سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: ڊي.جي.ڪاليج ڪراچيءَ جون تعليمي ۽ ادبي سرگرميون

 

صفحو:8  

ڊي .جي سنڌ ڪاليج مِسليني

 

        1853ع ۾ سنڌ ۾ تعليم کاتو کوليو ويو ۽ ايجوڪيشنل انسپيڪٽر  مقرر ڪيو ويو ، جيڪو تعليم جا معاملا ڏسندو هو.  سڀ کان اول اسسٽنٽ ڪمشنر  بي.ايڇ.ايلس تعليم جي ميدان ۾ وڏو ڪم ڪيو.  ان کان پوءِ ميجر گولڊ سمڊ آيو.  هن سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ ڪراچيءَ مان تعليم کاتي جي زير نگرانيءَ هڪ هفتيوار سنڌي ۽ پارسي اخبار ”فوائد الاخبار“ جاري ڪئي. اڳتي هلي، ”سنڌ سڌار“ پهرين سنڌي اخبار هئي، جيڪا سموري سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيندي هئي. هيءَ  اخبار 1866ع کان سنڌ جي سرڪار جي تعليم کاتي طرفان جاري ٿي ۽ سرڪاري ليٿو ڇاپخاني ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿيندي هئي. 1890ع ۾، سنڌ مدرسي ”معاون“ نالي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ رسالو جاري ڪيو. 6 نومبر 1890ع تي يونين اڪيڊميءَ‘ حيدرآباد مان ”سرسوتي“ رسالو جاري ٿيو. اهڙيءَ طرح، اخبار تعليم سنڌ جي هڪ اهم مئگزين هئي، جيڪا 1902ع ۾ نامياري تعليمدان ديوان تاراچند شوقيرام، ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد مان شايع ڪئي، پاڻ ان وقت ٽريننگ ڪاليج جو پرنسيپل  هو.

        ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج جي  شاگردن ۽ استادن  به پنھنجي ادبي لکڻين لاءِ  1901ع ۾ هڪ مخزن ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مِسليني جاري ڪيو.  ان سلسلي ۾ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکيو آهي ته، ”ديوان ڏيارام گدومل جي سرجوشيءَ سان، ديوان ڏيارام ڄيٺمل جي فراخدليءَ سان 1887 ۾ ڏيارام جيٺمل سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ برپا ٿيو هو، ۽ 1901ع ۾ اُن جي سهاري هيٺ نڪرندڙ مخزن ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مِسليني شروع ٿي، جنهن جو باني هن زماني جو معزز ودوان ساڌو ٿانورداس واسواڻي هو، جڏهن پاڻ ڪاليج ۾ نوجوان پروفيسر هوندو هو. هن مخزن جي سنڌي وڀاڳ ۾ به ان زماني جي مڙني مشھور توڙي نون ليکڪن جا مضمون پوندا هئا. هيءَ انگريزي- سنڌي مخزن 1947ع تائين، اڌ صديءَ جي عرصي تائين ششماهي پرچا ڪڍندي آئي ۽ سنڌي ساهت جا گهڙا ڀريندي آئي، جنھن ڪري ان جي آورجا جوت جيتري ئي چئبي. پر عام رايو آهي ته پڇاڙيءَ ۾ اُن جو ادبي معيار ڪي قدر پٺتي پيل هو.(4)  هن مخزن جي سنڌي حصي جي ابتدا ۾ هميشه مرزا قليچ بيگ جي شعر جون هي سٽون ڏنل هونديون هيون: 

ٿئين علم ۾ جي ڪامل، ڪر عمل کي به شامل،

عالم نه جي ٿيو عامل، دفتر لکيو ته ڇا ٿيو!(5)

ڊي .جي سنڌ ڪاليج مِسلينيءَ  ۾ شايع ٿيندڙ مواد

هيءَ مخزن سنڌي، انگريزي ۽ گجراتي ٻولين ۾ شايع ٿيندي هئي ۽ ٽنهي ٻولين جي مواد جي ترتيب الڳ رکي ويندي هئي. ساڳئي وقت، ٽنهي ٻولين جي مواد جا سب ايڊيٽر  پڻ الڳ هوندا هئا. سنڌ ڪاليج مِسليني ورهاڱي تائين سنڌي ادب جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هي مخزن ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن جي انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل مضمونن، ڪھاڻين، ناٽڪن، تاريخي ڳالهين، سفرنامن، ڪاليج جي سرگرمين وغيره تي مبني هوندو هو.  سنڌ ڪاليج مِسلينيءَ ۾ تنهن دؤر جا وڏا سنڌي اديب ۽ محقق جهڙوڪ: مرزا قليچ بيگ، لعل چند امر ڏنو مل، ڄيٺمل پرسرام، ٽي.ايل.واسواڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر دائود پوٽو، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، ايل.ايڇ.اجواڻي، چيتن ماڙيوالا، شيخ اياز، نارائڻ شيام، ڪيرت ٻاٻاڻي، هري دلگير، رام پنجواڻي، گوبند مالهي ۽ ٻيا لکندا هئا. سنڌ ڪاليج مِسلينيءَ سنڌي ادب جي هر صنف جي واڌاري ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو. اگر سنڌ جو انگريزي زبان ۾ ادبي ڪردار جو ذڪر  ايندو، ته هن مِسلينيءَ جو ذڪر ضرور ايندو. ڇو ته سنڌي شاگردن کي هڪ الڳ قسم جو پهريون معياري مخزن مليو، جنهن ۾ هو پنھنجي شاعري، مضمون، ڪھاڻيون وغيره انگريزيءَ ۾ لکي شايع ڪرائي ٿي سگهيا. تمام وڏي پيماني تي سنڌي شاعرن انگريزيءَ  ۾ شاعري ڪئي. سنڌي نوجوانن جو  ان قسم جو شاندار مواد ان دؤر جي هن مخزن ذريعي گڏ ڪري سگهجي ٿو. انگريزي ۽ گجراتيءَ ۾ به جيڪي مضمون شايع ٿيندا هئا، انهن ۾ به گهڻا سنڌ بابت هوندا هئا. مِسلينيءَ جي فيبروري 1926ع واري شماري ۾ هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جو بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ادب پڙهائڻ بابت مقالو شايع ٿيو، جنهن جو بنياد سندس پاران بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ 14 نومبر 1921ع تي سنڌي ادب کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ بابت هڪ رپورٽ تي مشتمل هو. ان رپورٽ جي بنياد تي بمبئي يونيورسٽيءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ امتحان ڏيڻ ۽ سنڌيءَ جو مضمون نصاب ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. گربخشاڻيءَ صاحب جو  اهو مقالو هڪ تاريخي دستاويز آهي.(6)  انگريزي ۾ لکيل هيءُ مقالو انتهائي اهم پر اڻ لڀ آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي علمي لياقت جهلڪندي نظر اچي ٿي. ان  رپورٽ مان هڪ فقري جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڏجي ٿو:-

