ڊي.جي. ڪاليج ۾ مختلف ٻولين جي
ادب جي تعليم
ڊي.جي. ڪاليج، هن وقت سائنس جي شعبي
تائين محدود آهي. ورهاڱي کان اڳ، هتي ٻيون
فيڪلٽيون ۽ مختلف زبانن جو علم ۽ ادب پڻ
پڙهايو ويندو هو. ڇو ته، ڪراچي سميت پوريءَ
سنڌ ۾، مختلف مذهبن، عقيدن، قومن ۽ ٻولين جا
ماڻهو رهندا هئا. انهن سڀني جي تعليم جو
مرڪز ڊي.جي. ڪاليج ڪراچي هوندو هو. انهن سڀني
گروهن جي شاگردن جون هتي علمي ۽ ادبي جماعتون
قائم هيون، اشاعتي رسالا هئا ۽ ڪاليج ۾ سندن
پسند جي ٻولين ۽ ادب جي تعليم جو پڻ بندوبست
ٿيل هو. هي ڪاليج پوري هندستان جي نمائندگي
ڪندڙ ڪاليج هو. هتي، مختصر نموني ۾ انهن جو
احوال ڏجي ٿو:
انگريزي
انگريزن جيئن ئي سنڌ تي قبضو ڪيو،
ته سندن مرڪز ڪراچي شهر ئي رهيو. هنن پنھنجي
سهولتن خاطر آفيسون، اسڪول ۽ رهائش گهر، چرچ،
ڪلب وغيره گهڻي ۾ گهڻا ڪراچيءَ
۾ جوڙايا. انگريزن سڀ کان پهريون انگلش ميڊيم
اسڪول، سنڌ جي قبضي کان به اڳ 1841ع ۾ هاڻوڪي
واري صدر جي علائقي ۾ قائم ڪيو هو. پر ان ۾
مقامي ماڻھن جي ٻارن کي داخلا نه ڏني ويندي
هئي. ان اسڪول ۾ 40 هين ريجمينٽ جي انگريز
فوجين جا ٻار پڙهندا هئا. اسڪول ۾ اٽڪل 50
ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون زير تعليم هيون. (1) 1853ع
کان وٺي، سنڌ ۾ ٻارن جي پرائمري تعليم لاءِ
ورنيڪيولر اسڪولن کان سواءِ اينگلو
ورنيڪيولر اسڪول پڻ قائم ڪيا ويا. اينگلو
ورنيڪيولر اسڪولن جو مطلب هو ته:
’مقامي
۽ انگريزي ٻولين ۾ تعليم جو ذريعو.‘
انگريزن برصغير تي قبضي کان پوءِ سرڪاري ادارا
۽ آفيسون قائم ڪيون، جن لاءِ کين مختلف درجن
لاءِ مقامي ماڻھن جي ضرورت هئي، جيڪي سندن
ماتحتي ۾ ڪم ڪري سگهن. انهن پرائمري اسڪولن
لاءِ هڪ اصطلاح
’اينگلو
ورنيڪيولر اسڪول‘
ايجاد ڪيو.
هي اصطلاح هندستان، سنڌ، برما، سريلنڪا ۽ ٻين
ملڪن ۾ استعمال ڪيو ويندو هو.
سنڌي ۽ انگريزي ٻوليءَ جي ميلاپ سبب،
سنڌي ٻوليءَ تي گهرا اثر مرتب ٿيا. ٻولين جي
اهڙي ميلاپ مان سڀ کان گهڻو اثر لفظي ذخيري تي
پوندو آهي. سنڌيءَ ۾ به انگريزيءَ جا هزارين
لفظ بطور دخيل لفظن
(Loan Words)
جي داخل ٿيا. ”سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ضرورت
تحت سنڌيءَ ۾ اهڙن هم معنيٰ لفظن جي ناپيد هجڻ
سبب انگريزيءَ مان اهڙا لفظ اڌارا ورتا ويا.
پسند/ اختيار سان ورتل
لفظ پنھنجي
اظهار ۾
وسعت
ڏيڻ ۽ معنوي نڪتهءِ نگاه کي مختلف انداز سان
بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا.“
(2)
سنڌ ۾ انگريزي ٻوليءَ سان جتي تعليم
۾ نوان شعبا شامل ٿيا، اتي انگريزي ٻوليءَ جي
ادب تائين تمام گهڻي رسائي ٿي پئي. ڊي.جي.
ڪاليج ۾، شروع کان تعليم جو نظام انگريزيءَ ۾
قائم ڪيو ويو، ڇوته هتي پرنسيپل ۽ ڪجهه استادن
۾ انگريز ئي شامل هئا. اهو ئي سبب آهي ته
ڊي.جي. ڪاليج جي شاگردن جي انگريزي شاندار
هوندي هئي. انگريزيءَ جو مضمون لازمي طور
شامل هو ۽ هر ٻار لاءِ لازم هو ته هو
انگريزيءَ شعبو اختيار ڪن. خود، سنڌ جا استاد
۽ عالم،
بمبئي يونيورسٽيءَ مان اڳ ئي انگريزي ادب ۾
ڊگريون وٺي پهچي چڪا هئا.
ڊي.جي. ڪاليج جو پرنسيپل مسٽر جيڪسن، انگريزي
ادب تي تمام وڏي مهارت رکندو هو.
صاحب سنگهه چندا سنگهه پهريون سنڌي هو، جيڪو
انگريزي ادب ۾ ايم.اي.
جو
امتحان پاس ڪري، هن ڪاليج ۾ مقرر ٿيو.
سنڌي ٻوليءَ جو نامور عالم ۽ تعليمدان
لالسنگهه اجواڻي
بي.اي. انگريزي ادب ۾ ڪئي، ڊي.جي. ڪاليج ۾
پروفيسر ٿي آيو.
ڊاڪٽر گربخشاڻي پهريون سنڌي عالم آهي، جنهن
انگريزي ادب تي ڊاڪٽريٽ ڪئي. هن 1928ع ۾ لنڊن
يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ. ڊي ڪئي. سندس مقالي
جو عنوان:'Mysticism
in the Early Nineteenth Century Poetry of
England’
هو.(3)
پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، انگريزيءَ جو ليڪچرر
مقرر ٿيو هو. اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترائي استاد
۽ شاگرد پيدا ٿيا، جن هن ڪاليج مان انگريزي
ادب ۾ ڊگري ورتي ۽ هن ڪاليج ۾ انگريزي ادب
پڙهايو.
ڊي.جي. ڪاليج ۾ لٽرري سوسائٽيءَ جو
گهڻو تڻو ڪم انگريزيءَ ۾ هلندو هو. هسٽاريڪل
سوسائٽي ۽ نيچرل هسٽري سوسائٽيءَ جا ليڪچر
انگريزيءَ
۾ ٿيندا هئا. هن ڪاليج ۾ شيڪسپيئر جي نالي سان
سرڪل قائم ٿيل هو. ان کان علاوه، هن ڪاليج جي
استادن ۽ شاگردن جا انگريزي ٻولي ۽ ادب ۾
بيشمار ڪتاب، آرٽيڪل ۽ مضمون لکيل آهن. ڊي.جي.
ڪاليج مسلينيءَ جو انگريزي ادب جي واڌاري ۾
وڏو ڪردار آهي. ڇو ته مسلينيءَ ۾ سنڌي ۽
گجراتيءَ جي برعڪس، انگريزيءَ ۾ مواد گهڻو ۽
وڌيڪ معياري شايع ٿيندو هو. هن ڪاليج جي
استادن ۽ شاگردن جي شاعري، ڪھاڻيون ۽ مضمونَ،
انگريزيءَ
۾
شايع ٿيندا هئا، جيڪي اڄ به سانڍڻ جهڙا آهن.
ڊي.جي. ڪاليج مسلينيءَ جي انگريزي ليکڪن ۾ ٽي.
ايل واسواڻي، ايم.يو.
