سنڌ مدرسـﺔ
الاسلام ۽ ڊي.جي. ڪاليج جو گڏيل سفر
هڪ طرف ڊي.جي. ڪاليج ته ٻئي طرف سنڌ
مدرسي جو قائم ٿيڻ، سنڌ جي تاريخ جا ٻه سنگ
ميل آهن. هنن ادارن کي ٺاهڻ لاءِ، ڪيترن ئي
ماڻھن، ادارن ۽ سرڪاري کاتن جو ڪردار شامل آهي.
ڊي.جي. ڪاليج جو باني ڏيارام ڄيٺمل ۽ سنڌ
مدرسي جو باني حسن علي آفندي پاڻ ۾ گهرا دوست
هئا. هو پنھنجي پنھنجي ڪميونٽيءَ ۾ بيحد
مقبول نمائندا هئا.
1882ع ۾
هنن ٻنھي گڏجي،
سنڌ ۾ پهرين سماجي ۽ سياسي پارٽي
’سنڌ
سڀا‘
ٺاهي، حسن علي آفنديءَ
۽ ڏيارام جي دوستيءَ ۾ ڦيٽهڙو
ان وقت پيو، جڏھن سنڌ سڀا جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾
لارڊ رپن کي
’مانپتر‘
ڏيڻ واري ڳالهه تي بحث ٿيو. حسن علي آفنديءَ
جو چوڻ ھو ته لارڊ رپن، جيڪڏھن مڪاني چونڊن
واري قانون ۾ سڌارا آندا،
ته ان ڳالهه تي اسان واهه واهه ڪري تاڙيون
وڄائي کيس مانپتر ڇو ڏيون؟ ان تي کيس جواب ۾
ٻڌڻو پيو ته،
”سڄو هندستان هن کي مانپتر ڏئي ٿو. جيڪڏھن سنڌ
نه ڏنو،
ته اسان تي ۽ سنڌ تي لعنت آھي.“
ان تي حسن علي آفندي ميٽنگ مان ڪاوڙجي اٿي
هليو ويو ۽ جلدئي
’سنڌ
محمدن ائسوسيئيشن‘
ٺاهيائين.
پوءِ ھنن ٻنھي جا اختلاف وڌندا رهيا. انهن
اختلافن سنڌ ۾ ھندو مسلم لاڳاپن کي ڇيهو
رسايو. حسن عليءَ
’سنڌ
مدرسو‘
۽ ڏيارام ڄيٺمل
’ڊي.جي.
ڪاليج‘
ٺاهيو ۽ ٻنھي ادارن قائم ڪرڻ وقت هڪٻئي جي
مخالفت ڪئي. سنڌ ۾ ھندو مسلمانن جي اختلافن جو
کليل پليٽ فارمن تان ايئن آغاز ٿيو.(1)
1885ع ۾ جڏهن ڊي.جي. ڪاليج لاءِ مهم
هلي رهي هئي،
ته مسلمانن جي هڪ گروهَه،
ان جي چندي جي مهم ۾ حصو نه ورتو هو. ان سلسلي
۾ موتيرام ايس.رامواڻي لکيو آهي ته،
”1885ع ۾ پهريون دفعو ، سنڌ جي پهرين ڪاليج
کولڻ لاءِ ڪوششون وٺجڻ آيون ۽ فنڊ لاءِ اپيل
ڪئي وئي هئي.
انهيءَ فنڊ ۾ مسلم جاتيءَ صفا ساٿ نه ڏنو.
’سنڌ
محمدن ايسوسيئشن‘
جي صدر ، حسن علي آخوندَ
مسلم جاتيءَ کي ڪاليج فنڊ ۾ ڏيڻ کان روڪيو .
ساڳئي وقت ، آخوند صاحب مسلمانن کي اپيل ڪئي
ته مسلم جاتيءَ ۾ تعليم ڦهلائڻ واسطي، مدرسي
قائم ڪرڻ لاءِ فنڊ ۾ رقمون ڏين.“(2)
حسن علي آفنديءَ
سنڌ ۾ سنڌي مسلمانن ۾ تعليم جو شعور اجاگر ڪرڻ
لاءِ مارچ 1884ع ۾ ڪراچيءَ
۾ محمدن ايسوسيئيشن قائم ڪئي. حسن علي آفندي
صدر ۽ مولوي الله بخش
اٻوجهو
اعزازي سيڪريٽري مقرر ٿيا. هن ايسوسيئيشن جو
مقصد سنڌ ۾ خاص ڪري مسلمانن ۾ انگريزي تعليم
کي ترقي ڏيڻ هو. جنهن لاءِ هڪ درسگاهه جو قيام
عمل ۾ آڻڻ هو. 1885ع ۾ تعليمي اداري جي ٺاهڻ
لاءِ
’سنڌ
مدرسه
بورڊ‘
جوڙيو ويو. بورڊ جو صدر حسن علي آفندي، خان
بهادر نجم الدين نائب صدر مقرر ٿيا. ميمبرن ۾
خان بهادر خدا داد خان، سيٺ علي ڀائي ڪريم جي،
سيٺ غلام حسين خالق ڏنو، سيٺ غلام حسين چاڳلا،
سيٺ محمد عمر ڊوسل، مولوي تاج محمد، خان صاحب
محمد علي ۽ سيٺ نور محمد هئا. 1885ع ۾ بولٽن
مارڪيٽ جي ويجهو هڪ ٻن ماڙين واري پراڻي جاءِ
۾ مدرسي لاءِ مسواڙ تي جاءِ حاصل ڪري، 30 مارچ
1885ع ۾ مدرسي جو افتتاح ڪيو ويو. مدرسي جي
ٺهڻ تي پوريءَ
سنڌ ۾ ڪٽر مذهبي ماڻھن حسن علي آفنديءَ
خلاف زبردست چاڪنگ ڪئي ۽ مدرسي جي مخالفت
ڪئي.(3) مدرسي جو نالو
’سنڌ
مدرسة السلام‘
رکيو ويو. هندستان جي حڪومت 16 هزار
روپين،
ڪراچيءَ
۽ سنڌ جي ٻين ميونسپالٽي ادارن به 16 هزار
روپيا
۽ عام ماڻھن 40 هزار روپين جي امداد ڪئي.4
نومبر 1887ع تي مدرسي جي نئين جاءِ جي پيڙهه
جو پٿر هندستان جي گورنر جنرل لارڊ ڊفرن رکيو.
ٽن سالن کان پوءِ 14 نومبر 1890ع تي مدرسو
نئين عمارت ۾ منتقل ٿي ويو. جنهن جي اڏاوت تي
1,97,188
روپيا خرچ آيو.
”خانبهادر حسن علي آفندي جديد تعليم
جي هڪ جامع اسڪيم تيار ڪئي.
جنهن مطابق سنڌ جي 52 تعلقن مان هڪ هڪ قابل
ڇوڪرو چونڊيو وڃي، جنهن جي تعليم ۽ تربيت جو
انتظام ڪيو وڃي. اسڪول مان پاس ٿيڻ کان پوءِ،
ساڳئي تعلقي مان سندس جاءِ تي ٻيو نينگر کنيو
وڃي.
ان کان پوءِ اهو دائرو وسيع ڪيو وڃي ۽ اسڪول
جا دروازا سڀ ڪنهن لاءِ کوليا وڃن.“(4)
مدرسي ۾ انگريزيءَ
سان گڏ سنڌي، فارسي، عربي، گجراتي ۽ اردوءَ
۾ به تعليم ڏني ويندي هئي. اسڪول جو پهريون
هيڊ ماستر مولوي عمرالدين هو. 1887ع ۾ هيڊ
ماستر جو عهدو پرنسيپل ۾ تبديل ڪيو ويو.
اسڪول جو پهريون پرنسيپل حسن علي آفندي جو پٽ
ولي محمد حسن علي مقرر ٿيو. هن اسڪول مان سڀ
کان پهرئين ميٽرڪ پاس ڪندڙ شاگرد محمد پريل
عبداللطيف هو،
جنهن 1888ع
۾
ميٽرڪ پاس ڪيو. ”سن 1897ع ۾ خيرپور رياست جي
وزير اعليٰ خانبهادر قادر داد خان انهيءَ شرط
تي مدرسي کي گرانٽ ڏيڻي ڪئي،
ته آئنده مدرسي جو پرنسيپل يورپي مقرر ڪيو
وڃي. مدرسي جي انتظاميه اهو شرط قبول ڪري،
مسٽر پرسي هائيڊ کي پرنسيپل مقرر ڪيو. هو
آڪسفورڊ جو ايم.اي.
