سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ ۾ هندڙ بلوچ قبيلا

باب:

صفحو:9 

شير خان ميان غلام شاهه جي نڪ جو وار هو. شير خان جي پٽن مان روحل خان کي ميان غلام نبي خان جاگير ڏني هئي.مير بجر سمجهي ويو ته ميان سان جنگ ڪرڻ ڌاران ٻيو ڪو رستو ڪونهي. ميان جو سپهه سالار فيروز خان پتافي ميان صاحب پاران شهدادپور تعلقي جي لنياري ڳوٺ وٽ اَسي هزار لشڪر گڏ ڪرڻ لڳو. مير صاحب چار هزار جرار بلوچي لشڪر سان مقابلي ڪرڻ لاءِ نڪتو. سخت خونريز جنگ ۾ فيروز پتافي مارجي ويو. ڪلهوڙن جي لشڪر ۾ ڀاڄ پئي. ميان غلام نبي يارو فراش هٿان سخت زخمي ٿي واهه جو پيٽ ڏيئي ڀڳو پئي ويو ته مير سهراب خان پڪڙي مير بجر خان وٽ آندس ۽ اُتي زخمن وگهي روبرو دم ڏنائين. سيد عظيم الدين ٺٽوي ”فتح سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته جنگ ۾ شڪست کائڻ کانپوءِ ميان غلام نبي خان صلح ڪرڻ لاءِ قرآن شريف ميڙ ڪري مير بجر خان وٽ آيو ٿي ته تاجي ليکي ترار هڻي شهيد ڪري وڌس. جنگ کان پوءِ تاجو ليکي ۽ الله بخش جنجڻ به قيد ٿي ويا. مير صاحب پاران هيٺين ماڻهن تيغ زني جو ثبوت ڏنو: مير فتح خان، مير فتح علي خان، مير سهراب خان، مير الهيار خان، مير مرزو خان، مير باگو خان، اسماعيل خان کٽياڻ، دلاور خان لغاري، هئبت خان جمالي، دريا خان، فضل خان، ٻيڙو خان کوکر، عرضي خدمتگار، يارو فراش، سلطان خان ۽ زنگي خان مري وغيره. مرين جو شجرو هن ريت آهي:

حاجي زئي مري:

سنڌ جي مرين مان حاجي زئي مري ٽالپرن کي سڱ ڏيڻ ڪري سري ۽ لاڙ سنڌ ۾ وڏن رتبن کي پهتا هئا. سندن پيشو فن سپهه گري هو. حاجي زئن جو مورث اعليٰ حاجي خان مير رند جي چوڏهين پيرهي مان هو. کيس ٻه ديرا هئا. 1. ٻڊاڻي، 2. لوهاراڻي. هرهڪ ديري مان کيس چار پٽ هئا. شجرو هن ريت آهي:-

ميان عبدالنبي:

مير بجر خان پڪو ارادو ڪيو هو ته ميان غلام نبي کان پوءِ ميان محمد سرفراز خان کي قيد مان ڪڍي، گذريل سڀ ڳالهيون معاف ڪجن ۽ کيس وري تخت نشين ڪجي. پر جڏهن ميان سرفراز خان جي شهيد ٿيڻ جي خبر پيس، تڏهن ارمان ۾ پئجي ويو. ميان عبدالنبي پنهنجي ڀاءُ ميان غلام نبي پاران حيدرآباد جي قلعي جو مالڪ هو، پنهنجي ڀاءُ جي موت جو ٻڌي جيڪي به شاهي قيدي نظر بند هئا، تن مان ميان محمد ابا خان، ميان سرفراز خان ۽ سندس ٻن پٽن عطر خان ۽ مير محمد خان کي مارائي ڇڏيو. تنهنڪري ٻيو ڪو لائق نه ڏسي، مير صاحب ميان عبدالنبي خان کي گادي تي ويهاريو.

مير بجر خان جو شهيد ٿيڻ:

ميان عبدالنبي خان گادي تي ويٺو. سندس خدا پرست والده مير بجر خان کي پيغام موڪليو ته، عبدالنبي منهنجو پٽ آهي، آءٌ سندس عادتن کان واقف آهيان. هي منهنجو به گهر تباهه ڪندو ۽ توکي به منجھانئس ڪا چڱائي نه رسندي. مير بجر خان جو ان وقت حيدرآباد قلعي تي گهيرو ڪري ويٺو هو، تنهن کي ميان عبدالنبي خان وزير ڪيو. سنه 1197هه/1782ع ۾ ڪلهوڙا شهزادن مان ميان عزت يار خان، ميان عبدالنبي خان خلاف تيمور شاهه ڏانهن دانهن کڻي ويو. تيمور شاهه هن کي سند ڏيئي ٿورو افغاني لشڪر هن سان ڏياري موڪليو. شڪارپور جي ويجھو جنگ لڳي، افغاني لشڪر شڪست کاڌي. شڪست جو ٻڌي تيمور شاهه پاڻ قنڌار کان سنڌ تي ڪاهي آيو. مير بجر خان ساڻس روبرو گڏيو، بادشاهه کي حڪمت عملي جي ذريعي موٽائي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيو. عبدالنبي خان نالي طور حاڪم هو، مگر سندس وزير بجر خان ملڪ جو سچو مالڪ هو. ميان کي هر وقت مير مان خوف رهندو هو. هڪڙي ڏينهن ٻه راجپوت قاصد مير بجر وٽ آيا، چيائون ته اسان جوڌپور جي راجا بجيسنگهه وٽان خط آندو آهي. مير صاحب قاصدن کي هڪڙي الڳ ڪمري ۾ وٺي ويو. جيئن خط پڙهڻ لڳو، تيئن راجپوتن خنجر سان مٿس حملو ڪيو. هو زخمن ڪري شهيد ٿي ويو، مگر مرڻ کان اڳ ٻنهي باغين جو ترار سان خاتمو ڪري ويو. ڪن مؤرخن جو بيان آهي ته مير صاحب ميان جي سازش ڪري مارجي ويو(1). هن جوڌپور جي راجا کي خون جي بدلي ۾ عمرڪوٽ ڏيڻو ڪيو هو. ڪي چون ٿا ته ميان عبدالنبي، ميان غلام نبي جي والده هٿان مارجي ويو.  جنهن نساري جي جنگ ۾ پٽ جي مرڻ جو ٻڌي جوڌپور جي راجا ڏانهن ڏني هئي. هن وري ٻه راجپوت لالچ ۾ ڏياري روانا ڪيا هئا(2). ڪي چون ٿا مير صاحب مارواڙي جي راجا کان سنڱ گهريو هو، جنهن ڪاوڙجي ٻه راجپوت موڪليا هئا(3)

