سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: ڊي.جي.ڪاليج ڪراچيءَ جون تعليمي ۽ ادبي سرگرميون

 

صفحو:12  

جمال ابڙو  (1924ع- 2004ع)

        جمال ابڙي ميھڙ شھر جي ڀرسان ڳوٺ سانگي، ديهه منگواڻي ۾ علي خان ابڙي جي گھر ۾ جنم ورتو. علي خان ابڙو پنھنجي وقت جو ھڪ ناميارو تعليمدان، اديب ۽ ليکڪ ٿي گذريو آھي. جمال ابڙي سيڪنڊري تعليم ميونسپل ھاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۽ نور محمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي. جڏھن ته ھن ڪاليج جي تعليم بهاءُ الدين ڪاليج جھونا ڳڙھه ۽ ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. ھن اين.اي.ڊي. (NED) انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتي، پر پوءِ انجنيئرنگ ڇڏي لا (Law) ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين. 1952ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سول جج مقرر ٿيو ۽ ترقي ڪندي مختلف عهدن تي ڪم ڪيائين.

        شاگرديءَ جي زماني کان نوڪريءَ تائين، مختلف اديبن سان سندس دوستي رهي، جنهن ۾ شيخ اياز قابل ذڪر آهي. جمال ابڙي جو شمار سنڌيءَ جي نالي وارن ڪھاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو. سندس ڪھاڻين جو مجموعو ”پشو پاشا“ تمام گهڻو مشھور آهي. سندس آتم ڪٿا جا پنج جلد:” ڏسي ڏوھ اکين سين“،”اونهي ڳالهه اسرار جي“،ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“،”ايندو نه وري هي وڻجارو“ ۽”مَر پيا مينهن وسن“ شايع ٿيل آھن.

بولچند وسو مل راجپال )1902ع- 1971ع)

 بولچند وسومل راجپال، ميان جي ڳوٺ ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم به ميان جي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان ورتائين.  اهڙيءَ طرح بولچند قدم وڌائيندي ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ مان سائنس ۾ گرئجوئيشن ڪري بي.ايس.سي جي ڊگري ورتي. ڊي.جي. ڪاليج ۾ رهي سياسي ۽ ادبي تحريڪن ۾ حصو ورتائين. 1931ع جي پڇاڙيءَ ڌاري شڪارپور ۾ ’سنڌو ساهت منڊل‘ قائم ٿيو. بولچند وسومل راجپال ان جو روح روان هو. جنوري 1932ع ۾ سنڌوءَ“ جو پهريون پرچو پڌرو ٿيو. اڳتي هلي رسالو شڪارپور مان نڪرڻ شروع ٿيو. سيپٽمبر 1939ع کان ماڌو داس شوالو مل ساڻس ايڊيٽرشپ ۾ شامل ٿيو. جنوري  1942ع کان ناميارو شاعر هري دلگير هن رسالي جي ’نظم‘ جي ڀاڱي جو سنڀاليندڙ ٿيو. بولچند، شڪارپور ۾پهرين سنڌي ساهت سميلن سڏائڻ جو سڏ ڏنو. پنھنجي انهيءَ خواب کي ساڀياوان بنائڻ لاءِ هُو سنڌ جي سڀني اديبن، شاعرن ۽ دانشورن سان رابطو قائم ڪندو رهيو ۽ کين سهڪار لاءِ گذارش ڪندو رهيو. سندس ڪوششن آخر رنگ لاتو ۽ پهرئين سنڌي ساهت سميلن جي تاريخ مقرر ڪئي ويئي. هن سميلن ۾ ڊي.جي. ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن، ڪراچيءَ مان اچي وڏي پيماني تي شموليت ڪئي هئي.(64)

      هن منڊل طرفان جاري ٿيندڙ ”سنڌو“ رسالي سنڌي زبان ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي. هي رسالو، جدت پسند اديبن جون ڪھاڻيون، ڊراما، مضمون، شاعري ۽ ٻيو مواد شايع ڪندو هو، جيڪو ان وقت جي حوالي سان انتهائي معياري ۽ لاجواب هو. هن رسالي جي ادبي ڪردار تي پي.ايڇ. ڊي ٿي سگهي ٿي ۽ رسالي مان چونڊ ڪھاڻين، مضمونن، شاعري ۽ تنقيد جا ڪتاب ترتيب ڏئي سگهجن ٿا. 

