سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ ۾ هندڙ بلوچ قبيلا

باب:

صفحو:4 

سمن جا تختگاهه:

سمن جو قديم تختگاهه ساموئي (سما نگر) مڪلي ٽڪري کان ٽي ميل اُتر طرف هو(2). سندس آثار دڙن جي صورت ۾ ٺٽي کان ٽي ميل اُتر اولهه طرف آهن. ڪلان ڪوٽ ٺٽي کان چار ميل ڏکڻ اولهه طرف مني ميل جي ايراضي ۾ ٽڪر تي هو. ڪنهن وقت سندس چؤگرد پاڻي هو. هينئر سندس اُتر الهندي ۾ ڍنڍ آهي. ٽڪريءَ جي هيٺان ديوار جا ڀڳل حصا پيل آهن. ائين معلوم ٿئي ٿو ته سڪندر مقدوني جي زماني ۾ قلعي جي چؤگرد ڳوٺ هئا. پوءِ باهه لڳڻ  ڪري سڙي ويو. انگريزن کي قلعي مان سڙيل ڪڻڪ ۽ جَوَن جا داڻا هٿ لڳا هئا(3).

ڄام اناڙ:

اڳ ڏيکاري چڪا آهيون ته نيرون ڪوٽ جي راجا ڀنڊ ڪرسمنيه عربن جي ڪاهه وقت مڪران جي بلوچ سردار شاهه برق وٽ پناهه گزين ٿيو هو. پوءِ پنهنجن قبيلن سميت مسلمان ٿيو هو. سما مڪران ۾ رهندا هئا. ڄام اُنڙ بن بابنيه کي سمن مڪران کان گهرايو هو(1). لسٻيلي جا رونجها به ڄام اناڙ جو اولاد آهن. ڄام اناڙ سما نگر مان سمن جي فوج وٺي سيوهڻ تي ڪاهي اُتي جي هندو راجا ملڪ رتن جاڙيجي کي 1351ع ۾ قتل ڪري سيوهڻ تائين قبضو ڄمايو. سندس احوال شيخ ابن بطوطه ڏنو آهي، جو اُن وقت سيوهڻ ۾ موجود هو.

سمن جي گجرات جي مظفريه سلاطين سان مائٽي:

گجرات جا مظفريه خاندان جا سلاطين سمن وانگر نو مسلم سورج بنسي راجپوت هئا. سلطان مظفر جو پيءُ سڌارن حضرت مخدوم جهانيا جهان گشتؒ جي هٿ تي بيعت ڪئي هئي. سڌارن ٿانيسر ۾ رهندو هو. هڪڙي ڏينهن سلطان فيروز شاهه شڪار تي ويو. سڌارن ۽ سندس ڀاءُ ساڌوءَ سلطان جي مهماني ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ڀيڻ سان سلطان جي شادي ڪرائي. سلطان خوش ٿي سڌارن کي وجيه الملڪ ۽ ساڌوءَ کي شمشير خان ۽ سڌارن جي پٽ مظفر کي همايون جا لقب ڏنا. مظفر شاهي سمن کان طاقتور هئا(2). سمن سلاطين مان ڄام جونا گجرات جي مظفريه سلاطين سان مائٽي جو رستو قائم ڪري ويو. سندس ٻن نياڻين مان هڪڙي شاهه عالم کي ڏني هئائين، جو گجرات جو بلندپايه بزرگ هو. شاهه عالم جو نالو سراج الدين محمد بن عبدالله هو، جو برهان الدين عبدالله بن محمود جو فرزند هو. برهان الدين (قطب عالم) حضرت قطب عالم سيد جلال الدين حسين بخاري (مخدوم جهانيا جهان گشت) جو پوٽو هو. ٻي ڌيءَ سان سلطان محمد شاهه گجراتي شادي ڪئي هئي. محمد شاهه کي ٻه زالون هيون. هڪڙي بيگم مان احمد شاهه نالي پٽ هو، جو کانئس پوءِ تخت تي ويٺو. سنڌي بيگم مان فتح خان نالي پٽ ڄايو هو، جنهن پوءِ محمود بيگڙه جي لقب سان دٻدٻي سان گجرات تي حڪومت ڪئي هئي. سندس خطبو دکن جي چئن اسلامي رياستن ۾ به جاري هو(1).

ڄام جوناه 1354ع کان 1367ع تائين حڪومت ڪئي. هن بکر تائين ملڪ فتح ڪيو، پر پوءِ سلطان علاؤالدين جي ملتان جي نائب کان سمن شڪست کاڌي. ڄام تماچي بن ڄام انڙ 1367ع کان 1368ع تائين حڪومت ڪئي. هو ملڪ تاج الدين ڪافوري ۽ تاتار خان هٿان قيد ٿي دهلي ڏانهن ويو. سنه 1368ع ۾ ڄام بابينه بن اناڙ جي ڏينهن ۾ سمن ڪا فتوحات ڪانه ڪئي.

سمن جي خودمختياري:

ڄام خيرالدين سنه 1383ع ۾ تخت تي ويٺو. هن عدل انصاف سان حڪومت ڪئي. ڄام بابينه بن ڄام خيرالدين جي ڏينهن ۾ فيروز شاهه تغلق سنڌ ۾ آيو. ڄام بابينه کي قيد ڪري دهلي وٺي ويو، پوءِ سيد جهانيا جهان گشت ٻنهي سلاطين جو پاڻ ۾ راضي نامو ڪرايو. ڄام بابينه دهلي مان پروانو وٺي موٽي آيو، سما خودمختيار ٿي حڪومت هلائڻ لڳا(2).

ڄام تماچي ۽ نورئين:

ڄام تماچي بن خيرالدين ڪينجهر جي ڍنڍ جي گنڌرا (مهاڻن) جي هڪڙي ڇوڪري نوري سان شادي ڪئي. مهاڻن تي محصول معاف ٿيو. ڪينجهر جي ڍنڍ تي ڄام راڻيءَ لاءِ هڪڙو محلات اڏايو. سندن قبرون مڪلي ٽڪريءَ تي شيخ حماد جمالي جي مقبري جي هيٺان گڏوگڏ آهن. سمن جي صاحبي جو عشقيه قصو آهي.

امير تيمور جي ڪاهه:

ڄام فتح خان بن سڪندر جي ڏينهن ۾ سنه 800هه/1398ع ۾ امير تيمور جي پوٽي مرزا پير محمد بلوچستان فتح ڪرڻ کان پوءِ ملتان پهتو. امير تيمور دهلي، مٿرا ۽ بنديل کنڊ تائين ملڪ ڦري سنه 1399ع ۾ سمرقند ڏانهن ويو. بکر جي هڪڙي سيد ابوالغيث جي سفارش سان سنڌ تيمورين جي ڪاهه کان بچي وئي(1).

ٺٽي جو بنياد:

ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو بن ڄام بابينه سنه 896هه/1490ع ۾ گاديءَ تي ويٺو. هن 900هه ۾ نئون تختگاهه ٺٽو تعمير ڪرايو، جو سڄي هندستان ۾ واپار ڪري مشهور ٿيو. سندس ڏينهن ۾ سمن جو زمانو علم ۽ فيض ڪري مشهور ٿيو. سنڌي زبان جي خبر ٺٽي جي مشهور صوفي عالم قاضي قاضن جي ڪتاب ”بيان العارفين“ مان پئجي سگهي ٿي. سندس ڏينهن ۾ سيد ميران محمد مهدي جونپوري گجرات کان ٺٽي ۾ وارد ٿيو. بادشاهه هن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو، پر وزير دريا خان جي چوڻ تي آزاد ٿيو. سيد ميران محمد افغانستان جي شهر فرح ۾ وفات ڪئي. بوسعيد بليدي سندس مريد ڪري مڪران ۾ ذڪري فرقه جو بنياد پيو(2).

بلوچستان ۾ سمن جي زور جو گهٽجڻ:

بلوچستان جي علائقن جهالاوان ۽ مڪران ۾ جدغالن (سنڌين) جو گهڻو تعداد رهندو هو. اُهي وقت بوقت سومرن ۽ سمن جو دم ڀريندا هئا. بلوچ اهڙي اقتدار کي پاڻ لاءِ بيعزتي سمجهندا هئا(3). جدغالن جي خلاف جهالاوان جي ڳوٺ نغار مان مير عمر ميرواڙي براهوئي استقلال جو جهنڊو بلند ڪيو. هن جنگ ۾ مينگلن، زهرين ۽ خاران جي نوشيرواني ملڪن به بلوچن جو طرف ورتو. جدغالن شڪست کاڌي. مڪران، ڪولوه، مشڪي ۽ خاران تائين براهوئي ڪنفيڊريسي جون حدون وڌي ويون. براهوئي مجاهد مير هالا ۽ مير توهو جيڪي هن ويڙهه ۾ شهيد ٿيا، تن جون قبرون سلامبڪ رياست جي ڳوٺ شمشان ۾ مٿين ويڙهه جون يادگارون آهن(4).

مير شهڪ جي ڪــڇ تي قبضو:

سمن جي حڪومت جون حدون ڪاهان تائين هيون. مير جلال خان جي اولاد مان مير شهڪ گولا قوم ۽ ڪڇيءَ جي وڏيرن کي شڪست ڏئي سمن کان سيوي، ڍاڍر، جهل، حب، پوه، موه، ناڙي، گاج، ڌنڙ (ڌڙي) ڀنڙ علائقا فتح ڪيا. بلڪ ملتان، اُچ، سيوهڻ ۽ بکر کي بلوچن جي سيلاب مان خطرو هو. علاؤالدين خلجي 10 هزار لشڪر ارقلي خان جي هٿ هيٺ بلوچن جي فسادن کي روڪڻ لاءِ روانو ڪيو هو(1). سيوي رندن جو تختگاهه هو ۽ ڍاڍر ۽ گنج آبه لاشارين جي بيٺڪ هئي. ٻئي بلوچن جا زبردست قبيلا هئا.

مير شهڪ جو ڪڇ تي قبضو:

ڪڇي ۾ بيٺڪن جوڙڻ کان پوءِ رند جي سردار مير چاڪر خان رند بن شهڪ جي لاشارين جي سردار مير گهرام سان گوهر جتڻي جي سوال ڪري ٽيهن سالن تائين جنگ لڳي. هن جنگ ۾ قنڌار جي ارغون والي ذوالنون بصري، سمن، ڀاٽين، ناهرن، لاشارين جو طرف ورتو. بلوچن جا قبيلا جيڪي هن وقت هيلمند کان هانسي، حصار ۽ نربدا تائين پکڙيل هئا، تن سڀني هن ويڙهه ۾ حصو ورتو. لاشارين شڪست کائي گجرات ۽ سنڌ ڏانهن هجرت ڪئي(2). هن وقت گجرات ۾ سمي ۽ وراهي ٻه ننڍڙيون بلوچي رياستون اُن زماني جون يادگارون آهن(3).

