سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: ڊي.جي.ڪاليج ڪراچيءَ جون تعليمي ۽ ادبي سرگرميون

صفحو:10  

ڊي.جي. ڪاليج جا عالم، اديب، استاد ۽ شاگرد

ڊي.جي. سنڌ ڪاليج گڏيل هندستان جو واحد تعليمي ادارو هو، جنهن سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو. نثر، نظم، ناٽڪ، تحقيق، تنقيد، ترجمي سميت سنڌي  ادب جي ڪابه اهڙي شاخ ناهي، جنهن جي واڌاري لاءِ ڊي .جي. سنڌ ڪاليج ڪردار ادا نه ڪيو هجي. هتي ڊي.جي.  سنڌ ڪاليج جي  ڪجهه اهم استادن ۽ شاگردن جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو احوال ڏجي ٿو، جن ڪاليج ۾ رهڻ دؤران سنڌي ادب جي خدمت ڪئي.

مسٽر ايس.سي. شهاڻي  (1848ع- 1931ع)

        صاحب سنگهه  چندا سنگهه شهاڻيءَ جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. هو صرف سٺو منتظم نه هو، پر هڪ بهترين اديب به هو. ڊي.جي. ڪاليج جي اڏيندڙن مان هڪ به هو. سندس پتا چندا سنگهه ڪانسنگهه حيدرآباد جي اوائلي آنرري مئجسٽريٽن مان هو.  پنھنجي اوطاق جي کٽ تي ويهي مقدما هلائيندو هو.  صاحب سنگهه ، بمبئيءَ جي ايلفنسٽن ڪاليج مان 1891ع ۾  انگريزي ادب ۾ ايم.اي. پاس ڪئي. هو سنڌ جي تاريخ جو  ٻيو سنڌي هو، جنهن 1891ع ۾ ايم.اي.   جو امتحان پاس ڪيو ۽ پهريون سنڌي هو، جيڪو 1896ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر هو. 1917 کان 1927ع تائين ڪاليج جو پرنسيپل رهيو. سنڌ جي تعليم جي ترقيءَ ۾ سندس وڏو ڪردار آهي. ادبي دنيا ۾ ناول نگار هو ۽ ٿامس هارڊيءَ کان متاثر هو. سندس ڪتابَ ”بلو کوکر“ (ناول 1930ع) ۽ ”تارن جو اڀياس“ (ناول 1930ع) اهم آهن. ڊي.جي. ڪاليج جي مسليني  به سندس دؤر ۾ عروج تي پهتل هئي، جنهن ۾ پاڻ به  انگريزي ۽ سنڌي ٻولين ۾ مضمون لکندو هو. هن کي پکين جي تمام گهڻي ڄاڻ هوندي هئي. ان سلسلي ۾ سندس مضمون ”چنڊول“ ۽ ”وهيو“ تمام گهڻا معلوماتي آهن. سنڌي ادب ۾ سائنس فڪشن جو پهريون ناول صاحب سنگهه چندا سنگهه شهاڻيءَ جي ”تارن جو اڀياس“ کي چئي سگهون ٿا. ناول جو مکيه ڪردار آتو ميرچنداڻي ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ قائم آبزرويٽريءَ ۾ ويهي تارن، گرهن ۽ وايومنڊل جو اڀياس ڪري ٿو ته جيئن درست انگ اکر زراعت لاءِ ڪتب آڻجن، ٻوڏن ۽ موسمياتي تبديلين جو اڳواٽ بندوبست ڪري سگهجي.(1)

                          شاگردن جي سکيا لاءِ الڳ ليڪچر پروگرام رکندو هو ۽ پاڻ به ليڪچر ڏيندو هو. اڪثر ڪري، ڪاليج جي لان (lawn) تي شاگردن سان ڪچهري ڪندو هو ۽ کين ليڪچر ڏيندو هو، جتي ٻيا استاد به شامل هوندا هئا. ڊي.جي. ڪاليج جي مسليني  به سندس دؤر ۾ عروج تي پهتل هئي. جنهن ۾ پاڻ به  انگريزي ۽ سنڌي ٻولين ۾ مضمون لکندو هو. بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ميٽرڪ جي امتحان لاءِ سنڌيءَ جو ممتحن هو. سندس ئي ڪوششن سان 1924ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ بي.اي.  جي سطح تائين سنڌيءَ کي نصاب ۾ آندو ويو. پاڻ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ سينيٽ جو ميمبر ۽ سنڌي بورڊ آف اسٽڊيز جو چيئرمن ٿي رهيو. 1927ع ۾ 60 ورهين جي عمر ۾ ڪاليج مان رٽائر ڪيائين. آخر ۾ پير ۾ گئنگرين ٿيس ۽ ڪراچي ڪلفٽن واري بنگلي ۾  ديهانت ڪري ويو.

ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي (1884ع-1947ع)

ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي  جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو.  1905ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج مان بي.اي 1907ع ۾ ولسن ڪاليج بمبئي مان ايم.اي. پاس ڪيائين. 1928ع ۾ انگلينڊ مان پي ايڇ.ڊي جي ڊگري وٺي آيو. ڊي.جي. ڪاليج ۾ فارسي ۽ انگريزيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. ان ئي ڪاليج ۾ 1927ع ۾ وائيس پرنسيپل، 1940ع ۾ ڪاليج جي آرٽس فئڪلٽي جو ڊين  ۽ 1943ع کان 1944ع تائين ڪاليج جي پرنسيپل طور خدمتون سرانجام ڏنائين. هو محقق، مترجم، ناول نگار  ۽ شاهه جو شارح هو“.(2) ڊاڪٽر بدر اڄڻ لکيو آهي ته، ”ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي جيڪڏهن ’جديد سنڌي تنقيد‘ جي پايي وجهندڙن مان هڪ چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. هن لاکيڻي لطيف جي سوانح، فن ۽ فڪر تي جيڪو تنقيدي ڪم ڪيو ان کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نٿو سگهجي. هيئن به چوڻ وڌيڪ مناسب  ٿيندو، ته ’لطيفيات‘ جي موضوع تي سنڌيءَ ۾ علمي تنقيد جو پهريون  ڪتاب ڊاڪٽر گربخشاڻي لکيو. اهو ڪتاب ’مقدمه لطيفي‘ هو، جيڪو دراصل ”شاهه  جي رسالي“ جو مقدمو هو.(3)

ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ  شاهه جي رسالي کي نئين سر ترتيب ڏنو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سان دلي لڳاءُ هو. هن  شاهه جي شاعريءَ کي جديد نموني سهيڙڻ ۽ شرح لکڻ  جو ڪم شروع ڪيو. پهرين جلد ۾ ڪل پنج سر ڏنل آهن : سُر ڪلياڻ، سُر يمن ڪلياڻ، سُر کنڀات، سُر سريراڳ ۽ سُر سامونڊي . ٻئي جلد ۾ سُر سهڻي، سُر سسئي آبري، سُر معذوري، سُر ديسي، سُر ڪوهياري ۽ سُر حسيني. هن جلد ۾ ڪل ڇهه سُر ڏنل آهن. ٽئين جلد ۾ سُر ليلان چنيسر، سُر مومل راڻو، سُر مارئي، سُر ڪاموڏ، سُر گھاتو، سُر سورٺ ۽
سُر ڪيڏارو، ڪل ست سر ڏنل آهن. سندس ترتيب ڏنل ٽنهي جلدن ۾ ڪل 18 سر ٿين ٿا. باقي چوٿين جلد ۾ جهڙوڪر 12 سر ٿي سگهيا ٿي. سندس تاريخي ۽ تحقيقي ڪم،  شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي کي مقدمي، معنيٰ ۽ شرح سان چئن جلدن ۾ لکڻ جو آهي، جن مان ٽي جلد پاڻ پنھنجن هٿن سان ڇپائي، پڌرا ڪري سگهيو. هُن شاهه جي ڪلام  جا ان وقت تائين ڇپيل ۽ ٻيا قلمي  نسخا هٿ ڪري باقاعده ڀيٽ ڪئي ۽ ڪيترائي بيت پنھنجي رسالي مان خارج ڪري ڇڏيا. جنهن جي ڪري مٿس وڏي تنقيد پڻ ٿي. بيتن جي شرح ۽ سمجهاڻين لاءِ باقاعده لسانيات جي سکيا ورتائين. ڪتاب جي تياريءَ جي سلسلي ۾ قرآن، حديث ۽ تصوف بابت مختلف ڪتابن جو مطالعو ڪيائين. شاهه صاحب ڇاڪاڻ ته وچولي ۽ لاڙ جو لهجو ڪتب آندو هو، ان ڪري ان کي ئي قائم رکي ان لحاظ کان سندس ٻوليءَ جو اڀياس ڪيائين. مقدمي ۾ موجود بابن ۾ شاهه جي حياتيءَ جو احوال، شاهه جو مذهب، ويدانت ۽ تصوف، شعر ۽ شاعري، مضمون ۽ عبارت، شاهه جي سنڌي ۽ ان جون نحوي بناوتون تمام تفصيل سان ڏنائين. سندس چوٿين جلد جي اشاعت سان ”شاهه جي رسالي“ جو مڪمل ۽ هڪ بهترين  اڀياس حاصل ٿي سگهي ها ۽ رسالي جي مالڪيءَ جي حوالي سان به اُٿيل افواهه هميشه لاءِ ختم ٿي وڃن ها“.(4)

سندس ڪتاب ”مقدمه لطيفي“ به شاهه جي فن ۽ حياتي تي شاهڪار ڪتاب آهي. هي ڪتاب دراصل رسالي تي مقدمو آهي. هي مقدمو ڪتابي صورت ۾ پڻ 1936ع ۾ ڇپيو  هو.   هڪ ناول ”نورجهان“(1915)   جي نالي سان به لکيو. هڪ ٻيو ڪتاب ”لنواريءَ جا لعل“ (سوانح/ تاريخ 1934) به شايع ٿيل آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ڪيترن ئي ڪتابن  جا مقدما پڻ لکيا، جن ۾ ليلارام ڦيرواڻيءَ جو ڪتاب ”هڪڙي رات“، رام پنجواڻيءَ جي ناٽڪ ”مومل راڻو“، ڪشنچند ”بيوس“ جي شعري مجموعي ”شيرين شعر“، چيتن ماڙيوالا جي تاريخي مضمونن جو ڪتاب ”تاريخي مضمون“ ۽ عبدالرزاق عبدالسلام جي ڪتاب ” گئٽي: هڪ جرمن شاعر ۽ ڊراما نويس“  قابل ذڪر آهن. پاڻ ڪجهه اخبارن ۾ آرٽيڪل به لکيا هئائين.

ڊاڪٽر گربخشاڻي انگريزي ادب جو استاد هو.  صوفي ازم  سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هو. هن انگريزي شاعريءَ ۾ صوفي ازم کي تلاش ڪرڻ لاءِ پي ايڇ.ڊي ڪئي. هيءَ ٿيسز شايع ٿيل آهي، جا هن 1928ع ۾ لنڊن مان Ph.D ڪرڻ دؤران لکي هئي. ان جو عنوان: “Mysticism in the Early Nineteenth Century Poetry of England”  هو. سندس پي.ايڇ.ڊي. جي ٿيسز پهريون دفعو 1984ع ۾ هندستان مان شايع ٿي، جنهن کي 2018ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد پاران پهريون دفعو  سنڌ ۾ ڇپايو ويو. ان ڪتاب جي مهورت ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي نياڻي گل هوتچند ڇڳاڻي سنڌ آئي هئي.

        سنڌي ٻوليءَ کي بي.اي. جي امتحان ۾ شامل ڪرائڻ جو سهرو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ڏانهن وڃي ٿو. هن صاحب 24 نومبر 1921ع تي هڪ رپورٽ “A Brief  Survey  of  Published Sindhi Literature”   (ڇپيل سنڌي ادب جو مختصر جائزو) بمبئي يونيورسٽيءَ  ڏانهن ڏياري موڪلي ته سنڌي ٻوليءَ کي  بي .اي. جي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي. بمبئي يونيورسٽيءَ سندس رپورٽ  جي روشنيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي B.A  جي امتحان ۾ شامل ڪيو. پاڻ ميٽرڪ ۽ انٽر جي شاگردن لاءِ پڻ ڪيترائي ڪتاب فارسيءَ مان انگريزيءَ ۾ لکيا، جن مان ڪي هي آهن:

1. Al-Badaye of Saadi Odes (Published in 1913)

2. Taiyyibat (1-75) (Union Steam Press, Karachi. 1918)

3. The Shah Nama, (Union Steam Press, Karachi, 1912).

4. Diwan i Hafiz, (Gay Arthur) 1913

5. Anwar-I-Suhaili

6. Masnavi Rumi

7. Yusuf and Zulaikha: A Poem by Jami

8. Rubayyat -i -Umar Khaiyam

        پاڻ ڪيترين ئي ادبي تنظيمن جو ميمبر ۽ سربراهه رهيو، جنهن  ۾ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي اهم آهي، جنهن جو پاڻ بنياد وجهندڙ ۽ پهريون صدر هو. ڪاليج ۾ جيڪي به ترقي پسند ادبي تحريڪون شروع ٿيون، انهن سڀني انجمنن جو صدر ڊاڪٽر گربخشاڻي هو. هو نوجوان اديبن کي همٿائيندو هو  ۽ سندن پروگرامن ۾ پاڻ حصو وٺندو هو. ڪاليج جو هر دل عزيز پرنسيپل ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي 11 فيبروري 1947ع تي ديهانت ڪري ويو. سندس خدمتن جي عيوض 1947ع وارو ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مِسلينيءَ جو پرچو، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي نالي سان منسوب ڪيو ويو ، جنهن ۾ سندس باري ۾  سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ ڪي مضمون پڻ شايع ڪيا ويا.

