سنڌ آرٽس (ڊي.جي.) ڪاليج جو
قيام
۽ انتظام
بمبئي پريزيڊينسيءَ جي
گورنر
ڊونالڊ جيمس ميڪي لارڊ ري
17 جنوري 1887ع تي
مسٽر شونداس چاندومل سان گڏ،
ڪچهري روڊ ۽ بندر روڊ جي گڏجڻ واري هنڌ،
ٺٽائي ڪمپائونڊ ۾ هڪ مسواڙ واري بنگلي ۾ سنڌ
آرٽس ڪاليج جو بنياد رکيو. ان موقعي تي سنڌ جو
ڪمشنر
سر هينري نيپيئر
بروس
ارسڪن، ڪراچيءَ جو ڪليڪٽر
رابرٽ
جائلس،
جوڊيشل ڪمشنر انِ سنڌ مسٽر اِي. سي. ڪينڊي،
ايجوڪيشنل انسپيڪٽر سنڌ مسٽر ايڊورڊ جائلس،
ڪاليج ايسوسيئيشن
جا ميمبر،
لوڪل باڊيءَ جا ڪي نمائنده،
ٻيا اعليٰ عملدار ۽ معزز شهري وڏي تعداد ۾
موجود هئا. جنهن بنگلي ۾ ڪاليج قائم ڪيو ويو،
اهو بنگلو ٻن ڊپٽي ڪليڪٽرن ديوان شيونداس ۽
ديوان ٽيڪمداس جي ملڪيت هو.
ديوان شيونداس ۽ ديوان ٽيڪمداس ٻئي ڪراچيءَ ۾
رهندڙ ڀائر هئا ۽ ٻئي منشيءَ جي عهدي تان
ترقي ڪندي ڊپٽي ڪليڪٽر جي
منصب تان
رٽائر ٿيا. هنن ڪاليج فنڊ ۾ چندو پڻ ڏنو هو ۽
’سنڌ
ڪاليج ايسوسيئشن‘
جا بنيادي ميمبر هئا. ”موجوده
سول اسپتال ڪراچيءَ جي ڀرسان سندن بنگلو قائم
هو، جيڪو هنن ڪاليج جي قيام لاءِ ڪرائي تي
ڏنو. ان بنگلي ۾ پهرين ماڙ تي ڪلاس ۽ هيٺ
پرنسيپل آفيس هوندي هئي“.(1)
ياد رهي ته اڳتي هلي ان ساڳئي بنگلي ۾ ’ڪراچي
پڪچر هائوس‘ جوڙيو ويو هو.
ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف جي ڀرتي لاءِ اشتهار
انتظام جي حوالي سان 11 آڪٽوبر 1886ع واري سب
ڪميٽيءَ جي فيصلي موجب ڪاليج جو پرنسيپل ڪوبه
انگريز آفيسر رکيو ويندو. پرنسيپل جي مقرري،
ٽي.بي. ڪرڪاهم، سينٽرل ڊويزن جي ايجوڪيشنل
انسپيڪٽر جي سفارش تي ڪئي ويندي.
پرنسيپل جي عهدي لاءِ اشتهار ان دؤر جي
برطانوي اخبارن ۽ رسالن جهڙوڪ:Times,
Engineering, Athenaeum, Naturo
۾ شايع ڪرايو ويو.
ڊاڪٽر ايم.آر. وامسلي،
ڊي. سائنس (لنڊن) کي پهريون پرنسيپال مقرر ڪيو
ويو،
جيڪو بنيادي طور انجنيئر هو.(2)
ڪاليج جي ٻئي اسٽاف لاءِ ، هندستان جي مشھور
اخبارن جهڙوڪ:
Bombay Gazette, The Times Of India
۽
Pioneer
۾ اشتهار ڏنو ويو. ڪاليج لاءِ هيٺيون اسٽاف
مقرر ڪيو ويو:
1.
بورجوجي جيمسجي پادشاهه، بي.اي.
وائيس پرنسيپل ۽ پروفيسر منطق، اخلاقيات،
فلسفو ۽ سياسي معاشيات، پگهار 400 روپيا
2.
بهمڀائي جيونجي نائڪ، ايم.اي. پروفيسر
مئٿيميٽڪس،
پگهار 300 روپيا،
3.