سمن پاران بلوچن جي جوڌپور سان جنگ:

سنه 1459ع ۾ راجا جوڌا، جوڌپور جو شهر تعمير ڪرايو. اڳ مارواڙ جو تختگاهه ستلمير پوڪران کان پنجن ميلن تي هو. بلوچن کي سمن جي صاحبي ۾ وڏا عهدا مليل هئا. هن پهريون گهمرو جوڌپور تي ڪاهه ڪئي. هن معرڪي ۾ جوڌا جو پٽ سنتل مارجي ويو. ميرا ٻائي ۽ چتوڙ جو راجا جئمل جنهن تي اڪبر ڪاهه ڪئي هئي، سي هن خاندان مان هئا(1).

 

سمن پاران بلوچن جي گجرات سان جنگ:

سلطان محمود بيگڙهه سنه 1459ع/1513ع تائين گجرات تي دٻدٻي سان حڪومت ڪئي. سمن کي هر وقت مظفريه سلاطين کان خوف رهندو هو. تنهنڪري هنن بلوچن جا چار هزار ڪٽنب سنڌ جي ڏکڻ اوڀرندي واريءَ ڪنڊ تي ويهاريا هئا. اهي بلوچ خانه بدوش چوپائي مال تي گذران ڪندا هئا. برسات جي مند ۾ آبو ڏونگر ٽپي مالوه ۽ نربدا جي شاداب علائقن تائين گشت ڪندا هئا. تنهن کانسواءِ گهوڙن جو به واپار ڪندا هئا. وقت سر ڦرلٽ به ڪندا هئا. سلطان محمود بيگڙه مصطفيٰ آباد جو نئون شهر تعمير ڪرايو. جت نوابن ۽ ميرن امحلات تعمير ڪرايا. سرحدي بلوچ احمد آباد ۽ مصطفيٰ آباد ڏانهن ويندڙ سوداگرن جي قافلن کي لٽي مال جبلن جي غارن ۾ لڪائيندا هئا. پوءِ گجرات جي گوجرن ۽ ڪڇين کي هٿيارن جي عيوض مال ڏيندا هئا. واپار جي رستن بند ٿيڻ کانپوءِ سلطان محمود بيگڙه ملڪ جلال الدين کي محافظ خان جو خطاب ڏئي احمد آباد مٿان ڪوٽوال مقرر ڪيو. هن هڪڙي ڀيري پنج سؤ ڌاڙيل بلوچ گرفتار ڪري سوليءَ تي لٽڪايا، مگر لُٽ مار جو سلسلو بدستور جاري رهيو. سنه 879هه سلطان محمود بيگڙه مضبوط توبخاني سان بلوچن تي ڪاهه ڪئي. بلوچ بقول فرشتا مٿن سان ڪفن ٻڌي چوويهن هزارن جي تعداد ۾ مقابلي ڪرڻ لاءِ نڪتا. مگر توبخاني جي خوف ڪري سندن سردار اچي پيش پيا. اُهي گهڻو ڪري رند، ڪلمتي ۽ کوسا هئا ۽ اُهي شيعا هئا. سلطان کين حنفي فقه جي تعليم ڏيڻ لاءِ احمد آباد جا ڪي علماءَ مقرر ڪيا هئا مگر لٽ مار جو سلسلو جاري رهيو. سنه 880هه ۾ سلطان ٻيو دفعو مٿن ڪاهي غارن مان مال هٿ ڪيو. اڳ حج ڏانهن ويندڙ قافلا بند هئا سي وري جاري ٿيا(1). سلطان پنهنجي والده جي يادگار لاءِ ڀوڏيسر ۾ هڪڙي سنگ مرمر جي مسجد تعمير ڪرائي هئي. ڪي مؤرخ لکن ٿا ته سلطان ڪڇ ۽ ٿرپارڪر تي به قبضو ڪيو هو(2).

بلوچن جي پنجاب تي حڪومت:

امير تيمور صاحبقران جي موت کان پوءِ هندستان ۾ طوائف الملوڪي جو دور شروع ٿيو. اٽڪل چوويهه ڌار ڌار رياستون هيون. امير تيمور پنجاب جي حاڪم سيد خضر خان کي دهلي سپرد ڪري ويو. سنه 817هه/1414ع ۾ دهليءَ تي سيد خاندان جي حڪومت شروع ٿي. ساداتن ڪل ٽيهن ورهين تائين حڪومت ڪئي. علاؤالدين عالم شاهه پويون فرمانروا هو. جنهن سنه 847هه/1443ع ۾ پنجاب جي لوڌي حاڪم بهلول کي دهليءَ جي حڪومت سپرد ڪري پاڻ گوشه نشين ٿيو. سنه 855هه/1451ع ۾ بهلول دهلي جي تخت تي ويٺو. خضر خان ملتان جي حڪومت شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني ؒ جي درگاهه جي مجاور شيخ يوسف کي سپرد ڪئي هئي. راءِ شيرا جو اگني ڪل راجپوتن مان سولنڪي هو تنهن دغا سان شيخ يوسف کان ملتان هٿ ڪري سنه 1443ع ۾ قطب الدين جو لقب اختيار ڪيو. سندس پويان لانگاه سڏبا هئا.

مرزاڻي يا دوداڻي بلوچ:

ڄام نظام الدين (نندو) جا لانگاه سلاطين سان دوستانه تعلقات هئا. سلطان حسين بن قطب الدين لانگاه ناهرن ۽ ڀاٽين جي خوف کان مڪران مان مير سهراب بن مير ممند بن دودا بن مير بيگ لاشاري کي گهرائي ڪروڙ ڪوٽ ۽ ڌن ڪوٽ بطور جاگير جي ڏنا. شيخ يوسف بهلول خان لوڌي وٽ دانهن کڻي ويو جنهن پنهنجي پٽ باربڪشاه جي هٿ هيٺ لشڪر ڏياري موڪليو، پر سهراب خان کان شڪست کائي موٽيو. مير سهراب جي ٽن پٽن فتح علي خان، غازي خان ۽ اسماعيل خان ٽرنس انڊس علائقا ناهرن کان فتح ڪيا. دوداڻن ٽن صدين تائين حڪومت ڪئي(1).

سنڌ تي ارغونن جو قبضو:

ارغون چنگيز جي اولاد مان هئا. ارغون جو پٽ محمود غازان سنه 694هه ۾ تبريز جو حاڪم هو. هي پهريون مغل هو، جيڪو ڪلمه توحيد پڙهي مسلمان ٿيو هو. سندس شجره هن ريت آهي: محمود غازان بن ارغون بن ابا قاآن بن هلاڪو بن طولي بن چنگيز خان. ارغون شاهه امير تيمور جي اولاد پاران امير الامرا هو. امير ذوالنون مصري جو پيءُ امير تيمور سان فتح اصفهان وقت همرڪاب هو. ذوالنون هرات جي مغل والي سلطان مرزا حسين بائقارا پاران قنڌار جو والي هو ۽ سندس ننڍي پٽ شهزاده بديع الزمان جو اتاليق به هو. ارغونن جي دهليءَ جي مغلن ۽ بلوچن سان مائٽي هئي. مثال لاءِ مير بيورغ رند امير ذوالنون بصري جي ڌيءَ شهزادي گران ناز سان شادي ڪئي هئي. اها شادي محبت جي ذريعي ٿي هئي، تنهن ڪري ارغونن جي بلوچن سان دشمني هئي(2).

شاهه بيگ جو سيوي تي قبضو:

بابر هن وقت ڪابل هٿ ڪيو هو. سندس اکيون قنڌار تي کتل هيون تنهنڪري شاهه بيگ بن ذوالنون بصري بلوچن جي ٽيهن سالن واري ويڙهه جي ڪمزوريءَ مان فائدو وٺي گرم سيل، شال، پشين تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ سنه 890هه/1484ع ۾ رندن جي تختگاهه سيوي تي قبضو ڪيو. پنهنجي ڀاءُ سلطان محمد کي سيوي مٿان حاڪم مقرر ڪيائين. ڄام نظام الدين پنهنجي قابل سپهه سالار درياءَ خان جي هٿ هيٺ سيوي تي لشڪر چاڙهي موڪليو. هيءَ جنگ چانڊوڪي پرڳڻي ۾ لڳي. درياءَ خان، مير چاڪر خان رند جي مدد سان ارغونن کي شڪست ڏني. سلطان محمد مارجي ويو(1).

مرزا عيسيٰ جو بکر تي قبضو:

ذوالنون بصري ترخانن کي بلاد غور مٿان حاڪم مقرر ڪيو هو. شاهه بيگ مرزا عيسيٰ ترخان کي بکر تي چاڙهي موڪليو، جنهن بکر جي نواب قاضي قاضن کان مٿيون قلعو فتح ڪيو. حقيقت ۾ بلوچن جي شڪست ڪري سما حڪومت زوال کي ويجھو پوندي وئي. شاهه بيگ فاضل بيگ ڪوڪلتاش کي بکر حوالي ڪري سيوهڻ فتح ڪري خواجه بيگ کي مقرر ڪري موٽي قنڌار ڏانهن ويو.

شاهه بيگ جو ٺٽي تي قبضو:

سنه 1508ع ۾ ڄام نندي وفات ڪئي. هو ديندار ۽ علم پرور هو. سندس ڏينهن ۾ هرات ۽ شيراز کان علمائن اچي سنڌ کي وسايو. اهي علماء سڳورا عام ۽ خاص کي تهذيب ۽ اخلاق جا سبق سيکاريندا هئا. سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جا وڏا به امير تيمور سان گڏ سنڌ ۾ وارد ٿيا هئا(2). سمن ۾ نااتفاقي ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي ڏينهن ۾ پئجي ويئي هئي. سمن جي ٻن سردارن ناراض ٿي بايزيد ۽ ابراهيم ملتان جي لانگاه سلطان وٽ پناهه ورتي هئي، جن کي سورڪوٽ ۽ اُچ ۾ لانگاه سلطان جاگيرون ڏنيو هيون.(3) ڄام نندي کانپوءِ