منوهر داس ڪوڙومل (1897ع- 1984ع)

منوهر داس نالي واري عالم ۽ اديب ڪوڙي مل کلناڻيءَ جو فرزند هو. سندس جنم شهر ڀريا، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو. هو پاڻ به تمام وڏو عالم، اديب ۽ تعليمدان هو. ڊي.جي. ڪاليج مان بي.اي پاس ڪيائين. سڄي عمر لکڻ ، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ گذاريائين. سندس ڪتابن جو تعداد تمام گهڻو آهي، جن ۾ ”من جا مڻيا“ (1927ع)، ”اخلاقي ڪھاڻيون“ (1940ع) ۽ ”ملهائتا موتي“، ”پريم پرساد“ (1918ع)، ”اوڀر جون آکاڻيون“ (ترجمو)، ”سروجني“ (ترجمو)، ”سير جو سواد“، ”هند جو سير“، ”هاڻوڪي وديا جو انڌير“، ”صحت ۽ صفائيءَ جو اصول“، ”گانڌيءَ جا ويچار“، ”ناري نروڳ جيون“، ”هندو قوم کي چتاءُ“، ”ساهت جو سينگار“ ۽ ٻيا شامل آهن. ڊي.جي. ڪاليج ۾ تعليم دؤران، سندس ڪيترائي انگريزي ۽ سنڌي مضمون ڪاليج مسلينيءَ ۾ شايع ٿيا.  منوهرداس ڪوڙومل، علمي ۽ ادبي بحثن جو شوقين هوندو هو ۽ خاص طور تي رسالن ۾ لکي، اهڙن بحثن ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪندو هو.

هري دلگير درياڻي (1916ع- 2004ع)

           سنڌ ۽ هند جي پهرين صف جو ناميارو جديد شاعر، هري دلگير درياڻي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد گرڏنو مل درياڻي، فرسٽ ڪلاس ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ هو. گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان 1934ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين. بي.ايس سي ڪراچيءَ جي ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مان ۽ بي. اِي (سول)، اين.اي.ڊي. مان 1941ع ۾، بمبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. 1942ع ۾ سرڪاري ملازمت ۾ داخل ٿيو. پهرين اوورسيئر ٿيو، پوءِ سب انجنيئر ۽ آخر ۾ ايگزيڪيوٽوِ انجنيئر رهيو. ڪاليج جي زماني ۾، شيخ اياز، شيخ راز، سوڀي، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ سان گڏ ترقي پسند ادبي تحريڪن ۾ رهيو. هري دلگير جو پهريون طبعزاد شعري مجموعو ڪوڏ 1941ع ۾ ڇپيو. سندس ٻيو شعري ڪتاب هرشچندر جيون ڪوتا 1942ع ۾ ڇپيو.  هري دلگير 1946ع ۾ ٻارن جي رسالن ”گل ڦل ۽ گلستان جي شاعريءَ جي ڀاڱي جو ايڊيٽر پڻ رهيو.(65) سندس شاعريءَ جا ٻيا به ڪيترائي مجوعا شايع ٿيل آهن، جن مان ڪي هي آهن: موج ڪئي مھراڻ“ (1966ع)، ”پل پل جو پڙلاءُ“ (نظم) (1977ع)، ”امر گيت“ (گيتا، ڪوتا ۾) (1981ع)، ”رولو آواز“ (غزل) (1984ع)، ”گيت گلابي“ (ٻال گيت 1987ع)، ”جھنگلي گل“ (نثري نظم) (1988ع)، ”لھرن لک لباس“ (1993ع)، ”اڪيلو چنڊ“ (1998ع)، ”صبح جو سھاڳ“ (2001ع)، ”جيءَ جيءَ ڙي جيءَ!“ (2001ع).

نارايڻ شيام (1922ع- 1989ع)

        نارايڻ شيام ولد گوڪلداس ناگواڻي، ڳوٺ کاهي قاسم، نوشهري فيروز ضلعي ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ ۽ پوءِ وڌيڪ تعليم بي.اي. 1942ع ۾ ڊي.جي. سنڌ سائنس ڪاليج، ڪراچي مان حاصل ڪيائين. ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ’سنڌي ادبي سرڪل‘ جي بنياد وجهندڙن ۽ سرگرم ڪارڪنن مان هڪ هو.  پهرين 46-1945ع ۾ نوشهري فيروز ۾ پرشن ٽيچر طور مقرر ٿيو ۽ ورهاڱي کان پوءِ دهلي پوسٽ ۽ ٽيليگراف کاتي جي آڊٽ آفيس ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو ۽ 1980ع ۾ هيڊ ڪلارڪ جي عهدي تان رٽائرڊ ڪيائين“.(66) نارايڻ جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو 1953ع ۾ هري دلگير جي شاعريءَ سان گڏ ”ماڪ ڦڙا“ جي نالي سان ڇپيو. ان کان پوءِ سندس شاعريءَ جا ٻيا ڪيترائي مجموعا شايع ٿيل آهن، جن ۾: ”پنکڙيون“ (1955ع)، ”رنگ رتي لھر“ (1957ع)، ”روشن ڇانورو“ (1962ع، ”ماڪ ڀنا رابيل“ (1964ع)، ”واريءَ ڀريو پلاند“ (1968ع)، ”آڇيندي لڄ مران“ (1972ع)، ”مھڪي ويل صبح جي“ (1983ع)، ”نه سو رنگ، نه سا سرھاڻ“ (1987ع)، ”بوند لھرون ۽ سمنڊ“ (1978ع) ۽ ”ڏات ۽ حيات“ (1988ع) وغيره اهم آهن.

