سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: ڊي.جي.ڪاليج ڪراچيءَ جون تعليمي ۽ ادبي سرگرميون

 

صفحو:14  

انڊين سول سروس ۾ شموليت ڪندڙ شخصيتون

        سنڌ جي تاريخ جو پهريون آءِ. سي. ايس تاراچند تلسيداس سوڍا هو، هو  ڊي.جي ڪاليج ۾ ليڪچرر هو. هن  آءِ.سي. ايس جو  امتحان پاس ڪيو، پر نوڪري وٺي نه سگهيو. ان سلسلي ۾ موتيرام ايس.رامواڻيءَ لکيو آهي ته، ”تاراچند تلسيداس سوڍا 1894ع ۾ بي.ايس.سي. جو امتحان سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيو. هي روشن دماغ هو. بمبئي يونيورسٽيءَ مان گلڪراسيٽ اسڪالر کٽيائين. ڪراچي ڪاليج مان وائسراءِ ميڊل ۽ ايڊلجي ڊنشا پرائيز حاصل ڪيائين. تاراچند تلسيداس سوڍا، ڪراچي ڪاليج جو پهريون وديارٿي هو، جو انگلينڊ ۾ آءِ.سي.ايس. امتحان لاءِ ويو. امتحان پاس ڪيائين، پر کيس آءِ.سي.ايس ۾ کنيو نه ويو. انهيءَ سبب، سخت نااميد ۽ نراس ٿي پيو. کيس ڪالونيل سروس ۾ ٿي کنيائون، جا هن قبول نه ڪئي ۽ استعيفا ڏيئي ڇڏيائين.(7)

هيرانند خوشيرام ڪرپلاڻي  (1889ع-  1953ع)

        ڪرپلاڻي  خاندان جي ٽن ڀائرن آءِ.سي.ايس جو امتحان پاس ڪري، رڪارڊ قائم ڪيو. هُو ٽئي ڄڻا ڊي.جي. ڪاليج ۾ پڙهيا هئا. هنن بابت، ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ لکيو آهي ته، ”ديوان کٽڻ مل  جي پوٽي ديوان خوشيرام سترامداس کي پنج پٽ  ڌرمداس، هيرانند، حشمتراءِ ، سنتداس ۽ موتيرام آهن.  انهن مان مسٽر هيرانند، مسٽر سنتداس ۽ مسٽر موتيرام ٽئي آءِ. سي. ايس  آهن . هڪڙي گهر مان ٽي ڀائر آءِ.سي.ايس. ٿيڻ اهڙو مثال سڄي هندستان مان مشڪل سان ملندو“.(8)  

        هنن  ڀائرن ۾ هيرانند ولد خوشيرام ڪرپلاڻي ءَ شروعاتي تعليم اين. ايڇ. اڪيڊميءَ مان ۽ وڌيڪ تعليم ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. مسٽر ڪرپلاڻي، 1907ع ۾ بي.اي. جو امتحان سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيو ۽ ايم.اي 1908ع ۾ ۽ 1910ع ۾ آءِ.سي.ايس جو امتحان پاس ڪري 1912ع ۾ هندستان واپس آيو. 1926ع ۾ بمبئيءَ پريزيڊنسيءَ ۾ ڪليڪٽر مقرر ٿيو. ان کان پوءِ، مختلف کاتن جو سيڪريٽري پڻ رهيو. انتهائي قابل آفيسر هو.  1936ع ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان الڳ ڪيو ويو ته کيس سنڌ جو پهريون چيف سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.

سنتداس خوشيرام ڪرپلاڻي  (1906ع- 1983ع)

        شروعاتي تعليم حيدرآباد مان ۽  1919ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج مان بي.اي. جو امتحان سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪري.  آءِ.سي.ايس جي امتحان ۾ ويٺو ۽ آءِ.سي.ايس بنيو. نوڪريءَ  کان پوءِ هن جي پهرين  مقرري لائل پور ( فيصل آباد) ۾ سيٽلمينٽ آفيسر طور ٿي هئي. آزاديءَ کان پوءِ هند هليو ويو جتي مختلف ملڪن جو سفير ٿيو.(9)  هن  پنھنجي ۽ وڏي ڀاءُ جي بيروڪريسيءَ ۽ پنھنجي ڪٽنب جي حوالي سان آتم ڪھاڻي  Fifty years with the British” جي نالي سان جيڪو ڪتاب لکيو، اهو  1993ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ هن برطانوي حڪومت ۾ بحيثيت  ڪاموري  جي پنھنجي تجربن ۽ ملڪي حڪمت عملين جا تجربا ونڊيا آهن.

موتيرام خوشيرام ڪرپلاڻي

                   موتيرام خوشيرام ڪرپلاڻي، هيرانند ڪرپلاڻيءَ  جو ٻيو ننڍو ڀاءُ هو، سندس تعلق حيدرآباد جي عامل گهراڻي سان هو، جتي 15 آگسٽ  1901ع تي پيدا ٿيو. 1925ع ۾ شروعاتي تعليم اين. ايڇ. اڪيڊمي مان ۽ وڌيڪ تعليم ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ مان تعليم حاصل ڪيائين .بمبئي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي هئائين.25 آڪٽوبر 1926ع تي آءِ.سي.ايس. جو امتحان پاس ڪري هندستان واپس آيو.

نيڻومل پوهومل ٿڌاڻي

        نيڻومل پوهومل ٿڌاڻيءَ آءِ.سي.ايس. جو امتحان پاس ڪري آءِ.سي.ايس. آفيسر مقرر ٿيو. نيڻومل پوهومل ٿڌاڻيءَ 1911ع ۾ ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مان بي.اي. جو امتحان پاس ڪيو ۽ ڪاليج ۾ تعليمي سرگرمين کان علاوه غير نصابي سرگرمين ۽ لکڻ پڙهڻ جي ڪمن به اڳڀرو هوندو هو. سنڌ ۾ ڪيترن ئي فلاحي ڪمن کي به وقت ڏيندو هو.(10)

ايڇ. بي.  شوداساڻي

          ”هاسومل بهرمل شوداساڻي، 1911ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج مان  بي.اي. جي امتحان ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ نمبر آيو . شوداساڻيءَ ڪئمبرج يونيورسٽيءَ  مان ايم.اي. جو امتحان پاس ڪيو هو . هو صاحب بمبئي ميونسپل ڪارپوريشن  جو آفيسر  پڻ ٿي رهيو. هن 1920ع ۾ ’عدم تعاون واري تحريڪ‘ ۽ ’خلافت تحريڪ ‘ ۾ جڏهن گانڌيءَ اعلان ڪيو ته سرڪاري عهدن تان استعيفائون ڏيو، ته شوداساڻي، سورت ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽري جي عهدي تان استعيفا ڏئي آيو“.(11) هن ڪاموراشاهيءَ کي الوداع ڪري، ملڪي سياست ۾ حصو ورتو. سندس آءِ.سي.ايس. واري ڪامورڪي نوڪري ڇڏڻ وارو عمل ان دؤر  ۾ هڪ انوکو مثال هو.

