سنڌوندي جي واپار جو نتيجو:
انگريزن ميرن سان سنڌوندي جي واپار متعلق جيڪو
معاهدو ڪيو هو، ان معاهدي موجب سنڌ، بهاولپور،
خالصا سرڪار ۽ انگريز حصيدار هئا. مٿين واپار مان
انگريزن جي خاص مراد هئي ته سنڌو ندي وارن ملڪن
سان واقفيت رکن. انگريز ايجنٽ واپار جي بهاني سان
ڪراچي، مٺڻ ڪوٽ ۽ فيروزپور ۾ دفتر کولي ويٺا.
هرند- داجل جي هڪڙي رهاڪو محمد شريف معرفت ديره
جات جو احوال معلوم ڪرڻ لڳا. محمد شريف پهرين ڪابل
ويڙهه ۾ انگريزن جو ڪارائتو ڇاڙتو ٿي ڪم ڪرڻ لڳو.
سنڌ- ستلج واري واپار ۾ فقط انگريز فائدي ۾ رهيا.
اڳ مالوه جو آفيم ٽالپري حڪومت معرفت سنڌوندي
وسيلي ڪراچي کان ڊيو ۽ گوئا بندرن ڏانهن ويندو هو.
اُتان پورچوگيزن معرفت چين پهچندو هو، جتي وڏي رقم
تي وڪامندو هو. سنڌ حڪومت کي وڏو فائدو پهچندو هو.
سنه 1773ع کان ايسٽ انڊيا ڪمپني آفيم جي واپار تي
قبضو ڄمائڻ لڳي. ٽالپرن سان معاهدو ڪرڻ کان پوءِ
هندستان جي آفيم تي انگريزن مڪمل قبضو ڄمائي ورتو.
سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ رنجيت سنگهه جي آخري ڪوشش:
شڪارپور دره بولان کان پوءِ پهريون نمبر دولتمند
شهر هو، جنهن جو واپار ملتان، بحيره خزر، بخارا،
خراسان، ڪابل، قنڌار سان هلندڙ هو. رنجيت سنگهه جي
فوجن کي ويجھو هو. مرحوم امير الدوله بهادر رنجيت
سنگهه ڏانهن پنهنجو ايلچي درويش محمد دوستاڻن
لاڳاپن رکڻ لاءِ روانو ڪيو هو، مگر رنجيت سنگهه
سنڌ متعلق ٻٽي پاليسي اختيار ڪئي هئي. هڪڙي پاسي
انگريزن کي خوش رکڻ لڳو، ٻي پاسي سنڌ تي جھٽ هڻڻ
لاءِ حيلا هلائڻ لڳو. سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ
انگريزن کان اجازت وٺڻ لاءِ ڪلڪتي جي فورٽ وليم
قلعي جا در کڙڪائڻ لڳو. سنه 1834ع ۾ هن سردار گجر
سنگهه مجيٺا کي گورنر سان ڳالهين ڪرڻ لاءِ ڪلڪتي
ڏانهن روانو ڪيو. سک سردار نه اڳ فرنگين جون ڪڏهن
ڪلبون ڏٺيون هيون ۽ نه وري ڀورين مئڊمن جي ناز ادا
کان واقف هو. قضا سان هڪڙي گل اندام مئڊم جي دام
فريب ۾ گرفتار ٿي ويو. غير ممڪن هو ته ڊگهي ڏاڙهي
۽ ڊگهن وارن واري سک سان مئڊم محبت رکي. انگريز هن
کي ”ڪاري رڍ“ سڏڻ لڳا. هو سڄا سارا ٻه سال سفارت
جي فرض ادا ڪرڻ بدران مئڊم تي فدا رهيو. اپريل
1836ع ۾ کيس لاهور درٻار پاران دٻ نامو پهتو، تڏهن
دل جون حسرتون دل ۾ سانڍي هٿين خالي لاهور موٽي
آيو. مئڊم جي صحبت مٿس ايترو اثر ڪيو هو جو باقي
عمر جا ڏينهن وڇوڙي ڪري تارڪ الدنيا ٿي رهڻ جو هن
ارادو ڪيو.
مزارين جو مٺڻ ڪوٽ کي ڦرڻ:
سنه 1834ع ۾ سردار بهرام خان مزاري مگسين، بليدين
۽ مزاري لشڪر سان مٺڻ ڪوٽ کي ڦريو. ملتان جي خالصا
ڪمانڊر ڪنور نونهال سنگهه فوجن سميت مٺڻ ڪوٽ پهتو.
هو ٽالپرن کي دٻائڻ لڳو ته 12 لک رپيا ساليانو
خالصا سرڪار کي ڀري ڏين. رنجيت سنگهه ٻيو سوال
اٿاريو ته خالصا سرڪار کي سنڌوندي تان هٿيارن
گهرائڻ جي حق کي مير تسليم ڪن. انباري ۾ سنڌ جو
هڪڙو هندو مؤرخ راءِ بهادر بولچند ديارام لکي ٿو
ته ٽالپرن 12 لک رپيا خالصا سرڪار کي ڏيڻ منظور
ڪيا.
حقيقت هن ريت آهي ته رنجيت سنگهه پاران ملتان ۽
ديره جات مٿان ديوان سانوڻ مل سنه 1832ع کان سنه
1844ع تائين نائب هو، انگريزن جي ارادن کان واقف
هئڻ ڪري سندس بلوچن سان همدردي هئي. سندس چوڻ هو
ته جيڪڏهن ٽالپرن شڪسٽ کاڌي ته انگريزن جو سمورو
دٻاءُ پنجاب تي پوندو. لاهور سرڪار ۽ سنڌ سرڪار جي
وچ ۾ جڏهن ڪوبه سوال اٿندو هو ته مير صاحب ديوان
جي معرفت فيصلو ڪرائيندا هئا. مزارچه جو علائقو
ٽالپرن جي ماتحت هو، تنهن ڪري مٺڻ ڪوٽ جي نقصان جو
عيوضو مير صاحبن کي ڀري ڏيڻو هو. ڪنور نونهال
سنگهه شڪارپور تي ڪاهه لاءِ ڌمڪيون ڏيئي رهيو هو.
تنهن لاءِ فقير عزيزالدين ڪپتان ويڊ کي پڪ ڏني هئي
ته رنجيت سنگهه هر وقت شراب ۾ غلطان رهي ٿو، سندس
دڙڪا شرابي دڙڪا آهن. تنهن هوندي به ڪپتان ويڊ صاف
لفظن ۾ لاهور درٻار کي چتاءُ ڏنو ته سنڌ جا مير
هينئر انگريزن جي قبضي هيٺ آهن ۽ سنه 1832ع جي
معاهدي موجب سنڌوندي تان هٿيار نيڻ تي بندش پيل
آهي. مير صاحبن مٺڻ ڪوٽ جي ڦرلٽ جي عيوضي ۾ 12 لک
رپيا ڀري ڏنا.
مير ثريا جاه بهادر جي وقت جي حاڪمن کي اتحاد رکڻ
لاءِ صلاح ڏيڻ:
ڪپتان ويڊ رنجيت سنگهه کي جيڪو سنڌ متعلق چتاءُ
ڏنو، سو ميرن جي آزادي جي صفا خلاف هو. مير صاحبن
کي پنهنجي سياسي پوزيشن جي خبر پئجي ويئي. بلڪه
سنڌ جي آبادگارن کي به پڪ ٿي وئي ته ضرور انگريز
هڪ نه هڪ ڏينهن سندن ملڪ تي قبضو ڪندا. ٽالپر مير
بلوچن کي بيدار ڪرڻ لڳا، جيئن قوم تنظيم سان متحد
ٿي ايندڙ مشڪلاتن کي منهن ڏيئي سگهي. مير علي مراد
خان ماڻڪاڻي سنڌيا جي لشڪر جي هڪڙي فرنگي عملدار
کي جيڪو سيمن نالي هو، پنهنجي فوج کي جنگي تعليم
ڏيڻ لاءِ نوڪر رکيو. رنجيت سنگهه حڪومت قلات جو
حصو ديره جات ۾ ڦٻايو هو ان ڪري مير نور محمد خان
ثريا جاه بهادر پنهنجي خاص خزانچي مرزا باقر کي
مير محراب خان ثاني بيگلر بيگي قلات ڏانهن دوستي
لاءِ ايلچي ڪري موڪليو. هڪڙي علي محمد نالي
هندستاني کي امداد لاءِ خط ڏيئي محمد شاهه قاچار
ايران ڏانهن روانو ڪيو. جوڌپور انگريزن جي نگراني
هيٺ هو، تنهن هوندي به مير صاحب اتي جي راجا مان
سنگهه کي لکيو ته هينئر وقت آهي ته بلوچ، افغان،
ايراني ۽ راجپوت گڏجي انگريزن کي اُتر اولهه
هندستان کان لوڌي ڪڍن. هڪڙو ايلچي قنڌار جي
بارڪزئي سردار ڏانهن روانو ڪيو ويو. مٿيون سموريون
ڪوششون برٽش ڊپلوميسي اڳيان بي سود ثابت ٿيون.
