اڌ ڪروڙ آمدني ڀر وارن ملڪن کان گهڻو هئي. مثال
لاءِ قلات جي مير نصير خان جي سالياني آمدني
3400000 لک رپيا هئي. بهاولپور جي نواب جي آمدني
سنه 1830ع ۾ فقط 14 لک رپيا هئي. ملتان جي نواب جي
آمدني 2 لک 55 هزار رپيا هئي.
مٿين انگن اکرن مان اوهان معلوم ڪري سگهندؤ ته
ٽالپر امير پنهنجن پاڙيسري حڪومتن جي مقابلي ۾
سڀني کان دولتمند هئا. ڪلهوڙن جي آمدني سٺ لک کان
وڃي اسي لکن کي پهتي هئي پر ان مان ساليانو سنه
1739ع ۾ نادر شاهه کي 21 لک رپيا ڍل ڀريندا هئا.
سنه 1747ع ۾ احمد شاهه دراني کي پهريان 14 لک
رپيا. سنه 1760ع ۾ 11 لک رپيا ڀرڻ لڳا. سنه 1775ع
۾ تيمور شاهه کي ست لک رپيا ڀرڻ لڳا. مير فتح علي
خان فقط تيمور شاهه کي ڍل ڀريندو هو. 18 مئي سنه
1793ع ۾ تيمور شاهه جي مرڻ کان پوءِ زمان شاهه جي
ڏينهن ۾ سنڌ فقط نالي ماتر ڪابل جي ماتحت هئي، مگر
ڍل ڪانه هئي. جڏهن شڪار گاهن ۾ اضافو ٿيو تڏهن
اليگزينڊر برنس جي زماني ۾ سنڌ جي سالياني اُپت 51
لکن مان گهٽجي وڃي چاليهن لکن تي پهتي. مغلن ۽
ڪلهوڙن جي زمانن کان ٽالپرن جي صاحبي اندر سنڌ ۾
مڪمل امن امان هو.
ٽالپري صاحبي اندر ملڪ پرڳڻن ۽ تعلقن ۾ ورهايل هو.
هر هڪ پرڳڻي مٿان سزا ولڪار، ڪاردار، مختيارڪار
مقرر هئا. سزا ولڪار سان هڪڙو خزانچي، ڪي هرڪارا ۽
سوارن جو دستو رهندو هو. شهرن مٿان عدالت لاءِ
قاضي ۽ شهر جي حفاظت لاءِ ڪوٽوال ۽ قلعن مٿان
قلعيدار مقرر هئا. اهي سموريون رپورٽون مرڪزي
حڪومت کي پهچائيندا هئا. ڪجھ اهم معاملن متعلق
حڪومت کان مشورا وٺندا هئا. سزا ولڪار کي پنج سو
رپيا پگهار ملندي هئي.
هميشه اعليٰ خاندان وارن ۽ لياقتي انسانن کي مير
صاحب چونڊي سزاولڪار ۽ ڪاردار ۽ مختيارڪار جا عهدا
ڏيندا هئا جيئن رشوت کي ٻنجو اچي. فصلن لهڻ وقت
مير صاحبن پاران هڪڙو روينيو عملدار يا وزير ويندو
هو جو سزا ولڪارن جو حساب ڪتاب ڏسي نقص مٽائي،
شڪايتون دور ڪندو هو. ڇاڪاڻ جو ڪنهن هاريءَ کي
ڪنهن مير جي زمين تي رهندي جيڪڏهن ڪا تڪليف پهچندي
هئي ته ٻئي مير جي زمين ڏانهن لڏي ويندو هو. ڪجھ
هارين جي جهڳڙن ڪري نوبت جنگ کي پهچندي هئي. اوهان
اڳ ول جي جنگ ۾ پڙهي آيا آهيو ته مير ٺاري خان
پنهنجن هارين جي شڪايتن ڪري شهداداڻين سان جنگ ڪئي
هئي. ميرن جا وزير هن ڳالهه جو خاص احتياط رکندا
هئا ته هارين سان ڪوبه ظلم نه ٿئي. هر هڪ ننڍي
صوبي مٿان مالي ۽ عدالتي کاتا ڪاردارن جي سپرد
هئا. بٽئي، محصولي، ڪاسگي ۽ حقابو زمينن جي ڍلن جا
قسم هئا. مثال لاءِ (1) بٽئي ڪن زمينن جو ٽيون حصو
ڪن تان چوٿون حصو ۽ ڪن تان پنجون حصو مير کڻندا
هئا. (2) ڪمند، تماڪ، ڀاڄيون، ميوا، ڪپهه، نير
وغيره عمدين شين جي اُپت محصولي سڏبي هئي. (3) وري
جن زمينن کي واهن مان پاڻي ملندو هو، ان پاڻي جي
ڍل کي حقابو سڏيندا هئا.
