سنڌ ۾ جديد تعليم جي شروعات ۽ ڪاليج قائم
ڪرڻ جي ضرورت
انگريزن کان اڳ، سنڌ ۾ اسڪول ۽ ڪاليج يا
يونيورسٽيون ڪونه هيون، پر پوري ملڪ ۾ مدرسا ۽
ڪي مڪتب هوندا هئا. ملڪي نظام فارسي ٻوليءَ ۾
هلندو هو. جڏهن ته تعليم ۾ فارسيءَ ۽ عربيءَ
جو غلبو هوندو هو. ڪجهه مدرسا، ڪنهن ممڪن حد
تائين سنڌي ميڊيم ڪتاب به پڙهائيندا هئا.
اليگزينڊر هئملٽن 1699ع ۾ لاهري بندر کان ٺٽي
آيو هو. هن ٺٽي جي علمي ۽ ادبي اهميت کي
بيان ڪندي لکيو ته: ”ٺٽي جو شهر مسلم ادب جي
تعليم جي لحاظ کان گهڻو مشھور آهي. هتي
الاهيات ، فلسفو ۽ سياست جا علم پڙهايا ويندا
آهن. ان لاءِ هتي اٽڪل چار سؤ (400) کان وڌيڪ ڪاليج (مدرسا) آهن، جتي
نوجوان شاگرد تربيت حاصل ڪندا ۽ فيضياب
ٿيندا رهندا آهن.(1)
ٽالپرن جي دؤر ۾ به
ديني توڙي دنيوي
تعليم لاءِ مدرسا ۽ مڪتب قائم هوندا هئا.
ڀيرومل مهرچند
آڏواڻيءَ
ان دؤر جي تعليم لاءِ لکيو آهي ته ”ميرن جي
صاحبيءَ ۾ ڪيترن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ مُلن
۽ آخوندن جا مڪتب هوندا هئا، جي انگريزن جي
دؤر تائين هلندا آيا. هندو ڪامورن جا پُٽَ،
مسلمان ڇوڪرن سان گڏ، انهن مڪتبن ۾ پڙهندا
هئا. ڪي عاملَ
پنھنجن اوطاقن ۾ آخوندن کي گهرائيندا هئا ۽
پاڙي جا عامل ڇوڪرا انهن اوطاقن ۾ پڙهندا
هئا.
اهي مُلا
۽ آخوندَ
اڳي رڳو فارسي سيکاريندا هئا، پر پوءِ سنڌي
به سيکارڻ لڳا. سنڌي مضمون فارسي آئيويٽا به
لکندا هئا.(2)
ٽالپرن جي دؤر جي اعليٰ تعليم جي حوالي سان
رچرڊ برٽن لکي ٿو ته،
”ٽالپرن جي دؤر ۾ به مدرسن ۾ عربيءَ سان گڏ
سنڌي زبان ۾ پڻ تعليم ڏني ويندي هئي. اعليٰ
تعليم لاءِ عربيءَ ۽ فارسيءَ جي تعليم جو رواج
هو. مڪتب ۾ پهرين سال کان پوءِ جڏهن ٻار لکڻ ۽
پڙهڻ شروع ڪندو هو، تڏهن هن کي سڀ کان پهرين
قرآن شريفُ سواءِ معنيٰ جي پڙهايو ويندو هو.
هن عمر ۾ ٻار جي تربيت آهستي آهستي ٿيندي هئي.
جڏهن هُو نون سالن جو ٿيندو هو، تڏهن هن کي
مادري زبان يعني سنڌيءَ جي اڀياس لاءِ هڪ ڏاڪو
اڳتي ٽپايو ويندو هو. ان لاءِ هيٺيون نصاب
پڙهايو ويندو هو:
1-
نور نامو:
هي هڪ آسان ۽ مختصر منظوم
ڪتاب آهي، جنهن ۾ انسان ذات جي پيدائش کان اڳ
جي تاريخ
بيان
ٿيل آهي. هيءُ ڪتاب عبدالرحمان جو جوڙيل آهي.
هن ۾ ڌار ڌار پيغمبرن جون چوڻيون ۽ اسلام جي
پيغمبر ﷺ جن جي مختلف حديثن کي گڏ ڪيو ويو
آهي.
2-
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جون تصنيفون:
مخدوم صاحب جا ڪتاب، جهڙوڪ: ”فرائض الاسلام“،
”وصيت نامو“، ”ذبح شڪار عرف راحـﺔ المومنين“،
”بياض هاشمي“، ”تفسير عم“، ”زاد الفقير“،
”تهذيب الاصلاح“، ”فتح الڪلام“ ۽ ”حيات
القلوب“.
3-
نظم ۽ نثر ۾ آکاڻيون:
جهڙوڪ: ”سيف الملوڪ“ ۽
”ليليٰ مجنون“ وغيره. سڀ کان اهم ڪتاب ”حڪايات
الصالحين“ آهي، جيڪو عبدالحڪيم نالي ڪنهن عالم
عربيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. هن ڪتاب ۾
جيڪي مضمون آيل آهن، اهي هي آهن: سوانح عمريون
۽ اسلامي دؤر جي مشھور درويشن جون چوڻيون
وغيره.
4-
لاڏاڻو
:
هن ڪتاب ۾ پاڻ سڳورن ﷺجن
جي وفات جو بيان آهي. هي ڪتاب ميان حبيب الله
جي ڪتاب ”حبيب السير“ جو ترجمو آهي.
5-
معراج نامو:
هن ڪتاب ۾ نبي ڪريم ﷺ جن
جي معراج تي وڃڻ واري واقعي
جو ذڪر آهي.
6-
سؤ مسئلا:
هي هڪ ننڍو ڪتاب آهي، هن
ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي ته ڪيئن عبدالحڪيم نالي هڪ
فقير، روم جي بادشاهه جي ڌيءَ سان سؤ سوالن جي
جواب ڏيڻ واري شرط کٽڻ ڪري شادي ڪئي.(3)
ٽالپرن جي دؤر ۾ سنڌ جي تعليم، هندستان
جي شهرن جي ڀيٽ ۾ پوئتي پيل هئي. هتي ڪوبه
سائنسي علم نه پڙهايو ويندو هو. سنڌ جي تاريخ
۾ ڪي سائنسدان نه ٿا ملن. فقط اديب، شاعر ۽
ڪي آخوند آهن، جن سنڌي ٻوليءَ جو تحفظ ڪيو.
ٽالپرن جي دؤر ۾ تعليم جي پستيءَ جي سلسلي ۾
مشھور سنڌي سياح الطاف شيخ لکيو آهي ته،
”حيرت جي ڳالهه اها آهي ته انگريزن 1843ع ۾
سنڌ فتح ڪئي . ان کان اڳ هُو
سؤ سال کن سنڌ جي ڀر وارن علائقن راجستان،
گجرات، يو.پي،
مهاراشٽرا وغيره ۾ موجود هئا، پر سنڌ جي حاڪمن
ميرن کي اهو ڪڏهن به خيال نه آيو ته ان قسم جا
اسڪول، شفا گهر، ريلوي وغيره جو بندوبست سنڌ ۾
به کڻي ڪجي،
جنهن سان عوام کي فائدو ٿيندو. ائين ته
ٿائلينڊ (سيام) ۾ ته ڪڏهن به انگريزن يا
يورپين جو راڄ نه رهيو، پر تنهن هوندي به اتي
جي راجائن انگريزن جي انهن ادارن کي بهتر سمجهي
عوام جي فائدي لاءِ پنھنجي ملڪ ۾ کوليا،
جيڪي اڄ ڏينهن تائين هلندا اچن ۽ اڄ به اسان
جي ملڪ جا انجنيئر پوسٽ گرئجوئيشن لاءِ بئنڪاڪ
وڃن ٿا. ڀوپال رياست ۾ نواب مردن بدران سؤ سال
کن نواب بيگمات
جي حڪومت رهي. عورتون ٿي ڪري هنن پنھنجيءَ
رياست جي ماڻھن جي سُک
لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو!
مٺي پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ ڍنڍون، اسپتالن ۽
اسڪولن کان علاوه ريل جو نظام قائم ڪيائون،
جيڪو انگريزن انڊيا جي ڀر وارن شهرن بمبئي،
مدراس، ڪلڪتي وغيره ۾ ڪيو هو. ۽ اها به حيرت
جي ڳالهه آهي ته تعليم جي معاملي ۾ سنڌ جي
هندن وري به گهڻي دلچسپي ورتي ۽ نه فقط تعليم
حاصل ڪئي،
پر تعليمي ادارا به کوليا.(4)
1843ع ۾ انگريزن جي قبضي کان پوءِ
سنڌ جون واڳون سر چارلس نيپئر سنڀاليون. هُو
برٽش آرميءَ ۾ جنرل هو. هن کي سنڌ جو پهريون
گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو. هن
حيدرآباد بجاءِ ڪراچيءَ
کي سنڌ جو تختگاهه بنايو
۽ جوڙجڪ
واسطي سنڌ کي ان وقت ٽن ضلعن ۾ ورهايو،
جن ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور شامل هئا.
1847ع ۾ چارلس نيپئر پنھنجي عھدي تان رٽائر
ٿيو ۽ برطانيه روانو ٿي ويو. ھن جي روانگيءَ
سان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سنڌ کي بمبئي
پريزيڊنسيءَ سان ملائي ڇڏيو. ان وقت بمبئيءَ
جو گورنر سر جارج رسل ڪلرڪ هو. هن سنڌ حڪومت
جي گذارش تي اپريل 1848ع ۾ واضح طور تي اعلان
ڪيو ته سنڌ ۾ سرڪاري زبان سنڌي ھوندي.
ھن سمورن آفيسرن کي ھدايت ڪئي ته ھو ارڙھن
مھينن ۾ سنڌي سکي وٺن. ھن چيو ته:
”اسان کي گھرجي ته اسان سرڪاري ڪاروبار لاءِ
ملڪي ٻوليءَ
(سنڌي) کي متعارف ڪرايون. مون کي سمجهه ۾ نٿو
اچي ته اسان جا روينيو ۽ انصاف کاتي جا آفيسر
(چاھي سندن کاتن ۽ ڪچھرين جو ڪم ڪھڙي به نموني
ڇو نه مقرر ڪيو وڃي) فارسي يا انگريزيءَ جھڙي
ھڪ ڌاري ٻوليءَ ذريعي ڪيئن اثرائتي نموني ڪم
ھلائي سگهندا.
آفيسرن کي ارڙھن مھينن جو وقت ڏجي ٿو ته سنڌي
زبان جو امتحان پاس ڪري وٺن.(5)
سنڌي ٻوليءَ جي نفاذ سان سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾
تعليم لاءِ سرڪاري سطح تي سرگرميون شروع ٿي
ويون. 1852ع ۾ بمبئي حڪومت،
سنڌ جي تعليم لاءِ ڏهه هزارن
جي سالياني بجيٽ منظور ڪئي. مارچ 1853ع ۾ اها
رقم ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر جي ڊسپوزل (اختيار) تي
رکي ويئي. بمبئيءَ جي سرڪار جي منظوريءَ سان
سنڌ ۾ اسڪول کلڻ شروع ٿي ويا ۽ شروع ۾ استاد
به بمبئي سرڪار جي منظوريءَ سان هندستان جي
مختلف شهرن مان گهرائي رکيا ويندا هئا. اهڙيءَ
طرح سنڌ جي تعليم جي ترقيءَ لاءِ ايجوڪيشنل
انسپيڪٽر جي مقرري به بمبئيءَ مان ٿيڻ لڳي.