جوڌپور کي شڪست:

مير بجر خان جي شهيد ٿيڻ کان پوءِ بلوچن ۾ تاءُ پيدا ٿيو. سڀ بلوچ ميان عبدالنبي خان کي قتل ڪرڻ لاءِ يڪراءِ ٿيا. مير عبدالله خان ٽالپر کان ميان کي خوف جاڳيو. هن پنهنجا ٻه پٽ جوڌپور جي راجا ڏانهن ڏياري موڪليا ۽ پاڻ رفيقن ۽ خزاني سميت قلات جي بيگلربيگي نصير خان وٽ وڃي لڪو. ڪلهوڙن مان باقي ڪوبه نه رهيو هو، فقط هڪڙو صادق علي نالي فقير تارڪ الدنيا رهندو هو، تنهن کي بلوچن درويشي آستاني کان اُٿاري شاهي مسند تي ويهاريو. دستور موجب ساڻس ٻيلي ٿي رهيا. جوڌپور جي راجا بجيسنگهه سنه 1753ع/1793ع تائين حڪومت ڪئي. عمرڪوٽ هٿ ڪرڻ لاءِ ڪلهوڙن سان کيس همدردي هئي. ميان جا پٽ اڳيئي وٽس دانهي ويا هئا. هو راجپوتن جو لشڪر وٺي ڪاهي آيو. جوڌپور جي سرحد وٽ هڪڙي قلعي تي جنگ لڳي. گهڻي خونريزي کان پوءِ راجپوتن شڪست کاڌي. ٽالپرن کي بيشمار مال هٿ لڳو، جنهن ۾ سونا ڪنڱڻ به هئا(1). راجپوت لشڪر جي شڪست جون خبرون ٻڌي ميان عبدالنبي جا حوصلا خطا ٿي ويا. هن مير نصير خان اعظم کان مدد گهري. خان قلات کيس سندس گذريل ڪرتوتن تي شرمايو. پوءِ پنهنجي ناٺي زرڪ خان سان هڪڙو براهوي لشڪر چاڙهي موڪليو. سنڌ مان جتوئي، نومڙيا ۽ کوسا به ميان سان گڏيا. مير عبدالله خان، مير فتح خان کي لشڪر گڏ ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو. لاڙڪاڻي کان ٿورو پهرين چالڪ جي پل وٽ جنگ لڳي، زرڪ خان شڪست کائي ڀڳو. بلوچ ميان صادق علي خان سان سوڀ جا نغارا وڄائي خداآباد پهتا.

ميان عبدالنبي جو ٻيهر گادي تي ويهڻ:

ميان عبدالنبي خان تخت هٿ ڪرڻ لاءِ حيلا ۽ سازشون ڪري رهيو هو. هيڏانهن سنڌ تي ڪاهون ٿي رهيون هيون. بلوچ ڪلهوڙن سان وفادار رهندا سنڌ جي بچاءُ لاءِ دشمنن سان لڙندا پي آيا. ڪراچي جو بندر گاهه جيڪو جاگرافيائي اعتبار کان سنڌ سان لاڳو هو، سو مير نصير خان ڦٻائي رکيو هو. ٻي پاسي بجيسنگهه عمرڪوٽ کي تاڙي بيٺو هو. مٿين بدامنين ڪري لاچار ايسٽ انڊيا ڪمپني کي ڪوٺي بند ڪرڻي پئي. ڪراچي جي سالياني آمدني ڇهه لک 16 هزار رپيا هئي(1).

مدد خان پٺاڻ جي ڪاهه:

عام طرح سنڌ جي تاريخن ۾ لکيل آهي ته مدد خان ڦورو افغان هو. حقيقت ۾ مدد خان تيمور شاهه جي سپهه سالارن مان هو. جنهن سنه 1780ع ۾ رڪن الدوله محمد بهاول خان بهاولپور جي نواب تي تيمور شاهه پاران ڊراور جي قلعي تي ڪاهي نواب کان خراج وصول ڪيو هو(2). تنهن کان پوءِ تيمور شاهه هن کي سنڌ تي چاڙهي موڪليو. ميان عبدالنبي جنهن کي قلات ۽ جوڌپور جي درٻارن مان مايوسي حاصل ٿي هئي، ٻي واهه نه ڏسي افغان سردار کي پوريل خزانن جي لالچ ڏني. بقول ايلفنسٽن مدد خان سنه 1780ع ۾ طوفان وانگر سنڌ تي ڪاهي آيو. بدين تائين سنڌ جا شاداب ۽ وسيع شهر ۽ ڳوٺ افغانن ڦري ويران ڪري ڇڏيا. جوڻ ۽ فتح باغ جا وسيع شهر ناس ٿي ويا. ويتر ڏڪر پوڻ ڪري باقي ڳوٺ به ويران ٿي ويا. سنڌين ۾ مصيبت وقت گهوڙا گهوڙا ڪرڻ جو رواج مدد خان جي ڪاهه ڪري پيو(3). ماڻڪاڻين مان مير فتح خان، مير مرزو خان ۽ مير باگو خان جي مرضي هئي ته مدد خان سان وڙهي فيصلو ڪجي. مير فتح علي خان جي راءِ هئي ته مدد خان جي پيش پوڻ جي اها معنيٰ ٿيندي ته ميان عبدالنبي جو پيش پوڻ. مگر مير عبدالله خان جو هن وقت پڳدار هو، تنهن صلاح ڏني ته غير جانبدار رهي حالتن جو انتظار ڪجي. ٻين ميرن سندس راءِ جي تائيد ڪئي، مگر ماڻڪاڻين مان مير فتح خان ۽ مير باگو خان ڪاوڙجي عمرڪوٽ ڏانهن هليا ويا. باقي امير شهدادپور جي ديره جات جي قلعن ڏانهن هليا ويا. مدد خان به اچي عمرڪوٽ کي سوڙهو ٿيو. واٽ تي لغارين جي راڄ جا هڪ سؤ چاليهه بلوچ پٺاڻن تي ڪاهي ويا ۽ سوين افعان ماري پاڻ به ساڻن موت جو بک ٿيا. مدد خان چالاڪي ڪري هڪڙو قربائتو خط مير فتح خان ڏانهن لکيو، مير صاحب قلعي جي درن پٽڻ لاءِ حڪم ڏنو. مدد خان سوارن سان قلعي ۾ ڌوڪيندو گهڙيو. مير فتح خان ۽ مير باگو خان کي زنجيرن ۾ ٻڌائي سوگهو رکيائين. نبي بخش خان ڀرڳڙي جو خاصه دارن مان هو، تنهن مير فتح خان جا زنجير لاهي پنهنجن پيرن ۾ وجھي اُن جي هنڌ تي سمهي پيو. مير باگو خان به نڪري ويو. مگر پٺاڻن هٿان پڪڙجي پيو، جن ميان عبدالنبي جي حوالي ڪيو. ميان صاحب نبي بخش لاءِ قتل جي راءِ ڏني، مگر افغان سردار سندس نمڪ حلالي کي ڏسي هن کي انعام ڏيئي آزاد ڪيو. پوءِ افغاني قيامت ملڪ ڦري ڪابل ڏانهن رخ رکيو(1).