حشتمراءِ خوبچند چئناڻي (1904ع- 1965ع)

        حشتمراءِ خوبچند چئناڻيءَ جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. هن شروعاتي تعليم حيدرآباد مان ۽ پوءِ ڊي.جي. ڪاليج مان حاصل ڪئي. 1925ع ۾ هن ڪئمبرج جي مئگڊائين ڪاليج مان نيچرل سائنس ۾ ڊگري حاصل ڪئي. 1927ع ۾ آءِ.سي.ايس. جو امتحان پاس ڪري هو ڏيهه واپس آيو . شروعات ۾ سندس مقرريون شولار پور، ٽاسڪ ، ڍوليا، پونا ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر  طور  ٿيون. 1962ع ۾ چئناڻيءَ کي مهاشاسٽرا اسٽيٽ جو قائم مقام گورنر به مقرر ڪيو ويو هو. رٽائرمينٽ کان اڳ، هو بمبئي هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس رهيو.(12)

ڪيولرام  لالچند پنجابي

        ڪيولرام لالچند پنجابيءَ  جو تعلق شڪارپور ضلعي سان هو. شروعاتي تعليم سينٽ پيٽرڪ اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين. 1916ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج، ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو، جتان بي.اي. جو امتحان پاس ڪيائين.(13)  1929ع ۾ آءِ.سي.ايس. آفيسر ٿيڻ کان پوءِ بمبئي پريزيڊينسيءَ  ۾ ڪوآپريٽو سوسائٽين جو رجسٽرار ٿيو. آزاديءَ کان پوءِ، سندس خاندان هندستان لڏي ويو ۽ سرڪاري خدمتون جاري رکيائين. هو آفيسر هئڻ سان گڏوگڏ ليکڪ به هو.

هيرانند روپچند شيوداساڻي (1904ع-1949ع)

        هيرانند ولد روپچند شيوداساڻيءَ جو جنم ڪراچيءَ ۾ ٿيو. سندس والد روپچند ٻيلارام شيوداساڻي ان وقت سنڌ جو ايڊيشنل جوڊيشل ڪمشنر هو. هيرانند شيوداساڻيءَ ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ مان  1925ع ۾ بي.اي. جو امتحان پاس ڪيو  ۽ پوءِ 1928ع ۾  آءِ.سي.ايس. آفيسر بنيو. ورهاڱي وقت هو رليف ۽ ريهيبليٽيشن کاتي جو چيف ڪمشنر هو.

يو .ايم. ميرچنداڻي (1896ع- 1978ع)

        اڌارام مڻيرام ميرچنداڻي آءِ.سي.ايس جو جنم  حيدرآباد ۾ عامل گهراڻي ۾ ٿيو. اڌارام مڻيرام پنھنجي تعليم سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول، ڪراچي، ڊي.جي. ڪاليج ڪراچي ، لنڊن ڪاليج آف اڪنامڪس ۽ ٽرينٽي ڪاليج آڪسفورڊ ، انگلينڊ مان حاصل ڪئي. 14 ڊسمبر  1921ع آءِ.سي.ايس آفيسر  مقرر ٿيو. هن ڪيترن ئي سماجي سرگرمين ۾ حصو ورتو، جهڙوڪ سکر ۾ گراهم دائي ٽريننگ اسڪول، ليڊيز پارڪ جي تعمير ۾ ۽ حيدرآباد ۾ ناري شالا جي تعمير شامل آهي.سکر شهر ۾ ، ديوان اُڌارام جو يادگار طور لڳايل ’گهنٽا گهر‘  اڄ به موجود آهي.(14)

اي.جي . اين قاضي (1919ع- 2016ع)

        آفتاب غلام نبي قاضي، ٻيو مسلمان سنڌي هو، جنهن آءِ.سي.ايس جو امتحان پاس ڪيو . سنڌ جو  اعليٰ سول سروس جو ڪامورو پاٽ شريف ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم مدرسه اسڪول نوشهري فيروز مان حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ اين.جي.وي. اسڪول مان ميٽرڪ ڪيائين ۽ سڀني مسلمان شاگردن ۾ سندس پهرين پوزيشن هئي. ان کان پوءِ،  ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ مان امتيازي  حيثيت سان بي.ايس.سي. جي ڊگري حاصل ڪيائين. جنوري  1943ع ۾ انڊين سول سروس (آءِ.سي.ايس) جي مقابلي ۾ شريڪ ٿيو ۽ اعزاز سان ڪامياب ٿيو. کيس بهار اڙيسا سول سروس ۾ چونڊيو ويو.(15)  پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هو مختلف عهدن تي رهيو.  1969ع ۾ سيڪريٽري خزانه مقرر ٿيو ۽ 1979ع ۾ کيس اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جو گورنر مقرر ڪيو ويو.(16)

 هيرانند ٽيڪچند ساڌواڻي (1917ع- 2013ع)

            هيرانند ٽيڪچند ساڌواڻي، ڊي.جي. ڪاليج مان تعليم وٺي، 1945ع ۾  آءِ.سي. ايس جو امتحان پاس ڪيو ۽ اهم سرڪاري عهدن تي رهي ڪم ڪيائين. سندس ڪيترائي ڪتاب، جهڙوڪ: The Golden Rose Way) نوري گرنٿ (انگريزي ترجمو)، نوري (200 گيت) ڇپيل آهن. هڪ دفعي ڊي.جي. ڪاليج ۾ ليڪچر دؤران چيو هئائين ته، ”اوهان مان سڀني کي گهرجي ته سنڌي ٻوليءَ سان چاهه رکو ۽ ڪاليج مان نڪرڻ کان پوءِ پنھنجي مادري ٻوليءَ جو مايو وڌايو ۽ مرزا قليچ بيگ جي پيروي ڪريو، جنهن پنھنجي سرڪاري نوڪريءَ جي وچ ۾ ٽي سؤ کان به وڌيڪ ڪتاب لکيا آهن، جن مان ڪي ته هميشه ياد رهندا ايندا.

