سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ ۾ هندڙ بلوچ قبيلا

باب:

صفحو:10 

باب ڇهون

ٽالپر فرمانروا

زهي ٽالپر گرديد مقبول عام

که مرصع باشد بشاهي نظام

1.      مير فتح علي خان ”شاهه هئبت جنگ بهادر“ سنه 1197هه/1783ع کان سنه 1217هه/1802ع تائين

2.     مير غلام علي خان ”شير افگن“ سنه 1217هه/1802ع کان سنه 1227هه/ 1811ع تائين

3.     مير ڪرم علي خان ”رڪن الدوله بهادر“ سنه 1227هه/1811ع کان سنه 1244هه/ 1828ع تائين

4.     مير مراد علي خان ”امير الدوله بهادر“ سنه 1244هه/1828ع کان سنه 1249هه/1832ع تائين

5.     مير نور محمد خان ”ثريا جاه بهادر“ سنه 1249هه/1832ع کان سنه 1255هه/ 1840ع تائين

6.     مير نصير خان ”الغازي“ سنه 1255هه/1840ع کان سنه 1259هه/ 1843ع تائين.

ٽالپرن جي فتح وقت سنڌ جي حالت:

سنه 1775ع کان 1783ع تائين سانده اٺ سال ڌارين جي سنڌ تي ڪاهن ۽ ڪلهوڙن جي ٽالپرن سان ناسازين ڪري واديء سنڌ (باب الاسلام) جي آبادگارن جي حالت گهڻو زبون ٿي ويئي. هالاڻي جي فيصلي ڪن جنگ ڪلهوڙن جي صاحبي جو خاتمو ڪري ڇڏيو هو، تنهن هوندي به ميان عبدالنبي خان اڃا موقعي جي تاڙ ۾ هو. حيدرآباد تختگاهه جو مضبوط قلعو مرراڻي بلوچن جي هٿ هيٺ هو. ديره جات جي بلوچن سان ميان جا تعلقات خوشگوار هئا، اُهي ساڻس وفادار هئا. کوسن جي سردار نواب برخوردار خان هالاڻي جي جنگ ۾ ميان جي مدد ڪئي هئي. افغان بادشاهه تيمور شاهه پنجاب ۾ سکن سان جنگين ۾ رڌل هو، کيس سنڌ کان ڏوڪڙن جي ضرورت هئي، پوءِ کڻي ڪير به حڪومت ڪري. جتوئي جيڪي رند جي ممتاز طبقي مان هئا، برابر هڪ صدي کان سرائين جي دسترخوان تي پلجي رهيا هئا. جوکيا ۽ نومڙيا جي ظاهري بلوچ ڪنفيڊريسي جا پاڻ کي خيرخواه سڏائيندا هئا، سي سرائين جي صاحبي اندر سرداري حاصل ڪرڻ کان پوءِ نوابي جا خواب لهي رهيا هئا. سرائين قلات جي احمد زئين مان شاديون ڪيون هيون، ان ڪري قلات جي درٻار ۾ سندن رسوخ هو. انهن جوڌپور جي راجا کي عمرڪوٽ جي لالچ ڏياري پنهنجي طرف ڪيو هو. قنڌار سرڪار کي به سرائين لاءِ همدردي هئي. اهڙي رسوخ هوندي به ٽالپرن جي طاقت سنڌ ۾ مضبوط هئي. مير فتح علي شاهه خان قلات مير نصير خان کي چتاءُ ڏنو هو ته جيڪڏهن ڪنهن به وقت براهوئي درياءَ ٽپي هن ڀر ٿيندا ته ساڻن مقابلو ڪبو. واقعي قلات جو لشڪر هيڪر شڪست کائي چڪو هو. جوڌپور جي راجا بجيسنگهه کي به ٽالپرن عمرڪوٽ جي باري ۾ شڪست ڏني هئي. سنڌ جا سمورا بلوچ جھڙوڪ رند، مري، مزاري، مگسي، بليدي، جمالي، جکراڻي، نظاماڻي، ڀرڳڙي، لغاري، باگراڻي، چانگ، گوپانگ، لنڊ، بوزدار جن جون ٻٽيون سرداريون صوبه سرحد، ديره جات ۽ سنڌ ۾ لاڙ کان وچولي ۽ اَپر سنڌ تائين قائم هيون. جن کي اڪبر، اورنگزيب وٽان سندون مليل هيون، سي ٽالپرن جي طرف هئا. منجھانئن رندن، نظاماڻين، مرين، باگراڻين ۽ ڀرڳڙين مان ٽالپرن شاديون ڪيون هيون. جوکين، ڪلمتين ۽ نومڙين جون زمينون ڦٻايون هيون. سردار ملڪ عزت خان نومڙي هالاڻي جي جنگ ۾ سرائي ميان عبدالنبي خان کي مدد ڏني هئي. ڪلهوڙن جي شڪست کانپوءِ ٽالپرن جي پيش پيو. بردڪي جا بليدي (مير عالي) جن بارکان گرگيجن کان هٿ ڪرڻ لاءِ ڪيئي ڀيرا بکر جي نوابن کي قنڌار جي جنگين ۾ مدد ڏني هئي، تن جي تازين اڳيان جيسلمير جو لانگاهه هو. مزارين جو زبردست تمن به ٽالپرن جي طرف هو. هرند ۽ داجل جا علائقا ديره جات ۾ خان قلات جي ماتحت هئا. قلات جا خوانين جڏهن به بلوچن يا ٽالپرن خلاف ڪو قدم کڻندا هئا ته مزاري بروهين جو رستو روڪيندا هئا. ديره جات جي رستي کي کولي رکڻ لاءِ قلات جي خوانين ڪشمور جي ڀرسان عمرڪوٽ نالي قلعو تعمير ڪرائي اُتي براهوئي لشڪر ويهاريو هو(1). سنڌ جي چانڊڪي پرڳڻي ۾ چانڊين جا قبيلا غيباڻي، ڀانڊا، سريجا، اجواڻي، ساکياڻي، خاشا، باگئي سرڪش هئا، مگر ٽالپرن کان اڳ شڪست کائي چڪا هئا. سندن مقابلي لاءِ ڪاڇي جا لغاري ڪافي هئا. تنهن کانسواءِ مگسي به ٽالپرن جي طرف هئا، ان ڪري چانڊين مان ٽالپرن کي ڪو خطرو نه هو.

