اسان کي خبر آهي ته ڊي.جي. ڪاليج ۽ سنڌ مدرسي
جو سفر گڏ شروع ٿيو هو. مدرسو، صرف ميٽرڪ
تائين تعليم مهيا ڪندو هو. جيڪي مسلمان
شاگردَ مدرسي تائين پهچندا هئا، اهي ميٽرڪ
تائين پڙهي پوندا هئا. سرنديءَ وارا شاگردَ،
علي ڳڙهه هليا ويندا هئا، غريب ۽ هوشيار شاگرد
ڊي.جي. ڪاليج جي خصوصي اسڪالرشپ لاءِ
جاکوڙيندا هئا. باقي، ميٽرڪ ڪري،ننڍين ننڍين
نوڪرين تي گذارو ڪندا هئا. نتيجو اهو نڪتو ته
سنڌي مسلمانَ، هندو شاگردن جي ڀيٽ ۾ اعليٰ
تعليم ۾ پوئتي رهجي ويا. شروع ۾ چند مسلمان
شاگرد هئا، جن بي.اي. جو امتحان پاس ڪيو هو.
ان مسئلي کي ڏسندي، ڊي.جي. ڪاليج جي بورڊَ،
مسلمان شاگردن جي لاءِ الڳ اسڪالرشپ مقرر ڪئي،
ته جيئن وڌ ۾ وڌ شاگرد ان مان فائدو حاصل ڪري
سگهن. اهو ئي سبب آهي، جو ڊي.جي. ڪاليج ۾
ويهين صديءَ جي شروعات کان مسلمان شاگردن جو
اضافو ٿيندو ويو. ڊي.جي. ڪاليج پاران مسلمان
شاگردن جي سهائتا لاءِ، ڪجهه وڏيرن کان به هر
سال ڊونيشن وٺي، اسڪالرشپون ڏنيون وينديون
هيون.
سنڌ ۾ جيڪي ڪمشنر ڪم ڪري ويندا هئا،
انهن جي نالن سان به ڪي اسڪالرشپون منسوب
هونديون هيون، جن ۾ ’ايلس اسڪالرشپ‘، ’ميڪسول
ميلول پرائيز‘، ’ارسڪن ميموريل پرائيز‘، ’جيمس
اسڪالرشپ‘، ’ريو پرائيز‘ ۽ ٻيون شامل آهن.
اهڙيءَ طرح ’بمبئيءَ يونيورسٽي اسڪالرشپ‘
هوندي هئي، جيڪا بمبئيءَ ۾ تعليم جي سلسلي ۾
مدد ڪندي هئي. ’لارڊ منٽو اسڪالرشپ‘ اعليٰ
تعليم جي حوالي سان اهم هئي. سڀ کان وڏي
اسڪالرشپ ’دڪشڻا اسڪالرشپ‘ هوندي هئي، جيڪا
گهڻي ۾ گهڻن شاگردن کي ملندي هئي ’دڪشڻا‘
سنسڪرت جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ٻڌ ازم،
هندو ازم، سک ازم ۽ جين جي ادب جي لاءِ چندو،
وظيفو يا مدد ڪرڻ. هيءَ اسڪالرشپ، هندو
واپارين ۽ عملدارن جي مدد سان ’اسڪالرشپ فنڊ‘
۾ جمع ٿيندي هئي، جنهن مان شاگردن جي تعليم
جي حصول جي سلسلي ۾ مالي مدد ڪئي ويندي هئي.
ڇوڪرين جي سلسلي ۾ اسڪالرشپ کان سواءِ، وظيفو
پڻ ڏنو ويندو هو. جيڪي ڇوڪريون ڪاليج تائين
پهچنديون هيون، انهن جي مالي مدد پڻ ڪئي ويندي
هئي.
ڪجهه اسڪالرشپون ۽ پرائيز، ڪجهه ماڻھن
پنھنجي ذاتي نالي سان به منسوب ڪرايا هئا، جن
۾ ’لالچند هاسانند پرائيز‘، ’گاگنداس
رانگليداس اسڪالرشپ‘، ’ايدلجي ڊنشا پرائيز‘
وغيره اهم آهن. ڪجهه اسڪالرشپون خصوصي طور تي
علائقائي ۽ مذهبي بنيادن تي ڏنيون وينديون
هيون، جن ۾ ’سر فرينڪ سوتر اسڪالرشپ‘ صرف
مسلمان شاگردن کي ملندي هئي، ’ورڊز ورٿ
اسڪالرشپ‘ ادب ۽ تاريخ تي ملندي هئي،
’اي.ايم.ڊي. خوجا ٽيسٽيمونئل اسڪالرشپ‘ خوجا
ڪميونٽيءَ جي شاگردن کي ملندي هئي.’ڪڇ ميموريل
اسڪالرشپ‘ صرف ڪڇ جي شاگردن لاءِ مخصوص هوندي
هئي. ’سر ڊنشا ايم. پريٽ اسڪالرشپ‘ صرف سائنس
جي شعبي ۾ ڏني ويندي هئي. ڪجهه پارسي شاگردن
لاءِ الڳ فنڊ رکيل هو. ڏيارام گدومل جي والد
جي ياد ۾ سنسڪرت جي ترقيءَ لاءِ الڳ اسڪالرشپ
رکيل هوندي هئي. مطلب ته شاگردن جي سهولت
لاءِ مختلف نوعيت جون ڪيتريون اسڪالرشپون،
پرائيز، ايوارڊ ۽ ميڊل رکيل هوندا هئا، جن سان
هوشيار ۽ محنتي شاگردن جي حوصلي افزائي ٿيندي
هئي. فنڊ وڌائڻ جي سلسلي ۾، ڪاليج ۾ مختلف
فڪنشن ۽ ڊراما اسٽيج ڪري، سخي مڙدن کي گهرائي،
چندي لاءِ اپيلون ڪيون وينديون هيون، ته جيئن
شاگردن جي سهائتا ۾ آساني ٿئي.
ڪاليج
جي فارغ التحصيل شاگردن پاران
‘Old Boys Association’ قائم ڪيل هئي، جنهن جا قائم ڪندڙ
پرنسيپل شهاڻي ۽ مسٽر روپچند بيلارم هئا. هن
آرگنائزيشن ڪيترائي فنڪشن ڪرايا ۽ شاگردن جي
حوصله افزائيءَ
لاءِ انعام ۽ ايوارڊ به ڏنا. مختلف موقعن تي
ڪاليج جي ترقيءَ لاءِ فنڊ جمع ڪري ڪاليج جي حوالي ڪيا. هي آرگنائزيشن
پاڪستان جي قيام کان پوءِ به هلندي رهي.
ورهاڱي کان پوءِ، شروع وارن سالن ۾
سرڪاري سطح تي ۽ ڪجهه خانگي سطح تي شاگردن جي
مدد لاءِ ڪي پروگرام ٿيا، پر پوءِ آهستي
آهستي، اهڙو رجحان ختم ٿيندو ويو.
ورهاڱي کان اڳ ڊي.جي.
سنڌ ڪاليج جا پرنسيپل
شروع ۾ انگريز پرنسيپال مقرر
ٿيندا هئا، جن مان گهڻن جو واسطو تعليم کاتي
سان هوندو هو. ڏٺو وڃي ته انهن تعليم ۽ غير
نصابي سرگرمين تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو. سندن
انتظام،
نظم ۽ ضبط
پڻ تمام گهڻو سخت هوندو هو. 1927ع کان پوءِ
مقامي سنڌي پروفيسرن کي پرنسيپل جو منصب ملڻ
شروع ٿيو. اهي پڻ انتهائي قابل، اڪابر ۽ عالم
هئا. هتي سڀني پرنسيپلن جي لسٽ ۽بنيادي
معلومات ڏجي ٿي:
ڊاڪٽر آر. ملينيڪسس وامسلي
(1887ع-1888ع)
سنڌ ڪاليج جو پهريون پرنسيپل هڪ
انگريز
ڊاڪٽر رابرٽ ملينيڪسس وامسلي
(1854ع-1924ع)
هو، جيڪو بنيادي طور انجنيئر هو. اڳتي هلي،
کيس احساس ٿيو ته هُن آرٽس ڪاليج ۾ اچي غلطي
ڪئي آهي. هو ڪاليج جي ڀرسان هڪ هوٽل ۾ رهندو
هو. کيس اطمينان هو ته سندس نائب پرنسيپل،
پروفيسر پادشاه هڪ لائق ماڻهو آهي. هو صرف هڪ
سال تائين رهي، انگلنڊ روانو ٿيو، جتي نارٿمٽن
پوليٽيڪنڪ جو سربراهه بڻيو.