ملڪاڻي، منگهومل ميرچنداڻي، آر.ڪي.
ميرچنداڻي، ايڇ. ايم تنوجا، ايل.ايف.
ڪيسواڻي، پروفيسر ايس. اين پيرواڻي، موهنداس
ڪوڙومل، جي.ايڇ. بابر، پروفيسر، سي. ايس.
ناگرواڻي، لڇمڻ ڀمڀاڻي، مس ليلا ٽيڪچنداڻي ۽
ٻيا ڪيترائي شامل آهن.
ورهاڱي کان پوءِ، ڊي.جي. ڪاليج جا
جيترا به مخزن نڪتا آهن، انهن ۾ به انگريزي
مضمونن جو تعداد وڌيڪ آهي ۽ ڪجهه شاگردن جي
انگريزي شاعري به ڏنل آهي.
لاطيني ۽ فرانسيسي
ڊي.جي. ڪاليج ۾ انگريزيءَ کان
علاوه
به مختلف يورپي ٻوليون پڙهايون وينديون هيون.
مسٽر آگسٽس روڊلف ڪروزو ڪاليج ۾ 1906ع کان
1909 تائين لاطيني پڙهائيندو هو. ننڍي عمر ۾
سندس وفات ٿي وئي. پروفيسر اينڊرين ڊيوئارٽ
ڪاليج ۾ تاريخ سان گڏ فرينچ پڙهائيندو هو.
سنڌي
ڊي.جي. ڪاليج، سنڌ جي تاريخ جو تمام
وڏو تعليمي ادارو آهي، جنهن سنڌي ٻولي ۽ ادب
جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ڪاليج
۾ نه صرف سنڌي استادن جو تعداد گهڻو هوندو هو،
پر شاگردن جو تعداد به تمام گهڻو هو، جن جي
مادري زبان سنڌي هئي ۽ هنن مختلف محاذن تي
سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪيو.
هن ڪاليج ۾ ويهي، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ”شاهه جي
رسالي“ جو معياري نسخو تيار ڪيو. هن ڪاليج ۾
ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر گربخشاڻي،
ايس.سي.شهاڻي،
پروفيسر نارائڻداس ڀمڀاڻي، پروفيسر منگهارام
ملڪاڻي، پروفيسر رام پنجواڻي، ڊاڪٽر
دائودپوٽي، پرمانند ميوارام، لعلچند امرڏني
مل،ڄيٺمل پرسرام، شيخ اياز، شيخ
”راز“
۽ ٻين سون جي تعداد ۾ استادن ۽ شاگردن ويهي
سنڌي ٻوليءَ
۽ ادب جا گهڙا ڀريا. هتي سنڌي ٻوليءَ جون
جماعتون ٺهيون، رسالا نڪتا، ليڪچر پروگرام ٿيا
۽ فنڪشن ٿيا. ڊي.جي. ڪاليج مسلينيءَ جو پڻ
سنڌي ادب ۾ اهم ڪردار رهيو آهي.
1921ع کان اڳ، سنڌيءَ جو سبجيڪٽ صرف ميٽرڪ تائين پڙهايو ويندو
هو. ميٽرڪ جو امتحان بمبئي يونيورسٽي وٺندي
هئي ۽ سنڌ مان سنڌي سبجيڪٽ جو ممتحن صاحب
سنگهه چندا سنگهه
شهاڻي
هوندو هو. 1917ع ۾ صاحب سنگهه چندا سنگهه شهاڻي، ڊي.جي. ڪاليج
جو پرنسيپل ٿيو. هو بمبئي يونيورسٽيءَ سان
لکپڙهه ڪندو رهيو ته سنڌيءَ جي سبجيڪٽ کي بي.اي. جي ڪورس ۾ شامل ڪيو وڃي. 1920ع ۾ هو
يونيورسٽيءَ
کي ان شرط تي مڃرائڻ ۾ ڪامياب ويو، ته سنڌ وارا، سنڌي سبجيڪٽ کي ڪورس ۾ شامل
ڪرائڻ لاءِ تفصيلي رپورٽ موڪلي کين مطمئن ڪندا، ته سنڌي ٻوليءَ ۾ تمام گهڻو ادب ۽ سگهه
موجود آهي
۽ اها بي.اي. جي ڪورس ۾ شامل ٿيڻ گهرجي. پروفيسر شهاڻيءَ، ان دؤر جي فارسي ۽ انگريزي
ادب جي پروفيسر ڊاڪٽر ايڇ.ايم گربخشاڻيءَ کي
ذميواري ڏني ته جيئن ته هو سنڌي ادب تي به وڏي
دسترس رکي ٿو، ان ڪري سنڌي ادب جي تاريخ بابت
هڪ مفصل رپورٽ تيار ڪري. ڊاڪٽر گربخشاڻي،
”شاهه جي رسالي“ تي ڪم ڪري رهيو ۽ مصروف هو.
بهرحال هُن ٻن سالن جي عرصي ۾ رپورٽ تيار ڪئي.
ان رپورٽ کي چڪاسڻ کان پوءِ، پرنسيپل شهاڻي
صاحب، سنڌ سرڪار جي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر جي
منظوريءَ سان اها رپورٽ"A
Brief Survey of published Sindhi Literature”
(بمبئي يونيورسٽيءَ جي روشنيءَ ۾)
بمبئيءَ يونيورسٽيءَ
سنڌي ٻوليءَ کي
بي.اي.
جي امتحان ۾ شامل ڪيو. بمبئي يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ، ان رپورٽ
جي آڌار تي، سنڌي ٻوليءَ
کي
بي.اي. جي ڪورس لاءِ منظور ڪيو. ڪاليجن ۾ سنڌي
مضمون کي شامل ڪرڻ لاءِ ضروري هو ته ان مقصد
لاءِ
’بورڊ آف اسٽڊيز فار سنڌي‘ ٺاهي وڃي. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ٻين صاحبن
کان علاوه شمس العلماء مرزا قليچ بيگ به هن
ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿيو، جو سندس آتم ڪٿا ذريعي
اهڙي
خبر پوي ٿي. اڳتي هلي، شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽو پڻ
بمبئي يونيورسٽيءَ جي
’سنڌي بورڊ آف اسٽڊيز‘ جو ميمبر بڻيو. يونيورسٽيءَ نه رڳو
سنڌي ، بطور مضمون ڪاليجن ۾ پڙهائڻ جي
اجازت ڏني ، پر ان سان گڏ معياري ادبي ڪتابن
جي ڇپائي لاءِ روڪ رقم پڻ ڏني.(4)بعد
۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي نه صرف
ڪميٽيءَ جو
ميمبر بڻيو، پر سندس ڪتاب ”نورجهان“ کي ڪورس ۾
شامل ڪيو ويو.
البته ورهاڱي کان پوءِ، ڊي.جي. ڪاليج
مان سنڌي ادب جي رفتار گهڻي حد تائين گهٽجي
وئي، ڇو ته سنڌي شاگردن ، استادن ۽ ادبي
جماعتن جو تعداد گهٽجي ويو. هن وقت انٽرميڊيئيٽ
جي ڪلاسن ۾ سنڌيءَ
جو مضمون پڙهايو ويندو آهي، جنهن ۾ تمام گهٽ
شاگرد سنڌي سبجيڪٽ کڻندا آهن. اهڙيءَ
طرح، ڊي.جي. ڪاليج جي مخزن ۾ سنڌي استادن توڙي
شاگردن جي معمولي شموليت نظر ايندي آهي.