سندس ننڍو پٽ ڄام فيروز ناتجربيڪار ۽ عياش هو. ڄام سنجر جي پوٽي صلاح الدين گجرات جي حاڪم مظفر شاهه کان لشڪر وٺي فيروز سان جنگ ڪئي، پر درياء خان کان شڪست کائي گجرات ڏانهن ويو. تنهن کانپوءِ ڄام فيروز غلطي ڪري ڪن مغلن کي پاڻ وٽ نوڪر رکيو، جن مان مير قاسم ڪيبڪي شاهه بيگ ارغون کي ٺٽي تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ لکيو. فاضل بيگ ڪوڪلتاش سيوهڻ جي ويجھو ٽلٽي جي جنگ ۾ درياء خان کي شڪست ڏني. پوءِ شاهه بيگ لڪيءَ جي جبلن جي رستي ٺٽي تي ڪاهه ڪئي. سنه 928هه/1519ع ۾ ٺٽي جي جنگ ۾ درياء خان مارجي ويو. ارغونن شهر ۾ ڦرلٽ شروع ڪئي. آخر قاضي قاضن جي درخواست تي شهر ۾ امن امان ٿي ويو. ساڳي سال اگهم جي ڳوٺ ۾ شاهه بيگ ارغون وفات ڪئي. هن بکر جي آس پاس رهندڙ بلوچن کي دغا ڏئي مارايو(1). الور جي ڦٽل شهر جي سرن مان بکر جو قلعو تعمير ڪرايو. سندس پٽ مرزا شاهه حسين نصرپور ۾ تخت تي ويٺو. خطبو ظهير الدين بابر جي نالي تي پڙهايائين. هن بلوچن ۽ لانگاهه جي مدد سان اُچ ۽ ڏراور فتح ڪيا. ڏراور جي قلعي مان کيس وڏو خزانو هٿ لڳو. ملتان وارن بغاوت ڪئي، جنهن تي مرزا شاهه حسن ملتان تي ڪاهي لانگاهه حڪومت جو خاتمو ڪري ملتان مرزا ڪامران بن بابر کي جاگير طور ڏنو(1). مير چاڪر خان رند سنڌ جي اُتر الهندي وارن پرڳڻن تي ڪاهون ڪرڻ ۽ بلوچن کي منتظم ڪرڻ لڳو. سنه 1520ع ۾ هن پنجاب جي دوداڻي بلوچن کي تابع ڪيو. سنه 932هه/1526ع ۾ بابر دهليءَ جي لوڌي حاڪم ابراهيم کي پاڻي پٽ جي جنگ ۾ جيتي هندستان ۽ مغليه شهنشاهت جو پايو وڌو. هن سهراب خان دوداڻي جي پٽن جي سنڌونديءَ پريان حڪومت تسليم ڪئي.


باب چوٿون

 

همايون جو بلوچن جي مدد سان ايران پهچڻ

 

سنه 937هه/1530ع ۾ بابر جي وفات کان پوءِ همايون دهلي ۽ آگره جو حاڪم ٿيو. هن پنهنجن ڀائرن مان مرزا ڪامران کي ڪابل ۽ پنجاب، ملتان ۽ قنڌار تي حاڪم مقرر ڪيو. مرزا هندال ۽ عسڪري هندستان جي صوبن تي حاڪم هئا. افغانن مان شير شاهه سوري جو اصل افغان واپاريءَ جو پٽ هو ۽ بابري لشڪر ۾ سپاهي هو، سو بابر جي وفات کانپوءِ بنگال ۽ بهار تي خودمختيار ٿي رهيو. سنه 946هه/1539ع ۾ هن همايون کي ڀڄائي دهلي تي قبضو ڪيو. همايون کي ڀائرن ڪا مدد ڪانه ڏني. هو دل شڪستو ٿي ملتان پهتو. ملتان جي بلوچ سردار بخشو خان همايون کي اناج جون ٻيڙيون ڀرائي ڏئي سلامتي سان بکر پهچايو. (ڏسو همايون نامه گلبدن بيگم ص. 46 مترجم: سيد حسن شارق، مطبع علي ڳڙهه پريس دهلي) بکر جو نواب سلطان محمود مرزا شاهه حسن پاران نواب هو تنهن قلعي جا در معزول شهنشاهه اڳيان بند ڪيا. همايون درياءَ جي ڪپ تي روهڙي ويجھو چار باغ ۾ ڇانوڻي هڻي ويٺو. هت هن حميده بانو بيگم سان شادي ڪئي، جا حضرت احمد جام زنده فيل اويسيءَ جي معزز خاندان مان هئي. هن خاتون جي بطن مان سنه 949هه/ 15 آڪٽوبر 1543ع ۾ شهزادو اڪبر عمرڪوٽ ۾ ڄائو. مرزا حسن هڪ لک اشرفيون ۽ اُٺ همايون جي حوالي ڪيا. پوءِ همايون بلوچن جي مدد سان گرم سيل جي سرحد ٽپي ايران پهتو. بلوچن کي وفاداري ڪري جواهرات کانسواءِ شال ۽ مستنگ جا ٻه علائقا لونگ خان بلوچن جي سردار کي مرحمت ڪيا(1).

بلوچن جي مدد سان همايون جو ٻيهر دهلي فتح ڪرڻ:

شاهه طهماسپ صفوي جنهن جي خاندان جي بزرگ شاهه صفوي اردبيلي تي بابر ۽ تيمور جا احسان هئا، تنهن 1400 ايراني جرار لشڪر سان همايون جي مدد ڪئي. سنه 1547ع ۾ همايون ڪامران ۽ عسڪري کان ڪابل ۽ قنڌار هٿ ڪيا. ٻئي ڀائر مرزا شاهه حسن وٽ پهتا. منجھان ڪامران سان شاهه حسن جي ڌيءَ چوچڪ بيگم شادي ڪئي. پوءِ ٻئي ڀائر مڪي ڏانهن ويا. شير شاهه کانپوءِ سندس پويان عياش ۽ ڪمزور هئا. سڪندر شاهه جي ڏينهن ۾ دهليءَ جي حڪومت پرڳڻن ۾ ورهائجي وئي هئي. حڪومت جون واڳون هيمون نالي هڪڙي بقال جي قبضي ۾ هيون، جو پاڻ کي وڪرما جيت تصور ڪندو هو. همايون لاهور فتح ڪيو. هت مير چاڪر خان رند جرار بلوچي لشڪر سان ساڻس گڏيو. سنه 962هه/1555ع ۾ سرهند جي جنگ ۾ سڪندر شاهه شڪست کاڌي. همايون دهلي ۽ آگره ٻيهر فتح ڪيا. دوآبه باري مير چاڪر خان رند کي حسن خدمات جي عيوض ملتان تائين بطور جاگير جي مليو. بلوچ قبيلن کي جاگيرون عطا ٿيون(1). ستت مير چاڪر خان بلوچي مشاهير وفات ڪئي. سندس مقبرو منٽگمري ضلعي (موجوده ساهيوال) ۾ ست گهرا ۾ آهي. سندس پٽ مير شهزاد جو تختگاهه ملتان جي ويجھو ڀاڳپور هو. مير شهزاد شاعر به هو ۽ سندس ڪتاب البياض جو اڌ فارسي ۽ اڌ بلوچي ۾ آهي، ايل.ڊيمس کي 1884ع ۾ جهنگ جي سيال قوم وٽان هٿ لڳو هو. رندن جي پنجاب تي حڪومت رنجيت سنگهه جي زماني تائين 1810ع تائين قائم رهي(2).

بلوچ قبيلن جون بيٺڪون:

قبيلن جا نالا

بيٺڪون

1.      رند

ڪڇيءَ ۾ شوران سندن رياست هئي. مڪران کان وٺي پنجاب، سنڌ ۽ گجرات تائين پکڙجي ويا. سنه 1810ع تائين سندن رياست منٽگمري ۾ قائم رهي، لهڙي سندن رياست هئي. 1845ع تائين اپر سنڌ ۾ ڦُرون ڪرڻ لڳا.

2.     ڊومڪي

لهڙي سندن رياست هئي. 1845ع تائين اپر سنڌ ۾ ڦُرون ڪرڻ لڳا.

3.     بليدي

هوتن کان پوءِ بليدين جي حڪومت جو بوسعيد بليدي مسقط کان نڪري پايو وڌو. ڪڇي ۾ بارخان تائين سندن قبضو رهيو، پوءِ گرگيجن ۽ بگٽين کان شڪست کائي اپر سنڌ ۾ بکر تائين بلدڪو (برديڪار) رياست جو بنياد وڌو. پوئين رياست 1857ع تائين قائم رهي. سندن تختگاهه جهل هو.

4.     جتوئي

ڪڇي ۾ سندن رياست ڀنڙ جتوئي هئي. پوءِ سنڌ ۾ شڪارپور کان لاڙڪاڻي تائين هنن جتوئڪو رياست قائم ڪئي، جا سنه 1857ع تائين قائم رهي. اُهي ميران محمد مهدي جونپوري جا مريد ٿيا.

5.     مگسي

ڪڇي ۾ جهل سندن رياست آهي. اُهي پنجاب ۽ سنڌ تائين پکڙيل هئا.

6.     ڇلگري

پهريان هرنائي جبلن ۾ رهندا هئا، پوءِ ڪڇيءَ ۾ ڇلگري ننڍڙي رياست ڪيائون.

7.     چانڊيا

اُهي پهريان ناڙيءَ تي آباد هئا. باهمي ويڙهه کان پوءِ سنڌ جي اُتر اُولهندي ۾ چانڊڪي پرڳڻي ۾ رياست جو بنياد وڌو. اُهي پنجاب ۽ سنڌ تائين پکڙيل هئا.

8.     کوسا

مڪران کان سواءِ حمار، پنجاب صوبي سرحد، کاڏل، ڀٽ نير، ٿرپارڪر، آبو تائين پکڙيل هئا. صوبي سرحد ۾ سندن مستقل رياست هئي. همايون کين سون مياڻي جاگير طور ڏني.

9.     مري

سمن جي شڪست کان پوءِ مري جبلن ۾ ڪاهان رياست کڙي ڪيائون.

10. بگٽي

بگٽي جبل ۾ اُتر سنڌ ۾ بگٽي ديره سندن رياست آهي. اُتر سنڌ جي شهرن ۾ 1845ع تائين ڦُرون ڪندا هئا.

11.  نوحاڻي

ڪڇ جي اُڀرندي ۾ سندن رياست هئي. 1628ع ۾ شاهجهان جي زماني تائين نوحاڻين جي رياست قائم رهي. امير نوح هن رياست جو پايو وڌو هو.

12. ٽالپر

سنڌ ساگر دوآبه ۾ مير چاڪر خان کين جاگير ڏني هئي. ماڙي سندن تختگاهه هو، جنهن تي انگريزن ماڙي انڊس نالو رکيو. پوءِ مزارين ۽ مگسين جي طرفداري ڪندي، چانڊين سان جنگين ڪرڻ وقت ماراچه علائقي ۾ رهڻ لڳا.

13. مزاري

مزارچه هيءَ رياست ڪشمور ۽ اوٻاوڙي کان وٺي ڊيره غازي خان تائين هئي. روجهاڻ سندن صدر مقام هو.

14. لغاري

کوراجي دره کان سخي سرور دره تائين لغارين جي رياست هئي. چوٽي سندن تختگاهه هو.

15. دريشڪ

پتوڪ ۽ مسوري درن جي وچ ۾ سنڌوندي تائين سندن رياست هئي. پوءِ جاٽن سان جنگين ڪندي سندن زور گهٽجي ويو.