شاهه ڳڙهه جي جنگ:

غازي احمد شاهه ابدالي جي وفات کان پوءِ مير نصير خان قلات جي والي قنڌار کان خودمختياري حاصل ڪئي هئي. مگر سندس مرضي هئي ته سنڌ جا ٽالپر ڪمزور رهن. تيمور شاهه جلال آباد ۾ هڪ لک ويهه هزار لشڪر سان هندستان تي حملي لاءِ تياريون ڪري رهيو هو. ميان عبدالنبي خان جي ايلچين مان آغا سيد ابراهيم شاهه جھڙو سياستدان شاهه سان ڪن ۾ ڳالهيون ڪري رهيو هو ته جيڪڏهن افغان لشڪر سنڌ تي ڪاهه ڪندو ته پڪ سرائي ملڪ هٿ ڪندو، ڇاڪاڻ جو ٽالپر اميرن ۾ تخت ۽ تاج متعلق نااتفاقي آهي(2). تنهن کانسواءِ جوڌپور جي راجا بجيسنگهه جا ايلچي به جلال آباد پهچي چڪا هئا، ڇاڪاڻ جو ماڌيجي سنڌيا راجپوت راجائن کي خراج ڏيڻ لاءِ دڙڪا ڏيئي رهيو هو. بجيسنگهه تيمور شاهه کي پڪ ڏياري هئي ته جيڪڏهن افغان لشڪر بهاولپور، بيڪانير جي رستي کان مرهٽن تي ڪاهه ڪندو ته راجپوتانا جا راجا شاهه کي پئسن ۽ فوجن سان مدد ڏيندا. ڇاڪاڻ جو شاهه عالم ثاني جنهن کي غلام قادر روهيلي انڌو ڪيو هو، سو سنڌيا وٽ گويا نظربند هو. بجيسنگهه ويهه لک رپيا شاهه کي ڏيڻا ڪيا هئا، پر تيمور شاهه چاليهه لک رپين لاءِ راجا کان گهر ڪئي ۽ ٽي هزار اُٺ پاڻي پهچائڻ لاءِ راجا تيار رکڻ لاءِ صلاح ڏني هئي. تنهن کان سواءِ بهاولپور جي دائودپوٽه نواب کي خراج ڪين پهچايو هو. تيمور شاهه سنه 1197هه/1783ع ۾ مير فتح علي شاهه کي سنڌ جي سند ڏني هئي، مگر مير صاحب خراج ڏيڻ ۾ دير ڪئي هئي. ڪڇ جو راجا ڌانجي به سنڌيا جو طرفدار هو(1). ان ۾ شڪ ڪونهي ته ماڻڪاڻي ۽ سهراباڻي امير پنهنجي حصي لاءِ فاتح مير کان گهر ڪري رهيا هئا. سهراباڻين کان وڌيڪ ماڻڪاڻين ۾ بيچيني ڦهليل هئي. پر مير فتح علي خان کي ملڪ جي ورهاڱي لاءِ فرصت جي ضرورت هئي. هوڏانهن سياسي فضا غبار آلوده هئي. 14 نومبر 1788ع ۾ تيمور شاهه اٽڪ کان هڪ لک ويهه هزار سوار فوجن سان ملتان پهتو. ملتان جي نواب مظفر خان لشڪر لاءِ کاڌ خوراڪ جو سامان گڏ ڪري رکيو هو. قلات جو لشڪر سردار زرڪ خان براهوئي جي اڳواڻي هيٺ ديره غازي خان وٽ شاهه سان گڏيو. تيموري لشڪر بهاولپور تي ڪاهه ڪئي. نواب بيڪانير ڏانهن ڀڄي ويو. افغان لشڪر بهاولپور ۾ ڦرلٽ ۽ قتلام شروع ڪيو. لاچار نواب اچي پيش پيو ۽ ڏهه لک رپيا خراج ڏيئي جان بچايائين. تنهن کان پوءِ پنهنجي سردار احمد خان نوروزئي ۽ زرڪ خان هيٺ لشڪر سنڌ ڏانهن روانو ڪيائين، ٻئي ڌوڪيندا آيا. مير فتح علي خان هئبت جنگ بهادر باغي فقير جي صلاح سان ڪڇ ۽ جيسلمير ڏانهن شاهي حرم کي رواني ڪرڻ جو ارادو ڪيو. آغا سيد ابراهيم شاهه جيڪو وقت جو افلاطون هو، تنهن کي بيش بها سوغاتون ۽ 16 لک رپيا ڏيئي تيمور شاهه جي خدمت ۾ روانو ڪيو. آغا شروعات کان ٽالپرن جي طرفداري ڪرڻ لڳا. مير فتح علي خان مير غلام علي خان کي لشڪر تيار ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو ۽ پاڻ ٻه هزار سوارن ۽ شاهي توبخاني سان جنهن جا گول انداز قادر انداز هئا، ساڻ وٺي شاهه ڳڙهه پهتو. مير سهراب خان وقت سر گڏجڻ لاءِ واعدو ڪيو هو، پر موقعي سر ڪين پهتو. طرفين جي وچ ۾ هڪڙي نهر هئي، جنهن جون پليون بلوچن ڀڃي ڇڏيون. سنه 1204هه/1788ع ۾ جنگ جو طبل وڳو. مير صاحب آتش بازن کي گولي باري ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو. گهمسان جي جنگ ۾ بوستان خان ۽ زرڪ خان مارجي ويا، احمد خان ميدان ڇڏي ڀڳو. بلوچي شهسوار سندس پٺيان پيا، هو صلح لاءِ درخواست ڪري جان بچائي ويو. تيمور شاهه شڪست جو ٻڌي تپي باهه ٿي ويو. شهزاده محمود قنڌار کان لشڪر وٺي شڪارپور پهتو. مير نصير خان به لشڪر وٺي ملتان پهتو. افغان بادشاهه سان مير صاحب جا ايلچي خزانن جي ٿيلهين سان صلح لاءِ ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته ان وچ ۾ شهزادي زمان مرزا جو جنسي خط هڪڙي قاصد برق رفتار تيمور شاهه کي پيش ڪيو، جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته مراد شاهه ترڪمانن جي لشڪر سان ڪابل تي ڌوڪيندو اچي ٿو. شاهه کي مير صاحب سان فيصلي ڪرڻ جي فرصت ڪانه هئي. هو موٽي ڪابل ڏانهن ويو(1).

