئيءَ ۾ پوليس لاءِ مخصوص هڪ پلاٽ
سنڌين کي ڪاليج اڏڻ لاءِ الاٽ ڪري ڇڏيو. 1948ع
۾
’جئه
هند ڪاليج‘
منظور ٿيو. شروع ۾ عارضي طور ايلفنسٽن ڪاليج
بمبئيءَ ۾ شام جو
’جئه
هند ڪاليج‘
جا ڪلاس هلائڻ جي منظوري ڏني وئي. اڳتي هلي،
26 آگسٽ 1952ع ۾ جئه
هند ڪاليج موجوده عمارت ۾ آندو ويو. شروعاتي
طور
جئه
هند ڪاليج ۾ اهي سمورا استاد هئا، جيڪي هتي
ڊي.جي. ڪاليج ۾ پڙهائيندا هئا. سنڌي شعبي جو
سربراهُه
رام پنجواڻيءَ کي مقرر ڪيو ويو، جيڪو 1971ع ۾
اُتان رٽائرٿيو.(1)
حقيقت هيءَ
آهي ته ڊي.جي. ڪاليج جي پنھنجي حيثيت ڪنهن
يونيورسٽيءَ کان گهٽ نه آهي.
هن ئي ڪاليج کان سنڌ ۾ سائنس، آرٽس، قانون،
زراعت، ڪامرس وغيره جي تعليم جي شروعات ٿي.
پر،
هن وقت ڪاليج ۾ صرف سائنس جا ڪلاس ورتا وڃن
ٿا.
ڊي.جي. ڪاليج جي ورهاڱي کان اڳ به تمام وڏي
حيثيت هئي ۽ هاڻي به وڏي حيثيت آهي. محمد بن
قاسم روڊ تي واقع هن ڪاليج جي عمارت اڄ (2023ع)
136
سال گذرڻ جي باوجود، پنھنجي خوبصورت ۽ شاندار
هجڻ سان گڏ سنڌ جي تعليم جي تاريخ ۽ ترقيءَ
جي هڪ علامت بڻي بيٺي آهي.
ان جو نالو ديوان ڏيارام ڄيٺمل سان منسوب
آهي، جنهن ان جي قائم ڪرڻ لاءِ مالي ۽ روحاني
طور پتوڙيو هو. هيءَ عمارت
’دي سنڌ ڪلچرل هيريٽيج‘ (پرزرويشن) ايڪٽ 1994ع
تحت ثقافتي ورثو قرار ڏنل آهي. ان عمارت جي
سرڪاري اجازت کان سواءِ ڪابه ٽوڙ ڦوڙ ڪري نه
ٿي سگهجي. ڪاليج جي بلڪل سامهون ايس.ايم لا
ڪاليج جي عمارت جڙيل آهي. ڪاليج جي بغل ۾
ايس.ايم. آرٽس ڪاليج جي عمارت آهي، جيڪا هڪ
طرح سان ڊي.جي. ڪاليج جي هڪ حصي تي قبضو ڪيل
آهي. ڪاليج جي بلڪل ويجهو برنس روڊ، سنڌ
سيڪريٽريٽ،قومي عجائب گهر آهن. ويجهڙائيءَ ۾،
هتي سنڌ حڪومت پيپلز اسڪوائر تعمير ڪيو آهي،
جنهن ۾ زير زمين پارڪنگ لاءِ وسيع جڳهه آهي.
شهرين جي تفريح لاءِ فوڊ اسٽال ۽ ويهڻ جي
جاءِ ٺهيل آهي.
هن وقت هيءُ ڪاليج سائنس ڊگري ڪاليج
طور ڪم ڪري رهيو آهي. ڊگري ڪلاسز ڪراچي
يونيورسٽيءَ سان منسلڪ آهن.
انٽرميڊيئيٽ
تائين صرف ڇوڪرن (شاگردن) کي داخلا ڏني وڃي ٿي
۽ گريجوئيشن جي سلسلي ۾ ڇوڪرن سان
گڏ
ڇوڪرين (شاگردياڻين) جي داخلا ڪئي ويندي آهي.
ڪاليج ۾ هيٺيان شعبا قائم آهن:
·
بايو ڪيمسٽري
·
باٽني
·
ڪيمسٽري
·
انگلش
·
جيالاجي
·
اسلامڪ اسٽڊيز
·
مئٿميٽڪس
·
مائڪرو بائلاجي
·
پاڪستان اسٽڊيز
·
فزيڪل ايجوڪيشن ۽ اسپورٽس
·
سنڌي
·
اسٽيٽسڪس
·
اردو
·
زولاجي.(2)
ڊي.جي. سنڌ ڪاليج جي موجود عمارت
هيٺينءَ
طرح
آهي.
ڪاليج جي بنيادي عمارت ٻن حصن ۾ ورهايل آهي:
هڪ حصي ۾ ڪاليج جي پرنسيپل ۽ انتظامي عملي جون
آفيسون آهن. ان ساڳي حصي جي هيٺين گرائونڊ تي
اردو ۽ اسٽيٽسٽڪس جا شعبا آهن، جڏهن ته پهرين
منزل تي اسلامڪ اسٽڊيز
۽
پاڪستان اسٽڊيز جا شعبا قائم آهن، جتي انهن
شعبن جا استاد ۽ انچارج پڻ ويهندا آهن. عمارت
جي پراڻي حصي ۾ بايو ڪيمسٽري، باٽني، انگلش ۽
ڪجهه ڪلاس روم گرائونڊ فلور تي قائم آهن. جڏهن
ته فزڪس، ڪمپيوٽر سائنس ۽ مائڪرو بائلاجيءَ
جا شعبا ۽ ڪجهه ڪلاس قائم آهن ۽ ٻي منزل تي
زولاجيءَ جو شعبو آهي. ڪاليج جي ڊاڪٽر
عبدالقدير بلاڪ ۾ گهڻو ڪري پهرين سال جي