ڊاڪٽرموسسز جان جيڪسن (1888ع
کان 1896ع ۽ 1898ع کان 1905ع)
ڊاڪٽر وامسلي جي وڃڻ کان پوءِ،
ڪاليج
جي
بورڊ فيصلو ڪيو ته ڪاليج جي عملي لاءِ قابل
استاد مقرر ڪيا ويندا ۽ پرنسيپل ڪوبه انگريز
آفيسر هوندو.
ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر جيڪسن کي مقرر ڪيو ويو.
ڊاڪٽر موسسز جان جيڪسن (1858ع-1923ع)
ڪاليج آف لنڊن ۽ سينٽ جان ڪاليج آڪسفورڊ مان
تعليم حاصل ڪئي
هئي.
انگلينڊ ۾ سندس تعليمي خدمتن کي ڏسندي، کيس
1888ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج جو پرنسيپل مقرر ڪيو
ويو ۽ 1905ع تائين ان عهدي تي رهيو.
سندس دؤر ۾ وائيس پرنسيپل پادشاهه ئي
رهيو. هنن ٻنھي ڏينهن رات محنت ڪري ڪاليج کي
مضبوط تعليمي ادارو بڻايو. سندن دؤر ۾ ڪاليج
تمام گهڻي ترقي ڪئي.
1896ع ۾ ڊاڪٽر جيڪسن کي ڊگهي موڪل سبب ڏيهه
ورڻو پيو. انصاف ۽ سينائرٽي جي تقاضا هئي ته
پروفيسر پادشاهه کي اضافي چارج ڏني وڃي.
پر،
بورڊ فيصلو ڪري، سنڌ جي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر
مسٽر هيسڪيٿ
۽ جيوڻجي نائڪ ڀمڀاڻيءَ
کي اضافي چارج ڏني. ٿوري عرصي ۾ پروفيسر
پادشاهه نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي بمبئي روانو
ٿي ويو. 1898ع ۾ ڊاڪٽر جيڪسن واپس آيو ۽
1905ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائين.
هُو
ڪراچيءَ ۾ پنھنجي ڪٽنب سميت رهندو هو.
هتي کيس اولاد پيدا ٿيو
هو.
شهر جي سماجي ۽ ادبي خدمتن ۾ حصو وٺندو هو.
کيس ڊرامي سان به شوق هوندو هو. انگريزن پاران
قائم ڪيل ڊرئميٽڪ سوسائٽين ۾ ڪم ڪندو هو.
هن ڪاليج جي باقي اسٽاف سان ويهي رٿ جوڙي،
ته ڇو نه وڌيڪ رقم حاصل ڪرڻ لاءِ ڊرئميٽڪ
سوسائٽي قائم ڪئي وڃي، جنهن سان ڊراما اسٽيج
ڪري ٽڪيٽ تي ڏيکاريا وڃن. اها رٿ سڀني کي پسند
آئي.
پر هتي اسٽيج ڊرامي جو رواج ڪونه هو ۽ اهو به
ٽڪيٽ تي ڏيکارڻ،
جو بلڪل نئون تجربو هو.
پر، سندس اهو تجربو تمام گهڻو ڪامياب رهيو.
سندس ئي دؤر ۾
اپريل 1887ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ هن ڪاليج کي
بي.اي.
(پريويس) ۽ بي.اي.
(فائنل) جي پڙهائڻ جي منظوري ڏني. 1889ع-1888ع
۾ يونيورسٽيءَ
بي.ايس.سي.
۽ بي.اي.
فائنل جي امتحانن جي منظوري به ڏئي ڇڏي. ڪاليج
انتظاميه ٿوري عرصي ۾ قانون جا ڪلاس به شروع
ڪري ڏنا، پر بمبئي يونيورسٽيءَ
انهن جي اجازت نه ڏني. بهرحال،
1890ع ۾ قانون جي ڪلاسن جي منظوري اچي وئي.
1888ع ۾ انجنيئرنگ جا ڪلاس پڻ حيدرآباد مان
ڪراچي آڻي،
هن ڪاليج ۾ شروع ڪيا ويا. ياد رهي ته اهي ڪلاس
اڳ ۾ شروع ئي ڪراچي ۾ ٿيا هئا.(8)
ڊاڪٽر جيڪسن جي نالي سان ڪراچي ۾ جيڪسن مارڪيٽ
مشھور ٿيو.هو ڪرسچن مشينريءَ پاران ڊسپينسري
به هلائي چڪو هو، جنهن ۾ مريضن جو مفت علاج
ڪيو ويندو هو. جيڪسن 1886 کان سنڌ ۾
يونيورسٽيءَ لاءِ لک پڙهه شروع ڪئي، پر بمبئي
سرڪار ان ڏانهن ڪو ڌيان نه ڌريو.
پروفيسر
بي. جي پادشاهه
(1864ع-1941ع)
بورجوجي جيمسجي پادشاهه، بي.اي.
کي 1887ع ۾ ڪاليج جو وائيس پرنسيپل ۽ پروفيسر
منطق، اخلاقيات، فلسفو ۽ سياسي معاشيات مقرر
ڪيو ويو. هو بنيادي طور بمبئيءَ جو باشندو
هو. بمبئيءَ جي ايلفنسٽن ڪاليج مان گريجوئيٽ
هو . تقرير جي فن تي کيس عبور حاصل هو.
ڊي.جي. ڪاليج جي غير نصابي سرگرمين جي ذميواري
به سندس ذمي هوندي هئي. هن ڪاليج ۾’لارڊ
ري ميموريل لائبريري‘
پنھنجي ذاتي جاکوڙ سان قائم ڪئي. ڪاليج جي
شاگردن ۽ استادن جي
رهائش
لاءِ ميٺارام هاسٽل ۾ به سندس ئي ڪردار آهي.
ڪاليج ۾
’ڏيارام
ڄيٺمل سنڌ ڪاليج اميچوئر
ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ‘
جو بنياد به هن صاحب وڌو.(9)
شخصي طور تي پروفيسر بي.جي. پادشاهه نهايت
رحمدل انسان هو. هو گوشت ۽ مڇي نه واپرائيندو
هو. ڪراچيءَ ۾ سائيڪل تي گهمندو هو ۽ ٽانگي
جي ويجهو به نه ويندو هو، ڇو جو هو گهوڙي کي
لڪڻ سان مار کائيندي ڏسي نه سگهندو هو.
ڀيرومل مهرچند لکيو آهي ته ”اگر پروفيسر
بي.جي. پادشاهه ڪنهن ڪم سانگي حيدرآباد ويندو
هو،
ته گدو بندر مان گهوڙي گاڏيءَ ۾ ڪين چڙهندو
هو ، چوندو هو ته گاڏي وارا بيقياسيءَ سان
گهوڙن کي چهبڪ هڻن ٿا ۽ اها ڳالهه مون کان
سٺي نه ٿي ٿئي. انهيءَ سبب گدو بندر مان ڪو
مزور ڪندو هو، جنهن کان پنھنجي
’بيگ‘
ٿيلهو ۽ ننڍڙو هلڪو بسترو مٿي تي کڻائيندو
هو. ان لاءِ هڪ روپيو
مزوري ڏيندو هوس! مزور سان گڏ، پاڻ پيادو،
لڪڻ لوڏيندو حيدرآباد ويندو هو.(10)
ڪاليج ۾ ميٺارام هاسٽل قائم ڪرڻ ۾ به سندس اهم
ڪردار هو.
ان سلسلي ۾
هُو
ڏيارام گدومل جي وڏي ڀاءُ ميٺارام گدومل کان
هاسٽل لاءِ 15 هزار روپين جو چندو وٺي آيو. هن
جي ڪوششن سان ڪاليج ۾ ڊرئميٽڪ سوسائٽي قائم
ٿي. 1861ع ۾ ڪراچيءَ
مان جڏهن
انجنيئرنگ ڪلاس ختم ڪري حيدرآباد منتقل ڪيا
ويا
هئا، ته
پروفيسر
پادشاهه جي تجويز
۽ صلاح
تي ڊي.جي. ڪاليج جو پرنسيپل ڊاڪٽر جئڪسن،
جيڪو خود به انجنيئر هو، اهي ڪلاس 1888ع ۾
حيدرآباد مان ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ
۾ آندا ويا. پروفيسر پادشاهه جي ڪوششن اڳتي
هلي رنگ لاتو ۽ هڪ الڳ
انجنيئرنگ
ڪاليج قائم ٿيو.
پروفيسر پادشاهه شروع کان ئي ڪاليج جو وائيس
پرنسيپل هو. جڏهن به پرنسيپل موڪل تي ويندو
هو، ته هو صاحب انچارج پرنسيپل ٿي ڪاروبار
هلائيندو هو.
1893ع ۾ هن ڪجهه مهينا ڪاليج کي هلايو.
