لوڪ ادب
1.
مداحون ۽ مناجاتون (1959ع)
2.
مناقبا (1960ع)
3.
معجزا (1960ع)
4.
مولود (1961ع)
5.
ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون 1960ع)
6.
ٽيهه اکريون (ڀاڱو ٻيو 1961ع)
7.
ھفتا، ڏينھن، راتيون ۽ مھينا (1961ع)
8.
جنگناما (1984ع)
9.
واقعاتي بيت (1961ع)
10.
مناظرا (1961ع)
11.
سنڌي سينگار شاعري (1986ع)
12.
پروليون، ڏٺون، معمائون ۽ ٻول (1965ع)
13.
ڳجھارتون (1969ع)
14.
ڏور (1970ع)
15.
ڳيچ (جلد پهريون ۽ ٻيو گڏ 1963ع)
16.
لوڪ گيت (1965ع)
17.
بيت (1971ع)
18.
نڙ جا بيت (سانوڻ فقير ۽ سندس ساٿياري)
19.
قافيون (جلد پھريون 1985ع)
20.
قافيون (جلد ٻيو 1987ع)
21.
قافيون (جلد ٽيون 1990ع)
22.
سنڌي لوڪ ڪھاڻيون – 1 (بادشاھن ۽ راڻين، شهزادن ۽
شهزادين جون ڳالھيون 1987ع)
23.
سنڌي لوڪ ڪھاڻيون – 2 (بادشاھن، وزيرن ۽ سوداگرن
جون ڳالھيون 1977ع)
24.
سنڌي لوڪ ڪھاڻيون – 3 (پرين، ديون، جادوگرن،
ڏائڻين ۽ نجومين جون ڳالھيون 1987ع)
25.
سنڌي لوڪ ڪھاڻيون – 4 (بادشاھن، شاھوڪارن، ڏاھن،
ٺڳن ۽ ٻين جون ڳالھيون 1961ع)
26.
سنڌي لوڪ ڪھاڻيون – 5 (ٻاراڻيون آکاڻيون 1962ع)
27.
سنڌي لوڪ ڪھاڻيون – 6 (جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون
1964ع)
28.
سنڌي لوڪ ڪھاڻيون – 7 (ڳاھن سان ڳالھيون 1964ع)
29.
مشھور سنڌي قصا: رزميھ داستان – 1 دودو چنيسر (جلد
پهريون 1976ع)
30.
مشھور سنڌي قصا: رزميھ داستان – 2 دودو چنيسر (جلد
ٻيو 1977ع)
31.
مشھور سنڌي قصا: سنڌ جا عشقيھ داستان – 1 (موکي
متارا، مري ۽ مڱ ٿر، اڍو ڪيھر ۽ ھوٿل پري، ڦل
وڌوئو ۽ ڀوري، لاکو ڦلاڻي 1964ع)
32.
مشھور سنڌي قصا: سنڌ جا عشقيھ داستان – 2 (سھڻي
ميهار ۽ نوري ڄام تماچي 1972ع)
33.
مشھور سنڌي قصا ۽ عشقيھ داستان – 3 (ليلان چنيسر
1971ع)
34.
مشھور سنڌي قصا: عشقيھ داستان – 4 (سسئي پنھون
1976ع)
35.
مشھور سنڌي قصا: عشقيھ داستان – 5 (مومل راڻو
1975ع)
36.
مشھور سنڌي قصا ۽ عشقيھ داستان – 6 (سورٺ راءِ
ڏياچ ۽ ھير رانجھو، 1976ع)
37.
مشھور سنڌي قصا ۽ عشقيھ داستان – 7 (سنڌ جي حب
الوطنيءَ جو داستان، عمر مارئي 1976ع)
38.
مشھور سنڌي قصا ۽ عشقيھ داستان – 8 (ڍول مارو
1969ع)
39.
سنڌ جي سورھيائي ۽ ھنرمنديءَ جو داستان (مورڙو ۽
مانگر مڇ، 1967ع)
40.
مشھور سنڌي قصا (ٻاھريان قصا ۽ عشقيھ داستان – (9،
1964ع)
41.
رسمون، رواج ۽ سوڻ ساٺ (1978ع)
42.
سنڌي ھنر شاعري (1991ع)
43.
ٻيلاين جا ٻول 1951ع
44.
لاکو ڦلاڻي 1958ع
45.
ھرگنيو: (مؤلف: آخوند عبدالرحيم ”وفا“ عباسي:
مقدمو ۽ ايڊيٽنگ: ڊاڪٽر بلوچ 1993ع)
سنڌي اساسي (ڪلاسيڪي)
شاعري
1.
قاضي قاضن جو رسالو (1999ع)
2.
شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام (1968ع)
3.
ميين شاهه عنايت جو ڪلام (1963ع)
4.
خليفي نبي بخش جو رسالو (1966ع)
5.
شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو (1972ع)
6.
راڳنامو: صوفي صادق فقير سومرو (1981ع)
7.
رسالو غلام محمد خانزئيءَ جو (1975ع)
8.
ڪليات حمل (1953ع)
9.
ڪلام فقير نواب ولي محمد لغاري (1968ع)
10.
ڪليات سانگي (1969ع)
11.
سيف الملوڪ عرف سيفلنامو: مولوي لطف عليءَ جي
سرائڪي شاعري (1960ع)
12.
خليفي غلام نبي جو رسالو
لغتون
1.
جامع سنڌي لغات (جلد پھريون – 1960ع)
2.
جامع سنڌي لغات (جلد ٻيو – 1981ع)
3.
جامع سنڌي لغات (جلد ٽيون – 1984ع)
4.
جامع سنڌي لغات (جلد چوٿون – 1985ع)
5.
جامع سنڌي لغات (جلد پنجون – 1988ع)
6.
جامع اردو لغات (ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان سان گڏ –
1989ع)
7.
اردو سنڌي لغت (ايضاً) 1960ع (پھريون ڇاپو)،
حيدرآباد، 1989ع (ٻيو ڇاپو)
8.
ھڪ جلدي سنڌي لغت: 1998ع
9.
روشني: شاهه جي رسالي جي لغت
سنڌ جي تاريخ
1.
تاريخي معصومي (فارسي متن جو سنڌي ترجمو: مخدوم
امير احمد، تحقيق ۽ وضاحتي نوٽن سان مقدمو: ڊاڪٽر
نبي بخش بلوچ)، 1953ع
2.