محمد اسماعيل عرساڻي (1906-1986ع)

محمد اسماعيل عرساڻي ولد محمد هاشم ميمڻ جو جنم هالا نوان ۾ ٿيو. هن بحيثيت ڊرامانويس، ڪھاڻيڪار، شاعر، محقق، مضمون نگار ۽ ماهر تعليم طور پاڻ کي مڃرايو. 1929ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج ۾ داخل ٿيو ۽ 1931ع ۾ بي.اي. جو امتحان پاس ڪيائين. ڪاليج  ۾ پڙهڻ دؤران ميٺارام هاسٽل ۾ رهندو هو. سندس آتم ڪٿا ” سکر سي ئي ڏينهن“ ۾ ٻه باب ڊي.جي. ڪاليج جي يادگيرين تي لکيل آهن.  1935ع ۾ ايڊيوڪيشنل سپروائيزر جي حيثيت ۾ ملازمت جو آغاز ڪيائين. کيس 6 فيبروري 1948ع تي پروموشن ڏئي ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر آف اسڪولس، ٿرپارڪر مقرر ڪيو ويو. ان بعد لاڙڪاڻي، حيدرآباد،  ٺٽي، سڪرنڊ ۾ مختلف عهدن تي رهي، 16 سيپٽمبر 1966ع تي ڊپٽي ڊائريڪٽر آف اسڪولس حيدرآباد ريجن جي عهدي تان رٽائر ڪيائين.

عرساڻي صاحب ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان سندس لکيل ڊرامي ”بدنصيب ٿري“ کي وڏي شهرت ملي، ان کان سواءِ ”سکر سي ئي ڏينهن، (آتم ڪٿا، 1985ع)، سير ريگستان“ ، ”نقش عمل“ (1951)، ”خيال خاطر“ (1951ع)، ”سنڌي سٻاجهڙا“ (1953ع)، ”چار مقالا“ (تنقيد 1970ع) ۽ ”نياريون وٿون“ (1980ع) سندس بهترين تصنيفون آهن.

ڀوڄراج هوتچند ناگراڻي (1906ع- 1988ع)

 ڀوڄراڄ هوتچند ناگراڻيءَ جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو.  1926ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج مان بي.اي. جو امتحان پاس ڪري، شڪارپور جي سرڪاري هاءِ اسڪول جو  ماستر لڳو. بعد ۾ شڪارپور جي سي ائنڊ ايس ڪاليج  ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. هي ديوان ڪوڙيمل چندن مل کلناڻيءَ کان پوءِ ٻيو اهم عالم هو، جنهنساميءَ جا سلوڪ“ ٽن ڀاڱن (1955ع) ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا هئا، جنهن ۾ هُن  ساميءَ جي جيون ۽ سلوڪن تي تفصيلي مواد لکيو. ان کان سواءِ بي. ايڇ ناگراڻيءَ جو هڪ ڪتاب برهمچريه به ڇپيل آهي، جيڪو پرنسيپل ڌرمداس سان گڏ  تصنيف ڪيائين.

تيرٿ گوبند سڀاڻي (1906ع- 1990ع)

        تيرٿ گوبند سڀاڻي مترجم ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار هو.  ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪري، ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو، جتان بي.اي. جو امتحان پاس ڪيائين. تيرٿ سڀاڻي صحافت سان گڏ سياست ۾ به حصو ورتو. هنن ٻنهي ڀائرن تيرٿ ۽ ديو سڀاڻيءَ گڏجي ڪراچي شهر ۾ 1941ع ۾ ماهوار ”آشا“ رسالو جاري ڪيو  ۽ ’آشا ساهت منڊل‘ به قائم ڪيائون. هن منڊل 1947ع تائين پنھنجو اشاعتي پروگرام جاري رکيو. ’آشا ساهت منڊل‘ جو سنڌي ادب جي ترقيءَ ۾ تمام گهڻو ڪردار آهي.(67) سنڌ ۾ ’آشا ساهت منڊل‘ جو بنياد ديو سڀاڻي ۽ سندس تيرٿ سڀاڻيءَ وڌو.