ڪاليج جي بورڊ کي اها ڄاڻ هوندي هئي ته
پروفيسر پادشاهه ڪاليج جو ڪاروبار ۽ انتظام
چڱيءَ ريت هلائيندو. ڪاليج جي مالي حالت سڌارڻ
۾ به سندس وڏو هٿ هو. 1896ع ۾ ڪاليج جي
پرنسيپل پروفيسر جيڪسن جي بدلي ٿي وئي ۽ اصولي
طور تي ڪاليج جي چارج پروفيسر پادشاهه جي
حوالي ڪرڻ
بدران مسٽر هيسڪيٿ
کي ڏني
وئي.
جنهن تي پروفيسر پادشاهه سخت احتجاج ڪندي
استعفا ڏني. پر بورڊ جي خواهش تي ڪجهه وقت
لاءِ نئين پرنسيپل جي مدد لاءِ ترسي پيو.
ٿوري عرصي
بعد
هن سنڌ کي الوداع ڪيو ۽ بمبئيءَ ۾ ٽاٽا
انسٽيٽيوٽ ۾ نوڪري ڪيائين،
جتي پڻ شاندار خدمتون سرانجام ڏنائين. هتي هن
کي مختلف ملڪن گهمڻ جو موقعو پڻ مليو. ٽاٽا
انسٽيٽيوٽ کي به هن بين الاقوامي سطح تي
آندو. هو 1931ع تائين خدمتون ڏيندو رهيو، ۽
اتي اڄ به سندس نالو اداري جي ليجنڊ طور ياد
ڪيو
وڃي ٿو.
جڏهن 20 جون 1941ع
تي
سندس ديهانت ٿيو،
ته ڊي.جي. ڪاليج جي بورڊ هڪ گڏجاڻي ڪئي ۽
پروفيسر پادشاهه جي خدمتن جي ساراهه ڪئي وئي
۽ سرڪار کان گهر ڪئي ويئي،
ته ڪراچيءَ ۾ هڪ روڊ پروفيسر پادشاهه جي نالي
ڪيو وڃي.(11)
مسٽر مارش هيسڪيٿ (1896ع کان 1898ع ۽ 1905ع
کان 1906ع)
مسٽر هيسڪيٿ، ٻه دفعا ڪاليج جو پرنسيپل ٿيو.
هو بنيادي طور تي سنڌ ۾ تعليم کاتي جو
ايجوڪيشنل انسپيڪٽر هو. مجموعي طور تي اڍائي
سال کن ڪاليج ۾ رهيو. سندس زماني ۾ ڪاليج جي
ترقيءَ لاءِ ڪافي ڪم ٿيا، پر سخت ۽ مغرور
ماڻهو هجڻ جي ڪري ٽيم ورڪ ٺاهي نه سگهيو.
1906ع ۾ کيس ڊي.جي. ڪاليج مان بدلي ڪري هڪ
دفعو ٻيهر سنڌ جي تعليم جي ذميواري ڏني وئي.
سنڌ مان کيس بدلي ڪري بمبئيءَ ۾ ڊائريڪٽر
انسٽرڪشن مقرر ڪيو ويو.
جيوڻجي نائڪ ڀمڀاڻي
جيوڻجي ڀمڀاڻي، مئٿيميٽڪس جو پروفيسر هو ۽ ٻين
جي ڀيٽ ۾ سينيئر هو. ان ڪري کيس ڪاليج جي
پرنسپيل جي اضافي چارج ڏني ويندي هئي. ان
سلسلي ۾ هو 1902ع- 1907ع ۽ 1908ع ۾ اضافي چارج
تي ڪجهه مهينن لاءِ پرنسيپل رهيو.
مسٽر ايڇ.پي. فيئريل (1908ع-1916ع)
مسٽر ايڇ.پي. فيئريل (وفات 1916ع)
آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان پڙهي انڊين ايجوڪيشنل
سروس جو آفيسر بڻيو. بنيادي طور تي تاريخ ۽
فلسفي جو پروفيسر
هو. سندس ڪتاب"An
introduction to Political Philosophy”
1917ع
۾ شايع ٿيو.
مسٽر ايڇ.پي. فيئريل 1908ع کان 1916ع تائين ڪاليج جو
پرنسيپل رهيو. هن جي دؤر ۾ مقامي پروفيسرن کي
اڳ جي ڀيٽ ۾ گهڻو اڳتي آندو ويو ۽ نوان
ليڪچرر مقرر ڪيا ويا. 1916ع ۾ نوڪريءَ دؤران
ڪراچيءَ ۾ سندس وفات ٿي.(12)
مسٽر اي.سي. ملر (1917ع-1918ع(
مسٽر آرٿر ڪونگروِ ملر (ايم.اي)،
بنيادي طور تي انڊين ايجوڪيشنل سروس جو آفيسر
هو. 1916ع ۾ جڏهن مسٽر ايڇ.پي. فيئريل وفات
ڪئي،
ته ان وقت هو ڪاليج جو وائيس پرنسيپل هو.
ان ڪري کيس پرنسيپل جي واڌو چارج ڏني وئي.
1918ع ۾ کيس جنگ جي خاص ڊيوٽيءَ
طور مدراس موڪليو ويو. ڪجهه سالن کان پوءِ کيس
سنڌ واپس گهرائي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو
ويو. سنڌ مان بدلي ٿيڻ کان پوءِ راجڪوٽ ڪاليج
جو پرنسيپل مقرر ڪيو ويو هو.(13)
مسٽر ايس. سي.
شهاڻي
(1918ع-1927ع)
صاحبسنگهه چندا سنگهه شهاڻيءَ
جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو.
هن بمبئيءَ جي ايلفنسٽن ڪاليج مان انگريزي ادب
۾ ايم.اي.
پاس ڪئي.
هيءُ
ٻيو سنڌي هو، جنهن 1891ع ۾
M.A
جو
امتحان پاس ڪيو هو. ان کان علاوه، هُو پهريون
سنڌي هو، جنهن کي
1896ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر
مقرر ڪيو ويو. هو ڪاليج جي ميگزين
(مسليني)
جو ايڊيٽر پڻ رهيو. اڳتي ترقي ڪندي، 1918 کان
1927ع تائين ڪاليج جو پرنسيپل رهيو.
عورتن جي تعليم لاءِ گهڻيون ڪوششون ڪيائين ۽
پنھنجي سڀني نياڻين کي تعليم ڏياريائين.
سنڌ جي تعليم جي ترقيءَ ۾ سندس وڏو ڪردار آهي.
ڪاليج ۾ ’لٽرري ۽ ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ‘ وسيلي
تمام وڏي پيماني تي مقابلا ڪرائڻ ۾ سندس اهم
ڪردار آهي.(14)
ڊي.جي. ڪاليج جي مسليني به سندس دؤر ۾ عروج
تي پهتل هئي، جنهن ۾ پاڻ به انگريزي ۽ سنڌي
ٻولين ۾ مضمون لکندو هو. سندس دؤر ڪاليج جي
عروج جو دؤر هو. موتيرام.ايس.رامواڻي
لکي ٿو ته: ”پرنسيپل ايس.سي. شهاڻيءَ
جي ڪوشش سان، 1922ع ۾ انجنيئرنگ ڪاليج (ڊگري
ڪلاس وارو) قائم ٿي سگهيو. انجنيئرنگ ڪاليج،
پارسي دانوير جي نالي پٺيان اين.اي.ڊي (نادر
شا ڊنشا) سول انجنيئرنگ ڪاليج سان سڏجڻ ۾ آيو.
1926ع ۾ لا ڪاليج کوليو ويو. ڪاليج جو نالو
شهاڻي لا ڪاليج رکيو ويو.(15)
سنڌ جي مشھور سياسي اڳواڻ
محمد
ايوب کهڙي جي حوالي سان، ڊاڪٽر حميده کهڙو
لکي ٿي ته: ”جان محمد صاحب کهڙي ان ڳالهه تي
زور ڏنو ته محمد ايوب کي تعليم جاري رکڻ کپي ۽
زمين سنڀالڻ جو وقت اڃا پوءِ ايندو. ان وقت ڊي.جي.
سنڌ ڪاليج جو پرنسيپل هڪ اهڙو فولادي شخصيت
وارو نهايت قابل انسان ايس.سي.شهاڻي
هو،
جنهن جهڙو پرنسيپل ان ڪاليج کي وري ڪو
ورلي نصيب ٿيو هوندو. هُو
خود هڪ زميندار هو ۽ بعد ۾ جڏهن وري وائسراءِ
جي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو،
تڏهن هو سياستدان به بڻجي ويو. هيءُ ئي هو
جنهن اهو نظريو پيش ڪيو ته سنڌ ۾ قائم ٿيندڙ
سکر بئراج جي تعمير وقت سنڌ ۾ پنھنجن مڪاني
انجنيئرن جي جيڪا ضرورت پوندي،
تنهن لاءِ اڳواٽ ئي سنڌ ۾ انجنيئرنگ ڪاليج جو
وجود ضروري آهي.