ويجناٿ ڪاشيناٿ راجويد، پروفيسر سنسڪرت ۽
اسسٽنٽ پروفيسر انگريزي، پگهار 250 روپيا
4.
محمد جعفر مخلص علي مرزا، پروفيسر فارسي،
پگهار 125 روپيا.(3)
ڊي.جي. ڪاليج جي خوشنصيبي اها هئي،
جو ان ۾ ان دؤر جا لکيل پڙهيل ۽ قابل استاد
شامل ٿيا. شروع ۾ 1887ع-1888ع
۾
پروفيسرن جو انگ 5 هو،
1898-1897ع
۾ 6 هو ۽ پوءِ اهو تعداد آهستي آهستي وڌندو
ويو.پروفيسرن ۾ مسٽر آگسٽس روڊلف ڪروزو 1906ع
کان 1909ع
تائين ڪاليج ۾ لاطيني پڙهائيندو هو. ننڍيءَ
عمر ۾ سندس وفات ٿي وئي. مسٽر
ڀوڄسنگهه گرڏنومل (ديهانت 1938ع)، 1892ع ۾
سنڌ جي تاريخ جو پهريون سائنس جو گريجوئيٽ
هو. سياست ۽ وڪالت ۾ به نالو ڪمايائين.
مسٽر فرئمر ايدلجي ڊنشا، هن ڪاليج سان
وابسته هو، بعد ۾ امپيريل بئنڪ آف انڊيا جو
ڊائريڪٽر بڻيو. تاراچند تلسيداس سوڍا، هن
ڪاليج جو پهريون شاگرد هو، جيڪو انگلينڊ ۾
آءِ.سي.ايس.
جو امتحان ڏيڻ ويو هو. اهڙيءَ
طرح،
ٻيا به ڪيترائي استادَ
هن اداري سان وابسته رهيا، جن مختلف شعبن ۾
نالو ڪمايو.
ڪاليج جا شروعاتي شاگرد
ڪاليج جي افتتاح واري ڏينهن تي داخلا
وٺندڙ صرف 28 شاگرد هئا.
ٺٽائي ڪمپائونڊ واري عمارت ۾ هيٺ پريويس ۽
بي.اي.
جا شاگرد ويهندا
هئا. ڪاليج جي آفيس به هيٺ هوندي هئي، جڏهن ته
پرنسيپل جي آفيس پهرين منزل تي هوندي هئي.
ڪاليج ۾ ڪابه لائبريري ۽ ليبارٽري ڪونه هئي.
شروع وارن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر جيڪسن، جيستائين
ڪرائي تي بنگلو نه ورتو هو، اهو به ڪاليج ۾
پنھنجي آفيس ۾ ئي رهندو هو.
31 مارچ 1887ع تي
شاگردن جو تعداد وڌي 49 تي پهتو. ڪاليج جي
پهرين بيچ ۾ ڪوبه شاگرد ننڍيءَ
عمر وارو نه هو.
شاگردن جي عمر 20 کان 35 سالن جي وچ ۾ هئي.
ڪاليج جي شروع ٿيڻ سان ئي انتظامي
ڪميٽيءَ بمبئي يونيورسٽيءَ سان الحاق ڪرڻ لاءِ
گذارش ڪري ڇڏي. اپريل 1887ع ۾ يونيورسٽيءَ صرف
پريويس ۽ بي.اي.
جي پهرين سال جي شاگردن لاءِ انرولمينٽ جي
اجازت جاري ڪئي، پر 1889ع-
1888ع ۾ بي.اي. ۽ بي.ايس.سي. جي سمورن شاگرن
جي اجازت ڏئي ڇڏي.
هن ڪاليج جي شروعاتي شاگردن ۾ ھي نالا اچي وڃن
ٿا: بولچند ڏيارام عالمچنداڻي، ليلارام ڄيٺمل
عالمچنداڻي، بصرمل تاراچند، ويڙھومل لوڪومل،
چنديرام دولترام، پوهومل ڀاوناڻي، خوبچند
چئناڻي، دؤرابجي سهرابجي، عبدالقادر عمر خان،
آسودومل گلراجاڻي، قيمتراءِ گاگنداس،
گدومل جهانگياڻي
۽ ڪي ٻيا.
