ارپنا:
هيءُ ڪتاب ارپيان ٿو، ڊي.جي. ڪاليج جي انگريزيءَ
جي ٻن پروفيسرن: موسيٰ ڪاملاڻي صاحب ۽ ناگپال صاحب
جن کي.
ڊي. جي. ڪاليج ۾ ليڪچراريءَ واري دؤر ۾ سندن ڄاڻ ۽
تجربي مان تمام گهڻو سِکڻ جو موقعو مليو.

- مختيار احمد ملاح
ڇپائيندڙ
پاران
دورِ حاضر جي ليکڪن ۾ مختيار احمد ملاح بيش بھا
ڪتابن جو ليکاري آهي. جنھن جو هر موضوع منفرد ۽
نرالو... نئون ۽ اڻ ڇھيل! سندس موضوع ڏسو: جديد
سنڌي ادب جي تاريخ: شروعاتي دور کان موجووده دور
تائين، سنڌي افسانوي ادب جي تاريخ، سنڌي ٻولي جي
تاريخ، سنڌي رسم الخط بابت سھيڙيل مقالا، سنڌي
ٻوليءَ ۾ جاسوسي ادب، شيڪسپيئر: سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ
۾، مغربي سنڌ شناس ۽ مشرقي سنڌ شناس... ۽ ان
کانسواءِ هڪ ليکڪ جو تخليقي سفر: امرجليل جي شخصيت
۽ فن (اينٿالاجي)، ظفر حسن جي شخصيت ۽ ڪھاڻيون...
۽ ٻيا ڪيترائي موضوع...
جن ۾
خاص ڪري سنڌ جي تعليمي تاريخ بابت سنڌي ۽
انگريزيءَ ۾ تحقيق ڪري، برٽش دور جي تعليمي نظام ۽
اسڪول يا ڪاليج جي بانيڪارن جو احوال قلمبند
ڪرڻ... جن ۾ ”اُڻيھين صديءَ ۾ سنڌ جي تعليمي ترقي“
يا وري نورمحمد هاءِ اسڪول جي باني ”نورمحمد لاکير
جون تعليمي خدمتون“ جھڙا انمول ڪتابَ شايع ڪرائي
منظرِعام تي آڻڻ... اِهي سڀ سندس اَڻٿڪ محنت جو
ثمر آهن ۽ هاڻي ان ئي سلسلي جو ڪتاب ”ڊي. جي.
ڪاليج ڪراچيءَ جون تعليمي ۽ ادبي سرگرميون“ به
سندس هڪ املھه ڪاوش آهي.
هيءُ ڪتاب ”ڊي. جي. ڪاليج ڪراچيءَ
جون تعليمي ۽ ادبي سرگرميون“ ليکڪ: مختيار احمد
ملاح، سنڌ جي اوائلي تعليمي ۽ ادبي سرگرمين جي
بنيادي تاريخ جو هڪ اهم ۽ تاريخي دستاويز آهي.
جنھن ۾ هن ڪاليج جو تاريخي پسمنظر، ان جي بانيڪارن
۽ سندن مددگار ساٿين سان گڏوگڏ اتي پڙهي اعليٰ
مقام ماڻيندڙ شخصيتن جي زندگين جو مفصل احوال جامع
انداز ۾ قلمبند ڪيو ويو آهي. هن ڪاليج جي قيام
لاءِ ’عوامي چندو‘ گڏ ڪيو ويو، انھن چندي ڏيڻ وارن
جو تفصيل پڻ هن ۾ ڏنو ويو آهي. جنھن مطابق شروعاتي
طور 160 ماڻھن چندو ڏنو. انھن سڀني علم دوستن جو
روح روان ديوان ڄيٺمل هو، جنھن پنھنجن ساٿين ۽ ٻين
جي مدد سان ڪاليج کولڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ورتي. جنھن
جي نالي سان ”ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج“ منسوب ڪيو ويو.