هو، ۽ فوجي قبيلي جو فرد هو. سندس ڏينهن ۾
مدرسي ۾ لازمي فوجي تربيت جو بنياد پيو.“(5)
”اُن وقت هيءُ هڪ بورڊنگ اسڪول هو. جنهن جو اِهو به فائدو ٿيو، جو هِن اداري ۾ ٻين قومن جي استادن ۽ ملازمن سان گڏ سنڌي
استاد ۽ ملازم پڻ ڀرتي ٿيا. ان سان گڏ هِن
اداري ۾ انگريزي، اردو ۽ گجراتي ٻولين سان گڏ
سنڌي ٻوليءَ ۾ به تعليم ڏني ويندي هئي. جنھن ڪري سنڌ جي ٻين علائقن سان گڏ ڪراچي
شهر ۽ اُن جي آس پاس جي آبادين جا سنڌي ٻار پڻ
هِن اداري مان تعليم حاصل ڪرڻ لڳا.“(6)
هن اسڪولَ
مسلمانن جي تعليم جي سلسلي ۾ تمام گهڻيون
خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هي واحد ادارو هو ،
جتي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا شاگرد بنا ڪنهن فرق جي
تعليم حاصل ڪندا هئا. هن اداري تمام عظيم
شخصيتون پيدا ڪيون آهن. پاڪستان جي بانيءَ،
قائداعظم محمد علي جناح پنھنجي شروعاتي تعليم
هن اسڪول مان حاصل ڪئي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر محمد
علي شيخ لکيو آهي ته،
”قائد
اعظم محمد
علي جناح کي پنھنجي مادر علمي
’سنڌ
مدرسة الاسلام‘
سان تمام گهڻو لڳاءُ هو.
اهو ئي سبب آهي،
جو هن نه صرف پنھنجي وصيت نامي ۾ سنڌ مدرسة
الاسلام کي پنھنجي ڪُل ذاتي ملڪيت جو ٽيون حصو
ڏيڻ لاءِ لکيو، پر هِن 21 جون 1943ع تي سنڌ
مدرسة الاسلام کي ڪاليج جو درجو پڻ ڏنو هو.محمد
علي جناح صاحب کي جولاءِ 1887ع ۾ سنڌ مدرسة
الاسلام ۾ سيڪنڊري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل
ڪيو ويو، جتي هِن جنوري 1892ع تائين تعليم
حاصل ڪئي. اِن دؤران هيءُ ٿورڙي وقت تائين ٻه
ڀيرا سنڌ مدرسي کي ڇڏي ويو هو. سنڌ مدرسة
الاسلام ۾ سندن پڙهائيءَ جو مُدو سندن تعليمي
ڪئريئر جو سڀ کان وڌيڪ اهميت وارو دؤر آهي،
جيڪو ساڍن چئن سالن تائين هيو.“(7)
ٻين نالي وارن ۾ عبدالله هارون، شيخ
عبدالمجيد سنڌي، غلام حسين هدايت الله، غلام
محمد ڀرڳڙي، ڄام محمد ايوب بار ايٽ لا، سيد
ميران محمد شاهه، سيٺ حاجي عبدالله جي ميمڻ،
قاضي خدا بخش، رسول بخش پليجو، هاشم گذدر،
علامه آءِ.آءِ.قاضي،
اي.ڪي بروهي، يوسف علي ڀائي علوي، جي.
الانا، سر شاهنواز ڀٽو، محمد ايوب کهڙو، ڊاڪٽر
دائود پوٽو، سيٺ طيب علوي، حميده کهڙو،
بلوچستان جي سياسي اڳواڻ غوث بخش بزنجو ۽
عطاءُالله مينگل به هتان ئي تعليم حاصل ڪئي.
سنڌ مدرسي ۾ ميٽرڪ تائين تعليم ڏني
ويندي هئي. جڏهن ته ڊي.جي. ڪاليج ۾ انٽرميڊيئيٽ
۽ گريجوئيشن ڪرائي ويندي هئي. سرنديءَ وارا
مسلمان، سنڌ مدرسي کان پوءِ علي ڳڙهه ويندا
هئا. هنن ڊي.جي.ڪاليج مان تمام ٿورو فائدو
ورتو. ان حوالي سان
ڀيرومل مهرچند لکيو آهي ته: ”ڪاليج کولڻ ۾
مهورت مهل توڙي پوءِ جيڪي به يورپي عملدار
ڪاليج ڏسڻ ٿي آيا، تن ائين چيو ته هي ڪاليج
جيتوڻيڪ هندن جي پئسن سان کليو آهي، ته به
ڪاليج کي ’هندو‘ ڪاليج بدران ’سنڌ ڪاليج‘
نالو ڏنو اٿن! ڪاليج جا دروازا به نه رڳو هندن
لاءِ، پر سڀني قومن لاءِ کليل رکيا اٿن، ته
ڀلي ڪير به اچي وديا پرائي! هندن پنھنجي
فراخدلي هيڪاري وڌيڪ هن ريت ڏيکاري آهي، ته
مسلمانن لاءِ اسڪالرشپون به منظور ڪيون اٿن،
ته ڀلي ته هيءَ پٺتي پيل قوم به چڙهي پوي!
1885ع ۾ ڪراچيءَ ۾ مدرسو کليو ۽ تنهن کان
پوءِ، جيڪي مسلمان اعليٰ تعليم وٺڻ چاهيندا
هئا، سي اڪثر علي ڳڙهه ڪاليج ۾ پڙهندا هئا.
سنڌ ڪاليج ۾ پهريائين مسلمان داخل ئي نه ٿي
ٿيا. پر پوءِ اهي به هن ڪاليج جو چڱو فائدو
وٺڻ لڳا. هن وقت سنڌ ۾ جيڪي مسلمان وزير آهن،
۽ سنڌ ۾ توڙي ٻاهر وڏن وڏن عهدن تي آهن، تن
مان ڪيترن سنڌ ڪاليج مان وديا پرائي آهي.“(8)
سنڌ مدرسة الاسلام جي تاريخ جو هي هڪ
اهم ۽ ناياب دستاويز آهي، جنهن کي وڏي تاريخي
اهميت حاصل آهي. هي اسڪول اڄ يونيورسٽيءَ
جي درجي تي پهتو آهي. هن اداري سنڌ جي تعليم
کان علاوه،
سنڌي ادب جي ترقيءَ
۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.
حوالا
1.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ:
”ڏيارام
ڄيٺمل جو احوال“،
گل حيات انسٽيٽيوٽ جي ويب سائيٽ تان کنيل
2.
موتيرام ايس رامواڻي: ”سنڌ ۽ اسان جو
ورثو“،شاردا پرڪاشن، بمبئي، 1987ع، ص 111
وقت سان گڏ، ڊي.جي. ڪاليج جي بورڊ
محسوس ڪيو،
ته ڪاليج ۾ آرٽس،
سائنس، ڪامرس سان گڏو گڏ انجنيئرنگ،
ايگريڪلچر، قانون، وغيره جا به شعبا قائم ٿيڻ
گهرجن. ڇو ته ملڪ ۾ هر قسم جي آفيسرن ۽
عملدارن جي ضرورت پوندي
رهي ٿي.
سرڪار لاءِ
اهو
تمام مشڪل هو ته هر آفيسر برطانيه يا هندستان
جي ٻين حصن مان گهرائي وٺي. ان عمل سان سرڪاري
خزاني تي وڌيڪ بوجهه پئجي رهيو هو. ٻئي طرف،
سنڌ جا ماڻهو پڻ ٻين شعبن جي تعليم حاصل ڪرڻ
جي خواهش رکندڙ هئا. مثال طور:
حيدرآباد ۾ هڪ ميڊيڪل اسڪول 1881ع ۾ شروع ڪيو
ويو، ته جيئن
مقامي
ماڻھن کي ننڍي پيماني تي طب جي سائنسي بنيادن
تي سکيا ڏني وڃي. شروعاتي استادَ،
ڪي انگريز ڊاڪٽر ۽ هندو سنڌي اسٽاف ۾ شامل
هئا. ”1855ع ۾ پراڻي ڪراچيءَ
واري علائقي ۾ هڪ ٽيڪنيڪل اسڪول قائم ڪيو ويو
. ان اسڪول جي قيام لاءِ نومبر 1854ع ۾ سنڌ
جي ڪمشنر ۽ ڪراچي ميونسپالٽيءُ جي وچ ۾ هڪ
گڏجاڻي ٿي هئي ۽ 31 ڊسمبر 1855ع
تي
اسڪول جي قيام جي منظوري ڏني وئي. ان اسڪول جي
کولڻ جو هڪ سبب اهو به هو،
ته ٻين خطن جا ماڻهو ، سنڌ جي گرم آبهوا جي
ڪري هتي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. ان ڪري
مقامي ماڻھن کي ٽيڪنيڪل ۽ مشينري هنرن لاءِ
تيار ڪجي. ان جو ٻيو مقصد اهو به هو،
ته سنڌ پبلڪ ورڪس کاتي لاءِ هنرمند ماڻهو
پيدا ڪيا وڃن.“(1)
اينگلو ورنيڪيولر اسڪولن جي استادن
کي ڀرتي ڪرڻ ۽ انهن کي پڙهائڻ لاءِ تيار
ڪرڻ واسطي آڪٽوبر 1854ع ۾ ڪراچيءَ
۾ اسڪول قائم ڪيو ويو.
هن اسڪول ۾ ايلفنسٽن ۽ پُونا ڪاليج جا جهونا
شاگرد پڙهائيندا هئا. ڪراچيءَ ۾ هي اسڪول
ڪامياب ٿي نه سگهيو.
1864ع ۾ ساڳي اسڪول کي حيدرآباد منتقل ڪيو
ويو.
1887ع ۾ ٽريننگ ڪاليج جي موجوده عمارت تيار ٿي.
هن اداري کي
’نارمل
ٽريننگ اسڪول‘
مان بدلائي،
’ٽريننگ
ڪاليج‘
جي معيار تي آندو ويو.