شاگردن جا ڪلاس روم آهن. ڪاليج جي عمارت ۾
موجود شعبا ۽ حصا، ورهاڱي کان اڳ مختلف ماڻھن
جي نالن سان منسوب هئا، جن انهن جي قيام ۽
جوڙجڪ ۾ مالي مدد ڪئي هئي.
پر ورهاڱي کان پوءِ، انهن نالن کي ختم ڪيو
ويو يا ڪن ٻين
نالن
سان منسوب ڪيو ويو آهي.
ڪاليج جو ٻيو حصو محمد
بن قاسم روڊ تي، مين بلڊنگ جي سامهون آهي. اتي
لائبريري،
جيالاجي ۽ ميٿ جا شعبا قائم ٿيل آهن. ڪاليج ۾
ڊاڪٽر عبدالقدير بلاڪ جي سامهون
M.Sc. Block
پڻ قائم ڪيو ويو آهي. جڏهن ته بلاڪ سان لڳو لڳ
جمنيزيم قائم آهي. ان دؤر جي پرنسيپل جي بنگلي
تي هن وقت سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ وارن پنھنجي
ڪيمپ آفيس قائم ڪري ورتي آهي. ڪاليج ۾ هڪ
شاندار گرائونڊ به آهي، جيڪو ڪرڪيٽ، هاڪي، فوٽ
بال جي راندين طور استعمال ٿيندو آهي. اسپورٽس
ڪامپليڪس،
پرل ڪانٽيننٽ هوٽل جي بلڪل سامهون ۽
پي.آءِ.ڊي.سي.
جي نزديڪ واقع آهي. هن وقت ڪاليج جي هاسٽل ۽
پرنسيپل جي بنگلي تي قبضا ٿي چڪا آهن. ڪاليج،
ورهاڱي کان پوءِ گهڻي حد تائين، تعليمي معيار
برقرار رکيو آهي، پر 1980ع کان پوءِ ڪاليج جي
معيار ۾ ڪافي حد تائين
گهٽتائي
آئي آهي.
1947ع ۾ ورهاڱي سبب، ڪاليج کي ڪيترن
ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو. هڪ ته ڪاليج ۾
داخل شاگردن جو هڪ تمام وڏو تعداد هندستان لڏي
ويو ۽ ڪاليج شاگردن کان خالي ٿي ويو. ٻيو،
ڪاليج جي استادن جي اڪثريت لڏي وڃڻ جي ڪري،
استادن جي کوٽ ٿي پئي. ٽيون، ڪاليج کي جيڪي
سرڪاري ۽ خانگي طور فنڊ ملندا هئا، اهي بند ٿي
ويا. ڪاليج جو آخري پرنسيپل مسٽر
ڌرمداس ٽيڪچند ماڙيوالا، 1948ع ۾ هندستان لڏي
ويو. ڪاليج کي هلائيندڙ بورڊ پڻ ختم ٿي چڪو
هو.
ڊي.جي. ڪاليج، اين.اي.ڊي ڪاليج، لا ڪاليج،
ڪامرس ڪاليج وغيره سنڌ حڪومت کي منتقل ٿيا.
ڊي.جي. ڪاليج جي عمارت، هاسٽل، پرنسيپل جو
بنگلو، ميٺارام هاسٽل، جيم خانو وغيره سنڌ
حڪومت پنھنجيءَ تحويل ۾ ورتا.
ڪجهه مهينن لاءِ، ڪاليج بغير بورڊ جي هلندو
پئي آيو. پر 20 جون 1948ع تي ڪاليج جي تاريخ
۾ نئين باب جي شروعات ٿي. ڇو ته ان ڏينهن تي
ڪاليج جي عمارت سنڌ جي نئين حڪومت جي حوالي
ڪئي وئي. سنڌ حڪومت، ڪاليج هلائڻ لاءِ
’سنڌ
ڪاليجئٽ بورڊ‘
جوڙيو،
۽
ڪاليج هلائڻ جا اختيار ان بورڊ جي حوالي ڪيا
ويا. اهڙيءَ طرح ڪاليج پنھنجي علمي سرگرمين ۽
معيار کي برقرار رکندو آيو ۽ ترقي ڪئي.(3)
ڪاليج جو نالو ’ڊي.جي. سنڌ گورنمينٽ ڪاليج‘
مقرر ڪيو ويو. ڪاليج جي آرٽسٽ فيڪلٽي ۽ ڪامرس
فيڪلٽيءَ کي گورنمينٽ آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج
ڏانهن منتقل ڪيو ويو.
ورهاڱي کان پوءِ ڪاليج جا پرنسيپل ۽ انتظامي
واڌارا
ورهاڱي کان پوءِ هن ڪاليج جي نئين
تاريخ شروع ٿي ۽ نوان پرنسيپل مقرر ٿيڻ شروع
ٿيا.
1984ع کان پوءِ ڪي ٿورا اهڙا پرنسيپل رهيا
آهن، جن ڊگهو عرصو گذاريو هجي. انهن پرنسيپلن
جي دؤر ۾ مختلف علمي ۽ ادبي سرگرميون ٿيون.
انهن جي انتظامي ڪوششن جي ڪري، ڪاليج بهترين
شاگرد پيدا ڪيا، جن ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ نالو
ڪمايو آهي.
ڪجهه پرنسيپلن جون خدمتون تمام اهم آهن،