ديو گوبند سڀاڻي(1911ع- 2000ع)

        ديو گوبند سڀاڻي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي ۽  ثانوي تعليم  لاڙڪاڻي مان وٺڻ بعد 1933ع ۾ ڪراچيءَ جي ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مان بي. اي ڪيائين، جنهن بعد انشورنس جو ڌنڌو شروع ڪيائين. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن. ديو سڀاڻيءَ جي پنھنجي ڪتابن جو وچور هن ريت آهي: منهنجي نورني (ناٽڪ: 1933ع)، بدلو (ناول: ترجمو: 1941ع)، چوڙين وارو (ترتيب ڏنل ڪھاڻيون 1942ع)، اڌڪار (ناول: ترجمو: 1942ع)، اڌورو پريم ۽ ٻيون آکاڻيون (ترتيب: 1942ع)، سدا سهاڳڻ (ناول: ترجمو: 1942ع)، مڪتي (ناول: ترجمو: 1943ع)، چنگاري (ناول: ترجمو: 1943ع)، واپسي (ناول: ترجمو: 1944ع)، قسمت (ناول: ترجمو: 1945ع)، ڏڪار (ناول: ترجمو: 1945ع)، مولانا ابوالڪلام آزاد (سوانح) ۽ انقلابي وغيره اهم آهن“.(68)

روشن آرا مغل (1924ع- 1955ع)

 روشن آرا مغل، شڪارپور شهر جي هڪ روشن خيال ڪٽنب ۾  پيدا ٿي. مشھور ليکڪه بادام ناتوان سندس ڀيڻ هئي. هن 1941ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. جنهن بعد شڪارپور ۾ اچي ڪاليج ۾ داخل ٿي ۽ سائنس جو مضمون کنيائين. سائنس جي پهرئين سال جي سالياني امتحان ۾ ناپاس ٿي. ان کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ اچي ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿي. 1943ع ۾ فرسٽ ايئر (سائنس) جو امتحان پاس ڪري انٽر  سائنس ۾ آئي.1947ع ۾ بي. ايس. سي پاس ڪري،  بمبئي  يونيورسٽيءَ جي سائنس گرئجوئيٽ بڻي. روشن آرا، ڊي.جي. سنڌ ڪاليج جي شاگرديءَ دؤران سنڌي عورتن لاءِ ’ساٿي‘ نالي رسالو ڪڍندي هئي، جنهن ۾ سندس مڌر گيت ۽ حقيقت افروز مضمون ڇپبا هئا. هوءَ ڪاليج جي هر شغل ۾ حصو وٺندي هئي. بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. ايس. سي. جي سند وٺڻ کان پوءِ، روشن آرا ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 1952ع ۾ ايم.اي (سنڌي) ڪئي. 1948ع کان ڪراچيءَ ۾ گرلس اسڪولن جي اسسٽنٽ انسپيڪٽريس مقرر ٿي.  آڪٽوبر 1952ع ۾ پاڪستان سرڪار جي خرچ تي زرعي، تعليمي ۽ سماجي طريقن ۽ سکيا لاءِ آمريڪا وئي ۽ انهيءَ ڏس ۾ آمريڪا جي عالمن سان لهه وچڙ ۾ اچي چڱو آزمودو پرايائين. ٻارن جي نفسيات (Child Psychology) جو اڀياس ڪري ڊپلوما حاصل ڪيائين. کيس آمريڪا سان گڏ جپان، هانگ ڪانگ، برما ۽ اوڀر پاڪستان (موجوده بنگلاديش)، سريلنڪا ڏسڻ جا به موقعا مليا.(69)

        روشن آرا مغل هڪ سچي سنڌ دوست عورت هئي، سنڌ ۽ سنڌيت لاءِ هن کي بي پناهه محبت هئي. ايل.ايل. بي ڪرڻ جي دؤران سنڌ مسلم لا ڪاليج ۾ لطيف سوسائٽي برپا ڪيائين، جنهن جي هوءَ پهرين سيڪريٽري هئي. وفات کان چند مهينا اڳ هن ڪاليج ۾ ’يوم لطيف‘ منعقد ڪرايو، جو ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ شايد ٿيو هجي.  سندس وفات کان پوءِ، سندس ساٿين ماهوار رسالي شاگرد جو هڪ خاص پرچو ’روشن نمبر‘ ڪڍيو.

مسز سي.بي. ميڊورا (12 فيبروري 1919ع)

        مسز ڪور بائي ميڊورا هڪ پارسي خاتون هئي، سندس جنم ڪراچيءَ ۾ ٿيو . هن ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ  مان بي.ايس سي (آنرز) جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ايم.ايس سي بمبئي يونيورسٽيءَ مان مائڪرو بائلاجيءَ ۾ حاصل ڪئي. هوءَ ڪاليج جي پرنسيپل جي. بي سڌوا  جي سڳي ڀيڻ هئي. ورهاڱي کان پوءِ هوءَ ڪراچيءَ ۾ رهي پئي ۽ 8 نومبر 1949ع تي کيس ڊي.جي. ڪاليج  ڪراچيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ڪيو ويو. ڪاليج جي ڊبيٽنگ سوسائٽي ۽ ميگزين سوسائٽيءَ جي شروع کان انچارج رهي. پاڻ به انگريزيءَ ۾ شاعري ڪندي هئي. 1958ع کان 1978ع تائين جيڪي به مخزن نڪتا، انهن جي انچارج رهي. سندس باري ۾ وڌيڪ معلومات نه ٿي ملي.