فتحنامو (چچنامو): (فارسي متن جو سنڌي ترجمو:
مخدوم امير احمد، مقدمو ۽ حواشي: ڊاڪٽر نبي بخش
بلوچ، 1954ع)
3.
تحفة الڪرام (فارسي متن جو سنڌي ترجمو: مخدوم امير
احمد، ايڊيٽنگ ۽ مقدمو: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ،
1957ع)
4.
سومرن جو دؤر (دودي چنيسر جي ڳالهه ۽ ٻئي روايتي
ذخيري جي روشنيءَ ۾) سيٽمبر 1980ع
سنڌي ٻولي، ادب ۽ موسيقيءَ جون تاريخون
1.
سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ (1962ع)
2.
سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ (1978ع)
3.
سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي (1992ع)
4.
سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو (1993ع)
متفرقھ موضوع
1.
سڀ رنگ (1968ع)
2.
سنڌ جي مڇي (مٺي جي مڇيءَ جو مطالعو 1993ع)
3.
سنڌ جي مڇي (کاري جي مڇيءَ جو مطالعو 1995ع)
4.
منھنجو ڳوٺ: جعفر خان لغاري (يادگيريون 1999ع)
5.
رھاڻ ھيرن کاڻ (جلد پھريون – 2001ع)
6.
رھاڻ ھيرن کاڻ (جلد ٻيو – 2001ع)
7.
رھاڻ ھيرن کاڻ (جلد ٽيون – 2002ع)
8.
رھاڻ ھيرن کاڻ (جلد چوٿون – 2003ع)
9.
رهاڻ هيرن کاڻ (جلد پنجون-2003ع)
10.
رهاڻ هيرن کاڻ (جلد ڇهون-2005ع)
11.
رهاڻ هيرن کاڻ (جلد ستون-2006ع)
12.
رهاڻ هيرن کاڻ (جلد اٺون-2008ع)
13.
رهاڻ هيرن کاڻ (جلد نائون-2010ع)
14.
رهاڻ هيرن کاڻ (جلد ڏهون-2011ع)
15.
رهاڻ هيرن کاڻ (ڏهه جلد ٻن جلدن ۾)
16.
جتڪي ٻولي
(2003ع)
17.
گڏهه (1946ع)
لطيفات
(الف) شاهه جي رسالي تحقيقي ايڊيشن
1.
شاهه جو رسالو (جلد پھريون – 1989ع)
2.
شاهه جو رسالو (جلد ٻيو – 1992ع)
3.
شاهه جو رسالو (جلد ٽيون – 1994ع)
4.
شاهه جو رسالو (جلد چوٿون – 1997ع)
5.
شاهه جو رسالو (جلد پنجون – 1997ع)
6.
شاهه جو رسالو (جلد ڇھون – 1995ع)
7.
شاهه جو رسالو (جلد ستون – 1998ع)
8.
شاهه جو رسالو (شاهه جي ڪلام جو مڪمل متن: جلد
اٺون ۽ نائون)
سڳن آهوجا (1921ع- 1966ع)
سڳن آهوجا جو جنم شڪارپور ۾ ٿيو. هو شاعر، ناول
نگار ۽ ڪھاڻيڪار هو. بي.اي. جي ڊگريءَ جي سلسلي ۾
ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ 1937ع ۾ داخلا ورتائين
۽ 1941ع ۾ پاس ڪيائين. شاگرديءَ واري زماني کان
ادب ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. ورهاڱي
کان اڳ سنڌ جي جن
نوجوانن ترقي پسند
تحريڪ شروع ڪئي هئي، سڳن
آهوجا به
انهن مان اڳڀرو هو.
سندس ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ”سنڌو“ ۽ ٻين رسالن ۾
شايع ٿي چڪيون هيون. آزاديءَ کان پوءِ هندستان لڏي
ويو ۽ اتي به ڪيتريون ئي ڪھاڻيون لکيائين. سندس
ڪتابن ۾ ”بي آگ جلن ٿا پروانا“ (ڪھاڻيون)، ”پياري
چيز” (ناول) ۽ ”ارمان“ (شاعري) شامل آهن.(52)
ڊاڪٽر ليلارام ڦيرواڻي (1927ع-
1966ع)
ليلارام نرسنگهداس ڦيرواڻيءَ
جو جنم شڪارپور ۾ ٿيو، پاڻ مشھور ليکڪ پروفيسر
شيوارام ڦيرواڻيءَ
جو ڀاءُ هو. هو هڪ ئي وقت سياستدان، فرض شناس
ڊاڪٽر، صحافي، ناٽڪ نويس، ڪھاڻيڪار، مضمون نويس ۽
شاعر هو. 1936ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج مان بي.اي.
۽ 1938ع ۾ ايم.اي.
ڪيائين. ٿورو عرصو ڊي.جي. ڪاليج ۾ فيلو ٿي رهيو.
ڪاليج جي رسالي ”مسلينيءَ“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو.
سندس هڪ ناٽڪ ”هڪڙي رات عرف ليلا چنيسر“ ڇپيل آهي،
جو ڪراچيءَ
مان پهرين جنوري 1934ع
تي ڇپجي پڌرو ٿيو.
ڪاليج ڇڏڻ کان پوءِ سياست ۾ حصو ورتائين ۽ جيل
ياترا به ڪيائين. 1938ع ۾ شڪارپور ميونسپالٽيءَ
لاءِ چونڊيو ويو. بعد ۾ ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽري شروع
ڪيائين.
شيخ اياز (1923ع-
1997ع)
شيخ اياز جو اصل نالو مبارڪ علي شيخ هو. آزاديءَ
کان پوءِ شيخ اياز سنڌي زبان جو سڀ کان وڏو شاعر
ٿي اڀريو. شيخ اياز جو جنم شڪارپور ۾ ٿيو. سندس
ڪھاڻين، جيون ڪھاڻين، ڊائري جي ورقن، سنڌي ۽ اردو
شاعريءَ سميت 70 کن ڪتاب شايع ٿيل آهن. شيخ اياز
جي فن ۽ فڪر ۾ پختگي آڻڻ ۾ ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ
جو وڏو هٿ هو. هتي ترقي پسند اديبن جي وچ ۾ رهي،
هن پنھنجي شاعري ۽ ڪھاڻين کي ڌرتيءَ سان جوڙيو.