گجراتي
قديم دؤر کان گجرات ۽ سنڌ هڪٻئي جا
پاڙيسري رهيا آهن. اڄ به ڏکڻ اوڀر ۾ سنڌ گجرات
(ھندستان) کي لڳي ٿو. گجرات ۾ رھندڙن جي وڏي
انگ جي ٻولي سنڌي آھي.گجرات ۾ ڪيترائي سنڌي اڄ
به رهندڙ آهن. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکي ٿو ته،
”ڪراچيءَ
۾ ورهاڱي تائين واپار سمنڊ رستي گجرات سان
هلندو هو. کين سنڌي ٻوليءَ جو سٺو گيان هو. هُو
گهڻو ڪري سنڌي ٻولي ديوناگري يا گجراتي لپيءَ
۾ لکندا هئا. ڪڇي ٻولي،
سنڌيءَ جي هڪ اڀ ڀاشا آهي، جيڪا گجراتي لپيءَ
۾ لکي ويندي آهي. ڪڇيءَ جي ڪن لهجن ۾ سنڌي
ڳ، ڄ، ڏ، ٻ ڌوني-
تت موجود آهن، جن کي لکڻ لاءِ گجراتي ورڻ
هيٺان ٽٻڪو لڳايو ويندو آهي.“(5)
ڪراچيءَ ۾ اڄ به ڪيترائي گجراتي رهندا آهن.
انگريزن جي دؤر ۾ گجراتي لپيءَ کي سرڪاري درجو
مليل هو. باقاعده درسي ڪتاب شايع ٿيندا هئا ۽
استادن ۽ اسڪولن جو بندوبست ڪيل هوندو هو.
گجراتيءَ ۾ اخبارون نڪرنديون هيون. ڊي.جي.
ڪاليج ۾ گجراتي شاگردن جو هڪ وڏو تعداد هوندو
هو ۽ شاگردن جي نمائنده تنظيم
’دي
گجراتي اسٽوڊنٽس يونين‘
هوندي هئي. گجراتي ادب جي لاءِ جتن ڪيا ويندا
هئا. ڊي.جي. ڪاليج جي مسليني ٽن ٻولين:
انگريزي،سنڌي ۽ گجراتيءَ ۾ شايع ٿيندي هئي.
ڊي.جي. ڪاليج ۾ گجراتيءَ جو مضمون اختياري طور
هوندو هو.
جيڪي شاگرد پڙهڻ چاهين، انهن جي لاءِ الڳ شعبو
هو ۽ استاد مقرر ٿيل هئا.
سنسڪرت
سنسڪرت جو سنڌ سان تمام آڳاٽو رشتو
آهي.
آرين جي قومي ۽ ڌرمي زبان سنسڪرت هئي ۽ هو
براهمي رسم الخط ۾ لکت پڙهت ڪندا هئا.
پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ
لکيو آهي ته،
”ڊاڪٽر پٿاوالا به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي
ته : ويدڪ ڪوي، جي سنڌو ماٿريءَ جي مٿئين ڀاڱي
(پنجاب ۽ سنڌ)
جا
هئا، سي پنھنجا پوتر ڀڄن سنڌوءَ جيجل کي ارپڻ
ڪندا هئا. يعني ته ويد، جي سنسڪرت ساهتيه جو
بنياد آهن، سي سچ پچ مهان سنڌ ديس جون ئي
اوائلي تصنيفون آهن- پوءِ ڀلي سنسڪرت ۾ لکيل
هجن، ڇو جو تنهن زماني ۾ سنڌ جي ٻولي ئي
سنسڪرت هوندي هئي ۽ براهمي لپيءَ ۾ لکبي هئي“.
(6)
انگريزن جي دؤر ۾ سنسڪرت جي تعليم
لاءِ خاص بندوبست هوندا هئا.
ڏيارام گدومل، پنھنجي پتا منشي گدومل جي ياد ۾
حيدرآباد ۾”گدومل
سنسڪرت پاٺشالا“ قائم ڪئي هئي. حيدرآباد،
شڪارپور ۽ ڪراچيءَ
سميت ٻين شهرن ۾ به سنسڪرت جي تعليم جو
بندوبست هو. پر ڊي.جي. ڪاليج ۾ سنسڪرت پڙهائڻ
لاءِ، مٿئين سطح تي بندوبست ڪيل هو. ڏيارام
گدومل جو ڀائٽيو سيلرومل چيئنراءِ شهاڻي، هتي
سنسڪرت جو ليڪچرر رهيو بعد ۾ وڃي حيدرآباد جي
پاٺشالاسنڀاليائين. پروفيسر ڊي.آر. مينڪڊ،
ڊي.جي. ڪاليج ۾ سنسڪرت جو تمام وڏو پروفيسر
موجود هو، جنهن قديم سنسڪرت ڊرامي تي ڪتاب به
لکيو هو. اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترائي شاگرد ۽
ڪي استاد موجود هئا.
فارسي
سنڌ ۾ فارسيءَ جي هڪ وڏي تاريخ آهي.
انگريزن جي دؤر کان اڳ، سنڌ جي سرڪاري ۽ دفتري
ٻولي فارسي هئي. سنڌ جي مڪتبن ۾ پڻ فارسيءَ ۾
تعليم ڏني ويندي هئي. سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جو
وڏو ذخيرو به فارسيءَ ۾ موجود هو. جيتوڻيڪ،
انگريزن سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ۽ دفتري
ٻوليءَ جو درجو ڏنو، پر هُو فارسيءَ جي سنڌ
مان اهميت کي ختم ڪري نه سگهيا. اهو ئي سبب
آهي، جو سنڌ مدرسي، ڊي.جي. ڪاليج ۽ ٻين شهرن
جي اسڪولن توڙي ڪاليجن ۾ فارسيءَ جي تعليم جو
پورو پورو بندو بست هوندو هو.
ڊي.جي. ڪاليج ۾ انگريزيءَ جي ادب کان
وڌيڪ فارسي ادب جي تعليم جي ناماچاري هوندي
هئي.
شروع ۾ فارسي ادب پڙهائڻ لاءِ، ايران مان
استاد گهرايا ويندا هئا. پروفيسر دستور ۽
پروفيسر ايم.ايم. مرزا جو تعلق ايران سان هو.
سنڌي مسلمان استادن ۾ پهريون عارف شاهه ولد
چنا شاهه گيلاني هو. 1929ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج ۾
داخل ٿيو. 1933ع ۾ بي.اي. جو امتحان پاس
ڪيائين ۽ ٻه سال ڪاليج جو فيلو رهيو.
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، بنيادي
طور تي فارسيءَ جو پروفيسر هو. جڏهن پڙهائيندو
ته ڪلاسن ۾ سانت
طاري
ٿي ويندي هئي. کانئس پوءِ
شمس العماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو فارسيءَ جو استاد ٿي آيو، جيڪو
پهريون مسلمان سنڌي هو ، جنهن ”عربي شاعريءَ
جو فارسي شاعريءَ تي اثر“ عنوان هيٺ انگريزيءَ
۾ مقالو لکي سال 1927ع ۾ پي ايڇ. ڊي جي ڊگري
حاصل ڪئي هئي. هن ڪاليج جي فارسيءَ جي پروفيسر،
ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي ”خادم“ سنڌ جي فارسي گو
شاعرن جي عنوان تي تحقيق ڪري ڊاڪٽريٽ (Ph.D)
جي ڊگري ورتي.
هن ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن جو فارسي
ادب ۾ تمام وڏو ڪردار آهي. هنن ڪيترن ئي فارسي
ڪتابن جا انگريزي ترجما ڪيا ۽ شاگردن جي
آسانيءَ لاءِ سهولتي ڪتاب پڻ جوڙيا.
عربي
سنڌ ۾ عربي ٻولي ۽ ادب جي پڻ هڪ وڏي
تاريخ آهي. عربيءَ جو اثر ان وقت شروع ٿيو هو،
جڏهن محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪري، هتي اسلامي
قانون لاڳو ڪيو هو. سنڌ کي ’باب الاسلام‘ به
چيو ويندو آهي. سنڌ ۾ ئي قرآن شريف جو پهريون
ترجمو ٿيو هو. سنڌي ٻوليءَ تي عربيءَ جو تمام
گهرو اثر رهيو آهي، جو سنڌي ٻوليءَ جي لکت
عربي اکرن تي آڌاريل آهي. سنڌ ۾ عربي ادب به
تمام گهڻو تخليق ۽ ترجمو ٿيو آهي. سنڌ مدرسي ۽
ڊي.جي. ڪاليج سميت ڪيترن ئي تعليمي ادارن ۾
عربي پڙهائڻ جو بندوبست هوندو هو. ڊي.جي.