جن
ڪاليج جي علمي ۽ ادبي ترقيءَ ۾ وڏو ڪردار ادا
ڪيو. هتي سندن مختصر احوال ڏجي ٿو:
پروفيسر اي. ايل شيخ (20
جون 1948ع کان 1955ع)
عبدالستار شيخ (1899ع-1975ع)
ولد لطف علي شيخ جو تعلق لاڙڪاڻي سان هو.
عبدالستار شيخ
جو هن ڪاليج سان پراڻو تعلق هو. ورهاڱي کان
پوءِ،
20 جون 1948ع تي ڪاليج جو پهريون پرنسيپل مقرر
ڪيو ويو.
هتي ئي تعليم حاصل ڪئي هئائين. 1919ع ۾
انٽرميڊيئٽ،1921ع ۾ بي.ايس.سي.
پهرين پوزيشن سان حاصل ڪيائين. دکشڻا فيلو
مقرر ٿيو. ڪاليج ۾ ڪيترائي انعام کٽيائين.
1918ع کان 1921ع تائين ڪاليج مسلينيءَ جو
ايڊيٽر ٿي رهيو. 1932ع ۾ ايم.اي.
فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري، يونيورسٽيءَ ۾ پهريون
نمبر آيو. 1922ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج ۾ فزڪس جو
ڊمانسٽريٽر مقرر ٿيو. 1923ع ۾ مئٿميٽڪس جو
اسسٽنٽ پروفيسر ۽ 1929ع ۾ مئٿميٽڪس جو پروفيسر
ٿي رهيو.(4)
هو مئٿميٽڪس سان گڏ، انگريزي ادب جو
به ماهر هو. پنھنجي دؤر جو ڪھاڻيڪار به هو.
ترقي پسند اديبن سان گڏ هوندو هو.
سندس دؤر ۾ ڪاليجُ بمبئي يونيورسٽيءَ کان ڦري،
سنڌ يونيورسٽيءَ جي زير انتظام آيو. ڪافي وقت
تائين، ڪاليج مان ايم.اي، ايم.ايس.سي ۽ پي
ايڇ. ڊي جا شاگرد فائدو وٺندا رهيا. 1954ع ۾
ڪراچي يونيورسٽيءَ جي قيام سان، ڪاليج کي ان
جي زير انتظام آندو ويو.
پروفيسر اي.ايل.
شيخ
1955ع ۾
رٽائرمينٽ وٺي روانو ٿي ويو.
پروفيسر ايل. اي ڊيسوزا (1955ع-1961ع)
پروفيسر
ليو اينٿوني
ڊيسوزا عيسائي ڪميونٽيءَ سان تعلق رکندڙ هو.
ميٽرڪ سينٽ پيٽرڪ اسڪول مان ڪيائين.
1929ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج مان بي.ايس.سي ۽ 1936ع ۾
ايم.ايس.سي
ڪيائين ۽ ساڳئي سال ۾ ڪاليج ۾ فزڪس جو
ڊمانسٽريٽر مقرر ٿيو ۽ 1937ع ۾ کيس مستقل ڪري
اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. سندس ٿيسز
“An X-Ray investigation of the Crystals of Acenapthene and
Triphenylmathene”
بمبئي يونيورسٽيءَ طرفان سيپٽمبر 1936ع ۾
شايع ٿي هئي.(5)
20 آگسٽ تي1955ع تي کيس پرنسيپال جي
عارضي چارج ملي.
جلدئي مستقل پرنسيپل
مقرر
ٿيو.
1961ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ڪيائين.
ان وقت ڪاليج جي داخلا 2000 شاگردن تائين پهچي
چڪي هئي. پروفيسر
ڊيسوزا ليکڪ به هو.
سندس ڪيترائي آرٽيڪل ڪاليج مسليني ۽ ٻين رسالن
۾ شايع ٿيل آهن. ورهاڱي کان پوءِ هي پهريون
پرنسيپل هو، جنهن ڪاليج جو مخزن جاري ڪيو.
جنهن ۾ انگريزي، سنڌي ۽ اردو ۾ مواد ڏنل هو.
1959ع ۾ ڪاليج ۾ استادن ۽ شاگردن تي مبني
’ڊي.جي.
ڪاليج لٽرري سوسائٽي‘ جو بنياد رکيائين.
پروفيسر جي.بي سڌوا (1961ع-1967ع)
پروفيسر
جليجر برجوري
سڌوا (Jalejar
Burjorji Sidhwa)،
پارسي ڪميونٽيءَ سان تعلق رکندڙ هو. سندس جنم
29 سيپٽمبر 1909ع
تي
ڪراچيءَ ۾ ٿيو. ”هو 1930ع ۾ بحيثيت شاگرد جي
هن ڪاليج ۾ شامل ٿيو ۽ 1934ع ۾ بي.ايس سي آنرز
ڪيائين. کيس پي ايڇ.ڊي ڪرڻ لاءِ ايدلجي
اسڪالرشپ ملي، پر جنگ ڇڙڻ جي ڪري هو وڃي نه
سگهيو. هن ڪاليج ۾ بحيثيت پروفيسر ڪيمسٽريءَ