سال 1943ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج جي پڙهيل ڳڙهيل نوجوانن
’ترقي پسند ادب‘ کان متاثر ٿي ’سنڌي ادبي سرڪل‘
جو قيام آندو؛ جنهن ۾ شيخ عبدالرزاق ”راز“، شيخ
اياز، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي ۽ پروفيسر رام
پنجواڻيءَ جو هٿ هو.
سرڪل جي گڏجاڻين ۾ مشاعرا به ٿيندا هئا. ان سلسلي
۾ شيخ اياز لکي ٿو ته،
”1945ع ۾ مان ۽ منهنجو دوست عبدالرزاق
’راز‘
ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ۾ قائم ڪيل
’سنڌي
سرڪل‘
۾ ويندا هئاسين. جتي مون پنھنجو نظم
’او
باغي، او راج دروهي، ڀارت ۾ بلوي جا باني‘
پڙهيو هو،
ته ٻڌندڙ حيران ٿي ويا هئا.(53)
سال 1945ع ۾
’ترقي
پسند اديبن جي انجمن‘
جڙي
۽
ان ۾ شيخ اياز جو اڳرو ڪردار هو.
موهن پنجابي، شيخ اياز،
امرلعل پنجواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ ٻين گڏجي 1947ع ۾
’باغي
منڊل‘
جي نالي سان هڪ ادبي ادارو قائم ڪيو. پروفيسر رام
پنجواڻي لکي ٿو ته،
”اياز
منهنجو ڪاليج جو دوست هو. سن 1941ع ۽ 1942ع جو
زمانو هو. اياز ارڙهن سالن جو هو، مان سترهن سالن
جو هوس. اياز عمر ۾ مون کان هڪ سال وڏو هو، پر پڙهڻ ۾ پٺتي هو.
ڊي.جي. سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ ۾ ساڻس دوستيءَ جي
شروعات ٿي. اسان جي هڪ سنگت هئي، جنهن ۾ هئا: سوڀو
گيانچنداڻي، حشو ڪيولراماڻي، گوبند مالهي، ڪيرت
ٻاٻاڻي، شيخ مبارڪ اياز، رام امر لعل پنجواڻي ۽ ڪي
ٻيا دوست. اسان جون دليون اُمنگن سان ڀريل هيون.
هرهڪ وٽ اُتساهه ۽ پيار هو. هندستان کي غلاميءَ جي
زنجيرن کان ڪيئن ڇڏائجي، آزادي ڪيئن حاصل ڪجي،
غريبي ۽ جهالت ڪيئن دؤر ڪجن، ديش ڪيئن اڏجي ۽
انقلاب ڪيئن اچي، انهن لاءِ ڪهڙا قدم کڻجن، ڪهڙا
اُپاءَ وٺجن- اهڙن وشين تي گرما گرم
بحث مباحثا ٿيندا هئا، ويچارن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي.
اياز ايم. اين. راءِ ۽ ٽراٽسڪيءَ جا ڪتاب پڙهي
ايندو هو، ته اسان وٽ گانڌيءَ،
جواهر لال نهرو، ڪارل مارڪس ۽ ڪامريڊ ڊانگي جا
ويچار هئا. اهڙيءَ ريت دوبدو لڙائي هوندي هئي.
ساهت جي سطح تي گهڻي ڀاڱي سهمتي هوندي هئي. سنڌيءَ
۾ اصلي ڪھاڻيون لکڻ کپن، قوميت جي جذبي سان سرشار
شعر لکجن؛ ان جو نتيجو نڪتو هو سنڌيءَ ۾ اصلي
ڪھاڻين جو ڪتاب
’ريگستاني ڦول‘ جنهن ۾ اياز به هڪ
ڪھاڻي لکي هئي
’سفيد وحشي‘.
سندس ڪھاڻين جو مجموعو
’سفيد
وحشي‘
(1947ع) ۾ شايع ٿيو. شيخ اياز جي دؤر ۾ سنڌ اندر
سياسي، سماجي، سوشلسٽ تحريڪون پنھنجي عروج تي
هيون. هن جي ڪھاڻي
’سفيد
وحشي‘
۾ انگريز سامراج لاءِ سخت نفرت جو اظهار ڪيو ويو
آهي. اهڙي طرح 1947ع ۾ لکيل سندس ڪھاڻي
’پاڙيسري‘
۾ ان دؤر ۾ پيدا ٿيل هندو مسلم تضاد ڏيکاريو ويو
آهي. هو آخر ۾ هرحال ۾ اتحاد جي ڳالهه ڪري ٿو. هو
چوي ٿو ته:
’بهار
۾ مسلمان ڀائر ته ماريا ويا، پر ان ۾ پيسؤ ماءُ جو
ڪهڙو ڏوهه؟ ان کي ڇو ماريو وڃي؟ بيشڪ هن صوفين جي
سنڌڙيءَ ۾ فساد ڪڏهن به نه ٿيندا. ڪير اهڙو ظالم
سنگدل ٿيندو، جو پاڙي جو بچاءُ نه ڪندو، بيواهن جو
گلو ڪاٽيندو. سندس دل ۾ ساڳيو لفظ ڀڻڪيو:
’جيئي
سنڌ‘،
سندس من جو مونجهارو لهي ويو ۽ سندس دماغ ڄڻ ڪلين
شيو ٿي ويو.“(54)
شيخ اياز جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن مان ڪي
هي آهن:
1.
سفيد وحشي (ڪھاڻيون) 1947ع |
2.
اسان جي سنڌ (ڪھاڻيون) ترتيب: 1947ع
|
3.
پنھل کان پوءِ (ڪھاڻيون) 1954ع |
4.
بوي گل نالھ دل (اردو شاعري ترتيب:
آفاق صديقي) 1954ع |
5.
اڪ جون ڦلڙيون ڀيڄ ڀني (شاعري) 1956ع |
6.
جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي (خطن جو مجمومو)
1963ع |
7.
بقول اياز (تقريرون) 1963ع |
8.
شاهه جو رسالو (منظوم اردو ترجمو)
1963ع |
9.
ڪلھي پاتم ڪينرو (شاعري) 1963ع |
10.
ڪي جو ٻيجل ٻوليو(شاعري) 1970ع |
11.
وڄون وسڻ آيون (شاعري) 1973ع |
12.
ڪپر ٿو ڪن ڪري (شاعري) 1975ع |
13.
لڙيو سج لڪن ۾ (شاعري) 1980ع |
14.
پتڻ ٿو پور ڪري (شاعري) 1980ع |
15.
ٽڪرا ٽٽل صليب جا (شاعري) 1984ع |
16.
