سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ ۾ هندڙ بلوچ قبيلا

باب:

صفحو:7 

نظاماڻين کي جاگيرون:

ميان نورمحمد سنڌ هٿ ڪرڻ کان پوءِ بلوچن کي طرفدار ڪرڻ لاءِ مختلف قبيلن سان چڱا پير کنيا. رند جي قبيلن مان نظاماڻي جي ٽالپرن جي شاخ آهن، مرين، جمالين ۽ لغارين کان وڌيڪ محنتي هئا. ٽالپرن سان مائٽي هئڻ کان سواءِ ڪلهوڙن جي درٻار ۾ کين وڏا رتبا مليل هئا. تلاه خان نظاماڻي ميان نورمحمد جو صلاحڪار هو ۽ غلام علي خان چار هزار فوجي دستي مٿان سپهه سالار هو. غلام حسين خان ميان جو مکيه ڪاردار هو. نظاماڻين جو مورث اعليٰ نظام خان کي گوني، ديره محبت، عمرڪوٽ، بدين، گهوڙا ٻاري، شهدادپور، موري تعلقن ۾ جاگيرون هيون. سنڌ ۾ سندن ست پاڙا مشهور هئا: 1. اسماعيلاڻي، 2. مبارڪاڻي، 3. بهليلاڻي، 4. ڪرماڻي، 5. عالوداڻي، 6. فٿوناڻي، 7. لشڪراڻي. منجهانئن بهليلاڻي مير گاگن جو اولاد هئا، جو نظام خان جو ڀاءُ هو. نظاماڻين جو شجرو هن ريت آهي:-

مغليه دور ۾ واپار جو طريقو:

ايسٽ انڊيا ڪمپني جو ٺٽي وارو تجارتي عملدار ريزيڊنٽ سڏبو هو. کيس 2 سؤ پائونڊ ساليانو پگهار ملندو هو. وٽس هڪڙو ڊاڪٽر به رهندو هو. ڊاڪٽر جي غيرحاضري ۾ وقت بوقت ديسي حڪيم به نوڪر رکندا هئا. ٺٽي جي هڪڙي ديسي حڪيم حاجي محمود کي ڪمپني پاران 15 رپيا پگهار ملندو هو ۽ دوائن جو خرچ جدا ملندو هئس. انگريزي مال ايجنٽن ۽ دلالن معرفت سنڌ جي شهرن ۾ نيڪال ٿيندو هو. ڪمپني جي دفتر جا نوڪر سنڌي ۽ فارسي دان هئا، جن کي ساليانو پنجاهه پائونڊ پگهار ملندو هو. ريزيڊنٽ وقت جي نوابن ۽ حاڪمن سان فرمان موجب ملاقاتون ڪري سگهندو هو. ڊچن جي اچڻ کان پوءِ نواب ٿورن فرنگين کان ريشمي ڪپڙن ۽ جواهرات تائين رشوتون وٺندا هئا. ڪمپني جا ملازم خانگي طور سون ۽ چاندي تائين واپار ڪندا هئا. سندن هندو ايجنٽ ۽ دلال به سندن معرفت موجون ماڻيندا هئا. بعض خانگي ڌنڌن ۾ ساڻن ڀائيوار هئا. بئنڪن جو ڪم ملتاني صراف ڪندا هئا. ٺٽي ۾ واپارين جا گدام هئا(1). نولداس، ڀمڀومل ڪمپني جا ٻه گماشتا هئا، جي ملتان ۽ لاهور تائين واپار ڪندا هئا. ڪمپني جو صدر مقام سورت هو. هندو دلال هوليءَ جي موقعي تي ريزيڊنٽن کي خوش ڪرڻ لاءِ سوکڙيون ڏيندا هئا. عيد جي موقعن تي مسلمان نوڪرن کي به خوش رکندا هئا. سنه 1687ع ۾ ڪمپني سنڌ مان 250، 400 ڳٺڙيون سُٽ جون 46000 ڳٺڙيون ڇيٽن جون سنڌ مان بمبئي ۽ سورت روانيون ڪيون.

سڪن جي مٽا سٽا:

سڪن جي مٽا سٽا لاءِ بئنڪون کليل هيون. بني اُميه دور ۾ سنڌ ۾ چئن قسمن جا سڪا رائج هئا: 1. حجاجيه، جيڪي حجاج بن يوسف رائج ڪيا هئا. 2. خالديه جيڪي خالد القسري رائج ڪيا هئا. 3. هبيريه جيڪي ابن هبيره رائج ڪيا هئا. 4. يوسفي جيڪي يوسف بن عمر رائج ڪيا هئا. عربي حڪومت جي زوال کان پوءِ سومرن ۽ سمن جي زماني ۾ سنڌ دهليءَ جي ماتحت رهي. غلام، خلجي، تغلق ۽ مغلن جي دور ۾ جيتل، دام، ٽنڪه ۽ اشرفين جو رواج هو. عباسي ۽ محمدي صفويه ايران جا سڪا هئا. هندستان ۾ مٿيان سڪا رائج هئا. هر هڪ واپاري کي غير ملڪي سڪا سنڌ جي بندرگاهن تي پهچڻ کان پوءِ مغليه سڪن ۾ بدلائڻا پوندا هئا. سنه 1644ع ۾ جان سپلر کي 65 هزار عباسي سڪا ڪپڙي خريد ڪرڻ لاءِ ٺٽي ۾ بدلائڻا پيا. سنه 1659ع ۾ اورنگزيب جي ڀائرن سان تخت ۽ تاج لاءِ جنگ ڪرڻ ڪري سنڌ ۾ سميجن ۽ بلوچن جي فسادن، ڏڪر ۽ پليگ ڪارڻ ملڪ تباهه ٿيڻ لڳو. سنه 1699ع ۾ هئملٽن جي اچڻ کان ٿورو اڳ اسي هزار ماڻهو پليگ ڪري رڳو ٺٽي جي شهر ۾ موت جو کاڄ ٿي ويا. بدامني، بيماري ۽ ڏڪر ڪري سنڌ جو واپار بند ٿي ويو(1). ڄام نندي جي ڏينهن ۾ ٺٽي جي آبادي هڪ لک ويهه هزار هئي. مغليه دور ۾ ٻن لکن کي پهتي(2).