جي خدمتون جاري رکيون. پاڪستان جي قيام کان
پوءِ کيس ڪيمسٽري شعبي جو انچارج مقرر ڪيو
ويو. جولاءِ 1961ع ۾ کيس پرنسيپل جون
ذميواريون سونپيون ويون، جيڪي هن انتهائي
قابليت سان نڀايون. هن علم، ادب ۽ ڪيمسٽريءَ
تي ڪيترائي مضمون ۽ ڪتاب به لکيا. 1967ع ۾
رٽائر ٿيو.“(6)
ڪاليج ۾ هن ڪيمسٽريءَ جي سوسائٽي قائم ڪئي
هئي. ان کان علاوه، هن جي زماني ۾ ڪيتريون ئي
علمي ۽ ادبي سوسائٽيون پڻ قائم ٿيون. 1961ع
کان 1967ع تائين ڪاليج جو پرنسيپل رهيو. سندس
دؤر ۾ ڊي.جي. ڪاليج جي قيام کي 75 سال پورا
ٿيا.
پروفيسر افتخار احمد انصاري (1967ع-1972ع)
پروفيسر افتخار احمد انصاريءَ جو
جنم 15 فيبروري 1924ع
تي
ڪراچيءَ ۾ ٿيو. 1950ع ۾ مئٿميٽيڪس جو ليڪچرر
طور مقرر ٿيو. بعد ۾ پي ايڇ. ڊي ڪيائين.
مئٿميٽيڪس جو معروف پروفيسر هو. 1967ع ۾
پروفيسر جي.بي.
سڌوا جي رٽائرمينٽ تي کيس ڪاليج جي پرنسيپل جي
ذميواري ڏني وئي، جيڪا هن پنجن سالن لاءِ
1972ع تائين نڀائي.
بعد ۾ سندس
مقرري
ڊائريڪٽر ڪاليجز طور ٿي وئي. سندس دؤر ۾
ڪاليج ۾ پڙهندڙ شاگردن جي ادبي لکڻين جي
چٽاڀيٽيءَ، تقريري مقابلن ۽ سماجي شعور پيدا
ڪرڻ لاءِ، هن ڪافي ڪم ڪيا. هن مجموعي طور تي
بحيثيت پروفيسر ۽ پرنسيپل 22 سال ڪاليج ۾
گذاريا.
پروفيسر ايس. ايڇ. زبيري (1972ع-1984ع)
پروفيسر سرور حسين زبيريءَ جو جنم 15
ڊسمبر 1923ع
تي
هندستان ٿيو. ورهاڱي کان پوءِ هجرت ڪري
پاڪستان آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين.
فزڪس ۾ ايم.ايس سي ڪئي هئائين. 1944ع ۾ علي
ڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ فزڪس جو ليڪچرر مقرر ٿيو.
22 نومبر 1952ع تي سنڌ سرڪار جي نوڪريءَ ۾
شامل ٿيو ۽ ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ ليڪچرر طور ڪم
شروع ڪيائين.1955ع ۾ کيس فزڪس جي شعبي جو
سربراهه مقرر ڪيو ويو. 1965ع کان 1972ع تائين
هو سپريئر سائنس ڪاليج جو پرنسيپل رهيو ۽
1972ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج جو پرنسيپل مقرر ٿيو.
پروفيسر افتخار محمد عظمي لکي ٿو ته،
”پروفيسر ايس.ايڇ.زبيري
فزڪس جو معروف پروفيسر هو ۽ سندس ڪلاسن ۾
اڪثرن ٻين ڪاليجن جا به شاگرد ويٺل نظر ايندا
هئا. ڪاليج جي انتظامن ڏسڻ کان سواءِ شايد
ئي ڪوئي ڪلاس ڇڏيندو هجي. اهڙن استادن جو هاڻي
ڪال پئجي رهيو آهي. هو علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ
جو شاگرد هو ۽ باوقار شخصيت جو حامل هو.“(7)
پروفيسر عبيدالرحمان (1984ع-1985ع)
پروفيسر عبيدالرحمان جو جنم 15 اپريل
1926ع تي گڏيل هندستان ۾ ٿيو. 1955ع ۾ باٽنيءَ
جو ليڪچر مقرر ٿيو ۽ مختلف ڪاليجن ۾ خدمتون
سرانجام ڏنائين.
پروفيسر ايس.ايڇ.زبيري 1984ع ۾ نوڪريءَ مان
رخصت ٿيو،
ته
پروفيسر عبيدالرحمان کي پرنسيپل مقرر ڪيو ويو.
انتهائي سخت منتظم هو. 1985ع ۾ سنڌ سرڪار کيس
تعليم کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري (اڪيڊمڪ) طور
مقرر ڪيو، ته سندس جاءِ تي پروفيسر
عبدالصمد جي مقرري ٿي. سندس دؤر تائين
’سنڌ
ڪاليجئٽ بورڊ‘
پنھنجي اهميت وڃائي چڪو هو، ان ڪري 1984ع ۾
ڪاليج جي مڪمل ذميواري سنڌ گورنمينٽ جي حوالي