نومبر
1887ع ۾ پهرئين ٿيندڙ بي.اي. (B.A)
جي امتحان سال پهرئين ۾ ڪل 17 شاگرد شريڪ ٿيا،
جن مان فقط ٽي پاس ٿيا. هتان سڀ کان پهرئين
واڌو مل اُڌارام، نومبر 1888ع ۾ بي.اي. (B.A)
جو امتحان پاس ڪيو، پهريون مسلمان شاگرد جنهن
هتان بي.اي. (B.A)
جو امتحان پاس ڪيو، اهو يوسف علي مانڊوي والا
هو.
واڌومل اُڌارام
منسکاڻي ڪاليج جو پهريون گريجوئيٽ
هو.
ڪندنمل لالواڻي پهريون بي.ايس.سي.
ڪندڙ
هو.
مس ماٽلڊا هنٽ پهرين شاگردياڻي ھئي.
شاگردن جو تعداد وڌڻ سبب اپريل 1889ع ۾ ان کي
بندر روڊ تي سنڌي جيم خاني لڳ،
ايدلجي ڊنشا وارن جي هڪ ٻه ماڙ وڏي بنگلي ۾
منتقل ڪيو ويو. ان دؤران ڪاليج لاءِ پنھنجي
عمارت ٺهرائڻ لاءِ ڪوششون جاري رهيون ۽ پيسا
جمع ڪيا ويا. سال 1889ع-1888ع
۾ شاگردن جو تعداد 72 هو، 1890ع-1889ع ۾ اهو
انگ وڌي 105 تي وڃي پهتو.
ڪاليج
جي موجوده عمارت جو افتتاح:
ڊي.جي. ڪاليج جي خوبصورت عمارت ڪراچي
ميونسپلٽيءَ جي مشھور آرڪيٽيڪٽ جيمس اسٽريچن (James
Strachein)
ڊزائين ڪئي هئي. رام باغ ڪوارٽرز ۾ ٺهندڙ هن
عمارت لاءِ موزائڪ ٽائلز (Mosaic
Tiles)
بيلجيم مان گهرايا ويا هئا. پهرئين نظر ۾
عمارت کي ڏسندي محل جو تصور ٿئي ٿو. مکيه گيٽ
تي خوبصورت پلرن تي مٿي پيشانيءَ تي گهڙيال
لڳل هوندو هو، مٿي گنبذ به انتهائي خوبصورت
آهي. در ۽ درين تي ڪاٺ جو نفيس ڪم ٿيل آهي.
عمارت جي اڏاوت اٽالين نشاط ثانيه (Italian
Renaissance)
اسٽائيل تي ٺهيل آهي. ڪٿي ڪٿي سنڌ مدرسي وانگر
گوٿڪ طرز اڏاوت جا منظر به عمارت ۾ ڏسڻ ۾ اچن
ٿا. عمارت جي پيڙهه جو پٿر، وائسراءِ هند لارڊ
ڊفرن پنھنجيءَ زال ليڊي ڊفرن سان گڏ، 15
نومبر 1887ع تي رکيو هو. ڪاليج جو رخ ڪچهري
روڊ ڏانهن آهي، سامهون واري ڊيگهه 431 فوٽ
آهي. مکيه گيٽ ۽ فٽ پاٿ زمين کان پنج فوٽ مٿي
رکيل آهي. مکيه گيٽ تي 29 فوٽ ڊگها گول ۽
چوڪور پلر آهن، جن عمارت کي وڌيڪ خوبصورت
بڻائي ڇڏيو آهي. ڪاليج جو ٿيٽر هال
34x54
فوٽ آهن ۽ 35 فوٽ مٿي هوادار آهن، ڪاليج ۾ 30
ليڪچر روم آهن، پرنسيپل جو بنگلو به پٿر جي
خوبصورت اڏاوت جو شاهڪار آهي، جيڪو ڪنهن محل
کان گهٽ نه آهي.(4)
هن عمارت جو ٺيڪيدار هڪ مارواڙي سلاوٽي نبي
بخش سيسوڊيا هو. جنهن جي نالي سان ڪراچيءَ ۾
هڪ ٿاڻو ۽ روڊ منسوب هو.
1870ع تائين هيءُ علائقو برنس گارڊن جو حصو
هو. ڪراچي ميونسپلٽي، ڪاليج عمارت لاءِ مفت
زمين مهيا ڪئي. حڪومت به هن سلسلي ۾ مالي مدد
ڪئي.