پوءِ سندس ئي ڪوششن سان اين.اي.ڊي.
انجنيئرنگ ڪاليج 1922ع
۾ برپا ٿيو.1926ع
۾ ڪراچي ۾ لا ڪاليج جو باني به اهو ئي هو،
تنھن ڪري ان ڪاليج جو نالو ئي
’ايس.سي.
شهاڻي ڪاليج‘
رکيو ويو هو.(16)
سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ ايس.سي.
شهاڻيءَ سرگرمي ڏيکاري. ان سلسلي ۾ ڊي.جي.
ڪاليج جي تاريخ لکندڙ پروفيسر ايل.ايڇ.اجواڻيءَ
موجب،
”سنڌ
۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ شهاڻيءَ جو خواب هو،
جيڪو هُو ڏينهن جو به ڏسندو هو. ان لاءِ هن
گذريءَ واري پاسي زمين به ڏٺي هئي. هن ان رٿا
تي تمام گهڻو ڪم به ڪيو هو. هن ڊي.جي. ڪاليج
بورڊ ۽ بمبئي سرڪار کان منظوري به وٺي ڇڏي
هئي. پر يونيورسٽيءَ لاءِ تجويز ڪيل زمين جو
اگهه مناسب نه هئڻ سبب ان
تجويز تي عمل نه ٿي سگهيو.(17) ايس.سي.
شهاڻيءَ جي دؤر ۾
1922ع ۾ انجيئرنگ ڪاليج ۽ 1922ع ۾ لا (قانون)
ڪاليج قائم ٿيڻ سان، ڊي.جي. ڪاليج جي قاعدن ۾
انتظامي تبديلي ڪئي وئي ۽ ڪاليج اندر هڪ ٻيو
بورڊ قائم ڪيو ويو، جيڪو ڪاليج جي انتظام کي
هلائيندو هو.
هُو
بمبئي يونيورسٽيءَ
۾ ’سنڌيءَ‘
جو ممتحن هو. سندس ئي ڪوششن سان 1924ع ۾ بمبئي
يونيورسٽيءَ ۾ بي.اي. جي
سطح تائين ’سنڌيءَ‘ کي
نصاب ۾ آندو ويو. پاڻ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾
’سينيٽ‘
جو ميمبر ۽ ’سنڌي
بورڊ آف اسٽڊيز‘ جو
چيئرمين
ٿي رهيو. سندس رٽائرمينٽ تي ڪاليج طرفان سندس
مان ۾ شاندار الوداعي پارٽي ڪئي وئي هئي ۽
ڊي.جي ڪاليج مسلينيءَ طرفان سندس شان ۾ نمبر
جاري ڪيو ويو هو.
اين .بي. بٽاڻي (1927ع-1943ع(
نارايڻ ٻالچند بٽاڻي (1883ع-1971ع)
سنڌي ٻوليءَ جو ليکڪ ۽ وڏو تعليمدان هو، جيڪو
سيوهڻ ۾
ڄائو. سندس اصل نالو ديوان صورترام
بٽاڻي
هو. 1900ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين، جنهن
۾ سنڌ ۾ پهريون ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٻيو
نمبر آيو. 1904ع ۾ بي.اي ۽ 1906ع ۾ ايم.اي.
جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. شروع ۾
دکشڻا فيلو مقرر ٿيو. انهيءَ بعد
’ڪئمبرج
ڊپلوما ان ايجوڪيشن‘
حاصل ڪيائين. ڪراچي ڪاليج مان سنڌ اسڪالرشپ،
وائسراءِ ميڊل، ارسڪن ميموريل پرائيز ۽ ايدلجي
ڊنشا پرائيز کٽيائين.(18)
پير علي محمد راشديءَ سندس شخصيت جي باري ۾
لکيو آهي ته،
”بٽاڻي
صوفين جو طالب هوندو هو. سائين نصير جلالاڻن
واري جو فقير ۽ ڍاڍر واري سائين رکيل شاهه جو
معتقد هو. کيس به فقيريءَ جو ڪو انگ مليل هو.
چهرو شانتي ۽ قلبي اطمينان جو آئينو هوس. اکين
۾ اهڙي چمڪ جهڙي مون ورلي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي
اکين ۾ ڏٺي.
تمام ٿورو ڳالهائيندو هو، ڌيمي آواز ۽
رازدارانه لهجي ۾. مون سندس واتان ڪڏهن ڪنهن
انسان جي گلا ڪانه ٻڌي. تعليم جي معاملي ۾
سنڌين جي تقريباً
هڪ پيڙهيءَ کي فيض بخشيائين. سندس ڪا تصنيف
منهنجين اکين اڳيان ڪانه آئي. شايد سارو
توجهه روحاني معاملات ۽ تعليم طرف رهيس.
هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ پاڻ بمبئي لڏي
ويو، پر ان کان پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن پنھنجن
مرشدن جي زيارت لاءِ هيڏانهن اچي نڪرندو هو.
هڪ ڳالهه مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي. سندس
موجودگيءَ ۾ هر اهل دل سڪون محسوس ڪندو هو.
حليو هيءُ ته بت ۾ ڇڙڪ، قد ڊگهيرڙو، ڪلين شيو.
بند گلي سان ننڍو ڪوٽ ۽ پتلون،
ٻئي سادڙا کدر جا. مٿو اگهاڙو، وارن کي ڦڻي ڪا
نه، پر اڪثر تيل لڳل.(19)
1907ع ۾ ڊي.جي.
ڪاليج ۾ فزڪس جو اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو
۽ پوءِ پروفيسر. 1916ع ۾ ڪاليج جو وائيس
پرنسيپل بڻيو. پرنسيپل شهاڻيءَ جي رٽائرمينٽ
تي 1927ع ۾ ڪاليج جو پرنسيپل مقرر ٿيو ۽ ڊاڪٽر
ايڇ.ايم. گربخشاڻي هن سان گڏ وائيس پرنسيپل
مقرر ٿيو. سندس دؤر ۾ ڪاليج تمام گهڻي ترقي
ڪئي. سندس ئي دؤر ۾ ڪاليج جي گولڊن جوبلي
انتهائي اهتمام
سان
ملهائي وئي. هن رام ڪرشنا پرمهنس جي سوانح
حيات بابت ڪتاب ”شري رام ڪرشنا جي حياتيءَ جو ذڪر“
لکيو، جيڪو 1936ع ۾ ڇپيو.
هي صاحب بمبئي يونيورسٽيءَ
جو فيلو، بورڊ آف اسٽڊيز ان سنڌيءَ جو
چيئرمين، بورڊ آف اسٽڊيز ان فزڪس ۽ مئٿميٽڪس
جو ميمبر، ائڪڊمڪ ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو.
رٽائرمينٽ کان پوءِ، ايس.ايم.
سائنس ڪاليج ۾ ڪلاس وٺندو هو.
ڊاڪٽر
ايڇ. ايم.
گربخشاڻي (1943ع-1944ع)
سنڌي ٻوليءَ جي نالي واري عالم، تعليمدان ۽ ماهر لطيفيات ڊاڪٽر
هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ
جو جنم حيدرآباد ۾
ٿيو. 1905ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج مان بي.اي.
۽ 1907ع ۾ ولسن ڪاليج بمبئي مان ايم.اي. پاس ڪيائين. 1928ع ۾ انگلينڊ مان پي.ايڇ.ڊي.جي. ڊگري وٺي آيو. ڊي.جي. ڪاليج ۾ فارسي ۽
انگريزيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. ان ئي ڪاليج ۾
1927ع ۾ وائيس پرنسيپل
۽ 1940ع ۾ ڪاليج جي آرٽس فئڪلٽيءَ جو ڊين مقرر ٿيو. هن جي ڊين ٿيڻ سان پهريون دفعو ڪاليج ۾ آرٽس ۽ سائنس
فيڪلٽين کي الڳ ڪيو ويو. ڪاليج جي پرنسيپل
مسٽر
بٽاڻيءَ
سان سندس تعلق ڪشيده رهندا هئا. 7 آگسٽ
1943ع تي مسٽر بٽاڻي رٽائر ٿيو، ته ڊاڪٽر ايڇ.ايم.گربخشاڻيءَ کي پرنسيپل مقرر ڪيو ويو. هن پنھنجي دؤر ۾ غريب
شاگردن لاءِ پروگرام ڪرايا ۽ ناٽڪ اسٽيج
ڪرايا. سندس دؤر ۾ تعليمي سرگرمين سان گڏ،
رانديون ۽ ادبي پروگرام به عروج تي پهتل هئا.