 وشنو لکيمل گدواڻي

       وشنو لکيمل گدواڻيءَ جو جنم 4 فيبروري 1914ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو. اين.جي.وي. هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ ڪيائين. 1931ع ۾ ڪاليج جي فرسٽ ييئر سرٽيفڪيٽ امتحان ۾ فرسٽ ڪلاس آيو. 1932ع ۾ انٽر آرٽس فرسٽ ڪلاس ۾ آيو. 1934ع ۾ گريجوئيشن ۽ 1936ع ۾ ماسٽر جي ڊگري ورتائين. 1937ع ۾ آءِ.سي.ايس جو امتحان پاس ڪيائين ۽ هندستان جي مختلف شهرن ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. علم ۽ ادب سان به لڳاءَ هيس. سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ شاعري به ڪيائين.(17)

ڪي ٻيون شخصيتون

ٻين شخصيتن ۾ خوشيرام جو جنم 24 مارچ 1926ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو هو. ڪراچيءَ جي ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مان بي.ايس.سي پاس ڪري ڪراچي ايئرو ڪلب ۾ شموليت ڪيائين. گڏوگڏ ڪپهه جي ڌنڌي جي سکيا به ورتائين.

هڪ ٻي شخصيت، جنهن اپريل 1943ع ۾ انڊين ايئر فورس ۾ قابل فلائنگ آفيسر جو درجو حاصل ڪيو هو، ۽  جنهن پنھنجي هوابازيءَ جي شروعات ڪراچي ايئرو ڪلب کان ڪئي هئي،  انهيءَ شخصيت جو نالو گهنشام ڄيٺانند ٽهلراماڻي آهي، جيڪو ڪراچيءَ جو رهندڙ هو. ٽهلراماڻي جڏهن 1937ع کان 1939ع تائين ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو هو، ته انهيءَ وچ ۾ پڙهائيءَ دؤران هِن 1937ع ۾ ڪراچي ايئرو ڪلب ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي ۽ هوابازيءَ جو لائسنس حاصل ڪيو هو.(18)  

سياست جي دنيا ۾ نالو ڪمائيندڙ شخصيتون

        سياست ۽ وڪالت جي دنيا جون بيشمار  شخصيتون هتان تعليم حاصل ڪري، تعليم جي فراغت کان پوءِ سياست ۾ شامل ٿيون، جن پنھنجي لاءِ ۽ ملڪ لاءِ نالو ڪمايو. انهن ۾ گوبندرام پي. مکي، هيمداس واڌواڻي، دلامل دولترام، ٽهلرام بصرمل اسواڻي، ڪشن واڌومل گوڪلاڻي، هيرانند ڪرمچند، رام ڀوجراج موٽواڻي،  پيرزادو عبدالستار، مير بنده علي ٽالپر، قاضي فضل الله، جئرامداس دولترام، غلام علي چاڳلا به قابل ذڪر آهن.  بيشمار پارسي بزنس ڪميونٽيءَ جا فرد هن ڪاليج جا فارغ التحصيل آهن.  انهن مان صرف چند هتي ڏجن ٿا:

سر غلام حسين هدايت الله  (1878ع- 1948ع)

        سنڌ جي نامياري سياستدان ۽ پهرئين گورنر سر غلام حسين هدايت الله،  شڪارپور شهر ۾ جنم ورتو. ميٽرڪ جو امتحان سنڌ مدرسي مان پاس ڪري، پوءِ ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مان گريجوئيشن جو امتحان پاس ڪيائين. ان کان پوءِ هن ڪراچي لا ڪاليج مان قانون جي ڊگري ورتي. پهريان وڪالت ۾، پوءِ سياست ۾ پير رکيائين.1921ع ڌاري بمبئي حڪومت ۾ لوڪل سيلف گورنمينٽ کاتي جو وزير مقرر ٿيو.  بمبئي سرڪار طرفان 1930ع واري گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ کيس موڪليو ويو، جِتي هن سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ جي فائدي ۾ پُرزور تقرير ڪئي.(19) 1936ع ۾ سنڌ جي صوبائي حيثيت بحال ٿيڻ کان پوءِ 24 اپريل 1937ع کان 23 مارچ 1938ع تائين وزير اعليٰ بڻيو.  1947ع ۾ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ سر غلام حسين هدايت الله سنڌ جو پهريون گورنر مقرر ٿيو.

ڀوڄ سنگهه پهلاجاڻي (ديهانت 16 فيبروري 1938ع)

        ڀوڄ سنگهه پهلاجاڻي سکر ۾ وڪيل هو. هن جي تعليم ڊي.جي.سنڌ ڪاليج مان ٿي هئي. هو بمبئي ڪائونسل جو ميمبر به رهيو. سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ بعد، هو سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ پوءِ اسپيڪر چونڊيو ويو. انگريزن کان ننڍي کنڊ جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ به زور شور سان حصو ورتو هئائين. اُن کان اڳ 1911ع کان 1914ع تائين سکر ميونسپالٽيءَ جو صدر رهيو. ان کان پوءِ پنھنجيءَ قابليت آهر  1924ع کان 1928ع تائين ٻيهر به ميونسپالٽي سکر جو صدر چونڊيو ويو. نهايت ايماندار ۽ جان نثار ورڪر هو.(20)

محمد هاشم گزدر (1893ع-1968ع)

        مشھور سياسي اڳواڻ محمد هاشم گزدر جو جنم ڪراچيءَ ۾ ٿيو. ميٽرڪ سنڌ مدرسي مان ڪري، ڊي.جي ڪاليج مان 1911ع ۾ انٽرميڊيئيٽ ڪري، پوني جي انجنيئرنگ ڪاليج مان 1916ع ۾ ڊگري حاصل ڪيائين. سنڌ جي بمبئي کان جدائيءَ بعد گهڻا سياسي عهدا ماڻيائين: ڪراچيءَ جو ميئر، سنڌ اسيمبليءَ  جو ميمبر، سنڌ جو وزير، مرڪزي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ آئين ساز مجلس جو نائب صدر وغيره رهيو.