مثال لاءِ مرزا باقر شاهه اڃا قلات ۾ هو ته پٺيان
شهداداڻين ۽ ماڻڪاڻين جو پاڻ ۾ زمينن تان تڪرار ٿي
پيو، ان ڪري فيصلي ڪرڻ لاءِ شاهه صاحب کي واپس
اچڻو پيو. جوڌپور درٻار کان ڪو جواب ڪين پهتو.
ايران سان خط و ڪتابت ڪرڻ مان فقط هي نتيجو نڪتو،
جو هڪڙو ايراني شهزادي حاجي حسن علي خان مير صاحب
وٽ شاهي مهمان ٿي لٿو. بارڪزئي سردار چوائي موڪليو
ته ضرورت وقت روسي، ايراني ۽ افغان گڏجي ٽالپرن جي
مدد ڪندا. مٿين تسلي ڪري ڪو وقت سنڌ جي اُفق تي
افواهه پئي هليا ته عنقريب روسي، افغان ۽ ايراني
ڪابل کان اچي مير صاحبن کي مدد ڏيندا.
هوڏانهن ڪرنل پاٽينجر جي ديسي ايجنٽ منشي ڄيٺانند
سموري رپورٽ پيش ڪئي، جيڪا برٽش حڪومت تائين پهتي.
پهرين افغان ويڙهه، حالات ڪابل:
امير دوست محمد خان سياڻو بادشاهه هو، حڪومت هلائڻ
جي ڍنگ کان واقف هو. شاهه شجاع لاءِ افغانن کي
نفرت هئي. لڌيانه ۾ انگريزن جي ٽڪرن تي پلجي رهيو
هو. فقط سدوزئي خاندان هئڻ ڪري پاڻ کي ڪابل جي تخت
جو سکڻو وارث سمجھندو هو.
امير دوست محمد خان خالصا سرڪار ۽ انگريزن کي
پنهنجو دشمن سمجھندو هو. ڇاڪاڻ جو پشاور جي علائقي
تي رنجيت سنگهه قبضو ڪيو هو. لارڊ وليم بينٽڪ کان
پوءِ سنه 1835ع کان 1836ع تائين سر چارلس ميٽڪاف
گورنر جنرل مقرر ٿيو. هن هندستاني پريس کي ڪنهن
قدر آزادي ڏني هئي. ان ڪري ايسٽ انڊيا ڪمپني هن کي
واپس گهرائي لارڊ آڪلنڊ کي سندس جاءِ تي مقرر ڪيو،
جيڪو 1841ع تائين گورنر جنرل رهيو. هن اچڻ شرط 26
سيپٽمبر 1836ع ۾ ڪرنل هينري پاٽينجر معرفت ٽالپر
ميرن تي دٻاءُ وڌو ته مير صاحب پنهنجي بچاءُ لاءِ
انگريز ريزيڊنٽ کي حيدرآباد ۾ رهڻ لاءِ منظوري
قبول ڪن. گورنر جنرل عذر پيش ڪيو ته جيڪڏهن سک سنڌ
تي حملو ڪندا ته انگريز ٽالپرن کي مدد ڏيندا.
حقيقت ۾ سکن کي هينئر ايتري فرصت ڪانه هئي جو سنڌ
ڏانهن رخ رکي سگهن. سرحدي افغان ۽ ديره جات جا
بلوچ سندن مٿي سور لاءِ ڪافي هئا. سنه 1837ع ۾
پشاور جي هولناڪ جنگ ۾ سکن امير دوست محمد خان جي
پٽ اڪبر خان هٿان سخت شڪست کاڌي. سکن جو مشهور
سپهه سالار هري سنگهه نلوه مارجي ويو. هن موقعي تي
رنجيت سنگهه انگريزن کان مدد گهري هئي، پر هنن
انڪار ڪيو هو.
انگريزن جي خاص مرضي هئي ته ڀل خالصا ڪمزور رهن.
هندستان جو بيمار مرد:
سنڌ انگريزن جي نظر ۾ هندستان جو بيمار مرد هو.
جيئن يورپ ۾ ترڪي کي مٿين لقب سان سڏيندا هئا.
واقعي بلوچي حڪومت موت جي بستري تي پاسا بدلائي
رهي هئي. انباري ۾ سر چارلس نيپئر جو ڀاءُ ميجر
وليم نيپئر پنهنجي ڪتاب ”فتوحات سنڌ“ ۾ هيٺيون سبب
ڏيکاريو آهي:
”انگريزن جي ملڪي جوڙجڪ جو نمونو ٽالپري نظام کان
بهتر هو. ٽالپرن وانگر انگريز به ڌاريا هئا، مگر
بلوچن کان مهذب هئا، وٽن علم ۽ هنر هو. بدني طاقت
۽ استقلال جي لحاظ سان بلوچن کان وڌيڪ چست هئا.
انگريزن جون دليون سوڀن جي نشي ڪري مخمور هيون،
ڪابه طاقت سندن وڌندڙ قدم کي روڪڻ کان عاجز هئي.
انگريزن جو واپار ۽ سندن شين جو ڏيک لازمي طور
ايندڙ تهذيب جو آغاز هو، جنهن سان پراڻي تهذيب جو
ٽڪرجڻ لازمي امر هو.“
وليم نيپئر جيڪو بيان ڏنو آهي، سو گمراهه ڪن آهي.
هت اُن زماني جي انگريزي هندستان جي سنڌ سان ڀيٽ
ڪيون ٿا. پڙهندڙن کي نئين ۽ پراڻي تهذيب جي برڪتن
جي خبر پئجي سگهندي. جيئن هندستان جي دفترن جي
ٻولي فارسي هئي، تيئن سنڌ جي سرڪاري ٻولي به فارسي
هئي. لنڊن ليڊن هال بازار جي ڊائريڪٽرن جي حڪم سان
فارسي ٻولي هندستان جي عدالتي دفترن مان ميسارجي
وئي، سندس جاءِ تي ديسي زبان چالو ٿي. ڇاڪاڻ جو
ڪمپني جا ڊائريڪٽر اسلامي تهذيب ۽ ادب جي خلاف
هئا. تعليمي حالت ڪمپني جي راڄ ۾ پست هئي. هڪڙو
هندو ڪاليج بنارس ۾ هو ۽ محمدن ڪاليج ڪلڪتي ۾ هو.
لارڊ وليم بنيٽڪ جي زماني ۾ سپريم ڪائونسل جي
ميمبر مڪالي جي صلاح سان انگريزي ٻولي مقرر ٿي،
جيئن رومن شهنشاهن رومن ٻولي کي پنهنجي شهنشاهت
اندر لازمي مقرر ڪيو. جيسين هندستاني انگريزي سکن،
تنهن کان اڳ ديسي ٻوليون دفتر ۾ چالو ٿيون.
انگريزي کاتا ڪليڪٽرين ۾ ورهايل هئا. بدامني جي
حالت ۾ سپاهين کان سواءِ فوجن کان به ڪم ٺندا هئا.