ٿانورداس ليلارام واسواڻي (1879ع- 1966ع)

        ساڌو ٿانورداس ليلارام واسواڻي، المعروف ٽي.ايل. واسواڻي حيدرآباد ۾ ڄائو. پاڻ اديب ، عالم،  فلسفي ۽ ديش ڀڳت هو. اعلي تعليم يافته هئڻ جي ناتي مختلف ڪاليجن جو پرنسيپل رهيو.  1900ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج مان بي.اي جي امتحان ۾ پهريون نمبر کنيائين ۽ کيس ايلس اسڪالرشپ ملي. 1901ع ۾ ڪاليج مان نڪرندڙ مخزن ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مِسليني شروع ٿي، جنهن جو باني ساڌو ٿانورداس واسواڻي هو جڏهن پاڻ ڪاليج ۾ نوجوان شاگرد هوندو هو. هن 1903ع ۾ ايم.اي. جو امتحان پاس ڪيو. شروع ۾ ڪلڪتي جي ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيو، پر 1908ع ۾ ڪراچيءَ جي ڊي.جي. ڪاليج  ۾ پروفيسر آف فلاسافي مقرر ٿيو. هن دؤر ۾ شاگردن جي لاءِ جيڪي به ليڪچر ۽ غير نصابي سرگرميون ٿيون، پاڻ  ان ۾ پيش پيش هوندو هو. ٽيهن سالن جي عمر ۾ حڪومتِ هند جي طرفان نمائندو بڻجي  برلن (جرمني) ۾ ڪوٺايل دنيا جي مذهبن  جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين .
        ڪجهه وقت لاهور جي ديال سنگهه ڪاليج جو پرنسيپل ٿي ڪم ڪيائين ۽ وري ڪوچ بهار جي وڪٽوريا ڪاليج جو پرنسيپل ٿي رهيو. آخر ۾ مهاراجا پٽيالا کيس مهيندرا ڪاليج جي پرنسيپل ٿيڻ لاءِ ڪوٺ ڏني، پر هن ان وقت نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏئي، اچي سنڌ ۾ رهائش اختيار ڪئي. ان وقت مهاتما گانڌيءَ جي ستياگرھ تحريڪ  شروع ٿي هئي، جنهن جي حمايت ۾ هن ڪيترا ڪتاب لکيا.(5) نيو ٽائيمس نالي اخبار جاري ڪيائين. حيدرآباد ۾ شڪتي هاءِ اسڪول‘، ’ميران هاءِ اسڪول ۽ سکي ستسنگ سنسٿائون برپا ڪيائين، جن سنڌ جي سماجڪ دائري ۾ خاصو اثر پيدا ڪيو. سنڌ مان لڏڻ بعد، پوني ۾ ميران مشن جو بنياد وڌائين.
        ساڌو ٿانورداس ليلارام علم، فڪر ۽ فلسفي جو سچو مثال هو. سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ ڪيترائي  ڪتاب لکيائين. انگريزيءَ ۾ شاعري به ڪيائين.  اسلامي تاريخ تي ڪافي معلومات رکندو هو. ان ڏس ۾ به ڪتاب لکيائين.(6)    انگريزيءَ ۾ سندس ڪيترائي  ڪتاب لکيل آهن:

Apostles of Tomorrow

Quest (Poetry)

Three Prophets

The Gospel of Freedom

Jesus

Apostles of Freedom

Arjuna O Arjuna

Builders of Tomorrow

The Fights From Krishna's Lamp

Creative Revolution

The Kingdam of Krishna

Message of Birds

Paper Boats

Desert of Voice

Sri Chaitanya

Birth Right

Ye That Are Young

India’s Adventure

The Beloved

India Arisen

Song of the Spirit

My Motherland Series

Pictures  From Mystics

India Adventure

The way of Service

India in Chains

Kabir Singer of Holy Spirit

My Motherland

Three Mystics

Quest (Poetry)

Tukaram Poet and Prophet

Secret of Asia

The Life Beautiful

My Master

Lead Kindly Light

Meditation

Sons of Light

The Hidden Self

Little Talks

The Wisdom Of The Rishis

Fair Men of Destainy

Talks on Education

Oye That are Young

The Flame Of Love

Awake Young India

Saint Mira

Song of the Spirit

Pilgrims of Knowledge

Gita Meditation

The Dedicated Life

The Bhagavad Gita

The Call of Impression

Friends of God

The Flute-Player

The Ancient One

Little Lamps

Fragments From A Pilgrams Note

Guru Gobind Singh

Sri Rama: The Beloved of Aryavarce

The Path of Action

Hafiz The Prime of Persian Lyric Poets

The Infinite is Witten You

Pabindranath Jagore and Other Talks

Sir Clsitanya : The Great Master

        ساڌو ٽي.ايل. واسواڻيِءَ جو 16 جنوري 1966ع تي ديهانت ٿيو. مرڻ وقت وصيت ڪيائين، ته سندس هاٺيون، سنڌ ۾، سنڌو نديءَ ۾ پرواهه ڪيون وڃن. 13 اپريل 1966ع تي اها رسم حيدرآباد ۾ ادا ڪئي ويئي ۽ گدوءَ وٽ سندس خاڪ سنڌوءَ کي سونپي ويئي.

عبد المجيد دريشاڻي

         پروفيسر عبدالمجيد ولد حبيب الله دريشاڻيءَ جو تعلق شڪارپور سان هو.  سندس جنم  1880ع ۾ ٿيو. هو اوائلي سنڌي مسلمانن مان هڪ هو، جنهن  ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪئي. هن ڊي.جي. ڪاليج مان ايم.اي. جي ڊگري 1901ع ۾ حاصل ڪئي. ”جهونا ڳڙه  جي محبت مدرسي ۾ هيڊ ماستر طور ڪم ڪيائين. 1903ع ۾ شڪارپور هاءِ اسڪول ۽ 1905ع ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ رهيو. ساڳئي سال 1905ع ۾ ڊي.جي ڪاليج ۾ فارسيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. 1907ع ۾ استعيفا ڏئي ڇڏيائين. 1910ع کان 1912ع تائين الحق اخبار  جو ايڊيٽر رهيو. پهريون دفعو 1915ع کان 1916ع تائين ۽ ٻيو دفعو 1919ع کان 1923ع تائين  ناز پائلٽ هاءِ اسڪول خيرپور‘ جو هيڊ ماستر رهيو.  ناز پائلٽ هاءِ اسڪول خيرپور ۾ قائم ٿيڻ کان پوءِ، ان جو پهريون هيڊ ماستر عبدالمجيد دريشاڻي مقرر ٿيو. هزهائينس مير علي نواز خان ٽالپر اسٽيٽ خيرپور جو حڪمران هو، جنهن هاءِ اسڪول لاءِ 40 ايڪڙ زرعي زمين حوالي ڪئي، جيڪا اڄ تائين آباديءَ هيٺ آهي ۽ انهيءَ زمين جي پيدائش اسڪول تي خرچ ڪئي وڃي ٿي.1923ع ۾ غريبن شاگردن لاءِ 50 – 60 ڪمرن تي هاءِ اسڪول لاءِ ڪرنل شاهه هاسٽل جوڙايائين ۽ غريب ٻهراڙيءَ جي شاگردن کي کاڌي خوراڪ ۽ رهائش جو مفت انتظام ڪرايائين، جنهن مان هزارين شاگرد رياست خيرپور جا فيضياب ٿي وڏن وڏن عهدن تي وڃي پهتا“.(7)

سندس باري ۾ لطف الله بدوي لکيو آهي ته،هو پنھنجي دؤر جي خاموش عالمن مان هو. جيئن ته منهنجي واقفيت  دريشاڻي مغفور سان هئي. ان ڪري کين ان خاموش ۽ ساده زندگي جي عالم وٽ وٺي ويس. مرحوم عبدالمجيد  صاحب  سنڌ جي فارسي شاعريءَ تي ڪيترو وقت  گفتگو ڪندو رهيو. سندس يادداشت ۽ عميق فڪرکان خصوصاً مولانا دين محمد وفائي گهڻو متاثر ٿيو. مرحوم شاعر  به هو ۽ ’مجنون‘ تخلص هوس. مون وٽ سندس ٻه غزل هئا،  جي دستبرد زماني کان بچي نه سگهيا. عسرت جي زندگيءَ ۾ نهايت، صابر ۽ شاڪر انسان هو، جو سندس عظمت جو دليل هو. انگريزي ايڏي ته فصيح لکندو هو، جو سندس همعصر دوست سر غلام حسين، خانبهادر الله بخش ۽ ٻيا سندس تحرير جا قائل هوندا هئا.(8)

        حافظ ۽ سعديءَ جي فارسي ڪتابن جا انگريزيءَ ۾ ترجما ڪيائين، جيڪي 1901ع ڌاري شايع ٿيا. اهي ڪتاب، ڪاليج جي ڪورس تي رکيل هئا.

ايم.آر. مرزا (1888ع- 1925ع)

        مرزا محمد رضا شيرازيءَ جو  جنم شيراز (ايران) ۾ ٿيو. 1902ع ۾ ڪراچيءَ آيو ۽  سنڌ مدرسي ۾ فارسيءَ جو استاد مقرر ٿيو.  ان بعد بمبئيءَ هليو ويو، جتان، بي.اي. جي ڊگري ورتائين. اتي رهي هن بهائي تحريڪ ۾ حصو ورتو.  1912ع ۾ هندستان ۾ بهائي عقيدي جي تبليغ شروع ڪيائين. 1922ع ۾ فلسطين زيارتن تي روانو ٿيو، جتان پوءِ يورپ ۽ آمريڪا گهمندو اچي، ڪراچيءَ واپس پهتو ۽ ڊي.جي. ڪاليج  ۾ فارسيءَ جو اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو. سنڌ ۾  هو بهائي تحريڪ جو باني هو ۽ ڪراچي ۾ بهائي اسپرچوئل اسيمبلي آف ڪراچي جو صدر هو.(9)

        ڊي.جي. ڪاليج ۾، هو فارسيءَ جو بهترين پروفيسر سمجهيو ويندو هو. هن  ڪاليج جي شاگردن لاءِ فارسي ڪتابن جا انگريزي ڪتاب مدد طور جوڙيا،  ۽ بهائي عقيدي تي به ڪتاب لکيا، جن ۾ هي اهم آهن:

·                   Sa’di’s Taiyyibat Odes, Steam Press, Karachi 1919

·                   Ikhlaq-i-Mohsni, 1918

·                   Dehestani’s Faraj-ba’da ’sh-shedda, 1918

·                   21 Days in Aka’s Light

        مسٽر شيرازي ڪيترائي سال ڪاليج ۾ تدريسي خدمتون ڏنيون. 10 اپريل 1925ع تي هڪ پڪنڪ دؤران ڦليلي واهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو.

ٽلومل آڏواڻي (1889ع- 1967ع)

        ٽِلومل مينگهراج آڏواڻيءَ حيدرآباد ۾ جنم ورتو. 1904ع ۾ ميٽرڪ جي امتحان ۾ پوري سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو. 1909ع ۾ ايم. اي ڪري دکشڻا فيلو بڻيو. پهرين لاهور جي ڊي.اي.وي ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. پوءِ سرينگر جي ايس.پي. ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر  ٿيو. 1914ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ انگريزيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿي آيو ۽ 1917ع کان پروفيسر ٿي رهيو. 1915ع کان 1918ع تائين، ڪاليج جي مسلينيءَ جو انچارج رهيو. 1918ع کان ڪاليج جيم خاني جو به انچارج رهيو. يونيورسٽيءَ آف بمبئيءَ جو بورڊ آف انگلش اسٽڊيز جو ميمبر پڻ رهيو. انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيائين ۽ ايڊٽ ڪيائين. هو ڊي.جي. ڪاليج جو ڪيترائي دفعا انچارج پرنسيپل به رهيو.

        ورهاڱي کان پوءِ هندستان لڏي ويو ۽ جئه هند ڪاليج ۽ بسنت سنگهه انسٽيٽيوٽ آف سائنس جو بنياد وڌائين. جون 1952ع ڌاري، جئه هند ڪاليج ۾ تدريسي عمل جو آغاز ٿيو ته هي ڪاليج جو پرنسيپل مقرر ٿيو. کيس 1957ع ڌاري بمبئي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي اهم عهدي تي فائز ڪيو ويو. بمبئي يونيورسٽي مان سندس مدي پوري ٿيڻ بعد يونيورسٽي آف ڄمون اينڊ ڪشمير جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو. ان کان سواءِ هي تعليمي وزارت جي ٻين مختلف عهدن تي پڻ فائز رهيو.(10)

لالسنگهه اجواڻي (1899ع- 1976ع)

        سنڌي ٻوليءَ جو نامور عالم ۽ تعليمدان لالسنگهه هزاري سنگهه اجواڻيءَ جو جنم لقمان خيرپور ميرس ۾ ٿيو. 1915ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو. 1919ع ۾ هو پهريون سنڌي هو، جنهن بي.اي. انگريزي ادب ۾ ڪئي ۽ پهريون نمبر آيو. جنهن تي کيس ’ايلس اسڪالرشپ‘ ملي. 1921ع ۾ ايم.اي. انگريزي ادب ۾ ڪيائين. ڪاليج ۾ کيس سنڌ اسڪالرشپ، سر مئڪسوئل ميلول پرائيز، ايدلجي ڊنشا ميڊل ۽ ايدلجي پرائيز پڻ مليا. 1919ع ۾ گجرات ڪاليج ۾ پروفيسر آف انگلش  جو اسسٽنٽ ٿي رهيو. 1920ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ انگلش جو اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو ۽ 1927ع ۾ پروفيسر طور ترقي حاصل ڪيائين.(11)

        1916ع کان 1919ع تائين، ڊي.جي. ڪاليج مسلينيءَ جو ايڊيٽر رهيو. 1920ع کان 1927ع تائين ڪاليج ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ جو انچارج هو ۽ 1922ع کان 1927ع تائين ڪاليج لائبريريءَ جو انچارج پڻ رهيو.

        هو انگريزيءَ ۾ شاعري به ڪندو هو. ادب ۽ تاريخ تي به وڏي دسترس حاصل هئس. ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن ۾ ڪاليج جي مسلينيءَ جي انگريزي مضمونن کي  Collection جي عنوان سان ترتيب ڏنائين.  سندس “History of Sindhi Literature” هڪ بهترين ڪتاب آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو ساهتيه اڪادمي دهليءَ پاران 1970ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب ۾ سنڌ ۽ سنڌي، سنڌي ٻولي ۽ ان جو بڻ بنياد، صوفي ازم ۽ سنڌي طرز زندگي، شاهه عبداللطيف، سچل سرمست، انگريزن کان اڳ جي دؤر جا ليکڪ،  سامي،
  انگريزي  دؤر جو سنڌي نثر ۽ ڊراما وغيره شامل آهن.

         اسان کي خبر آهي ته ڊي.جي. ڪاليج 1887ع ۾ برپا ٿيو هو ۽ انهيءَ جي گولڊن جوبلي 17 جنوري کان 23 جنوري 1937ع دوران ڪاليج ۾ ملهائي وئي هئي. ان موقعي تي پڙهيل مقالا، تقريرون، فوٽو ۽ ڪجهه ڪاليج مِسلينيءَ جي مختلف پرچن ۾ شايع ٿيل مواد کي ٻيهر گڏ ڪري پروفيسر لالسنگهه هزاري سنگهه اجواڻيءَ  1939ع  ۾ ڪتابي صورت ڏني، جنهن جو  نالو هو:

D.J. Sind College Golden Jubilee Book"-  The Golden Jubilee Book Of The Dayaram Jethmal Sind College, Karachi (1887 - 1937)

        1942ع ۾ سندس ڪتاب Immortal India شايع ٿيو، جنهن  ۾ هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ جي پسمنظر ۾ لکيو ويو آهي. 1944ع ۾ پروفيسر لالسنگهه هزاري سنگهه اجواڻيءَ ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مِسلينيءَ ۾ 40 سالن دؤران آيل چونڊ مضمونن کي سهيڙي ”ويچار“ (1944ع) جي نالي سان شايع ڪرايو. هن مجموعي ۾ مختلف ليکڪن جا مضمون شامل آهن، جيڪي مخزن جي مختلف پرچن ۾ شايع ٿيل هئا. پروفيسر اجواڻيءَ جي پسند شاندار هئي. هن چونڊي معياري مضمون شامل ڪيا.1947ع ۾ پروفيسر لال سنگهه اجواڻيءَ ”ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مِسليني“  جي مختلف پرچن ۾ شايع ٿيل شاعريءَ جي چونڊ ڪري، ان کي ترتيب ڏئي ”نئون دؤر“ شايع ڪرايو. ان کان علاوه ”امنگ“ (1954ع)، ”اچل“ (1972ع) ۽ Carlyle's Sartor Resartus به شايع ٿيل آهن. سنڌ ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏيڻ بعد، ڀارت ۾ نئشنل ڪاليج باندرا (بمبئي) مان پرنسيپل ٿي رٽائر ٿيو. هن مرڪزي ساهتيه اڪادميءَ تي ڪيترن سالن تائين سنڌي زبان جي نمائندگي ڪئي ۽ سنڌي صلاحڪار بورڊ جو ميمبر رهيو.