ڍلن جا قسم:

مغلن جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ جيڪي ڍلن جا قسم رائج هئا، تن جو رواج مغلن کان اڳ هندستان ۾ رائج هو. هيٺ مختصر بيان ڏجي ٿو: 1. غله بخش- زمين تي ڍل جا ٽن قسمن جي هئي. 1. اُهي زمينون جيڪي درياءَ جي ڪپ تي هيون. 2. اُهي جيڪي واهن ۽ کوهن تي هيون. 3. جنگل شگافي يعني اُهي زمينون جيڪي جهنگلن کي صاف ڪري آباد ڪبيون هيون. مغل زمينن جي پيداوار جو ٽيون حصو کڻندا هئا. ڪن ديرن مان عملدار ڪٿ ڪري اَن کڻندا هئا. عملدارن جي اچڻ کان اڳ ديرن کڻڻ جي سخت منع هئي. آفيم ۽ نير جي پوکن وارين زمينن تي في جريب اَسي رپيا ڍل وٺندا هئا. آبڪلاڻي ڪري آمدني گهٽجي ويندي هئي. شهزادي اورنگزيب ملتان جي نوابي جي زماني ۾ آمدني کان خرچ وڌي وڃڻ ڪري دهلي درٻار کان خرچ لاءِ گهُر ڪئي هئي، پر شاهجهان وڌيڪ پئسن ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. ڍلن تان مغليه درٻار ۽ سنڌ جي نوابن ۾ اڪثر اڻبڻت رهندي هئي(1). (2) پيشڪش- مهاجن هندو واپار ساليانو پنجن کان وٺي ڏهن رپين تائين ڍل ڀريندا  هئا. (3) سرشماري- ڪاريگر جهڙوڪ رنگريز، لوهار، واڍا ساليانو 31 رپيا ڀريندا هئا. قاضين، ساداتن، پيرزادن، بلوچن ۽ سرڪاري عملدارن کي اهڙي ڍل معاف هئي. (4) هوائي- اُها ڍل جيڪا ٻڏل ٻيڙي جي نڪتل سامان تي سرڪار وٺندي هئي. (5) فروعي- اُٺن ۽ چوپائي مال جي وڪري تي ڍل. (6) چرخي- کوهن وارين زمينن کي نارن لاءِ ڀرڻي پوندي هئي. (7) اجراه ڪلابا- تلائن ۽ ڍنڍن تي آباد ٿيندڙ زمينن کي ڀرڻي پوندي هئي. (8) سرد رختي- ميوي دارن وڻن جي آمدني اڌ يا ٽيون حصو سرڪار کڻندي هئي. جيسين ميوي داروڻ تيار ٿين تيسين مالڪن کي في وڻ تي هڪ آنو ڪاردار کي ڏيڻو پوندو هو. (9) ترازو- دڪاندارن کي شين جي وڪري تي ڍل ڏيڻي پوندي هئي. (10) شڪار ماهي- مهاڻا مڇي جي شڪار لاءِ ڀريندا هئا. (11) سلامتي ڪشتي- في ٻيڙي کي سلامتي سان بندر تي پهچڻ عيوض 4 آنن کان 6 آنا ڍل ڏيڻي پوندي هئي. اُٺ يا گهوڙن کي سلامتي سان ٻيڙين رستي پهچڻ تي به ڍل ڏيڻي پوندي هئي. (12) مويشي- اُٺ، گهوڙي، خچر، ڳئون، ڍڳي جي وڪري تي في جانور هڪ آنو سرڪاري ڍل ٻڌل هئي. (13) ريزڪي- ريزڪي وڪڻندڙ واپارين کي في صدي مال وڪڻڻ تي پنج رپيا سرڪار کي ڏيڻا پوندا هئا. هر هڪ خريدار کي في رپيه تي هڪ آنو ڍل ڀرڻي پوندي هئي. (14) پن چري- سرڪاري زمينن تي مال چارڻ في اُٺ تي ماهوار اٺ آنا، في مينهن تي 4 آنا، رڍن ۽ ٻڪرين لاءِ هڪ آنو مقرر هو. (15) اجاره شراب- شراب جون بٺيون رکندڙن کي ڍل ڏيڻي پوندي هئي. نيرن ڪوٽ، سيوهڻ، شڪارپور ۾ شراب جون بٺيون هيون. انگور، کجور، مشڪ، ڪتل، سونف، زعفران، گلاب، ڳڙ ۽ ٻٻر جي ڇوڏين مان شراب جُڙندو هو. انگوري شراب فقط نيرن ڪوٽ ۾ جڙندو هو. گتن وارن کي به ڍل ڏيڻي پوندي هئي. (16) اميني- ٻن ڌرين ۾ ملڪيت جي فيصلي لاءِ سرڪار کي چوٿون امين ڪرڻ لاءِ ڍل ٻڌل هئي. (17) گمرگ- (ڪسٽم) جيڪي گمرگ کاتي کي ڍل پياريندا هئا تن کي مزدوري طور سرڪار پاران عيوضو ملندو هو. هڪ لک رپيا ڍل ڀريندڙ کي 12 هزار رپيا مزدوري طور اجورو ملندو هو. گمرگ کاتي جا عملدار بلوچي سپاهين جي زور تي رشوت وٺندا هئا. انگريزي واپاري نوابن جي بيگمن تائين محصول جي گهٽتائي لاءِ رشوت ڏيندا هئا. لاڙڪاڻي ۾ ڪاغذ جا ڪارخانا هئا، جن کي ساليانو اٺ رپيا 12 آنا ڍل ڏيڻي پوندي هئي(1).

علمي ادبي ڪارناما:

اسين اڳ لکي چڪا آهيون ته سنڌي زبان سومرن جي صاحبي جي زماني ۾ پراڪرت کان ڇڄي ڌار ٿي. مغليه دور ۾ مخدوم نوح هالائيؒ ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙيؒ جي سنڌي ڪلامن شهرت حاصل ڪئي. سنڌي زبان عربي خط ۾ رائج ٿي. مغليه دور ۾ سرڪاري زبان فارسي هئي. دفترن جو ڪاروبار سمورو فارسي ۾ هلندو هو. تنهن هوندي به سنڌي خط جو رواج هو. ڪمپني جي ملازمن لاءِ سنڌي ۽ فارسي سکڻ لازمي هو. ٺٽي ۾ چار سؤ مدرسا هئا، جتي عراق، فارس، خراسان جا علماءِ ڪرام رهندا هئا. شيخ عمر ٺٽوي وڏو محدث ٿي گذريو آهي.