وليم بينٽڪ جي زماني ۾ پهريون دفعو ديسين کي پوليس
کاتي ۾ ڀرتي ڪيو ويو. بمبئي ۽ ڪلڪتي ۾ آگبوٽن جڙڻ
جون گوديون جاري ٿيون. مگر انجڻون ولايت کان
اينديون هيون. ڪلڪتي ۽ الهه آباد جي وچ ۾ گنگا ندي
تي آگبوٽ هلڻ لڳا. اڳ هندستان جي ٽپال آفريڪا جي
چؤگرد ڦري 113 ڏينهن ۾ انگلينڊ پهچندي هئي. وليم
بينٽڪ جي ڏينهن ۾ بمبئي کان بحيره قلزم تائين ٽپال
نيڻ جو تجربو ڪيو ويو، جنهن موجب 55 ڏينهن ۾
انگلينڊ ٽپال پهچڻ لڳي.
سنه 1833ع ۾ ڪمپني جي چارٽر جو مدو ختم ٿيو. نئين
چارٽر موجب ويهن سالن لاءِ ڪمپني کي وڌيڪ هندستان
تي حڪومت ڪرڻ لاءِ دارالعوام لنڊن کان اختياري
ملي. انگريزي علائقن ۾ مال جي مٽاسٽا تي ڊيوٽي
لاڳو هئي. نشيدار شين جي واپار تي بندش پيل هئي.
ڪمپني جا عملدار ڳريون رشوتون وٺندا هئا. هر هڪ
علائقي ۾ کاتن اندر رشوت جي بازار گرم هئي. ڪالرا،
پليگ ۽ ڏڪر ڪري راجپوتانا، ڪڇ ۽ گجرات جي رعايا
مفلس هئي. ڪاٺياواڙ جا 3 سؤ زميندار جن مان هر هڪ
جي اڳ سالياني آمدني هڪ لک ويهه هزار رپيا هئي، سا
گهٽجي وڃي ساليانو ڏهن پائونڊن کي پهتي. زميندارن
تي ڍلون وڌايون ويون، جنهنڪري ڪول، سنتال، ڊنگر
جهڙين آبادگار قومن ڏکڻ اولهندي بنگال ۾ 1832ع ۾
فساد ڪيا. بمبئي جهڙن شهرن ۾ مهانگائي هئي. بٽلر
جو پگهار ماهوار 12 رپيا هو ۽ هڪڙو درزي بمبئي
جهڙي شهر ۾ 15 رپيا مس ماهوار ڪمائي سگهندو هو.
مٿيون برڪتون 234 ورهين جي ڪمپني راڄ اندر
هندستانين کي نصيب ٿيون، جن کي وليم نيپئر ساراهي
ٿو.
سنڌ ۾ امن امان هو، آسودگي جو دور هو. مکڻ ڪوڏرن
جي لپن جي ماپ سان ملندو هو.
تعليمي ادارا وقف تي هلندا هئا.
رعايا ڏڪر ۽ بيمارين کان محفوظ هئي.
ڪابل تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ انگريزن، سکن ۽ شاهه شجاع
جو عهدنامو:
نومبر 1837ع ۾ روسي وزير جي صلاح سان ايران جي
شهزادي محمد ميرزا شاهه هرات تي ڪاهه ڪئي. لارڊ
آڪلنڊ جو ڌيان روس ڏانهن ڇڪجڻ لڳو. دوست محمد خان
جنهن اڳ انگريزن کان سکن خلاف مدد گهري هئي، سو
انگريزن کان نااُميد ٿيڻ کان پوءِ روسي سفير مقيم
ڪابل سان عهدنامي ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪرڻ لڳو.
گورنر جنرل کي خوف جاڳيو ته متان روسي خيوا کان
افغانستان رستي هندستان تي حملو نه ڪن، ان ڪري هن
معزول بادشاهه شاهه شجاع کي ٻيهر ڪابل تي تخت تي
ويهارڻ جو ارادو ڪيو، ان لاءِ ته ڪابل تي انگريزن
جو سياسي اثر رهي. اسين اڳ ذڪر ڪري چڪا آهيون ته
شاهه شجاع ۾ نه فوجي قابليت هئي نه وري حڪومت
هلائڻ جي منجهس اهليت هئي. هن هڪ ڀيرو 1834ع ۾
قنڌار تي فوج ڪشي ڪئي هئي. ان ڀيري آغا اسماعيل
شاهه جي پٽ سيد ڪاظم شاهه شهداداڻي سرڪار پاران
سيد گولي شاهه سهراباڻي سرڪار پاران روهڙي وٽ 18
هزار فوجن سان سندس مقابلو ڪيو هو، پر ٻئي ٽالپري
سپهه سالار مارجي ويا هئا. آخر مير صاحبن هن کي 12
لک رپيا ڏيئي رستو ڏنو هو، پر شڪست کائي قلات،
حيدرآباد ۽ جيسلمير کان ٿيندو لڌيانه پهتو هو.
مير محراب خان ثاني بيگلر بيگي قلات انگريزن کي
بروقت چتاءُ ڏنو هو ته ”شاهه شجاع معرفت اوهين
سنڌ تي ميرن ۽ بلوچستان جي سردارن کي آزمائڻ گهرو
ٿا، مگر اوهان کي پڪ هئڻ کپي ته شاهه شجاع ڪابل جي
تخت تي هرگز حڪومت هلائي نه
سگهندو.“ 20- مارچ 1838ع ۾ لنڊن جي ڊائريڪٽرن
اڳيان آڪلنڊ دعوت جي موقعي تي تقرير ۾ ڄاڻايو هو
ته هندستان پهچڻ کان پوءِ هو سڌارن ۽ امن امان
لاءِ ڪوشش ڪندو. هينئر هن ڪابل جي مهم جو ارادو
ڪيو، جنهن لاءِ ناڻي جي ضرورت هئي. گورنر جنرل
رنجيت سنگهه کي هن مهم ۾ شامل ڪيو، ڇاڪاڻ جو لارڊ
آڪلنڊ کي خبر هئي ته رنجيت سنگهه جي سالياني آمدني
اڍائي ڪروڙ رپيا آهي ۽ اٽڪل ڏهه ڪروڙ رپيا نقد
سندس خزاني ۾ موجود آهن. وٽس مضبوط خالصن جو لشڪر
آهي، جن کي ڪرنل آلرڊ ۽ ونيٽورا ولائتي نموني جو
قانون سيکاريو آهي.
اليگزينڊر برنس جنهن 1831ع ۾ شمله ۾ لارڊ ائمهرسٽ
کي سنڌ متعلق رپورٽ پيش ڪئي هئي، تنهن ۾ هن
ڏيکاريو هو ته ميرن جو لشڪر بي قاعده هئڻ ڪري
ڪمزور آهي. مگر مير دولتمند آهن، جن وٽ ويهه ڪروڙ
رپيا حيدرآباد جي قلعي ۾ موجود آهن. رنجيت سنگهه
جون اکيون شڪارپور ۾ کتل هيون، جتي جي شاهوڪارن
جون منڊيون استرا خان ۽ ڪلڪتي ۾ هلنديون هيون.
محمد شاهه قاچار پنجاهه هزار لشڪر سان هرات تي
ڪاهه ڪئي. مٿين ڪاهه ڪري هندستان ۾ افواهه هئا ته
اجهو ٿو روس ٻه لک فوجن سان هندستان تي ڪاهه ڪري.
حقيقت ۾ هندستاني رعايا جيڪا ڪمپني جي ظلمن کان
تنگ هئي، اهڙن افواهن تي گهڻو
ڌيان ڏيندي هئي.
لارڊ آڪلنڊ جي غلط پاليسي:
اليگزينڊر برنس 1837ع ۾ دوست محمد خان کي ڪابل ۾
مليو. ميرن انگريزن سان دوستي رکڻ جو ارادو ظاهر
ڪيو، پر جنهن صورت ۾ تهران جي برٽش سفير ايم.نيل
لنڊن کي ڪابل تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ لکيو هو، تنهن کان
سواءِ گورنر جنرل جي ڪائونسل جي ميمبرن مان
مئڪناٽن ۽ وزير خارجه ڪولوين جنگ جي فائدي ۾ هئا.