جڏهن ڪاليج کولڻ جي تحريڪ زور ورتو ته، ان وقت سنڌ
جي تعليم جي چارج مسٽر ’هارٽ ڊيوس‘ جي حوالي هئي.
جنھن کي ڪاليج قائم ڪرڻ تي ڪوبه اعتراض نه هو.
1882ع ۾ ڪاليج ايسوسيئشن پاران ”انڊين ايجوڪيشن
ڪميشن“ کي يادداشت نامو موڪلي ڪراچيءَ ۾ ڪاليج
قائم ڪرڻ جي گهُر ڪئي وئي. وري ٻيھر 1885ع ۾ ڪاليج
جي نمائندن ”انڊين ايجوڪيشن ڪميشن“ کي ڪاليج قائم
ڪرڻ جي لاءِ زور ڀريو. جڏهن ته انھن ڪاليج کولڻ
لاءِ وڌيڪ چندو گڏ ڪري ڏيڻ جي به حامي ڀري.
آگسٽ 1886ع ۾ هند سرڪار ڪراچيءَ ۾ ڪاليج کولڻ جو
اصولي فيصلو ڪري ورتو، ان سلسلي ۾ بمبئي جي گورنر
لارڊي جي سفارش تي مسٽر ’ايڊورڊ جائلس‘ کي سندس
تجربي جي ڪري هڪ سال لاءِ سنڌ ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ
لاءِ موڪليو. بالآخر 15 سيپٽمبر 1886ع ۾ هند سرڪار
منظوري ڏيئي ڪاليج کولڻ جو اعلان ڪيو.
هيءُ ڪتاب پنجن حصن تي مشتمل آهي، پھريون حصو: ڊي.
جي. ڪاليج جي قيام لاءِ ٿيل ڪوششون ۽ قائم ٿيڻ کان
پوءِ انتظام ۽ اڏيندڙ ۽ ٻيو حصو: ڊي. جي. ڪاليج جو
تعليم جي ڦھلاءَ لاءِ مختلف شعبا قائم ڪرڻ تي
مشتمل آهي. ٽئين حصي ۾ ادبي تاريخ بابت تاريخي
احوال ۽ باقي ٻن حصن ۾ هڪ حصو ورهاڱي کان اڳ جي
دؤر ۽ ٻئي حصي ۾ ورهاڱي کان پوءِ واري دؤر جي
تاريخ بيان ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڪتاب جي مواد جو
گهڻو حصو اڳ واري دؤر بابت آهي. بھرحال مجموعي طور
135 ساله قديم ’ڊي. جي. ڪاليج جي تعليمي، ادبي ۽
علمي سرگرمين‘ جي تاريخ آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جي اها ڪوشش رهي آهي ته، علمي،
ادبي ۽ تعليمي تاريخ تي مشتمل اعليٰ درجي جا
معياري ڪتاب سنڌ جي هن ’قومي اداري‘ پاران شايع
ڪرائي منظرعام تي آندا وڃن، ته جيئن تاريخ جي
مختلف دؤرن کي محفوظ ڪري سگهجي. اِن ڏس ۾ مانواري
چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي
دلچسپي تحت بورڊ طرفان معياري، معلوماتي ۽ تاريخي
ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن.
هيءُ ڪتاب ”ڊي. جي. ڪاليج ڪراچيءَ جون تعليمي ۽
ادبي سرگرميون“ به ان سلسلي جي ڪڙي آهي، جنھن جو
پھريون ڇاپو آءٌ پنھنجي ايامڪاريءَ ۾ شايع ڪري
رهيو آهيان. آءٌ بيحد ٿورائتو آهيان بورڊ جي
مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ جن
جو؛ جن جي دلچسپي تحت سنڌي ادبي بورڊ طرفان معياري
ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن.
توقع آهي ته سنڌي ادبي بورڊ جي هيءَ ڪاوش پڙهندڙن
وٽ مڃتا ماڻيندي.