ڊاڪٽر ايڊرين ڊيوئارٽ (1896ع- 1967ع)

        ڊاڪٽر ايڊرين ڊيوئارٽ اينگلو انڊين هو. هُو پنھنجي دؤر جو ناميارو  مؤرخ ۽ تعليمدان هو. ڊي.جي. ڪاليج ڪراچي سان به وابسته هو، جتي سندس گهر واري به پروفيسر هئي.”ڊاڪٽر ڊيوئارٽ، ’سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ‘ جو باني ميمبر ۽ عهديدار هو. ڪيترائي سال ڊي.جي. ڪاليج ۾ رهيو ۽ مختلف ڪاليج جي ذميوارين سان منسلڪ هو. 1948ع ۾ کيس گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد جو پرنسيپل مقرر ڪيو ويو. حيدرآباد ۾ هن جو گهر  علمي ۽ ادبي سرگرمين جو محور هوندو هو. هن پنھنجي زماني ۾ ڪاليج اندر ’ڊرامن، ڊبيٽنگ  ۽ لٽرري سوسائيٽن‘ جي سرگرمين کي فروغ ڏنو.

        هن سنڌ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون، سنڌ ۾ گهميو ڦريو ۽ سنڌ بابت ڪيترائي ڪتاب به لکيائين. ڊاڪٽر ڊيوئارٽ کي سنڌ حڪومت  1943ع ۽ 1945ع ۾ انڊيا جي ملٽري ٽريننگ سينٽرن لاءِ موڪليل وفدن جو سيڪريٽري ۽ ميمبر ڪري موڪليو هو. ان کانسواءِ سنڌ حڪومت کيس سنڌ بابت تاريخي دستاويزن هٿ ڪرڻ لاءِ راجڪوٽ (انڊيا) به موڪليو هو .ڊاڪٽر ڊيوئارٽ، انڊين هسٽاريڪل رڪارڊس ڪميشن تي سنڌ حڪومت پاران ميمبر به ٿي رهيو.(12)

ڊاڪٽر ڊيوئارٽ1931ع ۾ پئرس جو سفر ڪيو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر 1938ع ۾ پئرس ويو. هو لڳاتار ڪيترن ئي سالن تائين ”ٽائيمز آف انڊيا“ ۽ ”السٽريٽيڊ ويڪلي“ ۾ ڪيترا تاريخي ليک لکندو رهيو. ڊاڪٽر ڊيوئارٽ پاڪستان هسٽاريڪل رڪارڊس ڪميشن جو به ميمبر رهيو آهي. هن سنڌ جي تاريخ تي ڇهه جلد لکيا هئا، پر افسوس جو اهي اشاعت هيٺ اچي نه سگهيا. ڊاڪٽر پروفيسر ايڊرين جا سنڌ جي سياست، ثقافت ۽ تصوف بابت ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، جن مان هيٺيان اهم آهن:

1. The Beggar Saint of Sehwan and other sketch of Sindh

2. A History of British Relations with Sindh (1613-1848)

3. The Crafts and Textiles of Sind and Baluchistan.

پروفيسر ڊي.آر. مينڪڊ (1902ع- 1970ع)

        پروفيسر ڊولاري رانگلداس مينڪڊ  جو جنم  ڪڇ ۾ ٿيو. هو بنيادي طور گجراتي هو. سوراشٽر مان تعليم حاصل ڪري ڪراچيءَ آيو، جتي ڀارت سرسوتي مندر ۾ اسسٽنٽ ٽيچر طور ڪم ڪرڻ لڳو. ۽ 1923 کان 1924ع تائين ان اسڪول جو پرنسيپل  رهيو. 1924ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج مان بي.اي. ڪيائين ۽ 1927ع ۾ ساڳئي ڪاليج ۾ سنسڪرت ۽ گجراتيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو.(13) اڳتي هلي، 1933ع ۾ گجراتي ٻوليءَ جو اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو ۽ ڪراچيءَ ۾ ’آل گجرات لٽرري ڪانفرنس‘ (انڊين هسٽاريڪل ڪواٽرلي، ڪلڪتو) جو ميمبر هو. ان کان سواءِ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي ايڊيٽوريل بورڊ تي ڪم ڪندو هو. هن جو خاص ڪم ايڊيٽنگ ۽ پروف ريڊنگ هو. ان کان علاوه ڪتابن ۽ پيپرن تي تجزيا پڻ لکندو هو. 1964ع ۾ کيس ساهتيه اڪيڊمي طرفان گجراتي ٻوليءَ جي سلسلي ۾ ايوارڊ ڏنو ويو. ان کان پوءِ کيس سوراشٽرا يونيورسٽيءَ جو پهريون وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو.

چيتن ماڙيوالا  (1916ع- 1984ع)

        پروفيسر چيتن ماڙيوالا، ڪراچيءَ ۾ ڄائو. تاريخ جي شعبي ۾ ايم. اي ڪرڻ کان پوءِ هُو ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾  تاريخ  جو  ليڪچرر  مقرر  ٿيو ۽ 1947ع تائين اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو، جنهن جو بعد ۾ انچارج پرنسيپل به رهيو. چيتن ماڙيوالا، سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ ۾ مختلف عهدن تي رهيو ۽ سڀني عهدن تي سندس خدمتون  بيمثال هيون. سندس آرٽيڪل، سنڌ جي تاريخ  جي مختلف پهلوئن کي بهترين نموني پيش ڪن ٿا، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس ڄاڻ، مطالعو ۽ ادبي تحقيق جو فن انتهائي شاندار ۽ سائنسي هو.(14)

        ڪاليج جي ڪيترن ئي عهدن تي ڪم ڪيائين، جن ۾ ڪاليج مسليني، لائبريريءَ جو انچارج، ڊبيٽگ سوسائٽيءَ جو انچارج وغيره ٿي رهيو. چيتن ماڙيوالا پهريون ڪتاب 1942ع ۾ اڪبراعظم جي چار سؤ سالگرهه جي موقعي تي ”همايون جو خواب عرف اڪبر جو جنم“ لکيو، جنهن تي ان زماني ۾ سنڌي ادب لاءِ صلاحڪار بورڊ طرفان کيس 200 روپيا انعام ڏنو ويو.(15) سندس ٻيو ڪتاب تاريخي مضمون 1946ع ۾ ڇپيو. ان کان سواءِ سندس ٽيون  انگريزي  ڪتابEssay on the British Policy Towards Sindh up to  “The First Afghan War 1834.”  1947ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ هيٺيان اهم مضمون شامل آهن:

1) The English Factory in Sindh (1799-1800)
(2) Seton, Smith and Saddler Mission to Sindh (1801-1820)
(3) Commercial Navigation of Indus (1821-1832)
(4) Sindh in the First Afghan War, 1839

        ورهاڱي کان پوءِ لڏي بمبئيءَ وڃي رهيو، جتي بمبئيءَ جي ڪيترن ئي ڪاليجن ۾ تاريخ جي استاد طور خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو.

ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو (1896ع- 1958ع)

        سنڌ جي عظيم تعليمدان ۽ اسڪالر، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي، ٽلٽيءَ تعلقي سيوهڻ ۾ جنم ورتو. هن ميٽرڪ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان شاندار اعزاز سان پاس ڪيو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ پهريون نمبر انعام کٽيائين. 20 جون 1917ع تي ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين، جتان 1921ع ۾ بي. اي (فارسي) فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. جنھن ڪري کيس ’ڊکشا فيلوشپ‘ (ماهوار 60 روپيا) ملي. 1923ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ايم.اي. فارسي ۽ عربيءَ ۾ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪري پهريون نمبر حاصل ڪيائين، جنهن تي کيس چانسلر ميڊل حاصل ٿيو. شمس العماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو پهريون مسلمان سنڌي هو، جنهن 1924ع ڌاري ڪئمبرج يونيورسٽي لنڊن جي ايمبونيل ڪاليج ۾ داخلا وٺي، ٽي سال اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. هن ”عربي شاعريءَ جو فارسي شاعريءَ تي اثر“ عنوان هيٺ انگريزيءَ ۾ مقالو لکي، سال 1927ع ۾ پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. ڊاڪٽريٽ  وارو سندس مقالو انگريزيءَ ۾، هند توڙي سنڌ مان ڇپجي چڪو آهي. تازو ايران مان به ڊاڪٽر دائودپوٽي جو مقالو فارسيءَ (ترجمو) ۾ شايع ٿيو آهي.(’16)

        ڊاڪٽر  عمر بن محمد دائود پوٽو 1924ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج ۾ سنڌي ۽ فارسيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. ڊاڪٽر گربخشاڻي، دائودپوٽي صاحب جو استاد هو. هُن شاهه جي رسالي جي ترتيب ۾ به ڪافي مدد ڪئي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ رسالي ۾ مدد ڪرڻ تي سندس شڪر گذاري به ڪئي آهي.  ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو ڪاليج ۾ هلندڙ ’سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ‘ جو به عهديدار رهيو. جڏهن 1948ع ۾ سوسائٽي ختم ٿي، ته هُن 1957ع ڌاري هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته سوسائٽيءَ کي جاري رکجي. 1940ع ۾ شمس العلماءُ جو لقب مليس. 1950ع کان 1955ع تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر ۽ پوءِ چيئرمين رهيو.(17)

21  سيپٽمبر 1927ع تي سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ پرنسيپل جي چارج ورتائين، جتي 1927ع کان 1930ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. 1928ع ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽو بمبئي يونيورسٽيءَ طرفان فيلوشپ لاءِ نامزد ٿيو. 1930ع کان 10 مارچ 1939ع تائين ڊاڪٽر صاحب اسماعيل ڪاليج انڌيري، بمبئيءَ ۾ عربيءَ جو پروفيسر رهيو. ڊاڪٽر دائودپوٽو، سنڌي ٻوليءَ جو تمام وڏو اسڪالر هو ۽ سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن ۾ ”طبيعات سعدي“ (انگريزي ترجمو 1923ع)، ”سرها گل“ (1932ع)، ”روائج بوستان“ (1932ع) ”سياست نامو املڪ بوستان“ (ترجمو 1932ع) ”منهاج العاشقين“ (1937ع)، ”عربي شاعريءَ جو فارسي شاعري تي اثر“ (انگريزيءَ ۾ 1937ع)، ”ابيات سنڌي“ (1939ع)، ”سنڌي نثر ۽ نظم جو انتخاب“ (1940ع) ”سنڌي نظم“ (انتخاب 1944ع)، ”سنڌي چونڊ نثر و نظم“ (ٽي ڀاڱا 1948ع)،”ڪلام گرهوڙي“ (1957ع)، ”شاهه ڪريم جو ڪلام“ (1937)، ”منهنجي مختصر ڪھاڻي“(1959ع)،  ”تاريخي معصومي“ (فارسي: ترتيب)، ”مضمون ۽ مقالا“ ۽”سون برابر سڳڙا“ ۽ ٻيا ڪيترائي سنڌي، عربي، فارسي ۽ انگريزي ڪتاب شامل آهن.

ڪنول سنگهه پوهومل ملڪاڻي (ديهانت  1943ع)

        ديوان ڪنول سنگهه پوهومل ملڪاڻي، ڊي.جي. ڪاليج جي انهن شاگردن مان هو، جن اسٽيج ناٽڪ کي جوش ڏنو. ڪنول سنگهه پوهومل ملڪاڻيءَ جو جنم حيدرآباد جي عاملن ۾ ٿيو. سندس وڏا، تمام  گهڻا زميندار هئا. هن شروعاتي تعليم اين.ايڇ.ائڪڊميءَ مان حاصل ڪري، 1980ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج ۾ داخل ٿيو. ڪاليج ڊرئمٽڪ سوسائٽيءَ جي باني ميمبرن مان هڪ هو.(18)ڪيترن ئي ناٽڪن ۾ حصو ورتائين. هُو هن سوسائٽيءَ جو پهريون هدايتڪار  (Stage Director) هو. شاگرديءَ جي زماني ۾ مسلينيءَ سميت مختلف رسالن ۾ مضمون پڻ لکيائين. 1914ع ۾ سنڌي روزانه اخبار ”سرسوتي“ جاري ڪيائين.  1916ع ۾ ”سنڌ واسي“ جو ايڊيٽر رهيو، جنهن تي بعد ۾ بدناموسيءَ جو ڪيس جڙيو. 1917ع ۾ سندس سهيڙيل ٻه ڊڪشنريون پڻ شايع ٿيون:

Premier Concise Sindhi_ English Dictionary

Premier Concise English_ Sindhi Dictionary

بعد ۾ جي.بي. آڏواڻي ڪو پيپر ڪمپني مرچنٽ ۾ حصيدار بڻيو. سندس ڪيترائي مضمون مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل آهن.