16. سوري لنڊ

صوبي سرحد ۾ سوري ندي کان افغانن کي تڙي رياست قائم ڪيائون.

17. ٽبي لنڊ

ڏکڻ وارا لنڊ ٽبي سڏبا هئا. گٽي ۽ غپني ندين تي رياست قائم ڪيائون.

18. گورچاڻي

داجل کان وٺي دراگل جبل تائين گورچاڻين جي رياست هئي.

19. قيصراڻي

ڊيره غازي خان جي اُتر ۾ جبلن کان وٺي سنڌوندي تائين سندن رياست هئي.

20.            کيتراڻي

ڪڇي کان بارخان تائين سندن رياست هئي. پوءِ سليمان جبل جي اُلهندي ۾ رهڻ لڳا.

21. بوزدار

همايون کين سنگهڙ ندي وارا علائقو جاگير ڏنو، جا سليمان جبل کان نڪري سنڌوندي ۾ پوي ٿي.

22.            پتافي

ڊيره غازي خان ۽ مظفرڳڙهه ۾ سندن رياست هئي. لنڊ پتافي سندن تختگاهه هو.

23.            جروار

غزني مرين جو قبيلو آهي. لوني ۽ موسيٰ خيل افغانن کي شڪست ڏئي بيٺڪ قائم ڪيائون.

24.            نوتڪاڻي

همايون جي ڏيهن ۾ سنگهڙ ندي تي منگهروٽا ۽ مهوئي قلعا تعمير ڪيا.

25.مرراڻي

دوداڻي مرراڻين ديره جات جي علائقي تي گهڻو وقت حڪومت ڪئي. ڊيره غازي خان، اسماعيل خان، کينچر، مظفرڳڙهه، حاجي پور، عالم خان، دائود ڪوٽ، سنجر آباد، گدائي آباد، لئيها، ڪوٽ سلطان، ڪوٽ عادو جا شهر مرراڻين تعمير ڪرايا.

26.            گوپانگ

ضلعي مظفرڳڙهه ۾ سندن سرداري قائم ٿي.

27.            گرماڻي

1250ع ۾ لوڌين کان سيت پور فتح ڪري مٿس علي پور نالو رکيائون. پوءِ جاٽن سان گڏجي ويا.

28.            چانگ

پهريان صوبي سرحد ۾ رهندا هئا، پوءِ سنڌ ۾ وارد ٿي فوجي لحاظ ڪري جاگير قائم ڪيائون.

29.            گبول

بليدين جي شڪست کان پوءِ ڪڇ کان نڪري سنڌ ۾ سڪونت پذير ٿيا.

30.            ڪلوئي

باهمي جنگ کانپوءِ سنگهڙ ندي جي اُترئين حصي ۾ بيٺڪ جوڙي ويٺا.

31. قاره

همايون کين بکر جي اُلهندي واريون ٽڪريون جاگير طور ڏنيون. سرحدي بلوچن جي مدد سان سنڌوندي جي اُڀرندي ڪناري وارن شهرن کي ڦُريندا هئا.

32.            جکراڻي

اُتر سنڌ جي شهرن کي ڊومڪين سان گڏجي ڦُريندا هئا. انگريزن کين جاگير ڏني.

33.            جمالي

جکراڻي، ڊومڪي، مري ۽ بگٽين سان گڏجي ڦُرون ڪندا هئا، انگريزن کين جاگير ڏني.

اٽڪ کان ويندي مڪران تائين هندستان جي سرحدي علائقن تي بلوچن جون بيٺڪون قائم هيون. ويندي ٿرپارڪر ۽ اراولي جبلن تائين سندن راڄ قائم هئا. ان ڪري واپار جي قافلن جي سلامتي جو دارومدار بلوچن سان دوستي رکڻ تي منحصر هو. بعض بلوچ سردار قافلن کان محصول اُڳاڙيندا هئا. ڇاڪاڻ جو جابلو درا ۽ قلعا سندن قبضي هيٺ هئا. سنڌ جي برهمڻ راجائن کان وٺي دهلي جي سلاطين توڻي مغل شهنشاهن کي ساڻن دوستي لازمي طور رکڻي پئي، ڇاڪاڻ جو بلوچ وقت سر سلاطين کي فوجي امداد ڏيندا هئا. گهوڙن جي واپار ۽ فوجي خدمات ڪري بلوچن کي سلاطين جي درٻار ۾ عزت ۽ عهدا مليل هئا. اهڙي طرح سالياني خراج ۾ گهوڙا، ملڪي پيداواريون ۽ سپاهي ڏيندا هئا. مثال لاءِ ڪڇي جا ڪرد (براهوئي) چچ کي ساليانو هڪ لک درهم ۽ گهوڙا بطور ڍل جي ڀريندا هئا(1). خلافت عباسيه جي دور ۾ مامون جو زمانو عباسي دور جي اوج جو زمانو هو. بلوچ بغداد سرڪار کي ڪرمان صوبو 4200000 درهم، پنج سؤ يمني ڪپڙي جا ٿان، 20000 رطل کجور سالياني خراج ۾ ڀريندو هو. مڪران چار لک درهم، سيستان چار لک درهم، ٽي سؤ ڪپڙي جا ٿان ۽ ويهه رطل فانيذ حلوه بطور خراج جي ڀريندو هو(2). اڪبر اعظم جي ڏينهن ۾ اُتر بلوچستان قنڌار جي ماتحت هو ۽ ڪڇي سيوي سميت بکر سرڪار جي ماتحت هئا. بلوچ سالياني خراج جي عيوض فقط ڏيڍ لک رپيا، 4750 گهوڙي سوار ۽ 6400 پيادل سپاهي مغليه سرڪار کي ڏيندا هئا. نقد نه هئڻ جي صورت ۾ اناج ڏيندا هئا(3).

اڪبر جو سنڌ تي قبضو:

سنه 967هه/1560ع ۾ مرزا شاهه حسن لاولد وفات ڪئي. ارغون گهراڻي جي حڪومت ختم ٿي. سنڌ جو لاڙ جو حصو لڪي جبلن کان سمنڊ تائين شاهه بيگ جي آزمودگار امير مرزا عيسيٰ خان جي هٿ هيٺ اچي ويو، جنهن جو تختگاهه ٺٽو هو. هن شهر جي آبادي هڪ لک ويهه هزار هئي. ايشيا جي دولتمند شهرن مان هو. لڪي کان اوٻاوڙي تائين سنڌ جي اُتر وارو علائقو سلطان محمود بکري جي قبضي هيٺ اچي ويو، جو مير فاضل ڪوڪلتاش جو فرزند هو.

پورچوگيزن سان بلوچن جون بحري جنگيون:

پورچوگيز سفيد فام پهرين ڌاڙيل قوم هئي، جنهن هندستان جي سمنڊن تي قبضو ڪري لٽ مار ۽ قتل غارت ڪرڻ جي سلسلي کي جاري رکيو. اڳ مشرق جون لطيف ۽ قيمتي شيون خشڪيءَ رستي شام ۽ مصر جي بندرن کان وينس ۽ جنيوا جا جھاز يورپ کي پهچائيندا هئا. سنه 1453ع ۾ ترڪن جي قسطنطنيه تي قبضي ڪرڻ ڪري مٿئين واپار ۾ رنڊڪ پئجي ويئي تنهنڪري يورپي قومن سمنڊ رستي کان هندستان پهچڻ لاءِ بحري جدوجھد شروع ڪئي. پورچوگيز امير البحرن مان واسڪوڊيگاما سنه 1498ع ۾ آفريقا جي چؤگرد ڦرندو هندستان جي الهندي ڪناري ڪاليڪٽ پهتو. سنه 1507ع ۾ آلبڪرڪ سنه 1508ع ۾ هرمز ٻيٽ تي قبضو ڪيو(1). اڳ ايراني نار ۽ هندستان توڻي آفريقا جو واپار عربن جي هٿ هيٺ هو، هينئر پورچوگيز سفاڪ مٿن قابض ٿيا. گجرات، بيجاپور جي مسلمان سلاطين کي مصر جي مملوڪ سلطان به جھازن رستي مدد ڪئي، پر اسلامي ٻيڙي شڪست کاڌي(2). گوئا مشرق ۾ پورچوگيزن جو تختگاهه مقرر ٿيو(3). شاهه اسماعيل صفوي کي به پورچوگيزن جي حڪومت تسليم ڪرڻي پئي. آفريقا کان وٺي ايراني نار ويندي جزائر الشرق تائين جيڪي به بندر هئا تن تي پورچوگيزن جو قبضو ٿي ويو. سندن پيشو لٽ مار کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه هو(1).

پورچوگيزن مالابار ۾ جيڪي ظلم ڪيا تن جو بيان شيخ زين الدين مالابار جي تاريخ ”تحفة المجاهدين“ ۾ وضاحت سان ڏنو آهي. سنه 1833ع ۾ ايم. جي رولنڊسن مٿين تاريخ کي انگريزي ۾ ترجمو ڪيو. هت اسين هڪڙي پورچوگيز مؤرخ آلفنسوڊي سوزا جو بيان نقل ڪيون ٿا جيڪو هن پنهنجي قوم جي سفاڪين متعلق ڏنو آهي:-

”پورچوگيزن هندستان تي پير رکڻ سان هڪڙي هٿ ۾ ترار ٻي ۾ ظلم کڻي آيا. مشرق جي اڻ کٽ دولت کي ڏسي سندن حواس خطا ٿي ويا. انسانن کي ڦري، شهرن کي ساڙي وحشي درندا بنجي پيا. پر دولت ايتري گهڻي هئي جو ترار ڦٽي ڪري سون چاندي ميڙڻ لڳا. اهڙي غفلت ڪري ٻيون مغربي قومون آسانيءَ سان مٿن غالب پئجي ويون.“ (بحواله ايلفنسٽن)

مڪران جي بندر جي تباهي:

اسين اڳ لکي چڪا آهيون ته ميڊن کانپوءِ قرمطي (ڪلمتي) بلوچن سمنڊ جي مسافري ڪرڻ ۾ نالو ڪڍيو. اُهي مڪران جي ڪناري کان سواءِ سنڌ، گجرات، ڪرڪن ۽ مالابار تائين جھاز راني ڪندا هئا. ڪلمت جو بندر سندن بحري مرڪز هو ۽ راس عرباوٽ سمنڊ مان سچا موتي ڪڍندا هئا. بنگي اسماعيل ڪلمتي مشهور بلوچ امير البحر ٿي گذريو المتوفي سنه 873هه/1468ع. سندس مقبري تي پٿر جو گنبذ گوادر جي الهندي ۾ موجود آهي. کانئس پوءِ حمل جيهاند ڪلمتي مشهور امير البحر ٿي گذريو، جنهن گوادر ۽ پسني جي بحري معرڪن ۾ پورچوگيزن کي شڪستون ڏنيون. مڪران جا اندروني شهر پورچوگيزن جي ڦرمار کان بچي ويا. باقي گوادر ۽ عروس البحر پسني جي بندرن کي دشمنن باهه ڏيئي ساڙيو(2). حمل ڪلمتي جي بهادري جا ڪارناما شاعر هوتمان ڪلمتي جي اشعار ۾ ڏنل آهن. حمل جو کوه ۽ قلعو گزدان بل اڃا يادگار آهن. هن جيڪي توبون پورچوگيزن کان هٿ ڪيون هيون، سي سنه 1904ع تائين پسني ۾ بطور يادگار موجود هيون(1).