(4) ڪاسگي ڪن پرڳڻن ۾ حڪومت کي في خرار اناج جي
اُپت ۾ مقرر ڪاسا اناج ملندو هو. مثال لاءِ چانڊڪي
جھڙي ساريال زمينن تان حڪومت کي في خرار جي حساب
تي ست ڪاسا اناج ملندو هو. سزاولڪار رعايا جي
حالت، عادتن ۽ خاصيتن کان واقف هئا. اُهي انگريزن
وانگر ڌاريا ڪين هئا بلڪه هن ملڪ جا رهواسي هئا.
ملڪي ماڻهن جي زبان ۽ طريقن کان واقف ڪار هئا.
اهڙي انتخاب ڪري ننڍا عهديدار به فريب ڪري نه
سگهندا هئا. اهڙن سبب ۽ انتظامن جي ڪري سنڌي آسودا
هئا. ڳوٺن ۾ موجوده ترقي جي دؤر وانگر ڌاڙن ۽
چورين جو نالو نشان ڪين هو. ڇاڪاڻ جو هر هڪ ڳوٺ جا
رهاڪو چورين لاءِ ذميوار هئا. اڄ حڪومتن کي
ڪيمونسٽن کان خطرو آهي ۽ هارين لاءِ ٽينيسي بل پاس
ٿي رهيا آهن. اڳ هاري حڪومت کي اُپت آهر اناج جي
صورت ۾ ڍل ڀريندا هئا. تماڪ، ڪپهه، ڪمند ۽ ڀاڄين
جي آبادگارن کي نقد ڍلون ڀرڻيون پونديون هيون.
انگريزي راڄ کان پوءِ رعايا جون تڪليفون:
هوڏانهن انگريزي علائقن ۾ هاري تنگ هئا، زميندار
مفلس ٿي چڪا هئا. انگريز راڄ جي شروعات ۾ سنڌ اندر
سزاولڪارن ۽ ڪاردارن جون پگهارون گهڻو گهٽايون
ويون. اهڙا عملدار ڌاريا مقرر ڪيا ويا جن کي نه
ملڪ جي خبر هئي نه خريف ۽ ربيع جي فرق کان واقف
هئا. ڪاردار سزاولڪارن سان ٺڳيون ڪرڻ لڳا. ڇاڪاڻ
جو پگهارن گهٽائڻ ڪري عام طرح سرڪاري ڪامورن دغا
بازي ۽ بي ايماني شروع ڪئي. رستن تي بدمعاشن جون
ٽوليون ماڻهن کي ڦرڻ لڳيون. تحصيلدارن کي سزائون
ملڻ لڳيون. سنڌ ۾ چؤطرف فوجي قانون لاڳو هئڻ ڪري
رعايا پريشان هئي. معمولي کان معمولي سزا ستن ۽
ڏهن سالن جي سخت قيد کان گهٽ نه هئي. ڏنڊ ڏهن
هزارن کان ويهن هزار رپين تائين معمولي ڳالهه هئي.
مير صاحب ڍلن جو حساب ڪتاب هڪڙي مهيني اندر ختم
ڪندا هئا. سال ۾ ٻه دفعا ربيع ۽ خريف جون ڍلون
اوڳاڙيندا هئا. انگريزي راڄ کان پوءِ هڪڙي موسم
گذرڻ کان پوءِ به حساب ڪتاب ڪين ختم ٿيندو هو. مير
صاحب ڦاسي جي سزا جو پاڻ فيصلو ڪندا هئا. ماڻهن کي
اپيلن ڪرڻ جي ڪابه ضرروت ڪانه پوندي هئي. انگريزي
فوجي راڄ اندر اپيل ڪرڻ جي اجازت هئي مگر جيڪا
بدنامي سهڻي پوندي هئي سا نفرت انگيز هئي. وڏا
عملدار انگريز هئا جيڪي ماڻهن جي زبان ۽ ريتن رسمن
کان قطعي بي خبر هئا. اهڙي ناتجربيڪاري جي ماحول ۾
ڪاردار پنهنجن سفيد آقائن سان فريب سان هلندا هئا.