ان جي سربراهه کي هيڊماستر جي بجاءِ
پرنسيپل جو عهدو ڏنو ويو.1881ع
۾ حيدرآباد ۾ تپيدارن جي سکيا جو اسڪول به
قائم ڪيو
ويو.
سنڌ ۾
تپيدارن جي تربيت جو هيءُ
واحد ڪاليج ٿڌي سڙڪ
تي راڻي باغ جي
ڀرسان قائم آهي.
اگر تاريخي پيرا کڻبا ته اڪثر تعليمي
ادارن جو بنياد وجهندڙ ڊي.جي. ڪاليج هو. ان
سلسلي ۾، ڪجهه تعليمي شعبا ڊي.جي. ڪاليج اندر
قائم ٿيا، ڪي ڊي.جي. ڪاليج کي ڏسي قائم ٿيا ۽
ڪن ادارن کي قائم ڪرڻ ۾ ڊي.جي. ڪاليج مان
تعليم حاصل ڪيل شاگردن ڪردار اداڪيو. هتي ڪجهه
وضاحت سان جائزو ڏجي ٿو:
انجنيئرنگ ڪاليج
1855ع ۾
انجنيئرنگ
اسڪول شروع ٿيو، جنهن ۾ 12 شاگرد شامل هئا ۽
انهن مان
فقط هڪ سنڌي شاگرد هو. اسڪول جا
انتظام تعليم کاتي جي بجاءِ سپرنٽينڊنگ
انجنيئر جي حوالي هئا. جنهن استاد هن اسڪول ۾
پڙهائڻ شروع ڪيو، اهو اصل ۾ ميونسپالٽيءَ جو
سرويئر هو ۽ سندس نالو نسروانجي چندابي هو.
اسڪول ۾ حاضر سروس ملازم ۽ نوان شاگرد شامل
هوندا هئا.(2)
سنڌي ماڻھن جو ٽيڪنيڪل تعليم ڏانهن
گهڻو
ڌيان نه هو. تمام ٿورن ڇوڪرن هن اسڪول ۾
داخلا ورتي ۽ ڪيترائي شاگرد اڻپوري تعليم ڇڏي
ويا. ان جو هڪ وڏو سبب اهو به هو ته تعليم
مشڪل هئي. ٻارن کي انگريزي زبان ۾ تعليم ڏني
ويندي هئي، ان ڪري جو سنڌي زبان ۾ ٽيڪنيڪي ۽
انجنيئري جا ڪتاب شايع ٿيل نه هئا. ان کان
علاوه، ٻارن کي سنڌ جي مختلف شهرن مان ڪراچيءَ پهچڻ ۾ ڏکيائي پئي ٿي، جو اچڻ وڃڻ جو ڪوبه مناسب بندوبست نه
هوندو هو. ان جي باوجود سرڪار نه ٿي چاهيو ته
انجنيئرنگ جا ڪلاس بند ڪيا وڃن. سنڌ جي ڪمشنر
بارٽل فريئر ، بمبئيءَ جي ڊائريڪٽر
آف پبلڪ
انسٽرڪشن کي صلاح ڏني ته انهن ڪلاسن کي
ڪراچيءَ کان حيدرآباد ڏانهن منتقل ڪيو وڃي. ان
کان علاوه،
هن اها به صلاح ڏني ته ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ
جو شوق جاڳائڻ لاءِ وظيفو پڻ ڏنو وڃي،
پر سندس صلاحن کي بمبئي حڪومت قبول نه ڪيو.
1860ع ۾ اسڪول جي ڪل حاضري
پنجن ٻارن تي وڃي بيٺي. نتيجي ۾ 1861ع ۾ ڪلاس
ختم ڪيا ويا. اڳتي هلي،
انجنيئرنگ ڪلاس حيدرآباد منتقل ڪيا ويا.
ڊي.جي.ڪاليج جو پرنسيپل ڊاڪٽر جئڪسن انجنيئر
هو، جنهن جي صلاح تي اهي ڪلاس 1888ع ۾
حيدرآباد مان ڊي.جي. ڪاليج ۾ آندا ويا.
”ويهين صديءَ جي اوائل ۾، جڏهن سکر
بئراج
جي
تعمير ٿي رهي
هئي، ته ڊي.جي.
ڪاليج جي
پرنسيپل ايس. سي. شهاڻيءَ بئراج جي اڏاوت جي
سلسلي ۾ انجنيئرن ۽ ٻين هنرمندن جي ضرورت کي
محسوس ڪندي، ڪراچيءَ ۾ هڪ انجنيئرنگ ڪاليج جي
قيام جو فيصلو ڪيو.
شهاڻي صاحب ان موقعي مان فائدو وٺندي 29 آگسٽ
1921ع
تي
ڊي.جي. ڪاليج
۾ انجنيئرنگ ڪاليج قائم ڪرڻ جي رٿا پيش ڪئي،
جيڪا سنڌ جي ڪمشنر وسيلي بمبئي يونيورسٽيءَ کي
پيش ڪئي وئي، جو ڊي.جي.
ڪاليج بمبئي يونيورسٽيءَ سان سلهاڙيل هو.
يونيورسٽيءَ خراب مالي حالتن سبب سنڌ ڪاليج
بورڊ کي انجنيئرنگ ڪاليج جي اجازت نه ڏني.
بعد ۾ ان منصوبي جي خرچ جو پورائو، شهرين جي
چندي مان ڪيو ويو. ان وقت شهرين طرفان 53 هزار
روپين
جي رقم گڏ ڪئي وئي ۽ 1922ع ۾
’پرنس
آف ويلز
‘ جي نالي تي هيءُ ڪاليج قائم ڪيو ويو،
جنهن جو انتظام سنڌ ڪاليجئيٽ ايسوسيئيشن
جي حوالي ڪيو ويو. بعد ۾ ڪراچيءَ جي ممتاز
سماجي شخصيت جمشيد نسروانجي مهتا پنھنجي ڪوششن
سان، ان وقت جي هڪ امير شخص
’نادرشاهه
ايڊل جي ڊنشا‘
جي وفات تي، سندس وارثن کان ڏيڍ لک جي رقم
عطيي طور وٺي، ڪاليج تي خرچ ڪري، ڪاليج سندس
نالي سان منسوب ڪري ڇڏيو.(3)
1922ع ۾ انجنيئرنگ جا ڪلاس ڊي.جي. ڪاليج مان
ختم ڪري، نئين ڪاليج ڏانهن منتقل ڪيا ويا. هي
سنڌ ۾ قائم ٿيندڙ پهريون انجنيئرنگ ڪاليج آهي.
شروع ۾ هتي ڊپلوما ڪورس ڪرايا ويندا هئا. جڏهن
1932ع ۾ ان کي بمبئي يونيورسٽيءَ سان ڳنڍيو
ويو، ته ڪاليج مان بي.اي. (B.E)
جي
ڊگري ڏيڻ شروع ڪئي ويئي. شروع ۾ اين.اي.ڊي
انجنيئرنگ ڪاليج ۾ سول ۽ مڪينيڪل ڊپارٽمينٽ
کوليا ويا هئا. شروعاتي ڪي استاد، هندستان جي
مختلف شهرن سان تعلق رکندا هئا، پر آهستي
آهستي، سنڌي استادن جي اڪثريت ٿيڻ لڳي. انهن ۾
موتيرام هاسومل آڏواڻي ته ڪاليج جو وائيس
پرنسيپل به رهيو.
ڪاليج ۾ فتح چند کلناڻي نالي سان هڪ هال
ٺهرايو ويو هو، جيڪو سندس نالي سان
’فتح
کلناڻي هال‘
طور اڄ به موجود آهي. هي هال شاگرد سياست کان
سواءِ سياسي حوالي سان به اهم ۽ مشھور هو. هي
ڪو الڳ هال نه آهي، پر يونيورسٽيءَ جو حصو آهي
۽ شاگردن لاءِ ٺهرايو ويو هو.
1947ع ۾ پاڪستان جي قيام کان پوءِ،
سنڌ حڪومت هن ڪاليج کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ،
’اين.اِي.ڊي
انجنيئرنگ گورنمينٽ ڪاليج‘
جي نالي منسوب ڪيو. 14 آڪٽوبر 1955ع تي ڪاليج
جو انتظام مغربي پاڪستان سنڀالي ورتو.
جنهن بعد 1 جولاءِ 1962ع کان 16 اپريل 1966ع
تائين هيءُ ڪاليج خود مختيار بورڊ آف گورنرس
جي حوالي ڪيو ويو. هن ڪاليج جو پهريون پرنسيپل
مسٽر جي. ايڇ. گوڪلي هو ، جڏهن ته هن ڪاليج جو
پهريون گرئجوئيٽ جمناداس تخت رام نالي هڪ
شاگرد هو . 1973ع ۾ هن ڪاليج کي يونيورسٽيءَ
جو درجو ڏنو ويو ۽ يونيورسٽيءَ کي نئين عمارت
۾، جيڪا گلشن اقبال ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ سان
لڳو لڳ آهي، منتقل ڪيو ويو. هن وقت
’اين.اي.ڊي.
انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ‘
جي نالي سان مشھور آهي.(4)
زرعي ڪاليج
سنڌ هڪ زرعي ملڪ هجڻ ڪري، هتي جي اسڪولن ۾
زراعت جي تعليم جو ڪورس رکيل هوندو هو.