پن ڇڻ پڄاڻان (شاعري) 1985ع |
17.
جڳ مڙيوئي سپنو (آتم ڪٿا) 1985ع |
18.
واٽون ڦلن ڇانئيون (شاعري) 1985ع |
19.
چنڊ چنبيلي ول (شاعري) 1985ع |
20.
رڻ تي رم جھم (شاعري) 1986ع |
21.
ساھيوال جيل جي ڊائري (نثر) 1986ع |
22.
ڀڳت سنگهه کي ڦاھي (اوپيرا) 1986ع |
23.
خط، انٽريو، تقريرون (جلد نمبر 1-
نثر) 1986ع |
24.
راڄ گھاٽ تي چنڊ (شاعري) 1987ع |
25.بڙ
جي ڇانو اڳي کان گھاٽي (شاعري) 1988ع |
26.
اڪن نيرا ڦليا (شاعري) 1988ع |
27.
ڪراچي جا ڏينھن ۽ راتيون (يادگيريون)
1989ع |
28.
جھڙ نيڻان نه لھي (شاعري) 1989ع |
29.
اڀر چنڊ پس پرين (شاعري) 1990ع |
30.
ھينڙو ڏاڙھون گل جيئن (شاعري) 1991ع |
31.
خط، انٽرويو، تقريرون- جلد نمبر2-
(نثر) 1991ع |
32.
ڪتين ڪر موڙيا جڏھن (شاعري) 1991ع |
33.
ڪتين ڪرموڙيا جڏھن-2 (شاعري) 1992ع |
34.
ننڊوليون (شاعري) 1992ع |
35.سر
لوھيڙا ڳڀيا (شاعري) 1993ع |
36.
سورج مکي سانجهه (شاعري) 1993ع |
37.
ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون (شاعري) 1993ع |
38.
جر ڏيئا جھمڪن (شاعري) 1993ع |
39.
ھرڻ آکي ڪيڏانھن (شاعري) 1994ع |
40.
ڪٿي نه ڀڃيو ٿڪ مسافر – 1 (آتم ڪٿا)
1995ع |
41.
تون ڇپر تون ڇانو (دعائون) 1995ع |
42.
چنڊ ڳليون (شاعري) 1995ع |
43.
گھاٽ مٿان گھنگھور گھٽا ۾ (شاعري)
1996ع |
44.
ڪٿي ته ڀڃيو ٿڪ مسافر – 2 (آتم ڪٿا)
1996ع |
45.سانجھي
سمنڊ سپون (شاعري) 1996ع |
46.
ڪتين ڪر موڙيا جڏھن – 3 (شاعري) 1996ع |
47.
اٿي اور ا سان (دعائون) 1997ع |
48.
ڪونجون ڪرڪن روهه تي (شاعري) 1997ع |
49.
ڪاري رات ڪھنگ (شاعري) 1997ع |
50.جي
تند برابر توريان (ڪھاڻيون ترتيب:
ڊاڪٽر انور ”فگار“ ھڪڙو) 1998ع |
51.
ڪٿي ته ڀڃيو ٿڪ مسافر – 3 (آتم ڪٿا)
1999ع |
52.ڪٿي
نه ڀڃيو ٿڪ مسافر – 4 (آتم ڪٿا) 2000ع |
53.ڪٿي
ته ڀڃيو ٿڪ مسافر – 5 (آتم ڪٿا) 2002ع |
|
شيخ عبدالرزاق ”راز“ (1919ع- 1983ع)
شيخ عبدالرزاق ”راز“ ولد منشي عبدالرئوف
جو جنم سکر ۾ ٿيو. سندس شمار انهن ليکڪن ۾ ٿئي
ٿو، جن ترقي پسند تحريڪ جي شروعات ڪئي هئي.
اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڇهه سال ڊي.جي.
سنڌ ڪاليج ۾ گذاريائين، جتي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ
جي اڳواڻيءَ
هيٺ
’سنڌي
ادبي سرڪل‘
قائم ڪيو ويو. جنهن جو سيڪريٽري
”راز“
کي چونڊيو ويو. ڊي.جي. سنڌ ڪاليج جي ان ادبي سرڪل،
سنڌ ۾ جديد ۽ ترقي پسند ادب جو بنياد رکيو. هن
سرڪل
۾ پروفيسر
رام پنجواڻي، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي،
پروفيسر ڊي. ڪي منشاراماڻي، شيخ اياز،
نارائڻ شيام، سڳن
آهوجا ۽ ارجن
شاد وغيره
حصو ورتو.(55) شيخ ”راز“
انهيءَ سرڪل جو مسلسل چار سال جنرل
سيڪريٽري ٿي رهيو.شيخ
اياز کي ترقي پسند ادب ۾ وٺي اچڻ جو سهرو شيخ
”راز“
ڏانهن وڃي ٿو.
ان تحريڪ هيٺ هن ڪھاڻيون، ناول ۽ شاعري ڪئي. البته
اڳتي هلي ڪجهه فردن سان اختلافن ڪري تحريڪ کان الڳ
ٿي ويو. سندس ڪيترائي ڪتاب پڻ شايع ٿيل آهن.شيخ
عبدالرزاق ”راز“ آزاديءَ کان اڳ ئي ڪھاڻيون لکڻ
شروع ڪيون هيون ۽ آزاديءَ کان پوءِ به ڪجهه
ڪھاڻيون لکيائين. سندس هيٺيان ڪتاب شايع ٿيل آهن:
1.
شرح يمن ڪلياڻ (شرح 1957ع)
|
2.
شرح ڪلام گرھوڙي (1959ع)
|
3.
شرح ديوان گل (1959ع) |
4.
تاريخ سلطنت دھلي (تاريخ 1961ع)
|
5.
تنقيد ۽ تجزيو (1966ع) |
6.
سنڌي غزل جو تجزيو (1991ع)
|
7.
سارنگ (شاعري 1954ع) |
8.
پيھي منجهه پاتال (شاعري 1961ع)
|
9.
غزل (شاعري 1972ع) |
10.
مارو ڪي ديس ۾ (لطيفي داستان: اردو
شاعري) |
11.
ڊاڪ بنگلو (ڪھاڻيون 1954ع)
|
12.
مسافر (ناول) |
13.
سانگي ڪي ساريام (يادگيريون) |
14.
سڄڻ سفر ھليا (شاعري: 1967ع)
|
15.