هالاڻي جي فيصلي ڪن جنگ:

مدد خان جي موٽي وڃڻ کان پوءِ ميان عبدالنبي خان اڳتي لاءِ وفادار ٿي رهڻ لاءِ قرآن شريف تي قسم لکي مير عبدالله خان ڏانهن موڪليو. بلوچي رواداري جي لحاظ موجب مير صاحب ميان سان صلح ڪيو. عبدالنبي خان ٻيهر گادي تي ويٺو. مگر ڪلهوڙن جي صاحبي جو زوال شروع ٿي چڪو هو، فقط ڪوڙن انجامن ۽ اقرارن تي مسند جي بقا جو دارومدار هو. ميان عبدالنبي دل جو ڪمزور هو، سندس دل ۾ اڃا به دغا هئي. هڪڙي ڏينهن دستور موجب مير عبدالله خان ۽ فتح خان ميان صاحب کي ڪچهري ۾ گڏجڻ ويا. ميان صاحب اڳيئي منصوبو سٽي رکيو هو. جڏهن ٻئي سردار درٻار جي در تي پهتا ته ميان جي چوبدارن کين هٿيارن رکي وڃڻ لاءِ هدايت ڪئي ۽ جيئن ئي اندر گهڙيا، ته ميان جا چوبدار جيڪي اڳ تيار بيٺا هئا، تن هڪدم ٻنهي سردارن کي گرفتار ڪيو. مير سمجھي ويا ته اُهي گهڙي پل لاءِ مهمان آهن. هنن قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ لاءِ اجازت گهري. اُهي ڪنڌ نمائي تلاوت جي حلاوت ۾ هئا ته جلادن اشاري ملڻ سان سندن سسيون ڌار ڪري ڇڏيون. هي واقعو سنه 1783ع ۾ ٿيو. ڪلهوڙن جي صاحبي جو چوٿون دور هو، جڏهن سندن حڪومت جو سنڌ ۾ خاتمو ٿيو. هن واقعي کان پوءِ بلوچي غيرت اهڙو جوش کاڌو، جو سڀئي امير بهرام خان جي پوٽي مير فتح خان جي جھنڊي هيٺ گڏ ٿيا. بلوچن جي صبظ ۽ صبر جو پيمانو خون سان لبريز ٿي چڪو هو. ڇاڪاڻ جو انجامن ۽ اقرارن جي انتها ٿي چڪي هئي. فضا ٻڌائي رهي هئي ته انتقام جي گهڙي ويجھي آهي. جنگ کان اڳ مير سهراب خان جي صلاح سان ٽالپرن پنهنجا ديرا دين ڳڙهه ڏانهن روانا ڪري ڇڏيا هئا(1). مير فتح علي خان، مير سهراب خان، مير ٺارو خان، مير الهيار خان، مير باگو خان لشڪر گڏ ڪرڻ لڳا. ميان عبدالنبي خان جو سپهه سالار ڌڳاڻو جتوئي 11 هزار لشڪر سان روانو ٿيو. ميان خداآباد ۾ رهجي پيو. بلوچي لشڪر سندن مقابلي ۾ ڏهين پتيءَ جيترو مس هو مگر نوجوانن جي جوش ۽ غيرت ڪري سندن استقلال ڪلهوڙن جي قوت کان سؤ ڀيرا سرس هو(2). سندن لشڪر ۾ اسماعيل خان کٽياڻ، ٻيڙو کوکر، فقيرو، طاهر، عرضي، سلطان وفادار خدمتگار هئا. ڪلهوڙن جي فوج ۾ ڌڳاڻو جتوئي، آڍو، ٻڍو، فيروز ڪليري، محمد حسن کهاوڙ جنگ آزما سپاهي هئا. جنگ لڳڻ سان سرائي جي فوجن جو بي انداز نقصان ڏسي ڌڱاڻي جتوئي سرائي کي ميرن سان صلح ڪرڻ لاءِ صلاح ڏني. پاڻ مير صاحبن کي منٿون ڪرڻ لڳو، پر ميرن ڳالهه نه ٻڌس. آخر هن ڀاڄ کاڌي. سندس ڀاڄ جو ٻڌي ميان باهه ٿي ويو. هن هڪڙو ڌمڪين ڀريل خط مير صاحب ڏي لکيو، جنهن جو کيس دندان شڪن جواب مليو. پوءِ محمد حسن کهاوڙ کي منٿون ميڙون ڪري پاڻ سان شامل ڪيائين. پوءِ ٽيهه هزار لشڪر سان هن ڪاهه ڪئي، کيس باقر خان کهاوڙ، سلطان خان کهاوڙ، بلاول ليکي، غلام حسين جنجڻ، عزت خان نومڙي، تاجو سامٽيو، روهل خان کوسي، مراد ڪليري ۽ ڌڱاڻي جتوئي جي بازن تي ڀروسو هو. محمد حسن کهاوڙ جي زهد ۽ تقويٰ جو هي حال هو، جو هڪڙي هٿ ۾ تسيح ۽ ٻي ۾ ترار هيس. ٽالپري لشڪر ۾ نواب ولي محمد خان لغاري، قيصر خان نظاماڻي، زنگي خان مري ۽ خيرو خان جمالي بهادر سپاهي هئا، جن جو اباڻو پيشو سپهه گري هو. نواب برخوردار خان کوسو ديره جات کان ميان جي مدد ڪرڻ آيو هو(1). سنه 1783ع ۾ هالاڻي وٽ دوبدو جنگ لڳي. محمد حسن کهاوڙ جگر ٽوڙ حملا ڪيا، پر سرائين جا سمورا پهلوان مارجي ويا. سردار برخوردار کوسو زخمي ٿي ڀڄي ويو. مير سهراب خان به زخمي ٿيو. ميان جي فوج ۾ ڀاڄ پئي، ميدان ٽالپرن کٽيو. مير فتح علي خان منزل کڻي نوشهروفيروز آيو، اُتي سڀني رضاڪارن کي انعام اڪرام ڏنائين. جيڪي قومون سرائي پاران وڙهيون هيون، تن جا باقي رهيل اڳواڻ مير صاحب وٽ پيش پيا. مير صاحب سڀني کي عزت ۽ احترام سان روانو ڪيو. ميان عبدالنبي خان هيڪر وري قسمت آزمائڻ لاءِ خان نصير خان وٽ قلات دانهن کڻي ويو. اُتان بروهين جو ڪجهه لشڪر وٺي دادو پهتو. مگر سپاهين کي پگهار نه ملڻ ڪري بروهي ميان جو سامان لُٽي موٽي قلات ويا. تنهن کان پوءِ ميان قنڌار ڏانهن تيمور شاهه وٽ دانهن کڻي ويو. افغان بادشاهه سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ ۽ اُتي افغاني لشڪر رکڻ لاءِ ارادو ڪيو، پر مير صاحب جي هوشيار ايلچين 9 لک رپيا تيمور شاهه کي رشوت ڏيئي مير صاحب جي نالي تي فرمان جاري ڪرايو. ڪلهوڙن جي صاحبي جو سنڌ ۾ خاتمو ٿيو ۽ ٽالپرن جي صاحبي شروع ٿي. 