ان دؤر ۾ سرڪاري پاليسي، جيڪا
ميڪائلي جا
منٽس (macaulay’s
minutes) جي
نالي سان مشھور هئي، ان مطابق
هندستان
۾ 7 مارچ 1835ع
تي
انگريزي ٻوليءَ کي باقاعده رائج ڪيو ويو.
جنهن جو مقصد اهو هئو
ته يورپ جي ادب، سائنسي علمن ۽ عيسائيت کي سڄي
هندستان ۾ هٿي ڏجي. ان مقصد لاءِ مختلف شهرن ۾
مشنري اسڪول قائم ڪيا ويا.
سر ميڪائلي پنھنجي منٽس ۾ چيو ته:
هُو هن قوم کي رنگ ۽ نسل ۾ هندستاني، ۽ ذهني ۽
روحاني طور تي برطانوي ڏسڻ چاهي ٿو. هن
انگريزيءَکي
ننڍي کنڊ ۾ رائج ڪرڻ لاءِ دليل ڏيندي چيو هو
ته،
”انگريزي
زبان حڪمرانن جي زبان آهي، ان ڪري ان کي ڪهڙي
نموني به نافذ ڪيو وڃي.“(6)
ان کان پوءِ،
سر چارلس ووڊ جو مراسلو
نافذ ٿيو،
جنهن مطابق:
1.
هر صوبي ۾ هڪ تعليم جو کاتو کوليو وڃي .
2.
لنڊن يونيورسٽيءَ جي طرز تي، هندستان جي وڏن
شهرن،
جهڙوڪ بمبئي، ڪلڪتي ۽ مدراس ۾ يونيورسٽيون
کوليون وڃن.
3.
گهٽ ۾ گهٽ هر ضلعي ۾ هڪ اسڪول قائم ڪيو وڃي.
4.
منسلڪ خانگي اسڪولن کي گرانٽ ڏني وڃي.
5.
هندستاني ماڻھن کي سندن مقامي ٻوليءَ ۾ تعليم
ڏني وڃي.(7)
آخرڪار 1854ع ۾ سر چارلس ووڊ جي
مراسلي سان ملڪ ۾ انگريزيءَ
کي باقاعده رائج ڪرڻ لاءِ هڪ نوٽيفڪيشن جاري
ڪيو ويو، جنهن ۾ ابتدائي درجي کان وٺي
يونيورسٽيءَ
جي سطح تائين تعليم جي همه گير اسڪيم يا خاڪو
پيش ڪيو ويو.
سنڌ تي قبضي کان اڳ ئيِ انگريزن جون
سنڌ ۾ مشنري سرگرميون شروع ٿيل هيون. پر مڪمل
قبضي کان پوءِ هنن سنڌ ۾ مشنري مقصدن لاءِ
اسڪول کولڻ ۽ ڪتاب شايع ڪرڻ جو منصوبو رٿيو ۽
سڀ کان پهريون مشنري اسڪول 1846ع ۾ ڪراچي شهر
۾ ڪليڪٽر ڪئپٽن پريڊيءَ کوليو. اڳتي هلي،
1853ع ۾ سنڌ ۾ ٽي سنڌي ميڊيم سرڪاري اسڪول:
ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ قائم ڪيا ويا.
جڏهن ته ٿوري عرصي ۾ مختلف شهرن ۾ خانگي ۽
سرڪاري اسڪولن جو ڄار وڇائجي ويو.
1855ع ۾
Bombay Board of Education
کي ختم ڪري، هڪ ڊائريڪٽر جي نگرانيءَ ۾
Department of Public Instruction
قائم ڪيو ويو ۽ ڊويزنن ۽ ضلعن جي تعليم جا
اختيار ايجوڪيشنل انسپيڪٽرن جي حوالي ڪيا ويا.
سنڌ ۾ پهريون ايجوڪيشنل انسپيڪٽر بي ايڇ.ايلس
هو. سنڌ ۾ تعليم کاتي جي انسپيڪٽر جا اختيارَ
موجوده تعليم جي سيڪريٽريءَ
جي برابر هوندا هئا. هو سڄيءَ
سنڌ ۾ تعليمي پاليسين کي پيش ڪرڻ ۽ نافذ ڪرڻ
جا پابند ۽ ذميوار هوندا هئا.
مارچ 1856ع تائين سنڌ ۾ 31 اسڪول
قائم ٿي
چڪا
هئا،
جن ۾ ٻه انگريزي اسڪول (ڪراچي ۽ حيدرآباد)،
هڪ نارمل اسڪول
(ڪراچي)
۽ هڪ انجنيئرنگ اسڪول
(ڪراچي)
شامل هئا. ٻئي سال 34 اسڪول قائم ٿي چڪا هئا
، جن ۾ 1527 شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا هئا.(8)
1857ع
۾ انگريزن جي خلاف بغاوت شروع ٿي وئي. ان
سلسلي ۾ ڊاڪٽر غلام محمد لاکو لکي ٿو ته،
”برطانوي هند جي تاريخ ۾ 1857ع جو سال اهميت
رکي ٿو. سال جي پهرين اڌ حصي ۾ انگريزن خلاف
بغاوت ٿي، جنهن جو خاص اثر اتر ۽ وچ هندستان
۾ ڏسڻ ۾ آيو. ڪجهه مؤرخ
ان جدوجهد کي آزاديءَ جي جنگ سان تعبير ڪن ٿا.
انگريزن
ان هلچل کي
نهايت بي رحميءَ سان چيڀاٽيو. ان ويڙهه کان
پوءِ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي حڪومت ختم ٿي ۽
برطانوي راڄ هندستان کي سڌو پنھنجي حڪومت هيٺ
آندو. ان سان گڏ مغل سلطنت به پنھنجي انجام تي
پهتي. لارڊ ڪئننگ ان وقت هندستان جو گورنر
جنرل هو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي حڪومت ٿيڻ
بعد انگريزن پاران وائسراءِ جو تقرر عمل ۾
آيو. لارڊ ڪئننگ کي وائسراءِ مقرر ڪيو ويو.
ستت ئي پوءِ انگريز سرڪار هندستان ۾
يونيورسٽيون کولڻ جو فيصلو ڪيو. سن 1857ع ۾
بمبئي، مدراس ۽ ڪلڪتو يونيورسٽيون وجود ۾
آيون. بمبئي يونيورسٽي 18 جولاءِ 1857ع تي
ليجسليٽو ڪائونسل آف انڊيا جي پاس ڪيل ائڪٽ
موجب وجود ۾ آئي. سنڌ جيئن ته بمبئي
پريزيڊنسيءَ ۾ شامل هئي، ان ڪري خود بخود پاڻ
تعليمي حوالي سان بمبئي يونيورسٽيءَ جي دائره
ڪار ۾ شامل ٿي وئي.(9)
1863ع ۾ لوڪل فنڊ جوڙي زمين تي ٽين
پتي سيس يا في لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو،
جيڪا تعليم تي خرچ ڪئي وئي. جنهن جي نتيجي ۾
سنڌ ۾ تمام گهڻا اسڪول کلي ويا.
1864ع ۾ سنڌ ۾ مجموعي طور تي چار هاءِ اسڪول،
ٽي مڊل اسڪول، ڇاونجاهه ورنيڪيولر اسڪول ۽ هڪ
نارمل اسڪول هو. سڀني اسڪولن ۾ شاگردن جو
تعداد 2440 هو. ان کوٽ جو وڏو سبب سنڌي
پڙهائيندڙ استادن جي کوٽ هئي. 1864ع ۾ ڪراچيءَ
۽ حيدرآباد جي اسڪولن کي هاءِ اسڪول جو درجو
ڏنو ويو ۽ کين اجازت ڏني وئي ته بمبئيءَ ۾
ٻارن کي ميٽرڪ جي امتحانن لاءِ موڪلين.
1864-1865ع
۾ ڪراچي هاءِ اسڪول جي حاضري 151 هئي ۽
حيدرآباد هاءِ اسڪول جي 126 هئي. پر هنن ٻنھي
اسڪولن کان حيدرآباد جو انگريزي اسڪول وڌيڪ
اهم هو. هڪ ته اتي پرنسيپل مقرر ٿيل هو ۽ ٻيو
ته اتي سنڌي شاگردن جو تعداد وڌيڪ هو. ڪراچيءَ
جي ڀيٽ ۾ حيدرآباد ۾ سنڌي شاگردن جو تعداد
وڌيڪ هوندو هو. ان دؤر ۾ ڊائريڪٽر پبلڪ
انسٽرڪشن حيدرآباد لاءِ چيو هو ته،
”مون کي اميد آهي ته حيدرآباد، سنڌ جي تعليم
لاءِ اهو ئي ڪم ڪندو، جيڪو دڪن لاءِ پو نا ڪري
رهيو آهي.(10)
استادن واري
سکيا واري
’نارمل
اسڪول‘
کي ڪراچيءَ مان کڻي ِ حيدرآباد آڻي،
’ٽريننگ
ڪاليج‘
جو درجو ڏنو ويو.
”سنڌ
گزيٽيئر“
موجب،
”انهن
اُپائن جو نتيجو اهو نڪتو ته 65-1864ع
۾ صوبي ۾ چار هاءِ اسڪول، ٽي مڊل اسڪول ۽ 56
پرائمري اسڪول کُوليا ويا. انهن ۾ شاگردن جو
تعداد 2440 ٿي ويو.“(11)
1872ع ۾ سول سروس جو ملازم اِي. ايم. فَلٽن
سنڌ ۾ پهريون مڪمل تعليمي انسپيڪٽر مقرر ٿيو.
جنهن سنڌ ۾ تعليم عام ڪرڻ لاءِ ڪيترائي اُپاءَ
ورتا، پر اهي اڃا اڻپورا هئا. هُن
تعليم جي عملدارن لاءِ الڳ آفيسن جي ڪوشش ڪئي
۽ اسڪولن جي نئين درجا بندي ڪئي. هن صاحب
اسڪولن کي ٽن حصن ۾ ورهايو:
1.
مٿيان ڪلاس، جيڪي ستين درجي تائين تعليم ڏيندا.
2.
هيٺيان ڪلاس، جيڪي چوٿين درجي تائين تعليم
ڏيندا.
3.
ڳوٺاڻن اسڪولن جون شاخون، جن ۾ صرف لکڻ، پڙهڻ
۽ حساب سيکاريا ويندا.
هُن
جي پاليسن سان تعليم ۾ ڪجهه سڌارو آيو ۽
1875ع تائين سنڌ ۾ ڇوڪرين جا به ويهه اسڪول
کلي چڪا هئا. انهيءَ سال سرڪاري طور مڃيل اهڙن
ادارن جو تعداد 230 ٿي ويو،
جن ۾
14,299
شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا هئا.
ڏيهي مڪتبن جي سرڪاري امداد جو سلسلو به تيز
ڪيو ويو.
1882ع ۾ سنڌ جي تعليم تي هڪ يادداشت
نامو جاري ٿيو. ان ۾ ٻڌايو ويو ته: ”ڪنهن به
شڪ شبي جي چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ تعليم جي
حالت خراب آهي.
