محمد (بهاءُ)
1670ع
دائود 1600ع
فيروز
ميان شاهل محمد
1657ع ميان الياس 1620ع
بهادر خان
ميان نصير محمد 92-1657ع
مبارڪ
ميان مير محمد 1719ع ميان يارمحمد 11- 170ع ميان
دين محمد 1692ع
صادق محمد 1744ع
فتح خان مبارڪ بهاول خان 1749ع
غلام حسين ميان نورمحمد 1719ع محمد دائود 1719ع
1749ع
بهاول ثاني 1772ع صادق علي
عبدالنبي غلام نبي ميان غلام شاهه عطر محمد
محمد مراد
83-1781ع 1774ع 1774ع
صادق ثاني مبارڪ عرف واحد بخش
1812ع محمد 1773ع محمد
سرفراز خان
رحيم يار خان عرف بهاول ثالث
1845ع
ميرمحمد
سعادت يار خان 1852ع ڪاجي خان 1852ع
ميان شاهل محمد:
ميان شاهل محمد ولد دائود بن آدم شاهه ميان الياس
کانپوءِ گاديءَ تي ويٺو. هن جي وقت ۾ وري فقيرن
زور ورتو ۽ زمينداري به وڌندي وئي. ميان گهاڙ واه
کوٽايو. سندس مريدن ابڙن جون جيڪي زمينون گهاڙ جي
ٻنهي پاسن کان هيون، تن تي قبضو ڪري پنهنجن مائٽن
کي ورهائي ڏنائين. ابڙن لاچار ٿي پنهنجي وڏيري
جلال خان ابڙي کي بکر جي مغل نواب ڏانهن روانو
ڪيو. پوءِ مغليه لشڪر جي مدد سان ميان سان جنگيون
جوٽيون، جن ۾ ميان شهيد ٿي ويو ۽ گهاڙي ڪپ تي
دفنايو ويو.
ميان نصير محمد:
ميان نصير محمد ولد ميان الياس سنه 1068هه/1657ع ۾
وڏن جي گاديءَ تي ويٺو. سندس ڏينهن ۾ ڪلهوڙن جي
فقيري جو غلغلو اڳين بزرگن کان گهڻو وڌي ويو. جنهن
ڪري ڀرپاسي جا زميندار هن سان لڙڻ لڳا ۽ بکر مان
مغلن جو ڪٽڪ وٺي مٿس ڪاهي آيا. جنهن ڪري هو راتو
رات گهڻن مريدن سميت ريگستان ڏانهن ڀڄي ويو. آخر
گذران کان تنگ ٿي دادو تعلقي ۾ پنهورن جي ڳوٺن
ڏانهن موٽ کاڌائون. پنهورن فقيرن جي خوف کان بکر
جي نواب کان مدد گهري جنهن سرڪاري لشڪر سان سيوي
جي حاڪم مير خان کي ڏياري موڪليو. مير خان ميان
سان صلح ڪري کيس پنهنجي چاچي محبت خان سان گڏي
اورنگزيب جي درٻار دهلي ڏانهن موڪليو، جتي کيس نظر
بند رکيو ويو. ڪافي سالن کانپوءِ ميان نصير محمد
عالمگيري ترنگ مان چوري ڀڄي سنڌ پهتو. ميان جا
مريد جي سندس غير حاضري ۾ ڏاڍا تنگ ٿيا هئا، سي
وٽس اچي گڏ ٿيا. پنهورن جي پرڳڻي ۾ نوءَ ڳوٺ ٻڌي
ويٺا. هيڏانهن چانڊڪي واري جاگير ۾ آبادي
وڌايائين. تنهن کانسواءِ بکر جي نواب مير يعقوب
خان کي هڪڙي جنگ ۾ ڏاڍي شڪست ڏنائين. پوءِ هن
ايترو زور ورتو جو ساهتي جي پرڳڻي تي قبضو ڪري
سيوهڻ جو وڏو حصو ٺيڪي ۾ کنيائين. ساهتي ۾ سندس
هڪڙي فقير فيروز نوشهري فيروز جو شهر ٻڌايو. ميان
نصير محمد 25 سالن تائين پنهنجن فقيرن تي هڪڙي قسم
جي حڪومت ڪري سنه 1103هه/1696ع ۾ وفات ڪري ويو.