8 مارچ 1944ع تي هن جي نوڪريءَ مان رٽائرمينٽ
ٿي، پر سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي عيوض سرڪار
کيس ٻن سالن لاءِ نوڪريءَ ۾ توسيع ڏني ۽ کيس
ڪاليج جو پروفيسر ۽ وائيس پرنسيپل طور جاري
رکيو ويو. فيبروري 1947ع ۾ نوڪريءَ دؤران سندس
ديهانت ٿي ويو.(20)
سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.
ڊاڪٽر جي.وي.
لاکاڻي (1944ع-1947ع)
ڊاڪٽر
جهمٽراءِ
وشنداس لاکاڻيءَ
جو جنم 1891ع ۾ ٿيو. 1907ع ۾ ڪاليج ۾ داخل
ٿيو ۽ ارسڪن ايوارڊ کٽيائين. 1911ع ۾
بي.ايس.سي.
۽ 1916ع ۾ ايم.ايس.سي.
جو امتحان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪيائين. 1919ع
۾ ڪاليج ۾ ڪيمسٽريءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو.
ايڊن برگ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ. ڊي
ڪري آيو. ڪيمسٽريءَ جي سبجيڪٽ ۾ ڪجهه ڪتاب ۽
ڪيترائي مضمون لکيائين. 1944ع کان 1947ع
تائين ڪاليج جو پرنسيپل رهيو.(21)
ڊي. ٽي.
ماڙيوالا (1947ع-1948ع)
ورهاڱي کان اڳ، آخري پرنسيپل مسٽر
ڌرمداس ٽيڪچند ماڙيوالا رهيو. سندس جنم 1888ع
۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيو، پر سندس وڏن جو تعلق سيوهڻ
سان هو. پروفيسر
سي.ايل. ماڙيوالا سندس سوٽ هو.
1908ع ۾ بي.اي.
جو امتحان پاس ڪيائين. 1910ع ۾ تاريخ ۾
ايم.اي.
سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪري دکشڻا فيلو بڻيو.
’پريويس‘
امتحان ۾، يونيورسٽيِءَ ۾ انگريزيءَ ۾ پهريون
نمبر اچڻ ڪري، کيس هگلنس پرائيز مليو . شروعات
۾ پنجاب جي ڪاليج ۾ هسٽري جو پروفيسر مقرر
ٿيو. 1914ع ۾ ڊي.جي.
ڪاليج ۾ هسٽريءَ
۽ ايڪنامڪس جو ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ 1916ع ۾ کيس
ترقي ڏئي پروفيسر مقرر ڪيو ويو. 1947ع ۾ ڪاليج
جو پرنسيپل مقرر ٿيو. ورهاڱي سبب، ڪجهه مهينا
ڪاليج جو ماحول تمام گهڻو رخني جو شڪار رهيو.
هو 1948ع جي شروع وارن مهينن ۾ هندستان لڏي
ويو. سندس دؤر ۾، پروفيسر ٽلومل آڏواڻي وائيس
پرنسيپل هو.
حوالا:
1.
“Sind Gazette, October, 18”, 1892, p. 12
2.
Dr. Azeemushan Haider: “History of Karachi
with Special reference to Educational and
Commercial Development (1839-1900)”, July
1971, p.135
3.
“Report of Sind Arts College Board for 1886-87”,
p.10
5.
“Karachi
Gazetteer”, 1927, p.31
12.
Prof. L.H. Ajwani: “The Golden Jubilee of
the Dayaram Jethmal Sind College, Karachi
(1887-1937), The Educational Printing Press,
Karachi, 1939, p.
132
14.
مختيار احمد ملاح: ”اڻويهين صديءَ ۾ سنڌ جي
تعليمي ترقي“، سنڌ آرڪائيوز
ڪراچي،
2019ع،
ص 163
17.
Prof. L.H. Ajwani: “The Golden Jubilee of
the Dayaram Jethmal Sind College, Karachi
(1887-1937)”, The Educational Printing
Press, Karachi, 1939, p.
135
20.
Prof. L.A. D’ Souza: “D.J. Sindh College
Miscellany”, June 1947, p.3
21.
Prof. L.H. Ajwani: “The Golden Jubilee of
the Dayaram Jethmal Sind College, Karachi
(1887-1937)”, The Educational Printing
Press, Karachi, 1939, p.
149
ورهاڱي کان اڳ ڪاليج جا
پرنسيپل

ڊاڪٽر ايم.
آر. وامسلي
|

ڊاڪٽر جيڪسن |

جي. بي.
پادشاهه
|

مارش هيسڪيٿ |

ايڇ . پي.
فيئريل |

اي.سي . ملر |

ايس.
سي.
شهاڻي
|

اين .بي. بٽاڻي |
ڊي.جي. ڪاليج جي قيام سان سنڌ ۾ تاريخ ئي
بدلجي وئي ۽ سنڌي سماج، سياست، علم ۽ ادب ۾ روشن
خيالي شروع ٿي. سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي جڙڻ ۾ ڊي.جي.
ڪاليج جو
وڏو
هٿ آهي. هن اداري کي برپا ڪرڻ لاءِ تمام وڏا جتن
ڪيا ويا، جن ۾ ڪيترين شخصيتن جو ڪردار آهي، پر
اسان هتي صرف چند
اهم
شخصيتن جو مختصر ذڪر ڪنداسين:
ڏيارام ڄيٺمل عالمچنداڻي (1845ع-
1887ع)
سنڌ جي تاريخ ۾ ٻه ڏيارام مشھور آهن ۽ ٻنھي جو
تعلق ڊي.جي. ڪاليج سان به جڙيل آهي، انهن مان
پهريون
ڏيارام ڄيٺمل آهي، جنهن جي نالي سان ڊي.جي. سنڌ
ڪاليج جي خوبصورت عمارت سنڌ جي تعليم جي ترقيءَ جي
هڪ علامت بڻي بيٺي آهي ۽ ٻيو ڏيارام گدومل آهي،
جنهن پس پرده ويهي ڊي.جي. ڪاليج جي مشڪل مشن کي
ممڪن بڻايو ۽ سندس نالي سان حيدرآباد وارو ڪاليج
منسوب ٿيو.
آنربل ڏيارام ڄيٺمل عالمچنداڻيءَ جو جنم
1845ع ۾ حيدرآباد جي هڪ غريب گهراڻي ۾ ٿيو. ٽهلرام
آسودومل لکي ٿو ته،
”ديوان ڏيارام اصل غريب ڪٽنب جو ڇوڪرو هو. اڻ
هوند ۽ غريبيءَ ڪري، جيڪي اهنج سختيون ڏسڻيون
پونديون آهن، سي هن ڏٺيون. سندس حياتيءَ جو
پهريون ڀاڱو لاهين چاڙهين سان ڀريل هو. سندس پيءُ
ديوان ڄيٺمل هڪ ننڍي مير جان محمد وٽ منشي هو ۽
پوءِ انگريز سرڪار جي سنڌ فتح ڪرڻ تي ڪراچي ضلعي ۾
تپيدار ٿيو.“(1)
ديوان ڏيارام ڄيٺمل، شروعاتي تعليم آخوند
وٽ حاصل ڪئي.
بعد ۾ جڏهن حيدرآباد ۾ سرڪاري اسڪول قائم ٿيو ته
ان ۾ داخل ٿيو. هن انگريزي سکڻ ۾ تمام گهڻي دلچسپي
رکي، جيڪا ئي سندس ڪاميابيءَ جو سبب بڻي. سندس
شمار انهن شاگردن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي سڀ کان پهرين
ميٽرڪ جو امتحان ڏيڻ بمبئيءَ ويا هئا. موتيرام
رامواڻي
لکي ٿو ته،
”بمبئي موٽي اچڻ کان بعد، ڏيارام ڪراچيءَ جي سمال
ڪاز ڪورٽ ۾ عريضي نويسيءَ جو ڪم هٿ ۾ کنيو.
انهيءَ زماني ۾، ڪراچي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ جو جج مسٽر
سي.اي.
مڊيلٽن هو. هو انگريزي تعليم جي ڦهلاءَ ۾ چڱي
دلچسپي وٺندو هو. هوشيار شاگردن کي نوڪريون ڏيندو
هو. ڏيارام جي هوشيارپ ۽ قابليت ڏسي کيس هيڊ
ڪلارڪي ڏنائين. ان دؤران، هن قانون جي ڪتابن جو
تمام گهڻو مطالعو ڪيو ۽ پنھنجي ڀرپور ڄاڻ وڌائي.