ملا احمد بن نصرالله:

اڪبري دؤر ۾ ”صدر الصدور“ شيخ مبارڪ ناگوري (سنڌي) سندس شاگرد هو. ملا احمد بن نصرالله اڪبري دؤر ۾ تاريخ الفي تصنيف ڪئي(1).

علامه فيضي:

مغليه فارسي شاعري هندستان ۾ ڇهه سؤ ورهين جي وڏي مدي ۾ فقط ٻه شاعر پيدا ڪيا. خسرو ۽ ملڪ الشعرا فيضي. فيضي جي مدح ۾ علي نقي کمره 35 شعر اصفهان مان لکي موڪليا. فيضي ۽ ابوالفضل جي درٻار اڪبري جا نورتن هئا شيخ مبارڪ جا فرزند هئا(2) ۽ سنڌي هئا.

محمد جعفر:

مخدوم محمد جعفر بوبڪائي عربي زبان ۾ هڪ رسالو ”حل العقود في طلاق السنود“ نالي لکيو، جنهن ۾ سنڌي زبان جي انهن جملن ۽ لفظن تي بحث ڪيل آهي، جن سان طلاق ٿي سگهي ٿي.

مخدوم ابوالقاسم:

مخدوم ابو القاسم نقشبندي ٺٽوي جيڪو ٺٽي جي مشهور عامل ڪامل مخدوم آدم جي صحبت ۾ تصوف جون منزلون طئي ڪري شاهه سيف الدين سرهندي جي خدمت ۾ پهتو. اُتان فيض پرائي ٺٽي آيو، جتي وڏا وڏا علماءِ به سندس معتقد ۽ مريد ٿيا. مخدوم محمد هاشم جھڙو بلند پايه عالم به سندس بي حد معتقد هو. دهلي، سورت ۽ احمد آباد ۾ سندس مريد ۽ خليفا هئا. سنه 1138هه ۾ هن دنيا مان رحلت فرمائي ويو. هو محمد شاه جي زماني ۾ ٿي گذريو.

شاهه عنايت:

شاهه عنايت صوفي ميران پور (جھوڪ) جو صوفي جنهن جي فقر ۽ فقيري جو غلغلو فرخ سير جي درٻار تائين پهتو هو. جنهن کي زميندارن ۽ ڪلهوڙن جي چرچ تي ٺٽي جي نواب اعظم خان 1130هه ۾ شهيد ڪرايو. نواب جي روبرو صوفي صاحب جيڪي سوالن جا جواب ڏنا تن کي مير علي شير  قانع ”مقالات الشعراءَ“ ۾ نقل ڪيو آهي. جنهن مان هن صوفي درويش جي بزرگي ۽ ڪماليت معلوم ٿئي ٿي.

 شيخ طيب:

شيخ طيب سنڌي جنهن اڪبر اعظم جي زماني ۾ سيد عبدالاول حسيني شارح صحيح بخاري کان احمد آباد ۾ حديث جي تعليم ورتي. شيخ عبدالاول بيرم خان جي چوڻ تي بخارا کان گجرات آيو هو. استاد جي وفات کان پوءِ شيخ طيب پنجاه ورهين تائين ايلچ پور ۽ برهان پور ۾ فن حديث شريف جي خدمت ڪرڻ لڳو.

شيخ عبدالله ۽ شيخ رحمت الله:

مغليه شيخ عبدالله بن سعد الدين متقي ۽ شيخ رحمت الله بن عبدالله ٻئي سنڌي بزرگ هئا، جن کي آب و دانه جي ڪشش سنڌ مان ڇڪي احمد آباد آندو. سندن علميت جو ڏؤنڪو دهلي تائين وڄڻ لڳو. شيخ بهلول دهلوي سندن فضل ۽ ڪمال جي ٻڌي گجرات اچي سندن شاگردي ۾ رهيو. پوءِ فارغ ٿي دهلي ۾ فن حديث جي تعليم ڏيڻ لڳو.

شيخ ابوالحسن:

شيخ ابوالحسن بکري جيڪو مڪي معظمه ۾ اڪبر اعظم جي زماني ۾ فن حديث جو وڏو عالم ٿي گذريو. علامه ابن حجر مڪي جو همعصر هو. شيخ ابوالحسن بکري جي رتبي لاءِ ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو ته علامه مجدالدين محمد بن طاهر فتني سندس شاگرد هو. جنهن جي تصنيفات مان لغت حديث ۾ ”مجمع بحار الانوار“ علمائن جي راءِ موجب صحاح سته جي شرح آهي. تنهن کانسواءِ سندس ٻيا ڪتاب ”المغيٰ في اسماءِ الرجال“ ۽ ”تذڪرة الموضوعات“ بي مثل ڪتاب آهن. سنڌي عالم جو هي شاگرد رشيد سنه 986هه ۾ شهادت جي رتبي کي پهتو. مٿئين بيان مان پڙهندڙ مغليه دور جي سنڌي عالم سڳورن جي بزرگي ۽ بلند مرتبي کي معلوم ڪري سگهندا، جن حجاز، گجرات، سنڌ، دکن ۽ دهلي جي دربار تائين ناموري حاصل ڪئي(1). علمائن جي ذڪر کان پوءِ هن دؤر جي مؤرخن جو ذڪر ڏجي ٿو. مير معصوم ابن سيد صفائي ترمذي جيڪو اڪبر اعظم پاران بکر جو نواب هو، تنهن سنه 991هه/1583ع ۾ فارسي ۾ تاريخ معصومي تصنيف ڪئي. منجهس مرزا جاني بيگ جي شڪست تائين جو بيان ڏنل آهي(2). سيد صاحب سسيءَ پنهون جي قصي کي فارسي ۾ نظم ڪري مٿس ”مثنوي حسن و ناز“ نالو رکيو. ساڳي قصي کي کٽياڻ جي قاضي مرتضيٰ سورٺي محمد شاهه جي ڏينهن ۾ ٻيهر فارسي ۾ نظم ڪيو.