02 جمادي الاول 1446هه
ميرزا
دبير حسين بيگ
05- نومبر 2024ع
هن وقت تائين سنڌ
جي
تعليمي تاريخ بابت ته تمام گهٽ ڪتاب شايع ٿيا
آهن. انهن مان
چند
تعليمي ادارن تي پي ايڇ.ڊي. به ٿي آهي.
ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر جي ٿيسز ”سنڌ
جا اسلامي درسگاهه“ جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ به
شايع ٿي. هن ڪتاب ۾ گهڻو ڪري عربن جي دؤر کان وٺي
اسلامي تعليمات ۽ اسلامي درسگاهن جي معلومات ڏني
وئي آهي.
ڊاڪٽر عظيم الشان حيدر،
ڪراچيءَ جي تعليم جي ترقيءَ
۽ اقتصادي پهلوئن جي خاص حوالن سان پي ايڇ.ڊي.
ڪئي، جيڪا بعد ۾ انگريزيءَ ۾ 1974ع ۾ ڪتابي صورت ۾
شايع ٿي. ٽيون ڪتاب ڊاڪٽر حبيب الله صديقي صاحب
انگريزيءَ ۾
“Education
in Sindh Past & Present”
لکيل آهي
۽ سنڌالاجيءَ
طرفان 1987ع ۾
شايع ٿيل آهي. هيءُ
واحد ڪتاب آهي، جيڪو مڪمل طور تي سنڌ جي تعليم جي
تاريخ تي لکيل آهي، هن ڪتاب ۾ سنڌ جي مختلف دؤرن ۾
سنڌ جي تعليم جو تاريخي جائزو ورتو ويو آهي، جنهن
۾ ديني مدرسا، قابل استاد، تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ
ڪردار، نالي وارا تعليمي ادارا، تعليمي پاليسيون
وغيره شامل آهن.
اڄ تائين سنڌ جي ٻن تعليمي ادارن جي ادبي
ترقيءَ جي ڪردار جي حوالي سان پي ايڇ.ڊيون ٿيون
آهن. انهن
مان
هڪ
عبدالجبار مغل صاحب
جي
”ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد فار مين جو سنڌي ادب ۾
حصو“ هڪ بهترين ڪوشش آهي. جنهن ۾ هن ڪاليج جي قيام، سکيا جي طريقن، سرگرمين، انتظامي
عهديدارن کان وٺي
ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن جي ادبي خدمتن جو
جائزو ڏنو آهي. ان ڏس ۾
ماهوار
”اخبار تعليم“ جو ڪردار شاندار نموني پيش ڪيل آهي.
ٻي ٿيسز،
ڊاڪٽر
ممتاز علي شاهه
بخاريءَ جي ”سنڌ مدرسة السلام جو سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ حصو“ آهي.
هيءَ ٿيسز 2022ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿي آهي. هيءُ ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آھي.
ڀاڱو پهريون پنجن بابن ۾ ورهايل آھي. پهرين باب ۾
سنڌ جي تعليمي تاريخ ڏني اٿس. باقي چئن بابن ۾ سنڌ
مدرسي ٺاهڻ جي پس
منظر، قيام ۽ ڪارڪردگيءَ تي روشني وڌي اٿس. هن ئي ڀاڱي ۾ سنڌ
مدرسي جي بانيءَ، مددگارن، پرنسيپلن وغيره جو ذڪر
ڪيو اٿس.