ڀيرومل مهر چند آڏواڻي (1876ع- 1950ع)

ڪاڪي ڀيرومل جو شمار سنڌي ادب جي وڏن محققن ۽ نقادن ۾ ٿئي ٿو. سندس تحقيق جي قابليت (Research Ability) سندس همعصرن کان گهڻي هئي. هُو شروع کان ئي تحقيق جو قائل هو. ان ڪري هُن جيڪي به ڪتاب لکيا آهن، اهي تحقيق جي اعلى مرتبي تي بيٺل آهن. جيئن ته هو هنديءَ جو خاص ڄاڻو هو ۽ سنسڪرت مان به گهڻي ڀاڱي ڪم وٺي ٿي سگهيو، انڪري هن خاص ڪري سنڌي زبان  جي اصل نسل، تاريخ ۽ گرامر جهڙن موضوعن تي نهايت اهم ڪم ڪيو. هن سنڌي ٻولي، ان جي گرامر ۽ ادبيات بابت تحقيقي ۽ تنقيدي مقالا لکي پاڻ مڃايو.(19)

 ڀيرومل پهريائين ايڪسائيز کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪئي، جتي 28 سال نوڪري ڪيائين. 1924ع تائين سنڌ ۾ سنڌي رڳو ميٽرڪ تائين پڙهي ويندي هئي، ساڳئي سال بي.اي. امتحان جي ڪورس ۾ سنڌي آزمائشي طور شروع ڪئي وئي هئي. سنڌيءَ ۾ تعليم جو سڄو دارومدار ڪراچيءَ واري ڪاليج ۾ هو. 1924ع واري پهرين ٽرم ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽو، جيڪو ايم.اي. پاس ڪري آيو هو. سو هڪ سؤ روپين پگهار تي سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. پر سُتت هو صاحب ڊاڪٽريٽ جي ڊگريءَ لاءِ انگلينڊ هليو ويو ۽ ان پوسٽ تي ڪم ڪرڻ لاءِ ڀيرومل کي آڇ ڪئي وئي. هن جي من جو لاڙو اڳئي علمي ادبي ميدان طرف هو. ليڪچرر واري نئين نوڪريءَ واري پگهار جيتوڻيڪ ان وقت ايڪسائيز کاتي ۾ کيس ملندڙ پگهار کان گهٽ هئي، پوءِ به هن اها آڇ قبول ڪئي. نومبر 1924ع کان ڪراچيءَ جي ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. پاڻ لکي ٿو ته ”هڪ سؤ روپيا ماهوار پينشن وٺي ايڪسائيز کاتو ڇڏي آيس، جو هيءُ ڪم منهنجي دل وٽان هو. بي.اي. جي شاگردن ۾ سنڌيءَ لاءِ چاهه وڌايم، ته پوءِ ڪاليج جي سڀني ڪلاسن ۾ سنڌي پيئي ۽ پنھنجي پورهئي کي سجايو سمجهيم.(20) هن ڪاليج جي شاگردن کي سنڌي ٻوليءَ جي مختصر ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ٻاويهن صفحن تي هڪ ڪتابڙو لکيو. هن ۾ سنسڪرت، پراڪرت، پالي ۽ سنڌي ٻولي جي نمونن، آئيوٽا، عربي ۽ فارسي اکرن، هندستاني، هندو سنڌي ۽ گرمکي اکرن، ٻولي، آواز، اکر، لفظ، عبارت، آڳاٽي تاريخ سنڌي نظم. سنڌي نثر وغيره شين تي روشني وڌي ويئي آهي.

هو بنيادي طور محقق هو. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن، جنهن ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، ”پهاڪن جي پيڙهه“، ”سنڌ جي قديم تاريخ“، ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“، ”سنڌ جو سيلاني“، ”غريب اللغات“، ”لطيفي سير“، وڏو سنڌي وياڪرڻ“ (1925ع) ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. ڊي.جي. ڪاليج مسلينيءَ ۾ به سندس ڪيترائي مضمون شايع ٿيل آهن.

لالچند امر ڏنومل جڳتياڻي (1885ع- 1954ع) 

        لالچند امر ڏنومل جڳتياڻي جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. هُن ادب جي هر صنف ۾ ڪتاب لکيا. پاڻ هڪ پختو، سليس ۽ سهڻي زبان لکندڙ ۽ ظرافت آميز عبارت جو صاحب هو.  بنيادي طور تي استاد هو. ڪيترن ئي ادارن ۾ رهيو. هن ائڪيڊمي ۾ ماستري ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه وقت ديوان پرڀداس شوقيرام آڏواڻيءَ جي برپا ڪيل نو ودياليه ۾ به پڙهايو.  ان بعد هو ڪراچيءَ هليو ويو ۽ 1910ع  کان 1912ع تائين سنڌ مدرسي ۾ ماستري ڪيائين. هتي رهي،  1911ع ۾ هن هڪ ڪتاب ”محمد رسول الله“ لکيو.  مدرسي کان پوءِ، هُو تاراچند شهاڻيءَ جي برپا ڪيل اسڪول ۾ پاڙهڻ لڳو. ان اسڪول ۾ ماستري ڪندي، هن ڊي.جي. ڪاليج ۾ داخلا به ورتي. ان دؤر ۾ اهو انوکو مثال هو ته نوڪريءَ سان گڏ ڪو ئي تعليم به حاصل ڪري. ڪاليج ، جڏهن هو ڪلاس وٺندو هو ته ڪي سندس شاگرد هم ڪلاسي ٿي پيا هئا. ڪاليج جا ڪي پروفيسر به سندس شاگرد هئا.  جڏهن ڪراچيءَ ۾ پرنسيپل جيڪسن هندستانين جي شان ۾ اڻ سهائيندڙ لفظ چيا هئا، ته ڪاليج ۾ هڙتال ڪئي ويئي. انهيءَ هڙتال جي اڳواڻن ۾ لالچند امرڏنو جڳتياڻي به شامل هو. اڳتي هلي ڊي.جي. ڪاليج ۾ آنرري پروفيسر به رهيو.(21)

        سندس ڪي ناٽڪ، ڪاليج جي ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ طرفان اسٽيج به ٿيا. سندس ڪجهه مضمون، ڪاليج مسلينيءَ  ۾ پڻ شايع ٿيا. لالچند امرڏنومل تمام وڏو ليکڪ هو، سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن ۾ ”ڪشنيءَ جو ڪشٽ“ (1923ع)، ”سدا گلاب“، ”سون ورنيون دليون“ (ناول، ترجمو)، ”ڦلن مٺ“ (مضمون)، ”مسافريءَ جو مزو“، ” چوٿ جو چنڊ“ (ناول)، ”شاهاڻو شاهه“ ۽ ناٽڪ شامل آهن.

 پروفيسر ايڇ. ايل. ڇٻلاڻي (1889ع-1934ع(

        پروفيسر حشمتراءِ ليکراج ڇٻلاڻيءَ جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم هيرانند اڪيڊميءَ مان حاصل ڪيائين. ڇٻلاڻي واحد سنڌي هو، جنهن ميٽرڪ جي امتحان ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان پهرين پوزيشن کنئي هئي. پوءِ ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ  ۾ پڙهيو، جتي هو هڪ هونهار شاگرد هو.  ڪاليج جي علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺندو هو. 1911ع ۾  اقتصاديات جي مضمون ۾  ايم.اي. ۾ پهرين پوزيشن کڻڻ تي کيس تلنگ گولڊ ميڊل حاصل ٿيو. مختلف ڪاليجن  ۽ يونيورسٽين ۾ ويهن سالن تائين پڙهائيندو رهيو، جنهن مان هڪ سال لاءِ ايلفنسٽن ڪاليج به شامل هو. ان کان پوءِ هڪ سال لاءِ  1923ع ۾ گدومل نيشنل ڪاليج، حيدرآباد جي پرنسيپل طور خدمتون ڏنائين. بعد ۾ کيس دهلي يونيورسٽيءَ ۾ اڪنامڪس جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو، جتي 1927ع تائين ڊين فيڪلٽي آف آرٽس به رهيو.(22)

        جڏهن سنڌ جي پرڳڻي کي بمبئيءَ کان ڌار ڪرڻ جو سوال اٿيو، ته هن انهيءَ رٿ جي سخت مخالفت ڪئي.ان دؤران انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب “Seperation of Sind from Bombay Presidency”  به ڇپائي پڌرو ڪيائين، جنهن ۾ سرڪار جي ڇپايل رپورٽن وغيره مان انگ اکر ڏئي اهو ثابت ڪيائين ته سنڌ بمبئيءَ کان ڌار ٿيندي ته سنڌ جي مالي حالت اهڙي نه آهي، جو سنڌ پنھنجو خرچ پاڻ پورو ڪري سگهي. ان ڪتاب ڇپجڻ سان سندس  شهرت ۾ ڪافي اضافو ٿيو. جنهن بعد کيس لنڊن ۾ گول ميز ڪانفرنس ۾ گهرايو ويو، پر هن جي دليلن کي اهميت نه ڏنائون.

        پروفيسر ڇٻلاڻيءَ هندستان جي ڪرنسيءَ، بئنڪن ۽ هندستان جي اقتصادي مسئلن بابت ڪيترا ڪتاب انگريزيءَ ۾ لکيا، جن ۾ “Currency and Indian Exchange” اهم آهي. هندستان جي انتظام، ملڪي جوڙجڪ، ”انگلنڊ جي تاريخ (ٻن ڀاڱن ۾) سميت ٻين ڪيترن اهم موضوعن تي سندس ڪتاب شايع ٿيل آهن. هن پنھنجي ڀاءُ منگهارام ڇـٻـلاڻـيءَ سـان گـڏ ڪـراچـيءَ ۾ ماڊل هاءِ اسڪول به قائم ڪيو هو، جيڪو هاڻي سندس نالي پٺيان سڏجي ٿو.(23)

ڊاڪٽر ايس. پي. ڇٻلاڻي

         ڊاڪٽر ايس.پي.ڇٻلاڻيءَ جو پورو نالو  ست سرڻ ولد پرمانند ڇٻلاڻي هو.  هن جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. مشھور ماهر اقتصاديات  پروفيسر ايڇ. ايل. ڇٻلاڻي، هن جو سڳو چاچو هو. ايس. پي. ڇٻلاڻيءَ شروعاتي تعليم هيرانند اڪيڊمي، حيدرآباد  مان حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ ڊي.جي. ڪاليج ۾ پڙهيو. اقتصاديات جي مضمون ۾  ايم .اي ڪيائين ۽ ڊي.جي. ڪاليج ۾ اقتصاديات جو ليڪچرر مقرر ٿيو. هن کي ڪاليج جي سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. اڳتي هلي، سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي مالي مدد سان بمبئي يونيورسٽيءَ مان  سنڌ جي معاشي حالتن تي  پي.ايڇ.ڊي ڪري آيو، جيڪا بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ هن عنوان سان شايع ٿي:

“Economic conditions in Sind, 1592 to 1843”

        بمبئيءَ مان واپس هلي، ڊي.جي. ڪاليج ۾ پروفيسر  طور ترقي ماڻيائين. پروفيسر ايس.پي ڇٻلاڻيءَ، مڪليءَ جي پٿرائين چوکنڊي قبرستانن جي باري ۾
 تحقيق ڪئي آهي. پر سندس پسند جو موضوع اڪنامڪس هو. ان ڏس ۾ هن سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب ۽ آرٽيڪل لکيا، جن مان ڪي هي آهن:

1. Essays and Reflections on his Life and Times, Edi, Delhi, S. Chand [1961]

2. Report on Economic and Commercial Conditions in West Germany for the year 1956, Ministry of Commerce and Industry.

3. Export Finance-Ecgc's Contribution

4. Everyman's Guide to impact control including the policy for  Registered Exporters

5. The Rehabilitation of Refugees in the Federal Republic of Germany

آسودومل گِدواڻي (1890ع-1935ع)

        آسودومل گدواڻيءَ جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. 1909ع ۾ بي.اي. ۽ 1911ع ۾ ايم. اي ڪراچيءَ جي ڊي.جي. ڪاليج مان ڪيائين. ڪاليج ۾ ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ کي وڌائڻ ۽ هلائڻ ۾ سندس وڏو هٿ هو. ڊي.جي. ڪاليج جي مسلينيءَ جو به مستقل ليکڪ هو. آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪري، انڊين ايجوڪيشنل سروس ۾ شامل ٿيو. بيڪانير جي مهاراجا جو پرائيوٽ سيڪريٽري پڻ رهيو. پوءِ دهليءَ جي رام جس ڪاليج جو پرنسيپل بڻيو. بعد ۾ 1920ع ۾ سرڪاري نوڪري ڇڏي وڃي گانڌيءَ سان شامل ٿيو. ٻه ڀيرا جيل به ويو.(24)

        بعد ۾ ڪراچي اچي، ڪراچي ميونسپل پرائمري اسڪول بورڊ جو ائڊمنسٽريٽر مقرر ٿيو. سنڌ ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ واري تحريڪ ۾ سندس ڪردار تمام اهم آهي. ان ڏس ۾ هن ڪيترا سارا ليک ۽ مضمون لکيا. سندس شمار انهن ليکڪن ۾ به ٿئي ٿو، جن سنڌي نثر ۾ ڪھاڻيءَ کي نئون رنگ ڏنو. هن ڪاليداس جي ناٽڪن تي ٻڌل ڪتابن ”رگهو ونش، ڪمار سمڀو  اگنمتر“ جا سنڌي ۾ ترجما ڪيا ۽ ڪيترا ڪتاب شايع ڪيا.

نرمل داس گربخشاڻي (1889ع- 1966ع)

        پروفيسر نرمل داس ڌرم داس گربخشاڻي  جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو، هو ڊاڪٽر ايڇ.ايم گربخشاڻيءَ جو سڳو سوٽ هو.  هو هڪ اديب ۽ تعليمدان هو. 1905ع ۾ ميٽرڪ ڪيائين. ڊي.جي. ڪاليج ڪراچي مان بي.اي. ۽ فلاسافيءَ جي شعبي ۾ ايم.اي. ڪيائين. سڀ کان اول رام جس ڪاليج دهليءَ ۾ وائيس پرنسيپل رهيو. 1929ع ۾ نيشنل ڪاليج جو پرنسيپل مقرر ٿيو، بعد ۾  هو چيلا سنگهه سيتلداس ڪاليج شڪارپور جو  به پرنسيپل رهيو. راءِ بهادر پرڀداس جي وفات کان پوءِ، نو ودياله اسڪول جو انتظام پروفيسر نرملداس ڌرمداس گربخشاڻيءَ سنڀاليو.  سندس گھر به ان اسڪول منجھه هو. هن اسڪول مان  1923ع ۾ ”وديا“  نالي هڪ ماهوار رسالو  جاري ڪيو. هن رسالي ۾ اڪثر سنڌي ليکڪن جون ڪھاڻيون، مضمون، شاعري ۽ تعليمي خبرون شايع ٿينديون هيون.(25)

        هن پاڻ ڪجهه سوانحي ڪتاب لکيا، جن ۾ ”راجا رام موهن راءِ جو جيون چرتر“ (1930ع)، ”ساڌو نولراءِ جو جيون چرتر“  (1932ع ”مهارشي ديوندرناٿ جو جيون چرتر“ (1938ع) ۽ ”آمريڪا جا مها پرش“ اهم آهن. جڏهن ته سندس ٻين ڪتابن ۽ رسالن ۾ مضمون به شايع ٿيل آهن.