ڌڙڪنين (اردو شاعري) |
16.
فاتح سنڌ (تاريخ: 1955ع) |
17.
نئون آدمي (1966ع) |
18.
Sukkur: Past and Present |
سوڀو گيانچنداڻي
(1920ع– 2014ع)
سنڌ جي ترقي پسند ڪھاڻيڪار، سياستدان، ڪامريڊ سوڀي
گيانچنداڻيءَ جو جنم ڳوٺ ٻنڊي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾
تنور مل گيانچنداڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو.
سوڀو 1936ع دؤران تحقيق ۽ ادب ڏانهن مائل ٿيو ۽
پهريون دفعو سندس اسڪول مئگزين ۾ مضمون ٽئگور بابت
شايع ٿيو. سوڀو صاحب ميٽرڪ اپريل 1937ع ۾ بمبئي
يونيورسٽيءَ مان پاس ڪئي. جون 1937ع ۾ ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ
۾ داخلا
ورتائين. جتان 1939ع ۾ انٽر پاس ڪيائين. ڊي.جي. ڪاليج ۾ هن ترقي پسند
تحريڪن ۾ حصو ورتو ۽ ادب تخليق ڪيو. پوءِ ٽئگور
جي ڪاليج
’شانتي نڪتين‘ ۾ داخلا
ورتائين. سال 1941ع ۾ بي. اي پاس ڪيائين.
پاڻ ٽئگور جو شاگرد هو. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع
ٿيل آهن. سندس ڪھاڻين جو مجموعو ”ڪڏهن بهار ايندو“
پهريون دفعو 1993 ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ ڪل 10
ڪھاڻيون شامل آهن. سوڀي صاحب جي مشھور ڪھاڻي
”آکيري جو ٽٽڻ“ 1944ع ۾ ”ريگستاني ڦول“ نالي ڪتاب
۾ شايع ٿي هئي. هن ڪھاڻيءَ ۾ گهر کي آکيرو سڏيو
اٿائين ۽ آکيري کي ڇڏڻ جو درد هن ڪھاڻيءَ ۾ سمايل
آهي.(56)
سندس ٻين ڪتابن ۾ ”نيپولن
جو موت“ (تاريخ)، ”تاريخ جا وساريل ورق“ (ڪالم
1992ع)، ”تاريخ ڳالھائي ٿي“ (ڪالم 1994ع)،
”ڪي
ماڻهو تاريخ ٿين ٿا“،
”وڏي وٿ ھئام“ (ڪالم 1997ع)
”روشني
ءَ جي پنڌ ۾“
(آتم
ڪھاڻي، 2013ع)
وغيره
شامل آهن.
محمد ابراهيم جويو (1915ع- 2017ع)
سنڌي ٻوليءَ جو تعليمدان، دانشور، اديب
۽ مترجم ڳوٺ آباد ( لڳ تيرٿ لڪي، هاڻي لڪي شاھه
صدر) تعلقي ڪوٽڙي، ضلعي ڄام شوري ۾ جنم ورتو. هن
1934ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام مان ميٽرڪ ۾ ٻي پوزيشن
حاصل ڪئي. 1934ع ۾ ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾
داخلا وٺي 1938ع ۾ بي.اي. پاس ڪيائين. ڊي.جي.
ڪاليج ۾ داخلا ۽ سائين جي . ايم سيد جي حوالي سان
جويي صاحب لکيو آهي ته، ”پاڻ
مون سان ان ڳالهه تي ڏينهن جا پورا ٻه پهر ويهي
ڳالهايائون ۽ همت ڏياريائون ۽ چيائون ته نوڪري
ڪنهن به صورت ۾ نه ڪجي، پر ڪيئن به ڪري، پڙهڻ لاءِ
ڪاليج ۾ داخلا وٺجي. پوءِ مون کي ڊي.جي. سنڌ ڪاليج
ڪراچيءَ جي پرنسيپل بٽاڻي صاحب ڏانهن چٺي لکي
ڏنائون. جيتوڻيڪ داخلا جون تاريخون گذري چڪيون
هيون، پر ان الله جي نيڪ بندي، درويش صفت پرنسيپل
بٽاڻيءَ مون کي ڪاليج ۾ داخل ڪيو، ۽ اهڙيءَ
زندگيءَ جي راهه ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ وڌيڪ هڪ ڀيرو مون
کي سائين جي.ايم.سيد جي رهبري ۽ مدد نصيب ٿي.(57)
سال 1938ع ۾ ئي سنڌ مدرسي ۾ اسسٽنٽ ماستر
طور مقرر ٿيا. وڌيڪ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ 1940ع ۾
سنڌ مدرسي طرفان ايس.ٽي ڪاليج بمبئيءَ مان بي.ٽي.
پڙهڻ ويا. بي.ٽي. پاس ڪرڻ کان پوءِ 1947ع تائين
درس و تدريس سان وابسته رهيا. ملازمت دؤران ڪتاب "Save
Sindh save the continent” ”سنڌ
بچايو، کنڊ بچايو“ لکڻ ڪري سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر
۽ تڏهوڪي تعليم جي وزير پير
الاهي بخش سندن ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪمنامو جاري
ڪيو. ان کان پوءِ مختلف نوڪريون ڪيائين. سندس
ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن ۾ ڪي هن ريت آهن:
1.
”مُٺ مُٺ موتين جي“ (سياسي، ادبي ۽ سماجي مضمون
1952ع)
2.
”ادب ۽ سياست عوام لاءِ“ (مضمون)
3.
”عورتازاد“
(عورتن جي تحريڪ آزادي ):ترتيب ۽ ترجمو (1983ع)
4.
”ادب ٻولي ۽ تعليم“ (مضمون)
5.
جي.جي.روسو جي
“Emile or Education”
جي تلخيص ترجمو ”ايميلي عرف تعليم“ (1949ع)
6.
”سماجي اڀياس- تاريخ“ (1961ع) (ترجمو)
7.
”تاريخ پاڪستان“ (1962ع) (ترجمو)
8.
پليو ٽارچ جي ڪتاب
“Education”
جو ترجمو ”تعليم“ (1972ع)
9.
ھاورڊ موئر جي
“Savage Survivals”
جو ترجمو ”وحشي جيوت جا نشان“ (1976ع)
10.
اسٽيفن زويگ جي
“The Right of Heresy”
جو ترجمو ”فڪر جي آزادي“ (1977ع)
11.
برٽالٽ بربخت جي
“Life of Galileo”
جو ترجمو ”گليلو“ (1977ع)
12.