حيدرآباد جي قلعي تي مير فتح علي خان جو قبضو ڪرڻ:

ٽالپر سنڌ جا حاڪم هئا، مگر حيدرآباد جي قلعي تي اڃا سرائي ميان عبدالنبي خان جي حبشي قلعيدار شالمين جو قبضو هو، جتي سرائي جي ماڻهن کان سواءِ مرراڻي بلوچ رهندا هئا. قلعي اندر پنج مٺي پاڻي جا کوهه، هر ڪنهن قسم جي اناج جا انبار ۽ گاهن جون دنيون موجود هيون. بارود سان تجرون ڀريل هيون. ان قلعي وارن کي ٻاهرين حملي کان ڪو خوف نه هو. مير صاحب حاجي احمد خان کي لشڪر ڏيئي روانو ڪيو. هن ٻن ورهين تائين سانده قلعي کي گهيرو جاري رکيو، مگر ڪو کڙتيل نڪري نه سگهيو. آخر مرراڻي قلعي وارن بلوچن بارود کي باهه ڏني، بارود جي ڌڪاءَ سبب قلعي جي اوڀرندي واري ديوار جو ڳچ حصو ڪري پيو. حاجي احمد لشڪر سميت قلعي ۾ ڪاهي ويو. شالمين گرفتار ٿي مير صاحب وٽ آيو. فاتح مير هن کي ڪرسي تي ويهاري چيو ”تو پنهنجي ڌڻين جي طرفان پوري نمڪ حلالي ڏيکاري آهي، تنهنڪري تو کي آفرين آهي.“ حاجي احمد خان تي مير صاحب گهڻيون نوازشون ڪيون. تنهن کان پوءِ شالمين سرائين جي حرمن کي وٺي جوڌپور ڏانهن روانو ٿيو. مير ڪرم علي خان ٿر کان شاهي ديرن کي حيدرآباد وٺي آيو. سنه 1204هه/1789ع ۾ حيدرآباد ٽالپرن جو تختگاهه مقرر ٿيو. جڏهن اقبال جو علم پوري شان سان بلند ٿيو، تڏهن فاتح مير پنهنجي ڀائرن لاءِ قلعي ۾ عمارتون تعمير ڪرايون. قلعي جي منهن وٽ ميان غلام شاهه جي زماني جون ٻه جڙيل عمارتون رحمت الله شاهه ۽ طالب شاهه نالن تي هيون، تن جي مرمت ڪرائي ويئي. جامع الخيري حيدرآباد ۾ مير فتح علي شاهه جي يادگار آهي جا فاتح امير جي والده ماجده عليا حضرت خيرالنساء تعمير ڪرائي هئي، تنهن کانپوءِ باب الاسلام (سنڌ) جي حفاظت لاءِ مير صاحب قلعن تعمير ڪرڻ لاءِ حڪم صادر فرمايو. ڇاڪاڻ جو جوڌپور جا راجا ٿر کي پنهنجي ملڪيت سمجھندا هئا. مير صاحب هن سرحد جي بچاءُ لاءِ ٻه نوان قلعا اسلام ڳڙهه ۽ فتح ڳڙهه نالي تعمير ڪرايا. ٿر جي ٺڪر راڻن اعتراض اٿاريو. سڄي مارواڙ جي راجپوتن ۾ ناراضگي ڦهلجي ويئي. مگر سنڌ جي اڀرندي واري سرحد تي بلوچي قبيلن جا راڄ موجود هئا، جن کي سرحد جي حفاظت لاءِ ٽالپر اميرن وٽان وظيفا ملڻ لڳا. جيئن برٽش راڄ ۾ سرحد صوبي جي ملڪن ۽ خاصيدارن کي حڪومت پاران وظيفا ملندا هئا. سڪرنڊ جي پُرفضا ڍنڍ جي قدرتي نظاري کي ڏسي فاتح مير سندس ڪناري تي فتح آباد شهر تعمير ڪرايو. ڍنڍ جي ٻيٽ تي هڪڙو محلات تعمير ڪرايو، جتي پهرين چوياري جا امير وقت بوقت اچي رهندا هئا(1).

تيمور شاه وٽان مير فتح علي خان کي سند ملڻ:

سنه 1205هه/1789ع ۾ بلخ جي ترڪمانن کان جند ڇڏائڻ کانپوءِ دراني لشڪر شاهه جي سپهه سالار پائينده خان جي اڳواڻي هيٺ شڪارپور پهتو. تيمور شاهه هن کي سمجھائي ڇڏيو هو ته، ڪيئن به ڪري فاتح مير سان صلح ڪري موٽي. طرفين جو پاڻ ۾ ٺاهه ٿيو. ٽالپرن ڪل سٺ لک رپيا تيمور شاهه کي ڏنا ۽ آئينده لاءِ ڪلهوڙن جيترو خراج ڏيڻ منظور ڪيو. اهڙي مصلحت درست هئي(2). افغان سپهه سالار هئبت جنگ بهادر کي هڪڙو فلڪ شڪوه هاٿي ۽ هڪڙي جواهر نگا ترار ڪابل درٻار پاران پيش ڪئي. فاتح مير پراڻن نمڪ خورن مان ديوان گدومل جي ڀاءُ ديوان جسپت راءِ کي پنهنجو ايلچي ڪري ڪابل ڏانهن روانو ڪيو. پوءِ فارغ ٿيڻ بعد سنه 1207هه/1792ع ۾ هڪڙي فاتح جي حيثيت ۾ هاٿي تي چڙهي شاهي دٻدٻي سان حيدرآباد ۾ وارد ٿيو(3).

ڪراچي تي قبضو:

ڪراچي ۽ سون مياڻي ٻه ننڍڙا بندر هئا، جتي مڇي مارڻ جون مياڻيون هيون. سون مياڻي کي وڏي اهميت هئي، ڇاڪاڻ جو قنڌار ۽ قلات جو مال هتان ٻاهر ويندو هو. سنڌ جي خارجي معاملن جون واڳون مير غلام علي خان جي هٿ هيٺ هيون، جنهن تيمور شاهه کان ڪراچي لاءِ گهر ڪئي. مير نصير خان اهو سوال وڌو ته جنهن صورت ۾ سندس ناٺي زرڪ خان ٽالپرن هٿان مارجي ويو آهي، ان حالت ۾ ڪراچي عيوضي طور قلات کي ملڻ گهرجي. پر تيمور شاهه کي ميرن وٽان خزانو ملي چڪو هو، ان ڪري خان قلات کي لاچار ڪراچي تان هٿ کڻڻو پيو. ٻيو ته ڪراچي جا هندو واپاري جيڪي مهاڻن کان ٺيڪي تي مڇي کڻندا هئا، سي ٽالپرن جي فائدي ۾ هئا. سنه 1781ع ۾ ڪراچي جي مڇي مان ساليانو اُپت چار هزار رپيا هئي(1). هتي جي ڪل آبادي 6 هزار هئي. گهڻو تعداد مهاڻن جو هو پر بصره، مسقط، ڪئليڪٽ، مانڊوي، لکپت، ڊمن ۽ بمبئي جي واپارين جا شهر ۾ ايجنٽ رهندا هئا(2).