ڪاليج ۾، عربيءَ جو الڳ استاد مقرر هوندو هو،
جن ۾ اي.اي. قريشي، شفيع محمد قريشي، پروفيسر
ايم.ڪي. پيرزادو، پروفيسر دريشاڻي، ڊاڪٽر
دائودپوٽو، پرفيسر غلام حسين جلباڻي قابل ذڪر
آهن. هُو عربي ٻوليءَ جي سکيا سان گڏ، عربي
ٻوليءَ جو ادب به پڙهائيندا هئا. انهن ۾ شفيع
محمد ولد حاجي محمد احسن 1921ع ۾ ڪاليج ۾
داخل ٿيو. بي.اي. ۽ ايم.اي. علي ڳڙهه
يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ڪجهه وقت، ڊي.جي.
ڪاليج ۾ عربيءَ جو ليڪچرر ٿي رهيو. ’محمدن
ايجوڪيشن ان سنڌ‘ ۾ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر
مقرر ٿيو.(7)
اردو
پوريءَ سنڌ ۾، اردو ٻوليءَ جي تعليم جو گهڻو
وهنوار، ورهاڱي کان بعد شروع ٿيو. البته،
ورهاڱي کان اڳ، سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي
ڪجهه علائقن ۾ ڪي ٿورا اردو ميڊيم اسڪول قائم
هئا. ورهاڱي کان پوءِ، اردو ڳالهائيندڙن جو هڪ
وڏو تعداد سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اچي آباد ٿيو.
هنن پنھنجي سهوليت لاءِ اردو ميڊيم اسڪول ۽
ڪاليج قائم ڪيا. ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ جتي
سنڌي ميڊيم اسڪول هلندا هئا، انهن کي بند ڪري
اردو ميڊيم اسڪول قائم ڪيا ويا. ورهاڱي کان
پوءِ ڪراچي شهر مان جهڙوڪ سنڌي ميڊيم تعليم کي
اسڪولن ۽ ڪاليجن مان نيڪالي ڏني وئي. ڪراچي
يونيورسٽيءَ پڻ شروع ۾ سنڌي ٻوليءَ جا درواز
بند رکيا.
ورهاڱي کان پوءِ ڊي.جي. ڪاليج ۾، ٻين
ٻولين جي ڀيٽ اردو ادب گهڻو تخليق ٿيو. ان جو
هڪ سبب اهو هو، ته شاگردن توڙي استادن جي
گهڻائي اردو ڳالهائيندڙن جي هئي. ڪاليج ۾
اردوءَ جي تعليم جي سلسلي ۾ ڪورس جي ڪتابن سان
گڏ، شاگرد ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺندا هئا.
شهر جا تمام پڙهيا، لکيا عالم ۽ استادَ هن
ڪاليج سان ڪنهن نه ڪنهن نموني منسلڪ رهيا.
هونئن به ڪراچي شهر ۾ اردو ٻوليءَ جي ترقي ۽
ترويج لاءِ اخبارون، رسالا، ريڊيو، ٽي.وي، ٻيا
ڪيترائي ادارا موجود هئا. ان ڪري اردوءَ جو
وڌڻ هڪ فطري عمل هو. ڊي.جي. ڪاليج جي مختلف
مخزنن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هتي
مختلف وقتن ۾ ادبي جماعتون به قائم هيون ته
مشاعرن لاءِ ’بزم اردو‘ به جوڙيل هئا؛ جيڪي
هفتي يا مهيني سر، هتي پروگرام رچائيندا هئا.
اردو ڊرامن جي سلسلي ۾ 1970ع واري ڏهاڪي
تائين، مستقل ڊراما اسٽيج ٿيندا هئا.
ڊي.جي. ڪاليج جي مخزن ۾ پڻ اردو ادب
جو بهترين ذخيرو پيل آهي، جنهن جا ليکڪ استاد
۽ شاگرد آهن. 1962ع واري ۾ شماري جي اردو
سيڪشن جو نگران سيد محمد هاشم جلالي ۽ مدير
سيد مطاهر رضا نقوي هئا. 1964ع واري شماري جو
نگران سيد محمد هاشم جلالي، سهيڙيندڙ حمزه
محمود خان غوري ۽ مدير اقليم عليم هئا.1967ع
واري شماري ۾ اردو سيڪشن جو نگران پروفيسر
محمد هاشم جلالي ۽ مدير ۽ سهيڙيندڙ محمود ارشد
ڪمال شامل آهن. 1972ع واري مخزن جي اردو سيڪشن
جو نگران پروفيسر شاهد حسين عشقي ۽ مدير محمد
يونس خان آهن. 1981ع واري مخزن جا پروفيسر
شاهد حسين عشقي ۽ ايڊيٽر عامر نويد ملڪ آهن.
1987ع واري مخزن ۾ اردو سيڪشن لاءِ نگران
پروفيسر افتخار اجمل شاهين ۽ مدير طور لبنيٰ
عنايت ڏنل آهن.سال 2000ع وارو اردو سيڪشن
’ڊاڪٽر عبدالقدير خان نمبر‘ طور نڪتل آهي. هن
شماري جي اردو سيڪشن‘ جي سلسلي ۾ نگران
پروفيسر افتخار اجمل شاهين ۽ مدير طور آنسه
عاشي خان شامل آهن. 2008ع جي مخزن جي مطالعي
مان معلوم ٿئي ٿو ته اردو سيڪشن جو انچارج
پروفيسر محمد اقبال ۽ مدير طور سعد احمد سعدي
جا نالا ڏنل آهن. 2010ع ۾ آيل مخزن جي اردو
سيڪشن لاءِ پروفيسر اقباز ناز ۽ مس صفيه بانو
نالا آيل آهن.
حوالا:
1.
I..N
Allen: “Diary of a March through Sindh and
Afghanistan”, p.32
3.
مختيار احمد ملاح: ”اڻويهين صديءَ ۾ سنڌ جي
تعليمي ترقي“، سنڌ آرڪائيوز، حڪومت سنڌ ڪراچي،
2019، ص 162.
ڊي.جي.
ڪاليج جو سنڌي ٻوليءَ
۽ ادب جي ترقيءَ ۾ ڪردار
سنڌ ۾ ناٽڪ نويسيءَ جي اوسر:
سنڌي ناٽڪ جا اهڃاڻ قديم دؤر کان موجود هئا، پر
سنڌي ناٽڪ جو موجوده روپ انگريزن جي حڪمرانن آندو.