سنڌ مدرسة الاسلام تي پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي شيخ
جا ٽي ڪتاب انگريزيءَ ۾ لکيل آهن، جن ۾ هي شامل
آهن:
·
Sindh Madressah A Journey through Time (1995)
·
Sindh Madressah’s Role of Honour Luminaries of
Land (1999)
·
Sindh Madressah the Institution and Alumni
(2015)
منهنجيءَ نظر ۾ سنڌ جي تاريخ ۾ ’اين.جي.وي
اسڪول، ڪراچيءَ‘ کي وڏي اهميت حاصل آهي، ڇو ته اهو
سنڌ جي تاريخ جو پهريون سرڪاري اسڪول آهي. پر هن
اسڪول تي، نه ڪا پي ايڇ.ڊي ٿي آهي ۽ نه وري ڪو
ڪتاب ترتيب هيٺ آيو آهي.
جڏهن ته سنڌ جي تاريخي
درسگاهه”ڊي.جي.
سنڌ ڪاليج، ڪراچي“ تي به ڪو خاص ڪم نه ٿيو آهي. هن
ڪاليج کي، آءٌ انگريزن جي دؤر جي حوالي سان ڪنهن
به يورپ جي يونيورسٽيءَ جي معيار جهڙو ڪاليج
سمجهندو آهيان. هن ڪاليج تي هڪ بهترين ڪم
لالسنگهه اجواڻيءَ
جو
“The
Golden Jubilee Book of the Dayaram Jethmal Sindh
College Karachi” (1887-1937)
آهي، جيڪو
1939ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج سلور
جوبليءَ جو شاندار نمبر طور جاري
ڪيو هئائين.
مون کي اعزاز آهي ته آءٌ
ڊي.جي. سنڌ گورنمينٽ
سائنس
ڪاليج، ڪراچيءَ
۾ 2002ع کان 2005ع تائين بحيثيت ليڪچرر ڪم ڪري چڪو آهيان. هيءُ ڪاليج، مون کي هر لحاظ کان متاثر ڪندو
رهيو آهي. ڪاليج ڇڏڻ کان پوءِ به مان ڪيترائي دفعا
اتي
وڃي ڪاليج جي لائبريريءَ ۾ ويهي ڪتاب تلاش ڪيا آهن ۽
مطالعو ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو مون ڪيترائي دفعا ڪجهه دوستن کي
صلاحون ڏنيون ته ڊي.جي. ڪاليج جي علمي ۽ ادبي
خدمتن تي ڪو محقق ڪو ڪتاب لکي يا ڪو شاگرد پي
ايڇ.ڊي ڪري. بهرحال اهو
ڪم
ته ٿي نه سگهيو.
البت مون پاڻ هن ڪاليج جي علمي ۽ ا دبي خدمتن جي جائزي وٺڻ جي
ذميواري قبول ڪئي.
هن ڪاليج جي تاريخ تي ڪم ڪندي محسوس ٿئي ٿو ته هتي
انگريزن جي دؤر ۾ تمام گهڻيون علمي ۽ ادبي
سرگرميون هونديون هيون، پر ورهاڱي جي نتيجي ۾ هتان
جي استادن ۽ شاگردن جي لڏڻ جي ڪري، ادبي سرگرميون
شروع ۾ گهٽ بعد ۾ ختم ٿي ويون.
ڪاليج مان جاري ٿيندڙ مسليني بند ٿي وئي. آزاديءَ
کان پوءِ ڪي سال ميٺارام هاسٽل، سنڌي اديب شاگردن
جي سرگرمين جو محور رهي.
جتي ليڪچر
ٿيا،
ڊراما اسٽيج ٿيا ۽ ادبي سنگت جون گڏجاڻيون ٿيون.
اهڙيون سرگرميون ڪافي سالن کان بلڪل ختم ٿي چڪيون
آهن. هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي،
ته ان دؤر ۾ ڊي.جي.
ڪاليج ۾
جيڪي سنڌي ڊراما
اسٽيج ٿيا يا ڪتابن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيا، انهن کي
گڏي ڪتابي صورت ۾ آڻجي ۽ تاريخي ورثي کي محفوظ ڪيو
وڃي.