مزارين جي ٽالپرن تي اطاعت منظور ڪرڻ:

اوڀر سنڌ ۾ ڪشمور کانپوءِ مزارين جي رياست هئي. سندن تختگاهه روجھاڻ ديره غازي خان کان هڪ سؤ ڏهه ميلن جي مفاصلي تي هو. هرند، داجل ۽ ڄامپور خان قلات جي ماتحت هئا. ان ڪري بروهين کي مزارچه علائقي مان لنگهڻو پوندو هو. بروهين جي نقل و حرڪت کي مزاري پاڻ لاءِ بي عزتي سمجھندا هئا. مير محبت خان جي زماني ۾ قلات جي لشڪر آدم خان جي اڳواڻي هيٺ مزارين تي ڪاهي ڪشمور تي قبضو ڪيو هو. مير نصير خان بگٽين جي سردار بيورغ جي مدد سان روجھاڻ تي ڪاهي ڦرلٽ ڪرائڻ کانپوءِ مزارين جي استحصال لاءِ عمرڪوٽ قلعو تعمير ڪرايو هو. مزاري جيڪي منڍ کان چانڊين سان جنگ ڪرڻ وقت ٽالپرن سان ٻڌل هئا، تن خان قلات خلاف پنهنجي سردار حمل خان ثالث معرفت مير فتح علي شاهه هئبت جنگ بهادر کي درخواست ڪئي. فاتح مير زبردست توبخانو مزارين جي مدد لاءِ روانو ڪيو. حمل خان عمرڪوٽ تي گهيرو ڪيو. ٽالپري توبچين قلعي جي ديوارن ۾ شگاف ڪيا. براهوئي (بروهي) لشڪر جا ٻه اڳواڻ ميهان خان ۽ سنجر خان مارجي ويا. براهوئي لشڪر ۾ ڀاڄ پيو. سنه 1792ع ۾ مير حمل خان ٽالپرن جي اطاعت قبول ڪئي(1). مزارچه جو علائقو راڄڻ پور تائين ٽالپري حڪومت اندر شامل ٿي ويو، جنهن جي آمدني جو اڌ سهراباڻي سرڪار کي ملڻ لڳو. بگٽين جن بروهين سان گڏجي روجھاڻ کي لٽيو هو، تن کان انتقام وٺڻ لاءِ مزارين ۽ بليدين گڏجي ڊيره بگٽي تي ڪاهه ڪئي. بليدين کي جڏهن گرگيجن، مرين ۽ کيتراڻين بارکان کان همايون جي ڏينهن ۾ لوڌي ڪڍيو هو، تڏهن بليدين بگٽي علائقي کي وطن جوڙيو هو. پر سنگسيلا جي معرڪي ۾ بگٽين کان شڪست کائي هنن اوڀر سنڌ ۾ بلدڪو رياست کڙي ڪئي هئي(2). مٿيون وير وٺڻ لاءِ بليدين مزارين جي مدد سان بگٽين کي سنه 1792ع ۾ سياه آف جي معرڪي ۾ شڪست ڏني. هن شڪست کان پوءِ ٽالپري حڪومت جون اُتر واريون حدون ديره جات تائين مزارين ۽ بليدين جي تعاون ڪري مضبوط ٿي ويون. سنه 1801ع ۾ مير حمل خان ثالث جي مرڻ کانپوءِ مير بهرام خان مزارين جو سردار ٿيو، جنهن کي خيرپور درٻار ۾ وڏي عزت هئي. مير سهراب خان کان پوءِ مير رستم خان بکر کان وٺي مٺڻ ڪوٽ تائين علائقو مير بهرام خان مزاري کي جاگير طور ڏنو هو(3). اڳ سرحدي بلوچ قبيلا سنڌوندي جي شهرن کي لٽيندا هئا، مگر هاڻ اهڙا حملا بند ٿي ويا.

زمان شاهه:

سنه 1207هه/18- مئي 1793ع ۾ تيمور شاهه ڪابل ۾ وفات ڪئي ۽ اتي دفنايو ويو. سندس حرم ۾ ٽي سؤ بيگمون هيون، جن مان پوپلزئي بيگم کيس زهر ڏياريو. هن 21 سال چڱي طرح حڪومت ڪئي. مغربي مؤرخ سندس تعريف ڪن ٿا، توڙي جو عياش هو، مگر فياضي ڪري رعايا ۾ هر دلعزيز هو. هن هندستان تي ڪُل پنج ڪاهون ڪيون، پر ملتان کان اڳتي سکن جي مداخلت ڪري وڌي نه سگهيو هو(1).

فريئر جو بيان آهي ته تيمور شاهه پٺيان 23 پٽ ۽ 19 ڌيئرون ڇڏي ويو. حضرت جمال الدين افغاني سندس پٽن جو تعداد 32 ڏيکاري ٿو(2). سندس وڏو پٽ همايون جو سدوزئي قبيلي مان هو، قنڌار جو والي هو. محمود هرات جو حاڪم هو. سندس ڀاءُ فيروزالدين ساڻس گڏ رهندو هو. عباس پشاور تي حڪومت ڪندو هو. ڪوهان دل ڪشمير جو حاڪم هو. زمان خان ۽ شجاع الملڪ جي يوسف زئي قبيلي مان هئا. منجھانئن زمان خان ڪابل تي ۽ شجاع الملڪ غزني تي حڪومت ڪندا هئا. محمود ۽ همايون کان سواءِ ٻيا شهزادا پيءُ جي وفات کان پوءِ ڪابل پهتا. درٻار جي اميرن مان پائينده خان بارڪزئي ۽ حرم جي مدد سان زمان شاهه تخت هٿ ڪري ڀائرن کي قيد ڪيو. ايشيا جي فاتحن مان هندستان جي تاريخ ۾ هو پويون فاتح شمار ٿئي ٿو. تخت تي ويهڻ وقت دراني حڪومت ڊيگهه ۾ ڪشمير کان هرات تائين 1600 ميلن ۾ هئي ۽ ويڪر ۾ بهاولپور کان بلخ تائين 1000 ميل هئي.

18 صدي ۾ دراني سلطنت جي حالت:

هندستان ۾ بهاولپور، سنڌ، ديره جات ۽ ملتان جا علائقا دراني سلطنت جي ماتحت هئا. ڪشمير ۽ پشاور به دراني جھنڊي هيٺ هئا. ايران تي آغا محمد خان قاچار جي حڪومت هئي. شهزادو محمود اندروني طور قاچار فرمانروا سان زمان شاهه جي خلاف ٻٽ هو. بخارا جو حاڪم عبدالغني خان هو، جنهن کي سندس وزير مراد شاهه انڌو ڪري تخت هٿ ڪيو هو. تيمور شاهه بلخ جي سوال تي مراد شاهه سان صلح ڪيو هو. پنجاب جو زرخيز علائقو به دراني سلطنت جو حصو هو، پر سنه 1761ع ۾ پاڻي پٽ جي ٽين جنگ کان پوءِ غازي احمد شاهه ابدالي جي موٽ کان پوءِ سکن سندس نائبن کي ڀڄائي پنجاب تي قبضو ڄمايو هو. غرض زمان شاهه دورانديش حاڪم هو. پر سندس چؤگرد جيڪي به حڪومتون هيون، تن کان هر وقت کيس خطرو رهندو هو. خاص ڪري ڀائر سندس دشمن هئا. هندستان جو دروازو غازي زمان شاهه لاءِ قطعي بند هو. مفتي علاءالدين لاهوري پنهنجي تاريخ ”عبرت نامه“ ۾ سکن بابت اُن زماني جي تصوير هن ريت ڏيکاري آهي:

”در تمام ملک سکهان سائر و دائر بودند، غرضيکه از دريايء اڻک تا بد ريايء سرهند سکهان محيط و متصرف گشتند.“

مفتي علاء الدين انگريزن وٽ ملازم هو. سندس تاريخ ”عبرت نامه“ جا 1854ع ۾ انڊيا آفيس لائبرري شايع ڪئي، تنهن مان 18هين صدي جي پنجاب جي پوري خبر پئجي سگهي ٿي.

پهرين چؤياري:

رعايا جي بهبودي ۽ رفاه عام جي سڌارن لاءِ فاتح مير پنهنجن ٽن ڀائرن مير مراد علي خان، مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان کي پنهنجو صلاحڪار مقرر ڪيو. اها بلوچي ڪچهري تاريخن ۾ ”چؤياري“ جي نالي سان مشهور آهي. مٿين سرڪار جيڪا حيدرآباد جي قلعي ۾ قائم ٿي، سا شهداداڻي سرڪار سڏجڻ لڳي. جڏهن نقيبن چئني طرفن کان درٻار ۾ خبر ڏني ته دولت ٽالپري جي سرحدن تي امن امان آهي، تڏهن خاصه دارن کي حڪم ٿيو ته ”ڪچهري“ لاءِ سامان تيار ڪن. فوج جي سپهه سالارن، جاگيردارن، سردارن ۽ نوابن توڻي شاهي خاندان جي شهزادن کي بارگاهه ۾ اچڻ لاءِ دعوت ڏني ويئي. ڪشميري شالن، ٺٽي جي لونگين ۽ ايراني غاليچن سان محفل سجائي ويئي. هر هڪ اُميدوار شاهي دسترخوان تي مهمان هو. ترار خون آشام جو وقت ختم ٿي چڪو هو. هينئر امن امان جو دور هو. حقدارن کي حق ملڻ جي نوبت هئي. سلطنت جون حدون اُتر ۾ راڄڻ پور، ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ، اوڀرندي ۾ ريگستان تائين ۽ الهندي ۾ بلوچستان جي جبلن تائين وسيع هيون. ڪتاب ”حملات حيدري“ جو دراصل ميسور جي مستند تاريخ آهي تنهن ۾ ٽالپر حڪومت جي جمله پکيڙ چاليهه هزار چورس ميل ۽ سندس جمله آدم شماري چاليهه لک ڏيکاريل آهي(1).

سنڌ جو ورهاڱو:

نواب فتح علي شاهه هئبت جنگ بهادر سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهايو: (1) حصو ذات همايوني ۽ پنهنجن عزيزن لاءِ مقرر ڪيائين. هن حصي جون حدون ڪراچي کان سيوهڻ تائين. ويڪر ۾ ٽنڊي الهيار کان کيرٿر تائين هيون. هيءَ شهداداڻي سرڪار سڏجڻ لڳي. سندس تختگاهه حيدرآباد مقرر ٿيو. (2) حصو شاهه بندر کان ڇوڙ تائين، ڪڇ جي رڻ کان موري تائين مير فتح خان جي فرزند مير ٺاري خان جي حوالي ڪيو ويو. هيءَ سرڪار ماڻڪاڻي سڏجڻ لڳي. مير ٺاري خان جو پهريون تختگاهه ونگي ۾ ڪيٽي هو. پوءِ سنه 1806ع ۾ سندس پٽ مير مراد علي خان ميرپورخاص جو شهر تعمير ڪرايو، جيڪو هن خاندان جو تختگاهه رهيو. مٺي، نئون ڪوٽ ۽ بلڙي جا کوسا جيڪي ڍٽ جي راڻن جي فوجن ۾ نوڪر هئا، تن ٽالپرن جو طرف ورتو. تنهن کانسواءِ مير غلام علي خان ۽ مير سهراب خان سوڍن ٺڪراڻن مان شاديون ڪيون. جنهن ڪري ڍٽ سڄي تي ماڻڪاڻين جو قبضو ٿي ويو(1). حصو ٿر ۽ موره کان اُوٻاوڙي ۽ روجهاڻ تائين هيون. مٿيون حصو مير سهراب خان جي حوالي ڪيو ويو. پهريون تختگاهه سهراباڻي سرڪار جو احمد آباد (ڪوٽ ڏيجي) هو. پوءِ خيرپور تختگاهه مقرر ٿيو. شجرو هن ريت آهي(2):