ان دؤر جي وڏي وڪيل آتمارام خوبچند، ڏيارام جي
هوشياريءَ
۽ قابليت جي وصفن کي ڏسي ۽ پروڙي کيس صلاح ڏني،
ته آفيس مان موڪل وٺي هن وٽ وڪالت جو ڪم سکي. هو
آتمارام وٽ وڪالت جي تياري ڪرڻ لڳو. وڪالت جي
امتحان ۾، ڏيارام کي 85 سيڪڙو مارڪون مليون.
امتحان پاس ڪري، ڪورٽ جي نوڪري ڇڏي، آتمارام جي
آفيس ۾ وڪالت جو ڪم شروع ڪيائين. آتمارام، جڏهن
وڪالت جو ڌنڌو ڇڏي واپار ۾ گهڙيو،
ته وڪالت جو سمورو ڪاروبار ڏيارام کي سونپيائين.“(2)
ديوان ڏيارام
ڄيٺمل وڪالت جي ڪم ۾ ايترو ته مشھور ٿي ويو جو سڄيءَ
سنڌ ۾ سندس ڌاڪو ڄمي ويو. ايتري قدر جو ڪراچي شهر
جا يورپي واپاري، انگريز بئريسٽرن
کي ڇڏي، هن وٽ ايندا هئا. هن وڪالت مان تمام گهڻو
ناڻو ڪمايو. هندن جي ڀلائيءَ
۽ سيوا لاءِ ڪيترائي پروگرام شروع ڪيائين.
حيدرآباد ۾ ڇوڪرين جو اسڪول قائم ڪيائين. سنڌ جي
تاريخ جي پهرين جماعت
’سنڌ
سڀا‘
قائم ٿي،
ته ان جو صدر ٿي رهيو. سنڌ سڀا جي پليٽ فارم تان،
هن سنڌ ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ حصو ورتو ۽
چندا گڏ ڪيا. 1884ع ۾ جڏهن ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي
ميمبرن جي سليڪشن ٿي،
ته کيس وائيس پريزيڊنٽ رکيو ويو، ڇو ته پريزيڊنٽ
هميشه ڪراچيءَ جو ڪليڪٽر ٿيندو هو. 1885ع ۾ انڊين
نيشنل ڪانگريس قائم ٿي،
ته ان ۾
’سنڌ
سڀا‘
جي پليٽ فارم تان شامل ٿيو.
ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج جي قيام جي سلسلي ۾
سندس ڪردارُ
صرف چندي جي حد تائين محدود نه هو، پر هن ذاتي طرح
هر پليٽ فارم تان ڪاليج جي قيام ۾ ڀرپور حصو ورتو
۽ ان جي قيام کي ممڪن بڻايو. ڪاليج جي قيام جي
پهرين ئي سال 21 ڊسمبر 1887ع تي ديهانت ڪري ويو.
ان دؤران
’ڏيارام
ڄيٺمل ميموريل ڪميٽي‘
قائم ڪئي وئي. هن ڪميٽيءَ
۾ موجود دولترام ڄيٺمل ۽ بولچند ڏيارامَ
17 مئي 1891ع تي سنڌ ڪاليج بورڊ جي گڏجاڻيءَ ۾ 25
هزار روپيا چندو ان شرط تي ڏيڻ تي راضپو ڏيکاريو،
ته ڪاليج جو نالو سندن والد ڏيارام ڄيٺمل سان
منسوب ڪري
’ڏيارام
ڄيٺمل سنڌ ڪاليج‘
رکيو ويندو.
بورڊ سندن آڇ منظور ڪئي ۽ اڄ تائين هي ڪاليج
’ڏيارام
ڄيٺمل‘
جي نالي سان منسوب آهي.
ڏيارام گدومل شهاڻي (1857ع-
1927ع)
سنڌ آرٽس (بعد ۾ ڊي.جي.) ڪاليج جي قيام ۾
ڪيترن ئي سنڌ جي سڄڻن جو هٿ هو، پر انهن سڀني ۾
بنيادي
ڪردار ڏيارام گدومل جو به آهي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر
مرليڌر جيٽلي لکي ٿو ته،
”ڏيارام
شهاڻيءَ جي جيون چرتر جو جيڪڏهن باريڪ بينيءَ سان
مطالعو ڪجي ته معلوم ٿيندو ته هن سرڪاري ملازم هئڻ
جي ڪري پاڻ پردي پٺيان رهي، سنڌ ۾ سماجي سڌارن،
نئين سجاڳيءَ جي لهر ڦهلائڻ ۽ سنڌ ۾ تعليم جي
ڦهلاءَ جي کيتر ۾ تمام اهميت ڀريو رول ادا ڪيو.
سندس ڪوششن سان 1887ع ۾ ڪراچيءَ ۾
’ڏيارام
ڄيٺمل سنڌ ڪاليج‘
(D.J Sindh College)
برپا ٿيو. هن جي ادم سان ئي 1882ع ڌاري ڪراچيءَ ۾
’سنڌ
سڀا‘
قائم ٿي، جنهن سنڌ ۾ سياسي ۽ سماجي سجاڳي آڻڻ سان
گڏوگڏ تعليم ۽ ساهت جي اوسر ۾ به گهڻو اهم ڪم ڪيو.“(3)
سنڌ ۽ هند جو مشھور سماجي خدمتگار ۽ قانوندان، رشي
ڏيارام گدومل
30
جون 1857ع تي منشي گدو مل جي گهر ۾ حيدرآباد سنڌ
۾ ڄائو، جيڪو پاڻ به وڏو سخي مرد هو. ابتدائي تعليم سنڌ
مان وٺڻ بعد هن بمبئيءَ مان ميٽرڪ، بي.اي.
۽ ايل.ايل.بي.
جا امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪيا. ايلفنسٽن
ڪاليج ۾ پڙهڻ دؤران استاد ۽
شاگرد سندس قابليت سبب کيس گهڻو چاهيندا هئا.
گريجوئيشن بعد هي پهرين سيڪنڊ ڪلارڪ طور نوڪريءَ ۾
گهڙيو، بعد ۾ هندستان جي سمال ڪورٽس جو جج مقرر
ٿيو. ان کان اڳ هو صدر ڪورٽ ڪراچيءَ ۾ رجسٽرار ۽ بمبئي سول
سروس جو ميمبر به رهيو. 1911ع ۾ کيس ڊسٽرڪٽ سيشن
جج طور ترقي ملي.(4)
15
مئي 1885ع کان 1886ع تائين ڏيارام کي اسسٽنٽ
ڪليڪٽر جو عھدو ڏيئي،
کيس سنڌ جي جاگيردارن ۽ پٽيدارن جي رڪارڊ ٺاھڻ جو
ڪم سونپيو ويو. ڏيارام ڏينھن رات محنت ڪري مغلن
کان ميرن واري دؤر تائين ڍلن جي سرشتي جو اڀياس
ڪري،
ھڪ وڏو ڪتاب لکي تيار ڪيو.
سنڌ ۾ جديد تعليم برپا ڪرڻ ۾ هن کان
وڌيڪ ڪو ٻيو شخص پيدا نه ٿيو آهي. 1884ع ۾
’سنڌ
ٽائيمس‘
نالي سنڌيءَ ۾ هڪ هفتيوار اخبار جاري ڪيائين،
جنهن ۾ ماڻھن جي ترقيءَ لاءِ مضمون لکندو هو.
ديوان ڏيارام ڇوڪرين جي تعليم جو به زبردست حامي
هو. هن
’پيپلز
بئنڪ‘
۽ ’سنڌ
هندو پراويڊنٽ فنڊ‘
جو بنياد وڌو. مطلب ته خلق جي ڀلائيءَ لاءِ چڱا ڪم
سندس مالي مدد مان شروع ٿيندا هئا.
ديوان صاحب دل ۽ جان سان انهن جي مدد ۽ حوصلي
افزائي ڪندو هو.(5)
سنڌ
۾ هڪ آرٽس ڪاليج قائم ڪرڻ ڏيارام گدو مل جي
زندگيءَ جو مقصد بڻجي چڪو هو. ان دؤران هو
’سنڌ
سڀا‘
۾ به مصروف رهيو ۽ سنڌ سڀا کي به ان مقصد لاءِ ڪتب
آندائين.
1885ع ۾ سنڌ آرٽس ڪاليج جي قيام لاءِ بمبئي،
مدراس ۽ بنگال پريزيڊنسين
۾ ”ڪاليجي تعليم ۽ ان جا
اثر ۽ سنڌ ۾ آرٽس ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ گذارش“ جي سري هيٺ
هڪ يادداشت نامو لکي،
تعليم کاتي جي انچارج ’هارٽ ڊيويس‘ ڏانهن موڪليائين.