خاص طور تي سنڌ ۾ رهندڙ انگريز اهلڪارن پنھنجي
ذاتي وندر لاءِ ناٽڪ منڊليون قائم ڪيون. ان سلسلي
۾ ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور مطابق، ”رائل ٿئيٽر برپا
ٿيڻ کان پوءِ جيئن جيئن ناٽڪ ڏسڻ جو رجحان وڌيو،
ته پوءِ چاهه پٽاندڙ آهستي آهستي ڊرئميٽڪ
سوسائٽيون پڻ قائم ٿيڻ لڳيون هيون، جهڙوڪ: ’دي
ڪراچي فرينڊ ان نيڊ سوسائٽي‘ (1882ع)، ’پيني
ريڊنگس اينڊ ڊرئميٽڪ سوسائٽي‘ (1884ع)، ’ڊرئميٽڪ
ڪلب آف گولسٽر رجمينٽ‘ (1884ع) ۽ ’فرسٽ بٽالين
ڊبليو آر ڊرئميٽڪ ڪلب‘ (1885). ڊراما هنن ناٽڪ
منڊلين جا لکيل هوندا هئا ۽ انهن جا اداڪار گهڻو
ڪري انگريز فوجي آفيسر هوندا هئا.(1)
اهڙيءَ
طرح،
پارسي ۽ گجراتي ڪمپنيون پنھنجا ناٽڪ کڻي اينديون
هيون. انهن ۾’پارسي اوريجنل اوپيرا ڪمپني‘ ۽ ’روز
ٽاورز ڪاميڊي ڪمپني‘ مشھور هيون. الله
بخش”سرشار“عقيلي لکي ٿو ته ”سنڌ ۾ جيڪي ٻاهر کان
ايندڙ ڪمپنيون ناٽڪ اسٽيج ڪرڻ اينديون هيون، سي
پاڻ سان گڏ عارضي ۽ ٻيو ناٽڪن جو سامان کڻي
اينديون هيون. ٻاهر کان ايندڙ انهن ناٽڪ ڪمپنين ۾
پهرين ڊرئميٽڪ ڪمپني هڪ پارسي سيٺ پسٽنجي فرامجي
1877ع ڌاري بمبئي ۾ قائم ڪئي. هن جي مرڻ کان پوءِ
اها ڪمپني ٽُٽي ٻه ڪمپنيون ٿيون. اصلي ڪمپنيءَ جو
نالو ’اوريجنل ٿئيٽريڪل ناٽڪ ڪمپني‘ هو، جنهن جي
ٽٽڻ تي خورشيد جي بالي والا ’وڪٽوريا ناٽڪ ڪمپني‘
۽ ’ڪائوسجي کٽائو‘ ان جي مقابلي ۾ ’الفريد
ٿئيٽريڪل ڪمپني‘ ڪڍي. ڪراچيءَ ۾ انهن ڪمپنين جون
شاخون ’جمعدار جي ڪمپني‘، ’رازل جي ڪمپني‘ ۽
’جميلا جي ڪمپني‘ ڊراما پيش ڪنديون هيون.(2)
ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ايميچوئر ڊرئميٽڪ سوسائٽي
سنڌ ۾
ناٽڪ منڊليون قائم ٿيون، هتي علمي ادبي سوسائٽيون
قائم ٿيون. اهڙيءَ طرح،
سنڌي اسٽيج ڊرامي جي شروعات به ڊي.جي. ڪاليج کان
ٿي.
ڊي.جي.
ڪاليج جي ادبي ڪردار ۽ ڊرامن جي ترقيءَ جي سلسلي ۾
پروفيسر لعل سنگهه اجواڻيءَ لکيو آهي ته: ”سنڌين
جي اوج، تعليم توڙي سنڌي نثر ۽ ناٽڪ نويسيءَ جي
ترقيءَ ۾ ڪراچي ڊي.جي.
سنڌ ڪاليج جو اهم ڪردار آهي. هي ڪاليج پنھنجي قيام
1887ع کان 1921ع تائين سنڌ پرانت ۾ اوچ تعليم جو
واحد ادارو هو. 1937ع ۾ هن ڪاليج جي شاگردن جو
تعدادُ،
سنڌ جي ڪاليجن ۾ پڙهندڙن جي ڪل تعداد کان به وڌيڪ
هو. ويهين صديءَ ۾ ڊي.جي سنڌ ڪاليج جي شاگردن
سنڌي نثر ۽ ناٽڪ جي اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ،
ڇو ته گهڻو ڪري سڀ سنڌي گريجوئيٽ هن ڪاليج جي پيدائش
هئا. پنھنجي قيام جي پهرين ويهن سالن ۾، يعني
1887ع کان 1907ع واري عرصي ۾ هي ڪاليج نثر ۽ ناٽڪ
جي ترقيءَ ۾ مددگار ٿيو.(3)
ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج اميچوئر
ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ جو
قيام
ان دؤر ۾ ڊي.جي. ڪاليج علمي ۽ غير نصابي
سرگرمين جو مرڪز بڻجي چڪو هو، جتي سنڌ جي
شاهوڪار ماڻھن جا ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪندا هئا.
انهن ڏينهن ۾ ڪاليج ۾ هڪ لائبريري ۽ هاسٽل جي
اڏاوت لاءِ پئسا گهربل هئا. هُنن
ڪاليج جي نئين عمارت ۾ منتقل ٿيڻ کان پوءِ شاگردن
جو تعداد وڌڻ ڪري هاسٽل جوڙڻ جي سلسلي ۾ ڪاليج جي
سامهون خالي پيل ميدان تي هاسٽل اڏڻ جي تجويز ڏني
۽ رقم جي سلسلي ۾ صلاح ڏني،
ته رقم جو بندو بست به ڪاليج جي
وائيس پرنسيپل پروفيسر پادشاهه ڪيو. هنن 15 هزار روپين
جي رقم ديوان ڏيارام گدو مل جي وڏي ڀاءُ ديوان
ميٺارام کان حاصل ڪئي ۽ خيرپور جي مير صاحب پڻ 5
هزار روپيا
چندو ڏنو، ڪجهه چندو ڏيارام گدومل پاڻ ۽ سندس
دوستن به ڏنو، پر هاسٽل جي اڏاوت لاءِ اها رقم
اڻپوري هئي. ان وقت ڪاليج ۾ پروفيسر
بي. جي پادشاهه، جيڪو ڪاليج جي غير نصابي
سرگرمين سان لاڳاپيل هو ۽ ڪاليج جو پرنسيپل
پروفيسر جيڪسن، جيڪو خود به ڊراما نويس ۽ اداڪار
هو
۽
انگريزن پاران قائم ڪيل ڊرئميٽڪ سوسائٽين ۾ ڪم
ڪندو هو، تن ڪاليج جي باقي اسٽاف سان ويهي رٿ
جوڙي،
ته ڇو نه وڌيڪ رقم حاصل ڪرڻ لاءِ ڊرئميٽڪ سوسائٽي
قائم ڪئي وڃي، جنهن سان ڊراما اسٽيج ڪري ٽڪيٽ تي
ڏيکاريا وڃن. اها رٿ سڀني کي پسند آئي.
پر هتي اسٽيج ڊرامي جو رواج ڪونه هو ۽ اهو به ٽڪيٽ
تي ڏيکارڻ جو بلڪل نئون تجربو هو.
سنڌ ڪاليج ايميچوئر ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ جي انتظامي
ڪاميٽي
سنڌ ڪاليج ايميچوئر ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ جو افتتاح
13 مارچ 1894ع
تي
پرنسيپل جي آفيس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪاليج جي
استادن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي.(4)
سوسائٽيءَ جا هي
عهديدار چونڊيا ويا:
صدر : ڊاڪٽر جان موسسز جيڪسن
نائب صدر:
پروفيسر
بي. جي پادشاهه
ميمبر:
ڪنول سنگهه پوهومل ملڪاڻي، ڏيئلمل دولترام،
اچلسنگهه ماڻڪ سنگهه آڏواڻي، جوتسنگهه هري سنگهه
آڏواڻي ۽ ڪي ٻيا شامل هئا.
هن سوسائٽيءَ جي ميمبرن ۽ عهديدارن جون
مستقل گڏجاڻيون ٿينديون هيون ۽ فيصلا ورتا ويندا
هئا ۽ وقت به وقت نوان عهديدار پڻ چونڊيا ويندا
هئا. مثال طور، 28 مئي 1917ع واري گڏجاڻيءَ ۾
ريجهومل ايڇ. بي آڏواڻي، پروفيسر شهاڻي، منگهارام
ملڪاڻي کي مختلف عهدن تي چونڊيو ويو ۽ فيصلو ڪيو
ويو ته ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ مرزا قليچ بيگ جو
ڊرامو ”فيروز دل افروز“ ڏيکاريو ويندو.