هن ڪاليج سان منهنجون پنھنجون يادون به
وابسته آهن. جڏهن 2002ع ۾ هن ڪاليج ۾ ليڪچرر مقرر
ٿي آيس،
ته ان وقت انگريزي شعبي جو انچارج پروفيسر موسيٰ
ڪاملاڻي هوندو هو. ڇا ته شاندار شخص ۽ استاد هو.
سندس ڪلاس شاگردن سان هر وقت ڀريل هوندا هئا. جهڙو
استاد بهترين هو، اهڙو شخص شاندار هو. سندس پيدائش
ڪلڪتي جي آهي. 1964ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ
مان انگريزي ادب ۾ ايم.اي.
ڪيائين. 1986ع کان 2003ع تائين ڊي.جي. ڪاليج ۾
خدمتون ڏيندو رهيو. ڪاليج ۾
سندم
ليڪچرر طور مقرر ٿيڻ جي ڪجهه مهينن
کان پوءِ
سائين
ڪاملاڻي
نوڪريءَ تان رٽائرڊ ڪري هليو ويو. کانئس
پوءِ انگريزي شعبي جو انچارج پروفيسر ڪي.ايس.
ناگپال ٿيو. هڪ بهترين استاد، شخص، صوفي منش انسان
آهي. هو بهترين شاعر ۽ اديب به آهي. سندس وسيع ڄاڻ
جي سبب، هر وقت عقيدت رکندڙ ماڻهو وٽس موجود رهندا
آهن.
زندگيءَ
۽ مذهبي فلسفي تي بهترين انداز ۾ ڳالهائي سگهندو
آهي. ڪاليج ۾ رهڻ دؤران
وٽانئس
تمام گهڻو سکڻ جو موقعو مليو. سائين کان علاوه،
ميڊم طاهره موسوي انگريزي شعبي جي ليڪچرر هوندي
هئي.
پوءِ تمام جلد اسسٽنٽ پروفيسر طور سندس ترقي ٿي.
هر وقت مصروف رهندي هئي.
جيئن چوندا آهن ته:
As busy as bee.
شاندار ۽ مهذب خاتون آهي. ٻين ليڪچررن ۾ صغير احمد
ميراڻي ۽ رياض احمد ڏهر به گڏ هوندا هئا. اسان
گڏجي هڪٻئي جا ڪلاس وٺندا هئاسين. شايد ئي اهڙو
موقعو آيو هجي، جو انگريزي شعبي جو ڪوبه ڪلاس
خالي ويو هجي. سنڌي شعبي جي سربراهه، پروفيسر علي
راز شر جي اسان سان ڪافي دوستي هوندي هئي. هُو هر
وقت اسان سان انگريزي شعبي جي آفيس ۾ ويٺو هوندو
هو. اردو ادب جو پروفيسر شاهد ڪمال ۽ فزڪس جو
پروفيسر شباهت رضا به اڪثر ڪچهرين ۾ شامل ٿيندا
هئا. اهڙيءَ طرح ڪلاس وٺڻ کان پوءِ هر وقت ادبي
ڪچهري هلندي رهندي هئي، جهڙوڪ ڪا ادبي سوسائٽي
ٺهيل هجي.
سائين علي راز شر هميشه چوندو هو ته هن هڪ
ناول لکيو آهي، جيڪو جلد شايع ڪرائيندو. هڪ ڏينهن
سائين، ميٺارام هاسٽل جي ٻاهران ڪاليج ۾ داخل ٿي
رهيو، ته ٻئي طرف هڪ ڇِتي ڪُتي ڪاليج جي هڪ
ميڊم تي حملو ڪري ورتو، سائين راز ويچارو ميڊم کي
ڇڏائيندي پاڻ ڏاڙهجي ويو. هڪدم ذاتي خرچ تي پيٽ ۾
ريبيز (Rabies)
جون ٻارهن سيون (انجيڪشن) هڻائي آيو ۽ ناول جي
اشاعت تي خرچ لاءِ رکيل پيسا ڪُتي جي سُئيُن تي
خرچ ٿي ويس. ان کان پوءِ اسان کيس روز چيڙائيندا
هئاسين ته، ”راز صاحب جو ناول، ڪتو کائي ويو.“
اهڙا ٻيا به کوڙ واقعا ڪاليج جا اڃا به ياد آهن.