هتي ستن ڄڻن کان وڌيڪ اڃا گريجوئيٽ
ٿي نه سگهيا آهن، ڪو به سند يافته سول انجنيئر
ڪونه ٿيو آهي، صرف هڪ قانون جي ڊگري پاس ڪندڙ
آهي. ميٽرڪ پاس ڪندڙ شاگردن جو تعداد 1862ع
کان 1863ع تائين 130 کان مٿي نه آهي.“(12)
سنڌ ۾ اسڪول کلي رهيا هئا، پر تعليم
تمام محدود هئي.
انهيءَ زماني ۾ ميٽرڪ جي امتحان لاءِ بمبئيءَ وڃڻو پوندو هو.
سنڌي شاگردن لاءِ اها نهايت ڏکي ۽ مشڪلات ڀري
ڳالهه هوندي هئي ته هُو بمبئيءَ پرائي ديس وڃي، جان
جوکي ۾ وجهي امتحان ڏئي اچن.
بمبئيءَ ۽ ڪراچيءَ جي وچ ۾ سامونڊي رستي جو
مفاصلو اٽڪل پنج سؤ ميل هو.
سامونڊي توڙي خشڪيءَ جو سفر مشڪل هوندو هو. انهيءَ ڪري سنڌي شاگرد ستين درجي تائين
تعليم حاصل ڪري وڃي نوڪري ڪندا هئا. ميٽرڪ جو
امتحان ڏيڻ دل گڙدي جي ڳالهه هوندي هئي.
مسلمان سنڌي شاگردن کي هن دؤر ۾ اڃا اهڙي
تعليم جو خيال نه آيو هو، البت ڪي هندو شاگرد
تيار ٿي بمبئيءَ وڃي پهتا.
1857ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ
جي قيام کان ويندي سنڌ ڪاليج (بعد ۾ ڊي.جي. سنڌ
ڪاليج) جي قيام تائين سنڌ جي تيرهن شاگردن
ايلفنسٽن ڪاليج ۾ پڙهي بمبئي يونيورسٽيءَ ۾
امتحان ڏنو. انهن ۾ (1) چوهڙ مل ڪندن مل
پنجابي-
1865ع، (2) آلو مل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي-
1867ع، (3) ميرزا
صادق علي بيگ-
1872ع، (4) ٽيڪچند اوڌنداس واسواڻي-
1875، (5) ڏيارام گدو مل شهاڻي-
1878ع، (6) هرچند راءِ وشنداس ڀارواڻي-
1882ع، (7) ٽهلرام کيمچند وزيراڻي-
1884ع، (8) بولچند ڪوڏومل جڳتياڻي-
1884ع، (9) هيرانند کيم سنگهه آڏواڻي-
1886ع، (10) مٿرا داس جواهري-
1886ع، (11) همت سنگهه گج سنگهه آڏواڻي-
1886ع، (12) دلپتراءِ روچيرام لالواڻي-
1886ع، ۽ (13) وزير مل اُتمچند لالواڻي-
1887ع شامل آهن.“(13)
ان دؤر جي سفر جي سلسلي ۾ ڀيرومل
مهرچند لکيو آهي ته ”1852ع کان وٺي، ڪوٽڙيءَ
کان ملتان تائين جهاز ويندا هئا. پندرهين
ڏينهن، هڪ جهاز ڪوٽڙِيءَ مان ڇٽندو هو، جو
ٽپال کڻي ملتان ويندو هو. چارلس نيپئر جي وقت
۾، بمبئيءَ جي ٽپال مهيني مهيني ويندي هئي،
پر پوءِ بارٽل فريئر جي ڏينهن ۾ مهيني ۾ ٻه
دفعا وڃڻ لڳي. ملتان کان پوءِ خشڪيءَ رستي
ٽپال ويندي هئي. جن شاگردن کي سندن مائٽ سمنڊ
رستي بمبئي وڃڻ جي موڪل نه ڏيندا هئا، سي
ڪوٽڙيءَ کان
جهاز رستي، اول ملتان ويندا هئا. ملتان ۾ آگ
گاڏي هئي، پر اها به رڳو لاهور
۽
امرتسر کان دهليءَ
تائين ويندي هئي. بمبئيءَ- بڙودا سينٽرل انڊيا
ريلوي چالو ٿي هئي، پر انهيءَ پاسي آگ
گاڏيون، پهريائين رڳو بمبئيءَ کان احمد آباد
تائين اينديون وينديون هيون، جيئن
’هندستان جي امپيريل گزيٽ‘
۾ ڄاڻايل آهي. هن پاسي وڏو اهنج هو، ته دهليءَ
کان وٺي احمد آباد تائين، ريل جو رستو هاڻوڪي
وانگر ٺهيل ڪونه هو. پُڇائن مان معلوم ٿئي ٿو
ته دهليءَ کان، عام طرح، ماڻهو ڇڪڙن ۾ چڙهي،
واٽ تي جيپور، اجمير ۽ ٻين هنڌ منزلون هڻندا،
پالپور ويندا هئا ۽ اتان آگ گاڏيءَ
۾ چڙهي بمبئي
پهچندا هئا.“(14)
جنهن تيزيءَ سان سنڌ جي شهري آبادي
وڌي رهي هئي ۽ ڪاروبار وڌي رهيو هو، انهن
حالتن ۾ سنڌ ۾ خاص طور تي ڪراچي شهر ۾ هڪ
ڪاليج
جو قيام
اڻٽر ٿي پيو هو. 1878ع ۾ ڪراچي شهر ۾ ميٽرڪ جي
امتحان جي سهولت ڏني وئي، جنهن سان شاگردن
لاءِ سهنج ٿي پئي. بمبئي وڃڻ جا ڪشالا دور
ٿي ويا. مگر گريجويشن جي تعليم لاءِ بمبئيءَ
۾ وڃي رهڻو پوندو هو.
مٿي بيان ڪيل
شاگردن جي اهنجن، تڪليفن ۽ اعليٰ تعليم جي
رنڊڪن، سنڌ جي عالمن، اڪابرن ۽ سماجي ورڪرن کي
سوچڻ تي مجبور ڪيو،
ته سنڌ ۾ هڪ بهترين ڪاليج هئڻ گهرجي.
حوالا
1.
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي:
”مشھور سياح هيملٽن جي نظر ۾ سنڌ“،
(مقالو)،
”سنڌي ٻولي“-
تحقيقي جرنل، سنڌي ٻوليءَ
جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، اپريل-
جون 2013ع، ص 98،99
2.
رچرڊ برٽن: ”سنڌ ۽ سنڌو
ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“،
(مترجم: محمد حنيف صديقي)، سنڌي ادبي بورڊ،
حيدرآباد، 1986ع، ص 123، 124
3.
ڀيرومل مهرچند آڏواڻي:
”سنڌ جي هندن جي تاريخ“، روشني پبليڪيشن،
ڪنڊيارو، 2006ع،ص 122
4.
الطاف شيخ: ”سکر جو
آڳاٽو درسگاهه سينٽ ميري“،
”ڪاوش
مڊ ويڪ“
ميگزين
حيدرآباد،
21 مئي 2014ع
5.
Mukhtiar Ahmed
Mallah: “The Development of Sindhi Language
and Script during early English Period”,
Sindhi Language Authority, Hyderabad,
2017,p.5
6.
Wikipedia the free Encyclopedia
7.
Same
8.
Hamida
Khuhro: “The Making of Modern Sindh”,
Oxford University Press, 1999,p.256
9.
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو:
”بمبئي يونيورسٽي ۽ سنڌي ٻولي“،
ڇماهي ”سنڌي
ادب“-
جرنل،
انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي، ڄام شورو، 2006ع
10.
Mansfield, Commissioner in Sindh, quoted
by J.G Moore, Educational Inspector ,
1864-65, Para 27
11.
E. H. Aitken: “The Gazetteer of the Province
of Sindh”,
Government
"Mercantile" Steam Press, 1926
12.
Memorial to the Education Commission from Inhabitants of Karachi, 5 November
1882,p.36
13.
ڀيرومل مهرچند آڏواڻي:
”سنڌ جي هندن جي تاريخ“، روشني پبليڪيشن،
ڪنڊيارو، 2006ع ،ص 126
14.
ڀيرومل مهرچند
آڏواڻي:”آڳاٽن
شاگردن جا اهنج“،
(مضمون)،
ماهوار
”سنڌو“
ڪراچي،
فيبروري 1946ع، ص 107
ڊي .جي ڪاليج جي قيام لاءِ ورتل ڪوششون
انگريز سرڪار جو سنڌ ۾ ڪاليج کولڻ جو ڪوبه ارادو
نه هو. سندن خيال هو ته مقامي ماڻھن کي ميٽرڪ
تائين محدود ڪري کين ننڍيون ننڍيون نوڪريون ڏنيون
وڃن. تعليم جي چاهه ۾ سنڌي سٻاجهڙا اهنج ۽ تڪليفون
سهي به سامونڊي ۽ خشڪيءَ جي دشوار رستن کي پار ڪري،
امتيازي نمبرن ۾ ڊگريون حاصل ڪرڻ لڳا. ان سلسلي ۾
آرٽس، سائنس، قانون، ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جون سندون
شامل هونديون هيون. ٻئي طرف انهن اهنجن ۽ تڪليفن
کي سنڌ جي هڏ ڏوکي انسانن ڏسي، ڪاليج کولڻ لاءِ
مهم شروع ڪري ڏني. هنن گڏجاڻيون ڪيون، سرڪار کي
درخواستون ڪيون ۽ انجمنون قائم ڪيون. ان سلسلي ۾
سندن هيٺيون ڪوششون اهم آهن:
سنڌ سڀا
جو قيام ۽ ڪاليج لاءِ ڪوششون
سنڌ ۾ سياسي ۽ سماجي تنظيم جي شروعات
لاءِ هندن، مسلمانن، عيسائن ۽ پارسين پهريون دفعو
سنجيده ڪوشش ورتي. هنن 1882ع ڌاري هڪ غير مذهبي ۽
نيم سياسي تنظيم ’سنڌ سڀا‘ برپا ڪئي، جنهن جا
ميمبر هندو، مسلمان، عيسائي ۽ پارسي هئا. هن
تنظيم جي برپا ٿيڻ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر غلام محمد
لاکو لکي ٿو ته، ”هن
دؤر ۾ اسرندڙ، جديد ۽ خوبصورت
’ڪراچي‘
شهر ۾ جڏهن سنڌي نوجوان
’بمبئي‘
مان جديد تعليم حاصل ڪري ۽ ڊگريون وٺي واپس پهتا،
تڏهن انهن سنڌ جي تعمير ۽ اڏاوت توڙي عوامي ڀلي
لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جو سوچيو. بمبئيءَ ۾ رهندي،
سنڌي نوجوان اتي جي هندن، پارسين، مرهٽن ۽ ٻين
قومن جي تعليم يافته، مهذب، وطن دوست ۽ قوم پرست
انسانن سان رلي ملي گهڻو ڪجهه پرائي آيا. بمبئي ته
ٺهيو، پر سنڌ جي جديد اڏاوت ۾ ڀلا ولسن ڪاليج ۽
ايلفنسٽن ڪاليج جو ڪو گهٽ ڪردار آهي ڇا؟ اولاهين
پريزيڊنسيءَ جي
مسٽر
ڀنڊارڪر يا مسٽر ملباري سنڌ جي نئين فڪر تي ۽ سوچ
تي تمام گهڻو اثر پيدا ڪيو. ستر واري ڏهاڪي ۾
’پونا
سروجينڪا سڀا‘
نوجوان سنڌين کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. ان اثر هيٺ
سنڌ جي هندن خاص طرح ڪراچيءَ ۾ ويهي جديد سنڌ جي
تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌ جا هندو، سک پنٿ
جي اثر هيٺ، حقيقي طرح سان مذهبي طور تي پنجاب جي
قريب هئا ۽ مٿان وري هن خطي جي بمبئيءَ سان شامل
ٿيڻ پڻ هنن کي بنهه پسند نه هو. اهو ئي سبب آهي،
جو بيدار مغز هندن جي حالت وڃي هيءَ ٿي: “Spiritually
they belonged to the Punjab,
politically (officially) to Bombay, but by
choice and inclination to neither.”