هئي.
پروفيسر عبدالصمد (1985ع-
1986ع)
پروفيسرعبدالصمد پڻ باٽنيءَ جو
پروفيسر هو.
پروفيسر عبيدالرحمان جي ڊسمبر 1985ع ۾
رٽائرمينٽ کان پوءِ ٿوري عرصي لاءِ پرنسيپل
مقرر ٿيو. پر هڪ سال جي اندر سندس به
رٽائرمينٽ ٿي وئي. سندس رخصتيءَ سان
پروفيسر نسيم
احمد
شيخ، جيڪو مئٿميٽڪس جو پروفيسر هو، ان کي
اپريل 1986ع کان جون 1986ع تائين عارضي چارج
ڏني وئي. جڏهن ته جولاءِ 1986ع ۾ پروفيسر
ضياءُ الدين احمد کي پرنسيپل بڻايو ويو. هو
هن ئي ڪاليج مان فارغ التحصيل هو ۽ مئٿميٽڪس
جو پروفيسر
هو.
ٽن مهينن جي اندر سيپٽمبر 1986ع ۾ سندس به
رٽائرمينٽ ٿي وئي.
پروفيسر انوارالحق هاشمي (1986ع-1987ع)
پروفيسر انوارالحق هاشمي، اسلامي
تاريخ جو وڏو اسڪالر هو. سندس ڪتاب پڻ شايع
ٿيل آهن. سيپٽمبر 1986ع ۾ کيس انچارج پرنسيپل
مقرر ڪيو ويو. سندس دؤر ۾ ڊي.جي. ڪاليج جي
قيام کي هڪ سو سال پورا ٿيا. ان ئي سال ڪاليج
جي ڪجهه پراڻن شاگردن
The D.Jarian
جي نالي سان هڪ تنظيم قائم ڪئي، ته جيئن هڪ سو
ساله جشن ملهائجي، پر شهر ۾ لساني فساد پکڙيل
هئا، ان ڪري ڪاليج ۾ ڪا به تقريب ڪانه ٿي، نه
وري ڪو خاص نمبر شايع ڪيو ويو.
پروفيسر ظهير احمد (1987ع-1988ع(
پروفيسر ظهير احمد،
باٽنيءَ جو استاد هو. مختلف ڪاليجن ۾ خدمتون
ڏئي چڪو هو.
پروفيسر انوارالحق هاشميءَ کان پوءِ کيس
1987ع ۾ پرنسيپل مقرر ڪيو ويو، جتي هڪ سال
لاءِ خدمتون ڏئي رٽائر ٿي ويو. سندس دؤر ۾
ڪاليج جو هڪ مخزن شايع ٿيو.
پروفيسر نسيم احمد شيخ (1988ع-
1990ع)
پروفيسر نسيم شيخ، جيڪو مئٿميٽڪس جو
پروفيسر هو، هن ئي ڪاليج مان تعليم حاصل ڪري،
M.Sc
جي ڊگري حاصل ڪئي هئائين. 1955ع
۾
ليڪچرر طور پنھنجي ڪيريئر
جي
شروعات ڪئي هئائين. کيس سڀ کان پهرين اپريل
1986ع کان جون 1986ع تائين عارضي چارج ڏني وئي
هئي، پر ٻيو دفعو کيس 1988ع ۾ مستقل مقرري ملي
۽ آگسٽ 1990ع تائين خدمتون ڏنائين. سندس دؤر ۾
نالي وارو تعليمدان، اديب ۽ سماج سڌارڪ،
ڊاڪٽر محبوب شيخ 1988ع
۾ ڪراچي جي
’ڊي.جي.
سائنس ڪاليج‘
جو وائيس پرنسيپل ٿي رهيو.
معروف سنڌي عالم ۽ اديب ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“
پڻ ٿوري عرصي لاءِ، ڪاليج ۾ تدريسي خدمتون
ڏنيون.
پروفيسرايس. آءِ. اي. سبزواري (1990ع(
پروفيسر ايس.آءِ.اي.
سبزواري،
اڪائونٽنگ جو مشھور استاد هو.
آگسٽ 1990ع ۾ کيس پرنسيپل طور مقرري ملي، پر
تمام جلد سيپٽمبر 1990ع ۾ سندس رٽائرمينٽ ٿي
وئي. ان کان پوءِ پروفيسر ايم. قاسم صديقيءَ
کي فيبروري 1991ع تائين انچارج پرنسيپل مقرر
ڪيو ويو. ٿوري عرصي لاءِ پروفيسر عبدالوڪيل
قريشيءَ کي ڪاليج جي چارج ڏني وئي. هو ان وقت
ڊائريڪٽر ڪاليجز
جي عهدي تي فائز هو. هڪ ٻن مهينن جي اندر وري
چارج پروفيسر عامر اسماعيل جي حوالي ڪئي وئي.
ٿوري ٿوري عرصي ۾، پرنسيپلن جي مقرري ۽ بدليءَ
جي ڪري ڪاليج جي تعليمي ماحول تي تمام برو اثر
پيو. ڪاليج ۾ تعليمي سرگرميون گهٽيون،
ته غير نصابي سرگرميون ٺپ ٿي ويون. ان جي جاءِ
تي سياسي پارٽين جي غنڊا گرديءَ ۾ اضافو ٿيو.
پروفيسر ايم. قاسم صديقي (1991ع-1993ع)