سندس مقبرو خيرپورناٿن شاهه تعلقي ۾ آهي.
دائود پوٽا:
دائود پوٽا جونيا جي پٽ محمد جو اولاد آهن. پاڻ کي
عباسي سڏائين ٿا. منجھانئن دائود بهادر ٿي گذريو
آهي. هن جھانگير جي زماني ۾ مهرن کي شڪست ڏئي ٻئي
قبيلي جتوئي بلوچن کي شڪست ڏئي لکي جو شهر ٻڌو.
لکي ۽ خانپور وارو جھنگ سندن شڪار گاهه هو. بهادر
خان دائود پوٽي پير سلطان ابراهيم شاهه جي فهمائش
موجب 1026هه/1617ع ۾ شڪارپور جو شهر ٻڌو. دره
بولان جي منهن وٽ هئڻ ڪري هن شهر ستت واپار ۾ ترقي
ڪئي. دائود جو اولاد عارب، عباس، حسن، حسب، قاسم
جو اولاد عارباڻي، حسني، هيسباڻي، عيسيٰ جو اولاد
عيساڻي، فيروز جو اولاد فيروزاڻي سڏجن ٿا. دائود
پوٽن ٿورو وقت حڪومت ڪئي. سنه 1740ع ۾ جڏهن نادر
شاهه ايران ڏانهن موٽيو، تڏهن سندس سپهه سالار
طهماسپ هٿان صادق محمد ۽ سندس پٽ مبارڪ خان مارجي
ويا. محمد صادق جي پٽن مان بهاول خان اول 1749ع
سنڌونديءَ جي ساڄي ڪپ تي بهاولپور جو شهر تعمير
ڪرايو. بهاولپور جي رياست عباسين جي يادگار آهي.
ٽالپر:
عام طور ٽالپرن جو ذڪر جيڪو سنڌ جي تاريخن ۾ ڏنل
آهي سو مختصر آهي. مؤرخ ٽالپرن جي آغاز کي ڪلهوڙن
جي صاحبي کان شروع ڪن ٿا. ڪلهوڙن کان اڳ ٽالپر ڪٿي
هئا، سو بيان ڪنهن به تاريخ ۾ ڏنل ڪونهي. فقط
ايترو بيان ڪن ٿا ته سنڌ جي اترين ٽڪرين کان سنڌ ۾
وارد ٿيا. سنڌ جي تاريخ نويسين کان سواءِ ٻين
مؤرخن جيڪي جدا جدا بيان ڏنا آهن سي محض قياسي
آهن. مؤرخ جيمس ٽاڊ تاريخ راجسٿان جلد 02 ۾ لکي ٿو
ته ٽالپر لفظ سنسڪرت لفظ تالمر مان نڪتل آهي تال،
معنيٰ تر (کجيءَ جو وڻ) مر معنيٰ امير. سندن وطن
تدمر ڏيکاري ٿو. جنهن کي يوناني جاگرافيدان
پاميريا بيان ڪن ٿا.
عيسوي 15 صدي ۾ مير جلال خان جي پٽن جو اولاد مير
شهڪ جي سرڪردگي هيٺ مڪران کان هجرت ڪري ڪڇيءَ جي
ميدان کي وسايو. اها هجرت تاريخن ۾ ”هجرت ڪبريٰ“
بيان ڪيل آهي. رند جي قبلين قلات، سيووي، شوران،
گنج آبه تائين بيٺڪون قائم ڪيون. رند ۽ لاشار جي
ٽيهن سالن واري باهمي ويڙهه کان سندن قبيلا پنجاب،
سنڌ، گجرات، راجپوتانا ۽ هندستان تائين پکڙجي ويا.