 ”سنڌي ڪنهن به صورت ۾، جيئن غلط سمجهيو ويندو آهي، پنھنجين ڀينرن ڀاشائن کان پٺتي پيل ڪانهي. رچنا جو ڪوبه نمونو، نثر خواهه نظم ۾، منجهس ناموجود ڪونهي، ۽ دماغي هلچل جون ڪي به اهڙيون وصفون نه آهن، جي منجهس درج ٿيل نه هجن. سند سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌيءَ ۾ هر قسم جو ادب پيو آهي، جنهن جو مقدار هوند ڪنهن کي به حيرت ۾ وجهي ڇڏي، بشرطيڪ اهو ڪٺو ڪيو وڃي، ڇپايو ۽ شايع ڪيو وڃي. گهڻن تواريخن، گهڻن ڪوتائن، گهڻن روماني قصن جا دستخط ڪن خانگي ڪتب خانن جي تاڪن تي، اڏوهيءَ جو کاڄ ٿي رهيا آهن.(7)

      ڪاليج ۾ ٿيندڙ فنڪشن، ادبي سرگرمين، ڊبيٽنگ سوسائٽي، لٽرري سوسائٽي، جيم خانه سوسائٽي، امتحانن جو آگاهيون، ترقياتي ڪمن جا تفصيل، سڌارن ۽ واڌارن جا احوال ڪاليج مسلينيءَ ۾ شايع ڪيا ويندا هئا. هر پرنسيپل، پنھنجي سالياني رپورٽ پڻ مسلينيءَ ۾ شايع ڪرائيندو هو، ته جيئن هر ڪنهن کي ڪاليج جي ڪارڪردگيءَ جي خبر هجي.  1928ع ۾ پرنسيپال شهاڻيءَ جي رٽائرمينٽ جي حوالي سان مسلينيءَ جو خاص پرچو شايع ڪيو ويو هو.

ڊي .جي سنڌ ڪاليج مِسلينيءَ  جي اشاعت لاءِ مقصد ۽ شرط

         جيئن اسان اڳ ۾ ذڪر ڪري چڪا آهيون ته هي جرنل استادن ۽ شاگرن جي لاءِ  مخصوص هوندو هو، ۽ اشاعت واسطي ڪي خاص شرط ۽ مقصد رکيل هئا، مثال طور :

1.      هڪ اهڙو اشاعتي سلسلو جاري ڪرڻ، جنهن سان ڪاليج ۾ ڏنل ليڪچر، جيمخاني ۾ عام دلچسپيءَ  جي سرگرمين کي،  شاگردن کي  علمي ۽ ادبي طور جوڙي سگهجي.

2.     اهڙا علمي سوال اجاگر  ڪرڻ، جنهن سان شاگرد طبقي ۾ خاص رجحان جهڙوڪ اخلاقيات ، ورزش، بورڊنگ هائوس ۾ رهائش، امتحاني بندو بست بابت ڄاڻ، ۽ تعليمي حڪمت عملين جي معلومات  ڏئي سگهجي.

3.     شاگردن لاءِ اهڙي راهه ڳولهجي، جنهن سان هو تعليمي، خواندگي، سائنسي ڄاڻ  سان، منظم سوچ ۽ روشن خيالي پيدا ڪري، سماج ۾ پنھنجي ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڪوشش ڪري سگهن.

خاص وضاحت: سياسي ۽ مذهبي خيالن تي پابندي هوندي.

سنڌي ٻوليءَ واري حصو، خصوصي طور سان  سنڌ  لاءِ مخصوص هوندو، جنهن ۾ سنڌ جو لوڪ ادب، ۽ شاعري وغيره اچي وڃي ٿي.

ڪاليج جي زير تعليم شاگردن  ۽ اڳوڻن شاگردن جي طرفان موڪليل  مواد کي شڪريي سان وصول ڪيو ويندو ۽ اشاعت لاءِ همدرديءَ سان قابل غور ڪيو ويندو.(8)

ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مِسلينيءَ جا ايڊيٽر

          هن مخزن جا ايڊيٽر ڪاليج جا استاد ۽ اسسٽنٽ ايڊيٽر، ڪاليج جا شاگرد يا شاگردياڻيون هونديون هيون. سنڌ جو مشھور صوفي منش، ويدانتي اسڪالر، تعليمدان ۽ شاعر، ساڌو ٽي.ايل.واسواڻي، جيڪو ان دؤر ۾ ڪاليج ۾ هو، تنهن 1901 ۾ ڪاليج جي مخزن  ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مِسليني  نالي سان شروع ڪئي. هو ڪيترائي سال مِسليني جو ايڊيٽر رهيو ۽ شاندار ڪم ڪندو رهيو. 1916ع کان 1919ع تائين ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مِسليني جو ايڊيٽر  لال سنگ هزاري سنگ  اجواڻي هو.1920ع کان 1927ع تائين ڪاليج جي  مِسلينيءَ جو انچارج رهيو.(9)  هن جي ايامڪاريءَ ۾ مخزن اڃان به وڌيڪ معياري ۽ ترقي يافته ٿيو ۽ مخزن جي شهرت ڪاليج کان نڪري عوام تائين پهتي. 1927ع ۾ ايل.ايڇ.اجواڻيءَ جي پروفيسر ٿيڻ کان پوءِ، سنڌ ڪاليج مِسلينيءَ جو ايڊيٽر  پروفيسر چيتن ماڙيوالا  ٿيو. هر سال مسلينيءَ جو ايڊيٽر ڪو شاگرد هوندو هو، جن ۾ ڪي هي آهن:

·       ٽِلو مل مينگهراج آڏواڻي (1915ع )

·       لالسنگهه اجواڻي (1916ع کان 1919ع)

·       مولچند تلسيداس گلراجاڻي

·       ڪي.ايڇ. ناگراڻي (1927ع)

·       موهن لال ٽي. ميرچنداڻي (1929ع)

·       خيمچند کلناڻي

·       ليلارام نرسنگهداس ڦيرواڻي

·       حيدر بخش جتوئي

·       شيخ اياز (1946ع)

        ان کان علاوه، ٻيا به ڪيترائي شاگرد، هن مسلينيءَ جا ايڊيٽر رهيا ۽ هو اڳتي هلي وڏا عالم، اديب ۾ پروفيشنل بڻيا. ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مِسلينيءَ جي ڪاميابي ۽ مشھوريءَ کان پوءِ سنڌ جي ٻين هاءِ اسڪولن تائين اهڙي قسم جي مخزن جي شروعات ٿي وئي. پر ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مِسليني  پنھنجو معيار جاري رکيو.

ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مِسلينيءَ جا ليکڪ

        ڪاليج جي شاگردن کي علم سان گڏ ادب  ۽ شاعريءَ کي پڌرو ڪرڻ  لاءِ به سازگار ماحول مهيا ڪيو ويو. ڪاليج جي شاگردن ۽ استادن جون ادبي لکڻيون شايع ڪرڻ لاءِ ڪاليج جو مخزن ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مِسليني جي نالي سان  شروع ڪيو ويو. سنڌ ڪاليج مِسليني ورهاڱي تائين سنڌي ادب جي واڌري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌ ڪاليج مِسلينيءَ ۾ تنهن دؤر جا وڏا سنڌي اديب ۽ محقق هئا.  هن مخزن ۾ تنهن دؤر جا وڏا سنڌي اديب ۽ محقق جهڙوڪ: لعلچند امرڏنومل، ڄيٺمل پرسرام، ٽي.ايل واسواڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر دائودپوٽو، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، ايل.ايڇ. اجواڻي، چيتن ماڙيوالا، شيخ اياز، نارائڻ شيام، ڪيرت ٻاٻاڻي، هري دلگير، رام پنجواڻي، گوبند مالهي، روپچند ڪرپلاڻي، وشنو کدواڻي، نانڪرام ڌرمداس، ڏيارام سڀاڻي، ساوتري جهانگياڻي، ڪي. اي. ثنائي، تخت  پ.ن. ڪيولراماڻي، وشن ميٺارام گيهاڻي، گلراج دروڪاداس ڀاٽيه،  ڊي.ڪي. منشاراماڻي، پاروتي پي. ابيچنداڻي، ليلا پي.شهاڻي، ايس.جي. جئسنگاڻي، آنند ڪي. آڏواڻي، پرمانند ميوارام، تولارام ٻالاڻي، جهامنداس ڀاٽيه، رامچند اجواڻي، ميران محمد شاهه، شيوڪ ڀوڄراج، هرومل سدارنگاڻي ، لوڪومل ڪيسواڻي، رام پنجواڻي، وشن گيهاڻي، گلراج گل، حڪيم لعل چند مجروح، بيوس، سيد بچل شاهه ”غمزده“  ۽ ٻين ليکڪن جون لکڻيون شايع ٿينديون هيون.

ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مِسلينيءَ جو سنڌي ادب ۾ ڪردار

        سنڌ مِسليني انگريزي، سنڌي ۽ گجراتي ٻولين ۾ ڇهه ماهي شايع ٿيندو هو. هن مخزن شاگردن،  اديبن ۽ عالمن ۾ نه رڳو علم ۽ ادب جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو،  پر سنڌي ناٽڪ ۽ ثقافت کي پڻ هٿي ڏني. هتي اسان صرف سنڌي ادب جي ترقيءَ جي واڌاري جو مختصر جائزو وٺنداسين:

ناٽڪ نويسي

         سنڌي اسٽيج ڊرامو، ڊي.جي. ڪاليج جي پيداوار آهي، ڇو ته  پهرين ناٽڪ منڊلي،ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊرئميٽڪ سوسائٽي هتي قائم ٿي! ڪاليج ۾ ميٺارام هاسٽل جي اڏاوت لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ سانگي ئي ناٽڪ منڊلي ٺاهي هئائون.هن منڊليءَ جو پهريون هدايتڪار لوڪ سنگ ملڪاڻي ۽ پهريون مکيه ناٽڪ نويس ليلارام وطڻمل هئا.(12) ڊي.جي. ڪاليج  ۾ اسٽيج ٿيڻ کان علاوه، ڪاليج مِسلينيءَ ۾ به ڪيترائي اهم ڊراما شايع ٿيا، جن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا:

عنوان

ليکڪ

سال

تيليءَ مان ٿنڀ

روپ چند ڪرپلاڻي

1925ع

ناخلف

منگهارام ملڪاڻي

1931ع

پاپ ڪين پڃ؟

منگهارام ملڪاڻي

1931ع

حسينا

وشنو کدواڻي

1931ع

ٻه باهيون

منگهارام ملڪاڻي

1932ع

سمنڊ جي گجڪار

منگهارام ملڪاڻي

1932ع

چٽ نه چماٽ، وچانئي ٻي واٽ

نانڪرام ڌرمداس

1933ع

منهنجي نورني

ڏيارام سڀاڻي

1933ع

ميلاپ

منگهارام ملڪاڻي

1939ع

دلسوز داستان

منگهارام ملڪاڻي

1939ع

جهانگير ۽ نورجهان

ساوتري جهانگياڻي

1939ع

ڪوڙي ڪلينڪ

منگهارام ملڪاڻي

1940ع

جيون ناس

منگهارام ملڪاڻي

1942ع

        سنڌ ڪاليج مِسلينيءَ ۾ وڌ ۾ وڌ ناٽڪ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جا شايع ٿيا، هُو  ان دؤر جو ڪامياب ناٽڪ نويس، اداڪار ۽ ناٽڪن جو نقاد هو. هُو لکي ٿو ته: ”1933 واري پرچي ۾ منهنجي نُورني ڇپيو هو، جو ڏيارام سڀاڻيءَ، مشھور شاعر ۽ ناٽڪ ڪار، هريندرناٿ چٽو پاڌيا جي انگريزي ‘Evening Lamp’ تان ترجمو ڪيو هو ۽ هڪ شاعراڻو تمثيلي ناٽڪ هو، پر ناٽڪي خوبي منجهس گهٽ هئي. روپچند ڪرپلاڻي ءَ هڪ طنز ڀريو ناٽڪ تيليءَ مان ٿنڀ انگريزي مخزن ‘Treasure Chest’ مان ترجمو ڪيو هو، جو سنڌ ڪاليج مِسلينيءَ (1925) ۾ ڇپيو هو ۽ ڪاليج ۾ ڪري به ڏيکاريو ويو هو. منجهس کلائيندڙ نوع ۾ ظاهر ڪيل هو ته ٻهراڙيءَ ۾ کوهه تان پاڻي ڀريندي، زالون ڪيئن ڳالهه مان ڳالهوڙو ڪري گلا خوري ڪنديون آهن.(13)

ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مِسليني (1939) ۾ ڪماري ساوتري جهانگياڻيءَ جو ”شهنشاهه جهانگير ۽ ملڪه نورجهان جي اوائلي حياتي ۾ هڪ افسانو“ واري لنبي سري سان ننڍو ناٽڪ ڇپيو هو، جنهن ۾ مهر النسا جي ٻن ڪبوترن اڏائڻ وارو روماني واقعو، نهايت دلڪش ناٽڪي بناوت سان پيش ڪيل هو. هيءَ ناٽڪ جي دليان جوڙيل هو، ته يڪ- فصل ناٽڪ جو سهڻو نمونو هو. اهڙيءَ طرح ٻيا ناٽڪ به شاندار ۽  معياري هئا.

         نانڪرام ڌرمداس ميرچنداڻي سنڌي ٻوليءَ جو بهترين ڪھاڻيڪار، ڊراما نگار، ناول نگار ۽ مترجم هو. نانڪرام ڌرمداس ميرچنداڻيءَ، شيڪسپيئر  جي مشھور ڪاميڊيءَ “Taming of the Sherw”  کي ”چٽ نه چماٽ، وچانئي ٻي واٽ“  جي نالي سان ترجمو ڪيو آهي. هن ناٽڪ ۾ سڀئي ڪردار مقامي ۽ ماحول به سنڌ جو ڏنل آهي،  خاص ڪردارن ۾ موهنا، ڪرشنا، اٻوجهسنگ، مشتاق، خوشحال، فردوس، ديال ۽ ڪي ٻيا شامل آهن. نانڪرام، جيتوڻيڪ هن ناٽڪ کي اختصار سان ترجمو ڪيو آهي، پر ان ۾ اصل ناٽڪ جي آکاڻيءَ کي قائم رکيو آهي ۽ بگڙيل  زال سان سختيءَ ۽ محبت، لٺ ۽ چٺ واري فلسفي سان نڀاءُ رکيو اٿس.

        پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ شيڪسپيئر جي مزاحيه ناٽڪ  “Mid Summer Night’s Dream”  جو الٿو ”دلسوز داستان“ جي نالي سان ڪيو هو، جو 1939ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج ۾ پيش ڪيو ويو ۽ ساڳئي سال ڊي.جي. ڪاليج جي مسلينيءَ ۾ شايع ٿيو هو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ، هن ڊرامي جي ڪجهه حصن جو الٿو ڪيو  هو ۽ انگريزي ماحول ۽ نالن کي تبديل ڪري سنڌي سماج مطابق بيهاريو هو. هي ناٽڪ  نظم ۾ لکيل هو ۽ سنڌي مزاحيه ادب ۾ چڱو اضافو هو. ناٽڪ جي ڪردارن ۾ حسين بخش، پوپٽ مل، ٽوپڻ لعل، ديوال، محمد خان، ڪرمچند ۽ حسينا نمايان آهن. سڄو ناٽڪ شاعراڻي روپ ۾ وڻندڙ ۽ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جي شاعراڻي انداز کي پيش ڪري رهيو آهي:

”دلسوز داستان“ تهانکي بتائيندا  ساروئي

(مهاڳ سڀني  سوڌو وڃي ٿو. ديوال وچ ۾ جاءِ وٺي بهي ٿو.)

ديوال:

مهربانو! پارٽ مون کي ڏنو اٿن  ديوال جو،

جنهن اندر ڪو اکر ناهي  جواب يا سوال جو،

تنھنڪري پارٽ اهڙي ۾،  استادي آهي ضرور،

ڏسي پاڻ مکيار ٿيندا، ٻيو چوندا سڀئي ڪوڙ

(حسين اچي ٿو)

حسين:

اي ڀانڪ راتڙي! آهين به رنگ جي ڪاري تون،

ڏينهن گهڻو  ئي سهڻو، ته به عاشقن کي پياري تون.

پر راتڙي افسوس آهي، افسوس آهي، افسوس آهي،

جو حسينا واعدي جي پوئواري ڪئي ناهي،

۽ تون ديوال ، مٺي ديوال ، سٺي ديوال، مرحبا،

اسان ٻن جي والدين جي دنگ آهين  اڀي جا،

منهنجي ديوال، مٺي ديوال، سٺي ديوال، مهر ڪر،

پسائج ڪا پاڻ ۾ کرڪي، جتان ڪريان نظر.(14)

ڪھاڻيون

        مختصر سنڌي ڪھاڻيءَ جي شروعات 1914ع کان سمجهڻ گهرجي، ڇو ته مرزا قليچ بيگ، ديوان ڪوڙيمل، لعلچند امر ڏني مل، پرمانند ميوارام ۽ ڪاڪي ڀيرومل اهڙيون ڪھاڻيون لکيون، جيڪي ڪھاڻيءَ جي ٽيڪنيڪي  لوازمات کي پورو ڪن ٿيون ۽ سماجي مسئلن کي وائکو ڪرڻ جي ڏس ۾ حقيقت نگاريءَ جو بهترين مثال آهن. لعلچند امر ڏني مل جي ڪھاڻي ”حر مکيءَ جا“ کي پهرين جديد سنڌي ڪھاڻي چيو وڃي ٿو. هيءَ ڪھاڻي 1914ع ۾ ’سنڌي ساهت سوسائٽيءَ‘ پاران شايع ٿي هئي، پر ان کان اڳ ڪاليج مسلينيءَ ۾ شايع ٿي هئي. هن ڪھاڻيءَ لاءِ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکيو ته، ”لعلچند امر ڏني جي هڪ ٻي ڪھاڻي ’حرمکيءَ جا‘ پهرين سنڌ ڪاليج مسلينيءَ ۾ ڇپي هئي. هيءَ تاريخي ڪھاڻي کوجنا واري آکاڻي هئي، جنهن ۾ جهونن سنڌي مسلمانن جي پنگتي حالتن جون ڪافي جهلڪيون هيون.(15)