سنڌ ڪاليج ايميچوئر ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ طرفان
پهريون ناٽڪ
سوسائٽيءَ
پاران 25 مارچ
1894ع
تي
پهريون ڊرامو ڄيٺانند کلڻداس ڀريائيءَ
جو لکيل ”نل دمينتي“ پيش ڪيو ويو. ان ناٽڪ لاءِ
سڄي شهر جي معززن کي دعوت ڏني وئي، جنهن جي ڏسڻ
لاءِ ٽڪيٽ مقرر ٿيل هئي. ڄيٺانند کلڻداس جو ناٽڪ
”نل دمينتي “ مها ڀارت تان ورتل ڪھاڻيءَ تي مبني
هو. هندو ڏند ڪٿا ۾ هن ڪھاڻيءَ
کي وڏي اهميت حاصل آهي. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي
لکي ٿو ته،
”ڄيٺانند جو هيءُ ناٽڪ عبارت ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان
هڪ سٺو ڊرامو آهي ۽ اسٽيج تي ڪافي ڪامياب ويو. عجب
آهي ته سنڌي ناٽڪ جي تاريخ ۾ هيءُ هڪڙو ئي ڊرامو
هو،
جنهن ۾ فقط هڪڙو رواجي راڳ وڌل هو، جو درگاداس
آڏواڻيءَ دمينتيءَ جو پارٽ ڪندي ڳايو هو. هن ناٽڪ
۾ راجا نل جو پارٽ
هيرانند سنتوڪرام وڪيل ڪيو هو.
ستجڳ جو سجانسنگ جڳتياڻيءَ ۽ ڪلجڳ جو ڪنولسنگ
ملڪاڻيءَ ادا ڪيا.(5)
ڊي.جي. ڪاليج، سماجي ڊرامن جي جاءِ تي
ڌرمي ناٽڪن جو رواج وڌو.
شايد ان دؤر ۾ شاهوڪار هندو لوڪ ڌرمي موضوعن ۾
وڌيڪ دلچسپي رکندو هو. هن
سوسائٽيءَ،
ڌرمي موضوعن تي ليلارام سنگ وطڻمل جا مشھور ناٽڪ
جهڙوڪ: ”هرشچندر“ (1900ع)،”موهن تارڪا“، ”سورجن
راڌا“، ”رامائڻ“ (ٻن حصن ۾1898ع)
۽
”دروپدي“ پيش ڪيا. سندس پهريون ناٽڪ مهاڀارت تان
ورتل ڊرامو ”هرشچندر“ هو، جيڪو سال 1895ع ۾
لکيائين. هن ناٽڪ ۾ جيتوڻيڪ سنسڪرت الفاظ استعمال
ٿيل آهن، انهيءَ هوندي به مقفيٰ وڻندڙ لکڻي هئڻ
سبب هيءُ هڪ سٺو ناٽڪ آهي.”موهن
تارڪا“
اصلوڪو ناٽڪ آهي،
جيڪو سال 1896ع ۾ لکيائين، هيءُ هڪ سٺو سماجي ناٽڪ
آهي. هن ناٽڪ ۾ هڪ بيوه جي مکيه مسئلي کي پيش ڪيو
ويو آهي. ”سورجن راڌا“ سندس اصلوڪو ناٽڪ
آهي،
جيڪو 1897ع ۾ لکيو ويو.
هن ۾ مذهب مٽائڻ يعني هندوءَ
مان مسلمان ٿيڻ جي مسئلي کي کنيو ويو آهي. ڊي.جي.
سنڌ ڪاليج ايميچوئر ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ پاران
هيءُ ناٽڪ 1895ع
۾ پيش ڪيو ويو
.
انهيءَ ناٽڪ جو ڪتاب به ڇاپيل صورت ۾ موجود آهي.
هيءُ ناٽڪ ڇهن چهچٽن
۾
106 صفحن تي مشتمل آهي. ان
ناٽڪ جا
مڪالما راڳن ۽ ڪافين ۾ ڏنل آهن.
هيءَ
سوسائٽي
ويهن سالن تائين حيدرآباد ۾ به هر سال ناتال جي
موڪلن ۾ ٽي ڊراما رچائيندي هئي، جتي ٻن راتين ۾
نئون ڊرامو ۽ وچين رات جو گذريل سال وارو ڊرامو
پيش ڪندي هئي. اهو دؤر سنڌ ۾ جديد تعليم جي لحاظ
کان انتهائي نئون هو. ۽ ان کان اگر ڪو ئي ڊرامي جو
روپ هو،
ته اهو انتهائي ڌرمي معاملن تائين محدود هو ۽ رام
ليلا ۽ ڪرشن ليلا وغيره کيڏيا ويندا هئا. سنڌ
ڪاليج ايميچوئر ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ، جيڪي شروع ۾
ڊراما اسٽيج ڪيا، اهي عام ماڻھن جي نفسيات ۽ قسمت
جي معاملن کي پيش ڪندڙ هئا. ڊرامن کي اسٽيج ڪرڻ
کان سواءِ، ڪتابي صورت ۾
به
شايع ڪيو ويندو هو.
هن ڊرئميٽڪ
سوسائٽيءَ
کي مرزا قليچ بيگ مذهبي موضوعن کان آزاد ڪيو. مرزا
قليچ بيگ کي
’سنڌي
ناٽڪ جو علمبردار‘
۽
’سنڌي
ناٽڪ جو شيڪسپيئر‘
چيو وڃي ٿو. جڏهن مرزا صاحب 1880ع ۾ پهريون ڊرامو
”ليلا مجنون“ لکيو هو،
ته ان وقت سنڌ ۾ ڪابه ناٽڪ
سوسائٽي
موجود ڪانه هئي.
پر اها مرزا قليچ بيگ جي تخليقي عمل جي قوت هئي،
جو اوڻويهين صديءَ ۾ ئي سنڌي ناٽڪ بي انتها ترقي
ڪئي. هن سماجي ڊرامن کي اسٽيج تي آندو ۽ شيڪسپيئر
جي ڊرامن جا ترجما
ڪري
اسٽيج تي آندا، جيڪي تمام گهڻا مشھور ٿيا.
ان جو هڪ سبب اهو به هو،
ته اهي ڊراما شاگردن جي ڪورس تي به رکيل هئا.مرزا
قليچ بيگ، هن ڪاليج جي لاءِ ڪيترائي وڏا توڙي
ننڍا ڊراما لکيا ۽ پيش ڪيا، جن
مان هي
مشھور هئا: ”شڪنتلا“،”لوڀي ۽ ٺوڳي“، ”انڪوائري
آفيسر“، ”حسنا دلدار“، ”نيم طبيب خطره جان،
نيم ملا خطره ايمان“، ”شاهه ايليا“، ”شيخ چلي ۽
اڱڻ مسخرو“، ”فيروز دل افروز“، ”شمشاد
مرجانه“،“شهزادو بهرام“ وغيره اهم آهن.