پروفيسر ڊاڪٽر محمد قاسم
صديقي، باٽنيءَ جي شعبي ۾ لنڊن مان پي ايڇ.ڊي
ڪري آيو هو. کيس پهريون دفعو 1990ع ۾ پرنسيپل
جي چارج ملي هئي، پر 1991ع کان 1993ع تائين
کيس مستقل مقرري ملي. ان دؤران، هن ڪاليج کي
ڪافي سنڀاليو، پر تمام جلد سندس ڊائريڪٽر ڪاليجز
طور مقرري ڪئي وئي. رٽائرمينٽ کان پوءِ، همدرد
يونيورسٽيءَ ۾ ڊين طور خدمتون سرانجام ڏنائين.
پاڻ 21 جنوري 2019ع تي آمريڪا ۾ وفات ڪيائين.
پروفيسر سيد ڪمال
الدين
(1993ع-1995ع)
پروفيسر محمد قاسم صديقيءَ جي
ڊائريڪٽر ٿيڻ سان فزڪس جي پروفيسر سيد ڪمال
الدين کي پرنسيپل جو عهدو ڏنو ويو. ان کان اڳ،
هُو
حيدرآباد ۾ به رهي آيو هو. 1995ع ۾ نوڪريءَ
تان رٽائر ٿي ويو.
پروفيسر مظهر الحق (1995ع-
1996ع)
پروفيسر سيد ڪمال
الدين
جي رٽائرمينٽ کان پوءِ، پروفيسر مظهرالحق
پرنسيپل ٿي آيو. بنيادي طور تي ڪيمسٽريءَ جو
پروفيسر هو. پنھنجي هڪ سال جي عرصي ۾ ڪوئي خاص
ڪم ڪري نه سگهيو.
ڊاڪٽر محمد شريف ميمڻ (1996-1997ع)
تعليمي ماهر ڊاڪٽر محمد شريف ميمڻ،
10 آڪٽوبر 1940ع
تي
نيوسعيد آباد ۾ پيدا ٿيو. ڪيمسٽريءَ ۾ سندس ايم.ايس.سي. ٿيل هئي. 1989ع ۾ لنڊن مان ڪريڪيوليم
اسٽڊيز ۾ پي
ايڇ. ڊي ڪيائين. 1996ع ۾ هڪ سال لاءِ ڊي.جي. ڪاليج جو پرنسيپل
رهيو. 1997ع ۾ کيس ڪراچي بورڊ جو چيئرمين مقرر
ڪيو ويو. هو بنيادي طور تي
ڪراچي بورڊ
جو آفيسر هو.
ڊاڪٽر شريف ميمڻ، تعليم کاتي جو ايڊيشنل
سيڪريٽري رهيو ۽ پوءِ ٿوري عرصي لاءِ عارضي
سيڪريٽري به ٿيو. ڊاڪٽر ميمڻ وڏو نيشنلسٽ طور
سڃاتو ويندو هو.
هن 10 جولاءِ 2005ع تي وفات ڪئي.
ڊاڪٽر
محمد آصف (1997ع-1999)
پروفيسر
ڊاڪٽر محمد آصف، آگسٽ 1997ع ۾ ڪاليج جو
پرنسيپل بڻيو. سندس دؤر ۾ شاگردن جي تعداد ۾
تمام گهڻو اضافو ٿيو. فرسٽ ايئر ۾ جتي 600
شاگردن جي گنجائش هئي، هن سياسي بنيادن تي
1800 شاگردن کي داخلا ڏني. ڪلاسن جي اضافي
خاطر، ڪاليج جي سامهون ڪجهه ڪمرا تعمير ڪرايا
ويا، جنهن سان ڪاليج جي سونهن کي ڪافي نقصان
پهتو. اڳتي هلي، ڊاڪٽر اي.ڪيو.خان
جي صلاح سان اهي ڪمرا ٽوڙايا ويا. ڊاڪٽر آصف،
1999ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ٿي ويو.
ڊاڪٽر روي شنڪر هراڻي (1999ع-2006ع)
گهڻي عرصي کان پوءِ، هن ڪاليج کي هڪ
اهڙو پرنسيپل مليو، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ ست سال ان
عهدي تي رهيو. ان کان علاوه، ڪاليج جو انچارج
پرنسيپل ۽ وائيس پرنسيپل به رهي چڪو هو.
پروفيسر ڊاڪٽر روي شنڪر جو تعلق ٿرپاڪر جي شهر
مٺيءَ سان آهي. 1968ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان
ايم.ايس.سي. فزڪس ڪري، تعليم کاتي ۾ نوڪري
شروع ڪيائين ۽ مختلف ڪاليجن ۾ خدمتون سرانجام
ڏنائين. 1982ع ۾ لنڊن مان پي.ايڇ.ڊي ڪري آيو.
1990ع کان ڪاليج جو وائيس پرنسيپل رهيو ۽
1999ع کان 2006ع تائين پرنسيپل جي عهدي تي ڪم
ڪيائين.(8)
سندس دؤر، ڊي.جي. ڪاليج جي تاريخ جو هڪ بهترين
دؤر آهي. سندس ڪوششن سان، ڪاليج ۾ ڪمپيوٽر جي
فيڪلٽي قائم ٿي ۽
BCS
جا ڪلاس شروع ٿيا. سندس دؤر ۾ ڊاڪٽر اي. ڪيو.
خان ڪيترائي دفعا گڏجاڻيون ڪيون ۽ پراڻن
شاگردن جي تنظيم کي سرگرم ڪري، چندا گڏ ڪري