ڪاليج جي عمارت جو نقشو ڪي.ايم.سي.جي سيڪريٽريءَ
انجنيئر جي.
اسٽريچن تيار ڪيو، جنھن ڪري ڪاليج جي سامهون
واري روڊ جو نالو
’اسٽريچن
روڊ‘
رکيو ويو، جيڪو اڄ به ان نالي سان سڏجي ٿو.
ڪراچيءَ جون ڪيتريون ئي مشھور عمارتون مسٽر
اسٽريچن جون ڊزائين ٿيل هيون. 16 هزار 485
چورس والن تي موجوده عمارت ڇهن سالن اندر تيار
ٿي ۽ 1892ع ۾ ڪاليج هتي منتقل ڪيو ويو. مجموعي
طور تي ڪاليج جي عمارت تي
1,86,514
روپيا
خرچ آيو هو، جنهن مان سرڪار
97, 193
روپيا
خرچ ڪيو هو“.(5)
ڪاليج جي عمارت جي ڪم جي تڪميل کان پوءِ، ان
جو افتتاح 15 آڪٽوبر 1893ع تي ڪمشنر سنڌ،
ايوان جيمس ڪيو هو. ياد رهي ته مسٽر
ايڇ.ايم.جيمس (1846ع-1923ع)
جي نوڪريءَ جو گهڻو عرصو سنڌ ۾ گذاريو
هو. هُو
اسسٽنٽ ڪمشنر مان ڪمشنر جي عهدي تي پهتو ۽ سنڌ جو
طويل عرصي (1891ع کان 1900ع)
تائين
ڪمشنر رهيو.
مسٽر جيمس 1893ع ۾ ڊي.جي.
ڪاليج جي نئين عمارت جي افتتاح جي موقعي تي هڪ
شاندار تقرير ڪئي. هن پنھنجيءَ
تقرير ۾ سنڌ جي تاريخ سان گڏ، اتساهه ڏيندڙ
ڳالهيون پڻ ڪيون،
جنهن
مان هڪ اقتباس هيٺ ڏجي ٿو:
”اسان ۾ ڪيترائي يورپي آفيسر آهن، جن سنڌ
۾ نوڪري ڪئي آهي، تن کي سنڌ ڏاڍي پياري آهي.
سنڌ جي جبل جو دهقاني،
جيڪو الپائن جبل جي شڪاريءَ
سان ڪلهو هڻي ٿو.
هڪ ڊڄندڙ هاري،
جنهن جو خريف جو فصل ٻوڏن ناس ڪيو آهي ته
به نهايت جوان مرديءَ ۽ همٿ سان ماٺڙي ڪري
انهيءَ نقصان کي وساري سڌو سنئون ربيع جي
تياري کي لڳي وڃي ٿو.
گڊي (غلام) کان وٺي جت تائينءَ
جو اَٺ
چاري ٿو ، انگريز آفيسرن کان ڳجهو نه آهي.
هو انهن سڀني ڪلاسن جي ماڻھن کي سمجهائن ٿا
۽ انهن سڀني جي قدرداني ڪن ٿا ۽ عزت ڪن ٿا.
تنھنڪري اسان انگريزن ۾ هي پهاڪو آهي ته :
‘Once in Sindh always in Sindh’
يعني:
هڪ دفعو جيڪو سنڌ ۾ آيو،
ته پوءِ
اهو
سنڌ جو ٿي ويو يعني هُو
سنڌي ٿي ويو.(6)
سنڌ ڪاليج مئنجمينٽ بورڊ
17جنوري 1887ع تي اڳ قائم ڪيل سب
ڪميٽيءَ کي ختم ڪري، نئين سر
’سنڌ
ڪاليج مئنجمينٽ بورڊ‘
جوڙيو ويو. جنهن ۾ ايڪس آفيشيو ميمبر، سرڪاري
ميمبر،
’سنڌ
ڪاليج ايسوسيئشن‘
جي نمائندن ۽ مختلف ميونسپالٽين ۽ لوڪل باڊيز
جي نمائندن کي شامل ڪيو ويو. بورڊ جي جوڙجڪ هن
ريت هئي:
ايڪس آفيشيو ميمبر:
سنڌ جو ڪمشنر (بورڊ جو صدر)، سنڌ جو جوڊيشل
ڪمشنر
(نائب صدر)،
ڪراچيءَ جو ڪليڪٽر ۽ ڪراچي ڪئنالس جو انجنيئر
(ميمبر).