ڄيٺي سپاهيملاڻي (1906ع- 1978ع)

           سنڌ جي نامور سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ڪُماري ڄيٺي سپاهيملاڻيءَ،  حيدرآباد (سنڌ) جي سپاهيملاڻي خاندان ۾ تلسيداس  سپاهيملاڻيءَ جي گهر ۾  جنم  ورتو،  جيڪو ملٽري سـروس ۾ ليـفٽيننـٽ هو. هن ابتـدائـي تعليم حيدرآباد سنڌ ۾ حاصل ڪئي. 1920ع ۾ جڏهن سندس خاندان ڪراچيءَ لڏي ويو، ته انڊين هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان ميٽرڪ پاس ڪري، ڊي.جي. سائنس  ڪاليج مان بي. اي ڪيائين. ڄيٺي سپاهيملاڻيءَ اسڪول توڙي ڪاليج جي شاگرد تحريڪ ۾ نمايان حصو ورتو. ابتدا کان وٺي ڪانگريس جي حامي رهي. مختلف سياسي تحريڪن ۾ حصو ورتائين ۽ جيل به ڪاٽيائين. سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاد ٿيڻ کان پوءِ سنڌ اسيمبليءَ جي جنرل تڪ جي چونڊن ۾، عورتن طرفان ڪانگريس جي ٽڪيٽ تي اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آئي، جتي کيس ڪجهه وقت بعد 1938ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو ويو. اهڙيءَ ريت هوءَ سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين عورت ڊپٽي اسپيڪر بڻي ۽ اُن عهدي تي 6 سيپٽمبر 1946ع تائين رهي. ڄيٺي سپاهيملاڻي،  1948ع تي ڪراچيءَ جي وڳوڙن کان پوءِ بمبئيءَ لڏي وئي، جتي  1952ع کان 1962ع تائين پهريائين  بمبئي  ليجسليٽِو ڪائونسل ۽ پوءِ مهاراشٽرا ڪائونسل جي ڊپٽي چيئرپرسن رهي.(21)

محمد ايوب کهڙو (1901ع- 1980ع)

        سنڌ جو سياستدان محمد ايوب کهڙو لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ’عاقل‘ ۾ ڄائو. ميٽرڪ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان ڪيائين، جنهن کان پوءِ ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ تعليم حاصل ڪيائين. والد جي وفات کان پوءِ سياست ۾ حصو ورتائين. 1923ع ۾ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو رڪن مقرر ٿيو. 1936ع ۾ سنڌ، بمبئي پرڳڻي کان آزاد ٿي، ته محمد ايوب کهڙو1937ع جي چونڊن کان پوءِ سنڌ ۾ ٺهندڙ وزارتن ۾ شامل رهيو. قيام پاڪستان کان پوءِ غلام حسين هدايت الله سنڌ جو پهريون گورنر ۽ محمد ايوب کهڙو پهريون وزيراعليٰ ٿيو. ٻنھي ۾ اختلافن پيدا ٿيڻ کان پوءِ، گورنر کيس برطرف ڪري ڇڏيو ۽ پروڊا ائڪٽ هيٺ کيس سياست مان بيدخل ڪيو ويو. ڪجهه عرصي کان پوءِ وري سنڌ جو وزيراعليٰ رهيو. 1970ع  کان پوءِ سياست کان ڪناره ڪش ٿي ويو.(22) محمد ايوب کهڙي جو ڪتاب “Sufferings of Sindh”  سنڌ جي  تاريخ  جو هڪ اهم دستاويز آهي. محترمه حميده کهڙو، محمد ايوب کهڙي جي سياسي زندگيءَ تي انگريزيءَ ۾ ٻن جلدن تي مشتمل ڪتاب لکيو آهي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ”ايوب کهڙي جي سياسي زندگي“ جي نالي سان ڇپجي چڪو آهي.

درگداس بي. آڏواڻي (1880ع- 1967ع)

        ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي اڳوڻي ميئر، سياسي، سماجي ۽ واپاري اڳواڻ درگداس ولد ڀوڄراج مل آڏواڻيءَ جو تعلق حيدرآباد سان هو. مشھور اديب ديوان ڪيولرام آڏواڻي، سندس ڏاڏو هو. ڊي.جي. ڪاليج مان انٽر ڪري، ڪاليج جي انجنيئرنگ ونگ ۾ داخل ٿيو. 1901ع ۾ PWD  کاتي ۾ نوڪري ڪيائين. پر پوءِ نوڪري ڇڏي، آرڪيٽيڪٽ بڻيو ۽ ڪانگريس جي پليٽ فارم تان سياست ۾ حصو ورتائين. 1924ع کان 1926ع تائين ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. هي 4 مئي 1937ع تي ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو بنا مقابلي ميئر به چونڊيو ۽ 4 مئي 1938ع تائين ان جو صدر رهيو. ورهاڱي بعد ديوان درگداس 1948ع ڌاري هندستان وڃي اُتي رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي ئي وفات ڪيائين.(23)

خانبهادر جمشيد نسروانجي مهتا (1886ع- 1952ع) 

         خانبهادر جمشيد مهتا ڪراچيءَ جي پارسي خاندان جو فرزند هو. سندس والد ڪراچيءَ جو تمام وڏو واپاري هو. شروعاتي تعليم پارسي اسڪول مان حاصل ڪري، 1900ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج ۾ داخل ٿيو.  جمشيد نسروانجي شاهوڪار هجڻ باوجود سادي حياتي گذاري. سڄي زندگي شادي نه ڪيائين. سندس سياسي زندگيءَ جي شروعات، سال 1913ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جي اٺاويهين اجلاس سان ٿي ۽ ڪافي شهرت حاصل ڪيائين.  ٿياسافسٽ اڳي ئي هو، ان ڪري ڊاڪٽر ايني بيسنت سان ملاقات ٿيڻ بعد 1919ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر ايني بيسنتهوم رول ليگ ٺاهي، تڏهن هي ان ۾ داخل ٿيو ۽ 1917ع جي آخر ۾ ڪراچي شهر جي هوم رول ليگ جو صدر به چونڊجي ويو.  1922ع کان 1933ع تائين ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو چيئرمين رهيو.  سنڌي ٻولي، ادب ۽ سنڌ جي جوڙجڪ ۽ سياست ۾ سندس تمام وڏو ڪردار آهي. سندس ڪوششن سان  ٿياسافيڪل هال ۽ لائبريري قائم ٿي. هوم رول  طرفان 1928ع ۾ ماهوار ”ستاره“ رسالو جاري ٿيو، جنهن جو چيئرمين پاڻ هو.(24)