ٽيئي ٽالپر سرڪارون اهميت رکندڙ هيون. مير سهراب خان جي چاچي ڄام نندو خان کي نادر شاهه سنه 1840ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي پاران بطور عيوضي جي پاڻ سان خراسان وٺي ويو هو، جتي مير صاحب مشهد مقدس ۾ وفات ڪئي هئي. مير سهراب خان پهريان هاڻوڪو ڏيجي جو ڪوٽ تعمير ڪرائي مٿس توبون رکائي ان تي احمدآباد نالو رکيو هو. پوءِ نونارين کان موجوده خيرپور جي زمين خريد ڪري هاڻوڪو تختگاهه تعمير ڪرايو. مير رستم خان بکر جو مضبوط قلعو فتح ڪيو. سبزل ڪوٽ ۽ ڀنگ ڀاڙا جا علائقا سهراباڻي سرڪار بهاولپور جي نواب کان فتح ڪيا. اوڀرندي واري ريگستان ۾ گرسياه، گتورا ۽ شاهه ڳڙهه جا قلعا جيسلمير جي ڀاٽي راول کان هٿ ڪيا(1). شهداداڻي سرڪار جي سالياني اُپت چاليهه لک رپيا هئي، جنهن مان 25 لک روپيا هئبت جنگ بهادر کي ملندا هئا. ماڻڪاڻي سرڪار جو علائقو گهڻو آباد ڪين هو، ان ڪري سالياني اُپت چار لک رپيا هئي. سهراباڻي سرڪار جي سالياني اُپت 11 لک رپيا هئي. ڪابل جي دراني سلطنت کي سنڌ مان جيڪي ڏهه لک رپيا ساليانو خراج ملندو هو، تنهن مان 6 لک رپيا مير فتح علي خان ڀريندو هو، باقي رقم مير سهراب خان ڀريندو هو. ليفٽيننٽ لئوس پيلي جو بيان آهي ته مير سهراب خان جا ڪابل سان سڌا سنوان لاڳاپا هئا. دراني سلطنت جي زوال کان پوءِ سنڌوندي جي ساڄي ڪپ وارو مغل علائقو جنهن ۾ سکر، بکر، شڪارپور، بلدڪو، نوشهر روپاچڪ، مغرچا، محمد اباغ، شاهه ٻيلو شامل هئا، سي سوهيجا ۽ ڪلواڙي سميت شاداب علائقا سهراباڻي سرڪار سان لاڳو ٿي ويا. پويان ٻه علائقا مير سهراب خان جي چوٿين پٽ مير مبارڪ خان فتح ڪيا هئا. انڪري شهزادي کي جاگير طور مليا. شڪارپور جيڪو واپار جو مرڪز هو، تنهن جي آمدني ۽ ڪراچي جي آمدني مان به سهراباڻي سرڪار کي حصا ملندا هئا. حقيقت ۾ شهداداڻي ميرن کان سهراباڻي وڌيڪ دولتمند هئا(2). ليفٽيننٽ لئوس پيلي ان باري ۾ لکي ٿو ته شهداداڻي مير سهراباڻين جي مقابلي ۾ رئيس سڏبا هئا. سنه 1832ع تائين جيسين انگريز سنڌوندي کان واقف ڪين ٿيا هئا، تيسين ٽالپرن جي ٽن حڪومتن کي آزاد سمجهندا هئا. وري جڏهن سنڌوندي تي جهاز راني ڪري هن ملڪ مان واقف ٿيا، تنهن کان پوءِ ڪابل جي پهرين جنگ لڳڻ وقت انگريزن زبردستي سان بنگالي ۽ بمبئي جو لشڪر سنڌ مان لنگهايو، تڏهن اڻ سڌي طرح سنڌ تي انگريز اقتدار جو اثر پوڻ لڳو.

ٽالپر خاندان کي جاگيرن جو ملڻ:

مٿين ٽن خاندانن کان سواءِ ٽالپرن جي شاهي خاندان جون ٻيون به شاخون هيون، جي عزت واريون هيون. سندن احترام رکڻ فاتح امير لاءِ لازمي امر هو. جيئن خاناڻي جيڪي مير عالي جو اولاد هئا، سو امير سليمان خان (ڪڪو خان) جي مررياڻي ديره مان چوٿون فرزند هو. خاناڻي ميرن ۾ مقصوداڻي ۽ آلوداڻي ٻه سرڪش پاڙا هئا. مير غلام حيدر خان مقصوداڻين جو سردار هو ۽ آلوداڻين جو سردار مير محمد خان هو، جو ڄام هالا جي ٽنڊي جو امير هو. مير فتح علي خان جهرڪن جو محصول ۽ دبير وارو علائقو مير محمد خان کي جاگير ۾ ڏنا هئا. سنه 1802ع ۾ مير مراد علي خان سندس پٽ مير غلام محمد خان کي مٿين جاگير پشت به پشت قرآن شريف تي لکي ڏني هئي. مير ٻڍو خان وچولي سنڌ ۾ وڏو بزرگ ٿي گذريو. ٽنڊوڄام هن خاندان جي يادگار آهي. عليا حضرت بي بي خيرالنساءِ مير فتح علي خان جي والده ماجده مير ٻڍي خان جي نور نظر هئي. مير ٻڍي خان جي وڏي پٽ مير ولي محمد خان کي مير نصير خان سنه 1841ع ۾ يارهن جاگيرون سپرد ڪيون هيون. ڪپتان راٿ بورن جنهن سرڪاري طور ٽالپرن جا شجرا تيار ڪيا، سو خاناڻين جو شجرو هِن ريت ڏئي ٿو(1):

مير غلام محمد خان جي پٽ مير محمد خان جنهن کي مير فتح علي خان وڏي جاگير ڏني هئي، تنهن ٽنڊو محمد خان جو شهر تعمير ڪرايو، جو شهواڻين جي يادگار آهي. ٽالپر دؤر ۾ وڏي واپار جو مرڪز هو.

بهاراڻي:

بهاراڻي ٽالپرن جو ممتاز خاندان ڪلهوڙن جي زماني کان جاگيردار هو. کين جان محمد جي ڳوٺ ۾ جاگير هئي. مير محمد خان، ميان سرفراز خان جو ڪاردار هو. مير حسن علي خان بهاراڻي وٽ 1777ع ميان عبدالنبي خان جي لکيل سند هئي، جنهن ۾ لکيل هو ته مير سيد خان بهاراڻي ديره دار هو. سندن مرتبي موجب مير فتح علي خان هن خاندان جي خانوادن کي ٽن هزارن بيگهن (اٽڪل 15 سؤ ايڪڙ) جي جاگير ڏني. منجهانئن مير جان محمد ٽنڊو مير جان محمد جو بنياد وڌو. مير محمد خان جو پٽ مير لقمان خان مير سهراب خان وٽ وڏي عهدي تي مامور هو. مير لقمان جو ڀاءُ مير مبارڪ خان مياڻي جي جنگ ۾ شهيد ٿيو(1).

جيوڻاڻي:

جيوڻاڻي مير ماڻڪ خان جي ڀاءُ مير جيوڻ خان جو اولاد آهن. سندن چار مضبوط پاڙا مير جيوڻ خان جي چئن پٽن جي نالن تي هئا.

شاهلياڻي:

شاهلياڻين جو سردار مير لعل خان هو، هالن ۾ سندس جاگير هئي. سنه 1851ع ۾ وفات ڪيائين.

حاجواڻي:

حاجواڻين جو سردار مير سردار خان هو. سندس صوڀي ديري ۾ جاگير هئي.

سکلاڻي:

سکلاڻين جو سردار مير مبارڪ خان هو.

ياراڻي:

مير جيوڻ جي پٽ مير يارو خان جو اولاد ياراڻي سڏجن ٿا. سندس ٽين پيڙهي مان مير پيارو خان ڊڀڙن ۾ رهندو هو.

هليلاڻي:

هليلاڻي مير مبارڪ خان جي پڙپوٽي مير هليل خان جو اولاد آهن. منجهانئن ڪي نوابي جي عهدي کي پهتا. مير نواب فاضل خان جو حجاب خان جو پڙپوٽو هو، تنهن ٽنڊو مير فاضل تعمير ڪرايو. سندس پوٽي مير باغ علي خان 1856ع ۾ وفات ڪئي. سندس فرزند مير غلام علي خان کي گهوٽاڻن ۾ جاگير هئي.