بمبئي پريزيڊنسيءَ جي زرعي کاتي،
سنڌ ۾ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ۾ زراعتي فارم
۽ زراعتي کوجنا جا مرڪز کوليا. 1881ع ۾
حيدرآباد ۾ زرعي اسڪول جي شروعات ٿي،
پر اهو صحيح نموني ڪم نه ڪري سگهيو. مسٽر
ايس.سي.شهاڻيءَ
ڊي.جي. ڪاليج کي صرف آرٽس ۽ سائنس تائين محدود
رکڻ نه ٿي چاهيو.
”ان مقصد لاءِ هن بورڊ آڏو
’سنڌ
زرعي ڪاليج‘
قائم ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي ۽ زرعي ڪاليج ۽ زرعي
فارم لاءِ هن برنس گارڊن (موجوده نيشنل
ميوزيم) وارو ميدان ڏيڻ آڇيو، پر کيس ان جي
منظوري نه ملي سگهي ۽ سندس اهو خواب اڻپورو
رهجي ويو.(5)بهرحال، اڳتي هلي، هند سرڪار
سڪرنڊ ۽ لاڙڪاڻي ۾ زرعي اسڪول/
ڪاليج قائم
ڪيا.
ايس. سي.
شهاڻي لا ڪاليج
ڊاڪٽر جيڪسن جي دؤر ۾ ڪاليج انتظاميه
ٿوري عرصي ۾ قانون جا ڪلاس به شروع ڪري ڏنا،
پر بمبئي يونيورسٽيءَ
انهن جي اجازت نه ڏني. بهرحال 1890ع ۾ قانون
جي ڪلاسن جي منظوري اچي وئي. سنڌ جي تاريخ جو
پهريون قانون جا ڪلاس وٺندڙ ان دؤر جو
پراسيڪيوٽر مسٽر ٽهلرام کيمچند هو، جنهن کي لا
(Law)
جو ليڪچرر مقرر ڪيو ويو.
ديوان ٽهلرام کيمچند (1836ع-1905ع)
اصل ڪراچيءَ ۾ ڄائو. هن 1889ع ۾ سيڪنڊ ڪلاس ۾
بي. اي.
جو امتحان پاس ڪيو.
1886ع
۾ بمبئيءَ مان ايل.ايل.بي جو امتحان پاس ڪري،
ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪئي ۽
نالو ڪمايائين. 1882ع ۾ هن
’سنڌ سڀا‘
۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. عوامي خدمتن جي بنياد تي ديوان
ٽهلرام کيمچند کي
مارچ 1896ع ۾ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو صدر
چونڊيو ويو.
قانون جو شعبو 1908ع تائين،
بمبئي يونيورسٽيءَ پاران ختم ڪرڻ تائين ڪم
ڪندو رهيو.
پر،
اڳتي هلي هڪ دفعو ٻيهر، بورڊ ۽ يونيورسٽيءَ جي
منظوريءَ کان پوءِ ساڳئي عملي جي مدد سان ايس.
سي شهاڻي 1926ع ۾ ڊي.جي.
ڪاليج جي عمارت ۾ ئي شام جو
’سنڌ
ڪاليجئٽ
بورڊ لا ڪاليج‘
قائم ڪيو.
بعد ۾ ان جو نالو تبديل ڪري
’ايس.سي.شهاڻي
لا ڪاليج‘رکيو
ويو.
ان
دؤر ۾ ڪراچيءَ
جا سينيئر وڪيل قانون پڙهائيندا هئا. هن
ڪاليج جي پروفيسرن ۾ موچر نسوانجي ڪوٽوال به
هو، جيڪو هن ئي ڪاليج مان تعليم حاصل ڪري،
پروفيسر آف لا مقرر ٿيو.
شاگردن لاءِ
A Student’s Manual on the Law of the Land
Teniers
لکيائين. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ڀاءُ هاسومل
مولچند گربخشاڻي پڻ 1911ع ۾ هن ڪاليج ۾
پروفيسر مقرر ٿيو ۽ وڏو نالو ڪمايائين.(6)
هن ڪاليج ۾ پرنسيپل ايس.سي.شهاڻيءَ
جو وڏو پٽ پرتابسنگهه
صاحبسنگهه
1900ع ڌاري ڪاليج ۾ داخل ٿيو. بعد ۾ بار ائٽ
لا بڻيو ۽ ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪيائين. بعد ۾
’ايس.سي
شهاڻي
لا ڪاليج‘
جو پرنسيپل پڻ بڻيو.(7)
ورهاڱي کان ٿورو اڳ تائين، هيءُ
ڪاليج
’ايس.سي.شهاڻي
لا ڪاليج‘
جي نالي سان هلندو رهيو.
پر،
ملڪ ۾ سياسي انتشار سبب، ڪاليج ۾ پڙهائيندڙ
سمورا هندو استاد هتان لڏي ويا،
ته هن ڪاليج کي بند ڪيو ويو. ان کان علاوه،
وڪالت ۽ ڪورٽن ۾ ججن جي حوالي سان مسلمانن جو
تعداد تمام گهٽ رهيو هو.
ان ڪري مسلمانن ۾ اهو احساس هو ته مسلمانن جي
تعليم لاءِ هڪ
’لا
ڪاليج‘
هئڻ گهرجي. 1946ع ۾ ملڪ جي نالي واري ايڊووڪيٽ
بئريسٽر حسن علي عبدالرحمان
سنڌ مدرسي ۾ قانون جا ڪلاس شروع ڪري ڏنا هئا.
ان سلسلي ۾
’سنڌ
مدرسه بورڊ‘
جي صدر پير الاهي بخش بورڊ جي گڏجاڻيءَ اڳيان
’لا
ڪاليج‘
قائم ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي. آخرڪار،
جون 1947ع ۾ ڪاليج قائم ڪيو ويو، جنهن جو
افتتاح 28 جون 1947ع تي چيف ڪورٽ جي جج آنريبل
مسٽر حسن علي آغا ڪيو هو. هن ڪاليج جو نالو
’سنڌ
مسلم‘
(ايس.ايم.لا
ڪاليج)
رکيو ڪيو. 28 جون 1948ع تي
’ايس.ايم.لا
ڪاليج‘
کي موجود عمارت ۾ آندو ويو ۽ ان کي سنڌ
يونيورسٽيءَ سان الحاق ڏنو ويو ۽ بعد ۾ ڪراچي
يونيورسٽي سان الحاق ڏنو ويو.
سنڌ آرٽس ڪاليج
ڊي.جي. سنڌ ڪاليج بنيادي طور تي آرٽس
ڪاليج هو.
پر،
هڪ ٻن سالن جي اندر، سائنس جا ڪلاس به شروع
ڪيا ويا. 1940ع ۾ سائنس ۽ آرٽس فيڪلٽين کي الڳ
ڪري خود مختيار ڪيو ويو. ان ڏس ۾ آرٽس جي شعبي
کي مکيه عمارت مان ڪڍي، ڊي.جي. ڪاليج جي آڏو
سنڌ سيڪريٽريٽ ويندڙ روڊ تي ڪراچي ميوزيم واري
جاءِ خريد ڪري ان ۾ منتقل ڪيو ويو. آرٽس شعبي
جو ڊين پروفيسر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ کي
مقرر ڪيو ويو. جيڪو اڳتي
هلي
پرنسيپل بٽاڻيءَ سان گڏ وائيس پرنسيپل ۽ ڊين
آف آرٽس به رهيو.(8)
ڪراچي ۾ مسلم ليگ طرفان، مسلمانن لاءِ
الڳ آرٽس ڪاليج کولڻ جي گهر ڪئي وئي. ان سلسلي
۾، سنڌ مدرسي بورڊ آگسٽ 1942ع ۾ علامه ڊاڪٽر
دائود پوٽي، امير ايوب خان، خانبهادر اين.اي
غلام علي خدابخش ۽ حسن علي ولي محمد تي مشتمل
هڪ سب ڪميٽي قائم ڪئي وئي. هن سب ڪميٽيءَ
پنھنجي رپورٽ پيش ڪئي، جنهن جي روشنيءَ ۾
’سنڌ
مدرسه بورڊ‘
23 ڊسمبر 1942ع تي ڪاليج کولڻ جو فيصلو ڪيو.
ڊاڪٽر ممتاز بخاري لکي ٿو ته،
”21 جون 1943ع تي
’آل
انڊيا مسلم ليگ‘
جي صدر ۽ سنڌ مدرسي جي جهوني
شاگرد جناب قائد اعظم محمد علي جناح ڪاليج جو
افتتاح ڪيو. جيتوڻيڪ 40 شاگردن جي داخلا سان
هي ڪاليج قائم ٿيو، پر انهيءَ کي سنڌي مسلمانن
جي هڪ وڏي ڪاميابي چئي سگهجي ٿي. هي ڪاليج
ٽالپر هائوس جي بلڊنگ ۾ شروع ڪيو ويو هو. جون
1944ع تي
’بمبئي
يونيورسٽيءَ‘
ڊگري ڪاليج بنائڻ جو حڪم صادر ڪيو.