ڪلهوڙن جي صاحبي ۾ سنڌ جي علمي حالت:

مخدوم نوحؒ المتوفي سنه 998هه ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙيؒ وارو ٻئي همعصر هئا. سندن سنڌي ڪلامن شهرت حاصل ڪئي. ڇاڪاڻ جو ڪتاب بيان العارفين جيڪو فارسي ۾ آهي، تنهن ۾ شاهه عبدالڪريم جا صوفيانه سنڌي شعر فارسي ترجمي سان درج ٿيل آهن. ڪلهوڙن جي صاحبي ۾ سنڌي شاعرن جو هڪڙو حلقو نظر اچي ٿو، جن سنڌي زبان جي خدمت ڪري انهي زماني جي مروج زبان ۾ ڪيترائي ڪتاب لکي سنڌ وارن تي وڏو احسان فرمايو. ٺٽو علم ۽ فيض جو چشمو هو. نادر شاهه جي ڪاهه وقت سنه 1742ع ۾ هن شهر ۾ چار سؤ مدرسا هئا. هت اڪابر رهندا هئا. جيئن مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم ضياءَالدين ٺٽوي، علامه معين ٺٽوي، ميان محمد حسين ٺٽوي وڏا عالم، عارف ۽ فاضل ٿي گذريا. تنهن کان سواءِ فقير عبدالرحيم گرهوڙي سندس مرشد پير محمد زمان لواري وارو قابل يادگار سنڌي عالم ۽ شعراء ڪرام ٿي گذريا. ميان نورمحمد ڪلهوڙي وٽ شاهي ڪتبخانو هو. کانئس نادر شاهه ڪي نادر نسخا کسي خراسان ڏانهن کڻي ويو. سنه 1272هه جي وچ ڌاري مٽياريءَ جي هڪڙي بزرگ مخدوم عزيزالله قرآن شريف جو سنڌي ترجمو نثر ۾ تيار ڪيو.

شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ :

تحقيق سنڌ جي عارفن ۽ مخدومن سنڌي زبان کي جيئري رکڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن سنڌ جي دفتري زبان فارسي هئي. مگر سنڌي زبان کي جيئري رکڻ وارو سنڌ جو سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ المتوفي 1165هه/1752ع ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي دؤر ۾ ٿي گذريو. شاهه صاحب جي سنڌي هاڻوڪي سنڌي کان البته ٻي طرح آهي. اهوئي سبب آهي جو ماڻهن کي شاهه جي شعر پڙهڻ ۽ ان جي معنيٰ سمجهڻ ۾ قدري مشڪلات ٿئي ٿي. شاهه جي ڪلامن ۾ عربي، سنسڪرت ۽ پراڪرت، بلوچي ۽ براهوئي زبانن جا لفظ گڏيل آهن. تنهنڪري شاهه جي سنڌي کي اهو ماهر سمجهي سگهندو جو عربي کان سواءِ مٿين ٻولين جو ماهر هجي. ميان نورمحمد ڪلهوڙي شاهه صاحب کي مولانا رومي جي مثنوي جو سونهري نسخو نذراني طور ڏنو هو. سنه 1167هه/1754ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي انهن ڏينهن جي نامياري عيدن رازي کان پنهنجي خرچ سان شاهه صاحب جي تربت مٿان عاليشان گنبذ اڏايو.