.ڪٽر سک کين پنھنجي حلقي
۾
وٺڻ لاءِ تيار نه هئا ۽ سنڌ جي جداگانه صوبائي
حيثيت نه هجڻ ڪري، سنڌي ماڻھن کي مرڪزي ڪردار ادا
ڪرڻ جو به ڪو موقعو حاصل نه هو. ان حالت ۾ پڙهيل
طبقي، سنڌ جي جداگانه ثقافت ۽ سياسي حيثيت
(صوبائي) جي بحاليءَ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. هنن
ڪوشش ڪئي ته اهڙي الڳ
’سنڌ‘
جي تشڪيل ٿئي، جيڪا کين ڪُل
هند شعوري وهڪري سان گڏ وٺي هلي. ان صورتحال ۾ سنڌ
جي پهرين باقاعده سياسي تنظيم
’سنڌ
سڀا‘
جو ظهور ٿيو.“(1)
هن سڀا جي ٺهڻ ۾ مسٽر ارسڪن ڪمشنر سنڌ جي
فراخدليءَ کي پڻ وڏو دخل حاصل آهي. ڏيارام گدومل
لکيو آهي ته،
”خوش
قسمتيءَ سان، ان زماني ۾ سنڌ جو ڪمشنر مسٽر ارسڪن
هو، جيڪو وسيع ذهن وارو آفيسر هو. هن تنقيد جي
آجيان ڪئي. هن تفرقي بجاءِ مختلف ذاتين ۽ فرقن جي
اتحاد تي زور ڏنو. هن صاحب
’سنڌ
سڀا‘
کي نافرمان سياسي انجمن بجاءِ سنجيده، لائق ۽
سمجهو ماڻھن جي سنگت سمجهي،گهڻو مان، مرتبو ۽
اهميت ڏني.“(2)
’سنڌ سڀا‘ قائم ڪندڙن جو واسطو گهڻي ڀاڱي وڪالت جي
پيشي سان هو. حسن
علي آفندي وڏو وڪيل هو. ڏيارام ڄيٺمل، جيڪو سنڌ جو
ناميارو قانوندان هو، سو هن تنظيم جو روح روان هو.
جڏهن ته سرڪاري ڪامورا ۽ آفيسر پڻ سرگرم ڪارڪن
هئا. ان سلسلي ۾ ٻلويو گاجرا لکي ٿو ته،
”هندستان اندر اها نئين جاڳرتا جي لهر هلي، سا سنڌ
۾ به اچي پهتي. بمبئيءَ ۾ آريا سماج ۽ پرارٿنا
سماج جي ساٿنا کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ به ٻنھي سنسٿائن
جون شاخون کوليون ويون. پڻ انڊين ائسوسيئيشن
جي طرز تي، 1882ع ۾ سنڌ ۾
’سنڌ
سڀا‘
جي سٿاپنا ٿي. ان جو پريزيڊنٽ هو پرسڌ نائونمل جي
ڪٽنب جي
هستي سيٺ آتمارام ۽ ٻيا مکيه هئا اڌارام مولچند،
جميشد
جي نادر، فتح چند آتمارام،
شريف صالح محمد، ايف.ڪوڪ،
ايڊلجي ڊنشا، ايم. ايم. مرزبان، ناگيندرناٿ،
سهجرام گنگاڌر، دولترام ڄيٺمل (جئرامداس جو پتا)، ساڌو
هيرانند،
ڏيارام گدو مل، فتح علي ۽ ڀائي هيرانند
مسند شڪارپوري،
يوسف علي علوي،
کيمچند وزيراڻي، سرائي ٺارو خان، فتح علي خان، سيٺ
آلومل ٽيڪمداس ۽ ٻيا“.(3)
ديوان ڪوڙومل چندن مل، شونداس چاندومل ۽ ديوان
نولراءِ شوقيرام پڻ سنڌ سڀا جا ميمبر هئا.
هو به سرڪاري ملازم هئا.
’سنڌ
سڀا‘
1882ع کان 1887ع تائين تمام گهڻي سرگرم رهي.
هيءَ تنظيم 2 ڊسمبر 1882ع تي وجود ۾ آئي.
مختلف وقتن ۾ هن تنظيم جا مختلف صدر ۽ عهديدار
رهيا.
’سنڌ
سڀا‘ جا پهريان عهديدار هي هئا:
ڏيارام گدومل________ صدر
حسن علي آفندي_______ نائب صدر
دولترام ڄيٺمل________ سيڪريٽري
ساڌو هيرانند________ اطلاعات سيڪريٽري.
’سنڌ
سڀا‘
جو ٻيو صدر سيٺ آتمارام پريتمداس ڀوڄواڻي ٿيو. هو
جڏهن 1 آگسٽ 1885 تي لاڏاڻو ڪري ويو،
ته ڏيارام ڄيٺمل سڀا جو پنھنجي لاڏاڻي تائين،
يعني
پهرين
آگسٽ
1887 تائين صدر ٿيو. ان کان پوءِ اڌرام مولچند ۽
ٽهلرام کيمچند
سڀا کي
سنڀاليندا رهيا.
’سنڌ
سڀا‘
جو مقصد هئو
سنڌ ۾ سماجي اصلاح آڻڻ.
’سنڌ
سڀا‘،
سڀ کان اڳ سنڌ ۾ مڪاني حڪومتن ۾ سڌارا آڻڻ تي زور
ڀريو
.
ان سان گڏ سنڌ ۾ هڪ ڪاليج جي قيام لاءِ جدوجهد به
شروع ڪئي. 1882ع ۾ لارڊ رپن مڪاني حڪومتن ۾ سڌارن
جو اعلان ڪيو،
ته
’سنڌ
سڀا‘
مڪاني حڪومتن لاءِ لائق ماڻهو چونڊرائڻ جو فيصلو
ڪيو.
’سنڌ
سڀا‘
سنڌ جي عوام ۾ سجاڳيءَ لاءِ
’سنڌ
ٽائيمز‘
۽
’سنڌ
سڌار‘
اخبارون به جاري ڪيون. آڪٽوبر 1884ع ۾ ميونسپل
ايڪٽ ۾ سڌارو آندو
ويو.
سنڌ سڀا، اُنهن بلن تي جيڪو بحث مباحثو ڪيو هو،
تنهن ۾ ڏيارام گهڻو بهرو ورتو هو. عريضيون جيڪي
سرڪار کي ڪيون ويون، تنهن ۾ به سندس هٿ هو.(4)
1884ع
۾ هند سرڪار تعليمي سڌارن آڻڻ لاءِ ڪميشن ويهاري.
’سنڌ
سڀا‘
ان موقعي جو فائدو وٺندي، سنڌ ۾ ڪاليج کولڻ جي گهر
رکي.
سنڌ ۾ ڪاليج جي قيام لاءِ، هڪ وفد تعليمي ڪميشن
سان ملاقات ڪئي، ۽ مسٽر هنٽر جڏهن خانگي دؤري تي
ڪراچيءَ
پهتو، تڏهن به کيس ان مسئلي کان آگاهه ڪيو ويو. هن
ڪم جي پورائي لاءِ اصل ڪم ڏيارام گدومل ڪيو، جنهن
ذاتي دلچسپي وٺي، هزارين روپين
جو چندو ڪيو. ان کان علاوه،
مسٽرگپتا، ساڌو هيرانند ۽ ڏيارام ڄيٺمل به وڏي
سرجوشي ڏيکاري . آخرڪار،
سنڌ سڀا کي ڪاليج ٺاهڻ ۾ به ڪاميابي حاصل ٿي.
ڪاليج جو افتتاح لارڊ ري ۽ مسٽر شونداس چاندومل
هٿان تاريخ سترهين جنوري 1887ع تي ٿي گذريو.
ڏيارام ڄيٺمل جون ذاتي ڪوششون
سنڌ ڪاليج برپا ڪرڻ ۾ جيڪا تندهي ۽
جانفشاني ديوان ڏيارام ڪئي، سا سنڌ ۾ مشھور ۽
معروف آهي. اها ڪوشش سال
85-1884ع
۾ شروع ٿي ۽ سال 1887ع ۾ برصواب ٿي. اعليٰ درجي جي
تعليم ۾ سنڌ اڳي ڏاڍو پوئتي پيل هئي. سال 1880ع
ڌاري، بي.اي. ڊگري حاصل ڪيل جوان سنڌ ۾ ڪي اٺ ڏهه
مس هئا، ۽ اڃا هڪ به سنڌيءَ ڊاڪٽري علم يا
انجنيئري علم جي ڊگري حاصل ڪانه ڪئي هئي.
ايل.ايل.بي. امتحان پڻ هڪ سنڌيءَ انهيءَ وقت ڌاري
پاس ڪونه هو. سنڌين کي بمبئي يا پوني ۾ وڃي
ڪاليجن ۾ پڙهڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي. اهي سڀ
ڳالهيون ويچاريم، ديوان ڏيارا ڄيٺمل ۽ سندس هم
رفيقن ڪمر ڪشي سنڌ ۾ آرٽس ڪاليج وجهڻ جو پڪو ارادو
ڪيو.
ديوان ڏيارام،
جيڪو ڪاليج اسٿاپن ڪرڻ لاءِ پڌرنامو يا وينتي پتر
جاري ڪيو هو، سو سنڌ ڪاليج ۾ اڃا موجود آهي. ان ۾
هُن
سموري حقيقت، ڪاليج جي جاري ڪرڻ جي ضرورت بابت، پرسڌ ۽ ذهن نشين ڪري ڏيکاري هئي. وينتي
پتر ڪڍڻ بعد يڪدم ڪاليج لاءِ پيسي موجود ڪرڻ جو
سعيو ڪيائين ۽ چندو کرو ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ جيڪي
پرش هئا، انهن کي هم صلاحي ڪري انهن کان پيسا
چاڙهيائين ۽ پوءِ ستت ئي انگريزي ڪامورن جي مدد
ورتائين. چندي جي ياداشت ٺهڻ سان ويهارو هزار کن روپيا هٿ ڪيائين ۽ سال ڏيڍ جي ڪوشش سان چندو
وڌي وڃي هڪ لک روپين
سان لڳو. ديوان ڄيٺمل، ديوان نولراءِ، ديوان
اڌارام، ديوان ميٺارام گدومل ۽ ٻين صاحبن جي سعيي سان ڳچ پيسا ملڻ
لڳا ۽ هر ڪنهن فرقي ۽ درجي جي هندن پيسن ڏيڻ ۾
ڪوتاهي ڪانه ڪئي. خاص طور تي حيدرآبادي عالمن، جن گهڻي خود
قرباني ڏيکاري. سال 1886ع ڌاري ايترو پيسو ميسر
ٿيو، جو ديوان ڏيارام بمبئيءَ جي گورنمينٽ کي
ڪاليج جاري ڪرڻ ۽ ان کي سرڪاري مدد ڏيڻ بابت
استدعا ڪري سگهيو ٿي. انهن ڏينهن ۾ بمبئيءَ
جو گورنر هردل عزيز ۽ اعليٰ خيال وارو لارڊ ري
صاحب هو ۽ سندس ڪائونسل ۾ سر وليم وودبرن ۽ مسٽر
ميڪسويل سلويل سرڪار پاران ميمبر هئا. ديوان
ڏيارام جي انهن سان چڱي ريت ڏيٺ هئي. تنھنڪري انهن
سان لکپڙهه شروع ڪيائين ۽ بمبئيءَ جي يونيورسٽيءَ جي سرڪردن جي مدد پڻ ورتائين. انهن سرڪردن مان مکيه هئا
مسٽر ووڊ صاحب،
جو انهن ڏينهن ۾ بمبئي هاءِ ڪورٽ جو جج هو، جو
تنهن کان اڳي سنڌ ۾ صدر ڪورٽ جو جج رهيو هو. مسٽر
ڪاشي ناٿ تيلنگ، مسٽر فيروزشاهه مهتا، مسٽر
بدرالدين تابجي، مسٽر ابراهيم رحمت الله سياني ۽
ٻيا. ديوان ڏيارام جي انهن سڀني سان ڪاليج بابت
گفتگو ۽ صلاح مصلحت هلي ۽ انهن بمبئي يونيورسٽيءَ
جي پاران ڪاليج جاري ڪرڻ جي مدد ڏيڻ جو انجام ڪيو.