هن ڪتابڙي ۾،
هُن
مثالن سان ان وقت
جي تعليمي ۽ سماجي صورتحال کي بيان ڪيو ۽ ڪاليجي تعليم
جي
اهميت بيان ڪندي، سنڌ ۾ آرٽس ڪاليج جي منصوبي جهڙي
تجويز ڏني. ڪاليج جي قيام لاءِ چندا گڏ ڪيا.
پروفيسر شيوارام ڦيرواڻيءَ موجب،
ڏيارام به سولو هٽڻ وارو ڪونه هو. چيائينس:
پئسن کان توهين ڇُٽا؛ مان دادي ميٺارام (ڏيار رام
گدو مل جو وڏو ڀاءُ) جي مدد وٺندس. لکپڙهه کان به
توهين ڇُٽا؛
اها به مون پاڻ تي کنئين. رڳو اسان سان ٻِٽُ ٿي
بيهجو.(6)
ساڌو هيرانند کي ائڪيڊمي اسڪول (حيدرآباد)
برپا ڪرڻ ۾ گهڻي مدد ڪيائين.
1917ع ۾ حيدرآباد واري ڪاليج جي پيڙهه
جو پٿر رکيو ويو .20 جون 1919ع
تي
ڪاليج کولڻ جو باقاعده اعلان ڪيو ويو. ڏيارام
گدومل، پنھنجي ڀاءُ جي نالي تي جيڪو
’ميٺارام
ڌرمادا ٽرسٽ‘
قائم ڪيو هو، ان مان هڪ لک ڏيئي ڪاليج کولايو ويو،
جيڪو ديوان صاحب جي نالي سان سڏجڻ لڳو.
”ديوان ڏيارام هزارين روپيا خرچ ڪري
پنھنجي سرڳواسي پتا جي يادگيريءَ ۾
سنسڪرت
پاٺ شالا حيدرآباد ۾ کولي، جتي سون جي تعداد ۾
برهمڻن ۽ ٻين سنسڪرت وديا پڙهي لاڀ حاصل ڪيو. هن
صاحب ديوان ميٺارام نالي هڪ ٽرسٽ قائم ڪيو، جنهن
جو مقصد هو ته شاگردن کي اسڪالرشپن ۽ درسگاهن جي
امداد سان تعليم جو چراغ روشن ڪيو وڃي. ان
کان علاوه، مسٽر ڏيارام ميڊيڪل امداد ۽ زالن جي
تعليم کي پکيڙڻ لاءِ اسڪالرشپ جو بندوبست ڪيو. ان
ڪم لاءِ هڪ فنڊ مختص ڪيو، جنهن مان
’گدومل
سنسڪرت پاٺشالا‘،
’گرلس اسڪول‘،
’ساڌو آشرم حيدرآباد‘،
’ڪراچي سينٽرل لائبريري‘،
’هوميو پيٿڪ لائبريري‘،
’شيوا ڪنج اسٽوڊنٽ هوم‘ ۽’گشتي
هوميو پيٿي اسپتال‘ شامل آهن.(7)
ڏيارام گدو مل ڪيترائي سنڌي ۽ انگريزي ڪتاب لکيا،
جن ۾ ساڌو
هيرانند جي
سوانح تي
“Sadhu Hiranand: A Humble Soul”
شامل آهي.
“Something about Sindh”
۾ شاهه لطيف جي باري ۾ تفصيلي مضمون لکيل آهي.
سندس ٻين ڪتابن ۾ ”جپ صاحب (1891ع)،
”سري ڀڳوت
گيتا“ (1893ع)،”سري يوگ
درشن“ (1903ع)،
”گيتا جو سار“،
”ڪبير جا سلوڪ“
۽ ٻيا ڪيترائي سنڌي ۽ انگريزي ڪتاب شامل آهن.
ديوان ڏيارام گدومل 5 ڊسمبر 1927ع
تي
هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.
ديوان اڌارام مولچند (1847ع-1915ع)
ديوان اڌارام مولچند
جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. سندس پتا مولچند جا پنج
پٽ هئا: ديوان پارومل، ديوان ٽهلرام، ديوان اڌرام،
ديوان پنجومل ۽ ديوان عيدنمل. ديوان اڌارام جو سفر
ديوان ڏيارام ڄيٺمل سان شروع ٿئي ٿو. پاڻ ٻئي تمام
گهرا دوست هئا. شروع کان گڏ پڙهيا هئا. جنهن زماني
۾ ڏيارام ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ڪراچيءَ ۾ ڪلارڪ هو، ته هن
اڌارام کي به اتي ئي نوڪري وٺي ڏني هئي. اڳتي هلي،
ٻنھي گڏجي ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪئي ۽ تمام گهڻو
ڪمايو.(8)
هو وڪالت سان گڏوگڏ تمام وڏو واپاري به
هو. ڪراچي جيل (هاڻوڪي سٽي ڪورٽ عمارت) کان ڊينسو
هال تائين، بندر روڊ تي هن جا دوڪان
هئا ۽ سندس گهر به هتي ئي هو. اڌارام مولچند 1877ع
۾ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر ٿيو. هو پنھنجي
محنت ۽ عوامي خدمت ڪري، جنوري 1891ع کان 15 ڊسمبر
1891ع تائين، هڪ سال لاءِ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو
صدر رهيو. هو پهريون مقامي سنڌي هو، جيڪو ڪراچي
ميونسپالٽيءَ
جو صدر چونڊيو ويو هو. ديوان اڌارام مولچند کي
اهو اعزاز به حاصل آهي ته هو سنڌ جو پهريون شخص
هو، جيڪو
’بمبئي
ليجسليٽوِ ڪائونسل‘
۾ ميمبر چونڊيو ويو هو. هو پهريون مقامي ماڻهو هو،
جيڪو
’ڪراچي
پورٽ ٽرسٽ‘
جو ٽرسٽي چونڊيو ويو هو.(9)
سنڌ جي پهرين سماجي ۽ نيم سياسي پارٽي’سنڌ
سڀا‘،
جيڪا 1882ع ۾ وجود ۾ آئي، ديوان اڌارام مولچند ان
جي بنيادي ميمبرن ۾ شامل هو. سنڌ ۾ انڊين نيشنل
ڪانگريس جي بانين مان به هو. اڌارام مولچند به سنڌ
سڀا کان ويندي ڪاليج جي قيام تائين، ڏيارام ڄيٺمل
سان گڏ هو ۽ هن ان ڪري ڪاليج فنڊ ۾ وڏي مالي
مدد ڪئي.
ڪاليج تي پهريون نالو
’ڏيارام+
اڌارام آرٽس ڪاليج‘
رکڻ تي به ويچاريو ويو هو، پر صلاح بيٺي ته ڪاليج
کي ڏيارام ڄيٺمل جي نالي سان منسوب ڪجي. اڌارام
پنھنجي دوست جي خاطر ، پنھنجي نالي تان دستبردار
ٿي ويو. آگسٽ 1887ع ۾ جڏهن ڏيارام ڄيٺمل
جو ديهانت ٿي ويو،
ته سنڌ سڀا جي صدر جي ذميواري ديوان اڌارام
مولچند
کي ملي.
ديوان اڌارام مولچند، ملڪي سياست ۾ به وڏو
نالو ڪمايو.
مشھور سماجي ڪارڪن ۽ وڪيل ديوان واڌومل، اڌارام
مولچند جو پٽ هو. ديوان واڌومل ڪراچيءَ جي هوشيار
وڪيلن مان هو. هن پنھنجي والد جي وفات کان پوءِ
سياست ۾ پير پاتو.
1910ع ڌاري ميونسپالٽيءَ جو ميمبر ۽ ڪجهه سالن
تائين نائب صدر چونڊيو ويو.
راءِ بهادر
ميٺارام گدومل شهاڻي
منشي گدومل جو پهريون پٽ ديوان ميٺارام هو
۽ ننڍو ديوان ڏيارام هو. ديوان ميٺارام وڪالت ۽
زمينداري ڪندو هو. ڪمائيندو به خوب هو،
ته خرچ به دل کولي ڪندو هو. هڪ لڱا روهڙيءَ واري
پير محراب شاه جو ڪيس مليس. پير صاحب تي خون جي
تهمت هئي، جنھن ڪري کيس ڦاسيءَ جي سزا جو ڊپ هو،
پر،
ديوان ميٺارام اَڇي ڪڇي ڇڏائي آيس. انهيءَ تي پير
صاحب اهڙو گد گد ٿيو،
جو کيس هڪ لک روپيا
فيءَ طور ڏنائين! سندس شاهوڪاريءَ جو بنياد اجهو
ائين پيو.(10)
ڏيارام جي جنم
کان پوءِ جلد ئي ديوان ميٺارام جي پٽ جو چالاڻو
ٿيو. ديوان ميٺارام جي گهر واريءَ جي دل ٺارڻ لاءِ
سسڻس ڏيارام کي کڻي سندس گود ۾ وڌو؛ جنھن ڪري منڍ
کان وٺي ئي ديوان ڏيارام کي گويا ٻن مائن جو پيار
نصيب ٿيو ۽ پنھنجي ڀاءُ ميٺارام جي گهر ۾ پليو.