سنڌ جي سرتاج شاعر جو رسالو پهريان سنه 1866ع ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ جنهن سنڌي زبان جو گرامر تيار ڪيو هو، جرمني جي شهر لپسيا مان شايع ڪرايو هو. سنه 1867ع ۾ قاضي ابراهيم جو سنگي ڇاپو بمبئي ۾ پڌرو ڪيو ويو. سنه 1900ع ۾ سنڌ جي تعليم کاتي پاران هاڻوڪي سنڌي خط ۾ رسالو شايع ٿيو. سنه 1913ع ۾ مرزا قليچ بيگ تڪليف وٺي پنهنجو ڇاپو پڌرو ڪيو. تنهن کان پوءِ وقت بوقت شاهه جا رسالا شايع ٿيندا رهيا. منجهانئن ڀٽ ۽ بلڙي وارا قلمي نسخا قديم آهن. شاهه جي رسالي مان ڌاريا بيت ڪڍڻ ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جو سهرو ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي جي سر تي آهي. هن صاحب پنهنجي شاگرد علامه دائودپوٽه جي مدد سان شاهه جي رسالي جا ضخيم جلد تصنيف ڪري پير سيد غلام حيدر شاهه، سجاده نشين درگاهه ڪريمي جي ڪوششن سان هزهائينس مرحوم مير عبدالحسين ٽالپر جي مشهور جهوني قلمي نسخي سان بيتن جي ڀيٽ ڪري سنه 1924ع ۾ ڪمشنر سنڌ جي پريس مان رسالي جا جلد شايع ڪرايا. سندس شڪرادائي سنڌ جي مسلمانن پاران قاضي اسدالله شاهه اخبار روزانه الوحيد معرفت ڪئي. مٿين رسالن ۾ شاهه ڀٽائيؒ پنهنجي نوراني جمال ۽ جلال سان نظر اچي ٿو(1). ڪلهوڙن جي صاحبي وقت سنڌي ٻولي فقط گهريلو ٻولي هئي. مادري ٻولي مادري ٻولي نه هئي، نه ڪا صورتخطي مقررءِ نه وري سنڌي لکڻ جو ئي ڪو رواج هو. جيڪو ڪجهه لکيو ويندو هو سو عربي صورتخطي ۾ زيرن زبرن سان لکيو ويندو هو. ان کانسواءِ جيئن دستور آهي ته جڏهن به ڪا ٻولي علمي بڻجڻ ۽ زندهه رهڻ لاءِ قدم کڻندي آهي ته اها پهريان نظم ۾ قلمبند ٿيندي آهي. اهڙي طرح سنڌي ٻولي به شروعات ۾ نظم جو جامو پهري پوءِ اڳتي وڌڻ لڳي.

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي:

مخدوم محمد هاشمؒ سنڌ جو مشهور نامور بزرگ ۽ عالم صوفي ٿي گذريو. هن هستي تي اسان جو وطن بجا طور ناز ڪري سگهي ٿو. مخدوم محمد هاشم (المتوفي سنه 1174هه) جو والد عبداللطيف بن عبدالرحمان بن محمد قاسم بن خيرالدين الحارثي بٺوري جي شهر ۾ رهندو هو. ٺٽي ۾ پهچڻ کان پوءِ مخدومؒ جي علمي شهرت ۽ فضيلت جو آواز دور دراز هنڌن تي پهچڻ لڳو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙو سندس معتقدن ۾ شامل هو. مخدوم صاحب همت سان بدعتن ۽ بد رسمن جو خاتمو ڪيو. ميان غلام شاهه کيس ٺٽي جو قاضي القضاة جو عهدو ڏنو. سنه 1135هه ۾ مخدوم صاحب حج جي ارادي سان مڪي ۽ مدينه ڏانهن ويا. جتي مختلف علمائن جيئن ته شيخ عبدالقادر صديقي مالڪي، شيخ عبدين علي مصري، شيخ محمد ابوطاهر مدني وغيره کان حديث ۽ ٻين علمن جون سندون ۽ اجازتون حاصل ڪيون. واپسي وقت سورت بندر تي سيد محمد سعدالله سورتي کان بيعت وٺي خلافت جو خرقو ڍڪيائين. سنه 1137هه ۾ ٺٽي ۾ اچي وارد ٿيو. مخدوم صاحب اٽڪل ڏيڍ سؤ ڪتاب عربي، فارسي ۽ سنڌي  ۾ تاليف ڪيا. ڪجهه نالا مختصر طور ڏجن ٿا: 1. تفسير سوره تبارک، 2. تفسير عم و تبارک (سنڌي)، 3. مظهر الانوار في الصيام، 4. حيات القاري بلطراف البخاري، 5. فرائض اسلام فتح الڪلام، 6. حيات القلوب، 7. وصيت نامه، 8. الطريقه الاحمديته، 9. تمام العنايته، 10. السيف الجلي عن ساب النبي وغيره. مخدوم صاحب جو مقبرو مڪلي ٽڪري تي آهي(1).

علامه محمد معين:

علامه محمد معين بن محمد امين دَل قبيلي جي قديم ٺٽي وارن ملن جي خاندان مان هو. شاهه عبداللطيفؒ جو همعصر ۽ دوست هو. هجري 12 صدي جو صوفي، محدث ۽ شاعر ٿي گذريو. ٺٽي ۾ تعليم پرائڻ کان پوءِ ولي الهند شاهه ولي الله دهلوي جو وڃي شاگرد ٿيو. شيخ محي الدين ان عربي جو معتقد هو. نقشبندي طريقي ۾ شيخ ابوالقاسم نقشبندي جو مريد هو. سرود ۽ سماع مان به لطف ۽ لذت حاصل ڪندو هو. عربي ٻولي ۾ ڪماليات جيڪا علامه کي حاصل آهي، سا سندس ٻين همعصرن ۾ گهٽ نظر اچي ٿي. فارسي ۾ سندس تخلص تسليم ۽ سنڌي، هندي ۾ بيرانگي آهي. سيد علي شير قانع ”مقالات الشعراء“ ۾ سندس بيان بيحد عقيدتمندي سان ڏنو آهي. سندس تصنيف ڪيل ڪتاب مشهور آهن. جن مان ڪن جا نالا ڏجن ٿا:- (1) دراسات البيت جو 1866ع ۾ لاهور مان ڇپيو، اهو هن وقت ناياب آهي. اُن جو جواب مخدوم عبداللطيف ٺٽوي لکيو. (2) الحجة الجليلة (شينهن تي حضرت عليؓ جي فضيلت) جنهن جو رد مخدوم محمد هاشم لکيو، (3) نورالعين (امام حسينؓ جي ماتم جي جواز ۾) جنهن جو رد شيخ محمد حيات لکيو. (4) رفع الاشڪال، (5) ايقاط الوسنان، (6) وحدت الوجود و الموجود (اهي سمورا ڪتاب تصوف ۾ آهن)، (7) رساله اعتدالات الاربع، (8) حاشيه زبده المنطق، (9) الابداح، (10) الحق الصريح، (11) رفع العين وغيره.