لارڊ ري صاحب سال 1886ع جي پڇاڙيءَ ڌاري هڪ سرڪاري
ٺهراءُ
ڪاليج جاري ٿيڻ بابت ڪڍيو، جنهن ۾ هن ان لاءِ هر
سال ڏهه هزار رپيا گرانٽ ڏيڻ جو انجام ڪيو ۽ ڪاليج
بورڊ ٺاهڻ لاءِ حڪم ڪيو.
جنهن ۾ سرڪار جي پاران فقط 6 ميمبر ٿيڻا هئا ۽ ٻيا
سڀ چندي ڏيندڙن جي عيوضي ٿيڻا هئا. سنڌ جي ڪمشنر
صاحب مسٽر ارسڪن پڻ ڪاليج جاري ڪرڻ ۾ گهڻي مدد ڏني
۽ سندس سفارش ۽ هدايت تي ڪيترن لوڪل بورڊن ساليانو
چندو يا گرانٽ ڏيڻي ڪئي.
1887ع ۾ ڪاليج جو قيام آيو، جنهن ۾ ڏيارام جي ڪوشش
سڀني کان اڳري هئي.(5)
هيءُ
ڪاليجُ
پوءِ مسٽر ڏيارام ڄيٺمل جي خدمتن جي ڪري، سندس
نالي سان
’ڊي.جي.
سنڌ ڪاليج‘
سڏيو ويو. هي
’سنڌ
سڀا‘
جي آخرين وڏي ڪاميابي هئي، جنهن سنڌ جي تعليمي،
سياسي، سماجي، علمي، ادبي، قومي ۽ بين الاقوامي
سطح تي انقلابي ڪم ڪيو.
ڏيارام گدو مل جون ذاتي ڪوششون
’سنڌ
سڀا‘
مان حسن علي آفنديءَ جي وڃڻ جي باوجود ڏيارام گدو
مل سنڌ ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ بنهه مايوس نه
ٿيو، لارڊ رپن کي مان پتر ڏيڻ کان پوءِ هُن
سنڌ ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ ڪيس تيار ڪيو.
هن دؤر ۾ سنڌ جي تعليم جو انچارج
ٿامس هارٽ ڊيويس (1849ع-1920ع) هو، جنهن زندگيءَ جا ڳچ سال سنڌ ۾ گذاريا هئا ۽ سنڌ ۾
نوڪريءَ تان رٽائر ٿيو هو. هُن جي همٿائڻ تي ديوان ڏيارام
گدومل هڪ ڪتابڙو
ڪاليجي تعليم بابت
“Collegiate
Education” لکيو
، جنهن ۾ هن اوچ سکيا جي ضرورت ڏيکاري آهي ۽ سنڌ
آرٽس ڪاليج لاءِ اپيل ڪئي. اهو
ڪتابڙو
27 جون 1885ع ۾ لکيل آهي ۽ سنڌ جي تعليم جي
انچارج
مسٽر هارٽ ڊيوس کي ارپڻ ٿيل آهي.
ڏيارام گدو مل دليل ڏئي ثابت ڪيو آهي ته سنڌ ۾
انگريزي تعليم ۽ سنڌ ۾ هڪ ڪاليج جو قيام اڻٽر آهي.
سنڌ ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل ڪيس جي شروع
۾ سنڌ جي تعليم کاتي جي انسپيڪٽر مسٽر هارٽ ڊيويس
کي لکيل خط ۾ ڏيا رام گدو مل لکي ٿو ته،
”اِهو منهنجو پُختو اعتقاد آهي ته ڪاليجي تعليم
اهم سياسي ضرورت آهي.
اسان وٽ ٽي رستا آهن:
(1) ڪجهه به نه پڙهائجي، (2) ٿورو پڙهائجي،
۽
(3) تمام گهڻو پڙهائجي. پهرين واٽ تي هلڻ جو مطلب
ٿيندو ته هر قسم جي ترقيءَ کان انڪار.
ٻي واٽ خطرناڪ آهي، جو اڻپوري ڄاڻ هميشه خطرناڪ
هوندي آهي ۽ آخري واٽ نه منفي آهي نه خطر ناڪ.
انهيءَ ڪري اِهو متبادل رستو هر حال ۾ اختيار ڪرڻو
پوندو ۽ ان کي قبول ڪرڻ جو مطلب اهو ئي آهي ته سنڌ
۾
ڪاليج قائم ڪرڻا پوندا.“(6)
ڏيارام گدومل، هن ڪتاب ۾ وڏن تعليمي ماهرن
، ڄاڻو عالمن ۽ ججن جا حوالا، رايا ۽ ويچار ڏئي
ثابت ڪري ڏيکاريو،
ته ڪاليجي تعليم نه ڏيڻ، سڌاري ۽ واڌاري جي
ڪاروبار ۾ اٽڪون وجهڻ ٿيندو. تعليم جي ڪري، حڪومت
جي ڪاروبار هلائڻ لاءِ، سرڪار کي قابل ۽ هوشيار ڪم
ڪندڙ ملي سگهندا ۽ ڪاليجي تعليم سبب، مقامي ٻولين
جي ادب ۾ سڌارو ۽ واڌارو ٿيندو. اعليٰ تعليم
پرايل، پنھنجي پنھنجي مادري ٻوليءَ ۾ نوان نوان
ڪتاب لکي، ادب جو درجو اوچو ڪندو. ان کان علاوه،
تعليم جي ڦهلاءَ ۽ سماج جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ
ڪيتريون ئي جماعتون قائم ٿي سگهنديون، جن جي ڪري
ملڪ ۾ سڌريل ڍنگ ۾، قاعدي سان قانوني طرح، حقن
حاصل ڪرڻ لاءِ تحريڪون هلنديون.
ٻيءَ
صورت ۾ بغاوتون ٿينديون.
اثر و رسوخ رکندڙن جي ڪميٽيءَ جو قيام
ڪاليج جي قيام لاءِ پهرين ڪميٽي 1882ع ۾
قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ پوري صوبي جي اهم ماڻھن کي
شامل ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ڪراچيءَ مان ڏيارام
ڄيٺمل، حيدرآباد مان ديوان ميٺارام، شڪارپور جو
سول جج ڏيارام گدومل، ٽلٽيءَ جو ديوان واڌومل
چنديرام، سيٺ آلومل ٽيڪمداس، فتح چند آتمارام،
شيونداس چنديرام، پيسٽنجي بيرامجي ڪوٽوال، ۽
اڌارام مولچند شامل هئا. هن ڪميٽيءَ
1882ع ۾
’انڊين
ايجوڪيشن ڪميشن‘
کي يادداشت
نامو موڪلي، ڪراچيءَ ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ جي گهر ڪئي.
هنن سرڪار کي يقين ڏياريو،
ته اگر سنڌ ۾ ڪاليج قائم ڪيو ٿو وڃي ته هو
30,000
روپيا عوامي چندي مان ڪاليج جي سلسلي ۾ جمع
ڪرائيندا.(7)
ڪاليج برپا ڪرڻ لاءِ فنڊ جو قيام
موتيرام ايس. رامواڻي لکي ٿو ته: ”سرڪار
پاران سنڌ ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ ڪوبه قدم نه کنيو
ويو. ڏيارام، پهريائين ڄيٺمل جو ساٿ هٿ ڪيو، پوءِ
پنھنجي وڏي ڀاءُ ميٺارام جو سهڪار ورتائين.
نولراءِ شوقيرام جو ساٿ ته کيس هوندو ئي هو. سندس
ٻاريءَ جا ساٿي.
ڪوڙومل چندن مل، ساڌو هيرانند، ٽهلرام کيمچند،
هرچند راءِ وشنداس ۽ ٻيا ته ساڻن ئي هئا.“(8)
ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک روپئي
جي ضرورت هئي. سندس خيال هو ته هڪ لک روپيو
گڏ ڪجي ۽ اوتري رقم لاءِ سرڪار کي ڏسجي. اهڙيءَ
طرح ڪاليج جي ڪاروبار هلائڻ لاءِ ميونسپالٽين ۽
لوڪل بورڊن کي اپيل ڪجي ۽ کانئن سالياني رقم حاصل
ڪجي.
1885ع ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ هڪ دفعو ٻيهر
اپيل ڪئي وئي. رسيدون ڇپايون ويون. سرڪاري ملازمن
کي گذارش ڪئي وئي ته هو گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهيني جي
پگهار ڪاليج فنڊ ۾ جمع ڪرائين. ان سلسلي ۾
”سنڌ
سڌار“،
”سنڌ
ٽائيمس“
پاران
گڏجاڻيون ڪري سڄي سنڌ مان ڪاليج فنڊ لاءِ چندا مهم
هلائي وئي. ڪاليج برپا ڪرڻ لاءِ، هڪ جماعت
’سنڌ
ڪاليج ائسوسيئيشن‘
قائم ڪئي وئي، جنهن کي سرڪاري طور رجسٽر ڪرايو
ويو.