جيئنداڻي ٺوڙا:

امير ٽالو خان جي پٽ مير جيئند خان جو اولاد جيئنداڻي ٺوڙها سڏجن ٿا. نواب مير محمد خان ٺوڙهو جو مير جيئند خان جي پنجين پيڙهي مان هو، تنهن کي مٽيارين کان سواءِ حيدرآباد ۽ ڪراچي ضلعن ۾ جاگيرون هيون. سنه 1847ع ۾ ڪپتان راٿ بورن ڪمشنر سنڌ کي جيڪا رپورٽ پيش ڪئي هئي، تنهن ۾ هن ڏيکاريو هو ته نواب محمد خان سڄي سنڌ ۾ اثرائتو ۽ مان وارو امير آهي. نواب محمد خان جي ڏاڏي مير فتح خان جي ڀاءُ مير جعفر خان جي پٽ مير دريا خان کي مير فتح علي خان سامتاڻين جو ڪاردار مقرر ڪيو هو، مير مراد علي خان جي زماني ۾ مختيارڪار ٿي رهيو. مير فتح خان هن خاندان جو پويون مير هو، جنهن 1862ع ۾ تاجپور ۾ وفات ڪئي. مير خير محمد جو پٽ مير دوست علي خان، مير محمد خان وٽ عهديدار هو. پوءِ مير حسين علي خان وٽ مختيارڪار هو. ٽالپر امير فقط رفاه عام لاءِ عهديدار هئا، کين وڏيون جاگيرون مليل هيون. تنهن کان سواءِ پاڻ ۾ مائٽ هئا. مير دريا خان ٺوڙهي 1845ع ۾ وفات ڪئي. ڄام پور، ديره حمزه، ميهڙ، گهمڻي ۾ وٽس جاگيرون هيون.

عيساڻي:

مير عيسيٰ بن زنگي خان جو اولاد عيساڻي سڏبو هو. سندس فرزند مير آدم خان آدماڻين جو مورث اعليٰ هو. مير علي بخش خان آدماڻي کي شهدادپور ۽ ميهڙ ۾ جاگيرون هيون. سنه 1867ع ۾ هن وفات ڪئي.

انگريزن جي اچڻ وقت مير شير محمد ۽ مير خان محمد پوئين آدماڻين جي سردارن وٽ جاگيرون هيون. خان محمد خان 1845ع ۾ شير محمد خان 1855ع ۾ وفات ڪئي. ٻئي ڀائر هئا.

درياخاني:

خاناڻين جي مورث اعليٰ مير مبارڪ خان جي ڀاءُ مير دريا خان جو اولاد درياخاني سڏبو هو. مير راڄو خان جي سالياني آمدني ٽيهه هزار روپيا هئي. سندس ڀيڻ مير شير محمد خان ماڻڪاڻي جي والده ماجده هئي. امير دريا خان جي اولاد کي مير ٺاري خان سنه 1790ع ۾ الله آباد ۾ جاگير ڏني هئي. مير احمد خان مير راڄو خان جي ڀاءُ مير الله داد خان جي قبيلي جو سردار هو. ميان سرفراز خان پاران کيس پوڙهائپ ۾ جاگير مليل هئي.

گهراماڻي:

امير سليمان خان (ڪڪو) کي باگراڻي ديره مان سفر، دڦڙ ۽ بجر ٽي فرزند هئا. گهراماڻي مير سفر خان جي فرزند مير گهرام خان جو اولاد هئا.

مراداڻي:

مير هليل خان جي پوٽي مير خداداد خان کي ٻه فرزند هئا. بهار خان جو اولاد بهاراڻي سڏبو هو. مير مراد خان جو اولاد مراداڻي سڏبو هو(1).

رند:

رندن جي ممتاز قبيلي کي ٽالپر دؤر ۾ وڏا عهدا ملڻ لڳا. سندن سردار تاج محمد خان جي نياڻي سان مير مراد علي خان شادي ڪئي. سردار بهاول خان رند ڪو وقت قلات جي لشڪر ۾ عهديدار هو. سندس پٽ دليل خان ۽ پوٽو يار محمد خان مير فتح علي خان جي ڪچهري ۾ شاهي مهمان ٿيا. فاتح امير هڪڙي سند موجب کين گڏيل جاگير عنايت ڪئي. مير محمد خان رند 1830ع ۾ وفات ڪئي. سندس پٽ بهاول خان مير نور محمد خان جي فوج ۾ چئن سون جي دستي مٿان اڳواڻ هو. جھانگارن ۾ کيس جاگير ملي.

کوسا:

کوسا هڪ صدي کان ڪلهوڙن سان وفادار رهيا هئا. وقت بوقت فساد ڪندا هئا. پهرين چؤياري کين دادو ضلعي ۾ باغبان جاگير طور ڏنو. کوسن جا راڄ ٿرپارڪر جي سرحد جي حفاظت ڪرڻ لڳا.

چانگ:

چانگ گورچاڻين جي شاخ آهن. اهي سنڌ ۾ زمينداري پيشو ڪندا هئا. ٽالپر دور ۾ لشڪر ۾ ڀرتي ٿيا. منجھانئن سنجراڻين کي گوني تعلقي ۾ ڪچائي چانگن کي گهوڙا ٻاري ۾ وفاداري ڪري جاگيرون عطا ٿيون. سنجراڻين جي سردار مراد علي خان جولاءِ سنه 1854ع ۾ وفات ڪئي. تنهن کان پوءِ نصير خان جو پٽ الله بخش خان لاڙ جي چانگن جو سردار ٿيو. هن مياڻي جي جنگ ۾ شهادت ماڻي.

لنڊ ،بوزدار ۽ گبول:

اُتر وارن لنڊن، بوزدارن، گبولن، جروارن ۽ چانگن سهراباڻي سرڪار جو طرف ورتو، جنهن ڪري مهرن، ڏهرن، ڌاريجن، قناصرن جي زمينن تي قبضو ڪري ورتائون. جنگ وقت سهراباڻي سرڪار جا معاون ۽ مددگار ٿي دشمنن سان لڙندا هئا.

بليدي:

بليدين جي بلدڪي ۾ رياست ۽ سرداري قائم هئي. سندن سردارن کي سهراباڻي سرڪار پاران وظيفا ملڻ لڳا. سنه 1845ع تائين بليدي انگريزن سان لڙندا رهيا.


(1) بهاراڻين جي شجري لاءِ ڏسو ٽالپرن جو شجرو.

(1) History of Alinations in the Province of Sindh, Vol.II, Genealogical tree of the Talpurs.