ڪاليج ۾ ڪم ڪندي محسوس ٿيو ته شاگردن جي
هڪ وڏي تعداد کي خبر ئي نه هئي ته آخر ’ڊي.جي.‘ جو
مطلب ڇا آهي ۽ اهو ڪنهن جي نالي جو مخفف آهي؟
اهڙيءَ طرح، گهڻن ڪراچيءَ جي اردو ڳالهائيندڙ
پروفيسرن کي به ’ڊي.جي.‘ جي خبر ڪانه هئي. ان کان
وڌيڪ ڏکائيندڙ ڳالهه، اها هئي، ته ڏيارام ڄيٺمل جو
مجسمو، جيڪو ڪاليج جي ڏاڪڻ تي رکيل هوندو هو، ان
کي ڪيترائي شاگرد پان ٿوڪي ويندا هئا. هڪ ڏينهن
ڪاليج جي پرنسيپل کي عرض ڪيم ته سائين! اهو مجسمو
اتان کڻائي ڇڏيو، هتان جي ماڻھن کي سنڌ جي قدردانن
جو قدر ڪونهي. سائينءَ منهنجي گذارش تي اهو مجسمو
کڻائي ڇڏيو.
ڊي.جي. ڪاليج کان اڳ، مون فيڊرل ڪاليج،
ڪراچي ڪينٽ (گرلس ونگ، مناولا) ۾ ست اٺ مهينا
پڙهايو هو. ان کان پوءِ گورنمينٽ آشا ڀاواني ڪاليج
۾ اَٺ ڏهه مهينا ليڪچرر رهي چڪو هوس. آشا ڀاواني ۾
مون ڪاليج طرفان هڪ مخزن مرتب ۽ ايڊٽ ڪيو هو. جڏهن
مان ڊي.جي. ڪاليج آيس، ته ذهن ۾ پئي آيو ته
ڊي.جي. ڪاليج جي علمي ۽ ادبي تاريخ تي ڪو ننڍڙو
ڪتاب تيار ڪجي. ان سلسلي ۾ مون ڪجهه مضمون وقت
بوقت لکيا هئا، جن مان ڊي.جي. ڪاليج جي مسلينيءَ
بابت لکيل منهنجو مضمون رسالي ٽماهي ”مهراڻ“ ۾
شايع ٿيو هو. ڊي.جي. ڪاليج جي ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ
وارو مضمون ماهوار ”پيغام“ ۾ شايع ٿيو هو. ڊي.جي.
ڪاليج جي تاريخ تي لکيل مضمون روزاني ”عوامي آواز“
جي هفتيوار ميگزين ۾ شايع ٿيو هو. اهڙيءَ طرح ڪجهه
ٻيا مضمون به لکيل هئا. ان کان علاوه، سنڌ
آرڪائيوز لائبريري ڪراچيءَ مان 1887ع کان 1895ع
واري سرڪاري فائيل مان مواد کڻي آيو هئس ۽ ڪجهه
ٻين ڪتابن مان به مواد گڏ ڪري رکيو هئم، جن ۾ خاص
طور تي ڪاليج جي سلور جوبليءَ وارو نمبر شامل هو.
هيءُ ڪتاب بنيادي طور پنجن حصن تي مشتمل
آهي. پهريون ڊي.جي. ڪاليج جي قيام لاءِ ڪوششون،
قيام کان پوءِ انتظام ۽ اڏيندڙ، ٻئي حصي ۾ ڊي.جي.