سرڪار پاران مقرر ڪيل ميمبر:
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڪراچي ۽ سمال ڪازز ڪورٽ
جو جج.
سنڌ ڪاليج ايسوسيئيشن جا چونڊيل نمائندا:
اُڌارام مولچند، دولترام ڄيٺمل، ٽهلرام کيمچند
وزيراڻي، سيٺ هرچند راءِ وشنداس، آلومل
ٽيڪمداس ۽ پسٽنجي بئرامجي ڪوتوال.
سنڌ جي ميونسپالٽين ۽ لوڪل بورڊ جا عيوضي:
واڌومل چنديرام، ڊپٽي ڪليڪٽر ڪراچي (ڪراچي
ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو نمائندو)، فيض محمد فتح
علي (ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو نمائندو)، نولراءِ
شوقيرام، ڊپٽي ڪليڪٽر حيدرآباد (حيدرآباد
ميونسپالٽيءَ جو نمائندو)، جي.
ايڇ.ائيلن (سکر ميونسپالٽيءَ جو نمائندو)،
دولترام صورت سنگهه، پبلڪ پراسيڪيوٽر شڪارپور
(شڪارپور ميونسپالٽيءَ جو نمائندو)، پارو مل
خوبچند (اپر سنڌ فرنٽيئر ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو
نمائندو)، ۽ ڊاڪٽر آر
.ايم.
وامسلي، پرنسيپل سنڌ آرٽس ڪاليج (صلاحڪار
ميمبر ۽ بورڊ جو سيڪريٽري).(7) 1892ع-1891ع
۾ ’سنڌ
ڪاليج ايسوسيئشن‘
پڻ پنھنجو پاڻ ختم ٿي وئي ۽ ان سمورا اختيار
ڪاليج جي بورڊ جي حوالي ڪري ڇڏيا.
پرنسيپل جو بنگلو
ڪاليج جو
جڏهن
آغاز ٿيو
هو،
ته پرنسيپل جي رهڻ لاءِ انتظام ڪونه هوندو هو.
شروع وارن ڏينهن ۾ پرنسيپل پنھنجي آفيس ۾ ئي
رهندو هو، پر جڏهن ميٺارام هاسٽل تيار ٿي،
ته پرنسيپل پنھنجي لاءِ ڪرائي تي بنگلو ورتو
هو.
البت
ڪي پروفيسر هاسٽل ۾ رهندا هئا. 1915ع ۾ 9000
هزار جي ماليت سان فتح چند آتمارام سئمنگ باٿ
به قائم ٿيو. ان سان گڏو گڏ، هاسٽل جي سامهون
هڪ بنگلو به تيار ٿيو، جنهن کي
’پرنسيپل جو بنگلو‘ سڏيو ويو. ان بنگلي واري جاءِ تي پهرين
ڪرڪيٽ پچ ٺهيل هوندي هئي. بنگلي کي شاندار
نموني جوڙيو ويو.
هن بنگلي ۾ اندر سڄو ڪاٺيءَ جو ڪم ٿيل آهي. ان
زماني ۾ ڪراچيءَ
جو خوبصورت بنگلو سڏيو ويندو هو.
هن بنگلي ۾ ڪاليج جا پرنسيپل پنھنجي فيملين
سان رهندا هئا. هو شام جو يا موڪلن جي ڏينهن ۾
شاگردن جي غير نصابي سرگرمين جو به حال احوال
رکندا هئا. ميٺارام هاسٽل تي رهندڙ شاگردن تي
پڻ نظر رکندا هئا. هاسٽل يا ڪاليج جي اندر،
موڪلن دؤران جيڪي علمي ۽ ادبي سرگرميون
ٿينديون هيون، انهن ۾ به حصو وٺندا هئا. هيءُ
بنگلو، ٻين لفظن ۾ پرنسيپلن جي ڪئمپ آفيس به
هوندي.