ان ڪري آڪلنڊ برنس ۽ دوست محمد جي ڳالهين تي ڪو
ڌيان نه ڏنو. جون 1838ع ۾ مئڪناٽن جي ڪوشش سان
شاهه شجاع، انگريزن ۽ رنجيت سنگهه ۾ ڪابل تي فوج
ڪشي ڪرڻ لاءِ عهدنامو ٿيو. شاهه شجاع رنجيت سنگهه
کي پڪ ڏني ته ميرن کان جيڪي هٿ لڳندو تنهن مان کيس
حصو ڏيندو. تنهن کان سواءِ سنڌوندي جي اولهندي
وارن ملڪن کان هميشه لاءِ هٿ کڻندو. 1- آڪٽوبر
1838ع ۾ گورنر جنرل شمله کان ڪابل تي جنگ جو اعلان
ڪيو. هندستان جي ڪمانڊر بيماري جو بهانو ڪري موڪل
ورتي، لنڊن ڊائوننگ بزار کي ڊيوڪ آوويلنگٽن جهڙي
تجربيڪار فوجي عملدار چتاءُ ڏنو ته برٽش حدن کان
اٺ سؤ ميلن جي مفاصلي تي افغانستان جهڙي جابلو ۽
سرد ملڪ ۾ انگريز فوجن جي سنڀال ڪرڻ ۾ دقت ٿيندي.
مانسٽيوئرٽ ايلفنسٽن به پنهنجي ڪابل واري رپورٽ ۾
ڏيکاريو هو ته:
”انگريز 27 هزار لشڪر آساني سان دره بولان کان
ڪابل تائين پهچائي سگهندا، مگر افغانستان جهڙي
جابلو ملڪ ۽ شوخ طبع افغانن تي حڪومت هلائڻ ۽ لشڪر
کي صحرائن ۽ جبلن پار کاڌ خوراڪ ۽ بارود پهچائڻ
ڏکيو ڪم ٿيندو.“
لارڊ آڪلنڊ جي غلط پاليسي ڪري جيڪو نتيجو نڪتو سو
انگريزن جي تاريخ ۾ هڪ نه مٽجندڙ بدنامي جو داغ
آهي.
گورنر جنرل جو ٽالپرن تي دٻاءُ وجهڻ:
هاڻي سوال هو ته جنگ لاءِ خزانو ڪٿان اچي؟ بنگال
سرڪار جا خزانا اڳيئي خالي هئا. شاهه شجاع کي
ڪمپني جي ناڻي جي ضرورت هئي. مئڪناٽن جي نظر ۾
ٽالپر دولتمند هئا. گورنر جنرل اعلان ڪيو ته
اتحادين جو لشڪر سنڌ مان لنگهندو. ان کان سواءِ
ٽالپر امير 25 لک رپيا شاهه شجاع کي هڪدم ڀري ڏين.
رقم ڏيڻ کان پوءِ هو ڪابل کان آزاد رهندا. گورنر
جنرل اهو به ڏيکاريو ته جيڪڏهن رنجيت سنگهه
سنڌوندي وسيلي هٿيار گهرائيندو ته کيس اجازت ڏبي.
انگريز ريزيڊنٽ ميرن کي چتاءُ ڏنو ته مير ايران جي
شاهه سان انگريزن خلاف لکپڙهه ڪري رهيا آهن. دنيا
کي خبر هئي ته ايران جا قاچار توڻي شهداداڻي مير
شيعا هئا. سندن دوستي حق بجانب هئي. مير ثريا جاه
بهادر انگريز ريزيڊنٽ کي جواب ڏنو ته شاهه شجاع ۽
ٽالپرن جو معاملو خانگي آهي، جنهن ۾ انگريزن کي
دخل ڏيڻ جو ڪو حق ناهي. ڇاڪاڻ جو شاهه شجاع 1834ع
۾ ٽالپرن کي قرآن تي لکي ڏنو هو ته جيڪڏهن هو
قنڌار کان شڪست کائي موٽيو ته پوءِ آئينده لاءِ ڍل
لاءِ هرگز تقاضا نه ڪندو. ڪابل جي ڪاهه لاءِ پنجاب
جو رستو بلڪل ويجهو هو، پر گورنر جنرل رنجيت سنگهه
کي ناراض ڪري نه پيو سگهي. هن ڪراچي، بکر، بولان
کان بنگال ۽ بمبئي جي فوجن کي لنگهائڻ جو ارادو
ڪيو. پويون رستو هڪ هزار ميل ڊگهو ۽ ڏکيو هو، مگر
ايسٽ انڊيا ڪمپني جي نظر ۾ سنڌ ۽ بلوچستان زيردست
حڪومتون
گورنر جنرل رستي گهرئڻ لاءِ اڳواٽ اليگزينڊر برنس
کي قلات ڏانهن روانو ڪيو. ڊسمبر 1838ع ۾ اي.برنس
بکر پهتو ۽ مير رستم خان تي دٻاءُ وجهي بکر جي
قلعي لاءِ گهُر ڪئي. مٿين حقيقت هڪڙي فرينچ سياح
جي.پي فريئر پنهنجي سياحت نامي ۾ هن ريت بيان ڪري
ٿو:
”فرنگي سفير بکر جي قلعي لاءِ مير رستم خان کان
گهُر ڪئي. مير صاحب کي پڪ ٿي وئي ته فرنگي ميرن کي
غلام سمجهن ٿا. مير صاحب فرمايو ته بکر جو قلعو
خيرپور سرڪار لاءِ بچاءُ جو هنڌ آهي، جيڪڏهن ڌاري
طاقت جي هٿ ۾ رهيو ته نه رڳو خيرپور سرڪار کي بلڪ
تختگاهه کي به خطرو رهندو. اهو ساڳيو مير هو، جنهن
تي پنج ورهيه پوءِ انگريزن ڪاهي، سندن ڀائٽن ۽
ڀاڻيجن جون جاگيرون ضبط ڪيون. بکر جو قلعو انگريزن
جنگ ذريعي افغانستان جي بهاني سان هٿ ڪيو. سو وري
سهراباڻي سرڪار کي موٽي ڪين مليو. سر چارلس نيپئر
فاتح سنڌ شريف ٽالپرن سان ظلم ڪيا. سندن دولت لُٽڻ
کان سواءِ حرم جي خواتين جا زيور ۽ جواهر به ڦُريا.“
انگريزن جو بکر جي قلعي تي قبضو:
اي.برنس پيرسن مير رستم خان کي تسلي ڏيندي چيو ته
جيڪڏهن هو قلعو حوالي ڪندو ته سهراباڻي سرڪار
هميشه لاءِ آزاد رهندي. مير صاحب کي لاچار عهدنامو
ڪرڻو پيو. معاهدي جي ڪاغذ تي صحي ڪرڻ مهل هن
انگريز ايلچي کي چيو ته ”جيڪڏهن انگريزن حيدرآباد
سرڪار کان ڪراچي نه ورتي ته پوءِ مون کي خودڪشي
ڪرڻي پوندي.“ مير نورمحمد خان ثريا جاه بهادر
گورنر جنرل کي جواب ۾ لکيو ته افغانستان جو ملڪ
دره گومل کان ويجهو آهي. لارڊ آڪلنڊ لکيو ته سنڌ
جا بندرگاهه فوجن کي لنگهائڻ لاءِ مفيد ٿيندا.
بلوچستان جي حالت سنڌ کان به وڌيڪ نازڪ هئي.
پاٽينجر 1818ع ۾ ڪانولي 1830ع ۾ اُتي جي سياحت ڪري
اُتي جي چپي چپي کان واقف ٿي چڪا هئا. مير شاهنواز
خان پاڻ کي حقي وارث ڪوٺائڻ لڳو. بيگلر بيگي مير
محراب خان جي مقابلي ۾ انگريزن لاءِ ڪارگر هٿيار
هو. سنه 1838ع ۾ حاجي عبدالنبي انگريزن کي اطلاع
ڏيئي ڇڏيو هو ته بلوچستان جا سردار خان جي خلاف
آهن.