هرومل سدارنگاڻي (1913ع- 1992ع)

           ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي ”خادم“ ابتدا ۾، ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ فارسي زبان جو استاد رهيو. ان عرصي ۾ هن بمبئي يونيورسٽيءَ مان سنڌ جي فارسي گو  شاعرن جي عنوان تي تحقيق ڪري ڊاڪٽريٽ (Ph.D)  جي ڊگري ورتي. تحقيقي ڪم جي نگراني ڊاڪٽر گربخشاڻي ڪئي. ڊاڪٽريٽ وارو سندس مقالو “Persian Poets of Sindh” سنڌي ادبي بورڊ 1956ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو. هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ، ڊاڪٽر سدارنگاڻي دهليءَ هليو ويو. دهليءَ ۾ هن آل انڊيا ريديو  جي فارسي حصي ۾ ملازمت ڪئي. بعد ۾ ايران جي آڇ تي تهران ويو، جتي هن هڪ ٻي پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري ورتي. سندس ٿيسز جو عنوان هو ”پارسي گويان هند و سند.(26)  سندس اها ٿيسز به شايع ٿيل آهي. هو سنڌي ٻوليءَ جو ڪهنه مشق شاعر هو. سندس شاعري جا 5 ڪتاب ڇپيل آهن: ”رنگين رباعيون“ (1959ع)، ”روح ڏنـو ريـلــو“ (1964ع)، ”پرهه جي  باک“  (1972ع)، ”خـوشـبوءَ جـو سفر“، ”چيخ“ (1977ع). ڊاڪٽر هرومل  سدارنگاڻي  ڪيترا  تحقيقي ۽ تنقيدي مضمون به لکيا، جن جو هڪ مجموعو ڪک ۽ ڪانا عنوان  سان 1966ع ۾ ڇپيو. هن بابرنامو (1964ع)، گرو گوبند سنگهه (1967ع)، ولٿول ۽ امراءُ جانِ ادا ڪتاب سـنـڌيءَ ۾ تـرجـمـو ڪيا. هرومل سدارنگاڻي “Indian Poetry Today” جي سنڌي ڀاڱي جو  ايڊيٽر رهيو.

جوهر طوطيرام منسکاڻي  (1899ع-   1966ع)

        جوهر طوطيرام، جيڪو بعد ۾ سوامي گووند آنند جي نالي سان مشھور ٿيو، تنهن جو تعلق حيدرآباد شهر سان هو. هن  ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ مان 1908ع ۾ بي.اي. ۽ 1910ع ۾ ايم.اي. جا  امتحان پاس ڪيا. شاگرديءَ جي زماني ۾، هن ڪاليج ۾ شاگرد سياست متعارف ڪرائي ۽  پرنسيپل  جيڪسن جي خلاف احتجاج ۽ جلوس ڪڍيائين. جنهن جي نتيجي ۾ پرنسيپل  جيڪسن کي استعيفا ڏيڻي پئجي وئي. 1910ع ۾ ايم.اي. ڪري، فرگوسن ڪاليج پونا ۾ انگريزي ۽ تاريخ جو پروفيسر مقرر ٿيو. 1912ع ۾ پاٽنا جي بي.اين. ڪاليج ۾ پروفيسر ۽ 1913ع ۾ مظفرپور جي بي.بي. ڪاليج ۾ ايڪنامڪس ۽ پاليٽڪس جو سينيئر پروفيسر مقرر ٿيو.(27)

        1914ع ۾، پروفيسر منسکاڻي، يورپ ۽ آمريڪا جي سير تي نڪتو. واپسيءَ ۾ هند سرڪار کيس گرفتار ڪري ورتو  ۽ پنجن سالن جي سزا ڏني. آزاديءَ کان پوءِ، هن حيدرآباد ۾ سنياس ورتو ۽ سوامي گووند آنند جي نالي سان مشھور ٿيو. ملڪي سياست ۾ ڪانگريس جي پليٽ فارم تان حصو  ورتائين. ڪيترائي دفعا جيل ويو. ”سنڌ ڪيسري“ ۽ ”وائيس آف انڊيا“ اخبارن جو ايڊيٽر رهيو. ويدانتڪ فلاسافيءَ تي ڪيترائي ڪتاب لکيائين.

آچاريه ڪرپلاڻي  (1888ع- 1982ع(

        آچاريه ڪرپلاڻي ءَ جو اصل نالو جيوترام ڀڳوانداس ڪرپلاڻي  هو. سندس جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم حيدرآباد ۾ ورتائين ۽ ڪاليجي تعليم ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ مان ورتائين. 1909ع ۾ ڪاليج مان بي.اي. ڪري، ايم. اي. ولسن ڪاليج مان ڪيائين. هي انهن شاگردن مان هو، جن ڊي.جي. ڪاليج ۾ سياست کي آندو. جڏهن ڪراچيءَ ۾ پرنسيپل جيڪسن جي هندستانين جي شان ۾ چيل اڻ سهائيندڙ لفظن ڪري، ڪاليج ۾ هڙتال ڪئي ويئي ته انهيءَ هڙتال جا اڳواڻ لالچند امرڏنو جڳتياڻي، جيوترام ڪرپلاڻي ، جوهر منسکاڻي ۽ جهمٽمل جڳتياڻي هئا. ان هڙتال ۾ جيوترام کي هڪ سال لاءِ رسٽيڪيٽ ڪيو ويو، پر ڊاڪٽر جيڪسن کي نوڪريءَ تان استعيفا ڏيڻي پئجي وئي.

        1912ع ۾ ايم.اي. پاس ڪري، ڪلڪتي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ بهار صوبي جي مظفر پور ڪاليج ۾ پڙهائڻ لڳو. جيئن ته ڪرپلاڻي  سنڌي هو، تنھنڪري بهاري شاگرد کانئس شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام نهايت دلچسپيءَ سان ٻڌندا هئا. 1917ع ۾ جڏهن موهنداس گانڌيءَ ستيا گره هلچل شروع ڪئي، ته ان جو ساٿ ڏنائين. مهاتما گانڌي مظفرپور ۾ وٽس اچي ترسندو هو، انهيءَ ڏوهه ۾ کيس نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيائون.  1922ع کان 1937ع تائين هو گجرات وديا پيٺ جو پرنسيپل رهيو، 1934ع ۾  آل  انڊيا  ڪانگريس جو سيڪريٽري جنرل ٿيو ۽ 1946ع تائين اهو عهدو وٽس رهيو. آڪٽوبر  1946ع ۾ آل انڊيا ڪانگريس جو صدر منتخب ٿيو. انگريزن خلاف سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ڪري ڪيترا ڀيرا جيل ويو. ورهاڱي بعد ڀارت جي قانون ساز اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1951ع ۾ پنھنجي ڌار سياسي پارٽي ڪانگريس نيشنل ڊيموڪريٽ فرنٽ قائم ڪيائين، 1952ع کان 1957ع تائين لوڪ سڀا جو به ميمبر رهيو. ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو.(28)

پرمانند ميوارام آڏواڻي (1865ع- 1938ع)

       پرمانند ميوارام جو جنم حيدرآباد ۾ عامل گهراڻي ۾  ٿيو. 1891ع ۾ عيسائي ٿيو ۽ سندس نالو ’فيلڪس‘ رکيو ويو. 1910ع   ۾ ڊي.جي. ڪاليج مان بي.ايس.سي. ۽ 1911ع ۾ ساڳئي ڪاليج مان ايم.اي. ڪيائين. ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ڪيمسٽريءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو، 1919ع ۾ ڪاليج ڇڏي، وڃي ’ڪراچيءَ جي اسڪول فار بلائِينڊ‘ جو پرنسيپل ٿيو.

        1896ع کان ”جوت“ اخبار جاري ڪيائين، جنهن جي ذريعي هن سنڌي زبان ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي. بحيثيت سنڌي اديب ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن ۾ ”گل ڦل“، ”ڪرست جي پيروي“، ”هيري جي منڊي“، ”سندباد سيلاني“ ۽ ”سنڌي انگريزي لغت“ اهم آهن. هن جوت اخبار کانسواءِ، هڪ جرمن عالم ٽامس آءِ. ڪيمپس جي انگريزيءَ ۾ لکيل هڪ ڪتاب جو (Follow the Christ) ڪرست جي پيروي“ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. اهو ڪتاب تمام گهڻو متضاد بڻيو. پرمانند ميوارام عيسائي تبليغ جا به ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ ”مسيحي تعليم“ (1911ع)، ”سورن کان سرس“ (1913ع)، ”لارڊيس جي ناري“ (1913ع)، ”دلبهار“ (ٽي ڀاڱا، 1914ع)، ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن.(29)

رانجي گرداس سنگهه شهاڻي (1904ع- 1966ع)

          رانجي گرداس سنگهه شهاڻي، پرنسيپل صاحب سنگهه چنداسنگهه جو ويجهو عزيز هو. ڊي.جي. ڪاليج مان حاصل ڪري، اعليٰ تعليم لاءِ فرانس هليو ويو. واپس اچي انگريزي ٻوليءَ ۾ صحافت شروع ڪيائين. انگريزي ادب سان کيس عشق هو ۽ شيڪسپيئر جو شيدائي هو.(30) سندس هيٺيان ڪتاب اهم آهن:

Shakespeare through Eastern Eyes

Towards the Stars

Coming in  Karuna

The India Way (1951)

The Amazing English (1948)

Whiteman in search of God

Indian Pilgrimage

پروفيسر نارائڻ داس ملڪاڻي (1890ع- 1974ع)

         پروفيسر نارائڻ داس رتڻمل ملڪاڻيءَ جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو.ڊي.جي. ڪاليج مان تعليم حاصل ڪيائين. شاگرديءَ جي زماني ۾ هو ڪاليج جي سڀني علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺندو هو.  بنيادي طور معاشيات جو پروفيسر هو. 1914ع ۾ مظفر پور (بهار) جي ڪاليج ۾ ايڪنامڪس جو پروفيسر مقرر ٿيو. بعد ۾ بمبئي مها ودياله ڪاليج جو وائيس پرنسيپل ٿيو. ان کان پوءِ احمد آباد مها وديالا جو وائيس پرنسيپل ٿيو، جتي ڇهه سال رهيو. 1927ع ۾ حيدرآباد نئشنل ڪاليج ۾ وائيس پرنسيپل ٿي آيو. 1928ع ۾ استعيفا ڏئي ڪانگريس جي پليٽ فارم تان سياست ۾ به حصو ورتائين. گانڌيءَ سان تمام ويجهو رهيو.

        ملڪاڻي صاحب سنڌي مضمون نگاريءَ جي ترقيءَ  ۾ وڏو حصو ورتو. سندس مضمونن جا ڪيترائي مجموعا شايع ٿيل آهن. جن ۾ ”سنڌ جا هنر“ (ثقافتي مضمون/ ٻيو ڇاپو 1987ع)، ”جبلي جيوت“ (تحقيق 1933ع)، ”ڳوٺاڻي چهر“، (1929ع)، ”ماهتام سان ڳالهيون“ (سياست: 1935ع)، انار دانه“ (مضمون: 1940ع) ۽ ”يوگ ڪين جوڳ“ (صوفي مضمون: 1944ع) ”ميراڻي سنڌ“ (تاريخ، ترجمو) ”گرنار ۽ جوناڳڙهه“ (سفر نامو)، ”نرالي زندگي“ (آتم ڪھاڻي: 1962ع)، اناسڪتي يوگ“ (1929ع) وغيره شامل آهن.  پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻيءَ هڪ روسي ناول جو ترجمو ”بک“ نالي سان ڪڍيو، جنهن ۾ ڏڪر جي ڀوت جي ڀيانڪ تصوير چٽيل هئي.(31)

          پروفيسر نارائڻ داس ٻارن لاءِ ڪيتريون ئي آکاڻيون به لکيون ۽ 1926ع ۾ ”ٻاراڻيون ٻوليون“ نالي هڪ رسالو ڪڍيو. ان کان علاوه، سندس ”ٻاراڻيون آکاڻيون“1946ع ۾ ڇپيو. اهڙيءَ طرح، هن صاحب هندن جي ڌرمي ڪتاب ”مهاڀارت“ مان چونڊ ڪھاڻيون ڪڍي ”مهاڀارت جون آکاڻيون“ (1940ع) ۾ شايع ڪرايو.

پروفيسر ايڇ.سي ملڪاڻي (ديهانت 1971ع)

        پروفيسر حشمتراءِ چوئٿرام ملڪاڻيءَ جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. ڊي.جي. ڪاليج مان تعليم حاصل ڪري حيدرآباد جي نيشنل ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيو، جتي 1945ع ۾ کيس ڪامرس ڪاليج جو پرنسيپل مقرر ڪيو ويو. اعليٰ تعليم لاءِ هو بمبئي هليو ويو، جتان ايڪنامڪس ۽ تاريخ  جي شعبي ۾ ايم.اي. ڪري آيو. اڳتي هلي، کيس شڪارپور جي ڪاليج جو پرنسيپل مقرر ڪيو ويو.(32) حيدرآباد توڙي شڪارپور ۾ رهڻ دؤران هو سنڌو رسالي ۽ ٻين رسالن ۾ باقاعده لکندو هو. سنڌو رسالي ۾ سندس اهم مضمونن ۾ ” هندستان ۽ جپان جي وچ ۾ واپاري عهدنامو“، ”هندستان جي آدمشماري“،  ۽  ”رشيا جو تعليمي نظام“ آهن. هو ڊي.جي. ڪاليج، ڪراچيءَ ۾ هلندڙ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو به ميمبر هو. آزاديءَ کان پوءِ هندستان لڏي ويو، جتي بمبئي ڪامرس ڪاليج جو پرنسيپل مقرر ٿيو. سندس ڪتاب  “A Socio-Economic Survey of Baroda City” (1954-55) وڏي اهميت رکي ٿو.

محمد حنيف صديقي (1905ع_1976ع)

        سنڌي ٻوليءَ جي مشھور اديب محمد حنيف صديقيءَ جو جنم شڪارپور ۾ ٿيو. بنيادي طور تي قانوندان هو. 1921ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج ۾ داخل ٿيو ۽ پهريائين بي.اي، پوءِ ايل.ايل.بي. جو امتحان پاس ڪري وڪالت شروع ڪيائين. کيس سنڌ جي تاريخ تي تحقيق سان محبت هئي ۽ ڪيترائي قديم نسخا سندس لائبريريءَ ۾ موجود هئا. هن سياست ۾ حصو ورتو ۽ لاڙڪاڻي جو ميونسپل ڪارپوريٽر به رهيو.(33)1951ع کان 1955ع تائين سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري ليگل ڊپارٽمينٽ رهيو. سنڌالاجي قائم ڪرڻ ۾ به سندس اهم ڪردار هو.

        سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو مستقل ميمبر هو.  انگريزيءَ مان  سنڌ جي تاريخ  جي سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي ڪتاب ترجمو ڪيائين، جن ۾ ”سنڌ جي درٻار“ (1964ع ۾ جيمس برنس جو ڪتاب  A Narrative of a Visit to the Court of Sindh) جو ترجمو،  رچرڊ برٽن جي  ڪتاب “A Sketch of History of Cutch”  جو ترجمو،  ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“ (1971ع ۾ رچرڊ برٽن جي (Sindh and the Races that Inhabit the valley of the Indus) جو ترجمو، ”سنڌ ۽ بلوچستان جو سير ۽ سفر“ (1976ع ۾ هينري پاٽنجر جي Travels in Balochistan and Sindh)) جو ترجمو، ”يادگيريون“ (1968ع ۾ سيٺ نائون مل جي ڪتاب Memories of Seth Nau mal) جو ترجمو شامل آهن. محمد حنيف صديقي، سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو  بااعتماد ڪارڪن هو ۽ باقاعده گڏجاڻين ۾ حصو وٺندو هو، پر هن صرف ٻه پيپر سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ لاءِ پڙهيا هئا:

1.   Abdul Gafoor Shah, a Sindhi adventurer in the court of Mahomed Shah

2.   A Chapter of Forgotten History

پروفيسر منگهارام ملڪاڻي (1896ع- 1980ع)

        پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جو جنم حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو. سنڌي ڊرامي جي ترقيءَ ۾ سندس تمام وڏو ڪردار آهي. پاڻ ميٽرڪ جي امتحان  ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ چوٿون نمبر ۽ پنھنجي اسڪول ۾ پهريون نمبر آيو. ان کان پوءِ ڪاليجي تعليم ڪراچيءَ جي ’ڊي.جي. سنڌ ڪاليج‘ مان ورتائين. گريجوئيٽ ٿيڻ کان پوءِ ڇهه مهينا پوني واري زرعي ڪاليج مان زراعت جي عملي تعليم به ورتائين . هن شاگرديءَ جي زماني ۾ ڊي.جي. ڪاليج ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ کي ٻيهر جياريو. حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪندڙ سڀني ڊراما جي ڪلبن سان سندس تعاون هوندو هو. 1930ع ۾ سنڌي ننڍو ناٽڪ به نئين روپ ۾ سامهون آيو. جنهن کي يڪ فصلو يا ايڪانڪي طور سڃاتو ويو. سنڌي ننڍي ناٽڪ جو اهو روپ هنديءَ جي يڪبابي ۽ انگريزيءَ جي (One Act Play) جهڙو ئي هو. فني توڙي عملي حوالي سان حقيقت جي گهڻو ويجهو هو. ان نئين انداز جو باني منگهارام ملڪاڻي هو. خانچند ۽ منگهارام، بزرگ اديبن لالچند امرڏنومل، ڄيٺمل پرسرام ۽ هيرانند آڏواڻيءَ جي ساٿ ۽ سهڪار سان 1923ع ۾ رابندر ناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ  ڪلب حيدرآباد ۾ برپا ڪئي. جنهن جو مهورت رابندر ناٿ ٽئگور پاڻ پنھنجن هٿن سان ڪيو.(34)

        پروفيسر منگهارام ملڪاڻي زميندار گهراڻي سان تعلق رکندو هو. هن جو شوق هو ته هُو ڪاليج ۾ استاد مقرر ٿئي. پر، سندس ڪٽنب ان جي خلاف هو. نيٺ سندس من جي مراد پوري ٿي ۽ ’ڊي.جي. سنڌ ڪاليج‘ جي انتظاميه وارن کيس پنھنجي ڪاليج ۾ انگريزيءَ جي استاد ٿيڻ جي آڇ  ڏني، ۽ هن وڃي اتي ملازمت جو آغاز ڪيو. ورهاڱي ٿيڻ وقت پاڻ اتي اسسٽنٽ پروفيسر هيو. 1947ع کان پوءِ جڏهن ڀارت لڏي ويو ته بمبئيءَ جي ’جئه هند ڪاليج‘ ۾ پهريون پروفيسر ۽ پوءِ انگريزي شعبي جو اڳواڻ ٿيو. جملي اٺٽيهه سالن جي ملازمت ڪرڻ کان پوءِ 1962ع ۾ رٽائر ڪيائين. منگهارام ملڪاڻي، ميٺارام هاسٽل جو ڪيترائي سال وارڊن رهيو.

        پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ ڪيترائي ڊراما لکيا، سندس مشھور وڏا رچيل ناٽڪ چار هئا، جهڙوڪ: ”قسمت“، ”ايڪتا جو آلاپ“، ”کن جي خطا“ ۽ ”انارڪلي. هُو صرف ڪلب تائين محدود ڪونه هو، پر سوسائٽيءَ طرفان جيڪي ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ ليڪچر پروگرام ٿيندا هئا، انهن ۾ به سندس ڪردار اڳرو هوندو هو. هن ڊرامي بابت ڪيترائي ليڪچر ڏنا، ورڪشاپ ڪرايا ۽ شاگرد پيدا ڪيا.

        پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، ڊراما نويس کان علاوه اعليٰ درجي جو نقاد ۽ مترجم به هو. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.  جن ۾ ”گم ٿيل صندوقڙي“ (ناول، ترجمو-1924ع)،”قسمت“ (الف ليلى ناٽڪ-ترجمو 1926ع)، ”ايڪتا جو آلاپ“ (وڏو قومي ناٽڪ-ترجمو 1929ع)، ”کن جي خطا“ (ناٽڪ 1930ع)، ”انار ڪلي“ (ناٽڪ-1930ع)، ”پنج ننڍڙا ناٽڪ“ (1937ع)، ”پنگتي پردا“ (ناٽڪ-1938ع)، ”پريت جا گيت“ (ترجمو-1940ع)، ”گيتانجلي“ (ترجمو-1942ع)، ”ادبي اصول“ (1950ع)، ”جيون چهچٽا“ (ناٽڪ-1962ع)، ”پاپ ڪين پڃ؟ (ناٽڪ-1957ع)، ”پڇمي ياترا“ (آمريڪا جو سفرنامو-1963ع)، ”کڙکٻيتا پيا ٽمڪن“ (ناٽڪ-1967ع)، ”سنڌي نثر جي تاريخ“ (1968ع)، ”جواني جا جذبا، پيري جون يادون“ (نظماڻو نثر-1975ع)، ”آخري ڀيٽ“ (ناٽڪ-1975ع)، ”سمنڊ جي گجڪار“ (ناٽڪ: 1975ع)، ”ساهتڪارن جون سمرتيون“ (يادگيريون: 1979ع)، ”ڀارت ۾ سنڌي ساهت جو مختصر جائزو“ (1980ع) ۽ ”ڀارت ۾ سنڌي ساهت جي سمالوچنا(1982ع) شامل آهن.(35)

نانڪرام وسڻمل ٿڌاڻي (1890ع- 1956ع)

        نانڪرام وسڻمل ٿڌاڻيءَ جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو.  شروعاتي تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪيائين. 1909ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ مان بي.اي. ۽ 1911ع ۾ ايم.اي. سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪري، لاهور ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. پوءِ دهليءَ جي هندو ڪاليج ۾ پرنسيپل بڻيو. ڪجهه وقت دهلي يونيورسٽيءَ جو ’ريڪٽر‘ ٿيو. حيدرآباد  سنڌ جي ڊي.جي. نئشنل ڪاليج جو پرنسيپل بڻيو. انهيءَ بعد وري هندو ڪاليج جو پرنسيپل بڻيو.(36)

        هو بنيادي طور تي تاريخ جو پروفيسر هو ۽ ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن ۾ هي اهم آهن:

1.      Krishna's Flute and Other Poems,1919

2.     The Mystery of the Mahabharata,1931

3.     The Bhagavadgita,1933

4.     The secret of the sacred books of the Hindus,1953

5.     The Garden of the East,1932

6.     He walked alone,1948

7.     ڀڳوت گيتا، (ڪويتا ۾)، 1962ع

پروفيسر موٽومل گدواڻي (ديهانت 1925ع)   

          موٽومل منگهارام گدواڻي نالي وارو تعليمدان ۽ اديب هو. سندن جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. گريجوئيشن ڊي.جي. ڪاليج مان ڪيائين. ڪاليج مسلينيءَ جو مستقل ليکڪ هو. 1913ع ۾ انگريزي ادب ۾ ايم.اي. ڪيائين ۽ ايلفنسٽن  ڪاليج ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. 1925ع  ۾ کيس نيشنل ڪاليج جو پرنسيپل مقرر ڪيو ويو. هن ڪاليج ۾ ”ڦليلي“ جي نالي سان ميگزين جاري ڪيو.اڳتي هلي، نوڪري ڇڏي سياست ۾ حصو ورتائين. اڪيچار ڪھاڻيون ۽ ناول به سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين، جن ۾ وڪٽر هيوگو جي ناول (La-Miserable) کي ”دکي انسان“  (1922ع) ۽ لارڊ لٽن جي ناول کي ”زئنوني“ جي نالي سان ترجمو ڪيائين.(37)  ان کان علاوه، راجپوت تاريخي ڪھاڻي ”ستيوتي“ ۽ ناٽڪ ”وسنت لڪشمي“ ۽ ”ڪرشن گوپي“ پڻ لکيا. شاهه لطيف تي پڻ هڪ انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيائين. 

مولچند تلسيداس گلراجاڻي

        هي صاحب، 1921ع-1920ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج ۾ داخل ٿيو. انگريزيءَ ۾ شاعري ۽ آرٽيڪل لکندو هو. ڪاليج مسلينيءَ جو ايڊيٽر رهيو. 1924ع ۾ بي.اي. ڪري، برطانيه هليو ويو، جتان ايم.اي. ڪرڻ کان پوءِ بهار جي ايجوڪيشنل سروس ۾ انگلش جو پروفيسر مقرر ٿيو.(38)

هاسانند راڌاڪرشن بٺيجا (1891ع-  1971ع)

        پروفيسر هاسانند راڌاڪرشن بٺيجا جو جنم شڪارپور ۾ ٿيو. 1911ع ۾ ميٽرڪ لاڙڪاڻي مان پاس ڪيائين. ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ اسڪالر هو. گهڻا ئي انعام کٽيائين. ڊي.جي. ڪاليج ۾ فيلو پڻ رهيو.1911ع ۾ ايم.اي. ڪيائين. آڪسفورڊ مان گريجوئيٽ بڻيو. علي ڳڙهه يونيورسٽي ۽ بنارس هندو يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ ۽ معاشيات جو پروفيسر  مقرر ٿيو.  بهار ۽ اوڙيسا ۾ ’انڊين ايجوڪيشنل سروس‘ ۾ کنيو ويو. پوءِ، حيدرآباد ڪاليج  جو پرنسيپل ٿيو. 1924ع ۾’آل سنڌ اسٽوڊنٽ ڪانفرنس‘ جو صدر بڻيو. شڪارپور ۾ ڪاليج کولڻ واري مهم ۾ سندس اهم ڪردار هو.   انهيءَ وقت جي سنڌ جي ايڪنامڪس ۽ پوليٽڪل سوالن ۽ مسئلن تي ڪيترائي ڪارائتا ۽ ڪمائتا  ليڪچر ڏنائين، سرڪاري رپورٽون تيار ڪيائين، اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون ۽ ڪتاب لکيائين.(39)سندس ڪتابن ۾ هي اهم آهن:

Tricameral Legislature in India

Development Finance in India

Constitutional Problems of India

تاراچند ڏيئومل گاجرا

        پروفيسر تاراچند ڏيئومل گاجرا جو تعلق شڪارپور سان هو. هن ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ مان 1908ع ۾ بي.اي. ۽ 1911ع ۾ ايم.اي. جو امتحان پاس ڪيو. 1911ع  ۾ کيس شڪارپور جي هاءِ اسڪول ۾ نوڪري ملي، پر 1913ع ۾ گروڪل يونيورسٽي، هريدوار ۾ انگريزيءَ ۽ تاريخ جو پروفيسر مقرر ٿيو. 1915ع ۾ اها نوڪري ڇڏي وري اچي شڪارپور جي نئشنل  اسڪول ۾ هيڊ ماستر بڻيو. 1924ع ۾ مارواڙي ودياله اسڪول، ڪراچيءَ جو هيڊ ماستر ٿيو. روهڙي هاءِ اسڪول جو به هيڊ ماستر رهيو.(40)

        ڪيترائي ڌرمي ۽ سماجي ڪم ڪيائين، خاص طور تي شراب واپرائڻ ۽ پراپڪاري ڪمن جي خلاف سندس وڏو هٿ هو. سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن مان ڪي مذهبي تعصب تي به ٻڌل هئا. سندس ڪتابن ۾  ” ڌرمن جو ڌڪيل آچار جو شترو شراب“، ”ڌرم جي پوڄا“، ”شڌي سناتن ريت آهي“، ”ويرن جي ويرتا“، ”شيطاني پيالو“، ”هندو سجاڳ ٿيو“، ”هندو سچيت ٿيو“، ”وشنو جي پوڄا“، ”پراچين ڀارت“، ”برهما ۽ سندس ڌيءَ“، ”وواهه آدرش“، ”آريه ناري“، ”ستيارٿ پرڪاش“،رامايڻ (ترجمو)، ”سوامي ديانند جي جيون ڪھاڻي“ ۽ ٻيا شامل آهن.

پروفيسر مولچند جهنگلداس ٺڪر

        هن صاحب جو تعلق شڪارپور سان هو. 1921ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ مان بي.اي. آنرس فرسٽ ڪلاس ۾ ڪيائين. ڪاليج ۾ فيلو بڻيو.1923ع ۾ ايم.اي. ڪري، سورت ايم.ٽي.بي. ڪاليج ۾ پارسيءَ جو ايڊيٽر بڻيو. هو هڪ بهترين ليکڪ به هو. ماهوار سنڌو رسالي ۽ ٻين ۾ سنڌ جي تاريخ تي مضمون لکندو هو. پروفيسر مولچند جهنگلداس ٺڪر جو 1938ع ۾ صوفي دلپت رام جا سنڌي سلوڪ“ نالي  ڪتاب پڻ شايع ٿيل آهي.

          ماهوار سنڌو ۾ سندس ڪيترائي مضمون شايع ٿيا، جن ۾”هندي ڀاشا ۽ ان جو ساهتيه“ (مارچ 1932ع)، ”سچي دوستي ۽ پريم“ (مارچ 1932ع)، ”اخلاقي نڪتا نياز ۽ نفرت“ (اپريل 1932ع)، ”عشق حقيقي ۽ مجازي“ (جون 1932ع)، ”ڪرشن ڀڳت رس خان“ (جون 1932ع)، ”رحيم جا هندي دوهرا“ (جولاءِ 1934ع)، ”هاڻوڪي تهذيب جو تماشو“ (ڊسمبر 1933ع)،”سنڌي شاعرن جي حسن پرستي“ (فيبروري 1937ع)، ”هندي سنڌ سنت ڦلواڙي“ (اپريل 1938ع)، ”اسان جو پيارو هندستان“ (اپريل 1941ع)، ”ايمانداريءَ جي پرک“ (جولاءِ 1941ع)، ”عبادت“ (نومبر 1941ع) ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. سندس شاعري به سنڌو رسالي ۾ شايع ٿيندي هئي.