(1) J.B. Malleson: A Historical sketch of the Native States of India, Bahawalpur, P. 350, Jesulmer, P. 124, London, 1875

(2) History of Sindh Alienations, Vol. II, Sections V, Sohrabanis & Tharanis, PP. 139-148

J.Burnes: Narrative of Visit of the Court of Scinde, P.46, Edinburgh, 1831

(1) History of Alinations in the Province of Sindh, Vol. II, Sections III, The Khananis, PP. 106-119

مير جان محمد خان ۽ مير غلام شاهه، مير احمد خان مياڻي جي جنگ ۾ شهيد ٿيا. شاهه علي خان انگريزن کي سلام نه ڪيو، تنهنڪري کيس جاگير ڪانه ملي. مير احمد علي ۽ مير غلام حيدر 1849ع ۾ وفات ڪئي. مير غلام حيدر 1854ع ۾ وفات ڪئي. مير علي مراد آڪٽوبر 1873ع ۾ وفات ڪئي. مير جان محمد جي پٽ مير احمد کي انگريزن جاگير جو چوٿون حصو ڏنو.

(1) A.W. Hughes: Baluchistan, CHP. The Border tribes Mazari

(2)  آغا سيد ابراهيم جو والد آغا سيد عبدالهادي اصفهان جو رهاڪو هو. نادر شاهه جي ڪاهه وقت ايران ڇڏي مدراس پهتو ۽ اتي جي راجا وٽ شاهي حڪيم ٿي رهيو. ميان نور محمد جي راجا سان دوستي هئي، ان ڪري سيد صاحب کي راجا ميان ڏانهن موڪليو هو. سنه 1799ع ۾ سيد عبدالهادي وفات ڪئي. سندس پٽ آغا ابراهيم ڪلهوڙن پاران خراسان ۽ قنڌار ۾ سفير رهي چڪو هو. ڏسو تاريخ سنڌ، مرزا قليچ بيگ، جلد: 2، ص. 293

(1) H.R. gupta: Latter Mughal History of the Punjab, PP.249-50

تيمور شاهه راجا بجيسنگهه کي جواب لکيو ته جڏهن غلام قادر روهيلي مغل شهنشاهه شاهه عالم ثاني جي بيعزتي ڪئي تڏهن مغل شهنشاهه کي بچائڻ لاءِ ڪو قدم نه کنيو. هندستان جي راجائن مان فقط سنڌيا مغل شهنشاهه جي گادي بچائي انڪري ان جي خلاف قدم کڻڻ انصاف جي خلاف آهي.

(1)  نوٽ: شاهه ڳڙهه جي جنگ جي تاريخ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ پنهنجي تاريخ جي جلد ٻي ۾ 1786ع ۾ ڏيکاري آهي، جا غلط آهي. سنه 1786ع ۾ تيمور شاهه ڪشمير جي جنگ ۾ رڌل هو. سنه 1783 ۾ سندس ڪشمير جي نائب ڪريم داد جي مرڻ کان پوءِ سندس پٽن مان آزاد خان جي ننڍي پٽ پنهنجي ٻن ڀائرن زمان خان ۽ مرتضيٰ خان کي لوڌي ڪڍيو هو، جي ٻئي ڀائر تيمور شاهه وٽ پشاور ۾ دانهن کڻي آيا هئا. تيمور جي هندستان تي چوٿين ڪاهه هئي. تاريخ ڪشمير: نارائڻ ڪول، ص. 196 فارسي، 1846ع. مختصر تاريخ ڪشمير: علاءُ الدين محمد مفتي، ص. 287، 1893ع. تاريخ سلطاني: ص. 9-157. تيمور سنڌ تي پنجين ڪاهه وقت ڪاهي آيو هو، جا ڪاهه 1788ع کان شروع ٿي 1789ع ۾ ختم ٿي.

(1) H.J. Prinsep: Political & Military transations of India, Vol.I, P.189 London 1825

(2) تاريخ حسين شاهي: سيد امام الدين حسيني، ص. 115-110

(3) شاهنامه سنڌ عرف ڪلهوڙن جي هار، ذڪر فتح علي خان هئبت جنگ هزبر جنگ بهادر

(1) E.H. Aitken: Gazetteer of the Pprovince of Sindh, PP.62-63

(2) The journal of the Sindh Historical Society, Vol.IV, Notes on Karachi 1840, March, 1940 Karachi.

ڪراچي جي سالياني آمدني قلات کي 6 لک 16 هزار رپيا هئي، جيئن اڳ بيان ڪري چڪا آهيون.

(1) A.W.Hughes: Baluchistan, Mazaris, P.113

(2) L.Dames: Popular poetry of the Balochs, CHP.XVIII, PP,42-43

(3) J.Wood: A journey to the source of the River Oscine, CHP.III, P.33

(1) J.B.Malleson: History of Afghanistan, P.295

   M. Elphinstone: Cabul, P.376

تاريخ حسين شاهي، ص. 151. تاريخ سلطاني، ص. 61-159

(2) تاريخ افغانستان: حضرت جمال الدين افغاني، ص. 62-61 عربي تان اُردو ترجمو

تاريخ افغانه: عبدالمجيد، ص. 130 اُردو ابوالعلائي پريس آگره

N.K. Sinha: Rise of the Sikh Power, P.119 Calcutta, 1936

همايون مرزا بروقت زمان شاهه سان قلات، غلزئي وٽ مقابلو ڪيو هو، پر شڪست کائي قلات ڏانهن ڀڄي ويو.

نوٽ: سنه 1761ع ۾ جسا سنگهه اهلو الياسک احمد شاهه ابدالي جي لاهور جي نائب خواجه عابد کي ماري پهريون پنهنجو سڪو رائج ڪيو.

سکه زند درجهان بفصل اکال

ملک احمد گرفت  جسا کلال

ڏسو خزناه عامره، ص.113

(1) تاريخ حملات حيدري: مولوي عبدالرحيم، ص 29، ذڪر اميران سنڌ، ڪلڪتو 1849ع. هيءَ تاريخ شهزادي غلام محمد بن ٽيپو سلطان پهريان فارسي ۾ تصنيف ڪرائي هئي، پوءِ مولوي احمد علي گويا موسيٰ حڪيم مولوي احمد حسين شاهجهانپوري جي قلمي نسخه ڪارنامهء حيدري تان سنه 1263هه/1847ع ۾ اردو زبان ۾ ترجمو ڪري مٿس ”حملات حيدري“ نالو رکيو.

(1) J.Tod: The Amals & Antiquities of Rajasthan, Vol. II, P. 240

ٽالپرن سوڍن راڻن جون  جاگيرون بحال رکيون، جيئن مسافرن جي سنڀال ڪري سگهن. جيمس ٽاڊ لکي ٿو ته ٿر جي سوڍن ٽالپرن کي دولتمند ڏسي کين پنهنجون ڌيئرون ڏنيون. ڏسو جلد 2، ص 306

(2) ليفٽيننٽ لوئس پيلي سنه 1854ع ۾ سهراباڻين جي تاريخ مرتب ڪئي. سنه 1924ع ۾ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي تاريخ خيرپور شايع ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org