        ان دؤر ۾ سنڌي ڪھاڻي قصي ۽ آکاڻي کان اڳتي نڪري افسانوي انداز سان سماج جي مڪمل عڪاسيءَ تائين پهچي چڪي هئي ۽ نالي وارا ليکڪ پنھنجو پاڻ کي ڪھاڻي لکڻ لاءِ ارپي چڪا هئا. ان دؤر جي سڀني رسالن ۾ ڪھاڻيون شايع ٿينديون هيون. ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مِسلينيءَ ۾ ڪجهه هيٺيون ڪھاڻيون شايع ٿيون، جيڪي ان دؤر جي شاگردن جون لکيل هيون:

 

عنوان

ليکڪ

سال

بدلو

ڪي. اي. ثنائي

1931ع

سچو پريم

تخت  پ.ن

1931ع

قصور ڪنهنجو؟

ڪيول راماڻي

1933ع

عجيب محبت

وشن ميٺارام گيهاڻي

1932ع

وڇوڙو ۽ وصل

گلراج دروڪاداس ڀاٽيه

1932ع

شڪ جو شڪار

ڊي.ڪي. منشاراماڻي

1933ع

پريت جي ريت

پاروتي پي. ابيچنداڻي

1941ع

پريم ڪٿي

ليلا  پي.شهاڻي

1941ع

دل جو چراغ

ايس.جي. جئسنگاڻي

1941ع

فيشن جا ڪلور

آنند ڪي. آڏواڻي

1941ع

        هي ڪھاڻيون، ان دؤر جي شاگردن  جون لکيل آهن، جيڪي پهريون دفعو پنھنجي ڏات ۽ اندر جي اڌمن کي افسانوي انداز  ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. هن مخزن ۾ ڪي اصلوڪيون ڪھاڻيون پڻ شايع ٿيون، جن مان فيبروري 1932 واري پرچي ۾ پيل شيوڪ ڀوڄراج جي ”برابر“ ۽ ڊي.ڪي. منشاراماڻي جي ”شڪ جو شڪار“ ذڪر لائق هيون. 1939 ۾ ”ڪھاڻي“ رسالي جي شروعاتي پرچن ۾ چوهڙ آڏواڻيءَ جون ٻه سٺيون سماجي آکاڻيون پيون هيون: ”الا مون شادي ڇونه ڪئي!“ ۽ ”اهو داد ٿئي.“

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ بلڪل صحيح لکيو آهي ته، ”مخزن ۾ شاگرد ليکڪن جون وقت به وقت ڪھاڻيون ۽ افسانا به ڏنا ويندا هئا، جيڪي  فني لحاظ کان ايترا معياري نه هئا.(16)

مضمون نگاري

        نثري ادب ۾ مضمون نگاري نهايت دلچسپ، انوکي ۽ غير افسانوي صنف آهي، جا پنھنجي اختصار، جامعيت، زبان جي سادگي  ۽ اسلوب جي شگفتگيءَ سبب نثر جي ٻين صنفن کان ممتاز آهي. سنڌيءَ ۾ ان جو مفهوم لڳ ڀڳ اهو ئي آهي، جيڪو انگريزيءَ ۾ ايسي (Essay) جو آهي. سنڌي ادب ۾ ٻين نثري صنفن جيان مضمون نگاريءَ جي شروعات، انگريزن جي دؤر ۾ اخبار نويسيءَ جي اثر هيٺ شروع ٿي. خاص ڪري ذاتي ۽ شخصي مضمونن ڏاڍي ترقي ڪئي. هن دؤر ۾ شخصي مضمونن (Personal Essay) تمام گهڻي ترقي ڪئي. مضمون ترجما به گهڻا ڪيا ويا ۽ اهي مجموعن جي صورت ۾ پڻ بي حساب شايع ٿيا. سنڌي مضمون نگاريءَ جي ترقيءَ جو ٻيو سبب اهو هو ته سنڌي ٻوليءَ کي ميٽرڪ جي امتحان ۾ لازمي مضمون طور رکيو ويو، جو بعد ۾ بي.اي. تائين لازمي قرار ڏنو ويو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ لکيو آهي ته:” هن مخزن جي ڪيترن هٿ آيل پرچن مان عمدا ۽ مکيه مضمون چونڊي، لکندڙن جي نالي هيٺ ڏجن ٿا: 1901ع واري شروعاتي پرچي جو بهترين مضمون هو پرمانند ميورام جو سنڌي عبارت، جنهن ۾ هن مثالي مضمون نويس، سڀاويڪ ۽ موزون عبارت استعمال ڪرڻ بابت هدايتون ڏنيون هيون جي اڄ ڏينهن تائين ڪارگر آهن:-

پر جي عبارت سيکارڻ جي نه آهي ته به اُن جي سٺائي ۽ صفائيءَ جي پڇاڻ ته پئجي سگهندي يا ان جي نسبت ڪي اشارا ته ڏيئي سگهجن ٿا. عبارت سٺي سا، جنهن ۾ هرڪو لفظ ۽ تڪ ۽ پهاڪو پنھنجي پوري جاءِ وٺيو بيٺو هجي. ائين نه جو سسي ريڍي ۽ ڌڙ ٻاڪرو. ٻيو ته جئن خيال پيا اچن، تئن ويو ماڻهو اٽڪائيندو، ته عبارت زور ۽ رس ڀري ۽ اثرائتي ٿيندي. هار سينگار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ڪجسي ٿي پوندي. جي ڀانئين ته چڱو لکان ته اٽڪل شٽڪل ۽ کيڏ بازي ڦٽي ڪر. سڀاوڪ ۽ سرلو ٿيءُ. عالمن جو چوڻ آهي ته عبارت ته هاري ماڻھن جي، جي نڪو مرچ مصالح ڄاڻن، نڪو گڏين. سڀاويڪ طور جيڪي اچين، سو وڃن چوندا..... سنڌي ٻوليءَ اڃا چئبو ته سلو ڪڍيو آهي، اُسري پيئي. ٻين ٻولين جيان زور ڪينهي. اڪثر ڏسجي ٿو ته جنهن کي جيئن ٿو اچي، تيئن وڃي اُبتو سبتو قلم کي وهائيندو. وهي  نه وهي وٺ رينگهٽ کي. تنهن لکڻيءَ ۾ ڪو لاءُ ڪو ساءُ، نه ڏسجي مهل، نه ويل.(17)

        ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مِسلينيءَ ۾ تمام گهڻا مضمون شايع ٿيا، جن جا ليکڪ استاد ۽ شاگرد هئا. مِسلينيءَ ۾ شايع ٿيل مقالن ۽ مضمونن کي اڳتي هلي ڪتابي صورت ۾ به شايع ڪيو ويو. جنهن ۾ سنڌ ڪاليج مِسلينيءَ جي ايڊيٽر ايل.ايڇ.اجواڻيءَ جو ڪتاب ”ويچار“  شامل آهي. هتي مخزن ۾ شايع ٿيل مضمونن جي لسٽ ڏجي ٿي:

عنوان

ليکڪ

سال

سنڌي عبارت

پرمانند ميوارام

1901ع

چنڊول پکي

پرنسيپل شهاڻي

1908ع

ڀل مانسي

ديوان ڪوڙومل

1912ع

لطيفي لات

تولارام ٻالاڻي

1914ع

حب وطن

ڀيرومل مهرچند

1916ع

حياتيءَ جي حقيقت

جهامنداس ڀاٽيه

1916ع

مرتيو کان پوءِ ڇا ٿو  ٿئي؟

رامچند اجواڻي

1916ع

شڪار ته ڪري مير علي مراد!

پرمانند ميوارام

1917ع

حق جي ڳولا

محمد صديق ميمڻ

1917ع

درياهه جو درشن

تولارام ٻالاڻي

1918ع

گنجي ٽڪر جو سير

ميران محمد شاهه

1919ع

ڀنڀور

لالچند امرڏنومل

1920ع

سنڌ جي ادبي تاريخ

ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو

1924ع

شاهه عاشق

آسانند مامتورا

1924ع

کنڀات

نارائڻ داس ملڪاڻي

1925ع

تصوير جو ٻيو پاسو به اٿلائي ڏسجي!

پرمانند ميوارام

1925ع

عورت جي استتي

منگهارام ملڪاڻي

1928ع

شاهه ۽ سندس شعر

تاج محمد آغا

1929ع

ڄٽ ڪير؟

لالچند امرڏنومل

1930ع

مان ماستر آهيان

امر لعل هنڱوراڻي

1930ع

سارنگ

ڀيرومل مهرچند

1930ع

ٻوليءَ جو فخر

ڀيرومل مهرچند

1930ع

ڇيڄ

پروفيسر  بي.جي. واسواڻي

1931ع

چوريءَ جون ڳالهيون

شيوڪ ڀوڄراج

1932ع

غيرت جو ٿنڀو

پروفيسر لالسنگ اجواڻي

1932ع

جيوت جو مزو

پروفيسر لالسنگ اجواڻي

1934ع

دغاباز دنيا

روچيرام سڏاڻي

1936ع

لالو ساڌو

گوبند ڀاٽيه

1937ع

ڳوٺ سڌار هلچل

گوبند ڀاٽيه

1938ع

اسان جو وجهه

پروفيسر لالسنگ اجواڻي

1938ع

تصوف ۽ ويدانيت

هريرام  ڀاٽيه

1939ع

هڪ سوال

پروفيسر لالسنگ اجواڻي

1939ع

وقت

هرومل سدارنگاڻي

1940ع

سامي ۽ دلپت

هريرام  ڀاٽيه

1940ع

هڪ عجيب لطف

پروفيسر لالسنگ اجواڻي

1941ع

ڪوسيءَ ٿڌڙي ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي!

هرومل سدارنگاڻي

1941ع

مارئيءَ جو ملڪ

ڀيرومل مهرچند

1941ع

نثر ڪي گهرجون

پروفيسر لالسنگ اجواڻي

1942ع

عشق مجازي عشق حقيقي

لوڪومل ڪيسواڻي

1943ع

تنقيد ”اناردانه“

رام پنجواڻي

1943ع

سنڌ جا مير

چيتن ماڙيوالا

1946ع

هري

نارائڻ داس ڀمڀاڻي

1946ع

شاعري مخفي

ڏيپچند کينڙا

1947ع

شعر ۽ سڀيتا

پروفيسر لالسنگ اجواڻي

1947ع

        پرمانند ميوارام جو سٺو بياني مضمون ”شڪار ته ڪري مير علي مراد“ 1917ع واري نمبر ۾ پيو هو. پرنسيپل صاحبسنگ شهاڻيءَ جو طبعي مضمون: ”چنڊول“ 1908ع ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ اُٺ پکيءَ جي عادتن ۽ هلت چلت جو بيان ڳوٺاڻي اصطلاح ۾ ڪيل هو. مرزا قليچ بيگ جو ”راڳ“ 1912ع ۾ ڇپيو هو، جنهن مان هن صاحب جي موسيقيءَ لاءِ شوق ۽ ڄاڻ جي پروڙ پوي ٿي.

          سوڀراج نرملداس جو ادبي ليک ”شاهه طالب“ 1925ع ۾ پيو هو، ۽ 1928ع واري شهاڻي نمبر ۾ ”سنڌي مشاعرو“ ڇپيو هو، جو ڪاليج واريءَ سرسوتي گروپ جي مشاعري تي سندس ڪيل تقرير تان ورتل هو. ديوان ڪوڙيمل جو نصيحت ڀريو مضمون ”ڀل مانسي“ 1912ع ۾ ڇپيو هو، ۽ ڄيٺمل پرسرام جو ادبي ليک ”لات لطيفي“ 1913ع ۾ ڇپيو. لعلچند امر ڏنيمل جو سير سفر وارو مضمون ”ڀنڀور“ 1920ع ۾، ۽ ”ڄٽ ڪير؟“ 1930ع ۾ ڇپيا هئا. ڀيرومل مهرچند جو عام واقفيت وارو ليک ”اک“ 1916ع ۾، فطرتي مضمون ”سارنگ“ فيبروري 1930ع ۾ ۽ بياني مضمون ”مارئيءَ جو ملڪ“ 1941ع ۾ پيا هئا. فيبروري 1938ع ۾ هن عالم جو ادبي مضمون ”شاهه جي سنڌي“ پيو هو، جنهن ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ”مقدمه لطيفي“ مان ”شاهه جي سنڌي“ واري باب نسبت مثال ڏيئي کولي سمجهايو هئائين، ته ڪهڙن سببن ڪري شاهه جو آڳاٽيءَ نج سنڌيءَ ۾ لکيل شعر پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ مشڪلات ٿي ٿئي. فيبروري 1944ع ۾ هڪ گمنام ليکڪ جو مضمون ”پريشانيءَ ۽ آٿت“ ڇپيو هو، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ساهت تي بگڙيل ۽ کٽل هئڻ جي الزام کي، سهڻو رد ڪد ڏنل هو، ۽ خود اُن ليک جي عبارت به سرل هنديءَ سان ملاوت واري هئي.  جهامنداس ڀاٽيا جو ”حياتيءَ جي حقيقت“ (فيبروري 1916ع) عمدو مضمون هو، ۽ رامچند اجواڻيءَ جو ”مرتيو کان پوءِ ڇا ٿو ٿئي“ (آڪٽوبر 1916ع) پڻ خاصو خيالي ليک هو. محمد صديق ميمڻ جا ”سهڻو“ (1916ع)  ۽ ”حق جي ڳولا“ (1917ع)، ميران محمد شاهه جو ”گنجي جبل جو سير“ (1919ع) ڊاڪٽر دائود پوٽي جو ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ (1924ع) ۽ ايم. آر. عباسيءَ جو ”ننگر ٺٽو ۽ مڪليءَ جي ٽڪري“ (آڪٽوبر 1924ع کان قسطن ۾)، تاج محمد آغا جو ” شاهه ۽ سندس شعر“ (1929ع)، ۽ عبدالڪريم ميمڻ جو ”نفاق“ (1933ع)- سڀ پنھنجي پنھنجي نموني جا سهڻا مضمون هئا.