هوشنگ نادر شاهه ايدلجي ڊنشا (1884-1904ع)

         هي پارسي برادريءَ جي ڊنشا پاڙي مان، هڪ شاهوڪار واپاري خاندان مان هو. ثانوي تعليم نارائڻ جگنناٿ (اين. جي. وي) هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ ورتائين، ۽ 1905ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج مان گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1908ع ۾ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر چونڊيو، جنهن تي 1936ع  تائين هلندو آيو. هن ۽ سندس ڀائرن، پيءُ جي يادگار قائم رکڻ لاءِ، ڪراچيءَ ۾ انجنيئرنگ ڪاليج کولڻ ۾ وڏو عطيو ڏنو، جنھن ڪري ان تي نادر شاهه ايدلجي ڊنشا (اين. اي. ڊي) انجنيئرنگ ڪاليج نالو رکيو ويو. اهو ڪاليج 1922ع ۾ قائم ٿيو. اهڙيءَ طرح ميونسپالٽيءَ کي عطيو ڏيئي، لارينس روڊ تي نادر شاهه ايدلجي اسپتال کولارايائون. ليڊي ڊفرن اسپتال ۾ به گهڻو عطيو ڏنائون. ڪراچيءَ جي اڪثر خيراتي ڪمن ۾ هنن ڪشاده دليءَ سان چندو پئي ڏنو. نه رڳو تعليم، صحت ۽ سماجي خدمتن جي ادارن ۾ سندن سخاوت ڪم ايندي رهي، بلڪه ڪيترين سياسي جماعتن کي به هنن جي مدد پهچندي رهي آهي.(25)

ڊوسا ڀائي فرامجي ڪارڪا ) 1911ع- 1974ع)

        ڊوسا ڀائي فرامجي ڪارڪا  جو جنم بمبئيءَ ۾ ٿيو، پر پوءِ سندس فيملي ڪراچي لڏي آئي. هن پنھنجي تعليم هن ڪاليج مان حاصل ڪئي. 1929ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج مان بي.اي جو امتحان پاس ڪري، آڪسفورڊ مان قانون جي ڊگري حاصل ڪيائين. هو پهريون هندستاني هو، جنهن کي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾  يونين جو صدر چونڊيو ويو هو.  هن صحافت ۽ ادب ۾ نالو ڪمايو. سندس ڪتاب The Pulse of Oxford” ۽ “Oh ! You English مشھور ٿيا.(26)

هيرانند ڪيولرام واسواڻي

        هيرانند ڪيولرام واسواڻيءَ جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. نولراءِ هيرانند اڪيڊمي حيدرآباد مان تعليم حاصل ڪري، ڪراچيءَ جي ڊي.جي. ڪاليج ۾ داخل ٿيو. پنھنجي دؤر جو انتهائي ڪامياب ۽ هوشيار شاگرد هو. ڪيترائي انعام ۽ اسڪالرشپون حاصل ڪيائين. ڪاليج جي لٽرري ۽ ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري ٿي رهيو. هو ڊي.جي. ڪاليج جي مسلينيءَ جو ايڊيٽر رهيو ۽ بعد ۾ رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب جو سيڪرٽري رهيو. شهاڻي لا ڪاليج مان قانون جي ڊگري وٺي، ڪامياب وڪيل بڻيو. مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ملڪي حالتن تي مضمون ۽ آرٽيڪل لکندو هو.(27)

پرمانند ريواچند کلناڻي

        پرمانند ريواچند کلناڻيءَ جو شمار، ڪراچيءَ جي انتهائي ڪامياب وڪيلن ۾ ٿيندو هو. بنيادي طور ڀريا، ضلعي نوشهري فيروز سان واسطو رکندڙ هو. ميٽرڪ، اين.جي.وي. اسڪول ڪراچي، ايم.اي تائين ڊي.جي. ڪاليج ڪراچي، ايل.ا.يل.بي شهاڻي لا ڪاليج ۽ ايل.ايل.ايم بمبئي يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ڊي.جي. ڪاليج جو برجستو شاگرد رهيو. ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ کان ويندي ڪاليج مسلينيءَ ۾ سندس هاڪ هوندي هئي. ڪيترين ئي ٻولين تي عبور رکندو هو. اخبارن ۽ رسالن جو مستقل ليکڪ هو.(28)

اي. ڪي. بروهي (1915ع- 1987ع)

        مشھور قانون دان، آئيني ماهر ۽ دانشور الهه بخش ڪريم بخش بروهي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. 1937ع ۾ ڊي.جي. سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان بي. اي ڪيائين. ان کان پوءِ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (فلسفو) ۽ ايل ايل. بيءَ جون سندون ورتائين. 1941ع ۾ وڪالت شروع ڪيائين. 1950ع ۾ سنڌ جو ائڊووڪيٽ جنرل مقرر ٿيو. 1953ع ۾ محمد علي بوگره جي ڪابينا ۾ وزير قانون مقرر ٿيو. پاڻ جنرل ضياءُ الحق جي قائم ڪيل مجلس شوريٰ جو ميمبر هو. 1978ع ۽ 1979ع ۾ قانون ۽ مذهبي معاملن جي وزارت به هن وٽ هئي. وفات کان اڳ بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جو ريڪٽر رهيو، جتان پوءِ استعيفيٰ ڏنائين.(29) هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان هيٺيان ٻه  انگريزي  ڪتاب قابل ذڪر آهن:

(i) An Adventure in Self-expression.
(ii) The Testament of Faith.