”شاهه - سچل- سامي“ (تنقيد: 1978ع)
13.
”ماڻھوءَ جو ڀاڳ“ (ڪھاڻيون، مضمون ۽ شاعري 1980ع)
14.
اينڊ بلائٽن جي
“The Children’s Life of Christ”
جو ترجمو ”ٻارن جو مسيح“ (1980ع)
15.
جارج پوليزر جي
“An Elementary Course in Philosophy”
جو ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“ (1984ع)
16.
پائلو فراري جي
“Pedagogy of the Oppressed”
جو ترجمو ”علم تدريس مظلومن لاءِ“ (1984ع)
17.
ڊاڪٽر جي. ايم. مھڪريءَ جي انگريزي لکڻين جو ترجمو
”مھڪريءَ جا مضمون“ (1978ع)
18.
”ڳالھيون ڪتابن جون“ (مھاڳ، مضمون ۽ ڪالم- ٽي جلد)
19.
”سنڌ
جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو“
(سهيڙ 2006ع)
20.
”اسان
جي ٻولي ۽ اسان جي تعليم“
(ترتيب 1985ع)
21.
”هو
جا ٽمڪي باهڙي“
(ترجمو 1995ع)
22.
”ادب
ٻولي ۽ تعليم“
(ڀاڱو ٻيو 1998ع)
23.
”منهنجا
بزرگ منهنجا ساٿي“
(خاڪا 2019ع)
English
1.
“Save Sindh, Save the Continent, From Fedual
Lords. Capitalists and their Communalisms”
(1946)
2.
“The Sindhi People, A Nation in Chains” (1974).
Translation of G.M Sayed’s
”سنڌو ديش، ڇو ۽ ڇا لاءِ“
3.
Problems of language in West Pakistan.
4.
“An Appeal to Teachers ”
5.
“What is Carriculium ”
6.
“National Unit ”
7.
“Sindhi Language”. An Appeal for Juistice
8.
Pakistan What becomes of it.
9.
“Sorrows of Sindh.”
ڪيرت ٻاٻاڻي (1922ع-
2015ع)
هن جو پورو نالو ڪيرت چوئٿرام ٻاٻاڻي
هو. سندس جنم ڀومي
ڳوٺ موريو لاکو، تعلقي سڪرنڊ،
ضلعي
نواب شاهه ۾ آهي. هن اسڪولي تعليم
ميٽرڪ تائين ولس اسڪول نواب شاهه، بيچلر ڊي.جي.
ڪاليج ڪراچي ۽ قانون جي ڊگري شهاڻي لا ڪاليج
ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. سنڌ اندر مزدؤر ۽ شاگرد
جدوجهد سان گڏ انگريزن کان ملڪ جي آزاديءَ
جي تحريڪ ۾
ڪانگريس جي اثر هيٺ حصو ورتائين. سنڌ ۾ ڪامريڊ
سوڀي گيانچنداڻي، حشو
ڪيولراماڻي،
جي.ايم.سيد،
شيخ اياز، حيدر
بخش جتوئي ۽
قاضي فيض محمد سان
سندس
تعلقات رهيا. هي بنيادي طرح ترقي پسند
۽ سنڌ دوست اديب ۽ دانشور هو.
سنڌ ۾ رهڻ دؤران جديد ترقي
پسند ادب کي
اي.جي.اُتم، گوبند پنجابي ۽
گوبند مالهيءَ سان گڏجي همٿايو. ’نئين دنيا‘ ڪتاب
گهر ڪراچيءَ جو ان ڏس
۾ وڏو ڪردار هو. ڊي.جي. ڪاليج ۾ سندس ڪيتريون ئي
علمي ۽ ادبي سرگرميون رهيون. ٻين لفظن ۾ هو ڊي.جي.
ڪاليج جي پيداوار آهي.(58)
سندس ڪيترائي
ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن
مان
ڪي هي آهن:
1.
ھوءَ (ڪھاڻيون) 1956ع
2.
مالوا (مئڪسم گورڪيءَ جو ناول: ترجمو) 1958ع
3.
ڪولي (ملڪ راج آنند جو ناول: ترجمو) 1960ع
4.
جو درد دل ۾ سمائجي نه سگھيو (ڪھاڻيون) 1966ع
5.
سوريءَ سڏ ڪيو (ناٽڪ) 1972ع ع
6.
ادب ۾ قدرن جو سوال (تنقيد) 1974ع
7.
لينن: دنيا جي عظيم انقلابي شخصيت 1980ع
8.
اوک ڊوک (تنقيد) 1981ع
9.
جيڪي ڏٺو ھو مون (روس جو سفرنامو) 1982ع
10.
اٻول راڻي (لوڪ ڪھاڻيون) 1982ع
11.
پيھي منجهه پاتال (ادبي مضمون) 1985ع
12.
ورھاڱي کان پوءِ سنڌي ڪھاڻي (جائزو) 1986ع
13.
امن جي افق ڏانھن (مضمون) 1987ع
14.
نه ليليٰ نه مجنون (ڪھاڻيون) 1987ع
15.
چونڊ سنڌي لوڪ ڪھاڻيون (ترتيب) 1989ع
16.
جيئي سنڌ سدا جيئي (ڪھاڻيون)
17.
اوھان سڀ ننگا آھيو (ڪھاڻيون) 1993ع
18.
ڪجهه ٻڌايم ڪجهه لڪايم (آتم ڪٿا: چار جلد) 1987ع
19.
لڪي ليا ڪاپائين (شاعري) 2000ع
نرمل جيوتاڻي (1921ع-
1944ع)
هُو پنھنجي شهر
’ٿرڙي
محبت‘
کي
"Hamlet of love"
سڏيندو هو. هو
پنھنجي دؤر جو بھترين شاعر ۽ ناول نگار ھو. ھڪ
ناول ”بينا“به لکيو هئائين. ”بينا“ ناول ۾ پيار جي
شاديءَ جي موضوع کي ڇيڙيو ويو ھو. شاعرانه جذباتي
زبان سبب ھي ھڪ بھترين ناول چئي سگهجي ٿو.
سندس شاعريءَ جو مجموعو ”زندگي“ ۽ ٽئگور جي
شاعريءَ جو ترجمو شايع ٿيل هئس.(59)
سرڻاگتي بلڊنگ، ورهاڱي کان اڳ ڪراچيءَ ۾ آرٽس
ڪائونسل وانگر هو. عمارت ۾ ٽئگور آرٽس اسڪول ۽
نرمل جيوتاڻي پاران قائم ڪيل ’ڪلاٻاري‘
جيڪا
’ڊي.جي.