رند ۽ لاشار جي ويڙهه ۾ ٽالپرن جي سردار مير
عبدالرحمان خان عرف بليده بن هلهير خان مير چاڪر
خان رند جو طرف ورتو هو. مير چاڪر خان ارغونن کان
شڪست کائڻ کانپوءِ بلوچي قبيلن سان همايون کي مدد
ڏيڻ لاءِ دهلي ڏانهن روانو ٿيو. هن مهم ۾ مير
عبدالرحمان ۽ مير هئبت خان بليدي ساڻس قبيلن سميت
همرڪاب هئا. مير عبدالرحمان واٽ تي سخي سرور دره
وٽ وفات ڪئي ۽ اُتي دفنايو ويو. کيس چوڏهن فرزند
هئا. سندس وڏو پٽ مير تبريز خان لاشاري جي شهزادي
مير ابوبڪر سان گڏ گجرات ڏانهن هليو ويو. دهلي فتح
ٿيڻ کانپوءِ همايون ٽالپرن کي دوآبي سنڌ ساگر ۾
جاگير ڏني.
سرحد صوبي، ديره جات يا سنڌ جي سرحد تي جن جن
بلوچي قبيلن بيٺڪون وڌيون هيون تن جون پاڻ ۾ گهڻو
وقت جنگيون جاري رهيون. ٽالپرن پهريان گورچاڻين
سان جنگ ڪئي. وري جڏهن چانڊين، مزارين ۽ مگسين سان
جنگيون جوٽيائون، تڏهن مزارين ۽ مگسين کي مدد ڏيڻ
لاءِ ٽالپرن مزارين جي علائقي کي وسايو جن جو
تختگاهه روجھاڻ هو. ڪِن ۽ ڀاڳيسر به سندن قبضي هيٺ
هئا.
بلوچن جا ڪجھ قبيلا پنهنجي معاشي زندگي ڪري ان
نالي تي سڏجن ٿا. مثلاً بزدار (ٻڪرار)، گوپانگ
(ڳنوار) وغيره. اهڙي طرح ٽالپر لفظ ٻن بلوچي لفظن
جو مرڪب آهي، ٺال ٻيو بُر. ٺال معنيٰ وڻ جي شاخ ۽
بر معنيٰ وڍڻ. يعني شاخون ڇانگيندڙ. اهڙي طرح ڪجھ
قبيلا پنهنجي مورث اعليٰ جي نالي تي سڏجن ٿا.
جھڙوڪ رستماڻي رستم جو اولاد، شهداداڻي شهداد جو
اولاد، نظاماڻي نظام جو اولاد وغيره. مزارچه جو
علائقو ويڪر ۾ ويهه ميل ۽ ڊيگهه ۾ چاليهه ميل آهي.
سندس اڀرندي ۾ سنڌوندي، ڏکڻ ۾ اپر سنڌ، اُتر ۾
ڦيتڪ دره الهندي ۾ جبل. سندن موجوده تختگاهه
روجھاڻ اڳ ناهرن جي هٿ هيٺ هو. جن کان پوءِ هنن
کسي قبضو ڪيو. قبائلي جنگين ۾ مزارين ٽالپرن جي
مدد سان چانڊين، بگٽين، مرين ۽ دريشڪن کي شڪستون
ڏنيون. چانڊين ۽ مگسين جي جڏهن ڪا جنگ لڳندي هئي
ته مزاري ۽ ٽالپر بگٽين ۽ بليدين جي ڳوٺن کان ٽپي
سنڌ تي به ڪاهون ڪندا هئا. مزاري تمن چئن پاڙن ۾
ورهايل هئا. 1. بالاچاڻي 2. رستماڻي 3. سرگاڻي 4.
مسيداڻي. منجانئن بالاچاڻين تي پڳ هئي.
مگر ٽالپرن جي تمن ۾ رهڻ لاءِ هيٺيان شرط واجب
هئا:
1.
ٽالپري تمن اندر رهي، جيڪو پنهنجي ڀاءُ جي بي عزتي
ڪندو ته اُهو جلاوطن ٿيندو. ڪوبه ڏوهاري اجازت کان
سواءِ راڄ ۾ موٽي اچي نه سگهندو.