دادا جشن واسواڻي (1918ع-2018ع)

 ناليواري شخص ۽ روحاني پيشوا دادا جشن واسواڻيءَ، شري پهلاج راءِ واسواڻيءَ جي گهر حيدرآباد ۾ جنم ورتو. مشھور عالم ۽ اديب ساڌو واسواڻي، سندس چاچو هو. هن 13 سالن جي عمر ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي. ان بعد ڪراچيءَ جي ڊي.جي. سائنس ڪاليج مان B.Sc فزڪس سترهن سالن جي ڄمار ۾ پاس ڪئي ۽ يونيورسٽيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ آيو. ساڳئي ڪاليج ۾ فيلوشپ مليس. هن سائنس جي شعبي ۾ ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا. سندس هڪ مقالي کي نوبل انعام يافته ڊاڪٽر  سي.وي رامن چڪاس بعد بيحد پسند ڪيو هو.  ايل.ايل.بي بعد 1939ع ۾ M.Sc ڪئي. جشن واسواڻيءَ جا انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪيترا تحقيقي مقالا لکيل ۽ ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ ڪي هي آهن: ”پشپا انجلي“ (1964ع)، لاهوتي لنگهي ويا (1966ع)، ڳوڙهن جي مالها“ (ٽي ڀاڱا)، سانت جي پردي ۾ (1969ع)، ڦٽيل دل جا ڦول (1975ع)، ”نوري ۽ انجليءَ جا گيت“، ”سنت سماگم“، ”مکڙيون“، ”منهنجي شرڻ آءُ“، ”سهاڳڻ شانتي (1985ع)، ”اڄ جو ويچار“، ”الله  جا عاشق (2003ع)، ”ها مان سنڌي اهيان“،   “The Story of Simple man”،‘Peace or Perish” (2007)،  “I am a Sindhi” (2008) ۽ ٻيا شامل آهن.(30)

ورهاڱي کان پوءِ  جون مشھور شخصيتون     

        ورهاڱي کان پوءِ  به هي ڪاليج تعليم ۾ اڳتي رهيو آهي . هن ڪاليج عظيم سائنسدان، سياستدان، ماهر تعليم، اديب، ڊاڪٽر، انجنيئر، واپاري، سفير، رانديگر، فوجي جرنيل، اداڪار، سياستڪار، وڪيل، ڪامورا، تعليمدان، مطلب ته هر شعبي ۾ ڪامياب انسان ۽ ڄاڻ ڀريا ماهر پيدا ڪيا آهن. انهن پنھنجي حيثيت نه صرف پاڪستان ۾، پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مڃرائي آهي. اهڙن شخصيتن جي هڪ طويل فهرست آهي. انهن مان ڪجهه شخصيتن پنھنجي آتما ڪٿائن، انٽرويوز، تقريرن، ذاتي ڪچهرين وغيره ۾ ڪاليج جي عروج جون ڪھاڻيون بيان ڪيون آهن. هنن ڪاليج جي پروفيسرن ۽ پرنسيپلن جون عظمتون بيان ڪيون آهن. اسان هتي صرف اهڙن چند شخصيتن جي نالن جي نشاندهي ڪنداسين، جيڪي هتان فارغ التحصيل ٿيا:

ڊاڪٽر عبدالقدير خان  (1936ع- 2021ع)

        عالمي شهرت رکندڙ پاڪستاني سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان  (اي.ڪيو. خان) پهرين اپريل  1936ع تي ڀوپال (گڏيل هندستان) ۾ پيدا ٿيو. ورهاڱي کان پوءِ 1952ع ۾ سندس خاندان سنڌ لڏي آيو ۽ ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيو. ان وقت هن جي عمر سورهن سال هئي. سندس شهرت کان هر ڪوئي واقف آهي. هن پنھنجي زندگيءَ جا چار سال هن ڪاليج ۾ گذاريا. کيس ڪاليج سان تمام گهڻي محبت هئي ۽ هو ڪاليج ايندو رهندو هو ۽ ڪاليج جي فلاح لاءِ ڪم ڪندو رهندو هو. پنھنجي ڪاليج جي يادن لاءِ لکيو اٿائين ته، ” 34 سال اڳ، جڏهن مان ٻار هئس ته مان فرسٽ ايئر ۾ داخلا وٺڻ لاءِ ڊي.جي. ڪاليج آيس. جڏهن مان پوئتي نهاريان ٿو ته، اهو هڪ بهترين دؤر هو.مون کي ڪجهه به خبر نه هئي. ڪنهن مون کي چيو ته: ’مان پرنسيپل شيخ صاحب وٽ پيش ٿيان. ڇا ته شخص هو. هن سان گڏ پروفيسر زبيري ۽ پروفيسر انصاري به هئا. هنن منهنجي مارڪس شيٽ ڏٺي ۽ ڪجهه سوال پڇيا. پوءِ مون کي ٻڌايائون ته تنهنجي داخلا ٿي وئي. اها منهنجي حصي ۾ تمام وڏي ذميواري هئي، ڇو ته منهنجي ڪٽنب ۾ اڳ  ڪنهن به سائنس ۽ مئٿيميٽڪس ڪانه پڙهي هئي. اهي چار سال (1953ع کان 1957 تائين)، مان ڊي.جي. سنڌ گورنمينٽ  ڪاليج ۾ گذاريا. اهي منهنجي حياتيءَ جا بهترين سال آهن. ڊي.جي. ڪاليج جو شاگرد هجڻ هڪ اعزاز هو. اسان جا استاد جهڙوڪ مرحوم پروفيسر شيخ، مرحوم پروفيسر ڊيسوزا،  پروفيسر زبيري، مرحوم پروفيسر غوري، مرحوم پروفيسر انصاري، مرحوم پروفيسر ڪاملي، مرحوم پروفيسر سڌوا ۽ مرحوم پروفيسر قاضي تمام مهربان هوندا هئا“.(31)

ڊاڪٽر اديب رضوي ) 11 سيپٽمبر 1938ع(

        محترم ڊاڪٽر سيد اديب الحسن رضويءَ جو جنم گڏيل هندستان جي ڳوٺ ڪالنپور ۾ ٿيو. سندس فيملي لڏي اچي خيرپور ميرس جي لقمان ۾ آباد  ٿي، ۽ پوءِ اتان ڪراچيءَ هليا آيا. سندس شمار دنيا جي مشھور گڙدن جي بيمارين جي ماهرن ڊاڪٽرن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ هن وقت ڊائريڪٽر سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي ائنڊ ٽرانسپلانٽيشن آهن.  ڊاڪٽر اديب رضوي  پڻ هن ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي آهي. هو لکي ٿو ته، ”جڏهن مان 1952ع ۾ ڪاليج ۾ داخل ٿيس ته شايد ان وقت  ڪراچيءَ جو سائنس جي ميدان ۾ بهترين ۾ بهترين ڪاليج هو ۽ اهو هن وقت به بهترين آهي. 50 واري ڏهاڪي ۾، پاڪستان نئون قائم ٿيل ملڪ هو ۽ ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو هو. اهڙين حالتن ۾ تعليم تي تمام گهٽ خرچ ڪيو  ويندو هو ۽ تمام ٿورا ڪاليج شاگردن کي سائنس جي تعليم ڏيندا هئا. ان ڪري ڊي.جي. ۾ داخلا ٿيڻ وڏي فخر جي ڳالهه هوندي هئي. ڊيجيرين، نصابي توڙي غير نصابي سرگرمين ۾ سڀني کان اڳتي هوندا هئا. اهو ڊي.جي ڪاليج ئي هو، جيڪو ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۽ اين.اي. ڊي.  يونيورسٽيءَ کي شاگرد پيدا ڪري ڏيندو هو. ڪابه اهڙي هڪ به اعزاز جي ڳالهه اهڙي نه هئي، جيڪا ڪاليج مان نه ملندي هجي. اسان جي دؤر ۾ ڊي.جي. ڪاليج ۾ ايم.ايس.سي ۽ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي شريڪ تعليمي نظام هو“.(32)