ڊاڪٽر تنوير عباسي (1934ع-1999ع)

        سنڌ جي ناليواري عالم ، شاعر ، محقق ، مترجم ، لطيفيات جي ماهر ۽ سچل شناس ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو اصل نالو نور نبي عباسي هو . هن ضلعي خيرپور جي هڪ ننڍڙي شهر سوڀي ديري ۾ گل حسن عباسيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ميٽرڪ جو امتحان اين.جي.وي. هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان پاس ڪيائين. 1955ع ڌاري انٽر سائنس ڊي.جي. سنڌ گورنمينٽ ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ ايم.بي.بي.ايس. لياقت ميڊيڪل ڪاليج، ڄام شوري مان پاس ڪيائين. ڊاڪٽر تنوير عباسي شاگرديءَ واري زماني کان شاعري ڪندو هو. ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڊي.جي. ڪاليج جي ادبي پيدوار آهي. ڊي.جي. ڪاليج واري زماني ۾ ادبي سنگت ملڻ ڪري، شاعري شروع ڪيائين. سندس مجموعن ۾ ”رڳون ٿيون رباب“ (1958ع)، ”شعر“ (1970ع)، ”سج تريءَ ھيٺان“ (1977ع)، ”ھيءَ ڌرتي“ (1985ع)، ”ٻاراڻا ٻول“ (شاعري، چونڊ ۽ ترتيب  1985ع)، شاهه لطيف جي شاعري (تحقيق و ترتيب) ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن.

عبداللطيف کوکر

        عبداللطيف کوکر جو جنم 1930ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيو.  1960ع واري ڏهاڪي ۾ ڊي.جي. ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿي آيو. نوڪريءَ جو گهڻو حصو ڊي.جي. ڪاليج ۾ رهيو ۽ کيس سمورا پروموشن به هتي ئي مليا. ڪاليج ۾ سنڌي شاگردن کي ادب ڏانهن مائل ڪرڻ ۾ سندس وڏو ڪردار هو. شروع کان  ئي ڪاليج مخزن جي سنڌي سيڪشن جو انچارج رهيو . هُو  هر سال ايندڙ سنڌي شاگردن کي لکڻ لاءِ اتساهيندو رهندو هو.  ان کان علاوه، راندين واري سيڪشن جو به انچارج هوندو هو. ”سندس ئي ڪوششن سان ڪاليج 40 دفعن مان 39 دفعا انٽر ڪاليجئيٽ جنرل چيمپيئن رهيو.  سندس ئي ڪوششن سان ڪاليج جا ڪي شاگرد، اولمپڪ راندين ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ تائين پهتا. 1990ع کان 1992ع تائين سنڌ اسپورٽس بورڊ جو ڊائريڪٽر رهيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ، 1993ع کان 1997ع تائين سنڌ اسپورٽس بورڊ جو ڪوآرڊينيٽر رهيو. ان کان پوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر پڻ رهيو“.(70)

ڊاڪٽر فهميده حسين (5 جولاءِ 1948ع)

        نامور ليکڪا، اسڪالر ۽ محقق ڊاڪٽر فهميده حسين، ٽنڊي ڄام ضلعي حيدرآباد ۾ پنھنجي وقت جي مثالي استاد محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. 1968ع ڌاري، ڊي.جي. ڪاليج ۾ پڙهي. ان سلسلي ۾ پاڻ ئي لکيو اٿائين ته، ڪاليج جي تعليم مون ڪراچيءَ ۾ ورتي. سنڌ جي پراڻي ڪاليج ڊي.جي. سائنس ڪاليج مان بي.ايس سي. ڪيم، پوءِ وري ايم.اي. انگريزيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيم. اتان ئي ٻي ايم.اي سنڌيءَ ۾ ڪيم. ٻنھي ۾ يونيورسٽيءَ مان ٻي پوزيشن کنيم.(71)ڊاڪٽر صاحبه ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ‘ عنوان هيٺ 1992ع ۾ پي.ايڇ.ڊي ڪئي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن. 1968ع واري زماني ۾ ڊي.جي. سنڌ ڪاليج سنڌي سوشل ورڪ نالي هڪ تنظيم قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ هوءَ به ميمبر هئي. سندس پهرين ڪھاڻي ’پاڇا ۽ پڙلاءُ‘  1968ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج مئگزين ۾ شايع ٿي هئي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن مان ڪي هي آهن:

 

1.      ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ (تنقيد 2002ع)

2.     شاهه لطيف جي شاعري ۾ عورت جو روپ (1993ع)

3.     شاهه لطيف ڪي شاعري ۾ عورت ڪا روپ (1996ع)

4.     پير حسام الدين راشدي (سوانح: 1990ع)

5.     ھوائن جي آڌار تي (سفرنامو، 1983ع)