مير طاهر محمد:

مغليه جهانگير جي زماني ۾ مير طاهر محمد نسياني بن سيد حسن قنڌاري 1030هه/1621ع ۾ ٺٽي ۾ ”تاريخ طاهري“ فارسي ۾ تصنيف ڪئي، منجهس مرزا غازي بيگ جي زماني تائين بيان ڏنل آهي. هن مارئي جي قصي کي به فارسي ۾ لکيو. مومل- مينڌري جي قصي کي ملا مقيم فارسي ۾ نظم ڪيو.

سيد قاسم:

مغليه امير سيد قاسم خان ترمذي بيگلار جو مرزا شاهه ارغون جي زماني ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ هتي جي ڀاٽي قبيلي مان شادي ڪيائين. تنهن 1017هه کان 1036هه/1628ع تائين ترخان خاندان جي تاريخ لکي، جا ”بيگلار نامه“ سڏجي ٿي. غازي اورنگزيب جي ڏينهن ۾ سيد جمال الدين بن مير جلال الدين حسيني سنه 1654ع ۾ ترخان نامه فارسي ۾ لکيو. مصنف ”تاريخ السند الهند“ ۽ ”تاريخ طاهري“ تان روشني ورتي آهي(1). گويا مغليه دؤر ۾ سنڌ جون ٽي قديم فارسي تاريخون لکيون ويون.

مغليه دؤر جا يادگار:

مغليه دؤر ۾ هندستان فن عمارت سازي ۾ گهڻي ترقي ڪئي. دهليءَ جي ٺٽي ۽ بکر جي نوابن سري ۽ لاڙ ۾ جيڪي عمارتون تعمير ڪرايون، سي هن وقت به قابل يادگار آهن. افسوس! جو فرگوسن پنهنجي تاريخ عمارت سازي جي ٻن جلدن ۾ سندن ڪو ذڪر ڪين ڏنو آهي. ڪجهه عمارتون آثار قديمه جي کاتي جي نگراني هيٺ آهن. هت سندن مختصر بيان ڏجي ٿو.

روهڙي:

مغليه روهڙي جي جامع مسجد جا موءِ مبارڪ ڀرسان هڪڙي پُرفضا هنڌ تي آهي ۽ مٿس ٽي گنبذ آهن، سا اڪبر جي بکر جي نواب فتح خان سنه 992هه ۾ تعمير ڪرائي. اڪبري دور جو امير سيد محمد معصوم بکري سنڌ جي زنده جاويد بزرگن مان آهي. عمارت سازي سان کيس شوق هو. تبريز، اصفهان، آگري تائين سندس ڪتبا ۽ مسجدون موجود آهن. تنهن کان سواءِ ناگور، مانڊو، بيانه، برهانپور، اوچين ۽ ٻين هنڌن تي به سندس ڪتبا ڪيترين جاين تي لڳل آهن.(1) بکر ۽ سکر ته سندس وطن هو، جن کي سينگارڻ جو کيس شوق لڳل هو. خان خانان سان گڏجي هن سنڌ جو مغربي حصو فتح ڪري سنه 1000هه ۾ فارغ ٿيو. سنه 15-1014هه ۾ سندس انتقال ٿيو. روهڙي جي ڏکڻ اولهه طرف ٽڪري تي عيدگاهه تعمير ڪرايو، جنهن جي اولاهين ڪنڊ تي گنبذ جڙيل آهن، جو سنه 1002هه ۾ تعمير ٿيو. سنه 1007هه ۾ بکر جي سامهون درياءَ ۾ هن ستياسر نالي گنبذ تعمير ڪرايو.

سکر:

مغليه سنه 1003هه ۾ مير صاحب سکر جي معصومي مناري جو ڪم شروع ڪرايو. سندس انتقال کان پوءِ سندس فرزند مير بزرگ 1027هه ۾ پورو ڪرايو. هي منارو هڪڙي ٽڪري تي 84 فٽ ڊگهو آهي. عام روايت آهي ته مناري جون پڪيون سرون اروڙ جي قديمي عمارتن مان پٽرائي آنديون هئائون. فيض محل (آرامگاهه) مناري جي قريب هشت پهلو گنبذ سان هڪڙي جاءِ سنه 1004هه ۾ جوڙائي ويئي. اها جاءِ برج جي نموني ۾ پنجاهه فٽ کن اوچي آهي. ونگن سان چار دروازا اٿس، جن مٿان آرپار چار دريون آهن. اندرين پاسي کان گيلري اٿس. پراڻي ۽ نئين سکر جي وچ ۾ جيل خاني جي ڀر ۾ هڪ هشت پهلو گنبذ آهي. سندس چؤطرف ست کوهه هئا، جي لٽجي ويا آهن. فقط هڪ موجود آهي. هيءَ عمارت جنهن جي ديوار کان چاليهه فٽ مٿي گنبذ آهي، خوبصورت جاءِ آهي. ائين معلوم ٿو ٿئي ته قافلا سراءِ هيءَ جاءِ 1005هه ۾ تعمير ٿي هوندي. سندس اولهندي ۾ مسجد آهي. درياءَ جي ڪناري تي ساڌ ٻيلي سامهون مسجد منزل گاهه آهي، جا مير معصوم 1006هه ۾ تعمير ڪرائي. سندس ڀر ۾ هشت پهلو جاءِ 1007هه جي جڙيل آهي، جنهن جي گنبذ تي ڪاشيءَ جو ڪم ڪيل آهي. اهي جايون هڪ باغ سان محلق هيون. مسافرن جي آرام ۽ عبادت لاءِ جڙيل آهن.