ديوان ميٺارام، شروع کان ئي فلاحي ڪمن ۾ اڳتي
هوندو هو. جڏهن ڪراچي ڪاليج لاءِ هاسٽل ٺاهڻ جو
خيال آيو،
ته هن سڀني کان گهڻو چندو ڏنو.
جنھن ڪري، هاسٽل سندس نالي سان منسوب ڪئي
ويئي.
حيدرآباد ۾، شاگردن جي رهائش ۽ امتحان ۾ وهارائڻ
جو مسئلو هوندو هو.
تڏهوڪي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر اي.پي.
جيڪب، ديوان ميٺارام کي گذارش ڪئي ته اسڪول لاءِ
امتحاني هال ٺھرائي ڏيو. ان هال تي 15000 روپيا
خرچ آيو ۽ ان جو اڌ خرچ ديوان ميٺارام ڏنو. ديوان
ميٺارام،
جيڪب کان اهو مڃرايو هو،
ته هال تي سندس نالو لکبو ۽ ان ۾ سماجي خواهه
پئنچاتي ميڙ به ڪوٺائي سگهبا. اهو هال اسان جي
سماجي ۽ ثقافتي هلچل جو گهوارو رهيو. اڳتي هلي،
ميٺارام هاسٽل طور استعمال ٿيڻ لڳو. جڏهن سنڌ
يونيورسٽيءَ کي ڪراچيءَ مان حيدرآباد منتقل ڪيو
ويو،
ته هاسٽل کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي حوالي ڪيو ويو
۽
اتي فيڪلٽي آف ايجوڪيشن قائم ڪئي وئي. 1960ع واري
ڏهاڪي ۾، جڏهن حيدرآباد ۾ انٽرميڊيئيٽ
۽ سيڪنڊري بورڊ قائم ڪيو ويو،
ته عمارت کي بورڊ جي حوالي ڪيو ويو. بورڊ جي
پنھنجي آفيس جڙڻ کان پوءِ، هاسٽل هڪ دفعو ٻيهر سنڌ
يونيورسٽيءَ جي حوالي رهي.
ميٺارام جي چالاڻي کان پوءِ، ڏيارام گدومل پنھنجي
ڀاءُ جي نالي تي تعليم ۽ سماجي ڀلائيءَ
خاطر سندس نالي سان
’ميٺارام
ڌرمادا ٽرسٽ‘
قائم ڪئي.
فتح چند آتمارام (ديهانت 1916ع)
ديوان فتح چند ڀوڄواڻي،
سيٺ آتمارام ڀوڄواڻيءَ جو پٽ هو. سندس پتا آتمارام
پڻ
’سنڌ
سڀا‘
جو بنيادي عهديدار هو.
ديوان فتح چند ڪراچيءَ جو تمام وڏو واپاري هو.
سندس ڪمپني ’فتح چند آتمارام ائنڊ ڪمپني‘ تمام
مشھور هئي.(11)
ديوان فتح چند ملڪي سياست ۽ فلاحي ڪمن به اڳتي هو.
’سنڌ سڀا‘ جي باني ميمبرن ۾ شامل هو. هو ’انڊين
ايجوڪيشن ڪميشن‘ ۾ به شامل هو ۽ ڊي.جي. ڪاليج جي
قيام جي هرلحاظ کان مدد ڪندو رهيو. جڏهن هاسٽل
تيار ٿي، ته فيصلو ڪيو ويو ته، هاسٽل ۾ سئمنگ باٿ
هئڻ گهرجي. ان مقصد لاءِ،
سيٺ فتح چند آتمارام1915ع ۾ 9000
روپيا
ڊونيشن فراهم ڪيو.
1916ع ۾ جڏهن
سئمنگ باٿ تيار ٿي ويو ته ان کي ’فتح
چند آتمارام سئمنگ باٿ‘
جو نالو ڏنو ويو.
بولچند ڏيارام (1868
ع-
1923ع)
راءِ بهادر ديوان بولچند ڏيارام
عالمچنداڻيءَ
جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو.
هُو ڊي.جي. ڪاليج جي باني ديوان ڏيارام جو وڏو
فرزند هو.
بولچند ڏيارام، انهن شاگردن مان هو، جن سڀ کان
پهرين ڊي.جي. ڪاليج مان بي.اي.
جو امتحان (1893ع) پاس ڪيو. هن جي ڪوشش سان، سنڌ
آرٽس ڪاليج، سندس پيءُ ڏيارام جي نالي سان منسوب
ٿيو.
کيس 1908ع ۾ سنڌي ٻوليءَ سان سهڪار جي ڪري،
انگريز سرڪار
طرفان خراج تحسين پيش ڪيو ويو هو. هن پنھنجي
زندگيءَ جو گهڻو عرصو سنڌي تعليمي ادارن جي سڌاري
لاءِ گذاري ڇڏيو.
هيرانند اڪيڊمي، حيدرآباد جو پرنسيپل هو. سياسي
ميدان
۾
به وڏو ڪردار ادا ڪيائين. ڪيترائي سال ڊي.جي.
ڪاليج جي بورڊ جو ميمبر پڻ رهيو.
سنه 1828ع ۾، جيمس برنس نالي هڪ انگريز
عملدار، سنڌ جي ميرن جي ڪوٺ تي مير مراد علي خان
جي علاج ڪرڻ لاءِ آيو هو. بعد ۾ هن پنھنجي سنڌ جي
انهيءَ سفر بابت هڪ ڪتاب
“Narrative of A Visit to the Court of Scinde”
لکيو. بولچند ڏيارام هن ڪتاب جو ترجمو ”سنڌ
جي تاريخ“ جي نالي سان ڪيو، جيڪو 1899ع ۾
شايع ٿيو. هن ڪتاب جو اڳتي هلي
محمد
حنيف صديقيءَ پڻ ترجمو ڪيو هو. بولچند جو هي ڪتاب
ڪجهه عرصو اسڪولي شاگردن جي درسي ڪتابن ۾ شامل
رهيو. بولچند ڏيارام ڪيترائي مضمون پڻ لکيا، جن ۾
”موت کان ڪهڙو هنڌ خالي آهي؟“
”تاج
محل“
۽
”نورجهان“
(1914ع)
اهم آهن.(12)
حوالا:
1.
ٽهلرام آسودومل: ”سنڌ جا
مڻيا“، ڪوڙومل سنڌي ساهت منڊل
حيدرآباد،
1932ع، ص 21
3.
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي:
”اڻويهين عيسوي صديءَ ۾ سنڌي نثر جو وڪاس“
(برطانوي دؤر ۾ سنڌي نثر) ڊپارٽمينٽ
آف سنڌي، يونيورسٽي آف بمبئي 2003ع، ص 57
4.
ٽهلرام آسودومل: ”سنڌ جا
مڻيا“، ڪوڙومل سنڌي ساهت منڊل
حيدرآباد،
1932ع، ص 18
5.
”الوحيد“، سنڌ آزاد نمبر (ڇاپو ٻيو)، سنڌي اديبن
جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد، 1979ع، ص 129
6.
پروفيسر شيوارام نرسنگهداس ڦيرواڻي: ”راج رشي
ديوان ڏيارام گدومل“، (جيون چرتر)، ڇاپو ٻيو ، سگا
ڪراچي، 2000ع. ص 30،31
7.
”الوحيد“،
سنڌ آزاد نمبر (ڇاپو ٻيو)، سنڌي اديبن جي سهڪاري
سنگت، حيدرآباد، 1979ع، ص 129
8.
ٽهلرام آسودومل: ”سنڌ جا
مڻيا“، ڪوڙومل سنڌي ساهت منڊل
حيدرآباد،
1932ع، ص 23
9.
گل حسن ڪلمتي: ”ڪراچيءَ
جا لافاني ڪردار“،
نئون نياپو اڪيڊي، ڪراچي، 2012ع، ص 134
10.
پروفيسر شيوارام
نرسنگهداس ڦيرواڻي: ”راج رشي ديوان ڏيارام گدومل“،
(جيون چرتر)، ڇاپو ٻيو ، سگا ڪراچي، 2000ع. ص، 22
11.
لعل پشپ: ”سيٺ نائونمل هوتچند سنڌ جو غدار“ ، ڊنهل
اميبيدڪر روڊ، ڪراچي، 2012ع، ص 28
12.
مختيار احمد ملاح: ”اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي
تاريخ“، بلاول انسٽيٽوٽ آف ريسرچ، نواب شاهه،
2017ع، ص 408 |