6.     ھڪ ھوا ڪيئي (ڪھاڻيون 2003ع )

7.     دنيا جون شاعر عورتون (ترجمو، 2006ع)

8.     آئيي سندهي سيکهين (اردو)2011ع

9.     اسان جو شاهه لطيف (ٻارن لاءِ  5 جلد)

10. شاهه ۽ سنڌ (مرتب، جلد پهريون 1997ع

11.  شاهه ۽ سنڌ (مرتب، جلد ٻيو 1998ع

12. شاهه عبداللطيف ڀٽائي (زندگي، شاعري ۽ فلسفو: اردو) 2008ع

13. اديون آءٌ اڻ ڄاڻ (لطيفيات 2012ع)

14. ڪلاسيڪل شاعرن جي لغت (چيف ايڊيٽر، 1989ع)

15. سنڌ: حال ماضي مستقبل (مرتب 2006ع)

16. تعليم ۾ ٻوليءَ جو جبر (زبيده مصطفيٰ جي ڪتاب جو ترجمو، 2017ع)

17. آٺوان آدمي (سراج ميمڻ جي ڪھاڻين جو ترجمو 2017ع)

18. برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو (جارج گريئرسن جي ڪتاب “Linguistic Survey of India>  جي اٺين جلد جو ترجمو) 2000ع

19. برصغير ڪي زبانون ڪا جائزه (اردو 2020ع)

20.            سسي نيزي پنڌ (ايلس فيض جي Over My Shoulder> جو ترجمو، 2013ع)

21. سنڌو لکت ايڪويهين صديءَ ۾ (ترجمو، 2012ع)

22.            سنڌي ٻوليءَ جو لساني پهلو (مضمون 2012ع)

23.            سنڌيءَ جي سکيا (ديوناگري) 2011ع

ڪي.ايس. ناگپال (15 اپريل 1951ع)

پروفيسر ڪنيا لال ايس ناگپال جو جنم شهداد ڪوٽ ۾ ٿيو. پاڻ انگريزي ادب جي شاگرد ۽ استاد هجڻ سان گڏ وڏي ڄاڻ جو مالڪ پڻ آهي. ناگپال صاحب جو وڏو موضوع روحانيت ۽ صوفي ازم آهي. ناگپال صاحب سنڌي، اردو، انگريزي زبانن ۾ لکيو آهي. هو شاعر به آهي، ”جيون تاءُ تتيءَ جو“ سندس شاعريءَ جو مجموعو آهي. روحاني ادب ۾ سندس ڪتاب شايع ٿيل آهي. پروفيسر ناگپال، 1996ع کان 2007ع تائين ڊي.جي. ڪاليج ۾ انگريزي شعبي جو پروفيسر رهيو. بعد ۾ لياري ڪاليج ۾ سندس مقرري بحيثيت پرنسيپل جي ٿي. هن ڊي.جي. ڪاليج ۾ رهڻ دؤران مختلف جاين تي ليڪچر ڏنا ۽ تقريرون ڪيون. سندس ڪتاب A Hand Book of English شاگردن لاءِ ڏاڍو فائديمند ثابت ٿيو آهي. تحقيق ۽ تنقيد جي سلسلي ۾ امر جليل بابت ”امر جليل فن اور شخصيت“ (2009) لکيل اٿس. سندس ڪتاب ”پنھنجو پاڻ سڃاڻ“ (2013ع) ۽ ”ڪهڙي منجهه حساب“ شايع ٿيل آهن.

راز شر (1 جنوري 1966ع)

علي راز شر جو جنم تعلقي ناري ضلعي خيرپور جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ’حاجي غلام شر‘ ۾ ٿيو. راز شر جي ادبي سڃاڻپ گهڻ رخي آهي. هو ڪھاڻيڪار، ڊراما نويس، مضمون نگار، محقق، مترجم ۽ نقاد آهي. هن وقت پرنسيپل جي حيثيت ۾ ڪراچيءَ جي هڪ ڪاليج ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. راز شر ڪيترائي سال ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ ڪھاڻين جو مجموعو ”گئلري مان ڪريل وجود“ (2002ع)، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ منظر نگاري“ (تنقيد، 1994ع)،انساني تهذيب جي ارتقا“ (ترجمو، 2003ع) ۽ ”جنرل سنڌي“ (تحقيق، 2003ع) شامل آهن. ان کان علاوه، مختلف ٽي.وي چينلن تان سندس ڪيترائي ڊراما به ٽيليڪاسٽ ٿيل آهن.