خواجه خضر جي آستان واري مسجد نواب سعدالله بکر واري 1011هه ۾ تعمير ڪرائي. اها مسجد اولاهين ڪنڊ تي شڪسته حالت ۾ آهي. درياءَ جي روهڙي واري ڪناري تي بکر جي ڏاکڻين اوڀارين ڪنڊ تي ٽڪري تي عام طرح ”ستين جو آستان“ سڏجي ٿو، سو حقيقت ۾ ”قاسم خواني“ آهي. اها ٽڪري اڪبري دربار جي امير ڪبير ابوالقاسم نمڪين هروي پنهنجي آخري خوابگاهه لاءِ منتخب ڪري مٿس ”صفحه صفا“ نالو رکيو. ٽڪري تي اٽڪل هڪ سؤ پڪيون قبرون اڪبري دؤر جي رسم الخط ڪتبن سان موجود آهن. جاهل ماڻهن من گهڙت روايتن سان هن ٽڪري کي سٿين جو آستان نالو ڏنو آهي. پوءِ جي مؤرخن امير ابوالقاسم جي مناسبت سان هن تي ”قاسم خاني“ نالو رکيو. قبرن جي ڪتبن مان ظاهر آهي ته اها ٽڪري سنه 1018هه کان 1070هه تائين قاسم خاني خاندان جي قبرستان طور ڪم ايندي رهي آهي. مقبره شاهه خيرالدين جيلاني المتوفي سنه 1027هه مشهور درگاهه آهي، جنهن تي عاليشان ڪاشيءَ جو گنبذ 1174هه ۾ ميان غلام محمد مجاور جي ڪوششن سان تيار ٿيو. سيد اسدالله ساقي معصومي مير محمد معصوم جي پوٽي گنبذ جي تعمير جي تاريخ لکي.

سيوهڻ:

شاهجهان صاحبقران ثاني جي ڏينهن ۾ سيد ديندار خان جو مشهور امير هو، حضرت شيخ عثمان مروندي لعل شهباز جي مقبري جي صحن کي فرش هڻايو ۽ ٻه مسجدون تعمير ڪرايون. ساڳي نواب ديندار خان بخاري سنه 1042هه ۾ عهد شاهجهاني ۾ ڇٽي امراني درويش جي مقبري تي گنبذ تعمير ڪرايو. صحن ۽ ديوارن تي سبز ڪاشيءَ جون سرون هڻايون. گنبذ چڱي حالت ۾ آهي.

ٺــٽــو:

ساري سنڌ ۾ آثار قديمه جي نقطئه نظر سان ٺٽي کي جيڪا اهميت آهي، سا ٻئي ڪنهن به شهر کي حاصل نه آهي. جامع مسجد شاهجهاني جو نمونو مغليه آهي. بنياد مضبوط پٿر جو رکيل اٿس، مگر ان کان پوءِ مضبوط نفيس پڪين سرن جي عمارت آهي. مسجد جي ڍڪيل حصي ۾ هشت پهلو عمارت تي هڪ وڏو گنبذ اڏيل آهي، جنهن تي رنگين ڪاشيءَ جو خوش نما ڪم ڪيل آهي. ڇت ۾ ڪل 92 گنبذ ننڍا وڏا آهن، جن ۾ 3 اندريان گنبذ بلڪل اهم آهن. لب تاريخ واري جو چوڻ آهي ته انهي مسجد جو ڪم مير ابوالبقا امير خان ولد نواب ابوالقاسم بکري شاهجهان جي حڪم سان 1054هه ۾ شروع ڪرايو ۽ ان کان پوءِ مسجد جي تڪميل 1068هه ۾ ٿي. محڪمه آثار قديمه اُلهندي هندستان جي رپورٽ ۾ ڏيکاريل آهي ته مسجد جو ڪم 1052هه ۾ شروع ٿيو ۽ سنه 1057هه ۾ ختم ٿيو. مٿس شاهجهان جا 9 لک رپيا خرچ آيو. هڪڙي ڪتبي تي 1104هه لکيل آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اورنگزيب جي زماني ۾ به انهي مسجد جي تعمير ٿي آهي(1). مسجد مظفر خان ٺٽي شهر جي بازار جي مهڙ واري هنڌ تي مسجد خضر حيات جي نالي سان سڏجي ٿي. دراصل 1022هه ۾ عهد جهانگير ۾ مير عبدالرزاق الحسيني المعموري تعمير ڪرائي، جو 1021هه ۾ مرزا رستم صفوي ٺٽي جي نواب پاران محصول اوڳاڙڻ تي مامور هو. مسجد اميرخاني ٺٽي ۾ هندن جي پاڙي ۾ ننڍي گنبذ واري مسجد آهي، جنهن کي صحن وغيره ڪجهه به ناهي. سنه 1039هه ۾ شاهجهاني نواب ابوالبقا امير خان تعمير ڪرائي، جا آثار قديمه جي بي ڌياني ڪري ويران ٿي ويئي آهي.

ٺٽي جو عيدگاهه شهر کان ٻاهر ڪوهه مڪلي تي شاهي يادگار آهي. عيدگاهه کي فقط مغربي پاسي کان فقط هڪڙو دروازو آهي. نواب يوسف خان عهد شاهجهاني ۾ 1043هه ۾ تعمير ڪرايو. هو وڏو علم پرور هو. مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي ”شرح مخزن الاسرار“ سندس نالي تي معنون ڪيو ۽ سندس بيحد واکاڻ ڪئي آهي. هن عيدگاهه جي مرمت ٽالپري دؤر ۾ ميان الله بخش عباسي 1281هه ۾ ڪرائي. مقبرو شريف خان مڪلي تي دمڙي جي قبي جي نالي سان مشهور آهي. شريف خان شريف الملڪ 1035هه ۾ سلطان جهانگير پاران ٺٽي جو نواب هو. گنبذ اندر 3 قبرون آهن، جن مان نواب يوسف خان جي سنگ مزار تي 1052هه لکيل آهي. مقبرو مير امين الدين خان جو سنڌ جي علمي سادات خاندان مان عهد عالمگيري ۾ ٺٽي جو نواب هو، مقبري جي خراب حالت آهي. سال 1188هه ڪتبي تي لکيل آهي. ڪوه مڪلي تي ڪيترن مشهور عالمن، فاضلن ۽ صوفياء ڪرام جون قبرون آهن، جن مان ڪن جا ڪتبا ناس ٿي ويا آهن ۽ ڪي تلف ٿيڻ جي قريب آهن.