1945ع ۾ سائنس جو شعبو کوليو ويو ۽ ان کان جلد
پوءِ ڪامرس جا ڪلاس شروع ڪيا ويا. هن اداري جو
پهريون نالو
’سنڌ
مدرسه ڪاليج‘
رکيو ويو، پر 1945ع ۾ بورڊ طرفان اهو نالو
بدلائي
’سنڌ
مسلم ڪاليج‘
رکيو ويو.(9)
ڊاڪٽر امير
حسن صديقي،
پروفيسر اي.جي واسطي، پروفيسر اي. ايم مولوي،
پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه ۽ پروفيسر اي. ايس. ڪوهاٽيءَ
جهڙا ممتاز تعليمي ماهر، هن ڪاليج جا پرنسيپل
ٿي رهيا آهن.
ڪاليج
جو
پهريون
پرنسيپل
ڊاڪٽر
اي.ايڇ.
صديقي
هو.
سائنس
ڪاليج
کلڻ
سان
آرٽس
جي
ڪلاسن
کي
هلائڻ
لاءِ
عارضي
بنيادن
تي
ڊي.جي.
ڪاليج
جي
آرٽس
فيڪلٽيءَ
واري
عمارت
ورتي
وئي.
پر،
اڳتي
هلي
ان
تي
مستقل
طور
تي
قبضو
ڪيو
ويو.
ان
سلسلي
۾
پرنسيپل
ايل.اي.
ڊيسوزا
لکي
ٿو
ته،
”آگسٽ
1948ع
جي
شروعاتي
ڏينهن
۾،
ايس.ايم.
ڪاليج
جو
تڏهوڪو
پرنسيپل،
شاگردن
جي
هجوم
کي
وٺي
اچي،
ڊي.جي.
ڪاليج
جي
مٿئين
حصي
۽
ملحقه
حصي
تي
زوريءَ
قبضو
ڪري
ورتو،
جيڪو
بدقسمتيءَ
سان
اڃا
به
هلندڙ
آهي.
اهو
مسئلو،
ڊي.جي.
ڪاليج
جي
توسيع
۾
سڀ
کان
وڏي
رڪاوٽ
بڻيل
آهي.
ڊي.جي.
ڪاليج
سائنس
جي
ڪاليجن
۾
سڀني
کان
بهترين
ڪاليجن
۾
شمار
ٿئي
ها،
اگر
اهو
پاڪستان
۾
نه
هجي
ها!“
(10)
ڪيترائي
سال،
ڊي.جي.
ڪاليج
انتظاميه،
سنڌ
سرڪار
کان
گهر
ڪندي
رهي
”جيئن
ته
آرٽس
۽
ڪامرس
واري
عمارت،
سندن
ڪاليج
جي
آهي،
جيڪا
محض
عارضي
بنيادن
تي
حوالي
ڪئي
وئي
هئي،
اها
ان
کي
واپس
ڪئي
وڃي.(11)
بسنت سنگھه آسومل ڪاليج آف ڪامرس اينڊ
ايڪانامڪس
گورنمنٽ ڪاليج آف ڪامرس ۽ ايڪانامڪس ڪراچيءَ
جو اصل نالو بسنت سنگھه آسومل
ڪاليج
آف ڪامرس اينڊ ايڪانامڪس ڪراچي هو.
هي ڪاليج
22
جون
1945
تي قائم ڪيو ويو هو.
جنهن جو افتتاح سيٺ شيورتن جي مهتا ڪيو هو(13).
1948ع
۾ سنڌ گورنمينٽ، هن ڪاليج کي پنھنجي تحويل ۾
ورتو.
ڪاليج ۾ شاگردن جو تمام وڏو انگ داخلا وٺڻ
لڳو، جنھن ڪري ڪلاسن ۾ ويهڻ لاءِ جاءِ نه
ملندي هئي
هن ڪاليج ۾ به بي.ڪام
تائين تعليم ڏني ويندي هئي.
ڪاليج جي موجوده عمارت
1967ع
۾ تيار ٿي.
هي ڪاليج، هن وقت ڊاڪٽر ضياءُ
الدين روڊ تي، پولو گرائونڊ ۽ پرل ڪانٽيننٽ
هوٽل جي سامهون آهي.
ٻين شهرن ۾ قائم ٿيندڙ ڪاليج
ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ کان پوءِ ٻين
شهرن ۾ به ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون شروع ٿي
ويون. ان سلسلي ۾ سرڪار طرفان ڪا اڳڀرائي نه
ٿي، پر سنڌ جي عوام پنھنجي خرچن ۽ چندن تي
ڪاليج قائم ڪيا.
سنڌ نيشنل ڊي.جي. ڪاليج، حيدرآباد
ڪراچيءَ کان پوءِ سڀ کان اول ڪاليج کولڻ جي
شروعات حيدرآباد مان ڪئي وئي. هن ڪاليج کي
کولڻ جو سهرو
’ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ‘ ڏي وڃي ٿو. ان وقت حيدرآباد ۾ ڄيٺمل پرسرام، ديوان هيرانند
سلوڪرام، ديوان
سنتداس منگهارام وڪيل، ۽ جهمٽمل جڳتياڻي ۽ ٻيا خاص ميمبر هئا.
حيدرآباد ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ
جو بنياد وجهڻ
لاءِ مس ائني بيسنت پاڻ حيدرآباد آئي. ان
سلسلي ۾ موتيرام ايس.رامواڻي لکيو آهي ته ”سنڌ
اندر ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٿياسافيڪل
سوسائٽيون قائم ٿيل هيون. 1917ع ۾ ڊاڪٽر ائني
بيسنت جي سرجوشيءَ سان حيدرآباد ۾، ڦليلي جي
سندر ڪناري تي،
’سنڌ نيشنل ڪاليج‘
برپا ڪيو ويو. سنڌ نيشنل ڪاليج قائم ڪرڻ ۾
ڊاڪٽر بيسنت کي غلام محمد ڀرڳڙي، سنتداس
منگهارام، ڊاڪٽر وليرام ۽ ميٺارام گدومل جو
پورو ساٿ هو.(14)
جڏهن ته پروفيسر شيوارام لکي
ٿو ته،
”حيدرآباد جي سنڌ نيشنل ڪاليج کي ديوان
ميٺارام گدومل
’ڌرمادا ٽرسٽ‘ مان ديوان شيرومل چئنراءِ (ڏيارام جو ڀائٽيو)، جو ان وقت ٽرسٽي هو، تنهن هڪ لک روپين جي مدد ڏني. انهيءَ مدد ملڻ کان پوءِ يونيورسٽيءَ اهو ڪاليج منظور ڪيو، نه ته
منظوري ملڻ نا ممڪن هئي.“(15)
1917ع ۾ هن ڪاليج جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو .20 جون
1919ع
تي
ڪاليج کولڻ جو باقاعده اعلان ڪيو ويو. ان
سلسلي ۾ هن ڪاليج جي لاءِ
محمّد
يعقوب چانڊيي لکيو آهي ته، ”هن ڪاليج جو پهريون پرنسيپل مسٽر ارنيسٽ ووڊ (Ernest
Wood) هو. مسٽر ووڊ، ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو سرگرم ميمبر
۽ نيشنل ايجوڪيشن ٽرسٽ جو اعزازي سيڪريٽري هو.
مسٽر ووڊ ڪيترن ئي علمن جي ڄاڻ رکندو هو ۽ هڪ
سٺي استاد سان گڏ سٺو اديب به هو. هن ڪيترائي
ڪتاب لکيا ۽ فرينچ ۽ جرمن ٻولين مان
انگريزيءَ ۾ ترجما ڪيا. مسٽر ووڊ سان گڏ مسز
ووڊ به حيدرآباد آئي ۽ ڪاليج ۾ ٽائيپ ۽ شارٽ
هينڊ جا ڪلاس وٺڻ لڳي. 1920ع ۾ ڪاليج ۾ هڪ
شاندار لائبريري قائم ڪئي وئي. سن 1921ع ۾
هن ڪاليج جي سرپرستي ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ
کان وٺي مقامي ڪميٽيءَ جي حوالي ڪئي وئي ۽
ڪاليج جو پرنسيپل
پڻ
تبديل ڪري حشمتراءِ ليکراج کي مقرر ڪيو ويو. ڪاليج ۾ گهڻي
چندي ڏيڻ ڪري، ان جو نالو پڻ تبديل ڪري
’ڏيارام
گدومل نيشنل ڪاليج‘
رکيو ويو.(16)
1925ع ۾
موٽومل منگهارام گدواڻي، هن ڪاليج جو پرنسيپل
ٿي آيو. هن ڪاليج ۾ ”ڦليلي“ جي نالي سان
ميگزين جاري ڪيو. 1926ع ۾ نانڪرام وسڻمل
ٿڌاڻي ڪاليج جو پرنسيپل ٿي آيو. هُو سنڌي ۽
انگريزي ٻولين ۾ شاعري ڪندو هو. 1929ع ۾
نرملداس گربخشاڻي ڪاليج جو پرنسيپل ٿي آيو. هو
پڻ اديب هو.
1932ع
۾ نرملداس گربخشاڻيءَ
کي بدلي ڪري شڪارپور موڪليو ويو ۽ ڪاليج جي
چارج ڀڳت رام ڪمار جي حوالي ڪئي وئي. هن اچڻ
شرط ڇوڪرين
کي
تعليم ڏيڻ شروعات ڪئي، جنهن سان حيدرآباد جي
ڇوڪرين کي تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو.
1938ع ۾ ڪاليج جو واڳون پروفيسر ڀاوناڻيءَ
سنڀاليون. مختلف وقتن ۾ ٻيا به ڪاليج جا
پرنسيپل
ٿيا.