ڪشنچند ڪرپلاڻي

        ڪشنچند رامچند ڪرپلاڻيءَ  جو تعلق حيدرآباد سان هو. 1925ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج ۾ داخل ٿيو ۽ 1928ع ۾ بي.اي ڪيائين. ڊي.جي. ڪاليج مسلينيءَ جو لکاري هو.  برطانيه وڃي انگريزي ادب جي تعليم حاصل ڪيائين. مختلف ادبي رسالن ۾ لکندو هو. وشو ڀارتي، شانتي نڪيتن ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. رابندر ناٿ ٽيگور جي هڪ پوٽيءَ سان سندس شادي ٿيل هئي.(41)

راءِ بهادر پريمچند جهانگياڻي (1867ع- 1933ع)

        ديوان پريمچند آوتراءِ جهانگياڻيءَ جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. 1890ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج مان بي.اي. جو امتحان پاس ڪري، اين.جي.وي. اسڪول ۾ ماستر مقرر ٿيو. بعد ۾ اسسٽنٽ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو. پوءِ. اين.جي.وي. اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ٿيو. 1912ع ۾ ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد جو پرنسيپل بڻيو ۽ اتي ئي نوڪري پوري ڪيائين. هو هڪ وڏو تعليمدان هو. تعليم جي سلسلي ۾ ”استعمالي تعليم“ ڪتاب لکيائين. ”اخبار تعليم ۾ سندس ڪيترائي مضمون شايع ٿيل آهن.

بولچند جهمٽمل واسواڻي (1891ع- 1975ع)

        پروفيسر بولچند جهمٽمل واسواڻيءَ جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو، جتان هن اين.ايڇ. اڪيڊميءَ مان تعليم حاصل ڪئي. بعد ۾ ڊي.جي. ڪاليج  ڪراچيءَ  ۾ پڙهيو. تعليم ۾ اڳتي هئڻ سبب ڪيترائي انعام ۽ اسڪالرشپون کٽيائين. شروع ۾ ڪجهه اسڪولن جو هيڊ ماستر رهيو. بعد ۾ ڊي.جي. ڪاليج ۾ انگلش جو پروفيسر مقرر ٿيو.(42) پنھنجي حياتيءَ ۾ تمام گهڻو لکيائين. سنڌ حڪومت، کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جي قيام جي سلسلي ۾ جڙڻ لاءِ قائم ٿيل ڪميشن  رپورٽ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو هو. شروع ۾ اسڪول ۽ ڪاليج جي شاگردن لاءِ مددي ڪتاب لکيائين. بعد ۾ ادب، سياست ۽ تاريخ جي موضوعن تي ڪتاب لکيائين، جن ۾ خاص طور تي هندستان ۽ برطانيه تي شامل آهن، ان سلسلي  ۾ سندس ڪي ڪتاب هي آهن:

Mark Twain in India

India Explained, 1942

Harem Nights,1946

Hindustani simplified,1945

India & America: A First Midget Guide to Cultural and Commercial Relations Between the Two Countries,1947

Beast of the East, and Other Stories of War-Time Burma, China, India & Ceylon

پروفيسر غلام حسين جلباڻي (1914ع-1989ع)

        پروفيسر غلام حسين جلباڻيءَ جو جنم نوشهري فيروز ضلعي جي جلباڻي ڳوٺ ۾ ٿيو. ايم. اي عربيءَ جي شعبي ۾ ڪراچيءَ مان 1939ع ۾ ڪيائين. ساڳئي سال ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ عربيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ اَٺ سال ڪاليج ۾ تدريسي خدمتون ڏنائين.  1947ع ۾ سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پروفيسر ٿيو. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي کان پوءِ ڊاڪٽر غلام حسين جلباڻيءَ عربي ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي. پروفيسر  جلباڻي، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ عربي شعبي جو سربراهه مقرر ٿيو. جلباڻي صاحب جي فڪر تي ابن خلدون ۽ شاهه ولي الله جو رنگ چڙهيل هو.(43)  سنڌي، عربي ۽ انگريزيءَ ۾ سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن ۾ ”ڪاميابي“ (ابن طفيل، 1959ع)، ”ڇوٽڪارو“ (امام غزالي، 1959ع)، ”ڪيميائي سعادت“ (امام غزالي، 1960ع)، ”پکين جي پارليامينٽ“ (عطار، 1962ع)، ”خواب نامو“ (ابن سيرين، 1962ع)، ”سلامان ۽ ابسال“ (جامي، 1963ع)، ”تاويل الاحاديث“ (1964ع)، ”عقد الجيد“ ( 1966ع)، ”نھج الجديد“ (1972ع)، ”شاه ولي الله جي تعليم“ (1961ع) ۽ ڪي ٻيا انگريزي ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن مان ڪي هي آهن:

1.                  Techings of Shah Waliullah

2.                 Abaqat, 1982

3.                 Sufism and the Islamic Tradition, 1980

4.                 The Sacred knowledge, 1982

5.                 Life of Shah Waliullah

6.                 Al Khair-al-Kathir

7.                 Tawil Ahadees

عطا حسين  شاهه موسوي (1898ع- 1966ع)

عطا حسين شاهه موسوي بلند پايه اديب ۽ وڏو تعليمي ماهر هو. سندس جنم روهڙيءَ ۾ ٿيو. سن 1914ع ۾ سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ، سنڌ مدرسة السلام، ڪراچيءَ مان ميٽرڪ جو امتحان نهايت ئي امتيازي حيثيت ۾ پاس ڪيائين. سن 1921ع ۾ ڊي.جي.سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ مان بي.اي. جو امتحان پاس ڪيائين. ڊي.جي. ڪاليج ۾ تعليم دؤران ڪاليج جي مسلينيءَ ۾ سندس مضمون شايع ٿيندا هئا. شاهه صاحب جو مضمون نگاريءَ ۾ وڏو ڪردار اهو آهي ته آزاديءَ کان پوءِ وارن اديبن ۾ هن ذاتي ۽ شخصي مضمونن واري رجحان کي زنده رکيو. سندس مضمونن جا ٻه مجموعا ”ڪچ ڪوڏيون“ (1950ع) ۽ ”ڪشڪول“ شايع ٿيل آهن. سندس ڪي ٻيا ڪتاب، جن ۾ پير ميان صاحبڏني شاهه بلڙيءَ واري جي ڪافين جو ڪتاب قابل ذڪر آهن.(44)

سيد عطا حسين موسويءَ ابتدائي تعليم روهڙيءَ ۾ حاصل ڪئي. تعليم مان فراغت حاصل ڪرڻ کان پوءِ، هُن  تعليم کاتي کي اهميت ڏني ۽ ان ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. پاڻ هڪ قابل ۽ محنتي استاد جي حيثيت ۾ ترقي ڪندي، آخر سنڌ جي تعليم کاتي جي هڪ اعليٰ عهدي تي پهتو.

سيد ميران محمد شاهه (1898ع-  1963ع)

سيد ميران محمد شاهه ولد زين العابدين شاهه جو  جنم ٽکڙ، ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو. پاڻ ملڪ جي سياست ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيائين ۽ ملڪ جو وزير ۽ سفير به رهيو. 1921ع ۾ ميٽرڪ، سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان ڪيائين. ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مان بي. اي ۽ گورنمينٽ ڪاليج بمبئيءَ مان ايل. ايل.بي. ڪيائين. 1924ع کان حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪيائين. 1937ع ۾ آزاد سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين چونڊ ۾ ميمبر چونڊيو ويو. شروع ۾ سر غلام حسين هدايت الله جي وزارت ۾ پارليامينٽري سيڪريٽري هو ۽ پوءِ ديوان ڀوڄراج سنگهه جي انتقال ڪري وڃڻ تي 1938ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر چونڊيو ۽ ڏهه سال انهيءَ عهدي تي فائز رهيو.

1931ع ۾ حيدرآباد ۾ قائم ڪيل سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جو منتظم ۽ صدر رهيو. هن سوسائٽيءَ ڪيترا مفيد سنڌي ڪتاب شايع ڪيا. بنيادي طور شاعر هو،  پر آزاديءَ کان اڳ مختلف نوعيت جا ڪيترائي مضمون پڻ لکيائين. سندس سياسي نوعيت جا اڪثر مضمون  ”الوحيد“ ڪراچيءَ ۾ شايع ٿيندا هئا، جن ۾ ملڪي حالتن جو جائزو ورتل هوندو هو. شاهه جي ڪلام تي به ڪيترائي تنقيدي ۽ تحقيقي مضمون لکيائين، جن ۾ ”شاهه جو اٺ“ ۽ ”شاهه جا پکي“ وڏي اهميت رکن ٿا. شاهه صاحب ڪيترائي سير وَ سفر وارا مضمون به لکيا جن ۾ ”الحمرا جو سير“ ۽ ”گنجي ٽڪر جو سير“ اهم آهن. سماجي ۽ معاشي مسئلن تي ”بلبل ۽ باغائي“ ۽ ”پلن جو شڪار“ ادبي طور مشھور ٿيا. ”دل جي طلب“ سنڌي ادب جو شاهڪار مضمون آهي، جنهن ۾ وڏي رواني ۽ سلاست آهي.  سندس مضمون ”گنجي ٽڪر جو سير“،  ”دل جي طلب“ ۽ ”صبح چڙهي آيو مٿي“ تمام اهم آهن. سندس مضمون بمبئي ۽ سنڌ جي يونيورسٽين جي نصاب ۾ شامل هوندا هئا. سندس ڪي مضمون ڊي.جي. ڪاليج جي مسلينيءَ ۾ شايع ٿيا هئا.(45)

ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ (1900ع- 1982ع)

        ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ جو جنم ڪراچيءَ ۾ ٿيو.  نولراءِ هيرانند اڪيڊميءَ ۾ پڙهڻ کان پوءِ، نارائڻ جڳنناٿ هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان 1917ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين. ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ مان  انٽرميڊيئيٽ ڪيائين. 1925ع ۾ گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج بمبئيءَ مان ايم.بي.بي.ايس. ڪرڻ بعد پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين. حيدرآباد ميڊيڪل اسڪول، ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد ۾ پروفيسر ٿي رهيو. آخر  ۾ گدو اسپتال حيدرآباد جو انچارج به رهيو.

        اسڪول ۽ ڪاليج جي زماني کان  شعر لکڻ شروع ڪيائين. پهريائين غافل تخلص هوس، پوءِ خليل اختيار ڪيائين. سندس ڪتابن ۾ ”رهنمائي شاعري“ (4 حصا)،”بيت الله  شريف جي تاريخ “، ”ادب ۽ تنقيد“،  ”بلبلِ سنڌ“، ”عبرت ڪده“، (3 حصا، ڪھاڻيون)، ”سنڌي مثنويون“، ”سنڌي رباعيون“، ”سنڌ جو قديم ۽ جديد شعر“، ”ڪليات خليل“ ”ديوان خليل“، ”رباعيات خليل“، ”گلزار خليل“،  ”انتخاب خليل“، ”سچل سرمست“ (اردو) ۽ ڪي ٻيا ڪتاب شامل آهن.

الله بخش ”سرشار“ عقيلي (1907ع- 1970ع)

الله بخش ولد حافظ حاجي محمد صديق عقيليءَ جي ولادت ٺٽي ۾ ٿي. ابتدائي تعليم ٺٽي مان حاصل ڪري، سنڌ مدرسي ۾ داخل ٿيو. جتان پوءِ،  ڊي.جي. ڪاليج مان 1927ع ۾ بي.اي. جو امتحان پاس ڪيائين. 1928ع ۾ روينيو کاتي ۾ نوڪري شروع ڪيائين.  اعلى عهدن تي هوندي به ادبي سرگرمين ۾ مصروف رهيو. اعلى قسم جي شاعر هجڻ سان گڏوگڏ تنقيد ۽ تحقيق ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيائين. سندس ڪتابن ۾ ”سنڌي ادب ۽ مهدوي تحريڪ“  (تحقيق)، ”بزمِ طالب المولى“ (معلومات)، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ (تنقيد ۽ تحقيق)، ”سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ“ (علم موسيقي)،  ”موسيقي“، ”تصوف جي مختصر تاريخ“ (فلسفو)، ”قاضي قاضن“ (شخصيات)، ”سنڌي صورتخطيءَ جو بنياد“ (لسانيات)، ”سنڌ جا درويش“ (شخصيات)، ”علم هيئت يا ايسٽرانامي“ (سائنس) ۽ ”سنڌ جو ترانو“ (شاعري) وغيره شامل آهن.

آسانند مامتوراءِ  (1903ع- 1993ع)

        ناول نگار ۽ ڪھاڻيڪار آسانند مامتوراءِ اولڊ ٽائون ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ کان ئي سندس لاڙو ادب ۽ فلسفي طرف رهيو. ڊي.جي. ڪاليج جي زماني ۾ ڪيترا ليک ۽ ڪھاڻيون لکيائين. سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌاري، سنڌي ٻوليءَ جي مرڪزي لائبريري ٺاهڻ ۽ ٻين ادبي مقصدن لاءِ 15 ڊسمبر 1929ع تي وديارٿي سماگم جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ ’سنڌي ساهت سڀا‘ قائم ڪئي ويئي. هن تنظيم جو صدر پرنسيپل شهاڻي ۽ وائيس  پرنسيپل ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ خزانچي آسانند مامتوراءِ هئا. آسانند مامتوراءِ سنڌي ڪھاڻيءَ کي نئون موڙ ڏنو. سندس ڪھاڻيون حقيقت تي ٻڌل ته هيون، پر هن انهن ۾ پهريون ڀيرو نفسياتي ۽ جنسي مسئلن کي ڇهيو. 1932ع کان 1949ع تائين سندس لکيل 11 ڪھاڻيون ”ڳنوارڻ“ عنوان سان سنڌ ٽائيمس پبليڪيشن الهاس نگر (ڀارت) ڊسمبر 1978ع ۾ ڇپائي پڌريون ڪيون.(46)  سندس ٻين ڪتابن ۾ ”شاعر“ (ناول، 1941ع)، ”حليمان“ (ناول، 1947ع)، ”جيون پريم پاپ جون ڪھاڻيون“ (1939ع)، ”رھبر چونڊ نثر“ (ترتيب)، ”مھراڻ جا موتي“ (تحقيق)، ”فيلسوف“ (فلسفو)، ”علم بدن ۽ علم صحت“ (طب) ۽ ”هنج چڳن موتي“ (مضمون 1985ع) شامل آهن.

حيدربخش جتوئي (1901ع-  1970ع)

باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئيءَ جو جنم ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. پاڻ هڪ انقلابي هاري اڳواڻ جي نالي سان مشھور آهي. سندس سنڌي ۽ انگريزي ۾ ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن ۾ ڪھاڻين جا ڪتاب ”هاري ڪھاڻيون“ (ترتيب 1950ع) ۽ ”ڪمدار جا ڪارناما“ (ترتيب 1950ع) آهن. جڏهن ته شاعريءَ جي ڪتابن ۾ ”تحفة سنڌ (1930ع)،”آزاديءِ قوم“ (1943ع) قابل ذڪر آهن. ان کان سواءِ، هن قرآن مجيد جو موضوع وار انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو پڻ سندس شاهڪار ڪارنامو آهي.