2.
جيڪڏهن ٽالپر سردار وٽ ڪو مهمان ٿي لهندو ته سڄي
راڄ جو مهمان سڏبو.
3.
قبيلي تي سردار جيڪڏهن ڪو محصول يا تاوان وجھندو
ته اهو ان کي منظور ڪرڻو پوندو.
مٿين شرطن مان سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ هڪڙي قسم جي
حڪومت ٽالپري تمن ۾ رائج هئي. سندن شجرو هيٺ ڏجي
ٿو:
بجر شيرخان بلوچ خان سفر
ڌڦڙ بجر
محمد علي جان محمد
ڪرم گهرام (گهراماڻي)
علي بخش شير محمد خان
محمد جعفر فتح خان
علي مراد
جان محمد دريا خان الله
بخش
جعفر
خان نواب محمد خان
ميران جيوڻ
(جيوناڻي) ماڻڪ (ماڻڪاڻي) عالي هوتڪ
(شهداداڻي)
ڇل حجاب خان
يارو خان (ياراڻي) دريا
خان (درياڻي) مبارڪ (خاناڻي)
خداداد سدو خان
جيوڻ
خان الله داد
مقصدو
مراد (مراداڻي) بهار (بهاراڻي) دريا
خان
علي فتح خان علي
خان
ڄام ڇٽو جيئند فضل
خان
اسماعيل سمايو
الله بخش
چندنا سيد خان مسو خان
پيارو الله داد مبارڪ
خان
مبارڪ جان محمد باغ علي
احمد خان نصير خان
حسن علي غلام علي
عبدالله احمد لقمان مبارڪ
غلام حيدر حاجي غلام محمد غلام
حسين
احمد خان
ميان دين محمد:
ميان دين محمد ولد نصير محمد جي ڏينهن ۾ فقير
سرائي سڏجڻ لڳا ۽ تمام زور ورتائون. پنهورن جي
هڪڙي بنيادي شهر فتح پور تي به سرائين قبضو
ڪري ورتو، جنهن ڪري پنهور دهلي دانهن کڻي ويا.
جتان هڪڙو امير شيخ جھان سرڪاري حڪم سان سنڌ
تي ڪاهي آيو. ڳيريلي جي ڳوٺ وٽ سخت جنگ لڳي،
جنهن ۾ شيخ جھان مارجي ويو ۽ سرائين جي سوڀ
ٿي. الله يار خان بکر جي نواب سرائين جي وڌندڙ
طاقت کي ڏسي قنبر خان بروهي جي فوج وٺي سرائين
تي ڪاهيو، پر ٿوري لڙائي کانپوءِ ڌرين جو پاڻ
۾ ٺاهه ٿي ويو. شهزادو معزالدين جيڪو ان وقت
ملتان جو حاڪم هو، سو ميان دين محمد جي زور
ڀڃڻ لاءِ پنهنجي سر سنڌ تي ڪاهي آيو. ميان
شهزادي جي آمد جو ٻڌي پنهنجي ننڍي ڀاءُ مير
محمد کي استقبال لاءِ بکر موڪليو. جنهن شهزادي
جي اطاعت قبول ڪري کيس راضي ڪيو ۽ شهزادو
اُتان ئي پوئتي موٽي ويو. مگر ميان دين محمد
جو هڪڙو فسادي مريد مقصودي ميان جي مرضي جي
خلاف ماٿيلي کي ڦريندي وڃي اُچ تائين پهتو.
جنهن تي شهزادي کي گهڻو غصو آيو. ملتان ڏانهن
ويندي هڪدم کڻي موٽ کاڌائين. سيوي جي حاڪم
بختيار خان پني فوجن سان شهزادي جي مدد ڪئي.
سيوي ۽ ڍاڍر جا باروزئي (پني) افغان جن کي
جادوناٿ سرڪار ”صحرائي بگهڙ“ لکي ٿو، تن مان
ملڪ جيوڻ جي قتل ٿيڻ کانپوءِ بختيار خان بن
ميرزا پني سيوي جو حاڪم هو.