شيخ محمد حيات:

شيخ محمد حيات سنڌيؒ  مدني (المتوفي 1163هه) جو پنهنجي وقت جو مجدد تسليم ڪيو ويو آهي ولد ملا ڦلاريو عادلپور تعلقي گهوٽڪي ۾ پيدا ٿيو ۽ اڳتي هلي عرب ۽ عجم جي استاد هجڻ جي عزت حاصل ڪيائين. طلب علم لاءِ حرمين شريفين هليو ويو. شيخ ابوالحسن محمد بن محمد صادق ڪبير کان علم حاصل ڪيائين ۽ سندس وفات کان پوءِ مسجد نبوي ۾ درس حديث ۽ وعظ جي مسند جو مالڪ ٿيو. سندس خدمت ۾ شام، مصر، هندستان ۽ مراڪش جي سوين عالمن حديث جي علم جي تحصيل ڪئي. علامه محمد معين وانگر سندس شاگردن جي فهرست تمام طويل آهي. تاريخن ۾ هيٺيان مشهور نالا اچن ٿا: شيخ احمد بن عبدالرحمان شاهي، شيخ محمد سعيد صغير، شيخ عبدالقادر خليل ڪرڪ، سيد عبدالقادر بن احمد، سيد غلام علي آزاد بلگرامي، شيخ محمد فاخر الله آبادي، شيخ ابوالحسن صغير، شيخ غلام حسين ٺٽوي مدني، مولانا خيرالدين محمد زاهد سورتي وغيره. منجهانئن مير آزاد بلگرامي جي تاريخ ”سبحة المرجان آثار هندستان“ تان چوٽي جا مؤرخ روشني وٺن ٿا(1). مولانا خيرالدين سورتي (المتوفي 1206هه) جو ڪتاب تصوف ۽ سلوڪ متعلق ”شواهد التجديد“ مشهور آهي(2). شيخ محمد حيات جي تصنيفات مان ڪن ڪتابن جا نالا ڏجن ٿا: 1. تحفة الانام في العمل بحديث النبي عليہ الصلواة و الاسلام، 2. الايفاف علي سبب الاختلاف، 3. شرح اربعين نووي، 4. رسالا رد بدعت تعزيه (ان ۾ علامه معين تي رد ڪيل آهي)، 5. شرح ترغيب ترهيب منذري، 6. النهي عن عشق المردان و النسوان (عشق مجازي تي رد) ان رسالي جو گهڻو حصو نواب سيد صديق حسن خان ڪتاب ”هداية السائل“ ۾ نقل ڪيو آهي. ڪي رسالا جناب پير صاحب جهنڊي واري جي ڪتبخاني ۾ موجود آهن ۽ بلڪل ناياب آهن. شيخ صاحب مدينه منوره جي قبرستان جنت البقيع ۾ مدفن آهي.

حاجي فقير الله علوي:

حاجي فقير الله علوي بن عبدالرحمان حنفي جلال آبادي (المتوفي 1195هه) جو سلسلهء نسب امام محمد بن حنيفه سان ملي ٿو. 1150هه ۾ پنهنجي وطن مان هجرت ڪري شڪارپور ۾ اچي رهيو جيڪو تڏهن افغاني علائقو هو. هزارن ماڻهن سندس ظاهري ۽ باطني علمن مان فائدو پرايو. ميان سرفراز خان ۽ مير نصير خان والي قلات، غازي احمد شاهه ۽ تيمور شاهه سندس مخلصن جي حلقي ۾ شامل هئا. کيس ڪتابن گڏ ڪرڻ جو شوق هو. سندس ڪتبخاني ۾ عرب ۽ عجم جا ناياب نسخا گڏ ٿيا هئا. هن گهڻائي ڀيرا حج ڪيو هو. عربي ۽ فارسي جو قادرالڪلام شاعر هو. جيتوڻيڪ هو وڏو صوفي هو. محي الدين ابن عربي جا ڪتاب مطالعي هيٺ رهندا هئس، جن ۾ همه اوست جي مسئلن جو بنياد وڌل آهي ۽ علامه معين الدين ٺٽوي همه اوست جي نعري کي بلند ڪرڻ وارو به سندس مخلص دوست هو. پر ان هوندي به جڏهن جهوڪ جي درويش صوفي عنايت الله همه اوست جو آواز بلند ڪيو ته سڀ کان پهريان حاجي فقير الله علوي هو، جنهن وقت جي حاڪم جو صوفي صاحب جي بي ديني ڏانهن ڌيان ڇڪايو هو(1).

مير علي شير قانع:

مير علي شير قانع ٺٽوي ولد مير عزت الله ٺٽوي (المتوفي 1203هه) شڪر اللهي سادات خاندان مان هو. ابتدائي تعليم کان پوءِ علامه معين الدين، مخدوم رحمت الله ٺٽوي ۽ وقت جي استاد مير حيدر ابوتراب وٽان تعليم حاصل ڪري سنڌ تي پنهنجي علميت جو سڪو ڄمايو. شاعري لاءِ سندس طبع موزون هئي، مظهري تخلص هئس(2). شاعرانه صنفن جو نه فقط ماهر هو، پر موجد به هو. سندس قابليت جي ڌاڪ ڪلهوڙا حاڪمن جي درٻار ۾ به ويٺل هئي. جن کيس گهرائي پنهنجو مقرب بڻايو. ميان نور محمد ۽ سندس فرزند مرادياب خان ۽ ان کان پوءِ ميان غلام شاهه جو علمي مصاحب ٿي رهيو. ميان مرادياب خان جي تخت نشيني جي موقعي تي 21 شعر نعتيه لکيا اٿس. اهو قصيدو سندس ”مقالات الشعراءِ“ ۾ نقل ڪيل آهي. مير قانع کان اڳ اهڙو قصيدو غازي اورنگزيب عالمگير اول جي تخت نشيني وقت سيد محمد باقر گيلاني لکيو هو. مير قانع کي تاريخ گوئي ۾ الهامي دسترس هئي. سندس سنڌ وارن تي وڏو احسان سندس ”تاريخ تحفة الڪرام“ ٽن جلدن ۾ آهي. سچ پچ ته جيڪڏهن اڄ سنڌ وارن جي هٿن ۾ اها مختصر تاريخ نه هجي ها ته پوءِ ڪجهه به نه هجي ها. انهي تاريخ جي روشني ۾ اسين قديم سنڌ کي ڏسي سگهون ٿا. سندس تصنيفات مان ڪن ڪتابن جا نالا ڏجن ٿا: (1) زينت الاخلاق، (2) نسخه غوثيه، (3) مڪلي نامه، (4) مثنوي ختم الملوڪ، (5) قصاب نامه، (6) زبده المقامات، (7) زين الافڪار، (8) تذهيب الطباع، (9) مختارنامه، (10) معيار سالکان طريقت، (11) قصه کامروپ، (12) چهار منزله، (13) مثنوي ڪرشمه قدرت، (14) حديقة الاولياء، (15) مثنوي قضا و قدرت، (16) رساله در صنائع و بدائع، (17) روضة الانبياء، (18) بوستان بهار، (19) لب لباب تاريخ ڪلهوڙه، (20) رسالا شرح معما، (21) ديوان قانع، (22) مقالات الشعراء. منجهانئن ڪي نظم ۾ آهن ته ڪي نثر ۾ آهن. فقط تحفة الڪرام ڇپيل آهي. مختارنامه ٺٽي جي سيدن وٽ آهي. مقالات الشعراء جو به فقط هڪ نسخو مصنف جي هٿ اکرن سان دنيا ۾ موجود آهي.