ڪاليج جو تعليم جي ڦهلاءَ جي سلسلي ۾ ادارن، جهڙوڪ
سائنس، انجنيئرنگ، ايگريڪلچر، ڪامرس، آرٽس، قانون
جا شعبا برپا ڪرڻ. جڏهن ته ٽيون حصو، ڪاليج جو
ادبي تاريخ جي حوالي سان آهي، جنهن ۾ ادبي
جماعتون، سوسائٽيون، رسالا، ڪتاب ۽ اديب اچي وڃن
ٿا. اهڙيءَ طرح ڪتاب، ٻن دؤرن ۾ ورهايل آهي. هڪ
ورهاڱي کان اڳ جو دؤر ۽ ٻيو ورهاڱي جي بعد جو دؤر.
ان سلسلي ۾ ورهاڱي کان اڳ جو دؤر ڀرپور آهي. ڪتاب
جي مواد جو گهڻو حصو ان دؤر بابت آهي. جڏهن ورهاڱي
جي بعد واري دؤر تي تمام گهٽ لکيل آهي. ان جو سبب
اهو آهي، ته ورهاڱي کان اڳ وارو دؤر گهڻي قدر
رسالن، ڪتابن ۽ سرڪاري فائيلن ۾ محفوظ ٿيل آهي.
ورهاڱي کان بعد واري دؤر کي نه ڪنهن ڪتاب محفوظ
ڪيو آهي، نه وري ڪاليج جي اختيارين. هن وقت ڪاليج
۾ شايع ٿيل مسلينين جا پرچا ئي ڪونهن. افسوس آهي
ته 1947ع کان ڪاليج جا سموار مخزن به محفوظ پيل نه
آهن. نه ڪنهن ادبي جماعت جو رڪارڊ آهي، نه وري ڪو
ڪتاب يا رسالو محفوظ آهي، ۽ نه وري هن ڪاليج سان
وابسته اديبن جي ڪا لسٽ موجود آهي. ٻيو سبب اهو
به آهي ته ورهاڱي کان بعد وارو ڪاليج، صرف سائنس
جي فيڪلٽيءَ تي محدود رهيو آهي، ان ڪري ادبي
سرگرميون نه ٿيون آهن. سنڌي ٻوليءَ جي ڀيٽ ۾ اردو
۽ انگريزي ادب گهڻو لکيو پڙهيو ويو آهي، پر ان جي
به ڪنهن سهيڙ نه ڪئي آهي.
ڪتاب جو چوٿون حصو ڊي.جي. ڪاليج جي
استادن، عالمن ۽ شاگردن جي علمي ۽ ادبي خدمتن جي
باري ۾ آهي. جڏهن ڊي.جي. ڪاليج جي ادبي خدمتن کي
جاچڻ لڳس ته بيشمار اهڙا شاگرد نظر آيا، جن جا
ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن. انهن سڀني کي هن ڪتاب ۾
شامل ڪرڻ ممڪن نه هو. ان ڪري ڪي ٿورا، هن ڪتاب ۾
شامل آهن. هتي اها ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته، هن
ڪاليج مان سنڌي مسلمانن جو گهڻو تعداد نڪتل نه
آهي، ان ڪري گهڻو ڪري سنڌي هندن جو ادبي ڪردار
وڌيڪ نظر اچي ٿو، جنهن ۾ ادب کان سواءِ ٻين شعبن ۾
به سندن ڪتاب لکيل نظر اچن ٿا. ٻي وضاحت هيءَ به
آهي ته ورهاڱي کان بعد جي سنڌي اديبن جو تعداد
تمام گهٽ آهي ۽ اردو اديبن جي ڪٿي به معلومات ڏنل
نه آهي. ان ڪري، ڪتاب جو اهو حصو گهڻو ڪري ٻسو ٻسو
نظر اچي ٿو. بهرحال، هيءُ ڪتاب ڊي.جي. ڪاليج جي
علمي ۽ ادبي ڪردار جي حوالي سان هڪ ننڍڙي ڪوشش
آهي، ان کي ڪا ادبي تاريخ چئي نه ٿو سگهجي. ورهاڱي
کان اڳ، ڊي.جي. ڪاليج ۾ انگريزي، گجراتي ۽ سنڌي
ادب جي نشونما ٿي. ورهاڱي کان پوءِ، انگريزي ۽
اردو جو دؤر رهيو ۽ ڪجهه قدر سنڌيءَ ۾ لکيو ويو
آهي. جڏهن ته هيءُ ڪتابُ گهڻي ۾ گهڻو سنڌي ادب تي
آڌاريل آهي، ۽ انگريزي ڪتابن جو صرف ذڪر آيل آهي.