بکر تائين علائقو مغلن پاران سندس نگراني هيٺ
هو. خانپور جي ويجھو هن بختيارپور قلعو تعمير
ڪرايو هو. سندس ڀاءُ ملڪ الله بخش حاڪم هو.
شهزادي شڪارپور تي قبضو ڪيو. ميان دين محمد
ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو. شهزادي ميان جي سموري پرڳڻي
کي ويران ڪري ڇڏيو. اٽڪل ڇهه مهينا شهزادو سنڌ
۾ رهيل هو. آخر لاچار ٿي ميان دين محمد سيوهڻ
اچي پيش پيو. ميان دين محمد کي شهزادو پاڻ سان
گڏ وٺي ملتان موٽيو. موٽندي مهل بلوچن شهزادي
جي حرم تي حملو ڪيو، پر دائودپوٽن جي مدد سان
شاهي حرم بچي ويو. شڪارپور ۽ ڀر واري پرڳڻي جي
سند شهزادي دائودپوٽن کي لکي ڏني. ملتان پهچڻ
کانپوءِ شهزادي سنه 1111هه/1700ع ۾ ميان دين
محمد کي مارائي ڇڏيو.
ڪلهوڙن جو قلات جي مدد سان زور وٺڻ:
بلوچ توڻي براهوئي مغلن جا دشمن هئا. ايران جي
صفويه شهنشاهيت توڙي هندستان جي مغليه
شهنشاهيت جي اقبال جو آفتاب نصف النهار کان
لنگهي چڪو هو. سيوي جا باروزئي حاڪم مغلن جا
مددگار هئا. اهڙي طرح مغل لشڪر وقت سر
باروزئين کي مدد ڏيندو هو. قلات جي پهرين احمد
زئي تاجدار مير احمد خان پهرين باروزئن سان
سورهن دفعا جنگيون جوٽي سندن طاقت کي ڪمزور
ڪري ڇڏيو هو. مٿين جنگين مان جنگ ”لکن“ ناڙي
جي جنگ تاريخ ۾ مشهور آهي.
سراوان، خاران، جهالاوان جا علائقا قلات جي
براهوئي ڪنفيڊريسي ۾ شامل هئا. فقط مڪران تي
گچڪي سردارن جي حڪومت هئي، جن بليدين کان
مٿيون علائقو هٿ ڪيو هو. (ڏسو هيوجز بلر جي
مڪران گزيٽئر، ذڪر گچڪي).
ڪلهوڙن جي پيري مريديءَ جو سلسلو سنڌ کان ٻاهر
ڪڇي ۽ بلوچستان تائين پهچي چڪو هو. ميان دين
محمد سنڌ مان ڀڄي وڃڻ کان پوءِ قلات جي خان وٽ
پناهه ورتي هئي. سنه 1696ع ۾ مير احمد خان جي
وفات کان پوءِ مير محراب خان اول قلات جي تخت
تي ويٺو، جو ميان يار محمد جو همعصر هو. ميان
دين محمد جي گرفتاري کان پوءِ سندس ڀاءُ يار
محمد به قلات ۾ اچي پناهه ورتي هئي. ڪلهوڙن جي
جاگير تي بختيار خان قبضو ڄمايو هو.
ميان يار محمد:
ميان يار محمد ٻن سالن جي غير حاضري کان پوءِ
مير التاز خان براهوئي جي فوج سان قلات کان
سنڌ ۾ وارد ٿيو. سندس خانداني مريدن مان راڄو
فقير ليکيو وڏي جماعت سان ميان کي اچي مليو.
قلات جي لشڪر جي مدد سان ميان يار محمد منڇر
کان وٺي خدا آباد تائين پنهورن جي علائقي تي
قبضو ڪري، پوءِ چانڊڪي پرڳڻي مان باروزئين کي
تڙي ڪڍيو.