ڪاليج ۾ بريءَ طرح اضافا ڪيل ڪلاس رومن کي
ٽوڙائي، نوان ڪلاس تعمير ڪرايا. پرنسيپل جي
آفيس کي بهترين نموني فرنش ڪيو ويو. پوري
ڪاليج کي نوان رنگ ۽ روغن ڪرايا ويا. ڪاليج ۾
سرچ لائيٽ لڳڻ سان، قديم عمارت جي سونهن ۾
اضافو ٿيو. هن دؤر ۾ شاگردن جا ڊبيٽنگ مقابلا
۽ راندين جون سرگرميون عروج تي پهتل هيون.
راقم الحروف به هن دؤر ۾، انهيءَ ڪاليج جو حصو
هو. ڊاڪٽر روي شنڪر، ڊسمبر 2006ع ۾ رٽائرمينٽ
کان پوءِ،
خاندان سميت گجرات
(انڊيا)
۾ رهائش پذير آهي.
پروفيسر حڪيم الله بيگ چغتائي (2006ع-2009ع)
ڊاڪٽر روي شنڪر کان پوءِ، پروفيسر چغتائي،
ڪاليج جو پرنسيپل ٿيو. هو بنيادي طور تي
مائڪرو بائلاجي جو پروفيسر آهي. پاڻ هن ئي
ڪاليج جو شاگرد به رهيو، ته سندس نوڪريءَ جو
ڳچ حصو به هتي ئي گذريو. هو ڪاليج جي لاهن
چاڙهن ۽ ڪاميابين کان به واقف هو. سندس دؤر ۾
ڪاليج ۾ معمول مطابق تدريسي سرگرميون هليون،
جن ۾ ڪا قابل ذڪر ڳالهه نه آهي. 2009ع ۾
نوڪريءَ تان رٽائر ڪيائين. هن جي دؤر ۾
سالياني تقريب ٿي هئي.
پروفيسر سيد رضوان حيدر (2009ع-
2010ع)
پروفيسر سيد رضوان حيدر تقويءَ جو جنم الهه
آباد هندستان ۾ پهرين مارچ 1950ع تي ٿيو، جتان
هن شروعاتي تعليم حاصل ڪئي. 1968ع ۾ پاڪستان
هجرت ڪري آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار
ڪيائين. انٽر ميڊيئيٽ ۽ گريجوئيشن ڊي.جي.
ڪاليج مان حاصل ڪيائين. جڏهن ته ايم.ايس.سي.
مائڪرو زولاجيءَ ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان حاصل
ڪيائين. تمام جلد کيس سنڌ حڪومت ۾ ليڪچررشپ جي
نوڪري ملي وئي. 1981ع ۾ هو سرڪاري خرچ تي ٽن
سالن لاءِ نائجيريا پڻ ويو. مختلف ڪاليجن ۾
خدمتون ڏيندو، 1995ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج بدلي ٿي
آيو.(9)
2009ع ۾ هڪ سال پرنسيپل طور خدمتون ڏئي رٽائر
ٿيو.
پروفيسر سيد ڪامل شير (2010ع-
2012ع)
پروفيسر سيد ڪامل شير کي ڊي.جي.
ڪاليج جو شاگرد هجڻ جو به شرف حاصل آهي.
زندگيءَ جا 20 سال ڪاليج ۾ تدريسي خدمتون به
ڏنائين. هو ڪيمسٽريءَ جو پروفيسر هو. مئي
2010ع کان مارچ 2012ع تائين ڪاليج جو پرنسيپل
رهيو ۽ اتان ئي رٽائرمينٽ ورتائين.
پروفيسر سيد افضل حسين (2012ع-
2013ع)
مارچ 2012ع ۾
پروفيسر سيد ڪامل شير جي رٽائرمينٽ
کان پوءِ،
مئٿميٽڪس جو پروفيسر افضل حسين
پرنسيپل بڻيو. هو 1970ع ۾
هن ئي ڪاليج جو شاگرد رهيو. 1975ع ۾ فزڪس ۾
ايم.ايس.سي.
ڪري ڪاليج ايجوڪيشن ۾ شامل ٿيو هو. جون 2013ع
تائين ڪاليج جو پرنسيپل رهيو. سندس دؤر عام
رواجي هو. سندس رٽائرمينٽ
کان پوءِ
ڊاڪٽر محمد ارشد کي چند مهينن لاءِ، ڪاليج جو
انچارج پرنسيپل رکيو ويو.
پروفيسر
غلام
مهدي بلوچ (2013ع-
2014ع)
پروفيسر غلام مهدي بلوچ ڪيترن ئي انتظامي عهدن
تي ڪم ڪيو. بنيادي طور باٽنيءَ جو پروفيسر
هو. جولاءِ 2013ع کان مارچ 2014ع تائين
ڊي.جي. ڪاليج جي پرنسيپل طور خدمتون ڏنائين.
سندس رٽائرمينٽ کان پوءِ، ٿوري عرصي لاءِ
ڊاڪٽر محمد ارشد انچارج پرنسيپل طور ڪم ڪيو.
کانئس پوءِ پروفيسر الله بخش اعواڻ آگسٽ 2014ع
کان آڪٽوبر 2014ع تائين اڍائي مهينن لاءِ