ڪالج‘
۾ قائم ڪئي وئي هئي، جنهن جو مقصد فن کي اڳتي
وڌائڻ هو.
آزاديءَ جي هلچل ۾ حصو وٺندي پوليس جي تشدد سبب
ننڍيءَ عمر ۾ گذاري ويو.
گوبند مالهي (1921ع-
2001ع)
سنڌي ترقي پسند ادب جي بانيڪارن ۾
گوبند مالهيءَ جو نالو نمايان آهي. سندس جنم
ٺاروشاهه، ضلعي نوشھري
فيروز۾
ٿيو. شروعاتي تعليم پنھنجي ڳوٺ ٺارو شاهه ۾ ئي
حاصل ڪيائين. ميٽرڪ 1939ع ۾ پاس ڪري ڪراچي ڊي.جي.
ڪاليج ۾ پهتو. گوبند مالهي هڪ ئي وقت ناول، ڪھاڻي،
ناٽڪ، ترجمي ۽ مضمون نويسي جي صنفن ۾ پاڻ موکيو.(60)
سياست
جي شروعات 1940ع کان، ڊي.جي. ڪاليج ۾ فيسن وڌائڻ
جي خلاف تحريڪ کان ڪيائين. سياسي سرگرمين جي
دؤران 1942ع ۾ جيل ياترا به ڪيائين.
ڊي.جي.
سنڌ ڪاليج ۾ پروفيسر گربخشاڻيءَ جي رهنمائيءَ هيٺ
اهڙن خيالن ۽ نظرين جي حامي شاگرد اديبن ۽ شاعرن
هڪ جماعت جو بنياد وڌو، جنهن جو نالو
’سنڌي
ادبي سرڪل‘
رکيو ويو. ان سرڪل جي سرگرمين ۾ گوبند مالهي حصو
وٺندو هو. 1943ع ۾
’نئين
دنيا ڪتاب گهر‘
سان واسطو ٿيس ۽ انهيءَ جي طفيل ڪميونسٽ پارٽي ۾
شامل ٿيو،
’نئين
دنيا ڪياب گهر‘
پاران برڪت علي آزاد، گوبند پنجابي ۽ ٻيا سنڌي ادب
۾ ترقي پسنديءَ جو جهنڊو کڻي اڳتي وڌيا.
1947ع
۾
’نئين
دنيا ڪتاب گهر‘
پاران
’نئين
دنيا‘
جي نالي سان ماهوار رسالو شروع ٿيو، جنهن جو
ايڊيٽر مقرر ٿيو.
’نئين
دنيا‘ڪتاب
گهر پاران، پهريون ترقي پسند ڪھاڻين جو
مجموعو ”ريگستاني ڦول“ شايع ڪيو ويو، جنهن ۾ سوڀي
گيانچنداڻي، گوبند پنجابي ۽ شيخ عبدالستار جون
ڪھاڻيون شامل هيون. سنڌي ادبي سنگت قائم ڪرڻ ۾
سندس وڏو حصو هو. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن،
جن ۾ ناول هي آهن:
1.
للڪار (1954ع) |
2.
عشق نه آھي راند (1955ع) |
3.
ديسي سيڻ ڪجن (1956ع) |
4.
چنچل نگاھون (1954ع) |
5.
جي سوري ڀائين سيج |
6.
جيون ساٿي (1953ع) |
7.
شرم ٻوٽي (1956ع) |
8.
لوڪ آھي ٻوڪ (1955ع) |
9.
ساٿي (1946ع) |
10.
ڦاسيءَ جي ڪوٺڙي (1946) |
11.
چتر ليکا (1946ع) |
12.
ماءُ (ترجمو 1952ع) |
13.
آنسو (1952ع) |
14.
زندگيءَ جي راهه تي (1953ع)
|
15.
من جو ميت (1954ع) |
16.
پکيئڙا ولر کان وڇڙيا (1955ع)
|
17.
پھرين محبت |
18.
ڏيھي پرڏيھي ٿيا |
19.
پيار جي شڪست |
20.
ھڪ انسان سؤ طوفان |
21.
پريتم ويو پرديس |
22.
سمگلر |
23.
سنڌوءَ جي ڪناري |
24.
سونھن جا سوداگر |
25.
پيار جي پياس |
26.
تون، مان ۽ ھوءَ |
27.
مسوريءَ جي راڻي |
28.
ڀاڀي |
29.
ڌرتي ماتا (ترجمو) |
30.
نيتا (ترجمو) |
ڪھاڻين جي مجموعن ۾
پيار ۽ ٻيون يادگيريون (1984ع)، اھا به آکاڻي
(1984ع)، ترويڻي شامل آهن ۽ آتم ڪھاڻين جي ڪتابن ۾
”ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون“ (1978ع)، ”سنڌڙي منھنجي
جندڙي“ (1988ع)، ”نرواس ۽ آس“ (1990ع)، ”زندگي ھڪ
سفر“ (1990ع)، ”عجيب ھي رشتا ناتا“ (1991ع) ”ادب ۽
اديب“ (آتم ڪھاڻي، يادگيريون، پنج حصا 1987ع کان
1991ع) ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن.
خانچند درياڻي (1898ع-
1962ع)
سنڌي ڊراما نويسيءَ جي عظيم ليکڪ،
اداڪار، پهرين سنڌي فلم ڪمپنيءَ جو پايو وجـهـنـدڙ
فلمساز، ڊراما نگار، خانچند شامداس درياڻيءَ
حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
شروعاتي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪري، ڊي.جي.
ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو، جتان، بي.اي.
جو امتحان پاس ڪيائين. ڪاليج جي ڊرئميٽڪ
سوسائٽيءَ کي ورجائڻ ۾ سندس وڏو هٿ هو. ڪاليج
مسلينيءَ ۾ به سندس ڊراما شايع ٿيل آهن. . هن جا
سنسني خيز ناٽڪ ته تمام گهڻو مقبول ٿيا.