ورهاڱي کان پوءِ به هن بنگلي ۾
پرنسيپل رهندا ٿي آيا، پر جڏهن ڪراچيءَ ۾
جهيڙا ۽ فساد وڌيا، ته پرنسيپلن پنھنجي ذاتي
گهرن ۾ رهڻ شروع ڪيو. ان دؤران، ڊي.جي. ڪاليج
انتظاميه پڻ هن بنگلي کي ڪڏهن آفيسن طور، ڪڏهن
ڪاٻاڙ طور ته ڪڏهن ڪلاسن طور به استعمال ڪيو.
هن وقت ان بنگلي ۾، سنڌ جي تعليم کاتي
پاران
سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي ڪيمپ آفيس قائم
ٿيل
آهي.
سنڌ ڪاليج مئنجمينٽ بورڊ جون گڏجاڻيون ۽
رپورٽون
سنڌ ڪاليج مئنيجمينٽ
بورڊ جون سال ۾ گهٽ ۾
گهٽ
ٽي گڏجاڻيون ٿينديون هيون، خاص موقعن تي ڪيڏيءَ
مهل به گڏجاڻي گهرائي ويندي هئي. وقت به وقت
ڪاليج مئنيجمينٽ
جي ميمبرن ۾ پڻ تبديلي ٿيندي رهندي هئي، ڇو ته
آفيسرن جي مقرري ۽ بدلي ۽ غير سرڪاري ميمبرن
جي وفات يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري تبديلي ايندي
رهندي هئي. ڪاليج مئنيجمينٽ
بورڊ، هر سال پنھنجي ڪارڪردگيءَ جي رپورٽ تيار
ڪندو هو، جيڪي سنڌ سرڪار، توڙي بمبئي سرڪار
ڏانهن پڻ موڪليون وينديون هيون. اهو سلسلو،
1947ع تائين بغير ڪنهن ناغي جي جاري رهيو.
اهڙي قسم جون ڪيتريون ئي رپورٽون سنڌ آرڪائيوز
لائبريريءَ ۾ اڄ به موجود آهن.
سنڌ آرٽس ڪاليج جي ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ۾
تبديلي
’ڊي.جي.
ڪاليج‘
جو اڳوڻو نالو
’سنڌ
آرٽس ڪاليج‘
هو، بعد ۾ ان کي ديوان ڏيارام ڄيٺمل
جي
نالي
سان منسوب ڪيو ويو، جنهن ان جي قائم ڪرڻ لاءِ
مالي ۽ روحاني طور پتوڙيو هو. جڏهن ڪاليج جي
نالي جي تبديليءَ جو سوال اٿيو،
ته پهريائين
اڌارام مولچند جو نالو آيو، جيڪو ڏيارام ڄيٺمل
جو دوست هو. ٻنهي
گڏجي ڪاليج لاءِ ڪم ڪيو هو، پر ڏيارام ڄيٺمل
جي اچانڪ ديهانت کان پوءِ صلاح بيٺي،
ته ڪاليج کي ڏيارام ڄيٺمل جي نالي سان منسوب
ڪجي. ان دؤران
’ڏيارام
ڄيٺمل ميموريل ڪميٽي‘
قائم ڪئي وئي. هن ڪميٽيءَ
۾ موجود سندس
ننڍي ڀاءُ
ڄيٺمل ۽
سندس پٽ
بولچند
ڏيارام
17 مئي 1891ع تي سنڌ ڪاليج بورڊ جي گڏجاڻيءَ ۾
25 هزار روپيا چندو ان شرط تي ڏيڻ تي راضپو
ڏيکاريو،
ته ڪاليج جو نالو سندس
والد ڏيارام ڄيٺمل سان منسوب ڪري
’ڏيارام
ڄيٺمل سنڌ ڪاليج‘
رکيو ويندو، بورڊ سندن آڇ منظور ڪئي. سنڌ
سرڪار اهڙيءَ
آڇ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ
جي گورنر ڏانهن سفارش ڪندي موڪليو،
ته سنڌ آرٽس ڪاليج جو نالو ڊي.جي.
ڪاليج رکيو وڃي. 8 ڊسمبر 1891ع تي بمبئي سرڪار
هڪ اطلاعات نامو
(Notification)
جاري ڪندي لکيو ته،
”بمبئي
سرڪار کي
’سنڌ
آرٽس ڪاليج‘
جو نالو تبديل ڪري ڏيارام ڄيٺمل
’سنڌ
ڪاليج‘
رکڻ ۾ ڪو به اعتراض ڪونهي.“