ڪاليج فنڊ ۾، جن سڄڻن ڊونيشن ۽ چندو ڏنو، تن جا
نالا ۽ رقم ۽ ٻيا تفصيل ڊي.جي. ڪاليج جي ڇپيل
”گولڊن جوبلي نمبر“ تان ورتل آهن ۽ هن ريت آهن.(9)
(پيٽرن: هڪ هزار يا وڌيڪ ڊونيشن ڏيندڙ)
نمبر |
ڏيندڙ جو نالو |
سڃاڻپ |
رقم(روپيا) |
1.
|
لالا ڀيرومل |
ڪانٽريڪٽر، روهڙي |
هڪ هزار |
2.
|
ڏوسا ڪلياڻ |
ڪراچي |
هڪ هزار |
3.
|
ايدلجي ڊنشا |
مرچنٽ، ڪراچي |
ٽي هزار |
4.
|
ٺاڪر آف ڀائونگر |
|
پنج هزار |
5.
|
ايڇ. جيمسيٽجي هورمسجي |
مرچنٽ، ڪراچي |
ٻه هزار |
6.
|
جهانگريزجي هورمسجي |
مرچنٽ، ڪراچي |
هڪ هزار |
7.
|
رامداس مرارجي |
مقادم، ڪراچي |
هڪ هزار |
8.
|
شونداس چانڊومل |
ڊپٽي ڪليڪٽر |
هڪ هزار |
9.
|
ميٺارام گدومل |
ڪراچي |
هڪ هزار |
10.
|
فتحچند آتمارام |
مرچنٽ، ڪراچي |
هڪ هزار |
11.
|
فتحچند ڏينداس |
مرچنٽ، ڪراچي |
هڪ هزار |
12.
|
ڏيارام ڄيٺمل |
وڪيل، ڪراچي |
هڪ هزار |
13.
|
اڌارام مولچند |
وڪيل، ڪراچي |
هڪ هزار |
14.
|
دولترام ڄيٺمل ۽ بولچند ڏيارام
|
ڏيارام ڄيٺمل جو ڀاءُ ۽ پٽ |
پنجويهه هزار |
15.
|
ڏيارام گدومل |
|
هڪ هزار |
(ايسوسيئشن: ٻن سون کان هڪ هزار ڏيندڙ)
نمبر |
ڏيندڙ جو نالو |
سڃاڻپ |
رقم(روپيا) |
1.
|
آلومل ٽيڪمداس |
ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر |
300 |
2.
|
اڏومل ڏيوراج ائنڊ ڪو |
مرچنٽ، ڪراچي |
200 |
3.
|
ڀونداس همتسنگهه ائنڊ براس |
حيدرآباد |
250 |
4.
|
بيلارام سچانند |
سب جج سيوهڻ |
200 |
5.
|
چوهڙ مل ڪندنمل |
سرڪاري وڪيل، حيدرآباد |
500 |
6.
|
چوئٿرام رامچند |
نيٽوِ اسسٽنٽ ڪمشنر |
310 |
7.
|
ڪوارسجي ڊنشا |
مرچنٽ، ڪراچي |
250 |
8.
|
ڏيوجي پارپيا |
مرچنٽ، ڪراچي |
750 |
9.
|
سردار ديال سنگ |
جاگيردار، لاهور |
498 |
10.
|
دولترام صورتسنگهه |
سرڪاري وڪيل، شڪارپور |
400 |
11.
|
ڊونالڊ گراهم ائنڊ ڪو |
ڪراچي |
250 |
12.
|
فرامجي بهرامجي |
ڪانٽريڪٽر، ڪراچي |
300 |
13.
|
گيانچند انوپراءِ ۽ روپچند
|
حيدرآباد |
500 |
14.
|
ايڇ.اين. بي.
ارسڪن |
ڪمشنر سنڌ |
500 |
15.
|
هاسا سنگ ڏيونمل |
وڪيل، حيدرآباد |
300 |
16.
|
هريرام ڪانچي |
مرچنٽ، ڪراچي |
351 |
17.
|
جيونجي پستنجي |
ڊباش، ڪراچي |
250 |
18.
|
خوشيرام ٿانورداس |
حيدرآباد |
200 |
19.
|
خانچند لڌارام |
وڪيل، حيدرآباد |
300 |
20.
|
ڪوڙومل چندنمل |
پرنسيپل ٽريننگ ڪاليج، حيدرآباد |
400 |
21.
|
لوڪمنداس هوتچند ائنڊ برادرس |
حيدرآباد |
890 |
22.
|
لالچند ڪيولرام ائنڊ هاسامل |
لاڙڪاڻو |
235 |
23.
|
لوڻيندا سنگ |
شڪارپور |
225 |
24.
|
مولجي ڄيٺا |
مرچنٽ، ڪراچي |
501 |
25.
|
مينگهير سنگ مولچند |
وڪيل، حيدرآباد |
300 |
26.
|
ميان شير محمد شڪراڻي |
ٺٽو |
250 |
27.
|
منگهنمل ڪندنمل |
وڪيل، حيدرآباد |
250 |
28.
|
مولسنگ اجواڻي |
جاگيردار، سکر |
100 |
29.
|
مکي نارائڻداس |
مرچنٽ، حيدرآباد |
500 |
30.
|
ننديرام بکتا |
اوور سيئر، حيدرآباد |
325 |
31.
|
پريتمداس چندناڻي |
ايگزيڪيٽوِ انجنيئر |
455 |
32.
|
پنجومل مولچند منسکاڻي |
سپروائيزر، حيدرآباد |
200 |
33.
|
ڦڳومل ۽ گدامي |
سکر |
275 |
34.
|
رامچند اتمچند |
زميندار، حيدرآباد |
250 |
35.
|
رستمجي ٽهڪچند ائنڊ ڪو |
مرچنٽ، سکر |
500 |
36.
|
رالي برادرس
|
ڪراچي |
250 |
37.
|
رامجي لکيمداس ائنڊ ڪو |
ڪراچي |
402 |
38.
|
مولجي ڏيوجي |
ڪراچي |
250 |
39.
|
لالا تلوڪچند ۽ گيانچند |
سيوهڻ |
500 |
40.
|
وليم ووڊبرن |
چيف سيڪريٽري، گورنمينٽ آف بمبئي |
250 |
41.
|
شاپورجي ايڇ. سوپاري والا |
ڪراچي |
525 |
42.
|
شوقيرام پرڀداس |
ڊي.ايف. او. حيدرآباد |
250 |
43.
|
شيوارام ر کيومل |
ڪراچي |
250 |
44.
|
سهجرام چنڊومل |
دفتردار، ڪراچي |
500 |
45.
|
مکي سکرداس هيرانند |
حيدرآباد |
500 |
46.
|
فاربس ائنڊ ڪو |
ڪراچي |
250 |
47.
|
تيجومل لکومل |
سب جج، حيدرآباد |
200 |
48.
|
تاراچند ڀوڄومل |
ڪانٽريڪٽر، ڪراچي |
451 |
49.
|
ٽهلمل ائنڊ ڪو |
سکر |
300 |
50.
|
تلجارام ميٺارام |
سيوهڻ |
400 |
51.
|
وطڻمل ماڻڪراءِ |
سپروائيزر، ٺٽو |
500 |
52.
|
وشنداس نهالچند ۽ هرچند راءِ وشنداس |
ڪراچي |
250 |
53.
|
والر ڪوٽ برادرس |
ڪراچي |
250 |
54.
|
وزيرمل اتم چند |
سب جج |
200 |
55.
|
وليم ورڊز ورٿ |
ڪراچي |
250 |
56.
|
واڌومل چنديرام |
ٽلٽي |
800 |
57.
|
مير غلام حسين بجر خان |
|
250 |
58.
|
فيروز شاهه پيستنجي |
ڊباش، ڪراچي |
500 |
59.
|
گنگارام مولچند |
حيدرآباد |
200 |
60.
|
کيمچند جواهري |
حيدرآباد |
250 |
61.
|
ٽوپڻداس ڏيارام ۽ ڪندنمل |
حيدرآباد |
250 |
62.
|
ٽيڪچند اوڌ وداس |
وڪيل، ڪراچي |
200 |
63.
|
گوبند بخش آوتراءِ |
وڪيل، سکر |
200 |
64.
|
امرسنگ سيتلداس |
سب جج |
550 |
65.
|
سچانند دولترام |
وڪيل، حيدرآباد |
300 |
66.
|
ڏيالداس |
حيدرآباد |
250 |
67.
|
ڌرمداس شوقتراءِ |
سب جج |
200 |
68.
|
نولراءِ شوقيرام |
دفتردار، حيدرآباد |
|
69.
|
سيٺ دولترام شڪارپوري |
حيدرآباد |
500 |
70.
|
مکي چانڊومل |
حيدرآباد |
500 |
71.
|
ڪنول سنگ |
وڪيل، حيدرآباد |
200 |
72.
|
پارومل خوبچند |
ڊپٽي ڪليڪٽر، سيوهڻ |
600 |
73.
|
پيسومل ذوقيرام |
وڪيل، سکر |
235 |
74.
|
تلوڪسنگ ۽ ڌرمسنگ |
پورٽ ٽرسٽ، منهوڙو |
205 |
75.
|
روپچند ٻيلارام |
وڪيل، ڪراچي |
200 |
76.
|
ڌرڳداس بي. آڏواڻي |
آرڪيٽيڪٽ |
200 |
77.
|
تولا سنگ ڪي. آڏواڻي |
وڪيل، ڪراچي |
200 |
78.
|
پرتابسنگ صاحب سنگ شهاڻي |
بار ائٽ لا، ڪراچي |
200 |
79.
|
موتيرام عيدمل |
وڪيل، ڪراچي |
200 |
(ميمبر: 50 روپين کان گهٽ چندو نه ڏنو ويو)
نمبر |
ڏيندڙ جو نالو |
سڃاڻپ |
رقم |
1.
|
پيسٽنجي بي. ڪوٽوالا |
ڪراچي |
100 |
2.
|
اين.اين پوچاجي |
مالڪ گزيٽ پريس |
100 |
3.
|
نربداس ڄيٺمل |
حيدرآباد |
75 |
4.
|
غلام حسين چاڳلا |
مرچنٽ، ڪراچي |
125 |
5.
|
ٽي. هارٽ ڊيويس |
ڊسٽرڪٽ جج، ڪراچي |
100 |
6.
|
ٽنڊڻمل |
وڪيل، سکر |
150 |
7.
|
شيوارام مولچند |
|
50 |
8.
|
تلوڪسنگ |
سکر |
100 |
9.
|
ريواچند کيملداس |
مرچنٽ، ڪراچي |
101 |
10.
|
سامنمل گلامل |
ڪراچي |
101 |
11.
|
هيمنمل ٺاڪرداس |
ڪراچي |
101 |
12.
|
آوتراءِ رامچند |
ميونسپل آفيس، ڪراچي |
75 |
13.
|
بولچند ڪوٽومل جڳتياڻي |
ماستر اين. جي.وي. اسڪول، ڪراچي |
80 |
14.
|
منيرام ڪانسنگ |
هيڊ ڪلارڪ، ٿرپارڪر، ڊپٽي ڪمشنر آفيس |
50 |
15.
|
ڌنروپداس منروپداس |
|
50 |
16.
|
ليلارام وطڻ مل |
سب جج |
125 |
17.
|
تاراچند شوقيرام |
هيڊ ماستر، نارمل اسڪول، حيدرآباد |
150 |
18.
|
وشنداس قيمتراءِ |
حيدرآباد |
125 |
19.
|
شيرسنگ بهارسنگ |
زميندار، حيدرآباد |
125 |
20.
|
حاجي وريل |
مرچنٽ، حيدرآباد |
100 |
21.
|
گربومل منگهير سنگ |
رجسٽرار، سمال ڪازز ڪورٽ |
100 |
22.
|
چانڊومل گوپالداس |
حيدرآباد ڪليڪٽر جو منشي |
80 |
23.
|
رتنچند لوهاڻا |
ٺٽو |
101 |
24.
|
ڏاموڌرداس ڪارائي |
ٺٽو |
101 |
25.
|
هريداس آسانند |
ٺٽو |
101 |
26.
|
ٺارمل ڪندنمل |
حيدرآباد |
101 |
27.
|
پيتامبرداس قسمتراءِ |
ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر، شڪارپور |
55 |
28.
|
موٽومل هاسامل ۽ خوشيرام موٽومل |
ڪمشنر آفيس، ڪراچي |
59 |
29.
|
ڊبليو. جئمسن |
ڪراچي |
100 |
30.