حاجي عبدالنبي به گويا انگريزن پاران ديسي ايجنٽ
هو.
برنس بکر ۾ ته ڪپتان ليچ قلات ۾ مير محراب خان
ثاني کان رستي گهرڻ لاءِ ڳالهين ۾ رُڌل
هو. اي.برنس خان صاحب کي چتاءُ ڏنو ته انگريز
لشڪر قنڌار ڏانهن ويندي دره بولان کان لنگهندو.
جنهن لاءِ خان کي باربرداري جا جانور، کاڌ خوراڪ ۽
گاهه موجود رکڻو پوندو، جيڪا رقم انگريز قلات کي
ڀريندا. چارلس ماسن جو بيان آهي ته ان زماني ۾
بلوچستان ۾ ڏڪر پيل هو، ان ڪري خان انگريزي ايلچي
کي صاف لفظن ۾ ٻڌايو ته بلوچستان غريب ملڪ آهي.
منجهس ايتري پيدائش ڪانهي جو هتي جي رهاڪن کي پوري
پئجي سگهي. خان اهو به ٻڌايو ته شاهه شجاع ڪابل جي
تخت تي هرگز جٽاءُ ڪري نه سگهندو.
انگريزن جي دماغ ۾ مغروري سمايل هئي. هنن ڪنهن جي
صلاح تي ڌيان ڪين ڏنو. قدرت کي اهوئي منظور هو ته
هو سخت نقصان سان بيعزت ٿي ڪابل کان نڪرن، جنهن جو
مثال دنيا جي تاريخ ۾ ڪونهي.
سنڌو درياءَ جي لشڪر جي روانگي:
انگريز جي لشڪر کي سنڌ مان لنگهڻو هو جتان کاڌ ۽
خوراڪ جو سامان پهچائڻو هو. ان ڪري لشڪر تاريخن ۾
”انڊس آرمي“ يعني سنڌ جو لشڪر سڏجي ٿو. نومبر
1838ع ۾ بنگالي لشڪر جنهن ۾ 9500 سپاهي 38 سؤ سفر
مئن ۽ ٽيهه هزار اُٺ هئا، جيڪي جنرل سر ولوبي ڪاٽن
جي اڳواڻي هيٺ فيروزپور ۾ گڏ ٿيا. هت گورنر جنرل
رنجيت سنگهه سان ملاقات ڪئي. هن موقعي تي گورنر
جنرل سک راجا کي جيڪو مرڻ جي ڪنڌي تي هو، هندستان
جو نقشو پيش ڪيو، جنهن ۾ ڪمپني جي علائقن جو رنگ
ڳاڙهو ڏنل هو. رنجيت سنگهه کلندي چيو ته عنقريب
سڄو هندستان ڳاڙهو ٿي ويندو. مئڪناٽن گورنر جنرل
پاران فوجن سان سفير هو. بمبئي جو لشڪر جنهن ۾ 56
سؤ سپاهي هئا سر جان ڪين جي اڳواڻي هيٺ بمبئي کان
سمنڊ رستي روانو ٿيو. شاهه شجاع جيڪو ٽيهن ورهين
کان جلاوطن هو تنهن جي لشڪر جو تعداد 6 هزار هو.
هن لشڪر جو خرچ ڪمپني تي هو. 10- ڊسمبر بنگال جو
لشڪر فيروزپور کان روانو ٿيو.
بهاولپور جو نواب جيڪو سنه 1809ع واري معاهدي
امرتسر موجب انگريزن جي نگراني هيٺ هو ۽ جيسلمير
جي راجا جن سان انگريزن سندن کسيل علائقا موٽائي
ڏيڻ لاءِ انجام ڪيو هو، جيڪي هن وقت ٽالپرن جي
قبضي هيٺ هئا. تن اُٺن جي لشڪر کي مدد ڪئي. ساڳي
وقت بمبئي جو لشڪر سر جان ڪين جي اڳواڻي هيٺ جهازن
تي حجامڙي جي ڇوڙ وٽ پهتو. 21 هزار لشڪر کي سنڌ
مان لنگهڻو هو. سڄي سنڌ ۾ ٿرٿلو مچي ويو. انگريزن
جا ايجنٽ واپارين معرفت ڪراچي، شاهبندر، ٺٽي ۾
اناج ۽ چؤپايو مال خريد ڪرڻ لڳا. وڏن شهرن ۾ گدام
کُلي ويا. سيٺ نائونمل جنهن جا درٻار تائين لاڳاپا
هئا سو ڪڇ جي راجا جي مدد سان اُٺ خريد ڪرڻ لڳو.
سنه 1857ع تائين انگريزن جو صلاحڪار ۽ مددگار ٿي
رهيو، کيس ”ستاره هند“ جو لقب مليو هو. لوئر سنڌ
جا ٻه وڏا زميندار جن مان نومڙين مَلڪن جي ڪوهستان
۾ جاگير هئي، تن کي نائونمل معرفت وڏا ٺيڪا مليا.
ٽالپرن جي صاحبي اندر شراب، آفيم ۽ مڇي تان کين
محصول معاف هو. بلڪ سندن سردار احمد خان حملاڻي جي
ڀيڻ سان مير ڪرم علي خان شادي ڪئي هئي. سندس ڌيءَ
سان مير نورمحمد خان شادي ڪئي هئي. مگر هينئر
انگريزن جي ناڻي کي ڏسي بلوچ ڪنفيڊريسي سان غداري
ڪرڻ لڳو. جوکين جو سردار ڄام مهر علي خان جنهن
نومڙين ۽ ڪرمتين (ڪلمتي) جون زمينون حب کان وٺي
گهاري تائين ڦٻايون هيون، تنهن هڪ هزار اُٺ سر جان
ڪين لاءِ تيار رکيا.
سيٺ نائونمل معرفت ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين انگريزن
جي ٽپال پهچائڻ جو کيس ٺيڪو مليو.
ڪراچي جي آبادي فقط ڇهه هزار هئي. پر منجهس پري
پري جا
واپاري رهندا هئا. منهوڙي جي قلعي جي قلعيدار کي
مير صاحبن پاران انگريزن جي جهازن تي گولاباري ڪرڻ
لاءِ حڪم
مليل هو. ان ڪري قلعيدار الهرکئي خان سر جان ڪين
جي جهازن تي گولاباري شروع ڪئي. سر جان ڪين جي
جنگي جهاز ويزلي هڪ ڪلاڪ مٽي جي قلعي تي گولا
وسائي ديوار اُڏائي ڇڏي. فرنگين جي لشڪر جو تعداد
ساڍا پنج هزار هو، ٽالپرن جي قلعي ۾ بلوچي لشڪر جو
تعداد 3 هزار هو، انڪري لازمي طور سر جان ڪين
ڪراچي تي قبضو ڪيو. هيڏانهن حيدرآباد جي انگريز
ريزيڊنٽ ليفٽيننٽ ايسٽ وڪ جي ڪوٺيءَ ٻاهريان بلوچن
جو گوڙ متل هو، ڇاڪاڻ جو فرنگي فوجن جي نقل ۽ حرڪت
کي بلوچ پاڻ لاءِ بيعزتي سمجهڻ لڳا. هڪڙي ڏينهن
اوچتو تختگاهه ۾ افواهه اٿيو ته مير شيرمحمد خان
ماڻڪاڻي 12 هزار لشڪر سان حيدرآباد کي ويجهو پهتو
آهي. مٿين خبر بلوچي ڇوڪرن کي بجلي وانگر ڀڙڪايو
انهن غلطي ڪري ريزيڊنٽ تي پٿر اُڇلايا. ليفٽيننٽ
ايسٽ وڪ حفاظتي دستي سان جڏهن ڪوٺي کان ٻاهر نڪتو.