مرزا قليچ بيگ، روسي زبان جي
مشھور ڊراما نگار گوگول جي مزاحيه ڊرامي
(The Government Inspector)
جو سنڌي زبان ۾ ”انڪوائري
آفيسر“
جي نالي سان
ترجمو ڪيو.هن ناٽڪ ۾ غلط فهميءَ
جي بنياد تي ٻهراڙيءَ جي سرڪاري ڪامورن ۽ هڪ
اخباري خاطيءَ جي وچ ۾ ٿي گذريل واقعات، جيڪي
هونئن غير متوقع ڏيکاريل آهن. ڪامورا اخباري
خاطيءَ کي سرڪار جو مخفي
”انڪوائري
آفيسر“
سمجهي هراسجي وڃن ٿا ۽ پريشانيءَ جي حالت ۾ پنھنجي
پنھنجي ظلمن ۽ غلط ڪمن ڪارين جو اقرار ڪن ٿا ۽
ڪوشش ڪن ٿا ته ”انڪوائري آفيسر“ کي ڏيکاريو وڃي ته
سڀ ٺيڪ ٺاڪ آهي ۽ انتظام ۾ ڪٿي ڪابه خرابي نه
آهي.”انڪوائري آفيسر“ کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ
ڦرائي ويهن ٿا. آخر ۾ مٿن صحيح حقيقت ظاهر ٿئي ٿي
ته آيل همراه ڪامورو نه هو، تڏهن کين پشيماني ٿئي
ٿي.(6)
”حسنا دلدار“، شيڪسپيئر جي مشھور ڊرامي
“Merchant of Venice”
جو ترجمو آهي ، جنهن کي مرزا قليچ سال 1897ع ۾
ترجمو ڪيو ۽ ان ڊرامي کي سنڌ ڪاليج ڊرئميٽڪ
سوسائٽيءَ طرفان ڪاميابيءَ سان اسٽيج تي پيش ڪيو
ويو. هي ڊرامو سيرت جي موضوع تي آهي. ڊرامي ۾ سنڌي
ماحول کي پيش ڪيو ويو آهي ۽ ڪردار
خواهه
مقصديت پڻ سنڌي ماحول جي جهلڪ کي ظاهر ڪن ٿا. هن
ڊرامي ۾ اهو ڏيکارو ويو آهي ته وياج خور جي پيسي
جي پوڄا سندس تباهي ٿي آڻي ۽ عاشق دلدار جي درياءَ
دلي کيس سياڻي ۽ بردبار معشوقه حسنا سان ميلاپ ٿي
ڪرائي. مرزا صاحب جي هن ڊرامي جي باري ۾ پروفيسر
منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته،
”قليچ بيگ هن ناٽڪ جو ڏيهي زندگيءَ ۾ الٿو اهڙي ته
ڪاريگريءَ سان ڪيو هو،
جو بنهه اصلي پئي لڳو. هي ناٽڪ جڏهن پهريون ڀيرو
اسٽيج تي آيو هو، تڏهن ڪيترن هندو بزرگن کي ڏاڍي
ٽامڻي لڳي هئي. انهيءَ جو ڪارڻ هو ته
Shylock
وياج خور کي مرزا صاحب يهوديءَ مان ڦيرائي،
هريداس مارواڙي بڻائي ڇڏيو هو ۽ ڪرستان واپاريءَ
Antonioکي
لالا منسک لعل بڻائي اهڙيءَ ريت پيش ڪيو هئائين،
جو هو هندو رڳو نالي ۾ ٿي لڳو، سندس دوستي مسلمان
دلدار
(Bassanio)
سان هئي ۽ هن جو اٿڻ ويهڻ مسلمانن سان ٿي ٿيو.
انهيءَ سمي جي هندن واري ڪٽر ڇوت ڇات منجهس هئي
ڪانه. اهڙيءَ
طرح سان مرزا صاحب هن رومانوي ناٽڪ مان هندو- مسلم
ميلاپ جو ترقي پسند مطلب ڪڍي ورتو ۽ يهودي- عيسائي
نفاق وارو اصلوڪو مطلب ڪڍي ڇڏيائين.(7) مرزا قليچ
بيگ وليم شيڪسپيئر جي مشھور ڊرامي ”ڪنگ ليئر“
(King Lear)
جو الٿو
”شاهه
ايليا“جي
عنوان سان 1900ع ۾ ڪيو. هن ڊرامي ۾ سيرت جي
هيڻائيءَ جي موضوع کي کنيو ويو آهي. هن ناٽڪ جو
مضمون ڏکن ڏاکڙن سان ڀريل آهي.
ان کان سواءِ هن
سوسائٽيءَ
ڏيئومل گاگنمل جو ”رام بنواس“، شيوا سنگ اجواڻيءَ
جو ”ڪشٽ“، ڀيرومل مهرچند جو ”حرص جو شڪار“، ۽
”بزازين جو ناٽڪ“، لوڪسنگ وطڻمل جو ”نشائن کي
نصيحت“ ۽ ڪوڙيمل
چندن مل جو ”سنگ جو پرسنگ“ ڊراما پڻ رچايا. هن
ڊراما
سوسائٽيءَ
جا مشھور هدايتڪار
ڪنول سنگ ملڪاڻي ۽ هيرانند ڀوڄراج آڏواڻي هئا.
جڏهن ته معروف اداڪارن
۾:
درگاداس آڏواڻي، هيرانند سنتوڪرام (وڪيل) سجاڻسنگهه
جڳتياڻي، بجاسنگهه آڏواڻي، حشمتراءِ لوڪ سنگهه،
ڄيٺمل موتيرام لعلواڻي، خوشيرام ساڌواڻي، ڊاڪٽر
چوئٿرام، جوتسنگهه آڏواڻي، ٽيئومل (پرمانند
ميوارام جو ننڍو ڀاءُ) موتيرام گدواڻي، موهن
شهاڻي، وشنو هيراننداڻي، هيرانند ڀوڄراج آڏواڻي،
ڏيئل مل لعلواڻي، تيجو مل شهاڻي (بعد ۾ پرنسيپل
ٿيو) لالچند امرڏنو مل، پهلاجراءِ ڪرپلاڻي ، جهمٽ
مل ڀاوناڻي، موتي جهانگياڻي، گيانچند ٿڌاڻي،
دريانومل سدارنگاڻي، ڌرمداس ڇٻلاڻي، ڀاڳسنگهه
آڏواڻي،
منگهارام ملڪاڻي ۽ ٻيا شامل
هوندا
هئا.
ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ڊرئميٽڪ سوسائٽي ويهن
سالن تائين ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ناٽڪ پيش ڪيا. اهو
چئي سگهجي ٿو ته ان عرصي دؤران سنڌي ناٽڪ سنڌ جي
پڙهيل لکيل طبقي جي سرپرستيءَ هيٺ ترقيءَ جون
منزلون طي ڪيون. اهڙيءَ ريت چندا گڏ ڪري ميٺارام
هاسٽل جوڙائي وئي، جنهن جو افتتاح بمبئيءَ جي
گورنر لارڊ نارٿ ڪوٽ 1900ع ۾ ڪيو. 1914ع ۾ هن
سوسائٽيءَ جو پهريون دؤر ختم ٿيو. ان سلسلي ۾
پروفيسر لعل سنگهه اجواڻي لکي ٿو ته: ”جيستائين
ناٽڪ جو واسطو آهي، پروفيسر
جي.
بي. پادشاهه جي 1894ع ۾ برپا ڪيل
’ڊي.جي.
ڪاليج ايميچوئر ڊرئميٽڪ سوسائٽي‘
اسٽيج جي مد نظر سنڌي ناٽڪ جو پايو وڌو ۽ لکيل
ناٽڪن کي گهڻو همٿايو. 1894ع کان 1914ع جي عرصي ۾
ڪاليج جي ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ گهٽ ۾ گهٽ 15 ناٽڪ
ڪيا ۽ ڇپايا. ليڪن اها سوسائٽي پهرين مهاڀاري
لڙائيءَ جي اثرن کان بچي نه سگهي ۽ ٽٽي وئي“.(8)
سوسائٽيءَ جو ٻيو دؤر
مراد علي مرزا هن
سوسائٽيءَ
جي ٻيهر شروعات جي سلسلي ۾ مرزا قليچ بيگ جي
حوالي سان لکيو آهي ته،
”عجب جي ڳالهه آهي ته ان زماني ۾ اهي ڊراما نه
ذاتي نفعي خاطر لکيا ويندا هئا ۽ نه وري ذاتي
فائدي لاءِ اسٽيج ڪيا ويا. ڊراما نويس ۽ اداڪار
ڪنهن نه ڪنهن نيڪ مقصد کي آڏو رکي ڊراما لکندا هئا
۽ انهن ۾ رول ڪندا هئا. ان ڏس ۾ ڪيترا ئي مثال ملن
ٿا. سن 1911ع ۾ ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ڊرئميٽڪ سوسائٽي
ڪراچي پٺتي پئجي وئي هئي. ان کي وري جيئارڻ لاءِ
پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، جيڪو ان وقت ڪاليج ۾
بي.اي.