محمد محسن ٺٽوي:

محسن ٺٽوي ولد نورمحمد صباغ (المتوفي 1163هه) سنڌ ۾ فارسي جو باڪمال شاعر ٿي گذريو. مير مقبل اصفهاني جو ڪجهه وقت ٺٽي ۾ اچي رهيو هو، ان کان ڪلام جي اصلاح ڪرائي پوءِ اڳتي هلي پاڻ استاد جي درجي کي پهتو. سندس شعر خواجه حافظ جي پائي کي وڃي پهتو. سنڌ مان نڪري سندس شعر دهلي ۽ دکن تائين پهتو. سندس همعصر شاعر ۽ غير شاعر هن جي ڪلام کي نهايت شوق ۽ آرزو سان نقل ڪندا هئا. ڪجهه وقت ٺٽي جي حاڪم مير لطف علي خان جي صحبت ۾ رهيو. آخري عمر ۾ ميان نور محمد وٽان کيس 15 رپيا ماهوار پگهار مقرر ٿيو. سندس ڪجهه ڪتابن جا نالا ڏجن ٿا: (1) عقد دوازده گوهر، (2) طراز دانش، (3) ديوان قصائد، (4) اعلام ماتم يا حمله حسيني، (5) محڪ محسن. محڪ محسن کان سواءِ ٻيا سمورا ناپيد ٿي ويا آهن. سندس نظم ۽ شعر جا نمونا مقالات الشعراءِ ۾ موجود آهن.

مخدوم عبدالواحد سيوستاني:

حضرت مخدوم عبدالواحد سيوستاني سنڌ جي مشهور فقيه عالمن مان اهل الله بزرگ هو. سندس ولادت 1150هه ۾ ٿي. مخدوم صاحب پنهنجي وقت ۾ سنڌ جي سڀني فقيهن ۾ ممتاز ۽ وڏي پايه جو عالم ليکبو هو، کيس ”نعمان ثاني“ ڪري سڏيو ويندو هو. فتويٰ ۽ تقويٰ جا صاحب ۽ ڪشف وارا بزرگ هئا. سندن شاگرد رشيد محمد افضل سندن فتوائن کي گڏ ڪندو رهيو، جو ”بياض واحدي“ جي نالي سان سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي.

مخدوم محمد عابد:

حضرت محمد عابد سيوستاني انصاري (المتوفي 1258هه) مدينه شريف جي فقيهائي محدثين مان بزرگ ۽ استاد الوقت ٿي گذريو. مخدوم عبدالواحد جي شاگردن مان هو. مخدوم محمد انس راهوجو، مخدوم عبدالرحيم سيوستاني، قاضي محمد باقر ڀٽي، مخدوم عبدالحليم بن يوسف سيوستاني، مخدوم حامد ڪمال الدين بن صلاح الدين بوبڪائي (مخدوم محمد جعفر بوبڪائي جو والد) قاضي اسماعيل بن نصيرالدين متعلوي اهي سڀئي بزرگ هڪ ٻئي جا معاصر هئا ۽ گهڻو ڪري سيوهڻ ۾ گڏ رهندا هئا. مخدوم صاحب بياض واري جون تصنيفات تمام گهڻيون آهن. مثلاً (1) ديوان واحدي، (2) انشاء واحدي. سندس ديوان هينئر ناياب آهي. باقي انشاءِ واحدي فارسي علم ۽ ادب جو هڪ بينظير ڪتاب آهي. پاٽ ۽ سيوهڻ جا مخدوم سندن ڀاءُ ميان محمد حسن جو اولاد آهن. سندس تخلص واحدي هو. سنه 1224هه ۾ انتقال ڪيائون. سندس گهڻائي مريد هئا. همعصر علمائن مان قاضي محمد شڪارپوري سان سندس علمي مباحثا رهندا هئا. رحمة الله عليهم

ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ سنڌ:

ڪلهوڙن جي صاحبي ۾ سنڌ جو انتظام ساڳيو هو، جهڙو مغلن جي ڏينهن ۾ هو. ڪلهوڙا زرعي پيشي کان واقف هئا. ڊيل هوسٽ سنڌ جي واهن مان پراڻ، نارو، اڙل، ڦليلي، گوني، پيڃارو، گانگرو، لکي، سيتا، بگهاڙ، داديجي، نور واهه نالا ڏنا آهن. ان ڪري سنڌ جي پوکن ۾ اضافو ٿيو. سندن صاحبي ۾ سنڌ جي سالياني اُپت اسي لک رپيا هئي. سنه 1739ع ۾ ميان نور محمد نادر شاهه کي ساليانو 21 لک رپيا خراج ڀريندو هو. وري جڏهن سنڌ احمد شاهه ابدالي جي زماني ۾ قنڌار جي ماتحت ٿي، تڏهن غازي احمد شاهه کي ساليانو سنه 1747ع ۾ 14 لک رپيا خراج ڀريندا هئا. سنه 1760ع ۾ 11 لک رپيا ۽ تيمور شاهه کي 1775ع ۾ 7 لک رپيا ساليانو ڀرڻ لڳا. سکر، بکر ۽ مغولي علائقو شڪارپور سميت افغان حڪومت جي قبضي هيٺ هو. شڪارپور کان سواءِ باقي علائقي جي سالياني آمدني 65 هزار رپيا هئي ۽ شڪارپور جو خراسان جي واپار جو مرڪز هو، تنهن جي سالياني آمدني 5 لک 93 هزار روپيا هئي. تيمور شاهه کان پوءِ زمان شاهه مٿئين علائقي جي حفاظت لاءِ 17 سؤ گهوڙي سوار فوج مقرر ڪئي هئي. ڪراچي جو بندر خان نصير محمد خان قلات جي ماتحت هو. سندس سالياني اُپت 6 لک 16 هزار رپيا هئي(1). عمرڪوٽ مان ڪلهوڙن کي ساليانو 23 هزار رپيا آمدني هئي. سنڌ جو مال ٺٽي، شڪارپور، سورت ۽ ملتان جا صراف ٻاهرين ملڪن ڏانهن نيڪال ڪندا هئا ۽ ڌارين ملڪن جو مال گهرائيندا هئا. ڪابل ۽ قنڌار جي افعان واپارين کي سوتي اڍائي رپيا محصول ڀرڻو پوندو هو. ميان سرفراز خان محصول ۾ اضافو ڪيو، جنهن ڪري گهڻائي واپاري سنڌ جي شهرن مان لڏي ويا. ميان غلام شاهه سنڌ جي واپار کي ترقي ڏيارڻ لاءِ هر ڪا ڪوشش ورتي. مگر ميان سرفراز جي ڏينهن ۾ ڪلهوڙن ۽ بلوچن جي اڻبڻت ڪري 14- آڪٽوبر 1775ع ۾ انگريزن ٺٽي جي واپار جي ڪوٺي بند ڪري ڇڏي. ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ مغلن جون سونيون اشرفيون، چاندي جا رپيا ۽ پتل جا دام جاري هئا. مغلن جي ڏينهن ۾ ٺٽي ۾ ضربخانو هو. اڪبري اشرفي جي سنڌ ۾ قيمت 9 رپيا هئي ۽ عالمگيري اشرفي جي قيمت 16 رپيا هئي. تنهن کانسواءِ بيجاپور ۽ گولڪنڊه جون اشرفيون جن کي ”پگوڊا“ سڏيندا هئا، هلندڙ هيون. سندن قيمت ساڍا ٽي رپيا هئي. گجرات جو چاندي جو سڪو محمودي جنهن کي لاڙي سڏيندا هئا، سنڌ ۾ جاري هو. في رپئي جي قيمت 12 پينس هئي. انهن سڪن مان مغلن جي رپين جي چاندي خالص هئي. سورت جو سون ولائت ۾ 12 کان 14 سيڪڙو منافع سان وڪامندو هو. سنه 1774ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني گنسيٽ نالي گوئا جي هڪڙي سوناري کان پنهنجو سڪو تيار ڪرايو. 18هين صدي ۾ سنڌ جا واپاري خوشي سان ڪمپني جو سڪو وٺڻ لڳا. نه ته اڳ ايراني سڪا سنڌ جي بندرن تي مٽائي مغليه سڪو وٺندا هئا. غازي احمد شاهه ابدالي پنهنجو سڪو رائج ڪيو هو، جنهن تي هيٺين عبارت لکيل هئي:(1)

 

”حکم شد از فادر بي چون باحمد پادشاه
سکہ زن بر سيم و زر از موج ماهي تا بماه“
 

تيمور شاهه جي سڪن تي هيٺين عبارت لکيل هئي(2).

 

”چرخ مي آرد طلا و نقره از خورشيد و ماه
تا کند بر چهره نقش سکہ تيمور شاه“
 

ڪلهوڙن ۽ بلوچن جي اڻبڻت ڪري، ڪلهوڙا قنڌار کي سالياني ڍل پياري نه سگهيا. جنهن ڪري تيمور شاهه پاران سنه 1780ع ۾ سر مدد خان سنڌ تي ڪاهي ڦرلٽ ڪئي، جنهن ڪري سنڌ جي امن امان ۾ خلل پئجي ويو. ڏڪر ۽ مفلسي ڪري سنڌ جا ماڻهو تباهه ٿيڻ لڳا. آخر ٽالپرن سنه 1783ع ۾ سنڌ فتح ڪري، ملڪ ۾ امن امان بحال ڪيو.

(1) Kalichbeg Fredunbeg: History of the Sindh, Vol.II, P.180 Karachi, 1901

(2) Shahmatali: History of Bahawalpur, PP.65-66

(3) J.Tod: Rajasthan, vol.II, P.1289

(1)  تاريخ خيرپور: شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ، 1924

وقائع راجستان: مولوي نجم الغني، جلد: 2، ص. 50-48 همدرد پريس لکنؤ

(1) H.R. Gupta: Latter Moghal History of the Punjab, P.272

(2)  تاريخ حسين شاهي: سيد امام الدين حسيني، ص. 113-110، فارسي 1798ع

تاريخ سلطاني: سلطان محمد خان دراني، ص. 56-155، ذڪر سردار مدد خان

(3)  لب تاريخ: خان بهادر خداداد خان، ذڪر مدد خان جي سنڌ تي ڪاهه

(1)  شاهنامه سنڌ عرف ڪلهوڙن جي هار، ذڪر مدد خان پٺاڻ جي ڪاهه.

(1)  شاهنامه سنڌ عرف ڪلهوڙن جي هار، ذڪر جنگ هالاڻي

(2)  تاريخ خيرپور، ذڪر مير سهراب خان.

نوٽ: سنه 1901ع واري هندستان جي آدمشماري موجب سنڌ ۾ ڪلهوڙن جو ڪل تعداد 23 هزار هو.

(1) تاريخ بلوچيان، ذڪر کوسا

Ceusus of India, 1901, Vol. IX, Sindh tribes CHP. VIII, PP. 203-205

(1) شاهه جو رسالو، جلد: 1 ۽ 2.

(1) الوحيد ”سنڌ آزاد نمبر“، 1936ع

(1) عرب ۽ هند جا تعلقات: سيد سليمان ندوي، باب 1. مير غلام علي جي ٻي تاريخ ”خزانهء عامره“ مشهور آهي.

(2) يادِ ايام: مولانا حڪيم سيد عبدالحئي، ذڪر مولانا خيرالدين، ص 63-62

(1) الوحيد ”آزاد سنڌ نمبر“، 1936ع، ص 36، ذڪر حاجي فقير الله علوي

(2) مير علي شير قانع ٺٽوي جا ٽي جلد ”تحفة الڪرام“ مطبع ناصري بمبئي جا منهنجي ڪتبخاني ۾ موجود آهن. مٿيون ناياب نسخو مون وٽ مير محمد بخش خان ماڻڪاڻي ٽالپر بطور تحفه جي روانو ڪيو.

(1) Dr. H.R. Gupta: Latter Moghal History of the Punjab, P.272

(1)  تاريخ حسين شاهي: سيد امام الدين حسيني، ص. 21، تاريخ سلاطين افغانان: احمد يادگار، ص. 143، 1835ع.

(2) Sayed Mohammed Latif: A History of the Punjab, P.289

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org