انوقت ويهه هزار بلوچن جو هجوم سندس پٺيان پيو، هو
گدو بندر کان اُتر طرف ٻن ميلن جي مفاصلي تي
سلامتي سان ٽنڊي نورمحمد پهتو. پٺيان جن واپارين
مال سان گدام انگريزن لاءِ ڀريا هئا، تن کي بلوچ
لُٽڻ لڳا. مٿين گدامن جي لُٽجڻ ڪري مير ذوي
الاحترام انگريزن کي تسلي ڏني ته فسادين سرڪار جي
رضامندي کان
سواءِ مٿين سازش ڪئي آهي. کين جوڳيون سزائون ڏنيون
ويون. ڪن جون ڏاڙهيون ڪوڙيون ويون ۽ ڪن جا ڪن
ڪپايا ويا. بلوچي روايتن موجب مٿيون سزائون سخت
هيون.
انگريزن جو ٽالپرن سان پنجون عهدنامو:
ڪراچي تي انگريزن جي قبضي هئڻ ڪري حيدرآباد جي
سياسي حلقن ۾ بي آرامي پيل هئي. مير ثريا جاه
بهادر مقربان خاص ۽ شهزادن سان مشورو
ڪيو. وزير آغا سيد اسماعيل شاهه جيڪو پراڻو نمڪ
حلال ۽ تجربيڪار هو، تنهن مير صاحب کي تسلي ڏني ته
معاملو خير ۽ خوبي سان رفع ٿي ويندو. شاهه صاحب
پاڻ سر جان ڪين کي روبرو گڏيو. ڪرنل هينري پاٽينجر
آغا جي طبيعت کان واقف هو، تنهن فيبروري 1839ع ۾
جيڪي شرط پيش ڪيا سي پنهنجي نوعيت ۾ گذريل عهدنامن
جي شرطن کان سخت هئا:
1.
افغان جنگ ۾ ٽالپر سرڪار انگريزن کي بار برداري جي
جانورن ۽ لشڪر لاءِ گاهه ۽ کاڌ خوراڪ جو سامان
مناسب قيمتن تي ڏيڻ لاءِ ٻڌل رهندا.
2.
بلوچن جي ڦُرلُٽ ڪرڻ ڪري انگريزن کي جيڪو 23 لکن
رپين جو نقصان پهتو آهي، سو ٽالپر مير هڪدم ڀري
ڏيندا.
3.
آئينده لاءِ ڪراچي ۾ مستقل طور 3 هزار انگريز لشڪر
رهندو.
4.
حيدرآباد سرڪار سنڌ جي انگريز لشڪر جي خرچ لاءِ
ساليانو 3 لک رپيا ڀريندي.
5.
ٽالپرن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ انگريز ريزيڊنٽ حيدرآباد
۾ رهندو.
6.
انگريز ريزيڊنٽ کي عوام سان ڪو تعلق نه رهندو، فقط
اهم ڳالهين متعلق مير کانئس صلاح وٺندا.
7.
ٽالپر حڪومت جا رپيا گلٽي آهن، انڪري واپارين کي
کوٽ پوي ٿي، ٽالپر مير نوان رپيا تيار ڪرائن.
آغا سيد اسماعيل شاهه درٻار جو جهونو آزمودگار
وزير هو، ڪابل، تهران، ڪلڪتي جي فورٽ وليم قلعي جا
ايوان سندس نالي کان واقف هئا. فضا جي رخ کي سمجهي
ويو ۽ شرط منظور ڪيا. برطانوي عملدار جن کي ٽالپري
خزانن کي لُٽڻ جي ديرينه آرزو هئي، سي هن ڀيري
نااُميد رهجي ويا. 22- جنوري 1839ع ۾ ليفٽيننٽ
ايسٽ وڪ، ڪپتان آئوٽ رام، ليفٽيننٽ ليڪي هڪ بجي
ڌاري امير ثريا جاه بهادر سان ملاقات ڪئي. مقربان
بارگاهه مان مرزا خسرو بيگ، نواب محمد خان، منشي
ديوان چوئٿرام موجود هئا. مير صاحب هڪڙي صندوق
گهرائي گذريل عهدنامن جا ڪاغذ فرنگي عملدارن اڳيان
رکي، بلوچي اميرن ۽ رئيسن ڏانهن مخاطب ٿي ڪري
فرمايو: ”جيڪي فرنگين تي اعتبار ڪن ٿا، سي بيوقوف
آهن.“ پوءِ انگريز ايلچي کي فارسي ۾ چيو:
”اوهين جيڪي عهدناما ڪريو ٿا سي پنهنجي سهوليت جي
مدنظر ڪريو ٿا. ڇا اوهين فرنگي پنهنجن دوستن سان
هن نموني سان پيش اچو ٿا؟ اوهان پهريان اسان جي
ملڪ مان فوجن لنگهائڻ لاءِ گهُر ڪئي. اسان کي
جيڪڏهن اهڙي خبر هجي ها ته لشڪر آڻڻ کان پوءِ
اوهين اهڙا پير کڻندا، ته ضرور اسين پنهنجي حفاظت
ڪرڻ لاءِ قدم کڻون ها. اسان کي جيڪڏهن اها به خبر
هجي ها ته اوهين 23 لک رپين لاءِ گهُر ڪندؤ ته
ضرور اسين پاڻ کي بچايون ها. اسين بلوچ آهيون،
واپاري ڪين آهيون جو خوف ڪريون ها.“
مير ثريا جاه بهادر جي جواب ۾ ليفٽيننٽ ايسٽ وڪ ڪي
فارسي ۽ عربي ۾ رباعيون ۽ مثال ڏنا. مير صاحب
پنهنجن صلاحڪارن سان مختصر ڳالهائي فرنگين کي چيو،
”اسين اوهان تي وڌيڪ اعتبار ڪري نه ٿا سگهون، نه
وري هڪدم ايڏي رقم ڀري سگهنداسون.“ انگريزن ۾ اها
ڳالهه مشهور هئي ته مير دولتمند آهن.
تنهن کان سواءِ ڀر واريون سنڌ جون جيڪي به حڪومتون
هيون، سي ميرن جي تباهي لاءِ منتظر ۽ انگريزن جون
مددگار هيون، جن کي گورنر جنرل سنڌ جا ڪي حصا ڏيڻا
ڪيا هئا.
بمبئي جو لشڪر ٺٽو ٽپي ڪوٽڙي وٽ پهتو هو. هندستان
جي ڪمانڊر ان چيف سر هينري فين بنگال جي فوج سان
روهڙي پهتو. ميرن تي دٻاءُ وجھڻ لاءِ هن سر ولوبي
ڪاٽن کي حيدرآباد ڏانهن وڃڻ لاءِ حڪم ڏنو. هو
روهڙي کان ستن ميلن جي مفاصلي تي ڪنڊڙي جي ڳوٺ وٽ
پهتو مس هو ته ميرن سر جان ڪين کي لنگهڻ لاءِ
اجازت ڏني.
ڪپتان راس بيل فوجن جي اڳواڻي ڪندي اڃا شڪارپور مس
پهتو ته باغي براهوئي سردار شاهنواز خان ۽ غدار
سيد محمد شريف ساڻس شامل ٿيا.
ان وچ ۾ شڪارپور جي نائب سيد زين العابدين ۽
لاڙڪاڻي جي قلعيدار درٻار کي اطلاع ڏنو ته شاهه
شجاع 6 هزار لشڪر سان لاڙڪاڻي ڏانهن ڌوڪيندو اچي
پيو.
سر جان ڪين جو وکر جي بندر کان سنڌوندي جو الهندو
ڪنارو ڏيئي ٿي آيو سو ڪوٽڙي پهتو. شهر جي ڪوٽوال
سيد جيئند شاهه شهر جي ماڻهن کي امن امان ۾ رهڻ جو
حڪم ڏنو. سر جان ڪين ۽ سندس فوجي عملدارن حيدرآباد
گهمي ڏسڻ جو شوق ظاهر ڪيو. اهي پرامن طريقي سان
شهر گهمي موٽيا. 10- فيبروري 1839ع ۾ مير ثريا جاه
بهادر تختگاهه کي اُتر، اولهه ۽ ڏکڻ طرفن کان
گهيري اندر ڏسي سمجھي ويو ته فرنگي سنگينن جي زور
تي شرط مڃائڻ گهرن ٿا. اڳ ڪمپني جا عملدار ڪوبه
سياسي قدم کڻندا هئا ته ڊائريڪٽرن جي صلاح موجب
کڻندا هئا. ڪجھ اهم سوال لنڊن جي سپريم ڪائونسل جي
فيصلن موجب حل ٿيندا هئا. هينئر اُهو وقت هو جو
فوجي جرنل گورنر جي به پرواهه نه ڪندا هئا. تنهن
کان سواءِ فرنگي لشڪر کي ڪابل هٿ ڪرڻو هو. سنڌ ۽
پنجاب يا بلوچستان سندن نظر ۾ کڙين هيٺ هئا.