پرنسيپل ٿيو. هڪٻئي جي پويان پرنسيپل بدلي ٿيڻ
سان،
ڪاليج جي معيار ۽ طرز گورننس تي ڪافي اثر
پيو.
ڊاڪٽر محمد ارشد (2014ع-2016ع)
پروفيسر ڊاڪٽر
محمد ارشد جو طويل عرصو ڊي.جي. ڪاليج ۾ گذريو
آهي. هو بنيادي طور تي فزڪس جو پروفيسر آهي.
اپريل 2014ع کان آگسٽ 2014ع تائين، ڪاليج جو
انچارج پرنسيپل رهيو. جڏهن ته 18 آڪٽوبر
2014ع کان 20 ڊسمبر 2016ع تائين ڪاليج جو
مستقل پرنسيپل ٿي رهيو. انتهائي چست ۽ سرگرم
منتظم رهيو. ڪاليج ۾ ڪلاسن کي يقيني بڻائڻ ۾
سندس ڪوششون قابل تحسين آهن. سندس رٽائرمينٽ
تي، پروفيسر شهزاد مسلم کي انچارج پرنسيپل طور
مقرر ڪيو ويو.
پروفيسر محمد سليم (2019ع-
2020ع)
پروفيسر محمد سليم غوري، سيپٽمبر 2017ع کان
مارچ 2019ع تائين ڪاليج جو پرنسيپل رهيو. سندس
دؤر ۾ ڪاليج طرفان هڪ ساليانو مخزن به شايع
ٿيو. هتي رهي، نوڪريءَ تان رٽائر ٿيو. بعد ۾
ڊي.جي. ڪاليجز ٿي ويو. سندس دؤر جي ڪابه قابل
ذڪر ڳالهه
نه آهي.
پروفيسر شهزاد مسلم خان (2019ع-2020ع)
پروفيسر شهزاد مسلم خان، فزڪس جو بهترين استاد
مڃيو ويندو آهي. سندس تعلق ڪراچيءَ سان آهي.
ڪيترائي سال ڊي.جي.
ڪاليج ۾ تدريسي خدمتون ڏيندي ڊسمبر 2016ع کان
سيپٽمبر2017ع تائين انچارج پرنسيپل رهيو ۽
مارچ 2019ع کان 2020ع تائين مستقل پرنسيپل رهي
خدمتون ڏنائين.
پروفيسر
غلام مصطفيٰ چارڻ (2020ع-
2021ع)
پروفيسر غلام مصطفيٰ چارڻ جو تعلق دادو ضلعي
سان آهي. هن تعليم سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل
ڪئي آهي ۽ ايم.ايس سي.
فزڪس ۾ ڪيائين. ڊي.جي. ڪاليجز به رهي چڪو آهي.
مئي 2020ع کان اپريل 2021ع تائين ڊي.جي.
ڪاليج جو پرنسيپل رهي، نوڪريءَ تان رٽائر
ڪيائين. هن اسٽاف روم کي هڪ دفعو ٻيهر آباد
ڪرايو ۽ استادن کي پڪنڪ ڪرايون. سندس دؤر ۾
رانديون ۽ ٻيون سرگرميون به تمام گهڻيون ٿيون.
پروفيسر
محمد مهر منگي (اپريل 2021ع )
پروفيسر محمد مهر منگيءَ جو تعلق خيرپور ضلعي
سان آهي. هو بنيادي طور
زولاجيءَ
جو پروفيسر آهي. غلام مصطفيٰ چارڻ
جي رٽائرمينٽ کان وٺي، نومبر 2022ع تائين
ڊي.جي. ڪاليج جو پرنسيپل رهيو ۽ بعد ۾ سندس
بدلي ٿي وئي.
پروفيسر
راشد احمد مهر (22 نومبر 2022ع)
پروفيسر راشد احمد مهر کي، منگي صاحب
جي ٽرانسفر کان پوءِ ڪاليج جو پرنسيپل مقرر
ڪيو ويو آهي. هو بنيادي طور تي فزڪس
شعبي جو پروفيسر آهي ۽ ڊائريڪٽوريٽ آف ڪاليجز
جي آفيس ۾ ڊائريڪٽر فائنانس
طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي.
حوالا:
ورهاڱي کان پوءِ ڊي.جي. ڪاليج
جا پرنسيپل

پروفيسر اي. ايل.
شيخ |

پروفيسر ايل.اي.ڊيسوزا
|

پروفيسر جي.بي سڌوا |

پروفيسر افتخاراحمد |

پروفيسر ايس.ايڇ زبيري
|
پروفيسر
عبيدالرحمان |

پروفيسر ايس.آءِ. اي سبزواري |

پروفيسر عبدالصمد |

پروفيسر نسيم شيخ |
ورهاڱي کان پوءِ ڊي.جي. ڪاليج جا پرنسيپل

پروفيسر ضياء الدين |

پروفيسر انوارالحق
هاشمي |

پروفيسر ظهير احمد |

ڊاڪٽر ايم قاسم صديقي |

پروفيسر مظهرالحق
|

ڊاڪٽر
محمد
شريف ميمڻ |

ڊاڪٽر روي شنڪر هراڻي |

پروفيسر
حبيب الله بيگ |

پروفيسر سيد رضوان حيدر |