ضياء الرحمان (1936ع-1981ع)

        بنگلاديشي، آرمي چيف ۽ صدر ضياء الرحمان، 1953ع ۾ هن ڪاليج مان تعليم حاصل ڪري، پاڪستان ملٽري  اڪيڊمي، ڪاڪول ۾ ڪيڊٽ ڀرتي ٿيو.(33)  1977ع کان 1981ع تائين بنگلاديش جو صدر رهيو.

ايئرمارشل محمد عظيم دائودپوٽو (1933ع- 2017ع)

        شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جو وڏو فرزند، ڪراچيءَ ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم سينٽ پئٽرڪ هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين. ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مان پري انجنيئرنگ ۾ انٽرميڊيئيٽ پاس ڪيائين. 1950ع ۾ پاڪستان ايئرفورس ۾ شامل ٿيو. چئن سالن جي تربيت لاءِ رايل آسٽريلين ايئر فورس ۾ موڪليو ويو، جتان فلائنگ انسٽرڪٽر ۽ فائرليڊر جا سرٽيفڪيٽ ورتائين. کيس 1965ع ۾ پاڪ- ڀارت جنگ ۾ ”ستاره جرات“ جو اعزاز مليو. 1981ع ۾ ايئر وائيس مارشل بڻايو ويو ۽ سول ڊفينس جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. 31 جنوري 1986ع تي پي. آءِ. اي جو چيئرمئن مقرر ٿيو. تنهن کان پوءِ رٽائر ٿيو. 18آڪٽوبر 1999ع تي سنڌ صوبي جو گورنر مقرر ڪيو ويو.

ارد شير ڪاؤسجي  (1926ع- 2012ع)

        سينيئر صحافي، تجزيه نگار ارد شير ڪاؤسجي ڊي.جي، سائنس ڪاليج ۾ گريجوئيشن ڪئي، تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ارد شير ڪاؤسجي پنھنجو ذاتي ڪاروبار مرچنٽ شپنگ شروع ڪرڻ سان گڏ صحافت ڪيريئر جي شروعات ڪئي.

پيرزاده قاسم (8 فيبروري 1943ع)

        ناميارو اديب ۽ تعليمدان ڊاڪٽر  پيرزاده قاسم رضا جو جنم دهليءَ ۾ ٿيو. ورهاڱي کان پوءِ سندس فيملي ڪراچيءَ ۾ مقيم ٿي. هن ڪاليج جي تعليم ڊي.جي. ڪاليج مان حاصل ڪئي. ان دؤر ۾ هو ڪاليج  جي سمورين ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺندو هو. هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي.ايس. سي (آنرز) ۽ ايم. ايس.سي ڪرڻ بعد انگلينڊ مان پـي. ايڇ. ڊي ڪئي. بـعـد ۾ ڪـراچـي يـونيورسٽيءَ ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. ڪراچي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر به رهيو آهي.  وفاقي اردويونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر به رهي چڪو آهي. هو اردوءَ جو سٺو شاعر آهي.

مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ڪي ٻيون شخصيتون

        نيوڪليئر سائنسدان ڊاڪٽر بدر الاسلام، ناسا جو خلائي سائنسدان شيخ لياقت حسين، ذوالفقار علي ڀٽي جو ڀاءُ امداد علي ڀٽو، نيويءَ جو آفيسر ريئر ايڊمرل تنوير احمد، ايڊمرل شاهد ڪريم الله، بقائي ميڊيڪل يونيورسٽي جو چانسلر ڊاڪٽر ايف. يوبقائي، مشھور آرٿوپيڊڪ سرجن ۽ سابق صوبائي وزير براءِ رانديون ڊاڪٽر محمد علي شاهه، سابق گورنر سنڌ محمود اي. هارون، معروف سياستدان معراج خالد، سابق وزير اعليٰ سنڌ مظفر حسين شاهه، سابق اسپيڪر قومي اسيمبلي الاهي بخش سومرو، سابق وفاقي وزير عبدالحفيظ پيرزادو، معروف سياستدان تاج حيدر، خاتون سياستدان اشرف عباسي، سابق وزير اطلاعات نثار ميمڻ، سابق وزير جاويد سلطان جاپان والا، ڊاڪٽر صغير احمد، مشھور بينڪر سلطان علي الانا، پاڪستاني آمريڪن انجنيئر اشرف حبيب الله، بي. بي سي جو مشھور صحافي رحيم الله يوسفزئي ۽ مشھور آرڪيٽڪٽ عارف حسن قابل ذڪر آهن.(34)

جڏهن ته فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ شخصيتن ۾  انور مقصود، موسيقار سهيل رانا، اداڪار منور سعيد، ادڪار رضوان واسطي، ڪمپيوٽر ۽ اسٽرڪچر جو CEO  اشرف حبيب الله، ٽي. وي اينڪر پرسن ۽ صحافي شاهد مسعود،  قومي هاڪيءَ جا رانديگر ڪامران اشرف ۽ شاهد علي خان، سيد مراد علي شاهه (هاڻوڪو سنڌ جو وڏو وزير)، اڳوڻو وزير ۽ اسپيڪر نثار احمد کهڙو، سابق پرنسيپل ايس.ايم. سائنس ڪاليج حشمت الله لوڌي، سنڌ مدرسه يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مجيب صحرائي، ممتاز ماهر  تعليم انيتا غلام علي، معروف ڊاڪٽر صالح ميمڻ، مشھور ٽي. وي ۽ فلمي اداڪار فهد مصطفيٰ تنيو ۽  ٻيا ڪيترائي شامل آهن.   