خانچند درياڻي زرعي کاتي ۾ ملازم هو، جتان 43 سالن
جي ڄمار ۾ استعيفا ڏئي، سنڌي سئنيما جي
دنيا سان لاڳاپاجي
ويو. سندس ڪوششن سان 1923ع ۾ حيدرآباد ۾
”رابندرناٿ لٽرري ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ“ جو مهورت بنگال جي
عظيم شاعر رابندرناٿ ٽئگور خود
سنڌ ۾ اچي ڪيو هو.(61)
خانچند درياڻيءَ جا 25 کن اصلوڪا ۽ ترجمو ڪيل ناٽڪ
آهن، جن
۾ هن حقيقت نگاريءَ
(Realism)
جو رنگ ڀريو.
هن پنھنجن ڪيترن ئي ڊرامن ۾ خود به ڪردار طور ڪم
ڪيو ۽ سندس ڊراما ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيا ۽ انهن تي
فلمون به ٺهيون.
هن ڪلب جو پهريون بهترين ناٽڪ
”ملڪ
جا مدبر“
جيڪو
خانچند درياڻيءَ
ابسن
(Ibsen) جي
مشھور ناٽڪ Pillars
of Society تان
وٺي،
سنڌ مسلم زندگيءَ ۾ بيهاريو هو
آغا تاج محمد خان
(1904-1959ع)
نامور تعليمدان،
عالم ۽ اديب تاج محمد،
تعلقي ۽ ضلعي سکر جي ڳوٺ ’باگڙجيءَ‘ ۾ ڄائو.1925ع
۾ ميٽرڪ پاس ڪري ڊي.جي. ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتان
1925ع ۾ بي.اي جو امتحان پاس ڪيائين.
تعليم کاتي
۾ انسپيڪٽر آف اسڪولس طور به
خدمتون به ڏنائين.
1945ع ۾ کيس انگريز سرڪار
’خان صاحب‘
جو لقب ڏنو. 1948ع کان صوبائي اسڪائوٽ ڪمشنر رهيو.
سنڌ يونيورسٽيءَ کي قائم ۽ سگهارو ڪندڙن ۾ آغا صاحب
جو نالو هميشه ياد رهندو. آغا تاج محمد
اديب، شاعر،
ليکڪ، تعليمدان ۽ وڏو منتظم هو.(62)
سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾”نئون سنڌي گرامر“ (ٽي
ڀاڱا، 1939ع)، ”سوڪس“ (1944ع)
کان علاوه
جاگرافي ۽ مضمونن جا ڪتاب شامل آهن. ادبي ڪتابن ۾
”چيدا سبق“ 1947ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ ٻارن جي
اخلاق جي حوالي سان مضمون ڏنل آهن. سندس ٻين ڪتابن
۾ ”اخلاقي سبق“ ۽ ”نيڪ نصيحتون“ (1950ع) پڻ شامل
آهن. سندس سڀني ڪتابن ۾ ٻارن جي سکيا ۽ اخلاق تي
زور ڏنل آهي.
سيد غلام مصطفيٰ شاهه (1918ع- 1999ع)
سيد غلام مصطفيٰ شاهه سنڌ جو ناميارو
تعليمدان ۽ اسڪالر ٿي گذريو آهي. سندس تعلق سجاول،
ٺٽي ضلعي سان هو. 1933ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ داخل ٿيو،
جتان 1937ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين. ساڳي
سال ڊي.جي. ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتان ٻن سالن ۾
انٽرميڊيئيٽ
ڪري، مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه داخل ٿيو. هُو
سنڌ جو نالي وارو علمي خدمتگار، اديب، رهنما ۽
دانشور هو. تعليم کاتي جو مرڪزي وزير به رهيو. سنڌ
يونيورسٽي، ڄام شوري جي نامياري وائيس چانسلر طور
ٻه دفعا شاهه صاحب سنڌ جي تعليم جي مثالي خدمت
ڪئي. سائين غلام مصطفى شاهه هڪ ذميوار ۽ باشعور
فرد جي حيثيت ۾ سنڌ ۾ سول سوسائٽيءَ
جي قيام لاءِ حقيقي ۽ بنيادي ڪوششون وٺندڙن جي
فهرست ۾ سدائين اڳڀرو نظر آيو.
”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي پيغام کي عام
ڪرڻ جي حوالي سان 1972ع ۾ نامور تعليمدان سيد
غلام مصطفيٰ شاهه
’شاهه
عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽيءَ‘
جو بنياد وڌو.
هن اداري سنڌ جي سماجي، اقتصادي ۽ ادبي حالتن کي پيش
نظر رکندي، وقت به وقت علمي ۽ ادبي ڪانفرنسون
منعقد ڪرايون ۽ اهم ڪتاب/ ڪتابچا شايع ڪرڻ جو
سلسلو 1975ع کان شروع ڪيو. هن اداري انگريزيءَ ۾
‘Sindh Quarterly’
نالي سان هڪ رسالو 1982ع کان شروع ڪيو، جيڪو هڪ
وڏي عرصي تائين جاري رهيو.
هن اداري جو چيئرمين سيد
غلام مصطفيٰ شاهه ۽ سيڪريٽري نامور محقق ۽ اديب اياز
قادري هو.(63)
سيد غلام مصطفيٰ
شاهه سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ پڻ ڪيترائي ڪتاب لکيا،
جن ۾ ”سير
و سفر“ (سفرنامو، مرتب: احسان بدوي 1962ع)،
”جاگرافي ضلعو لاڙڪاڻو“ (1962ع) ،”عروج و زوال“ ،
”اميدن ڀريا بادل“ (مضمون 1972ع)، ”سنڌ جو مستقبل
۽ سنڌ جا تعليمي مسئلا“ (مقالا 1970ع)،”سنڌي
قائدو“ (1972ع)، ”جاگرافي ضلعو خيرپور“ ،”استاد“
(مقالو 1972ع)، ”معاشرو ۽ تعليم“ (مقالو 1974ع)،
”شاهه لطيف جي ڪلام ۾ اسلامي قدر “،”تاريخ جا
سبق“ شامل آهن. جڏهن ته انگريزيءَ ۾ سندس هيٺيان
ڪتاب شايع ٿيل آهن:
1.
Towards Understanding the Muslims of Sindh
(1943)
2.
Legacy of Britain (1972)
3.
British in the sub-Continent (1964)
4.
A Principal’s Papers (1960)
5.
Water Requirement of Riverine Area of Sindh
6.
Sindh Quarterly (Editor)
7.
Political and Constitutional Survey of British
Rule in India
8.
Sindh then and Now
9.
Bhutto – the Man and Martyr
10.
Gen Zia – His Winged Death and aftermath
11.
Jam -Man
and his Politics |