سرچارلس نيپئر جنهن پنهنجي آقا لارڊ ايلنبرو کي
سبز باغ ڏيکاريو ته پنجن سالن اندر سنڌ جي اُپت هڪ
ڪروڙ رپيا ٿيندي سو پنهنجن ظلمن ۽ بي ايمان
عملدارن جي غداري ڪري صفا ناڪام ۽ نامراد رهجي
ويو. سندس آڌار تي لارڊ ايلنبرو پنهنجي ماجرائن کي
لڪائڻ لاءِ پڌرائي ۾ ڏيکاريو هو ته ”سنڌ ملڪ جيڪو
انگريزي لشڪر فتح ڪيو آهي سو شادابي جي لحاظ سان
مصر سان مشابهت رکي ٿو.
سندس دعويٰ باطل ثابت ٿي. ڇاڪاڻ جو سنه 1844ع ۾
انگريزن کي سنڌ مان سالياني اُپت ۾ 937937 رپيا
آمدني ٿي ۽ خرچ 7662979 رپيا لڳو.، سنه 1844ع ۽
سنه 1845ع ۾ 2740722 لک رپيا آمدني ٿي ۽ خرچ
5854206 رپيا ٿيو. سنه 1849ع ۽ سنه 1850ع ۾ آمدني
69837580 لک رپيا ٿي ۽ خرچ 4392420 لک رپيا حڪومت
کي ڪرڻو پيو. گويا ستن سالن اندر حڪومت هند کي
آمدني جي مقابلي ۾ 23453083 ڪروڙ رپيا وڌيڪ خزاني
مان خرچ ڪرڻا پيا. فوجن کي پگهار ۽ ڀتا تنهن
کانسواءِ ڌار ڏيڻا پيا.
ستن سالن اندر انگريز حڪومت اڍائي ڪروڙ رپين جي
قرضي بنجي پئي. مٿيون خرچ فقط بي اصول مقصد ۽
جابرانه پاليسي ڪري انگريزن کي برداشت ڪرڻو پيو.
حالانڪ سنڌ جهڙي سرحدي پرڳڻي ۾ مير صاحب انگريزن
کي هر قسم جون سهولتون ڏيڻ لاءِ رضامند هئا.
پيداوار:
پاٽينجر جي سياحت نامي ۾ چانور، جوئر، ٻاجهري،
تيلي ٻج، ڪپهه، ڪمند، نير، تماڪ، ڀنگ، آفيم سنڌ جي
مکيه پيداوار هيون. اها پيداوار ملڪ جي رهواسين جي
کاپي لاءِ گهڻو ڪافي هئي. امير توڙي غريب خوشحال
زندگي بسر ڪندا هئا. سندن زندگي جون ضرورتون مختصر
هيون، مير صاحبن جا ڪاردار وڏا جاگيردار هئا. سک،
آسودگي ڪري ماڻهو فياض هئا. هينري پاٽينجر لکي ٿو
ته ”چڱا چڱا سفيد پوش ماڻهو گهوڙن تي چڙهي خيراتون
گهرن ٿا.“ حقيقت ۾ اهي سادات هئا. گمرگ کي جيڪي
محصول ڀريندا هئا تن کي عيوضو به سرڪار پاران
ملندو هو. بقول پاٽينجر سنه 1809ع ۾ هڪڙي هندو 99
هزار رپيا گمرگ کي پياريا کيس 12 هزار رپيا عيوضي
طور مليا. ٻئي هڪڙي واپاريءَ 1816ع ۾ هڪ لک 23
هزار رپيا گمرگ کي پياريا کيس ويهه هزار رپيا
مزدوري طور اجورو مليو. گمرگ کاتي جا عملدار بلوچ
سپاهين جي زور تي رشوت به وٺندا هئا. ٻاهرين مال
تي خوب چڪاس رکندا هئا. اليگزينڊر برنس جي جهازن
تي زبردستي چڙهي سندس صندوقون کولي ڏٺائون.