ڀرتپور ۽ گواليار جھڙا قلعا سٽ جھلي نه سگهيا
حيدرآباد ۽ قلات جي قلعن کي ڪهڙي مجال هئي جو
فرنگين جي توبن جي آتش بازي کي روڪي سگهن. روس
اُتر ايران تي قبضي ڄمائڻ لاءِ تياري ڪري رهيو هو
ته انگريز ٻيڙو ايراني نار ۾ پهچي چڪو هو. سنڌ ۾
اهو افواهه هليل هو ته اجھو ٿو روس ڪاهي اچي. کيس
روڪڻ لاءِ انگريز ڪابل تي ڪاهه ڪري رهيو آهي.
خواهه افواهه ڪهڙا به هجن، مگر ٽالپرن اڳيان ٻه
ڳالهيون هيون يا ته شرط منظور ڪن يا جنگ ڪن.
انگريزن جو ٽالپرن سان ڇهون عهدنامو:
10- فيبروري 1839ع ۾ سر جان ڪين حيدرآباد ۽ خيرپور
جي ميرن سان جدا جدا عهدناما ڪيا، جن ۾ 13 شرط
هئا:
1.
ٻنهي حڪومتن ۾ دائمي دوستي جو رستو رهندو.
2.
گورنر جنرل جو ارادو آهي ته ٺٽي ۾ انگريز ڇانوڻي
رهي، جنهن ۾ پنج هزار کان مٿي لشڪر نه رهندو.
3.
انگريز فوج جي خرچ لاءِ مير نور محمد خان، مير
نصير خان ۽ ٻيا شهزادا ساليانو ٽي لک روپيا ڏيڻ
لاءِ جوابدار رهندا.
4.
انگريز سنڌ جي اندروني معاملن ۾ نه دخل ڏيندا نه
وري پنهنجون عدالتون قائم ڪندا.
5.
انگريز سنڌ کي ڌارين جي ڪاهه کان بچائيندا.
6.
جيڪڏهن ميرن جي ٻن ڌرين ۾ فساد ٿيندو ته انگريز
ريزيڊنٽ وچ ۾ پئي فيصلو ڪندو.
7.
جيڪڏهن ڪو بلوچ سردار ٽالپرن جي خلاف بغاوت ڪندو
ته مير گورنر جنرل کي اپيل ڪندا، معاملي جي جاچ
ڪرڻ کانپوءِ گورنر جنرل انگريز ريزيڊنٽ کي مدد ڏيڻ
لاءِ حڪم ڏيندو.
8.
ٽالپر امير پنهنجي پاڙيسري حڪمران سان دوستانه خط
و ڪتابت ڪري سگهندا، مگر انگريزن جي صلاح کان
سواءِ ڌارين سان عهدنامو ڪري نه سگهندا.
9.
ٽالپرن کي اطلاع ڏيڻ کان سواءِ سندن خلاف انگريز
ڪنهن به حڪومت سان عهدنامو نه ڪندا.
10.
انگريزن کي ڪراچي ۾ مال رکڻ لاءِ بئرڪن جوڙائڻ جو
اختيار رهندو، جيڪڏهن اهڙين عمارتن کي فسادي نقصان
رسائيندا ته مير عيوضي ڀري ڏيڻ لاءِ جوابدار
رهندا.
11.
انگريز واپاري جيڪڏهن ڪراچي ۾ ڪوبه مال لهرائيندا
ته ميرن کي محصول ڀريندا.
12.
نئين عهدنامي موجب سنڌوندي جي واپار وڌڻ جو امڪان
آهي، ان ڪري ڪراچي کان فيروزپور تائين جيڪي محصول
لڳل آهن، سي آئينده لاءِ رد ٿيندا.
13.
انگريزن کي جيڪڏهن مدد جي ضرورت پئي ته مير سنڌ جي
حدن اندر ٽي هزار فوج سان مدد ڪندا. اهڙي لشڪر جو
خرچ انگريز ڀريندا.
جملي رقم ستاويهه لک رپيا ٽالپرن تي مڙهيا ويا.
مير رستم خان پنهنجو حصو ڀري ڏيڻ جو انجام ڏنو.
ڪپتان راس بيل خيرپور درٻار ۾ انگريز ريزيڊنٽ مقرر
ٿيو.
گورنر جنرل لارڊ آڪلنڊ چوائي موڪليو ته شاهه شجاع
ڍل نه وٺڻ متعلق جيڪي ميرن کي لکي ڏنو آهي، تنهن
جي جاچ ڪرڻ جو ڪو ضرور ڪونهي.
مير ثريا جاه بهادر خان بروقت ڏهه لک رپيا ڀري ڏنا
۽ باقي رقم ڏيڻ لاءِ انجام ڏنو. شهزادي نصير خان ۽
مير محمد خان هڪ هڪ لک رپيا ڀري ڏيڻ لاءِ واعدا
ڪيا.
سرجان ڪين جا ظلم:
سر جان ڪين شرط مڃائڻ کان پوءِ سيوهڻ رستي کان
لاڙڪاڻي طرف روانو ٿيو. واٽ تي ڪي انگريزي اُٺ
غائب ٿي ويا هن ڏهه خوبصورت بلوچ نوجوان شڪ ۾
گرفتار ڪرايا ۽ پنهنجي ديسي لشڪر جي هڪڙي ڪرنل
سئڊوٿ کي هنن لاءِ موت جي سزا ڏيڻ لاءِ حڪم ڏنو.
ڪرنل کانئس لکيل حڪم گهريو، جيڪو هن سواءِ ڪنهن
دير جي لکي ڏنو. بلوچ نوجوانن جون سندن خوبصورت
ڊگهن وارن سان ڳچيون هڪ ٻي سان سوگهيون ٻڌي ويون،
تنهن کان پوءِ نرڙن تي گوليون وهايون ويون. ٻه
صغير ڇوڪرا جن جون ٻانهون ۽ ٽنگون ٻڌل هيون، تن
گهٻرائجي پنهنجا مٿا ڪرنل جي پيرن تي رکي زارو
قطار روئندي پنهنجي بيگناهي ظاهر ڪئي، کين انصاف
جو دلاسو ڏنو ويو، پوءِ گوليون سندن مٿي مان آرپار
لنگهي ويون.
فرنگين جون زيادتيون ناقابل برداشت ڏسي امير ثريا
جاه بهادر پنهنجي آزمودگار وزير آغا اسماعيل شاهه
کي 16- فيبروري تي ڪلڪتي ڏانهن روانو ڪيو، جيئن هو
گورنر جنرل اڳيان روبرو روئداد کي پيش ڪري. ٻڍڙي
وزير جي عمر ان وقت اَسي ورهيه هئي. سفر جي مصيبتن
۽ سردي لڳڻ ڪري بيمار ٿي موٽي آيو ۽ وفات ڪيائين.
فرنگين جي فرعونيت ڪري عام بلوچن ۾ جوش پئجي ويو.
19- جولاءِ 1838ع ۾ مير مبارڪ خان وفات ڪري ويو
هو. مير علي مراد خان جيڪو ڀائرن جا سور دل ۾
سانڍي ويٺو هو تنهن موقعو ڏسي انگريز ريزيڊنٽ
ڪپتان راس بيل کي پنهنجي ڦٻايل زمين لاءِ درخواست
ڪئي. راس بيل معاملي کي گورنر جنرل جي ڪائونسل کي
پيش ڪيو. جنهن صورت ۾ انگريز ڪابل جي مهم ۾ رڌل
هئا، ان حالت ۾ ريزيڊنٽ کي حڪم مليو ته معاملي کي
دوستانه نموني ۾ ٽاريندو اچي. مگر خانداني اندروني
بغض ڪري مير علي مراد خان، مير رستم خان ۽ مير
مبارڪ خان جو پٽ مير نصير خان تفنگ ۽ ترارين سان
پاڻ ۾ ڳنڍجي پيا. مير علي مراد خان جو وزن ڀاري
رهيو. نونهار جي معاهدي موجب طرفين قرآن شريف تي
هڪ ٻئي کي صلح نامو لکي ڏنو. مير علي مراد خان کي
سندس زمينون موٽي مليون.