جو شاگرد هو ۽ شاگردن طرفان ڪاليج جي ڊرئميٽڪ
سوسائٽيءَ جو رڪن پڻ هو، سو ڪراچيءَ مان ڪهي ٽنڊي
ٺوڙهي حيدرآباد ۾ مرزا قليچ
بيگ
وٽ آيو،
ته ڪو ڊرامو ڏيو ته اسٽيج ڪريون. پروفيسر
ملڪاڻيءَ جي لکڻ مطابق:
مرزا صاحب کيڪار ڪري، ”شهزادو بهرام“ ڊرامي جو
دستخطي نسخو ڪڍي منهنجي حوالي ڪيو،
ته ڀلي وڃي ڇپايو ۽ ڪري ڏيکاريو ۽ سوسائٽيءَ کي
زنده رکو.“(9)
1925ع ۾ ڪاليج جي سالياني جلسي ۾ خانچند درياڻيءَ
جو ننڍو ڊرامو ”سچي سڪ“ پيش ڪيو ويو، جنهن جو
هدايتڪار هو ڪاليج جو پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ۽
اداڪار ڪاليج جا شاگرد هئا.”پروفيسر
منگهارام ملڪاڻي، ڊي.جي. سنڌ ڪاليج (ڪراچي) ۾
پهرين فيلو ۽ ليڪچرر ۽ پوءِ پروفيسر ٿيو. ڊي.جي.
سنڌ ڪاليج ۾ کيس پنھنجي پسند جو سبجيڪٽ ڊراما
انگريزيءَ ۾ پڙهائڻ جي لاءِ مليس. انهيءَ سان گڏ
1924ع ۾ پرنسيپل صاحب سنگهه کيس ڪاليج جي ناٽڪ
سوسائٽي
وري شروع ڪرڻ لاءِ چيو، جيڪا ڪن سببن جي ڪري بند
ٿي ويئي هئي. منگهارام اها ٻيهر شروع ڪئي ۽ چار
سال ڪاميابيءَ سان هلائي، ڪيترائي ڪامياب ناٽڪ پيش
ڪيائين.(10)
تنهن کان پوءِ ڪاليج جي پرنسيپل تيجومل
شهاڻيءَ جي اتساهه ڏيارڻ تي منگهارام ملڪاڻيءَ
1928ع ۾ سنڌ ڪاليج ۾ نئين ناٽڪ
سوسائٽي
برپا ڪئي، جنهن ۾ خانچند درياڻيءَ جو لوڪ ڪھاڻيءَ
تي ٻڌل ”مومل منڙو“ ناٽڪ رچايو ويو. هن ناٽڪ جو
هدايتڪار منگهارام ملڪاڻي هو ۽ مکيه اداڪار هئا:
مُڪند لالا، موتي جڳتياڻي، چندن ميرچنداڻي ۽ ڪشنو
جڳتياڻي. هن نئين ناٽڪ
سوسائٽيءَ
جي برپا ٿيڻ کان ڏهه سال پوءِ 1939ع ۾ سنڌ ڪاليج ۾
پرنسيپل شهاڻيءَ جي رٽائر ڪرڻ واري جلسي تي
شيڪسپيئر جي مشھور ناٽڪ “Midsummer
Night’s Dream” تان
ورتل
”دلسوز
داستان“
جي نالي سان پيش ڪيو ويو. هن ناٽڪ جي هدايتڪاري
خود ليکڪ منگهارام ملڪاڻيءَ
ڪئي،
جڏهن ته اداڪار ڪاليج جا شاگرد هئا.
ڊي.جي.
ڪاليج سرسوتي منڊلي، ڪراچي:
1942ع ڌاري پروفيسر رام پنجواڻيءَ،
ڄيٺانند ناگراڻي ۽ سندس سؤٽ ڪشنچند ناگراڻيءَ جي
سرجوشيءَ
سان ڊي.جي. سنڌ ڪاليج جي شاگردن ۽ استادن ”ڊي.جي.
ڪاليج سرسوتي منڊلي“ قائم ڪئي وئي. هن گروپ طرفان
ڄيٺانند ناگراڻيءَ جا
گامٽو سلسلي وارا مزاحيه ڊراما: ”گامٽو ايڊيٽر“،
”گامٽو بئريسٽر“، ”گامٽو ڊاڪٽر“، ”گامٽو فلم
ڪمپني“، ”گامٽو ايم. ايل.اي“، ”گامٽو گھوٽ“ وغيره
پيش ڪيا ويا، جيڪي ليکڪ پاڻ رام پنجواڻيءَ جي
سهڪار سان اسٽيج تي پيش ڪندو هو ۽ انهن ڊرامن جا
خاص اداڪار به ڄيٺانند ناگراڻي ۽ رام پنجواڻي
هوندا هئا.(11)
1947ع تائين ڊي.جي. سنڌ ڪاليج سنڌي ادب،
ڊرامن ۽ غير نصابي سرگرمين جو محور رهيو.
سنڌ جا خاص طور هندو سنڌي اديب، شاگرد، استاد ۽
ڪيترائي مسلمان استاد ۽ شاگرد انهن سرگرمين ۾ شامل
هئا. ڊرامي جي صنف اسٽيج توڙي ڪتابي صورت ۾ ترقيءَ
جا ڏاڪا تيزيءَ سان پار ڪري رهي هئي. ڊي.جي.
ڪاليج جا ڊراما عام ڊراما ڪونه هئا، ڇو ته ڊي.جي.
ڪاليج اڄ جي سنڌ جي ڪنهن به يونيورسٽيءَ کان تعليم
۽ غير نصابي سرگرمين ۾ اعليٰ ۽ معياري هو. ان جا
ڊراما لکندڙ عام ڪونه هئا، پر ان دؤر جا انتهائي
پڙهيا ڳڙهيا اديب، پروفيسر ۽ شاگرد هئا. هُو
سنڌي سماج جي خوبين ۽ مسئلن کان به واقف هئا،
ته انگريزي ٻوليءَ سميت پوري يورپ جي ڊرامي جي
ترقيءَ کان به واقف هئا. هُو
صرف لکندا ڪونه هئا، پر ڊرامن جي باري ۾ ليڪچر پڻ
ڪرائيندا هئا.(12)
حوالا:
1.
ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور:
”سنڌي ناٽڪ جي تاريخ“، انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ڄام
شورو، 1992ع، ص 18
2.
الله بخش عقيلي ”سرشار“:
”سنڌي ادب ۾ ناٽڪ نويسي“، ماهوار
”نئين زندگي“،
ڪراچي،
اپريل 1954ع
3.
لعل سنگهه اجواڻي (ترجمو: هيرو شيوڪاڻي): ”سنڌي
ادب جي تاريخ“، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، 2007ع، ص
244، 245
4.
Commissioner in Sind Record,
Regarding D.J. College
5.
پروفيسر منگهارام
ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبليڪيشن،
حيدرآباد، 1993ع،
ص 112
6.
مختيار
احمد ملاح: ”سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ “، ثقافت
کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2010ع، ص 138
7.
پروفيسر منگهارام
ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبليڪيشن،
حيدرآباد، 1993ع،
ص 115،116
8.
لعل سنگهه اجواڻي
(ترجمو: هيرو شيوڪاڻي): ”سنڌي ادب جي تاريخ“، سنڌي
ساهت گهر، حيدرآباد، 2007ع، ص 246، 247
9.
مراد علي مرزا: ”قلم
جنين هٿ ۾“، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ
ڪراچي،
2014ع، ص 97، 98
10.
يوسف سنڌي: ”سنڌي ادب هڪ سئو سنڌي اديب“،سچائي اشاعت گهر، دڙو،
2011ع، ص 421
11.
ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور: ”سنڌي ناٽڪ جي تاريخ“، انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي، ڄام شورو، 1992ع، ص 40
12.
مختيار
احمد ملاح: ”سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ “، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي،
2010ع، ص 137، 138
|