وڏن شهرن جي آمدني:
نون شهرن جي تعمير ٿيڻ کان پوءِ پراڻن شهرن جهڙوڪ
ٺٽي، هالا، ڪنڊيارو، سيوهڻ، نصرپور جو اڳوڻو اوج
گهٽجڻ لڳو. نوان شهر سائينٽفڪ نموني تعمير ڪين ٿيل
هئا. سندن ڳليون سوڙهيون، بازاريون ڇتن سان هيون.
انگريز سياح لکن ٿا ته منجهن گندگي هئي پر خير
برڪت جو زمانو هو. ماڻهن جي غذا سٺي هئي. بيماريون
گهٽ هيون. ميرن جي صاحبي ۾ فقط هڪڙو ڀيرو ڪالرا
پئي هئي. انگريز راڄ ۾ گهڻائي ڀيرا پليگ ۽ ڪالرا
پئي حالانڪ سندن ڏينهن ۾ سينيٽري بورڊ شهرن ۾ قائم
هئا ۽ ميونسپالٽيون شهرن جي صفائي لاءِ ٻڌل هيون.
ٽالپري دور ۾ سنڌ اندر ست مکيه شهر هئا. ملتاني
صرافن جون هنڊيون ملتان، لاهور، دهلي تائين
هلنديون هيون. شڪارپوري سيٺين جون هنڊيون ڪلڪتي،
بمبئي ۽ استرا خان تائين چالو هيون.
1.
حيدرآباد: ساليانو آمدني ڏيڍ لک رپيا
2.
عمرڪوٽ: 23 هزار رپيا. شهر مان ڏهه هزار
3.
ٺٽو ۽ شاهبندر: هڪ لک ويهه هزار رپيا
4.
ٽنڊو محمد خان: پنج لک رپيا
5.
ميرپور بٺورو: ايضاً هت انگريزن جا ڪلمي شوري کي
صاف ڪرڻ لاءِ ڪارخانا هئا.
6.
شڪارپور: پنج لک ٽيانوي هزار رپيا، ناٿن ڪرو اَسي
هزار ۽ ايڇ سمٿ ڏهه لک رپيا ڏيکارين ٿا.
7.
ڪراچي: ڇهه لک 16 هزار رپيا
8.
سيوهڻ: اليگزينڊر برنس جي لنگهڻ وقت ٺٽي ۽ سيوهڻ
جو گذريل اوج مٽجي چڪو هو.
مڇي جو واپار:
ٺٽي کان پوءِ ڪراچي زور وٺڻ لڳو. هت مسقط، ايراني
نار، کنڀات، بمبئي، ملبار جي واپارين جا ايجنٽ
رهندا هئا. هن بندر گمرگ مان مير صاحبن کي گهڻي
آمدني هئي. ڏهه هزار رپيا ساليانو مڇي جي واپار
مان آمدني هئي. هندو واپاري مهاڻن کان مڇي ٺيڪن تي
خريد ڪري سڪائي ٻاهرين ملڪن ڏانهن رواني ڪندا هئا.
سمورا مهاڻا سندن مقروض هئا. انگريزن ٺيڪن جي رسم
کي منسوخ ڪري، مڇي جي شڪار لاءِ پهريان لائيسنسز
جاري ڪيا. سنه 1851ع ۾ مڇيءَ جا شڪارگاهه عام طور
نيلام ٿيڻ لڳا. سنه 1858ع ۾ انگريزن کي 104508
رپيا مڇي جي لائيسنز مان آمدني ٿي.
ٽالپرن جي دؤر ۾ هڪ سؤ رپين جي مڇي ٻاهر موڪلڻ
لاءِ واپارين کي تيرهن رپيا ڏهه آنا نَوَ پيسا ڍل
ڏيڻي پوندي هئي ۽ ويهه في صدي خشڪي رستي مڇي رواني
ڪرڻ تي ڍل مقرر هئي.