جيئن ٽالپرن ۾ انتشار پيل هو، تيئن مير محراب خان
جو صلاحڪار ملا محمد حسن انگريزن جو خاص جاسوس هو.
انگريز لشڪر جيڪو سنڌ مان لنگهڻ ايندڙ انقلاب جي
خاص نشاني هئي. اڳ ٽالپر ايلچين کي ڪابل، لاهور،
بهاولپور، ڀڄ، جوڌپور، جيسلمير جي درٻارن ۾ عزت
حاصل هئي. هينئر انگريزن جي شرطن کي مڃڻ کان پوءِ
سندن اڳوڻي اهميت گهٽجي ويئي.
سرحدي بلوچن جو انگريز قافلن کي ڦُرڻ:
حيدرآباد جو انگريز ريزيڊنٽ مئجر پاٽينجر گويا اڇي
۽ ڪاري جو مالڪ هو. واقعات ٻڌائي رهيا هئا ته
ٽالپرن ۽ براهوئين جي صاحبي گهڙي پل لاءِ مهمان
آهي. ٽالپرن وٽ خزانو، لشڪر، توبخانو ۽ بارود هو،
مگر انهن بلوچي رواداري موجب فرنگين تي اعتبار ڪري
ملڪ مان لشڪر لنگهائڻ جي اجازت ڏني. ملڪ ۾ دخل ڏيڻ
کانپوءِ هنن ڳرا شرط وڌا، جيڪي مير صاحبن قبول
ڪيا. ايترين رياعتن هوندي به انگريز جنرل بلوچن
سان جيڪي ظلم ڪيا، تن بلوچن ۾ گهڻو جوش پيدا ڪيو.
اُتر جي بليدين، مگسين، بگٽين ۽ ڊومڪين انگريز
قافلن کي ڦُرڻ جو جيڪو طريقو ايجاد ڪيو، تنهن
انگريز عملدارن جي نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو. شڪارپور ڇڏڻ
کان پوءِ مٿين بلوچن کٻڙن جون ڄارون وڍي کوهن ۾
اڇلايون، انڪري کوهن جو پاڻي گندو ۽ ڪڙو ٿي ويو.
سندن پاڻيءَ لشڪر ۾ پيچش جي بيماري پيدا ڪئي. ٻيو
ته بلوچ هڪڙي ڏاچي ذبح ڪري اُن جي رت ۾ ڪپڙو ٻوڙي
اُهو ڊگهي ڪاٺي سان ٻڌي اُٺن کي سنگهائيندا هئا.
سنگهڻ سان اُٺ ناڪيلي ڇنائي منهن ڪري ڀڄندا هئا.
اهڙي ترتيب سان گهڻائي سامان جا اُٺ بلوچن هٿ ڪيا.
بعض اُٺن تي سرڪاري ٽپال جا ٿيلها هئا، جن جي گم
ٿيڻ ڪري انگريز عملدار پريشان هئا. اٽڪل ويهه هزار
اُٺ بلوچن ڦُريا. انگريز لشڪر شال، مستنگ، قنڌار،
غزني ۽ ڪابل تي قبضو ڪيو.
شاهه شجاع جو ڪابل جي تخت تي ويهڻ:
خالصا لشڪر جنهن سان شاهه شجاع جو پٽ گڏ هو، خيبر
ٽپي جلال آباد تي قبضو ڪيو. امير دوست محمد خان
پهريان ترڪستان ڏانهن ڀڄي ويو، پوءِ 1840ع ۾ پروان
جي ڳوٺ وٽ انگريزن جي پيش پيو. جن کيس حرم سميت
ڪلڪتي ۾ نظربند ڪري رکيو. شاهه شجاع ٽيهن ورهين جي
جلاوطني کان پوءِ هيڪر وري ڪابل جي بالاحصار ۾
بادشاهه ٿي رهڻ لڳو.
سر مئڪناٽن ۽ سر اليگزينڊر برنس ڪجهه انگريز لشڪر
سان ڪابل ۾ ڇانوڻي هڻي ويٺا. قنڌار جنرل ناٽ ۽
جلال آباد کي جنرل سيل جهلي بيٺا. باقي انگريز
لشڪر شاديانا وڄائيندو خيبر کان هندستان موٽيو.
لارڊ آڪلنڊ، ولوبي ڪاٽن، سر جان ڪين، اليگزينڊر
برنس، مئڪناٽن، ڪپتان ويڊ کي نائيٽ جا خطاب مليا.
شال، مستوگن ۽ ڪڇي جا علائقا به قلات کان کسي
انگريزن شاهه شجاع کي ڏياريا. 5- آڪٽوبر 1839ع ۾
ڪپتان راس بيل حڪومت هند کي محراب خان خلاف شڪايت
ڪندي مير شاهنواز خان جي سفارش ڪئي هئي. ڪابل کان
موٽندي جنرل ولشائر مختصر توبخاني سان اوچتو قلات
جي قلعي تي گوليباري ڪئي. مير محراب خان ٻن هزارن
جانبازن سان ٽيپو سلطان وانگر وڙهندي ميريءَ تي
شهيد ٿيو. سندس صغيرالسن ولي عهد شهزادو نصير خان
داروغي گل محمد سميت پهرين پنجگور ڏانهن ڀڄي ويو،
پوءِ خاران جي نواب مير آزاد خان نوشيرواني وٽ
پناهه ورتائين. انگريزن شاهنواز خان کي قلات جي
تخت تي ٿاڦيو. ليفٽيننٽ لوَڊي قلات جي قلعي ۾
انگريز ايجنٽ سندس نگهباني ڪرڻ لڳو. قلات جي بيگلر
بيگي سان انگريزن جيڪي پير کنيا تن کي تاريخ
افغانستان جو مصنف جي.بي.ماليسن سراسر ناانصافي
لکي ٿو.
سر جان ڪين امير دوست محمد خان جي پٽ سردار غلام
حيدر کي نظربند ڪري پاڻ سان وٺي حيدرآباد کان
لنگهيو. مير نورمحمد خان کيس شاهي مهماني ڏني ۽
ٽالپرن جي توبن 19 ضربن سان سندس سلامي ورتي.
انگريز جنرل ڪجهه سون مير صاحب کي ڏنو. شهزادي مير
صوبدار خان جنرل کي ڌار مهماني ڏني. ماسڪو گزٽ
جنهن برٽش وزارت لنڊن کي ڪجهه وقت اڳ لکيو هو ته
روس صلح جا شرط انگريزن کي ڪلڪتي پهچي مڃرائيندو،
اُن جي جواب ۾ لارڊ پامرسٽن جي وزارت دنيا کي ثابت
ڪري ڏيکاريو ته انگريز لشڪر اڳيان ڪابل تي قبضو
ڪرڻ بلڪل آسان عمل آهي.
مير ثريا جاه جي وفات:
ماه جمادي الثاني 1256هه/1840ع ۾ مير نورمحمد خان
وفات ڪئي. هو امن پسند فرمانروا ٿي گذريو. بلوچن
جڏهن نواب احمد خان لغاري جي اڳواڻي هيٺ ريزيڊنسي
تي ڪاهه ڪئي هئي، ان وقت بلوچن کي ٺارڻ لاءِ مير
صاحب 5 لک رپيا پنهنجي کيسي مان ڏنا هئا. ڪرنل
پاٽينجر کان پوءِ مئجر آئوٽ رام ريزيڊنٽ مقرر ٿيو.
سنڌ ۽ بلوچستان سندس نگراني هيٺ هئا.
|