ٺٽي جي تباهي:

ڊمن ۽ ڊيو ٻه بندر گجرات ۾ پورچوگيزن جي هٿ هيٺ هئا. سلطان محمود بکر جي واليءَ خلاف مرزا عيسيٰ ترخان پروچوگيزن کان مدد گهري. ان وچ ۾ سلطان محمود سان پاڻ روبرو ڳٽجڻ ويو. سندس غير حاضري ۾ پروچوگيزن جو ٻيڙو پيڊرو بارليٽو رولن جي سرڪردگي هيٺ ٺٽي 1555ع ۾ پهچي پهريان شهر کي لٽي پوءِ باهه ڏني. جامع مسجد به سڙي ويئي. اٽڪل اٺ هزار شهري بيگناه ڪفارن هٿان مارجي ويا. پورچوگيزن جو چوڻ آهي ته کين شهر مان ايتري دولت هٿ لڳي جو سڄي ايشيا ۾ ٻي ڪنهن به شهر مان ايتري هٿ نه لڳي. مرزا عيسيٰ شهر کي ٻيهر تعير ڪرايو(2).

بت خانن جي پڄاڻي:

سنه 980هه ۾ مرزا عيسيٰ ترخان وفات ڪئي. سندس پٽ مرزا محمد باقي گادي تي ويٺو، جو وڏو ظالم هو. هن ارغونن اميرن کي ٻارن ٻچن سان ڪهرايو. پنهنجي ڀاءُ مرزا جان بابا ۽ وقت جي وڏي عالم سيد مير عبدالوهاب پوراني کي به مارائي ڇڏيو. سنه 993هه ۾ آپگهاٽ ڪري مري ويو. کانئس پوءِ سندس پوٽو مرزا جاني بيگ گادي تي ويٺو. هو عقلمند حاڪم هو، مگر ان وچ ۾ سلطان محمود بکري جي وفات ڪري بکر جو علائقو اڪبر جي قبضي هيٺ اچي ويو. دراصل اڪبر جي مرضي هئي ته سڄي سنڌ تي قبضو ڪري. هن پنهنجي سپهه سالار عبدالرحيم خان خانان کي سنڌ تي چاڙهي موڪليو. مرزا جاني بيگ مقابلي جو تاب نه جھلي اطاعت منظور ڪري خان خانان سان گڏجي دهلي ويو، جت اٺ ورهيه شهنشاهه جي خدمت ۾ رهي وفات ڪئي. بادشاهه جي حڪم سان خواجه قوربيگي سندس مڙهه کي مڪلي تي دفن ڪرايو. سندس پٽ مرزا غازي بيگ کي اڪبر ڏکڻ سنڌ جو غير حاضر گورنر ڪيو. سنه 1014هه/1605ع ۾ اڪبر وفات ڪئي. جھانگير غازي بيگ کي ٺٽو، سيوهڻ، ملتان ۽ قنڌار جاگير طور ڏنا. سنه 1021ع ۾ غازي بيگ وفات ڪئي(1). ٺٽي تي مغليه شهنشاهت جو قبضو ٿي ويو. سنه 1015هه کان 1149هه تائين ڪل 38 مغل گورنرن حڪومت ڪئي، تن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:-

ٺٽي جا مغليه نواب:

1.

خسرو چرڪس

1015هه

2.

مرزا رستم بن سلطان حسين

1023هه

3.

مرزا مصطفيٰ خان

1025هه

4.

شريف خان

1028هه

5.

مرزا عيسيٰ ترخان

1037هه

6.

ابو البقا امير خان

1054هه

7.

مير عبدالرزاق معموي

1049هه

8.

سيد ابراهيم خان

1055هه

9.

لعل خان

1057هه

10.

ظفر خان

1063هه

11.

قباد خان

1069هه

12.

لشڪر خان

1071هه

13.

عضنفر خان

1075هه

14.

عزت خان

1078هه

15.

ابونصرت خان

1082هه

16.

سعادت خان

1084هه

17.

خان زاد خان

1090هه

18.

سرور خان

1095هه

19.

مريد خان

1099هه

20.

زبردست خان

1101هه

21

حفظ الله خان

1103هه

22.

سعد خان

1113هه

23.

مير امين الدين حسين

1114هه

24.

يوسف خان

1115هه

25.

احمد يار خان

1116هه

26.

سعيد خان

1120هه

27.

مهين خان

1121هه

28.

شاڪر خان

1123هه

29.

خواجه محمد خليل خان

1124هه

30.

عطر خان

1125هه

31.

مير لطف علي خان

1125هه

32.

اعظم خان

1128هه

33.

ڀائي خان

1132هه

34.

محمود خان

1135هه

35.

سيف الله خان

1137هه

36.

دلير خان

1143هه

37.

همت دل خان

1145هه

38.

صادق علي خان

1149هه

بکر جا مغليه نواب:

1.

ڪيسو خان

982هه

2.

ترسو خان

983هه

3.

مير سيد محمد امير

   -

4.

سيد ابوالفضل ولد سيد

    -

5.

محمد امير

984هه

6.

اعتماد خان خواجه سرا

985هه

7.

فتح خان

994هه

8.

اسماعيل قلي خان

996هه

9.

شيرويه سلطان

997هه

10.

صادق خان

998هه

11.

مير ابوالقاسم نمڪين

1004هه

12.

مرزا خان

1005هه

13.

سعد خان

1009هه

14.

بقرا بيگ

1014هه

15.

سردار خان

1015هه

16.

قاضي خان

1016هه

17.

سيد تاج خان

1020هه

18.

بايزيد خان

1025هه

19.

هوشيار خان

1028هه

20.

مرزا محمد علي

1031هه

21.

محمد علي فوجدار

1038هه

22.

مرزا حسيني

1039هه

23.

عزت خان

1041هه

24.

سيد محمد

1043هه

25.

اسد خان

1045هه

26.

محمد يوسف خان

1046هه

27.

محمد خان

1048هه

28.

شاهه قلي خان

1049هه

29.

سيد جادن

1050هه

30.

التفات بيگ

1051هه

31.

محمد زمان خان

1052هه

32.

خواجه لطف

1058هه

33.

نواب خواجگي

1061هه

34.

شيخ احمد

1062هه

35.

مرزا لعل بيگ

1065هه

36.

خواجه عبدالواحد

1066هه

37.

خواجه محمد شريف

1068هه

38.

باقر خان

1069هه

39.

عبدالله خان

1070هه

40.

خنجر خان

1070هه

41.

شيخ ابراهيم

1071هه

42.

سيد عزت خان

1074هه

43.

سيد غلام مصطفيٰ

1078هه

44.

سيد مير يعقوب خان

1081هه

45.

مير صادق علي خان

1085هه

46.

خدا يار خان

1087هه

47.

مير محمد اڪرم

1090هه

 

ٺٽي يا بکر تي تيستائين دهلي درٻار مان حاڪم مقرر ٿيندا رهيا، جيسين مغلن ۾ طاقت هئي. سنه 1131هه/1719ع ۾ محمد شاهه جي ڏينهن ۾ مغليه طاقت ڪمزور ٿيڻ کانپوءِ ڪلهوڙن جو خاندان سنڌ ۾ زور وٺي رهيو هو، جنهن ڪري دهلي مان سنڌ جي نوابن جو اچڻ بند ٿي ويو ۽ سنڌ تي ڪلهوڙا پنهنجو راڄ ڄمائي ويٺا.

 

بلوچن جي مغلن خلاف بغاوتون:

بابر کان وٺي شاهجھان تائين جيڪي به مغل شهنشاهه ٿي گذريا، سي بلوچن سان نرمي ۽ فياضي واري هلت ڪندا هئا. فتح دهلي ۽ آگره کانپوءِ بابر هر هڪ امير ۽ سپاهي کي انعام ۽ اڪرام ڏنا. اهڙي سخا ڪري فوجي سپاهي هن کي ”قلندري“ جي لقب سان سڏيندا هئا(1). همايون هر هڪ بلوچي سردار کي جاگيرون عنايت ڪيون. بلڪه دهلي ۽ آگره کي ٻيهر فتح ڪرڻ کانپوءِ بلوچي سردارن کي مير چاڪر خان رند سان گڏ تخت تي ويهاري سندن حوصلا ۽ عزت افزائي ڪئي(2).

اڪبر اعظم ٺٽي جي الهندي کان وٺي ويندي بکر جي الهندي وارين ٽڪرين تائين سنڌونديءَ جو سمورو مغربي علائقو بلوچي قبيلن جي حوالي ڪيو. مٿيون علائقو بلوچي رياست سرڪاري ڪاعذن ۾ شمار ٿيڻ لڳو(3).