ڊاڪٽر ايڊرين ڊيوئارٽ کي 1948ع ۾ ڪاليج جو
پرنسيپل مقرر ڪيو ويو. هُو
سنڌ جي تاريخ جو تمام وڏو ڄاڻو هو.(17)
ھن ڪاليج جي قيام ۾ جن
املھه انسانن اھم ڪردار عطا ڪيو،
تن مان ائني بيسنت، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي،
ديوان ھيرانند، ديوان سندرداس منگھارام،
جھمٽمل جگتياڻي ۽ ڏيارام گدومل جا نالا سونھري
اکرن ۾ لکڻ
جي لائق آهن.
ھن ڪاليج جي لائبريري 1920ع ۾
پرتاب راءِ جي خرچ سان قائم ٿي. اسيمبلي ھال
1925ع ڌاري ٺھيو ۽ موجوده فزڪس شعبي جي عمارت
1936ع ۾ جڙي راس ٿي.
آڪٽوبر 2017ع ۾ سنڌ حڪومت ھن ڪاليج کي
يونيورسٽيءَ جو درجو ڏنو آهي.
هن ڪاليج مان سن 1924ع ۾ انگريزي ۽
سنڌيءَ ۾ ”ڦليلي“ جي نالي سان رسالو ڪڍيو
ويندو هو، جنهن ۾ ڪاليج جي شاگردن جون بهترين
ڪھاڻيون، معياري مضمون، شاعري ۽ ٻيو مواد شايع
ٿيندا هئا.
چيلا سنگهه سيتلداس ڪاليج، شڪارپور
ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد کان پوءِ، ٽيون ڪاليج
’چيلا سنگهه سيتلداس ڪاليج‘ شڪارپور ۾ قائم ٿيو.
هن
ڪاليج جو سمورو ڪريڊٽ سيٺ سيتل داس تيرٿ داس
پنجابيءَ
ڏانهن وڃي ٿو، جنهن اهڙي شاندار ڪاليج کي برپا
ڪرڻ لاءِ تصور پيش ڪري،
عملي قدم کنيا. هن 1926ع کان پنھنجي سپني کي
ساڀيان ڏيڻ لاءِ جاکوڙ شروع ڪئي، ۽ 1927ع ۾
’اَپر
سنڌ ڪاليج ايسوسيئيشن‘
رجسٽر ڪرائي. ساڻس هن علمي ڪم ۾ مسٽر ٺاڪر داس،
نارائڻ داس (جج)، سيٺ چيلاسنگهه سترامداس ۽
پروفيسر شيوارام
ڦيرواڻيءَ
کان سواءِ سيٺ دولترام، سيٺ شولداس، ڊاڪٽر
ڀڳوان داس، ڊاڪٽر ڪشنچند، ديوان واڌو مل
گوڪلاڻي ۽ ڦٻو مل جا نالا قابل ذڪر آهن.
انهن سڀني جي ڪوششن سان 17 جولاءِ
1933ع
تي ڪاليج جو افتتاح ٿيو، جيڪو ايڇ. ٽي. سورلي
ڪيو. هن ڪاليج جي قيام لاءِ ابتدائي طور سيٺ
سيتلداس 25000 روپيا گڏ ڪيا، جڏهن ته شڪارپور جي
سخي شخص سيٺ چيلاسنگهه سترام داس 65000 روپيا
ڏان ۾ ڏنا. نتيجي طور هنن ٻنھي شخصيتن جي مڃتا
طور ڪاليج جو نالو ’چيلاسنگهه اينڊ سيتل داس‘
(سي.اينڊ ايس)
ڪاليج رکيو ويو. سکر جي تڏهوڪي ڪليڪٽر ايڇ.
ٽي. سورلي پنھنجي صدارتي
خطاب
۾ ڪاليج جي بانين جي ڪوششن کي ساراهيو.(18)
هن ڪاليج جا اڪثر ليڪچرر ۽ پروفيسر ڊي.جي.
ڪاليج جا شاگرد رهيا هئا.
ڪاليج جو پهريون پرنسيپل
گيهسنگ ڦندومل هزاري هو، جيڪو ڊي.جي. ڪاليج
مان بي.اي.
ڪيل هو. 1912ع ۾ ڪيليفورنيا مان پوسٽ گريجوئيٽ
ڪري آيو هو. هندستان جي مختلف ڪاليجن ۾ تدريسي
تجربو رکندو هو.
1933ع کان 1936ع تائين هن ڪاليج جي باني
پرنسيپل طور ڪم ڪيائين. پروفيسر نرملداس
گربخشاڻي پڻ هن ڪاليج جو پرنسيپل رهيو.
مشھور شاعر کيئلداس
”فاني“،
هن
ڪاليج ۾ سنڌي ليڪچرر
هو.
پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه پڻ هن ڪاليج سان
وابسته رهيو
، جنهن
ڪيترائي ڪتاب
پڻ
لکيا
هئا.
هو به ڊي.جي. ڪاليج جي انتهائي هوشيار ۽ ادبي
طور سرگرم شاگردن ۾ ليکيو ويندو هو. پروفيسر
ناگراڻي ، جنهن ڪيترائي سنڌي ناٽڪ لکيا، اهو
پڻ هتي پروفيسر هو ۽ ڊي.جي.
ڪاليج
جو شاگرد رهيو هو.
هن ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر،
بولچند جهمٽمل واسواڻي، ڊي.جي. ڪاليج جو شاگرد
رهيو هو. هن اسڪولي ۽ ڪاليجي شاگردن لاءِ
ڪيترائي مددي ڪتاب لکيا.(19)
هن ڪاليج جو سنڌ جي علمي ادبي تاريخ ۽
تعليمي سجاڳيءَ ۾ وڏو حصو آهي. جنهن ۾ تعليم جي
جديد طريقن کي اختيار ڪيو ويو. سنڌ جي قومي
شاعر
شيخ
اياز
۽ ٻين ڪيترين شخصيتن هن ڪاليج مان تعليم پرائي.
حوالا
1.
Dr. Azimushan Haider: “History of Karachi”,
Feroze sons, Karachi, 1974, p 128
2.
ساڳيو حوالو،
ص 133
3.
”انسائيڪلوپيڊيا
سنڌيانا“،
(جلد پهريون)، چيف ايڊيٽر:
پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين، سنڌي لئنگئيج
اٿارٽي، حيدرآباد ، 2000ع، ص 360
4.
مختيار احمد ملاح: ”اڻويهين صديءَ ۾ سنڌ جي
تعليمي ترقي“، سنڌ آرڪائيوز
ڪراچي،
2019ع،
ص 153
12.
مختيار احمد ملاح: ”اڻويهين صديءَ ۾ سنڌ جي
تعليمي ترقي“، سنڌ آرڪائيوز
ڪراچي،
2019ع،
ص 114
16.
مختيار احمد ملاح: ”اڻويهين صديءَ ۾ سنڌ جي
تعليمي ترقي“، سنڌ آرڪائيوز،
2019ع،
ص 193
19.
مختيار احمد ملاح: ”اڻويهين صديءَ ۾ سنڌ جي
تعليمي ترقي“، سنڌ آرڪائيوز
ڪراچي،
2019ع،
ص 227
ميٺارام هاسٽل جو سنڌي ادب جي حوالي سان
ڪردار
سنڌ جي ٻن وڏن شهرن يعني ڪراچي ۽
حيدرآباد ۾، شاگردن ۽ استادن جي سهوليت لاءِ
ميٺارام هاسٽل جو قيام آندو ويو. ٻنھي هاسٽلن،
نه صرف سنڌ جي تعليم ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پر
سنڌ جي علم، ادب، سياست ۽ سماجي خدمتن
جي حوالي سان
به تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. راءِ بهادر ديوان
ميٺارام گدومل، ديوان ڏيارام گدومل جو وڏو
ڀاءُ هو.
ڊي.جي. ڪاليج نئين عمارت ۾ منتقل ٿيڻ کان پوءِ
شاگردن جو تعداد وڌڻ لڳو، سڄيءَ
سنڌ ۾ هڪ ڪاليج هئڻ سبب ڌار ڌار علائقن جي
شاگردن هتي داخل ٿيڻ ۾ دلچسپي ڏيکاري. هندن جا
ٻار گهڻي ڀاڱي ذاتي يا مسواڙي جاين ۾ رهڻ لڳا،
پر اصل مسئلو پوئتي پيل هندن ۽ مسلمانن جو هو.
ٻيو ته انهن شاگردن ۾ اڪثريت ٻهراڙين جي
مسلمانن جي هئي. اها کوٽ محسوس ڪندي، ديوان
ڏيارام گدومل هڪ دفعو ٻيهر اڳتي آيو. فيصلو
ڪيو ويو ته ڪاليج جي سامهون خالي پيل ميدان تي
هاسٽل جي اڏاوت ڪجي.
هاسٽل جي تعمير تائين ديوان ڏيارام گدومل
سرنديءَ وارن کانسواءِ سرڪاري ماڻھن ۽
ميونسپالٽين کان چندو گڏ ڪندو رهيو. ان ڏس ۾
گهڻي ۾ گهڻو چندو ڏيندڙ، سندس ڀاءُ
راءِ بهادر ديوان ميٺارام گدومل هو. جڏهن ته
خيرپور جي مير به 5 هزار روپيا
چندو ڏنو.(1) پر هاسٽل جي اڏاوت لاءِ اها رقم
اڻپوري هئي.