سرهند جي جنگ:

شهزادي معزالدين ميان يارمحمد کي سنڌ کان سواءِ سيوي تائين علائقو حوالي ڪيو هو. پر غازي اورنگزيب جي وفات کان پوءِ جڏهن بهادر شاهه سکن سان سرهند جي جنگ ۾ رڌل هو، ان وقت موقعو ڏسي قلات جي خان مير سمندر خان ذوب، بوري، ٿل ۽ چوٽيالي جا علائقا ڦٻائي ورتا. مٿئين قبضي کان پوءِ سيوي کي خطري ۾ ڏسي ڪلهوڙن ساليانو چاليهه هزار رپيا ڪڇ جي بچاءُ جي عيوض خان قلات کي ڏيڻا منظور ڪيا. سنه 1715ع ۾ مير عبدالله خان قلات جي گادي تي ويٺو، جو تاريخن ۾ ”شهباز ڪوهستان“ جي لقب سان مشهور آهي. هن ڪڇ جي وڏيرن کي جيڪي ڪلهوڙن کي ڍل ڀريندا هئا، زير ڪرڻ کان پوءِ مرراڻي بلوچن جي تختگاهه ڊيره غازي خان تي گهيرو ڪري هرند ۽ داجل، ڄامپور سميت قلات جي جهنڊي هيٺ آندا. تنهن کان پوءِ امير محمود غلزئي کي بلوچي لشڪر سان مدد ڏني، جنهن 1722ع ۾ ڪرمان تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ يزد ۽ ايران جي تختگاهه اصفهان تي قبضو ڪيو هو. شاهه حسين پوئين صفوي تاجدار پنجاهه هزار لشڪر سان افغاني ۽ بلوچي لشڪر کان شڪست کاڌي. ايران ۾ صفوي خاندان جو خاتمو ٿيو. امير محمود 1725ع ۾ وفات ڪئي. هن پشين ۽ شوراوڪ جا علائقا مير عبدالله خان کي سندس مدد جي عيوض سپرد ڪيا. کانئس پوءِ سندس سؤٽ سلطان اشرف قنڌار جي گادي تي ويٺو، جنهن کي نادر شاهه افشار ڀڄائي ايران تي قبضو ڪيو(1). سنه 1736ع ۾ مغان جي ڳوٺ وٽ هڪ لک ايراني سردارن ۽ اميرن کليءَ طرح نادر قلي افشار ڌاڙيل کي ايران جو شهنشاهه تسليم ڪري سندس مٿي تي تاج ڪياني رکيو. چنگيز ۽ امير تيمور گورگاني کان پوءِ هي ٽيون نمبر ايشيا جو فاتح ٿي گذريو(2). مير عبدالله خان فضا جو رخ بدليل ڏسي نادر شاهه جو طرف ورتو. سنه 1738ع ۾ نادر شاهه ڪابل تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ قلات جي خودمختياري کي تسليم ڪري عبدالله خان جي ٻن پٽن مير محبت خان ۽ التاز خان پاڻ وٽ ضمانت طور رکيا. ميان نور محمد سنڌ هٿ ڪرڻ کان پوءِ ڪڇ ڏانهن ڌيان ڏنو. قيصر خان مگسي، شوران جي رند سردار ميرو خان، ڀاڳناڙي ۽ ڍاڍر جي زميندارن جن جو ميان سان مريدي جو رشتو هو، قلات جو طرف ڇڏي ميان جي ڪڇ جي نائب مراد ڪليري عرف مراد گنجي کي خراج ڀرڻ لڳا(1). سرائي ڪوهستان تائين قبضو ڄمائي ورتو. سندس ٻن سپهه سالارن مير بهرام خان ۽ راڄي ليکي اٺ هزار فوج سان ڪڇ تي ڪاهه ڪئي. مير عبدالله خان سرائي جي فوجن جو غلط اندازو لڳايو هو. ڍاڍر جي ويجهو سني جي ڳوٺ وٽ ڌرين جو مقابلو ٿيو. مراد گنجوبه ميان سان همرڪاب هو. مير عبدالله خان چند سؤ سوارن سان جنگ جي ميدان ۾ شهيد ٿي ويو. ميان پنهنجي تختگاهه لاڙڪاڻي ڏانهن موٽيو. بلوچ سردارن مان مير دوست علي خان مري مراد گنجي جو مقابلو ڪيو، پر وڙهندي شهيد ٿي ويو. ياد رهي ته ڪلهوڙن جي خوانين قلات سان مائٽي هئي. ميان نور محمد جي فرزند مير عبدالله خان جي ڀائٽي سان شادي ڪئي هئي. مير عبدالله خان جي شهادت کان پوءِ نادر شاهه سندس فرزند مير محبت خان کي خلعت فاخره پهرائي قلات جي تخت تي ويهاريو. ڪڇ جو سوال نادر شاهه جي پيش نظر هو.

نادر شاهه جي ڪاهه:

سيد عبدالله ۽ سيد حسين کان پوءِ دهلي جي درٻار ۾ ٻه جماعتون بر سر پيڪار هيون. هڪڙي ايراني شيعن جي جماعت جو ليڊر برهان الملڪ سعادت علي خان جو ڀاڻيجو ۽ ناٺي هو. توراني پارٽي جو ليڊر انتظام الدوله ”خان خانان“ سني هو. مغل شهنشاهه محمد شاهه جي ڏينهن ۾ هندستان جون سرحدون مضبوط ڪين هيون. سنه 1739ع ۾ 36 هزار لشڪر سان ايراني فاتح خيبر کان دهلي تي ڪاهه ڪئي. بلوچن جو تعداد ڇهه هزار هو، جن مان هڪ هزار نادر شاهه جا خاص باڊي گارڊ هئا(2). مير چيزو خان ۽ مير قائم خان ٻه رئيساڻي سردار بلوچي لشڪر مٿان مهندار هئا. ڪرنال جي جنگ ۾ ويهه هزار مغلن جو لشڪر قتل ٿي ويو.  نادر شاهه دهلي پهتو. اٽڪل ويهه هزار شهري ايرانين ۽ بلوچن هٿان قتل ٿي ويا. ايراني فاتح 15 ڪروڙ نقد، طاؤسي تخت، بيشمار جواهر جن ۾ ڪوهه نور هيرو به هو، ساڻ ڪري موٽيو. بقول فريزر جملي اسي ڪروڙن جو مال کڻي ايران موٽيو. سنڌوندي جي اولهندي ڪناري وارا علائقا ٺٽي سميت پنهنجي قبضي هيٺ آندائين(1).