سنه 1037هه/1628ع ۾ شاهجهان جي ڏينهن ۾ حالتن ڦيرو کاڌو. بلوچستان قنڌار، ملتان، بکر ۽ ٺٽي سرڪارين جي نگراني هيٺ هو. قنڌار بابر ارغونن کان 1522ع ۾ هٿ ڪيو هو، جو سنه 1606ع ۾ اڪبر جي وفات تائين مغلن جي ماتحت رهيو(4). سنه 1623ع ۾ شاهه عباس اعظم صفوي مغليه نواب عبدالعزيز خان نقشبندي کان جھانگير جي ڏينهن ۾ هٿ ڪيو. سنه 1027هه/1628ع ۾ شاهجهان قنڌار فتح ڪرڻ لاءِ ٻه دفعا لشڪر پنهنجن پٽن دارا شڪوه ۽ اورنگزيب جي نگراني هيٺ سخي سرور دره کان قنڌار ڏانهن روانو ڪيو. بلوچن جبلن جون ڪاريزون ڀڃي ڇڏيون، رستا پاڻي سان ڀرجي ويا. مغليه لشڪر جو سامان بلوچن لٽي ڇڏيو. سنه 1649ع ۾ شاهجهان شهزاده اورنگزيب کي ٺٽو، بکر، سيوهڻ، سيوي ۽ ملتان مٿان نائب مقرر ڪيو. ڇاڪاڻ جو افغانن ۽ بلوچن فساد کڙا ڪيا هئا. اڳ مغل شهنشاهه لاهور ۾ منزل ڪندا هئا ته بلوچ سردار نذرانا پيش ڪندا هئا. اورنگزيب نئون قاعدو پاس ڪيو ته سمورا سردار ملتان اچي پيش پون، جا ڳالهه بلوچن لاءِ بي عزتي هئي(1). ڪڇيءَ جي نوحاڻي سردار استقلال جي جھنڊي کي بلند ڪيو. ديره جات جي دودائي رياست جنهن جو تختگاهه ديره اسماعيل خان هو، دريا خان ۽ بکر به سندس ماتحت هئا. همايون جي ڏينهن ۾ سنڌ ساگر دوآبه ۾ ٻي هڪڙي بلوچي رياست بکر کان ليئها تائين هئي، سندس تختگاهه منڪاره هو. مير اسماعيل خان دوداڻي شهزادي دارا شڪوه جو اتاليق هو. هن اورنگزيب جي حڪم جي انحرافي ڪئي، پر پوءِ شاهجهان جي چوڻ تي ملتان اچي اورنگزيب جي سلامي ورتي. اورنگزيب کي مير عالم خان نوحاڻي جو زور ڀڃڻو هو، تنهنڪري دم دلاسا ڏيئي هن کي طرفدار ڪري نوحاڻين جي زور ٽوڙڻ لاءِ فيصلو ڪيو. مگر فسادن جي باهه ٺٽي تائين پکڙجي وئي. ڪڪرالي جي نومڙين ۽ کيرٿر جي جوکين به فساد ۾ حصو ورتو. اُهي ڦرلٽ ڪرڻ لڳا. ساڻن سنڌ ۽ مڪران جا جدغال به شامل ٿيا. ٺٽو خطري ۾ پئجي ويو. اورنگزيب ملڪ حسين ابدالي جي هٿ هيٺ هڪڙو وڏو لشڪر بلوچن جي مقابلي ۾ روانو ڪيو. مير عالم خان نوهاڻي شڪست کاڌي. نوحاڻين جي رياست جو خاتمو ٿي ويو. ملڪ حسين ابدالي وٽ مضبوط توبخانو ۽ ٻيڙو هو. ڄام هارون ۽ ڄام خطرتال نومڙين جي سردار ۽ ڄام مريد خان جوکئي آڻ مڃي. ڇاڪاڻ جو مڪران جي گچڪي سردارن اورنگزيب جي طرفداري ڪئي. ملڪ حسين ابداليءَ لاهري بندر تي ڇانوڻي هڻي نومڙين جو انتظار ڪرڻ لڳو. ڄام مده نومڙي ڏکڻ افغانستان جي جبلن کان نڪري لسٻيلي تي ڪاهه ڪئي. ملڪ حسين مٿس اوچتو حملو ڪيو، جڏهن نومڙين جو سردار آرام ڪري رهيو هو(1). هن جنگ ۾ ڄام مده شهيد ٿي ويو. ڪڪرالي جي هندو ڄام ستاهالا جنهن جوکين ۽ نومڙين جو طرف ورتو هو، تنهن تي ڪڇ جي راءِ فوجي دستا روانا ڪيا. جنهن ڪري هندو ڄام مجبور ٿي ملتان وڃي روبرو پيش ٿيو. بلوچن جي هن فساد ۾ نوحاڻين، جوکين ۽ نومڙين کي گهڻو نقصان پهتو. بلوچي شڪست جي خوشيءَ ۾ ٽن ڏينهن تائين دهليءَ جي قلعي معليٰ تي نوبتون وڄڻ لڳيون(2).

قنڌار تي ٻي ڪاهه:

سنه 1652ع ۾ شاهجهان ٻيو گهمرو قنڌار تي ڇاونجاهه هزار لشڪر اورنگزيب کي ڏياري موڪليو. بلوچن جي مدد وٺڻ لاءِ مغلن جا ايجنٽ بلوچي سردارن کي ناڻو ڏئي قافلن لاءِ اُٺ خريد ڪرڻ لڳا. سعدالله خان ڪابل کان فوجون وٺي غزني پهتو. اورنگزيب ٿل ۽ چوٽيالي رستي کان خوجڪ دره کان قنڌار پهتو. قنڌار اُنهن ڏينهن ۾ هندستان، ايران ۽ وچ ايشيا جي واپار جو مرڪز هو. ساليانو چوڏهن هزار مال سان ڀريل اُٺ چوٽيالي رستي کان لنگهندا هئا. ڇاڪاڻ جو سمنڊ جو رستو فرنگين جي اچڻ ڪري خطري ۾ هو. مٿيون واپار بلوچن جي قافلن وسيلي هلندو هو. هن دفعي وري مغليه لشڪر شڪست کاڌي. سنه 1648ع ۾ هندستان جي ڪُل اُپت ٻاويهه ڪروڙ رپيا هئي. قنڌار جي ٻن جنگين ۾ مغل شهنشاهت جا ٻارهن ڪروڙ رپيا خرچ لڳو هو.

بلوچن جي دارا شڪوه سان همدردي:

شاهجهان کي چار پٽ دارا، شجاع، اورنگزيب ۽ مراد بخش نالي هئا. جن مان پيءُ جي جيئري ڪابل، پنجاب، ملتان، سنڌ ۽ بلوچستان مٿان دارا حاڪم هو. شجاع بنگال جو مالڪ هو. مراد گجرات جو حاڪم هو ۽ اورنگزيب دکن تي حڪومت ڪندو هو. شهنشاهه کي دارا سان محبت هئي. هو سلطنت جو ولي عهد ۽ صوفي طريقي جو پابند هو(1). 29 مئي سنه 1658ع ۾ سموڳڙهه جي هولناڪ معرڪي ۾ دارا شڪست کائي لاهور کان خزانن سميت بکر جي قلعي ۾ پهتو. اورنگزيب پيءُ کي قيد ڪري تخت هٿ ڪيو. تخت ۽ تاج هٿ ڪرڻ لاءِ گجرات کان ٿيندو اجمير پهتو، پر بدقسمتي سان شڪست کائي ڪڇ جو رڻ ٽپي نصرپور ۽ هالا کان سيوهڻ پهتو. چانڊڪي پرڳڻي کان لنگهندي چانڊين سندس قافلي کي لٽيو. سندس اهليه نادرا بيگم جا سلطان پرويز جي ڌيءَ هئي سا به ساڻس هن سفر ۾ شريڪ هئي. سندس ننڍو پٽ سپهر شڪوه به ساڻس همرڪاب هو. دارا جي مرضي هئي ته همايون وانگر ايران جي مدد سان ٻيهر تخت هٿ ڪري، پر هو بي يارومددگار هو. جهل پهچڻ وقت مگسين جي سردار مير ميرزا شهزادي کي پناهه ڏني. نادرا بيگم ايران وڃڻ جي خلاف هئي. دارا وٽ ٽي سؤ رفيق ۽ غلام ۽ چار خچر اشرفين سان ڀريل هئا. دره بولان جي منهن وٽ ڍاڍر جو حاڪم ملڪ جيوڻ باروزئي (پني) افغان هو جنهن کي هڪڙي ڀيري ڪنهن ڏوهه ۾ شاهجهان موت جي سزا ڏني هئي پر شهزادي دارا جي سفارش سان سندس جان بچي هئي. ملڪ جيوڻ جلاوطن شهزادي کي پناهه ڏني، پر سندس نيت ڦريل هئي. هت نادرا بيگم بيماري وگهي انتقال ڪيو. سندس لاشي کي وصيت موجب خواجه مقال ۽ گل محمد خان بلوچ لاهور پهچائي دفنايو. هڪڙي رات ملڪ جيوڻ وجھ وٺي دارا کي سندس پٽ سميت گرفتار ڪري بکر جي نواب مير بابا جي حوالي ڪيو. دارا پٽ ۽ ملڪ جيوڻ سميت دهلي پهتو. جت اورنگزيب هن کي مارائي همايون جي مقبري ۾ دفنايو. سندس پٽ کي گواليار جي قلعي ۾ قيد رکيو. ملڪ جيوڻ کي بختيار خان جو لقب ڏنو. مگر ڍاڍر ڏانهن موٽندي بلوچن هٿان ڪڇي ۾ مارجي ويو(1). (ڏسو اورنگزيب از جادوناٿ سرڪار، جلد: 2، ص. 216 ڪلڪتو)

اورنگزيب خلاف بلوچن جو ٻيو فساد:

قلات تي جيڪي مغل نائب حڪومت ڪندا هئا، سي براهوئن تي ظلم ڪندا هئا. بقول آخوند محمد صديق ته ظلم مغلن جي خصلت هئي، براهوئن ۾ ميرواڙي پهريان براهوئي هئا، جن سمن جي صاحبي جي زماني ۾ بلوچستان جي جدغالن کي شڪست ڏئي براهوئي ڪانفيڊريسي جو بنياد وڌو هو. قلات جو نالو اڳ قلات سيوا هو. مٿس سيوا خاندان جا راجا حڪومت ڪندا هئا. جن ڏينهن ۾ محمد بن قاسم سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي، اُنهن ڏينهن ۾ مير قنبر پوئين سيوا راجا کي شڪست ڏئي قلات تي قبضو ڪيو هو. تنهن کانپوءِ قلات (قلات بلوچ) سڏجڻ لڳو. سيوا جي پٽ سنجن اسلام اختيار ڪيو، جنهن کي مير قنبر جھالاوان جي حڪومت سپرد ڪئي هئي(2). قلات جا قنبراڻي به ميرواڙين جي شاخ آهن. مغلن براهوئن سان معاهدو ڪيو هو ته براهوئي هٿيارن کان سواءِ قلات جي درٻار ۾ ايندا. سڀ کان پهريان قلات جي دهوارن (دهدار) ملڪ کي آزاد ڪرائڻ جو پڪو خيال ڪيو، مگر معاهدي جي شرطن موجب کين هٿيارن کڻڻ جي اجازت ڪانه هئي. هنن ڇا ڪيو جو ٿلهيون مانيون پچائي ساڻ کڻي درٻار ۾ ويا. پوءِ مغل نائب آغا جعفر بيگ کي مانين سان پورو ڪري مير قنبر جي اولاد مان مير ابراهيم جي پوٽي مير حسن کي قلات جي تخت تي ويهاريائون. دهوارن جن ڍوڍن سان مغل نائب کي ماري وڌو سي ڍوڊڪي سڏجن ٿا(3). بلوچستان وقت بوقت مغلن ۽ ايران جي صفوي فرمانروائن جي هٿ هيٺ رهيو. سنه 1590ع ۾ اڪبر ملڪ فتح ڪيو. 1638ع تائين مغلن جي قبضي هيٺ رهيو، پوءِ صفوين جي ماتحت ٿي ويو. سنه 1648ع ۾ وري مغلن جي قبضي هيٺ اچي ويو(4).