 1934ع ۾ هُو ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتي ڪاليج جي سڀني تدريسي ۽ غير نصابي سرگرمين ۾ حصو وٺندو هو. حيدربخش جتوئي، آزاديءَ کان اڳ واري دؤر ۾ ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون. پر بعد ۾ شاعريءَ ۽ سياسي ادب سان وڌندڙ دلچسپيءَ جي ڪري ڪھاڻيون لکڻ ڇڏي ڏنائين. حيدربخش جتوئي هارين جي زندگيءَ بابت ڪافي اصلوڪيون ڪھاڻيون لکيون ۽ شاعري ڪئي.(47)

جي. الانا (1906ع-1984ع)

        ناميارو شاعر، محقق، سياح، سياستدان، تاجر ۽ تحريڪ پاڪستان جو ممتاز رڪن غلام علي الانا (الهه ڏنا) المعروف جِي. الانا جو جنم ڪراچيءَ ۾ ٿيو. سينٽ پيٽرڪس هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ، وڌيڪ تعليم لاءِ ڊي . جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۽ فرگوسن ڪاليج پوني، هندستان ۾ پڙهيو. ڊي.جي. ڪاليج واري زماني ۾ سياست ۽ ادب ڏانهن لاڙو رکندو هو. تحريڪ پاڪستان ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺڻ شروع ڪيائين ۽ قائد اعظم جو ويجهو ساٿي رهيو.1968ع ۾ ڪراچي ڪارپوريشن جو ميئر مقرر ٿيو. جنهن کان پوءِ، ڇهن سالن تائين اسلامي چيمبر آف ڪامرس جو صدر پڻ رهيو . ڪيترن ئي بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪيائين.(48)

        جي . الانا، پنھنجي دؤر جو بهترين شاعر به هو. سندس شاعريءَ جو اردو، بنگالي، گجراتي ۽ انگريزي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. سنڌيءَ ۾ سندس شاعريءَ جو مجوعو ”ڪي پڙاڏا ڪي سڏ“ شايع ٿيل آهي. سندس انگريزي شاعريءَ جا به ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن. سندس انگريزي شاعريءَ تي وحيد جتوئي پي ايڇ. ڊي ڪري چڪو آهي. سندس  “The Selection From Risalo”، 1980ع ۾ شايع ٿيو.  جي. الانا صاحب جو هڪ ٻيو ڪتاب “Four Classical Poets Of Sind”  سال 1983 ڌاري سنڌالاجي پاران شايع ٿيو. سندس ٻين  انگريزي تصنيفن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:

1. Our Freedom Fighters (1969)

3. Memories Of Prince Ali Khan

4. Quaid E Azam Jinnah

5. His Highness Aga Khan III ( 1973)

6. Presenting Pakistani Movement

7. Silent Voices Of Intuition (Poetry)

8. Love Tales From East

9. Some Of My Yesterdays

10. The Silent Hours (Poetry)

11. The Pakistan Movement

روچيرام گنگارام سڏاڻي (1901ع- 1968ع)

        روچيرام سڏاڻي جو جنم ڪراچي ۾ ٿيو. اين. جي. وي هاءِ اسڪول ۾ استاد هو. ڊي.جي. ڪاليج مان بي.اي. ڪيائين. ڪيترين ئي علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺندو هو. ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن ۾ ناولن جا ڪتاب ”درگاوتي“،  ”گوري“، ”آزاد خيال زالون“ ۽ ”عمر مارئي“ (قصو) شامل آهن. سندس سڀني ناولن ۾ ”آزاد خيال زالون“  ڏاڍو مشھور ٿيو، جنهن ۾ هن نئين اڀرندڙ سماج جي قدرن تي طنز ڪئي آهي. هي ناول وڌواهه جي فائدي ۾ ۽ ڏيتي ليتيءَ جي خلاف هو. سڏاڻي صاحب جي عبارت سٺي ۽ پختي هئي.

فتحچند مينگهراج آڏواڻي 

        فتحچند مينگهراج آڏواڻيءَ جو تعلق حيدرآباد سان هو. اسڪولي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪري، ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو، جتان بي.اي. جو امتحان پاس ڪيائين. بعد ۾ حيدرآباد ۾ ماستري ۽ ڌرمي ڪم شروع ڪيائين. ڪيترائي ڌرمي ۽ سوانحي ڪتاب لکيائين، جن ۾ ”آس ديوار“ (1913ع)، ”جيون چرتر سري ڪبير صاحب جن جا“ (1916ع)، ”گرو گوبند سنگهه جا جيون چرتر“ (1920ع)، ”پتورتي ڌرم“ (1921ع)، ”گرو گرنٿ“ جو 22 جلدن ۾ ترجمو، جيڪو 1922ع کان 1946ع دوران پورو ڪيو هئائين، شامل آهن. سندس ٻيا به ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.

پروفيسر نارائڻداس ڀمڀاڻي (1912-1994ع)

نارائڻداس ولد ميوارام ڀمڀاڻي انگريزي ادب جو ڄاڻو ۽ ماھر ھو. ايم.اي. انگريزيءَ ۾ ڪيل ھئس. پاڻ ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ  ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر ھو. نارائڻداس ڀمڀاڻيءَ جو تعلق ساهتي پرڳڻي جي شهر پڊعيدن سان هو. پروفيسر نارائڻداس بمبئي يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ايم.اي. ڪري ڊي.جي. ڪاليج ۾ پروفيسر بڻيو. 1947ع ۾ هجرت ڪري هندستان هليو ويو، جتي اجمير جي گورنمينٽ ڪاليج ۾ خدمتون جاري رکيائين.

ناولن کان سواءِ 1944ع کان 1945ع تائين سنڌ جي مشھور ليکڪن جا نثر ۽ نظم جي انتخاب تي مشتمل ٽي ڀاڱا ”ادبي گلشن“ نالي مرتب ڪيائين. 1945ع ڌاري پروفيسر ڀمڀاڻي ”ادبي غنچو“ شايع ڪيو، جنھن ۾ سندس ئي ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ جي ساٿي پروفيسر رام  پنجواڻيءَ جي ليکن جو انتخاب به ھو.  تنھن کان سواءِ سندس تصنيف ۾ ”شاهه جون سورميون“ تصويرن سان شايع ٿيو. ان کان سواءِ ٻارن لاءِ آکاڻيون پڻ  لکي ٻاراڻي ادب ۾ اضافو ڪيائين. 1932ع ۾ ديوان بولچند راڄپال مشھور ماھوار علمي مخزن ”سنڌو“ برپا ڪئي، ته ان ۾ پروفيسر ڀمڀاڻي صاحب جو ادبي ليک ”سنڌي ساھتيه جا ٽيهه سال 1916ع کان 1946ع“ ڇپيو.

1942ع ۾ ڀمڀاڻيءَ جو ناول ”مالھڻ“ ڇپجي ظاھر ٿيو، جنھن جو پس منظر سنڌ جي سن ۽ مانجھند شھرن تي ٻڌل آھي. پر اھو جھوني زماني وارن موتن ۽ خودڪشين سان ٽمٽار آھي. 1943ع ۾ مصنف جو ھڪ ٻيو ناول ”وڌوا“ ڇپيو، جنھن جو پس منظر ڪراچي، حيدرآباد ۽ نواب شاهه جھڙن شھرن تي ٻڌل آھي. ڀمڀاڻيءَ ناول ”وڌوا“ ۾ هڪ بيوهه عورت جي زندگيءَ کي چٽيو آهي. سندس ناول ”پاڪ ۽ پاڪيزگي“ ٿامس هارڊي جي Tess of  D. Urervilles جو الٿو آهي، جيڪو 1945ع ۾ شايع ٿيو. 1935ع ۾ چوٿون ناول ”غريبن جو ورثو“ لکيائين، جو ديوان موتي رام راماڻيءَ 1946ع ۾ پھريون ڀيرو سنڌي ادبي گھر ڪراچيءَ مان شايع ڪيو. سندس ٻين ناولن جي مقابلي ۾ ڀمڀاڻيءَ جو ناول غريبن جو ورثو وڌيڪ مقبول ٿيو. اهو ناول سنڌ ۾ ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ نصاب ۾ گھڻو وقت شامل رھيو.(49)

محمد صديق ميمڻ (1891ع- 1958ع)

        محمد صديق ميمڻ ولد محمد يوسف ميمڻ حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس شمار سنڌ جي وڏن تعليمدانن ۽ محققن ۾ ٿئي ٿو. شروعاتي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪري، سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان ميٽرڪ ڪيائين. بعد ۾ گريجوئيشن تائين تعليم ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين.  جون 1936ع ۾ ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد جو پرنسيپل مقرر ٿيو. سندس وڏي ۾ وڏو ڪارنامو پهريون دفعو سنڌي ادب جي تاريخ لکڻ آهي. هڪ استاد ۽ منتظم هئڻ جي ڪري شاگردن لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيائين. ڪيترائي درسي، اصلاحي، تاريخي، افساني ۽ شاعري جا ڪتاب لکيا اٿس، جن ۾ ”سنڌ جي رنگين تاريخ“ (1932)، ”انگي حساب“،”ڏيهي حساب“، ”جاميٽـري“، ”گرامر“،  ”مضمون نويسي“ (ٻه جلد)،  ”ڪــامـل رهــنـمــا“،  ”تـعـليـمـي نفـسـيـات“  ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن.

پروفيسر رام پنجواڻي (1911ع- 1987ع)

هند ۽ سنڌ جي نامياري اديب، شاعر، راڳي، ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ ناٽڪ نويس، پروفيسر رام پنجواڻيءَ جو پورو نالو رام پرتاب راءِ پنجواڻي هو. هن لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن اسڪولي تعليم لاڙڪاڻي ۾ ورتي ۽ ڪاليجي  تعليم لاءِ ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو. ڪاليج مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد اتي ئي ليڪچرر مقرر ٿيو. هند توڙي سنڌ ۾ هن زندگيءَ جا ذري گهٽ 50 سال پروفيسريءَ ۾ گذاريا. نه رڳو بي.اي. ۽ ايم.اي. جي شاگردن کي پڙهايائين، پر ڪيترن ئي اديبن ۽ شاگردن سندس رهنمائيءَ هيٺ پي. ايڇ. ڊي. پڻ ڪئي.

         رام پنجواڻي هڪ ئي وقت شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نگار، ناٽڪ نويس، مضمون نگار ۽ نقاد رهيو. هن ادب جي مٿين صنفن ۾ لکي، پاڻ کي سنڌي ادب جي اعليٰ ليکڪ طور مڃايو. هو گهڻ رخي شخصيت هو ۽ سندس هر رخ مڪمل هو. ورهاڱي کان پهرين ۽ سنڌي ادبي سنگت جي قيام کان اڳ جڏهن ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رهبريءَ ۾ ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سرڪل قائم ٿيو ته ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي ان جو صدر، رام پنجواڻيءَ کي نائب صدر ۽ شيخ عبدالرزاق ”راز“ کيس ان سرڪل جو جنرل سيڪريٽري بڻايو ويو. ورهاڱي کان پوءِ پروفيسر رام پنجواڻي بمبئيءَ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي. جئه هند ڪاليج بمبئيءَ ۾ سندس خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن.

”هن ادب جي مختلف صنفن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان هيٺيان اهم آهن: نـاول: ”قيـدي“ (1943ع)، ”شرميـلا“ (1944ع)، ”لطيـفـا“ (1945ع)، ”اسـان جـو گهـر“ (1946ع)، ”چانديءَ جو چمڪو“ (1947ع)، ”زنـدگـي يا مـوت“ (1952ع)، ”آهي نـه آهي“ (1955ع) ۽”شل ڌيئر نه ڄمن“ (1957ع) شامل آهن. ڪھاڻين جي ڪتابن ۾ ” انوکا آزمودا“،  ”وچتر واقعا“،  ”تنهنجا منهنجا تجربا“ (1976ع)، جڏهن ته ناٽڪن جي ڪتابن ۾ ”نئون زمانو“، سماج سيوَڪ“، ”7 ناٽڪ“ (شاهه جي ستن سورمين تي آڌارڪ) شامل آهن. اهڙيءَ طرح مضمونن جي ڪتابن ۾  ”سِپون“،” يادگيريون“،”ادبي گلشن“، ”سنڌ اياز کان رگ ويد تائين“ شامل آهن.  هن سنڌي ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعريءَ تي مشتمل ڪيترا  انتخاب (Anthologies) ڇپرايا، جن ۾:سنڌي  شعر  جو  انتخاب  1947ع تائين“، ”چونڊ ڪلام“،”سنڌ جي سوکڙي“،  ”سڪ جي سوغات“،  ”چونڪيءَ جا گيت“ شامل آهن. ڪيترائي ڪتاب ترجمو پڻ ڪيائين.(50)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (1917ع-2011ع)

        سنڌ جو نامور عالم، اديب، لسانيات، لوڪ ادب ۽ لطيفيات جو پارکو ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. سنڌ جي تاريخ، لوڪ ادب، ٻوليءَ، ڪلاسيڪي شاعري، موسيقيءَ ۽ لطيفيات جي موضوعن تي وڏي جاکوڙ ۽ تحقيق وسيلي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو املهه خزانو متعدد ڪتابن جي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيائين. هن سنڌ مدرسي مان 1935ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پهرين نمبر سان پاس ڪيو. ان بعد ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ انٽر آرٽس ۾ داخلا ورتائون، ليڪن بعد ۾ بهاءُ الدين ڪاليج جهونا ڳڙهه ۾ داخلا ورتائون. انٽر ۾ به نمايان پوزيشن حاصل ڪرڻ کان پوءِ ساڳئي ڪاليج مان بي.اي. آنرس 1941ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائون ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٽيون نمبر آيا. 1943ع ۾ علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (عربي) فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪري، سڄي يونيورسٽيءَ ۾ اول پوزيشن حاصل ڪيائون.(51)

        ڊي.جي. ڪاليج جي زماني ۾ پاڻ انتهائي سرگرم شاگرد هو. سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ ۽ ڪاليج جي ٻين تنظيمن ۾ پڻ حصو وٺندو هو. ڊي.جي. ڪاليج جي گولڊن جوبليءَ واري نمبر ۾ سندن هڪ ڊگهو نظم ڪاليج جي شان ۾ لکيل آهي:

اسان کي فخر  و ناز تو تي سنڌ جا ڪاليج،

هر سنڌ سنڌي فرد ۽ فرزند جا ڪاليج،

هر علم جي خواهان عقلمند جا ڪاليج،

آباد رهين شال درِ هند جا ڪاليج،

هر دل جي صدا آهه ته دلشاد رهين شال!

آباد هجين شال ۽ آباد رهين شال!

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن مان ڪي هي آهن:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org