شاعري

        انگريزن جي دؤر ۾ سنڌي شاعري پنھنجي عروج تي پهتل هئي ۽ مغربي ۽ مشرقي علمن تي رسائيءَ سبب سنڌي شاعريءَ ۾ نيون صنفون ۽ لاڙا متعارف ٿي چڪا هئا. سنڌي غزل، مسدس، مخمس، بيت، وائي، ڪافي ۽ ٻيون صنفون  ترقي ڪري رهيون هيون. سنڌ ۾ شاعرن جو وڏو تعداد موجود هو. رسالا، مخزن ۽ عام ڪتاب شاعرن سان ڀرپور هئا، اتي ڊي.جي. ڪاليج جي مِسليني به پوئتي ڪو نه هئي.  هتي شايع ٿيل ڪجهه شاعرن جو مختصر وچور ڏجي ٿو:

عنوان

شاعر

سال

بلبل (مسدس)

وشن گيهاڻي

1931ع

رام ۽ رحيم (مسدس)

بيوس

1931ع

الفت جو راز (بيت)

گلراج گل

1931ع

شمع ۽ پروانو (غزل)

ڊي. ڪي منشا آزاد

1931ع

بار بهار (غزل)

حڪيم لعل چند مجروح

1932ع

موت (مسدس)

بيوس

1932ع

ماتا (غزل)

هري هزاريمل سڪايل

1932ع

انسان (غزل)

بيوس

1933ع

مون ڏانهن نهار (ڪافي)

گلراج گل

1933ع

بي وفائي (غزل)

چندر

1933ع

شڪنتلا (مسدس)

ڊي. ڪي. ڪشناڻي آزاد

1932ع

سور سلامي (بيت)

سيد بچل شاهه ”غمزده“

1932ع

قاصد ڪڪر (مسدس)

ڊي. ڪي. ڪشناڻي آزاد

1934ع

نازڪ جذبات (غزل)

گلراج گل

1934ع

جدائي ۾ جذبات (غزل)

سيد بچل شاهه ”غمزده“

1934ع

قادر جي قدرت (مسدس)

رام پرتابراءِ پنجواڻي

1934ع

حسن (مسدس)

بيوس

1934ع

مست خيال

گلراج گل

1934ع

نذرانو (مسدس)

ڊي.ڪي. ڪشناڻي آزاد

1934ع

شاعر (مسدس)

هري درياڻي دلگير

1935ع

هندستان اسان جو (ترانو)

رام پرتابراءِ پنجواڻي

1941ع

ظالم ۽ مظلوم (مسدس)

ڄيٺو سپاهيملاڻي عاجز

1941ع

نئون زمانو (مخمس)

ڊي. ڪي. ڪشناڻي آزاد

1941ع

ايڪتا (مسدس)

نارائڻ پي. جئنداڻي

1941ع

ٻار (غزل)

وشن ڀاڳيا

1942ع

مارئيءَ جي دانهن (ڪافي)

شيخ راز

1942ع

        ڊي.جي. ڪاليج جي هن مخزن ۾ معياري شاعريءَ شايع ڪرڻ جو خاص ڌيان رکيو ويندو هو، ڇو جو ڪيترائي عالم ۽ اديب هن ڪاليج جي تدريس جي شعبي سان وابسته  هئا، جيڪي معيار  برقرار رکڻ تي زور  رکندا هئا. هتي روچي رام آڏواڻيءَ جي نظم ”شبنم“ جو نمونو ڏجي ٿو:

قدرت ڪلا سان پنھنجي  رنگت وڏي رچائي،

شبنم اچي گلن تي مسرت مٺي مچائي.

پرڀات جي پهر ۾ چربو کڻي چمن ۾،

شبنم ته شوق  ڇلڪڻ لڳي چڳن ۾.

موتين جي مالا موجي پئي آ ڄڻ پنن ۾،

هيرا هزارين  لٽڪن گلڙن جي ڄڻ ڳلن ۾.

اهڙو نظارو نرمل لئو لئو ۾ لهر لائي،

شبنم اچي گلن تي مسرت مٺي مچائي.(18)

اها گهٽ ماڻھن کي خبر هوندي ته هن ڪاليج جي تڏهوڪي شاگرد، ڊاڪٽر  نبي بخش خان بلوچ شاعري به ڪئي، 1939ع واري گولڊن جوبلي نمبر ۾ ڪاليج جي شان ۾ سندس هڪ شانداز نظم شايع ٿيل آهي، جنهن جو نمونو هتي ڏجي ٿو:

اسان کي آ فخر  ناز توتي سنڌ جا ڪاليج،

هر سنڌ سندي فرد  ۽ فرزند جا ڪاليج،

هر علم جي گواهان عقلمند جا ڪاليج،

آباد رهين شال در  هند جا ڪاليج،

هر دل جي صدا آه دل شاد رهين شال،

آباد رهين شال آباد رهين شال.

        ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مِسليني  پنھنجي دؤر جي هڪ معياري مخزن هئي، جنهن ۾ شاعري، ڊراما، ڪھاڻيون ، مضمون ۽ ٻيو مواد  شايع ٿيندو هو. اڳتي هلي، انهن مان ڪافي مواد ترتيب ٿي ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ پنھنجا ناٽڪ ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايا. عطا حسين شاهه موسويءَ جا ڪيترائي مضمون ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مسلينيءَ ۾ شايع ٿيا ۽ بعد ۾ ٻين مضمونن سان گڏ ”ڪچ ڪوڏيون“ مجموعي ۾ شايع ٿيا.  اهڙيءَ طرح شاعريءَ ۽ مضمونن جا مجموعا پروفيسر لال سنگ هزاري سنگ اجواڻيءَ ترتيب ڏنا، جن ۾ ”ويچار“ (1944ع) ۽ ”نئون دؤر“ (1947ع) شامل آهن. پروفيسر لال سنگ اجواڻيءَ ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مِسلينيءَ‘  جي مختلف پرچن ۾ شايع ٿيل شاعري جي چونڊ ڪري، ان کي ترتيب ڏئي شايع ڪرايو.

        ڊي.جي.سنڌ ڪاليج مِسليني سال ۾ ٻه دفعا فيبروري ۽ آڪٽوبر ۾ شايع ٿيندي هئي  ۽ اها  مخزن 1947ع تائين جاري رهي. انگريزن جي دؤر ۾ هن مخزن  تعليمي ادارن  جي شاگردن جي شخصيت سازيءَ ۾ وڏو اهتمام ڪيو. هن مخزن خاص طور تي  خواتين ليکڪائن  جي تمام گهڻي همت افزائي ڪئي.  هن مخزن جو سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ تمام وڏو ڪردار آهي. پر افسوس ته اڄ تائين هن مخزن جو باقاعده تجزيو نه ٿيو آهي،  پر ان کان وڌيڪ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اڄ ڊي.جي. ڪاليج ۾ هن مخزن جي هڪ ڪاپي به موجود نه آهي. خبر نه آهي ته ڪنهن ڪهڙي سازش سان هن مخزن جون ڪاپيون ڪاليج مان غائب ڪرائي ڇڏيون.

ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مِسلينيءَ  مان متاثر ٿي ٻين اسڪولن مان مسلينيءَ جو اجراءُ

        ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مِسليني  جي ڪاميابي ۽ مشھوريءَ کان پوءِ سنڌ ۾ ٻين هاءِ اسڪولن مان اهڙي قسم جي مخزن جي شروعات ٿي. 1918ع ۾ اين.جي.وي هاءِ اسڪول طرفان ڇهه ماهي مِسليني جاري  ٿي، جنهن  ۾ انگريزيءَ کانسواءِ  سنڌي ٻوليءَ جو علم ادب پڻ شامل هوندو هو، هن مِسليني  جا ليکڪ به شاگرد ۽ استاد هوندا هئا. ٺارو شاهه  اينگلو ورنيڪيولر اسڪول پاران ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مِسليني ءَ جي طرز تي  مخزن جاري ڪيو ويو، جيڪو انگريزي ۽ سنڌي زبانن ۾ شايع ڪيو ويندو هو.  جيڪب آباد جي اسڪول مان مِسليني  جاري ٿي. حيدرآباد سنڌ جي ڏيارام گدومل ڪاليج مان سنه 1924ع ۾ انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ هڪ مِسليني ”ڦليلي“ جي نالي سان مخزن ڪڍيو ويو. هن مخزن ۾ سنڌ جي بهترين ڪھاڻيڪارن جون ڪھاڻيون ۽ بلند پايه جا مضمون شايع ٿيندا هئا. اهڙيءَ طرح شڪارپور، سکر، لاڙڪاڻي مان به مِسليني  جا مثال ملن ٿا.

حوالا:

1.   پروفيسر  شيوارام نرسنگهداس ڦيرواڻي:”راج رشي ديوان ڏيا رام گدو مل“، (جيون چرتر)، ڇاپو ٻيو ، سگا ڪراچي، 2000ع. ص. 27-28

2.  رامواڻي، موتيرام ايس: ”سنڌ ۽ اسان جو ورثو، شاردا پرڪاشن، بمبئي، 1987ع، ص. 88

3.  Dr. Azeemushan Haider: “History of Karachi”, Feroz Sons, Karachi, 1974     

4.  پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ“، روشني پبليڪشن، حيدرآباد،  1997ع، ص 207      

5.  ڊاڪٽر قريشي حامد علي”خانائي“: ”سنڌي زبان جا ادبي ماهوار رسالا“، ٽماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، نمبر 2، سال 1981ع.

6.  ڊاڪٽر محمد قاسم راڄپر : ”سنڌ ۾ تعليم ۽ ادب جي واڌاري ۾ ڊي.جي. ڪاليج جو ڪردار“، (مقالو)، ڇماهي ”ڪارونجهر“ تحقيقي جرنل، وفاقي اردو يونيورسٽي آف آرٽس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، جون 2015ع

7.  پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ“، روشني پبليڪشن، حيدرآباد،  1997ع.

8.  The D.J. Sind College Miscellany , Vol XLI, February 1939

9.   موتيرام ايس رامواڻي:” سنڌ ۽ اسان جو ورثو، شاردا پرڪاشن، بمبئي، 1987ع، ص. 209

10.    ڊاڪٽر قريشي حامد علي ”خانائي“: ”ساهتيءَ جا قديم علمي مرڪز“ (قلمي)، 1985ع، ص 202

11.     Dr.Ghulam Nabi Sadahyo: “Jacob’s Town Jacobabad”, District Historical Society, Jacobabad, 1994,  p 143

12.    مختيار احمد ملاح:” اڻويهين صديءَ ۾ سنڌي نثر جي تاريخ“، بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل  ريسرچ، نوابشاهه، 2017، ص 142،143

13.    پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ“، روشني پبليڪشن، حيدرآباد،  1997ع، ص

14.    منگهارام ملڪاڻي: ”دلسوز داستان“، ڊي.جي. ڪاليج مسيليني، نمبر 2، 1939ع، ص 4

15.    پروفيسر منگهارام، ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ“، روشني پبليڪشن، حيدرآباد،  1997ع، ص 46

16.    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ :”ڪجهه پراڻا رسالا“ ، گل حيات انسٽيٽيوٽ  جي ويبسائيٽ، ص 86

17.    انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا، (جلد پنجون)، چيف ايڊيٽر  ڊاڪٽر پروفيسر فهميده حسين،  سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد ، 2012ع، ص 412

18.    The D.J. Sind College Miscellany, Vol 45, February 1942,P 24

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org