مختيار احمد ملاح (1 جون 1973ع)

راقم الحروف مختيار احمد ولد امير بخش ملاح جو جنم ڳوٺ اڳڙا، تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپور ۾ ٿيو. سندس باقاعدي علمي ۽ ادبي ڪمن جي شروعات آشا ڀواني ڪاليج کان شروع ٿي، جڏهن هن  2000ع  ۾ ڪاليج جو مخزن ترتيب ۽ ايڊٽ ڪري شايع ڪرايو.  پاڻ 2002ع کان 2005ع تائين، ڊي.جي. ڪاليج ۾ انگلش ليڪچرر رهيو. ان عرصي دؤران، سندس لکيل فرسٽ ايئر، سيڪنڊ ايئر ۽ گريجوئيش ليول جي انگريزيءَ جون گائيڊون شايع ٿيون ۽ سي.ايس. ايس ۽ پي. سي. ايس جي امتحانن لاءِ لکيل انگريزي نصابي ڪتاب شايع ٿيا.  هن عرصي ۾ مختيار ملاح، سنڌي ادب جي تحقيق جي سلسلي تي ڌيان ڏنو ۽ هن وقت تائين سنڌي ادب جي مختلف شعبن تي سندس 40 کان مٿي ڪتاب شايع ٿيل آهن.

 

حوالا:        

1.       مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ناول جي مختصر تاريخ“، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ، 2012ع،ص 90

2.     مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“ ، نيو ڪاٺياواڙ بڪ اسٽور، ڪراچي، 2006ع، ص  339

3.     ڊاڪٽر بدر اڄڻ:”سنڌي ادب ۾ تنقيد نگاري“، سنڌي ريڊرس فورم، 1999ع، ص 386

4.     مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“ ، نيو ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور، ڪراچي، 2006ع، ص 339

5.       جي. ايم. سيد: ”جنب گذاريم جن سين“،سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو،2004ع

6.      مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“، نيو ڪاٺياواڙ، بوڪ اسٽور، ڪراچي،2066ع، ص 876

7.      ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: ”سڄڻن کي سلام“، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم،حيدرآباد، 2005ع

8.      لطف الله بدويءَ جو ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب ڏي لکيل هڪ خط تان ورتل، جيڪو ماهوار  نئين زندگي“ڪراچيءَ ۾ شايع ٿيو هو.

9.      M. U. Abassi: “The Colourful Personalities of Sind”, Published by the Abbassi Publications, Saddar, Karachi. 1944, p. 51

10.  موتيرام ايس. رامواڻي: ”سنڌ ۽ اسان جو ورثو“ (جلد ٻيو)، شاردا پرڪاشن بمبئي، 1994ع، ص. 194

11.   انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد ڇهون، ضميمو)، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2012ع، ص 501

12.  مختيار احمد ملاح:”مغربي سنڌ شناس“ ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ ڪراچي، 2013ع، 398

13.  مختيار احمد ملاح: ”ادبي سوسائٽين جو سنڌي علم ۽  ادب جي ترقيءَ ۾ ڪردار“، ريکائون پبليڪيشن، ڪراچي، 2020ع، ص 227

14.  ساڳيو حوالو، ص  224

15.   انسائيڪلوپيڊيا- سنڌيانا (جلد چوٿون)، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2012ع،  ص 231

16. مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“، نيو ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور، ڪراچي، 2006ع، ص  342

17.  مختيار احمد ملاح: ”ادبي سوسائٽين جو سنڌي علم ۽  ادب جي ترقيءَ ۾ ڪردار“، ريکائون پبليڪيشن، ڪراچي، 2020ع، ص 315

18.  ڀيرومل مهرچند آڏواڻي: ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ ، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1996ع، ص 217

19. مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“ ، نيو ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور، ڪراچي، 2006ع، ص  340

20. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي: ”سنڌي هندن جي تاريخ“ ، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1996ع، ص 197

21.  ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي: ”لالچند امر ڏنومل زندگي ۽ شخصيت“، ساهتيه اڪيڊمي، نئين دهلي، 1985ع، ص 31، 31

22. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد چوٿون)،سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،  حيدرآباد،2012ع، ص 264

23. مختيار احمد ملاح: ”ادبي سوسائٽين جو سنڌي علم ۽  ادب جي ترقيءَ ۾ ڪردار“، ريکائون پبليڪيشن، ڪراچي، 2020ع، ص 81

24. موتيرام ايس. رامواڻي: ”سنڌ ۽ اسان جو ورثو“ (جلد ٻيو)، شاردا پرڪاشن بمبئي، 1994ع، ص 202

25.  مختيار احمد ملاح: ”ادبي سوسائٽين جو سنڌي علم ۽  ادب جي ترقيءَ ۾ ڪردار“، ريکائون پبليڪيشن، ڪراچي، 2020ع، ص 104

26. غلام محمد لاکو: ”ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي“، رسالو مهراڻ“، نمبر 1-2، سال 1999ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.