ميان نورمحمد جي گرفتاري:

نور محمد کي پيرن ۾ زنجير وجهي مير محبت خان جي حوالي ڪيائين. جنهن ميان کان ڪڇ جو علائقو وٺي بلوچي رواداري موجب کيس آزاد ڪيو(2). موٽڻ بعد ميان ڪيل واعدن جي خلاف ورزي ڪرڻ لڳو. جنهن تي نادر شاهه ڪاوڙجي 27- نومبر 1739ع ۾ ٻيهر ڪابل کان سنڌ تي ڪاهه ڪئي. فيبروري سنه 1740ع ۾ نادر شاهه لاڙڪاڻي پهتو. سرائي خوف کان عمرڪوٽ ڏانهن ڀڄي ويو. 14- فيبروري نادر شاهه عمرڪوٽ جي ديوارن تائين پهتو. هڪ ڪروڙ رپيا جيڪي سرائي قلعي ۾ پوريا هئا، سي ايراني فاتح کي هٿ لڳا. نورمحمد خان کي گرفتار ڪري لاڙڪاڻي آندائين. سرائي نئون عهدنامو ڪيو. لاڙ ۽ وچولي جا پرڳڻا نادر شاهه جي حوالي ڪيائين ۽ ويهه لک رپيا ساليانو خراج ڏيڻ منظور ڪيائين. پوءِ ايراني فاتح ڪي عمدا ڪتاب ۽ سندس ٻن پٽن محمد مرادياب خان ۽ غلام شاهه کي بطور ضامن جي ساڻ وٺي خراسان ڏانهن موٽيو. ميان کي ”شاهه قلي“ جو خطاب ڏئي ويو(3). لاڙ ۽ وچولي جا علائقا موٽي ميان کي مليا. ٽن سالن کان پوءِ ميان ڌاريجن ۽ ڪڪرالي جي هندو ڄامن کي شڪستون ڏيئي سڄي سنڌ تي قبضو ڪيو. شڪارپور به سندس قبضي هيٺ اچي ويو. ڇاڪاڻ جو نادر شاهه جي سپهه سالار طهماسپ قلي دائودپوٽن کي شڪست ڏيئي سنڌ مان ڀڄائي ڪڍيو هو(1).

احمد شاهه ابدالي جي ڪاهه:

9- جون 1747ع/1160ع ۾ نادر شاهه جي قزلباش عملدارن ۽ ترڪمان سپهه سالار صالح بيگ گڏجي سفارش ڪري نادر شاهه کي قتل ڪيو. افغانستان ۽ خراسان ويندي سنڌوندي جي اولهندي وارا علائقا نادري فوج جي سپهه سالار، احمد خان ابدالي جي هٿ هيٺ خزانن سميت اچي ويا. هو ايشيا جو چوٿون نمبر فاتح شمار ٿئي ٿو. ايران تي آغا محمد حسين قاچار جو قبضو ٿي ويو. جنهن جي پيءُ فتح علي خان کي سنه 1728ع ۾ نادر شاهه قتل ڪرايو هو(2). جن ڏينهن ۾ قنڌار جي هوتڪي سردارن ايرانين خلاف آزادي جو جهنڊو بلند ڪيو هو، اُنهن ڏينهن ۾ هرات جي ابدالي سردار آزاد خان خراسان تي ڪاهون شروع ڪيون هيون. کانئس پوءِ عبدالله خان بن حيات خان ابدالي سنه 1129هه هرات جي ايراني نائب جعفر قلي کي قتل ڪري ابدالين جي رياست جو هرات ۾ بنياد وڌو. محمود خان جي ايران تي ڪاهن وقت ابدالين مشهد تي قبضو ڪيو هو. سنه 1144هه ۾ نادر شاهه هرات تي قبضو ڪيو. ابدالين ۽ هوتڪي سردارن جي پاڻ ۾ ناسازي هئي. نادر شاهه زمان خان بن دولت خان ابدالي جي ٻن پٽن ذوالفقار خان ۽ احمد خان کي پاڻ وٽ گهرائي ذوالفقار کي هرات مٿان حاڪم ڪيو. سندس مرڻ کان پوءِ احمد خان کي هرات جي حڪومت سپرد ڪئي. هندستان جي ڪاهه وقت به نادر شاهه سان همرڪاب هو. نادر شاهه جي قتل ٿيڻ کان پوءِ افغان سردارن قنڌار جي اولياءَ شير سرخ بابا جي مزار تي مجلس ڪري احمد خان کي احمد شاهه بابا جي لقب سان پنهنجو امير تسليم ڪيو(1). غازي احمد شاهه پهريون دفعو افغاني سلطنت جو پايو وڌو. هن افغانن کي ”دراني“ جو لقب ڏنو. سدوزئي فرمانروائن جو شجرو هي آهي:-

(1) J.Sarkar: Mughal Administration (Second series), PP. 71-81

     H.L. Rawlinson: British Beguning in western India, (1559-1657), 1920

(1) Bal Krishna: Commercial relations between India, and England, (1601-1757), P 252

Dr. R.Gupta: Latter Mughal History of the Panjab.

(2) هئملٽن جي ڏينهن ۾ سنه 1699ع ۾ ٺٽي جو اڌ شهر پليگ ڪري اڳيئي ويران ٿي چڪو هو. تنهن هوندي به اڌ شهر جي آبادي اٽڪل سوا لک هئي.

(1) W.H. Moreland: Akbar to Aurangzeb, P. 285, 1923

(1) ڍنڍن مان بِهه، لوڙهه، پکين جي شڪار لاءِ به ڍل ڏيڻي پوندي هئي. ويهين صدي ۾ ڍل خشڪيءَ رستي مڇي جي واپارين کي ڍل ڀرڻي پوندي هئي. بندرگاهن تان مڇي، ٻيڙين رستي ٻاهر موڪلڻ تي هڪ سؤ رپين جي مڇي لاءِ 9- 10- 13 رپيا ڍل روانگي تي مقرر هئي. اهي ڍلون ٽالپرن جي صاحبي تائين قائم هيون.