پنهورن جو تر ايتريقدر آباد هو جو مخدوم محمد
جعفر بوبڪائي مرزا عيسيٰ ترخان کان بيان ڪيو
آهي ته. مرزا شاهه بيگ ڪاهه ڪرڻ وقت باغبان
(دادو تعلقي) مان فقط هڪ رات ۾ هڪ هزار اُٺ جي
باغن ڀرڻ لاءِ ايٽن ۾ ويهي رهيا هئا. هلندي
هلندي هٿ ڪيا هئا. بختيار خان شهزادي وٽ ملتان
ڏي دانهن کڻي ويو. شهزادي جي اچڻ جو ٻڌي ميان
يار محمد پنهنجا ٻه پٽ نور محمد ۽ محمد دائود
قلات ڏانهن روانا ڪيا. معزالدين ۽ باروزئين
پهريان مير محراب خان سان جنگ ڪئي، جنهن ۾
محراب خان شهيد ٿي ويو. هي واقعو سنه 1698ع ۾
ٿيو.
سيوي کان موٽندي بختيار خان جي نيت بدليل ڏسي
شهزادي هن کي مارائي ڇڏيو. ميان يار محمد
درٻيلي ۾ اچي شهزادي جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. کيس
عالمگيري درٻار مان ”خدا يار خان“ جو لقب
مليو. ڪلهوڙا فقير مان ڦري امير بنجي ويا. ڪڇي
جو علائقو سيوي تائين شهزادي ميان جي حوالي
ڪيو.
ڪلهوڙا پهريان سنڌي هئا، جن مان ميان يار محمد
سنه 1701ع ۾ دهلي جي مغلن پاران سنڌ جو
صوبيدار مقرر ٿيو. ڪلهوڙن جي ڪاميابي جو هي
پهريون دؤر رهيو. سندن حاڪمن جو تفصيل هن ريت
آهي:
1.
ميان يار محمد خان ”خدا يار خان“ سنه
1112هه/1700ع کان سنه 1131هه/1718ع تائين
2.
ميان نور محمد خان ”شاهنواز خان“ سنه
1131هه/1718ع کان سنه 1168هه/1755ع تائين.
3.
ميان محمد مرادياب خان ”سربلند خان“ سنه
1168هه/1755ع کان سنه 1170هه/1157ع تائين.
4.
ميان محمد عطر خان سنه 1170هه/1757ع کان سنه
1175هه/1762ع تائين.
5.
ميان غلام شاهه ”شمس الدولت“ سنه 1175هه/1762ع
کان سنه 1186هه/ 1772ع تائين.
6.
ميان محمد سرفراز خان سنه 1168هه/1772ع کان
سنه 1777ع تائين.
7.
ميان غلام النبي خان 1777ع کان سنه
1197هه/1782ع تائين.
8.
ميان عبدالنبي خان سنه 1196هه/1782ع.
ميان محمد سرفراز خان کانپوءِ ٿورو وقت ميان
محمد ابا خان حڪومت ڪئي. ميان عبدالنبي خان جي
قلات ڀڄي وڃڻ کانپوءِ ٿورو وقت ميان صادق علي
خان حڪومت ڪئي.
ڪلهوڙن جو پهريون تختگاهه، خداآباد:
اسين اڳ لکي چڪا آهيون ته ميان يار محمد
پنهورن جي سردار قيصر خان کان منڇر تائين
علائقو کسيو هو. هينئر جڏهن عالمگير جي ايلچي
خواجه حسين ميان کي ”خدا يار خان“ جو لقب ڏنو.
سيوي کان وٺي منڇر ۽ ڪنڊياري تائين سمورو
علائقو سندس قبضي هيٺ اچي ويو، تڏهن هن دادوءَ
کان ست ميل ڏکڻ طرف خداآباد جي شهر جو پايو
وڌو. مٿيون شهر سنه 1701هه/1768ع تائين ڪلهوڙن
جو تختگاهه ٿي رهيو. سنه 1781ع ۾ ميان
عبدالنبي جڏهن ٽالپرن کان شڪست کاڌي، تڏهن
خداآباد کي ٽالپرن باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ان جا
ڦٽل آثار هڪ سؤ پنجاهه ايڪڙن ۾ آهن. ميان جا
ٻه يادگار هڪڙي جامع مسجد جا سالم بيٺل آهي ۽
ٻيو ميان جو مقبرو جو خداآباد کان هڪ ميل جي
مفاصلي تي آهي، جتي سنه 1719ع ۾ ميان کي
دفنايو ويو. ٻئي عمارتون ميان يار محمد پنهنجي
جيئري تعمير ڪرائي ويو هو. ٻئي آثار قديمه
کاتي جي نگراني هيٺ آهن.