حوالا:

1. مختيار احمد ملاح: ”اڻويهين صديءَ ۾ سنڌ جي تعليمي ترقي“، سنڌ آرڪائيوز، ڪراچي 2019ع، ص  274

2.      موتيرام ايس. رامواڻي: ”سنڌ ۽ اسان جو ورثو“ (جلد ٻيو)، شاردا پرڪاشن بمبئي، 1994ع، ص. 227

3.      ڊاڪٽر محمد قاسم راڄپر:  سنڌ ۾ تعليم ۽ ادب جي واڌاري ۾ ڊي.جي. ڪاليج جو ڪردار“، (مقالو) ڇماهي ”ڪارونجهر“ جنرل وفاقي اردو يونيورسٽي آف آرٽس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، 2015ع

4.     “Notheren India: Who is Who”, The Mehta Publicty Corporation, Lahore, 1942, p. 43

5.     Prof. L.H. Ajwani: “The Golden Jubilee of the Dayaram Jethmal Sind College, Karachi (1887-1937), The Educational Printing Press, Karachi, 1939, p. 151

6.     گل حسن ڪلمتي:”ڪراچيءَ جون عمارتون“، نئون نياپو، ڪراچي، 2020ع، ص 157

7.     موتيرام ايس رامواڻي: ”تارا نکٽ ڪتيون“، (جلد ٻيو)شاردا پرڪاشن، بمبئي، 1992ع، ص 64.

8.     ڀيرومل مهرچند آڏواڻي: ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2006ع، ص  397.

9.     Santdas Khushiram Kirpalani: “Fifty Years with The British”, Orient Longman Limited, 1993, p.45.

10. مختيار احمد ملاح: ”انڊين سول سروس جو امتحان پاس ڪندڙ سنڌي آفيسر“، (مقالو)، ٽماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 1/ 2020ع

11.  موتيرام ايس رامواڻي: ”سنڌ ۽ اسان جو ورثو“ (جلد 2)، شاردا پرڪاشن، بمبئي، 1994ع، ص 186.

12. مورومل چيتنداس ”بيوطن“: ”سنڌ جي تصوير“، برهم کتري رتن، 2004ع،
ص 307.

13. Ajwani L.H: “The Golden Jubilee Book of D.J Sind college Karachi”, The Educational Printing Press Karachi, 1939. P 127.

14. مختيار احمد ملاح: ”انڊين سول سروس جو امتحان پاس ڪندڙ سنڌي آفيسر“، ٽماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 1/ 2020ع

15. M.U. Abbassi :”The Colorful Personalities of Sind”, the Abassi publications , Karachi. 1944, p. 112

16. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2009ع، ص  74

17. مختيار احمد ملاح: ”انڊين سول سروس جو امتحان پاس ڪندڙ سنڌي آفيسر“، (مقالو) ٽماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 1/ 2020ع

18. گل حسن ڪلمتي:”ڪراچيءَ جون عمارتون“، نئون نياپو، ڪراچي، 2020ع،
ص 109

19. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا،(جلد ستون)،سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد ، 2013ع، ص  239

20.           مورومل چيتنداس ”بيوطن“: ”سنڌ جي تصوير“ ،برهم کتري رتن، 2004ع، ص 307

21. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد چوٿون)، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2012ع،  ص 61

22.           ڊاڪٽر حميد کھڙو: ”محمد ايوب کهڙو“، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 2006ع، ص 122

23.           انسائيڪلوپيڊيا- سنڌيانا (جلد پنجون)، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2012ع،  ص  108

24.           مختيار احمد ملاح: ”ادبي سوسائٽين جو سنڌي علم ۽  ادب جي ترقيءَ ۾ ڪردار“، ريکائون پبليڪيشن، ڪراچي، 2020ع، ص 449

25.           انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پنجون)، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2012ع،  ص 218

26.           Ajwani L.H, The Golden Jubilee Book of D.J Sind college Karachi, The Educational Printing Press Karachi, 1939. P.

27.           موتيرام ايس. رامواڻي: ”سنڌ ۽ اسان جو ورثو“ (جلد ٻيو)، شاردا پرڪاشن بمبئي، 1994ع، ص 220

28.           M. U. Abassi: “The Colourful Personalities of Sind”, Published by the Abbassi Publications, Saddar, Karachi. 1944, p.107

29.           انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2009ع، ص 356

30.           انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد ٽيون)، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2011ع، ص 480

31. The D.J. Sind Government Science College, College Magazine, August 1987, p. 3

32.           Same, p. 4

33.           Online Wikipedia Encyclopedia

34.           علي حسن ساجد: ”ڊي.جي. سائنس ڪاليج“، ڊيلي ”جنگ“ ميگزين، 10 جنوري 2022ع، ص 13

ڊي.جي. ڪاليج جا ڪي مشھور شاگرد

 

غلام حسين هدايت الله

ڀوڄ سنگهه پهلاجاڻي

محمد هاشم گزدر

محمد ايوب کهڙو

 

سيد ميران محمد شاهه

درگداس بي. آڏواڻي

ڄيٺي سپاهيملاڻي

جمشيد نسروانجي

هوشنگ نادر شاهه ايدلجي

ڊي.جي. ڪاليج جا ڪي مشھور شاگرد

 

ڊوسا ڀائي فرامجي

تاراچند تلسيداس سوڍا

 

ايڇ .ڪي. ڪرپلاڻي

اين. پي ٿڌاڻي

ايم.يو. ميرچنداڻي

 

ڪيولرام لالچند پنجابي

اي.جي . اين قاضي

ڊاڪٽر اديب رضوي

محمد عظيم دائودپوٽو

 

ڊي.جي. ڪاليج جا ڪي مشھور شاگرد

 

اردشير ڪائوسجي

ڊاڪٽر پيرزاده قاسم

محمود اي. هارون

 

پروفيسر انيتا غلام علي

 

سيد مراد علي شاهه

تاج حيدر

مظفر  حسين شاهه

الاهي بخش سومرو

 

عبدالحفيظ پيرزادو

 

ڊي.جي. ڪاليج جا ڪي مشھور شاگرد

 

نثار ميمڻ

ريئر ايڊمرل تنوير احمد

 

ڊاڪٽر ايف. يو بقائي

منور سعيد

سهيل رانا

 

ڊاڪٽر شاهد مسعود

 

انور مقصود

 

2002ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج جي تڏهوڪي پرنسيپل ڊاڪٽر روي شنڪر  سان

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org