اوچتو ڪاليج جي پرنسيپل مسٽر جيڪسن ۽ وائيس
پرنسيپل مسٽر پادشاهه جي ذهن ۾ خيال آيو،
ته ڇو نه ڪاليج ۾
ناٽڪ
رچائي رقم گڏ ڪئي وڃي. ان وقت سنڌ ۾ اسٽيج
ڊراما،
۽
اهي به ٽڪيٽ تي ڏيکارڻ جو رواج ڪونه هو.
بهرحال، 1893ع ۾ ميٺارام هاسٽل جي اڏاوت،
پهريون ڀيرو سنڌ ۾ ناٽڪ منڊلي
’سنڌ
ڪاليج اميچوئر ڊرئميٽڪ سوسائٽي‘
قائم
ٿيڻ
جو سبب بڻي، جنهن 1894ع ۾ پهريون ناٽڪ
’نل
دمينتي‘
پيش ڪيو. ان ناٽڪ لاءِ سڄي شهر جي معززن کي
دعوت ڏني وئي، جڏهن
ته
ناٽڪ ڏسڻ لاءِ ٽڪيٽ مقرر ٿيل هئي. اڳتي هلي،
اها
’ڊي.جي.
سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي‘
جي نالي سان مشھور ٿي، جنهن ويهن سالن تائين
ڪراچيءَ
۽ حيدرآباد ۾ ناٽڪ پيش ڪيا.(2)
1894ع ۾ هاسٽل جو ڪم شروع ڪيو ويو.
پهرئين هن جو نالو ’ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج
اسٽوڊنس ڪوارٽر‘ هو، پر بعد ۾ ’ميٺارام
هاسٽل‘ رکيو ويو. راءِ بهادر ديوان ميٺارام
گدومل هاسٽل جي اڏاوت لاءِ
15,000
روپين جو سڀني کان وڌ چندو ڏنو هو. 1901ع ۾
اها خوبصورت بلڊنگ تيار ٿي. پٿر جي هيءَ ٻه
ماڙ عمارت ڪراچيءَ جي خوبصورت عمارتن مان هڪ
آهي. هن خوبصورت عمارت کي جيمس اسٽريچن ڊيزائن
ڪيو هو.(3)
ميٺارام هاسٽل جو افتتاح بمبئيءَ جي گورنر
لارڊ نارٿ ڪوٽ 1900ع ۾ ڪيو. هاسٽل جي اڏاوت تي
هڪ لک 20 هزار روپيا خرچ آيو. هاسٽل 70 ڪمرن
تي مشتمل هئي، هر شاگرد لاءِ هڪ ڌار ڪمرو هو.
شروع ۾ شاگردن کان هاسٽل في ساليانو 18 روپيا
ورتي ويندي هئي. پروفيسر پادشاهه هاسٽل لاءِ
8,672
روپين جو فرنيچر هٿ ڪيو. هاسٽل جي آڏو شاگردن
لاءِ سوئمنگ پول، ٽينس ڪورٽ ۽ راندين جو ميدان
هوندو هو.(4)
هاسٽل سان گڏ فتح چند آتمارام سوئمنگ پول
هوندو هو. اهو سوئمنگ پول انهيءَ جاءِ تي هو،
جتي هاڻي ڊي.جي. ڪاليج ڪئنٽن آهي.
ڪراچيءَ ۾ شاگرد هاسٽل ڪلچر جو بنياد ميٺارام
هاسٽل ڪري پيو. هن هاسٽل ۾ شاگرد سياست کي هٿي
ملي.، ادب ۽ سماجي تنظيمون جڙيون. سنڌ جو
پهريون وزير اعليٰ خانبهادر محمد ايوب کهڙو به
هتي رهندو هو. ان ڏس ۾ ڊاڪٽر حميده کهڙو لکي
ٿي ته: ”شهاڻي
صاحب،
کهڙي صاحب کي هڪ اڻ لڀ شخصيت محسوس ڪندي منجهس
گهڻي دلچسپي وٺندو هو. ڇو ته هن ڏٺو ته هڪ
مسلمان زميندار جو پٽ ڪيئن نيٺ ڪاليج سطح
تائين پهتو ۽ سڀن کان اعليٰ اهليت جو شاگرد به
ثابت ٿيو هو. کهڙي صاحب جي ڪلاس ۾ اسي شاگردن
مان رڳو ست شاگرد مسلمان هئا. کهڙي صاحب کي
ميٺارام هاسٽل ۾ ڪاليج جي سامهون بهترين روم
ڏنو ويو هو. جتي بورچيءَ سميت هُو
پنھنجا نوڪر چاڪر رکي پئي سگهيو. هو شهاڻيءَ
جي گهر به عام جام اچي وڃي سگهندو هو، جيڪو
خود به ميٺا رام هاسٽل ۾ رهندو هو.(5)
انهن ڏينهن ۾ 1930 ۾ ڊي.جي. ڪاليج جي
سنڌيءَ
۽ انگريزيءَ
جو پروفيسرمنگهارام
ملڪاڻي، جيڪو ان هاسٽل جو سپريٽينڊنٽ هو، اتي
ئي رهندو هو، پروفيسر ملڪاڻي هڪ سٺو رانديگر
هو. هو ٽينس جو چمپيئن، ڪرڪيٽ جو سٺو رانديگر
هو ۽ خاص طور ڊراما لکندو هو. سندس شاگرد ساڻس
پيار ڪندا هئا. کيس سندر نالي هڪ پٽ ڄائو. اهو
ڇوڪر ان ڪاليج جي ماحول ۾ جتي سندس پيءُ
پروفيسر هو،
پنھنجي پيءُ ۽ ڀاءُ
سان گڏ شاگردن جي وچ ۾ رانديون ڪندي وڏو ٿيو.
سندس قيمتي يادگيرين ۾ سندس پيءُ
جو ڊرامن ۽ ناٽڪن جي سلسلي ۾ ڪم هو،
جنهن ۾ هو پاڻ ۽ سندس شاگرد بهرو وٺندا هئا ۽
اهي ڊراما فريئر هال ۽ ڪاليج جي اندر ڪيا
ويندا هئا.(6)
ميٺارام هاسٽل سنڌ جي شاگرد سياست ۾
اهم رول ادا ڪيو. هتي رهندڙ شاگردن سنڌ جي
سياست ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. 1930ع ۾
ٺهندڙ ’ڪراچي اسٽوڊنٽس يونين‘ جو بنياد به
انهيءَ هاسٽل ۾ پيو. سوڀو گيانچنداڻي، گوبند
مالهي، حشوڪيولراماڻي، آنند آمبواڻي، ڪشن
موٽواڻي ۽ ٻين ميٺارام هاسٽل جي ڪمرن ۾ ويهي
شاگرد سياست سان گڏ ملڪي سياست ۾ سرگرم رهڻ
لاءِ ميٽنگون ڪيون.(7)
هيءَ هاسٽل ادب ۽ سياست جو ڳڙهه سمجهي ويندي
هئي. هن هاسٽل ۾ ادبي جماعتن جا ليڪچر،
گڏجاڻيون ۽ ويهڪون ٿينديون هيون. شيخ اياز،
شيخ ”راز“، گوبند مالهي، گوبند پنجابي،
نورالدين سرڪي
۽ ٻيا ڪيترائي هن هاسٽل ۾ رهندا هئا، جن ترقي
پسند ادب جي آبياري ڪئي. حشو ڪيولراماڻيءَ جي
حوالي سان ڊاڪٽر قاسم لکي ٿو ته، ”انهيءَ دؤر
۾ سنڌ جو ترقي پسند اديب ۽ دانشور حشو
ڪيولراماڻي،
لنڊن ۾ ’اديبن جي مجلس‘ جو صدر هو ۽ چيو وڃي
ٿو ته ان جا ترقي پسند تحريڪ جي سلسلي ۾ مٿي
ڄاڻايل اديبن سان رابطا هئا. حشو جڏهن سنڌ
واپس آيو، ته هن شاگرد سياست جي اڳواڻي ڪئي.
سندس مرڪز ڊي.جي. سنڌ ڪاليج، ايس.سي. شهاڻي لا
ڪاليج ۽ اين.اي.ڊي انجنيئرنگ ڪاليج هو. حشو،
ڊي.جي. سنڌ ڪاليج سامهون ايس.سي.شهاڻي لا
ڪاليج جي ڪنڊ تي هڪ فليٽ ۾ رهندو هو. ميٺارام
هاسٽل به سندس فليٽ جي ويجهو هئي. تنهن دؤر ۾
ميٺارام هاسٽل، شيوا ڪنج هاسٽل ۽
سرڻاگتي بلڊنگ سنڌ جي روشن خيال شاگردن،
استادن ۽ اديبن جي سرگرمين جو مرڪز هوندي هئي.
جتي ڪاليجي شاگردن، استادن ۽ اديبن جا ميڙاڪا
ٿيندا هئا.(8)
ورهاڱي کان پوءِ به سنڌ آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج،
سنڌ مدرسو اسڪول ۽ ڊي.جي. ڪاليج جا سنڌي شاگرد
ميٺارام هاسٽل ۾ رهندا هئا. شيخ حفيظ، تنوير
عباسي، غلام رباني آگرو، رشيد ڀٽي ۽ ٻيا
ڪيترائي هن هاسٽل تي رهي، علمي ۽ ادبي
سرگرميون ڪندا هئا.