اورنگزيب سنه 1069هه/1659ع ۾ تخت هٿ ڪيو. سندس سمورو وقت مرهٽن سان دکن ۾ جنگيون ڪندي گذريو. سندس ڏينهن ۾ بلوچن وجھ وٺي فساد کڙو ڪيو. قرمطي بلوچن لاهري ۽ اؤرنگا آباد، ڪڪرالي (گهوڙا ٻاري) ۾ ڦرلٽ ڪرڻ لڳا. سميجا وچ سنڌ جي علائقي ۾ قافلن کي لٽڻ لڳا(1). قلات جي احمد زئي شهزادن مان مير احمد پهرين سنه 1666ع ۾ خودمختياري جو اعلان ڪيو. قلات جا احمد زئي عربي نسل مان آهن. سندن شجرو هيٺ ڏجي ٿو:-

مير التاز        نوٽ: التازيءَ فرقي جو سلسلو مير التاز کان شروع ٿئي ٿو.

مير احمد اول سنه 1666ع

مير محراب خان اول 1695ع

مير سمندر خان 1698ع

مير احمد خان ثاني 1713ع 

مير قنبر

مير عبدالله خان

1716ع

مير زهرا

مير محبت خان

1730ع

مير زرڪ

مير محمد نصير خان اول

1750ع

مير ابراهيم

محمد محمود خان اول

1793ع

مير گهرام

مير محراب خان ثاني

1816ع

مير حسن

مير شاهنواز خان

1839ع

مير سنجر

مير نصير خان ثاني

1840ع

مير ملوڪ

مير سر خداداد خان

1857ع

مير قنبر ثاني

مير سر محمود خان ثاني

1893ع

مير احمد

مير سر محمد اعظم جان

1931ع

مير سورو

مير سر محمد يار خان

1933ع(2)

مير قنبر ثالث

 

 

مير احمد

 

 

مير التاز

 

 

مير ڪيچي

 

 

ڪلهوڙن جو عروج:

ڪلهوڙا پنهنجو نسل حضرت عباس ؓ کان ڇڪين ٿا. سندن ڏاڏو ميان اوڍاڻو جو خدا پرست هو، پهريان ڪيچ، مڪران ۾ پيري مريدي جي سلسلي کي شروع ڪيو هو. رچرڊ برٽن تاريخ سنڌ جي صفحي 140 ۾ ڏيکاري ٿو ته ڪلهوڙا اصل نو مسلم چنا قبيلي مان هئا. جڏهن زور ورتائون تڏهن پاڻ کي عباسي سڏائڻ لڳا، مگر وٽن شجرو ڪين هو. نه وري علماءِ سندن شجرو ٺاهي سگهيا. سنڌ جي هڪڙي عباسي بزرگ سهرا خطيبه وٽ سندس شجرو موجود هو. ڪلهوڙن سندس مريدن کي ماري، سندن ڳوٺ ساڙي وٽانئس پتل جي هڪڙي تختي تي لکيل شجرو هٿ ڪري پوءِ پنهنجو شجرو ٺاهي پاڻ کي عباسي سڏائڻ لڳا. اسين مٿئين بيان تي ڪابه راءِ زني ڪري نه ٿا سگهون. فقط ايترو چئي سگهبو ته هندستان جي آدمشماري ۾ ڪلهوڙا ڄاموٽ شمار ٿيندا هئا ۽ بلوچ غيرهندي ايشيائي قوم شمار ٿيندا هئا. ميان اوڍاڻي جي پوٽي چنه (جونيا) ڀائرن جي نااتفاقي ڪري مريدن سميت اباڻي وطن مڪران کي خيرباد چئي کنڀاتا ۾ سڪونت اختيار ڪئي، جتي جي حاڪم سندس خانداني لحاظ ڪري هن کي اُنهن جي ڌيءَ جو سڱ ڏنو. هن ديري مان کيس محمد نالي پٽ ڄائو(1). عيسوي 13 صدي تائين ڪلهوڙن جو فقط ايترو بيان معلوم ٿئي ٿو.

ميان آدم شاهه:

محمد جي نائين پيڙهي ميان آدم شاهه بکري لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي ڏوڪري جي ڳوٺ هٽڙي وٽ سڪونت اختيار ڪري مهدوي فرقي جي تبليغ ڪرڻ لڳو. ڇاڪاڻ جو پاڻ شيخ الياس لنگراچ ۽ شيخ ابوبڪر جتوئي جي ٻن واسطن سان مهدي جونپوري جو مريد هو. هٽڙي ۾ کٻڙ نالي ابڙو پنهنجي قبيلي سميت اچي سندس مريد ٿيو. ميان آدم شاهه درويش هو. سلطان المشائخ بهاءَالدين زڪريا ملتاني ؒ جي اولاد جو ساڻس دوستاڻو رستو هو. اُنهن ڏينهن ۾ مرزا عبدالرحيم خان خانان ٺٽي تي ڪاهيندو ٿي ويو. ڏَس ملڻ تي ميان آدم شاهه کا دعا گهرڻ آيو. ان موقعي تي کٻڙ ابڙي وجھ وٺي فقيرن جي خرچ لاءِ چانڊڪي پرڳڻي لاءِ گهر ڪئي. مرزا خان خانان سندس عرض منظور ڪيو. پوءِ ميان جا مريد زور وٺند آيا. آس پاس جي زميندارن کي هيسائڻ لڳا. حقيقت ۾ مهدوي فرقي جي تحريڪ کان وقت جا حاڪم خوف کائيندا هئا. ميران مهدي جي مريدن دکن کان وٺي ايران تائين وقت جي حاڪمن کان سختيون سٺيون، پر اُهي پنهنجي عقيدي تي ثابت قدم رهيا. دستور موجب چانڊڪي پرڳڻي جي زميندارن ميان جي خلاف ملتان جي حاڪم کي شڪايتون پهچايون. ميان کي قيد ڪري ملتان وٺي ويا، جتي قيدي جي حالت ۾ ملتان جو ڪوٽوال آقا شاهه محمد سندس مريد ٿيو. ميان قيد ۾ وفات ڪئي. سندس مريدن وصيت موجب سندس جنازي کي سکر جي ويجھو هڪڙي ٽڪري تي دفنايو، جا اڄ تائين سندس نالي تي سڏجي ٿي.

ميان الياس:

ميان دائود ولد ميان آدم شاهه پيءُ جي وفات کانپوءِ گادي وسائي پيري مريدي جي سلسلي کي ساڳي نموني جاري رکيو. پر اهڙو ڪو خاص ڪم ڪونه ڪيائين، جو قابل تاريخ هجي. سندس پٽ ميان الياس مريدن ۾ تمام گهڻو واڌارو ڪيو ۽ زور وٺڻ لڳو. مگر ستت وفات ڪري ويو. سندس مقبرو ڏوڪري تعقي ۾ اُنڙآباد ويجھو زيرتگاهه آهي.


(2) Kalichbeg Fredunbeg: Chachnamah, P. 174, Hig: Indus Delta Country, P. 59

(3) John wood: A Journey to the source of the River oscus, CHP. I, Antiquity PP. 6-7, London, 1872

(1) تاريخ معصومي: مير معصوم بکري، سنڌي ترجمو، ڪراچي، 1868

(2) فرشتا، جلد 2، ذڪر سلاطين مظفرشاهي، گجرات

مراة محمدي: شيخ غلام محمد، ص 53-54، مصطفائي پريس، بمبئي 1324هه

(1) گل رعنا: مولانا سيد عبدالحي، ص 14-15، اعظم ڳڙهه 1353هه

(2) فرشتا: جلد 2، ص 317

(1) Frontier & Overseas expeditions from India, Vol. III, P. 23

(2) مذاهب اسلام: مولوي نجم الغني رامپوري ذڪر سيد ميران محمد جونپوري

R. Hughes Buller: Makran, Zikries

(3) R. Hughes-Buller: Imperial Gazetteer of India, Vol. Balucistan History

(4) C.F. Miuchin: Kharan, History, P. 49

(1) E.H. Aitken: Gazetteer of the Province of Sindh, P. 95

(2) L.Dames: Popular Poetry of the Balochs, The thirty years war.

(3) G.B. Malleson: The Historical sketch of the Native states of India, CHP. XIV, London, 1875

(1) J. Tod: Amals & Antiquities of Rajasthan, Vol.II, P.21

(1)  احمد آباد جي شهر جو بنياد سلطان مظفر جي پوٽي سلطان احمد سنه 1411ع ۾ وڌو هو. سلطان محمود چانپانير ۽ جھوناڳڙهه جا ٻه قلعا فتح ڪيا هئا، ان ڪري بيگڙه جي لقب سان سڏبو هو.

فرشتا: جلد: 2، ذڪر سلطان محمود بيگڙه، ص. 300-301- مرات محمدي، ص. 85

(2) Edmund.C.Cose: A short History of Bombay Persidancy, PP.44-45 Bombay, 1887

(1)  مير ممند سمه سلاطين سمه جي درٻار ۾ ناظم هو. دودي جي ٻي پٽ گورش جو اولاد گورچاڻي سڏجن ٿا.

فرشتا: جلد 2، ص. 521، ذڪر سلاطين لانگاه ملتان

J.Tod: Amals & Antiquities of Rajasthan, Vol.II, P.225

تاريخ بلوچيان: سردار غلام رسول قرائي، ذڪرمرراڻي دوداڻي، امرتسر

سيرة المتاخرين: مترجم: پروفيسر عباسي، جلد: 1، ص. 12، لاهور

(2) مير بيورغ رند کي گران ناز مان هڪڙو پٽ گشڪور نالي ڄائو هو. گشڪوري سندس اولاد آهن.

L.Dames: Popular poetry of the Baloches, Earlier period, P.48

(1)  سنڌ جي تاريخن ۾ ويندي تحفة الڪرام تائين بلوچن جو ڪوبه ذڪر ڏنل ڪونهي جا وڏي غلطي آهي.

E.H. Aitkan: Gazetteer of the Province of Sindh, CHP.III, P.99

(2)  شاهه جو رسالو: ڊاڪٽر گربخشاڻي جلد: 1، ڪراچي 1924ع

(3)  فرشتا جلد: 2 ص. 523

نوٽ: مرزا شاهه بيگ وڏو عالم، فاضل ۽ نيڪ بخت حاڪم ٿي گذريو. قنڌار واري زماني ۾ علمائن جي مجلس ۾ گذاريندو هو. علم نحو جي ڪتاب ڪافيه جي شرح، عقائد نفسي جي شرح ۽ مطالع منطق جي شرح ۽ ٻيا ڪيترائي عربي ۾ رسالا تصنيف ڪيائين. مهدي جونپوري سان به مباحثو ڪيو هئائين. ڏسو مذاهب اسلام حڪيم نجم الغني ذڪر مهدي جونپوري.