|
مئڪ هنچ ائنڊ ڪو |
ڪراچي |
100 |
31.
|
ستومل ٻڌومل |
ڪراچي |
120 |
32.
|
ڪرنل سيمپسن |
سپرٽينڊنٽ آف پوليس |
50 |
33.
|
برجوجي نانا ڀائي |
ڪراچي |
150 |
34.
|
پنجومل مولچند لالواڻي |
سپروائيزر، ڪراچي |
100 |
35.
|
جڳتراءِ |
مختيارڪار، سکر |
50 |
36.
|
ڏيئومل رائمل |
حيدرآباد |
50 |
37.
|
لوڪومل وطڻمل |
حيدرآباد |
50 |
38.
|
گنگارام تلسيداس |
حيدرآباد |
100 |
39.
|
واڌومل گنگارام |
رجسٽرار، صدر ڪورٽ، ڪراچي |
50 |
40.
|
هرومل رامچند |
سپروائيزر |
100 |
41.
|
جوهرمل صوڀراج |
زميندار، حيدرآباد |
50 |
42.
|
چوٽيرام |
اڪائونٽنٽ، ڪشمور |
100 |
43.
|
رابرٽ جائلس |
ڪليڪٽر |
50 |
44.
|
ايس. ايڊگرلي |
بمبئيءَ جي گورنر جو پرائيويٽ
سيڪريٽري |
100 |
45.
|
اي. ايڇ. فلٽن |
اڳوڻو ايجوڪيشنل انسپيڪٽر، سنڌ |
100 |
46.
|
واڌومل |
مختيارڪار،
نوشهرو فيروز |
55 |
47.
|
منشي پرمانند |
حيدرآباد |
50 |
48.
|
ڪرمچند |
ڪانٽريڪٽر، حيدرآباد |
100 |
49.
|
حڪومتراءِ |
حيدرآباد |
50 |
50.
|
جئرام نارايڻ |
ڪراچي |
51 |
51.
|
آگرا بئنڪ مئنيجر |
|
50 |
52.
|
منشي ڌرمداس |
حيدرآباد |
70 |
53.
|
ماڌا راو |
ڪليڪٽر آفيس، سکر |
75 |
54.
|
وليم لي وارنر |
اڳوڻو اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ |
100 |
55.
|
اڌرام |
اوورسيئر، لڪي |
75 |
56.
|
نارائڻ سنگ صوڀا سنگ |
ڪلارڪ، اين. ڊبليو ريلوي لاهور |
112 |
57.
|
ڪوڏومل |
مرچنٽ، سکر |
100 |
58.
|
اوپ داس |
وڪيل، سکر |
100 |
59.
|
ڌنراجمل ٺاڪومل |
وڪيل، سکر |
50 |
60.
|
ميان عبدالمجيد |
زميندار، سکر |
125 |
61.
|
ڪشنسنگ |
سکر |
100 |
62.
|
هوتچند |
سکر |
125 |
63.
|
ايسرداس |
هيڊ منشي، سکر |
50 |
64.
|
مکي ڏيونداس |
سکر |
125 |
65.
|
چنديرام |
سکر |
100 |
66.
|
خوشحالداس |
سکر |
100 |
67.
|
اتمچند |
سکر |
50 |
68.
|
خانچند نهالچند |
سکر |
100 |
69.
|
سانولداس نهالچند |
سکر |
100 |
70.
|
کيانتومل |
سکر |
100 |
71.
|
ڀونداس گراڻي |
سکر |
50 |
72.
|
سنتومل گهململ |
سکر |
150 |
73.
|
جيسومل |
ڪلارڪ، ريلوي، سکر |
50 |
74.
|
بينسومل |
سکر |
100 |
75.
|
سيتلداس |
سکر |
60 |
76.
|
چنچلداس |
سکر |
80 |
77.
|
مولامل |
سکر |
121 |
78.
|
نارائڻداس |
سکر |
100 |
79.
|
ڪلياڻداس |
سکر |
101 |
80.
|
وسيامل |
اين. ڊبليو، ريلوي، لاهور |
53 |
81.
|
نراسنگداس |
سکر |
100 |
82.
|
دوساڀائي |
سکر |
100 |
83.
|
پالنجي |
سکر |
100 |
84.
|
چندا سنگ |
حيدرآباد |
138 |
85.
|
ڇتامل |
پوسٽل ڊپارٽمينٽ، سکر |
75 |
86.
|
فتحچند |
وڪيل، سکر |
50 |
87.
|
ڌمڻمل |
حضور ڊپٽي ڪليڪٽر آفيس، ڪراچي |
80 |
88.
|
شيوڪرام ڪشنچند |
دادو |
100 |
89.
|
چنديرام ڄيٺمل |
حيدرآباد |
50 |
90.
|
وشنداس |
جواهري، حيدرآباد |
125 |
91.
|
منومل |
جواهري، حيدرآباد |
75 |
92.
|
کٽڻمل |
حيدرآباد |
100 |
93.
|
روچيرام چوٽيرام |
حيدرآباد |
100 |
94.
|
بولچند راجومل |
حيدرآباد |
75 |
95.
|
پنڊت رامناڻني |
حيدرآباد |
100 |
96.
|
اوڏو داس |
حيدرآباد |
50 |
97.
|
نرسي کاٽائو |
ڪراچي |
51 |
98.
|
ڪشور چند |
|
101 |
99.
|
فضل محمد کينيجاڻي |
ڪراچي |
50 |
100.
|
ڊبليو. ايڇ. پرائيس |
|
100 |
101.
|
ڊبليو. ايس. فورمئن |
|
75 |
102.
|
گوبندراءِ سلامتراءِ |
سيوهڻ |
70 |
103.
|
گنگارام شامداس |
سيوهڻ |
150 |
104.
|
ڌرمداس ڇٻلداس ۽ خانچند |
سيوهڻ |
62 |
105.
|
روپچند پوهومل |
سيوهڻ |
50 |
106.
|
لالا ٽهلرام |
سيوهڻ |
50 |
107.
|
بچومل ڏياريومل |
سيوهڻ |
105 |
108.
|
رامنومل نارومل |
سيوهڻ |
50 |
109.
|
مينگهڻمل ڏياريومل |
سيوهڻ |
100 |
110.
|
لکومل واڌومل |
سيوهڻ |
75 |
111.
|
ٿانورداس روپچند |
شڪارپور |
51 |
112.
|
ٿانورداس ايسرداس |
شڪارپور |
51 |
113.
|
سترامداس منگهومل |
شڪارپور |
115 |
114.
|
هشمتراءِ چنديرام |
شڪارپور |
101 |
115.
|
چندنمل ڄيٺمل |
شڪارپور |
100 |
116.
|
ڏيارام آسانند |
شڪارپور |
51 |
117.
|
ٺڪر رامداس ٿانورداس |
شڪارپور |
110 |
118.
|
شيوارام لڻينداس |
شڪارپور |
151 |
119.
|
هريرام سندرجي |
ڪراچي |
101 |
120.
|
ڏيونداس تاراچند |
شڪارپور |
75 |
121.
|
سوئيارام تنکداس |
ڪراچي |
51 |
122.
|
گوڪلداس برجال |
ڪراچي |
101’ |
123.
|
موٽومل لالچند |
سالٽ ڊپارٽمينٽ |
60 |
124.
|
کيمچند پهلاجراءِ |
ڪراچي |
100 |
125.
|
دلجيتسنگ ڏاندومل |
ميرپور بٺورو |
150 |
126.
|
خداداد خان |
مير منشي، ڪمشنر آفيس |
50 |
127.
|
چوئٿرام گرڌرداس |
مختيارڪار |
175 |
128.
|
ٿانورداس |
وڪيل، حيدرآباد |
90 |
129.
|
سنتسنگ ۽ جوهر سنگ |
وئسينيس ڊپارٽمينٽ |
95 |
130.
|
منگهامل ايسرداس |
برما |
59 |
131.
|
منشارام وطڻمل |
سيوهڻ |
102 |
132.
|
ڏيارام |
|
75 |
133.
|
وڏيرو دادو خان |
زميندار |
50 |
134.
|
هيرانند شوقيرام ۽ گپتا |
|
100 |
135.
|
واڌمل منسکاڻي |
حيدرآباد |
150 |
136.
|
کيمچند لالواڻي |
حيدرآباد |
100 |
137.
|
ڌرمداس گدواڻي |
حيدرآباد |
100 |
138.
|
پرمانند جئندراءِ لالواڻي |
حيدرآباد |
111 |
139.
|
پارومل وزيرمل |
حيدرآباد |
100 |
140.
|
ڏيئلمل |
حيدرآباد |
50 |
141.
|
مورجيمل ملڪاڻي |
حيدرآباد |
50 |
142.
|
ڪلاچند |
حيدرآباد |
50 |
143.
|
درياڻومل |
حيدرآباد |
150 |
144.
|
آسنداس |
حيدرآباد |
50 |
145.
|
جي. لئمبرٽ |
سپرنٽينڊنٽ انجنيئر |
100 |
146.
|
نيڀراج |
|
100 |
147.
|
ايسرداس |
سالٽ ڊپارٽمينٽ |
50 |
148.
|
منگهارام، فتحچند، بولچند ۽ جهمٽمل
گدواڻي |
حيدرآباد |
100 |
149.
|
گرمکداس ۽ روچيرام |
وڪيل، حيدرآباد |
50 |
150.
|
روچيرام گجومل |
سنڌي ٽرانسليٽر |
50 |
151.
|
هاسارام ميٺارام |
سپروائيزر |
50 |
152.
|
هاسومل گجومل |
مختيارڪار |
50 |
153.
|
ٺاڪرداس تاراچند |
حيدرآباد |
50 |
154.
|
سي.اين. ڪانٽريڪٽر |
هيڊ ماستر، هاءِ اسڪول حيدرآباد
|
100 |
155.
|
فتحچند صاحب سنگ |
مختيارڪار |
50 |
156.
|
آسوداسنگ دلسنگ |
ڪراچي |
70 |
157.
|
جي.ايف. مرزا |
اسسٽنٽ ايجوڪيشنل انسپيڪٽر |
65 |
158.
|
ڏيئومل هرچندرراءِ |
ڪيشئر، بمبئي بئنڪ |
70 |
159.
|
پرمانند هردارام |
ڪنزويٽر آفيس |
60 |
160.
|
اچلسنگ ايم. آڏواڻي |
وڪيل، حيدرآباد |
60 |
ڪاليج فنڊ ۾ اٽڪل نوي هزار جمع ٿيا. فنڊ ۾
هندو سنڌين ۽ پارسين دل کولي حصو ورتو. ڪيترن ئي
انگريز عملدارن ذاتي حيثيت ۾ چندو ڏنو. البته
مسلمانن جي هڪ گروهَه،
ان جي چندي جي مهم ۾ حصو نه ورتو.
سرڪاري سطح تي کنيل قدم
جڏهن ڪاليج کولڻ جي تحريڪ زور ورتو،
ته ان وقت
سنڌ جي تعليم جي چارج مسٽر هارٽ ڊيويس وٽ هئي،
جنهن کي ڪاليج قائم ڪرڻ تي ڪو به اعتراض نه هو.
1882ع ۾
ڪاليج ايسوسيئشن پاران
’انڊين
ايجوڪيشن ڪميشن‘
کي يادداشت
نامو موڪلي، ڪراچيءَ ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ جي گهر ڪئي.