سنڌي ادبي سنگت جي بڻ بڻياد بابت مختلف رايا
آهن: ڪن ماڻھن جو خيال آهي ته سنڌي ادبي سنگت،
ڊي.جي. ڪاليج
سنڌي سرڪل جو تسلسل آهي، ته ڪي وري ان خيال جا
آهن ته سنڌي ادبي سنگت جو ان سرڪل سان ڪوبه
واسطو نه هو ۽ سنڌي ادبي سنگت 1956ع ۾ وجود ۾
آئي. ان سلسلي ۾ ادل سومري لکيو آهي ته، ’1954ع
۾ پاڪستان سرڪار پاران ڪميونسٽ پارٽيءَ تي
بندش هڻڻ کان پوءِ
’انجمن
ترقي پسند مصنفين‘
جي سرگرمين کي پڻ روڪيو ويو. انهيءَ صورتحال ۾
سنڌي ليکڪن
’سنگت‘
جون نئين سر گڏجاڻيون شروع ڪري ڏنيون. اهڙي
قسم جا ميڙ احسان بدوي ۽ نورالدين سرڪيءَ جي
هاسٽلن وارن ڪمرن، واقع جناح ڪورٽس ۽ ميٺارام
هاسٽل کانسواءِ اياز قادريءَ جي جاءِ تي ٿيڻ
لڳا.“(9)
1958ع
تائين، ميٺارام هاسٽل، ترقي پسند اديبن جو
ڳڙهه هئي.
ان سلسلي
۾
غلام رباني آگرو لکي ٿو ته:
”1958ع
۾ مارشل لا لڳو ته ميٺارام هاسٽل جي اختياريءَ
وارن اسان کي چتاءُ ڏنو ته، اهڙا شاگرد، جيڪي ايس.ايم.ڪاليج ۾ آرٽس جي تعليم وٺن ٿا ۽
ڏينهن جو ڪٿي نه ڪٿي نوڪري ڪن ٿا، سي ميٺارام
هاسٽل ڇڏي وڃن، ڇو ته هيءَ هاسٽل ڊي.جي. ڪاليج
جي شاگردن لاءِ آهي. هاسٽل جي اختياريءَ وارن
کي هونئن ته اسان کي اٿارڻ جي همت نه پئي
ٿي، پر مارشل لا جو فائدو وٺي، شينهن ٿي پيا.“(10)
سنڌي سفرنامي جو شهنشاهه، الطاف شيخ به هتي
رهي چڪو آهي. هو لکي ٿو ته، ”
1965ع
۾ جڏهن آئون ميٺارام هاسٽل ۾ رهندو هوس ته
هاسٽل جو انچارج ۽ ڊي.جي. ڪاليج جو پرنسيپل
جي. بي سڌوا هو. هاسٽل جو وارڊن،
قاضي احمد جو پروفيسر محمد صالح راهو صاحب هو،
جيڪو ڪامرس ڪاليج ڪراچيءَ
۾ سنڌي پڙهائيندو هو. هوڏانهن ايس.ايم.لا
ڪاليج جي هاسٽل
’جناح
ڪورٽس‘
جو وارڊن پروفيسر عبدالستار ڪوهاٽي هو.“
هو وڌيڪ لکي ٿو ته،
”ڪاليج
کلڻ تي اهي ڪلاس بند ڪيا ويا. هن ڪاليج جي
شاگردن لاءِ ٻه هاسٽلون هيون. هڪ ان ئي روڊ جي
ٻئي
پاسي ميٺارام هاسٽل ۽ ٻي پاڪستان چوڪ وٽ
شيواڪنج هاسٽل آهي 1965ع ۾ ڪراچيءَ
۾ رهڻ خاطر مون به سال ڏيڍ کن هن ڊي.جي. ڪاليج
۾ داخلا وٺي ميٺارام هاسٽل ۾ رهيس، جتي ڀر
وارن ڪمرن ۾ مرحوم محمد خان سومرو پ. پ. پ. جو
سابق وزير، هزار خان بجاراڻي (پي. پي جو اڳوڻو
وزير)، مظفر شاهه (سابق وزيراعليٰ)، عقيلي
ڀائر (عبداللطيف ۽ محمد حسين)، غلام مصطفيٰ
جتوئيءَ
جو ننڍو ڀاءُ امام بخش جتوئي، مير مرتضيٰ ڀٽو
سان گڏ شهيد ٿي ويل عاشق جتوئي ۽ ٻيا شاگرد
رهيا ٿي ۽ ولي محمد نالي بورچيءَ جي ميس ۾
ماني کائيندا هئاسين.“(11)
اها هاسٽل 1990ع تائين شاگردن لاءِ
کليل هئي. ان دؤر جي حڪومت، ثقافت کاتي کي
هدايتون جاري ڪيون هيون ته هتي عجائب گهر قائم
ڪرڻ جي رٿ جوڙين، پر اهو ڪم اتي ئي رهجي ويو ۽
1992ع ۾ هيءَ عمارت پاڪستان رينجرز جي حوالي
ٿي وئي ۽ اڄ تائين رينجرز جي قبضي هيٺ آهي.
ميٺارام هاسٽل سان گڏ، شاگردن لاءِ
’شيوا ڪنج‘ هاسٽل به هوندي هئي.
شيواڪنج هاسٽل ورهاڱي کان پهريان اسٽوڊنٽ هوم
طور مشھور هو.
سرڻاگتي بلڊنگ جي هڪ پاسي فريئر روڊ (شاهراهه
لياقت) تي رام باغ جي سامهون هي به پٿر جي ٽي
ماڙ خوبصورت عمارت آهي، جيڪا شيوا ڪنج هاسٽل
نالي سان مشھور هئي. اها بلڊنگ به ڊي.جي.
ڪاليج اين.اي.ڊي انجنيئرنگ ڪاليج جي شاگردن جي
رهڻ لاءِ شهاڻي فيمليءَ ٺهرائي هئي. 1980ع
تائين ملڪ جي مختلف حصن کان آيل شاگرد هتي
رهائش ڪندا هئا، پر پوءِ هاسٽل کي بند ڪيو
ويو. جڏهن هاسٽل بند ٿيو، ته شهاڻي فيمليءَ
عمارت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ۽
بلڊنگ حاصل ڪئي. بلڊنگ هاڻي بند آهي ۽ ڀوت
بنگلي جو ڏيک ڏيئي رهي آهي. 1905ع ۾ ٺهيل هن
عمارت، سنڌ جي شاگرد سياست ۾ وڏو رول ادا ڪيو.
هتي رهندڙ شاگرد ورهاڱي کان اڳ ڪراچيءَ ۾
ٿيندڙ هر سياسي، سماجي ۽ ثقافتي سرگرميءَ ۾
اڳڀرو هئا. ورهاڱي کان پوءِ هي سنڌ ۽ بلوچستان
جي قوم پرست شاگرد سياست جو مرڪز رهيو.(12)
حوالا:
1.
Dr. Azimushan Haider: “History of Karachi”,
Feroze sons, Karachi, 1974
3.
گل حسن ڪلمتي:”ڪراچيءَ جو عمارتون“، نئون
نياپو، ڪراچي، 2020ع، ص 140
4.
ڊاڪٽر محمد قاسم راڄپر:
”سنڌ ۾
تعليم ۽ ادب جي
واڌاري ۾ ڊي.جي. ڪاليج جو ڪردار“،
(مقالو)، ڇماهي تحقيقي
جرنل
”ڪارونجهر“،
وفاقي اردو يونيورسٽي آف آرٽس، سائنس ۽
ٽيڪنالاجي،
ڪراچي، جون 2015ع
5.
ڊاڪٽر حميده کهڙو: ”محمد ايوب کهڙو“، (ڇاپو
ٻيو)، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 2006ع، ص 122
6.
Saaz
Aggarwal: “The Amils of Sindh”,
Black-and-White Fountain, 2019,
p:
97
7.
گل حسن ڪلمتي:”ڪراچيءَ جون عمارتون“، نئون
نياپو، ڪراچي، 2020ع، ص 141
8.
ڊاڪٽر محمد قاسم راڄپر:
”سنڌ ۾
تعليم ۽ ادب جي
واڌاري ۾ ڊي.جي. ڪاليج جو ڪردار“،
(مقالو)، ڇماهي تحقيقي
جرنل”ڪارونجهر“،
وفاقي اردو يونيورسٽي آف آرٽس، سائنس ۽
ٽيڪنالاجي،
ڪراچي، جون 2015ع
9.
ادل سومرو: ”سنڌي ادبي سنگت هڪ تحريڪ“، ماءِ
پبليڪيشن، سکر، 2019ع، ص 90
10.
غلام رباني آگرو: ”ٿيا قلب قرار“، انسٽيٽيوٽ
آف سنڌالاجي،
ڄام شورو،
2013ع ص 271
11.
الطاف شيخ: ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“، (آن لائين،
سنڌ سلامت جي ويبسائيٽ تان کنيل)
12.
گل حسن ڪلمتي:
”ڪراچيءَ جون عمارتون“، نئون نياپو، ڪراچي،
2020ع، ص 140