(1) تاريخ معصومي، سنڌي ترجمو: 1868ع ڪراچي. سمن سهتن ۽ سوڍن جي مدد سان ارغونن سان جنگ ڪئي، مخدوم بلال بزرگ به سندن مدد ڪئي پر شاهه بيگ کين شڪست ڏيئي ٽلٽي جي قلعي تي قبضو ڪيو. ڄام صلاح الدين ٻيهر سوڍن ۽ جاڙيجن جو لشڪر وٺي مقابلي لاءِ آيو، پر جوڻ جي ڳوٺ وٽ شڪست کائي ويو. ڄام فيروز ٽيون دفعو ڪڇ مان پنجاهه هزار لشڪر سان سنڌ تي ڪاهه ڪئي، پر راهموڪي ڳوٺ وٽ شڪست کائي ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويو. وري نه موٽيو. جوڻ ۽ فتح باغ ٻه شهر هاڻوڪي ڦليلي جنهن کي اڳ ريڻ واه چوندا هئا، هينئر ڦٽي ويو آهي. تنهنڪري ڦٽو سڏجي ٿو. ان جي ڪپ تي هڪٻئي کان ٽن ڪوهن جي مفاصلي تي هئا. جوڻ ڪپهه جي واپار ۽ فتح باغ ميوي ڪري مشهور هئا. عبدالنبي ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ ٻئي شهر مدد خان پٺاڻ ساڙائي ڇڏيا هئا. 

(1) فرشتا: جلد: 2، ص. 522-523

(1) W. Erskine: Baber & Humayun, Vol.II,P.327

M.Elphphiustone: History of India, CHP.IV, P.467, London, 1874

(1) L.Dames: Popular Poetry of the Baloches, expedition to Delhi, PP.32-33

R.Hughes-Buller: Makran, Population the Rinds, P. 100

(2) Sir Lepel Griffin: Rulers, of India, Ranjit Singh, P. 200, Oxford, 1893

L.Dames: The Baloch Race. (R.A.C) Lahore, 1904

سنه 1901ع جي هندستان جي آدم شماري رپورٽ موجب سنڌ ۾ بليدين مان حاجي زئن جو تعداد 68 هزار ۽ سندراڻين جو تعداد 55 هزار ۽ چانڊين جو تعداد 75 هزار ڏيکاريل آهي.

(1) Kalichbeg Gredunbeg: Chachnamah, P.39

(2) تاريخ الامت: حافظ محمد اسلم جيراجپوري، جلد: 4، ص. 170- المامون: شبلي نعماني

(3) R.Hughes-Buller: Imperial Gazetteer of India, Vol, Baluchistan Revenue History PP.68-69

نوٽ: مرزا شاهه حسن پيءُ وانگر وڏو عالم ۽ شاعر ٿي گذريو. سپاهي تخلص هئس. سندس مڙهه مڪي شريف ڏانهن موڪليو ويو. هن ساري زندگي ۾ جنگ جي ميدان ۾ ڪڏهن به شڪست ڪانه کاڌي هئي.

(1) H.Moorse Stephens: Rulers of India, Albuquerque, P.71, 1892

(2)  مصر تي مملوڪ سلاطين اڍائي سؤ ورهيه حڪومت ڪئي. حجاز ۽ مقامات مقدس جو ڪم ۽ حفاظت سندن بلي هئي. قانصوغوري پويون سلطان هو، جنهن کان سلطان سليم پهرين سنه 922هه/1517ع ۾ مصر فتح ڪيو.

تاريخ دولت عثمانيه: محمد عزيز، ص. 198-199، دارالمعارف اعظم ڳڙهه

(3) M.Elphinstone: The Rise of British Power in the east, CHP.I, London, 1887

عيسوي 15 صدي جي آخر ۾ ٻه واقعا ٿيا. سنه 1492ع ۾ ڪولمبس آمريڪا ڳولي لڌي. سنه 1498ع ۾ واسڪوڊيگاما هندستان جو بحري رستو ڳولي لڌو. مشرق ۽ مغربي دنيا جو سياسي زوال هن صدي کانپوءِ شروع ٿيو.

(1) British India, P.31 London, 1896

(2) Manual DE Faria Y.Souza: Portugues Asia, translated by J. Steveus, London, 1695

R. Huges-Buller: Makran, Kalmaties, PP.95-96

(1) سنه 1831ع ۾ جڏهن اليگزينڊر برنس ٺٽي مان لنگهيو هو اُن وقت شهر جو اوج مٽجي چڪو هو.

(2) Hag: Indus Detta Cauntry.

(1)  مرزا جاني بيگ کي اڪبر پنج هزاري رتبو ڏنو هو. مرزا غازي بيگ درويش سيرت ۽ شاعر هو. سندس تخلص وقاري هو، فن موسيقي جو به ماهر هو. ايران جا شاعر طالب، آملي ۽ ملا مرشه يزدي سندس نوازشات جا تربيت يافته هئا، سلطان محمود 982هه ۾ وفات ڪئي. قرآن شريف جي گهڻي تلاوت ڪندوهو، پيرن ۾ زنجير ٻڌي بکر جي قلعي تان درياءَ ۾ ٽپو ڏيندو هو، پر تري ٻاهر نڪرندو هو. مرزا محمد باقي، مرزا عيسيٰ، مرزا جاني بيگ، مرزا عيسيٰ خان ثاني ولد مرزا جان بابا جون قبرون ڪوه مڪلي تي آهن.

(1) Stanely lane-Poole: Mediaval India, Battle of Paniput, PP.203-204

(2) R.Hughes Buller: Makran, Population, Rinds.

(3) Dr. P.Saran: Provincial Government of the Moghals, 1526-1658.

    HAAGICKAN The Kingdom of the Balochis west of Thatta & Bokhar, P.108, Allahbad.

(4) J.Sarkar: History of Aurangzeb, Vol.I, CHP.VII, P.131, Calcutta, 1912.

(1)  سموري بيان لاءِ ڏسو ”اداب عالمگيري“ جو دراصل ڇهه سؤ خطن جو مجموعو آهي، جن مان عالمگير جي ايام شهزادگي جي ڪارنامن جي خبر پئجي سگهي ٿي. مٿيان خط شيخ ابو الفتح عهد عالمگير ۾ گڏ ڪيا هئا. منشي الممالڪ جي عهدي کي پهتو هو.

(1) J.Sarkar: History of Aurangzeb, Vol.I, CHP.VII, P.118

(2) ديبل بندر کانپوءِ لاهري بندر سنڌ جو مشهور بندر هو. شيخ ابن بطوطه پنهنجي سفرنامي ۾ سندس ذڪر ڏنو آهي. عبدالرحيم خان خانان ٺٽو فتح ڪرڻ کانپوءِ گهڻو وقت لاهري بندر تي سمنڊ جو نظارو ڏسڻ لڳو.

(1) دارا شيخ محي الدين ابن العربي جو معتقد هو. ابن العربي سنه 1165ع ۾ اسپين جي شهر مرشيا ۾ ڄائو. سنه 1202ع ۾ اشبيله کان نڪري مصر، حجاز جو گشت ڪري دمشق پهتو. جتي 78 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. سندس ٻه فتوحات مڪيه ۽ فسوس الحڪام مشهور آهن. دارا جو مشهور تصنيف ڪيل ڪتاب ”سفينته الاوليا“ آهي، جنهن کي شهزادي جي فرمائش سان شيخ جعفر بن علي حضرمي المتوفي 1064هه ۾ عربي ۾ ترجمو ڪيو.

(1) F.B erniers: travels in the Mughal Empire, Vol.I, PP.203-4, 1890

چون ٿا ته جڏهن دارا جي سواري دهلي پهتي تڏهن هئبت خان بلوچ جي تحريڪ سان، جو اورنگزيب جي فوجن ۾ عملدار هو، دهلي جي ماڻهن ملڪ جيوڻ تي پٿر اُڇلايا هئا.

(2) A.W. Hughes: Baluchistan, CHP. History of kalat.

(3) تاريخ بلوچستان: راءِ بهادر هيتورام، ذڪر احمد زئي. هيتورام آخوند محمد صديق جي فارسي تاريخ جو لفظ بلفظ ترجمو پنهنجي تاريخ ۾ اصلي فارسي زبان ۾ ڏنو آهي. آخوند صاحب خان خداداد خان جي زماني ۾ ٿي گذريو.

(4) Imperial Gazetteer of India, Vol. Baluchistan, History, P.14

(1)  اؤرنگا آباد بندر لاهري کانپوءِ شهرت حاصل ڪئي. سنه 1652ع ۾ اورنگزيب تعمير ڪرايو هو.

H.T. Sorely: Shah Abdul Latif of Bhit, CHP.II, P.46, London, 1940

(2) بروهي قبيلي جا ست مشهور پاڙا هن ريت آهن:- 1. قنبراڻي 2. احمد زئي 3. ميرواڻي 4. قلندراڻي 5. سما علاني 6. گرگناڙي 7. ذگر مينگل. ڏسو ڪتاب يادگار تاجپوشي قلات سنه 1932، مولوي دين محمد لاهوري امپيرئل گزيٽيئر انڊيا جلد بلوچستان ۾ خوانين قلات جا نالا فقط مير احمد اول کان ڏنل آهن.

(1)  ميان اوڍاڻي جي اولاد مان ٿل نالي هڪڙي بزرگ قاهره ٻيلي (لسٻيلي) ۾ گوجر قوم کي شڪست ڏئي لسٻيلي تي قبضو ڪيو هو. گوجر اصل جارجيا جا رهاڪو هئا. جتان نڪري پنجاب ۾ گجرانوالا ۾ سڪونت اختيار ڪيائون. اتان نڪري گجرات  وارد ٿيا. گجرات تي سندن ڪري نالو پيو. چولوڪيا خاندان کانپوءِ هن قوم گجرات تي ڪو وقت حڪومت ڪئي هئي جن ڏينهن ۾ هوئن ٽسانگ هندستان ۾ آيو هو. ڏسو مرات محمدي، شيخ غلام محمد، ص. 12

ٿل کانپوءِ پٽس بهليل گاديءَ تي ويٺو، سندس پٽن مان چنيه کنڀات جي اوڍيجه قوم ۾ سڪونت اختيار ڪئي. هن ڪانگڙه جي زميندار تعلقي ڏيپلي جي پلال سمه جي ڌيءَ دهرا سان شادي ڪئي، کيس محمد نالي پٽ ڄائو، جو ڪلهوڙن ۽ دائودپوٽن جو ڏاڏو شمار ٿئي ٿو. هن سنڌ جي ستن راڻن جي ڌيئرن سان شاديون ڪيون. چنيه روهڙي تعلقي پريالو ۾ چنيه ٻيلي ۾ ڪجھ وقت رهيو. سنه 1220ع ۾ هن کنڀات ۾ سانڪره ڳوٺ ۾ وفات ڪئي، اُتي دفنايو ويو. (تحفة الڪرام، دفتر 3، ص 102-103)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org