ٽالپرن کي دعوت ڏئي گهرائڻ:
ڪلهوڙا زرعي پيشي وارا هئا. ميان يار محمد
هڪڙي هٿ ۾ ڏاٽو ٻئي ۾ ترار کڻي ملڪ فتح ڪيو
هو. هن بلوچن مان ٽالپرن کي گهرائي فوجي واڳون
سندن قبضي ۾ ڏنيون. مير آلودو خان ۽ مير
مسعودو خان ميان مير محمد جا مريد هئا، جن کي
ميان يار محمد دعوت ڏئي خداآباد گهرايو. برٽن
اُن واقعي کي هيٺين لفظن ۾ بيان ڪري ٿو:
”جڏهن بلوچ ڪلهوڙن جي تختگاه خداآباد کان 15
ميلن جي مفاصلي تي پهتا، تڏهن ڪلهوڙن پنهنجا
امير ايلچي طور بلوچي سردارن جي آڌرڀاءُ ڪرڻ
لاءِ ڏياري موڪليا، جن پاڻ سان ريشمي وڳا ۽
سون
چاندي جي سنجن سان گهوڙا ساڻ کنيا هئا. بلوچ
رڍن
۽ ٻڪرين جي ڌڻن سان هئا، سندن ٻار ٻچا گڏهن تي
سوار هئا. ايلچين مير آلوده خان لاءِ پڇا ڪئي.
سندن
حيرت جي ڪا حد ڪانه هئي، جڏهن هنن مير صاحب
جي ڪلهي تي ڪانڀو ۽ هٿن ۾ ڏاس جي ڍيري ڏٺي.
پوءِ هن کي ريشمي وڳا پهرائي گهوڙي تي چاڙهي
تختگاهه ۾ وارد ٿيا.“
مير شهداد خان کي دهلي جي درٻار مان جاگير
ملڻ:
ٽالپرن جي ڏاڏي مير سليمان خان (ڪڪو) کي
ميرياڻي ديره مان پنج پٽ هوتڪ، عالي، ماڻڪ،
ميرڻ ۽ جيوڻ نالي هئا. وڏي پٽ هوتڪ کي شهداد
خان ۽ شهڪ نالي ٻه پٽ هئا. عالي کي دريا خان ۽
مبارڪ ٻه پٽ هئا. مير ماڻڪ خان کي چار پٽ
الهيار، ٺارو خان، ڇٽو ۽ سائينداد هئا. شهواڻي
شهڪ جي پٽ شاهو جو اولاد آهن. مبارڪ جي پيڙهي
وارا خاناڻي سڏجن ٿا. حيدرآباد ۽ خيرپور وارا
امير شهداداڻي آهن. ميرپورخاص وارا ماڻڪاڻي
امير ماڻڪ خان جو اولاد آهن. مير شهداد خان
ديره جات جي مرراڻي نواب شاهه محمد خان ولد
غازي خان کي فساد ڪرڻ وقت شهزادي معزالدين جي
حڪم سان شڪست ڏني. مٿين خدمت عيوض دهلي جي
درٻار مان مير شهداد خان کي سنڌ ۾ ”پٽ باران“
بطور جاگير مليو. ميجر گولڊ سمڊ لکي ٿو ته
هاڻوڪي شهدادپور ۽ ڪوينهرا جو برساتي علائقو
پٽ باران سڏبو هو. مير شهداد خان ميان يار
محمد جي عقيدتمند مريدن مان هو، جنهن کي ميان
پنهنجو سپهه سالار مقرر ڪيو. شهداداڻين جو
شجرو هيٺ ڏجي ٿو.
|