اسان کي خبر آهي ته هن ڪاليج مختلف شعبن ۾ هونهار
شاگرد پيدا ڪيا آهن. ڪتاب جي پنجين حصي ۾، ڊي.جي.
ڪاليج مان فارغ التحصيل ڪجهه مشھور شاگردن جي باري
۾ انتهائي مختصر معلومات پڻ ڏنل آهي، ڇو ته اهو هڪ
الڳ بحث آهي ۽ ان موضوع تي هڪ الڳ ڪتاب لکي سگهجي
ٿو. بهرحال، هن ڪتاب جو پنجون حصو انهن شاگردن جي
باري ۾ آهي، جن سنڌي معاشري تي ڪنهن نه ڪنهن نموني
اثر ڇڏيا آهن.
مجموعي طور تي، هيءُ ڪتاب هڪ ننڍي ڪوشش
آهي 135 ساله قديم ڊي.جي. ڪاليج جي علمي ۽ ادبي
خدمتن کي سهيڙڻ جي. ان ڪري ڪتاب ۾ ڪافي شيون رهجي
ويون هونديون، ڪن جو ذڪر ئي نه آيو، ته ڪن جو بلڪل
مختصر. ڇو ته ڪوبه اهڙو ڪتابُ يا حوالو موجود نه
هو، جنهن مان مختلف دؤرن ۾ ڊي.جي. ڪاليج جي ادبي
ڪردار جي معلومات ڏنل هجي. ان حساب سان، هيءُ ڪتاب
پهرين ڪوشش آهي، جنهن ۾ ڪمين ڪوتاهين جو هجڻ فطري
آهي. پر اميد ته مستقبل جا محقق، ان ڏس ۾ وڌيڪ
ڪوششون وٺندا ۽ ڪاليج جي انگريزي توڙي اردو ادب جي
ڪردار تي الڳ الڳ ڪتاب لکندا يا پي ايڇ.ڊي. وغيره
ڪندا، ته نيون حقيقتون سامهون اچي پونديون.
هن ڪتاب جي لکڻ جي سلسلي ۾، خاص طور تي
مواد ۽ مشوري جي لحاظ کان ڪيترن ئي دوستن ۽ استادن
جي مدد شامل آهي. جن ۾ خاص طور تي سائين ڊاڪٽر
انور فگار هَڪڙو صاحب، آرڪائيوز لائبريريءَ مان
نعيم دائودپوٽو صاحب، سنڌالاجي لائبريريءَ مان
ڊاڪٽر وحيد جتوئي صاحب، سنڌي ادبي بورڊ مان ميرزا
دبير صاحب، ڊي.جي. ڪاليج مان پروفيسر سردار بخش
وڌو صاحب، ٻولي اٿارٽيءَ مان آصف صاحب ۽ ڪي ٻيا
شامل آهن. پر سڀني کان وڌيڪ لک ٿورا ۽ مهربانيون
سائين مخدوم سعيدالزمان صاحب، چيئرمين سنڌي ادبي
بورڊ جن جا، جنهن هن ڪتاب جي اهميت جو قدر ڪندي
اُن جي اشاعت جي منظوري ڏني ڪتاب توهان تائين
پهچايو.
مختيار احمد ملاح
ڪراچي |