Bombay Government records, Selections, XVII, (New series), Part. II, P. 596

(1)  ڏسو منهنجو مضمون ”الوحيد“ هفتيوار ايڊيشن 1 سيپٽمبر 1947ع، ص 7 ڪراچي

(2) شعر العجم: شبلي، جلد 3، ص 28، ذڪر فيضي

(1) مخدوم محمد جعفر بوبڪائي، مخدوم ابوالقاسم ۽ شاهه عنايت لاءِ ڏسو ”الوحيد سنڌ آزاد نمبر“ 15- جون 1936ع، باقي ٻين بيان ڪيل علمائن لاءِ ڏسو يادِ ايام: مولانا حڪيم سيد عبدالحي، ص 34-72، شاهي پريس لکنؤ، 1926ع

(2) مسٽر ننديرام سيوهاڻي سنه 1861ع ۾ هن تاريخ جو سنڌي ترجمو ڪيو. علامه دائودپوٽي سنڌ جي موجوده تعليم کاتي جي وڏي عملدار تاريخ معصومي کي ٻيهر فارسي ۾ تصنيف ڪيو.

(1) Kalichbeg Fredunbeg: The Chachnamah, Preface, P. 11, 1900

H.T. Sorely: Shah Abdul Latif of Bhit, PP. 15-16, 1940

(1) معارف اعظم ڳڙهه آگسٽ 1931ع ۾ مير معصوم بکري جي مختلف ڪتبن جو ذڪر ڏنل هو. سنه 1320هه مرزا ڪلب علي روهڙي جي مختيارڪار جامع مسجد جي مرمت ڪرائي. سکر جو هشت پهلو گنبذ سکر ميونسپالٽي جي قبضي ۾ آهي. مسجد منزل گاهه مسلمانن جي قبضي هيٺ آهي. سندس هشت پهلو گنبذ کي ڪو وقت انگريزن سفارتخاني جي آفيس طور ڪم آندو هو. باغ ويران آهي. ساڌٻيلو مغليه دور ۾ شاد ٻيلو سڏبو هو. هينئر هندن جي قبضي هيٺ آهي. وڌيڪ ڏسو ”الوحيد سنڌ آزاد نمبر“ سکر ۽ روهڙي جا آثار قديمه، 15- جون 1936

(1) سر بارٽل فريئر سنڌ جي ڪمشنر 1272هه/1855ع ۾ سيد صابر علي شاهه مرحوم ۽ ميان الله بخش شاڪراني جي معرفت چندو ڪرائي مسجد جي تعمير ڪرائي. ان کان پوءِ 1311هه/1894ع ۾ جيمس ڪمشنر خان صاحب رسول بخش مرحوم مختيارڪار ٺٽو جي معرفت جامع مسجد جي مرمت ڪرائي ۽ انهي چندي ۾ سر مير فيض محمد خان مرحوم والي رياست خيرپور 4 هزار رپيا ڏنا ۽ 4 هزار سنڌ جي ٻين معززن کان ڪمشنر وصول ڪيا. سنڌ سرڪار 5 سؤ رپيا ڏنا. بقول صاحب لب تاريخ ويهه هزار رپيا مرمت تي لڳا. مگر ان کان پوءِ ڪنهن به مسجد کي هٿ ڪونه لاتو آهي. سنڌ ۾ مغليه خاندان جو هميشه قائم رهندڙ يادگار مسلمانن ۽ حڪومت جي بي حسي تي مرثيه خواني ڪري رهيو آهي. (ڏسو لب تاريخ) امرتسر، 1900ع

(1) J.B. Malleson: History of Afghanistan, The Ghilzai rule, P. 240, London, 1878

(2) لب تاريخ: خانبهادر خداداد خان، ذڪر نادر شاهه، رياض الهند پريس امرتسر

(1) تحفة الڪرام جلد 3، ذڪر نور محمد ڪلهوڙو. نوٽ: قنڌار جا افغان غلزئي تاجدار جن صفويه فرمانروائن جو خاتمو ڪيو، سي شاهان هوتڪي سڏجن ٿا. هن خاندان جو باني امير ويث بن شاهه عالم 1121هه ۾ تخت تي ويٺو. عبدالعزيز 1131هه ۾ تخت تي ويٺو. شاهه محمود 1131هه تائين حڪومت ڪئي. سلطان حسين 1145هه تائين حڪومت ڪئي. شاهه اشرف پويون هو، جنهن کي 1143هه ۾ نادر شاهه ڀڄائي ايران هٿ ڪيو. سلطان اشرف ڪرمان وٽان لنگهندي بلوچن هٿان مارجي ويو.

(2) J.Hutton: Central Asia, Nadir Shah, P. 181, London, 1875

(1) ڪتاب درٻار تاجپوشي قلات 1932ع: مولوي دين محمد، ذڪر سردار محمد خان شهواڻي

(2) Dr. H.R.Gupta: Latter Mughal History of the Punjab, P. 32

(3) Sir Deyus Bray: The Brahui Problem Part. III, History, New Delhi, 1934

(1) نادر شاهه جي ڪاهه وقت سنه 1740ع ۾ ٺٽي شهر ۾ چاليهه هزار ڪوري، ويهه هزار ٻيا ڪاريگر ۽ سٺ هزار دڪاندار رهندا هئا. ائين ڏيکاريل آهي ته ايراني فاتح 1742ع ۾ ٺٽي پهتو.

 Dr. H.R. Gupta: Latter Mughal History of the Punjab, P. 11

(2) سنه 1735ع ۾ نادر شاهه پهريان طهماسپ صفوي بن شاهه حسين صفوي پاران مدارالمهام جي حيثيت ۾ حڪومت ڪرڻ لڳو، پوءِ 1736ع ۾ هن پنهنجي شهنشاهي لاءِ اعلان ڪيو. سنه 1747ع ۾ ايران تي قاچارين قبضو ڪيو.

Valentine Chirol: The Middle Eastern question, P. 100, London, 1903

(1) Sultan Mohammed: The life of Abd-ul-Rahman Khan, P. 216, London, 1901

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org