27. موتيرام ايس رامواڻي: ”سنڌ ۽ اسان جو ورثو“ (جلد ٻيو)، شاردا پرڪاشن بمبئي، 1994ع، ص. 196

28. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2009ع، ص 33

29. مختيار احمد ملاح: ”ادبي سوسائٽين جو سنڌي علم ۽  ادب جي ترقيءَ ۾ ڪردار“، ريکائون پبليڪيشن، ڪراچي، 2020ع، ص 69

30. مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“ ، نيو ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور، ڪراچي، 2006ع، ص  874

31.  ساڳيو حوالو، ص 329

32.          K.D. Shahni: “ Who’s Who in Sind”, the Shahni publishing House, Karachi,1944, 136

33.          انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد چوٿون)، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2012ع،  ص 231

34.          مختيار احمد ملاح: ” سنڌي ڊرامي جي مختصر  تاريخ “ ، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2012ع، ص  183

35.           ساڳيو حوالو، ص  327

36. موتيرام ايس رامواڻي: ”سنڌ ۽ اسان جو ورثو“ (جلد ٻيو)، شاردا پرڪاشن بمبئي، 1994ع، ص 202

37. مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ناول جي مختصر تاريخ“، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ ڪراچي، 2012ع، ص 98

38. موتيرام ايس رامواڻي: ”سنڌ ۽ اسان جو ورثو“ (جلد ٻيو)، شاردا پرڪاشن بمبئي، 1994ع، ص 221

39. Who is Who and Why in Karachi, 1938, p. 25

40. موتيرام ايس. رامواڻي: ”سنڌ ۽ اسان جو ورثو“ (جلد ٻيو)، شاردا پرڪاشن بمبئي، 1994ع، ص 206

41.  ساڳيو حوالو، ص 86

42.          K.D. Shahni: “ Who’s Who in Sind”, The Shahni publishing House, Karachi,1944, 166

43. مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“ ، نيو ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور، ڪراچي، 2006ع، ص  545

44. ساڳيو حوالو، ص 520

45.  ساڳيو حوالو، ص 330

46. مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ڪھاڻيءَ جي مختصر تاريخ“، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ ڪراچي، 2015ع،ص 136

47. ساڳيو حوالو، ص 160

48. مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“ ، نيو ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور، ڪراچي، 2006ع، ص  873

49. مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ناول جي مختصر تاريخ“، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ ڪراچي، 2012ع،ص  106، 107

50.  انسائيڪلوپيڊيا- سنڌيانا (جلد ٽيون)، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد،2011ع، ص 158

51.   مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“ ، نيو ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور، ڪراچي، 2006ع، ص  547

52.  مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ڪھاڻيءَ جي مختصر تاريخ“، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ ڪراچي، 2015ع، ص 153

53.  شيخ اياز : ”ساهيوال جيل جي ڊائري“، ثقافت کاتو سنڌ: 2010ع، حڪومت سنڌ ڪراچي، ص. 427. 428

54.  مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ڪھاڻيءَ جي مختصر تاريخ“، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ ڪراچي، 2015ع، ص 166

55.  ڊاڪٽر بدر ڌامراهو  :”سنڌي ادبي جماعتون ۽ اشاعتي ادارا“  (اڻ ڇپيل)

56.  مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ڪھاڻيءَ جي مختصر تاريخ“، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ، 2015ع،ص 168

57.  محمد ابراهيم جويو: ”سندم ساٿ ڌڻي، سائين جي.ايم.سيد“، ٽماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو،  3/4-2014ع

58.  مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ڪھاڻيءَ جي مختصر تاريخ“، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ ڪراچي، 2015ع،ص 540، 541

59.  مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ناول جي مختصر تاريخ“، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ ڪراچي، 2012ع،ص  126

60. مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ڪھاڻيءَ جي مختصر تاريخ“، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ ڪراچي، 2015ع،ص 161

61.  مختيار احمد ملاح: ” سنڌي ڊرامي جي مختصر  تاريخ “ ، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2012ع، ص  168

62. ڊاڪٽر غلام علي الانا: ”سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1974ع، ص 23

63. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ،  (جلد اٺون)،   سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد ، 2013ع، ص  325

64. ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو: ”سنڌو- آڳاٽو مشھور ادبي رسالو“. (مقالو)، ٽماهي مهراڻ“ ڄام شورو، 1994ع

65.  مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“، نيو ڪاٺياواڙ بڪ اسٽور، ڪراچي، 2006ع، ص  388

66. ساڳيو حوالو، ص 379

67. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ: ”ڪراچي ضلعي جو سنڌي ادب ۽ علم ۾ حصو“ (پي.ايڇ.ڊي ٿيسز قلمي، ص 474

68. مختيار احمد ملاح: ”ادبي سوسائٽين جو سنڌي علم ۽  ادب جي ترقيءَ ۾ ڪردار“، ريکائون پبليڪيشن، ڪراچي، 2020ع، ص 305

69. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد ڇهون)، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2012ع، ص 315

70. Anwar Zuberi: “The professors who took Karachi Sports to great heights”, Daily dawn, 21 May, 2020

71.  ڊاڪٽر فهميده حسين سان ڳالهه ٻولهه، سرتيون رسالو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 6/ 2006ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org