هنن سرڪار کي يقين ڏياريو ته اگر سنڌ ۾ ڪاليج
قائم ڪيو ٿو وڃي ته هُو
30,000
روپيا، عوامي چندي مان ڪاليج جي سلسلي ۾ جمع
ڪرائيندا.
’انڊين
ايجوڪيشن ڪميشن‘،
دراصل وائسراءِ لارڊ رپن منتخب ڪئي
هئي،
ته اها هندستان جي مختلف شهرن ۾ اسڪول کان ويندي
ڪاليج قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ پنھنجون سفارشون جمع
ڪرائي، سواءِ يونيورسٽين ۽ ٽيڪنيڪل ادارن قائم ڪرڻ
جي.(10)
سنڌ جي تڏهوڪي ڪمشنر
ايڇ.اين.
بي.ارسڪن
کي سنڌ ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ سرڪاري حمايت ڪئي.
مسٽر ارسڪن، اٽڪل
نون سالن لاءِ سنڌ جو ڪمشنر رهيو. 1881ع ۾
’سنڌ سڀا‘
سنڌ جي پهرين سياسي تنظيم طور ظاهر ٿي هئي. هن
تنظيم جي ٺهڻ ۾ مسٽر ارسڪن ڪمشنر جو عمل دخل به هو.
هن عوامي خرچ تي ڪاليج کولڻ جي حمايت ڪئي ۽ ڪيس
بمبئي سرڪار کي ڏياري موڪليو.
5 نومبر 1882ع تي هند سرڪار جي
’انڊين
ايجوڪيشن ڪميشن‘
جي هڪ ذيلي ڪميٽي، جنهن ۾ وليم هنٽر، لي وارنر،
اين.
جيڪب ۽ جسٽس تيلانگ شامل هئا، انهن سنڌ ۾ ڪاليج
جي قيام جي اصولي موقف جي حمايت ڪئي، پر هنن ڪاليج
قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ منظوري ڏيڻ کان انڪار ڪري
ڇڏيو. سندن خيال هو ته جيڪا رقم ڪاليج قائم ڪرڻ
لاءِ آڇي وئي آهي، اها
گهٽ
آهي.(11)
1885ع ۾
جان ليوس جينڪسن کي تعليم کاتي جي اضافي
ذميواري ڏني وئي، جيڪا هن هڪ سال تائين هلائي ۽ هڪ
رپورٽ پڻ تيار ڪيائين. هن آفيسر سنڌ آرٽس ڪاليج
قائم ڪرڻ جي حمايت ڪئي. سر جان ليوس مسلمانن لاءِ
سنڌ جي مدرسي جي قيام ۾ پڻ مدد ڪئي. هو اعليٰ
تعليم جي ادارن لاءِ قائم ڪميٽيءَ جو سرپرست هو.(12)
نومبر 1885ع ۾، ڪاليج جي نمائندن،
’انڊين
ايجوڪيشن ڪميشن‘
کي يادداشت
نامو موڪلي يقين ڏياريو،
ته ڪاليج قائم ڪرڻ جي صورت ۾ هُو
75،000
روپين
جي رقم ڪاليج لاءِ جمع ڪرائيندا. لي وارنر (سنڌ ۾
ايجوڪيشنل انسپيڪٽر طور به ڪم ڪري چڪو هو)، جيڪو
ان وقت بمبئي پريزيڊينسيءَ ۾ ڊائريڪٽر پبلڪ
انسٽرڪشن هو ۽ سنڌ جي ڪمشنر
مسٽر هينري ارسڪن
تجويز
جي حمايت ڪئي، پر هند سرڪار ڪاليج قائم ڪرڻ کان
انڪار ڪري ڇڏيو، البته، سرڪار واعدو ڪيو ته اگر
’سنڌ
ڪاليج ايسوسيئشن‘
پاڻ ڪاليج قائم ڪندي،
ته سرڪار ڪاليج لاءِ
10,000
روپين
جي گرانٽ هر سال فراهم ڪندي.(13)
سيپٽمبر 1886ع
۾
سنڌ جي
ڪمشنر هڪ
’گڏيل
ڪميٽي‘
قائم ڪئي،
ته جيئن اهو فيصلو ڪجي: 1. ڏوڪڙ ڪٿان اچن،
2. ڪاليج ۾ ڇا پڙهائجي،
۽ 3. عملو ڪهڙو ۽ ڪيترو رکجي.
ديوان
ڏيارام ڄيٺمل به انهيءَ ڪميٽيءَ جو ميمبر هو.
’سنڌ ڪاليج ايسوسيئشن‘ کي
1886ع ۾ مختلف گڏجاڻين ۾، مختلف ماڻھن طرفان گهٽ ۾
گهٽ
75,000
روپين
جمع ٿيڻ ۽ مختلف لوڪل
باڊيز طرفان
11,000
روپين
ملڻ جي يقين دهاني
ڪرائي وئي.(14)
بلآخر
آگسٽ
1886ع ۾
هند
سرڪار ڪاليج کولڻ جو
اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾
1886ع ۾، بمبئي جي گورنر لارڊ ري جي خاص سفارش تي
مسٽر ايڊورڊ جائلس کي سندس تجربي ۽
انتظامي ڪاميابيءَ جي ڪري هڪ سال سنڌ ۾ ڪاليج قائم
ڪرڻ لاءِ موڪليو.(15)سيپٽمبر
1886ع ۾، هند سرڪار منظوري ڏيندي اعلان ڪيو ته سنڌ
۾ ڪاليج قائم ٿيندو، جيڪو سرڪار، چندي ڏيندڙ
ميمبرن،
’سنڌ ڪاليج ايسوسيئشن‘ ۽ لوڪل باڊيءَ جي نمائندن جي تعاون سان
هلايو ويندو.(16)
اهڙيءَ طرح، سڀني حصيدارن تي مبني
هڪ ڪميٽي جوڙي وئي. 11 آڪٽوبر 1886ع تي ڪميٽيءَ جي
پهرين گڌجاڻيءَ ۾ بحث ڪيو ويو، ته ڪاليج ۾ ڪهڙا ڪهڙا
مضمون پڙهايا ويندا ۽ ڪهڙو عملو ڀرتي ڪيو ويندو؟ ڪميٽيءَ ۾ هيٺيان ميمبر
رکيا ويا:
نمبر |
نالو |
سڃاڻپ |
عهدو |
1.
|
مسٽر جي. ايم. ميڪ فرسن |
سنڌ جو وقتي
ڪمشنر |
چيئرمين |
2.
|
مسٽر اِي. سي.
ڪينڊي |
جوڊيشل ڪمشنر
انِ سنڌ |
ميمبر |
3.
|
ڪرنل آر.
ڪرائوفورڊ |
ڪليڪٽر ڪراچي |
ميمبر |
4.
|
ريونڊ بيمبرج |
تعليمي ماهر |
ميمبر |
5.
|
خان صاحب فيض
محمد فتح علي |
|
ميمبر |
6.
|
خان صاحب پلانجي
آدرجي |
|
ميمبر |
7.
|
مسٽر ايڊورڊ
جائلس |
ايجوڪيشنل
انسپيڪٽر، سنڌ |
سيڪريٽري |
هن گڏجاڻيءَ ۾ ڪاليج جي انتظامي ۽ مالي
معاملن هلائڻ لاءِ فيصلا ڪيا ويا. ڊسمبر 1886ع ۾ ڪميٽيءَ جي ميٽنگ گهرائي وئي، جنهن ۾ ڏيارام ڄيٺمل کي پڻ دعوت ڏني وئي هئي؛ پر هُو غير حاضر رهيو، گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ جو
فيصلو ڪيو ويو، ته جيئن پڙهيا لکيا ماڻهو
نوڪرين ۾ اچي سگهن.
جولاءِ 1887ع ۾ ايڇ.پي. جيڪب کي بمبئي پريزيڊينسيءَ طرفان سنڌ جي تعليم جو ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو،
جيڪو ان وقت ڪنهن به آفيسر لاءِ وڏو چئلينج هو.
مسٽر ايڇ. پي. جيڪب انتهائي محنت ۽ ايمانداريءَ سان ڪم
ڪيو.
ڊي.جي. ڪاليج جي سڌاري ۾ سندس وڏو ڪردار هو.
1892ع ۾ ڪاليج ۾ ڪيل سندس تقرير ”سنڌ گزيٽ“ جي 18
آڪٽوبر 1892ع واري شماري ۾ شايع ٿيل آهي. سندس
خدمتن جي حوالي سان ”اخبار
تعليم“ ۾ لکيو ويو آهي ته:”ڪراچيءَ ۾ ڏيارام
ڪاليج جي جاري ٿيڻ کان پوءِ ستت ئي انسپيڪٽر ٿي
آيو ۽ سن 1895ع تائين انهيءَ عهدي تي رهيو.“(17)
سنڌ جي
ماڻھن جو
طويل جدوجهد ۽ ذاتي ڪوششن سان هڪ آرٽس ڪاليج جي
منظوري ٿي، جنهن سنڌ جي تاريخ ۽ معاشري ۾ زبردست
انقلاب برپا ڪيو.
حوالا:
1.
غلام محمد لاکو: ”سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو“ ، مارئي سماجي
سنگت ملير، ڪراچي، 1997ع، ص 173
2.
Dayaram Gidumal: “Hiranand- the Soul of Sindh”,
Trust by Kevalram Dayaram, 1932, p.p. 186, 187
4.
مختيار احمد ملاح: ”ڊي.جي.
سنڌ ڪاليج مِسلينيءَ جو سنڌي
ادب جي واڌاري ۾ ڪردار“، (مقالو)، ٽماهي ”مهراڻ“،
سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 4/2019ع
5.
خانچند پرتابراءِ: ”ديوان ڏيارام ڄيـٺمل جو جيون چرتر“،
اسٽينڊرڊ پرنٽنگ
ورڪس، حيدرآباد، 1917ع، ص 75،76،77
6.
گدومل ڏيارام، (ترجمو: گل محمد عمراڻي):
”سنڌي
ٻولي“
(جرنل)،
سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،
حيدرآباد،
جنوري-
مارچ 2012ع
7.
موتيرام ايس رامواڻي: ”سنڌ ۽ اسان جو ورثو“، شاردا
پرڪاشن بمبئي، 1987ع، ص. 112
8.
“Sind Gazette”, October, 18, 1892, p. 12
9.
Prof. L.H. Ajwani: “The Golden Jubilee of the
Dayaram Jethmal Sind College, Karachi
(1887-1937), The Educational Printing Press,
Karachi, 1939, p.p. 65-72
10.
H.R. Methon: “History of the Growth and
Development of Western Education in Punjab”,
1846- 84, p.65
11.
“Sind Gazette”, October, 18, 1892, p. 12 (Speech
of H. P. Jacob, Educational Inspector, Sindh)
12.
مختيار احمد ملاح: ”اڻويهين صديءَ ۾ سنڌ جي تعليمي
ترقي“، سنڌ آرڪائيوز
ڪراچي،
2019ع،
ص 102
13.
“Report of Sind Arts College Board for 1887-88”,
p. 3
14.
Dr. Azeemushan Haider: “History of Karachi with
Special reference to Educational and Commercial
Development (1839-1900)”, July 1971, p.134
15.
مختيار احمد ملاح: ”اڻويهين صديءَ ۾ سنڌ جي تعليمي
ترقي“، سنڌ آرڪائيوز
ڪراچي،
2019ع،
ص 105
16.
“Commissioner in Sind Record, G.D. file No. 4,
Part-III, Vol. II, 1886-92”, p. 3
|