ٽالپري دور ۾ ڪراچي جي سمنڊ مان ڪوڏيون نڪرنديون
هيون ۽ سنڌ ۾ سندن واپار چالو هو ۽ انگريزي دؤر ۾
ڪڇ ۽ گجرات کان اچڻ لڳيون. ٽالپرن جي محلاتن جي
کڙڪين کي شيشن بدران سپون لڳل هيون. اهو رواج گوئا
۽ بمبئي کان هت پهتو هو. سنه 1836ع ۾ مير صاحبن جي
ڪوشش سان گسري جي کاري مان سچا موتي سمنڊ مان نڪرڻ
لڳا. ٺيڪيدارن کي ٺيڪا ملڻ لڳا. امير زاديون
پائوڊر بدران موتين جو خاڪو منهن تي ملنديون هيون.
سنه 1849ع ۾ انگريزن کي موتين ڪڍڻ جي ٺيڪي مان
6265 رپيا آمدني ٿي هئي. شاهه بندر، اؤرنگا بندر ۽
ميرپور ساڪرو جو قلمي شورو ولائت تائين مشهور هو.
انگريزن ميرپورساڪرو جي قلمي شوري تي صاف ڪرڻ لاءِ
ڪارخانا کوليا هئا.
ٿاڻي بولا خان ۾ عمدي گندرف جون کاڻيون هيون.
خيرپور، ٿر چانيهي جي اُپت ڪري مشهور هئا.
حيدرآباد، جھرڪن ۽ روهڙي ۾ ميٽ جون کاڻيون هيون.
کيرٿر جون کاڻيون سرڪاري نظرداري هيٺ هيون. ٽالپرن
جي صاحبي اندر سنڌ واپار جي لحاظ سان اڳي کان گهڻي
ترقي ڪئي. قافلن ۽ ٻيڙين رستي واپار هلندو هو.
هينري پاٽينجر پنهنجي سياحت نامي ۾ لکي ٿو ته
حيدرآباد کان راڄيديري ڏانهن ويندي 19 ڏينهن اندر
341 ٻيڙيون مال سان ڀريل ڏٺيون. هر هفتي حيدرآباد
کان بکر تائين پنج سو ٻيڙيون مال سان ڀريل
پهچنديون هيون. ٻيڙين ۾ مسافرن جي رهائش لاءِ ڪمرا
به هئا. اهڙي طرح درياءَ رستي مال لاهور تائين
آسانيءَ سان پهچندو هو. ٽالپرن جي صاحبي ۾ امن
امان ڪري ملڪ ۾ آسودگي جو دؤر هو. هر هڪ شهر ڳوٺ ۾
ديسي ڪارخانا هئا. حيدرآباد ۾ چاندي تي ميناڪاري ۽
سون جو چاندي تي پاڻي چاڙهڻ، چمڙي رڱڻ ۽ چمڙي جو
سامان، زريءَ جو ڪم وغيره تختگاهه شهر جا مکيه هنر
هئا. ڪنڊياري، نصرپور، گمبٽ جون سوسيون ۽ کيس، ٺٽي
جا غاليچا، گهوڙن جون زينون، ڪجاوا، هالا ۽ سيوهڻ
جا ڪاشيءَ جا ٿانوَ، سرون، هالن جو جنڊيءَ جو ڪم
سنڌ جي صنعت جون بهترين شيون هيون. سربارٽل فريئر
سنڌ جو گشت ڪري مٿيون صنعتي شيون هٿ ڪري سنه 1851ع
واري لنڊن جي هائيڊپارڪ واري نماءُ ڏانهن روانيون
ڪيون جو مئي 1851ع کان شروع ٿي 15 آڪٽوبر تائين
چالو رهيو هو.
سنڌونديءَ وسيلي پنجاب، ڪشمير، چيني ترڪستان ۽
مالوه آسانيءَ سان سنڌ جي شهرن تائين پهچندو هو.
سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي خيال کان واپار جي بهاني سان
انگريزن ڪراچي، ٺٽي، مٺڻ ڪوٽ ۽ فيروزپور ۾ پنهنجا
تجارتي ايجنٽ سنڌوندي جي واپار لاءِ ويهاريا هئا.
فرنگي مالوه جي آفيم کي چين ۾ وڪڻڻ لڳا. جنهن مان
ايسٽ انڊيا ڪمپني کي ساليانو ڏهه لک پائونڊ فائدو
پهچڻ لڳو. حالانڪه چين سرڪار آفيم جي واپار جي
سراسر خلاف هئي. سنڌوندي تي باقاعده واپار ڪرڻ
لاءِ لنڊن جي سرمائيدارن سنه 1835ع کان هڪ علحده
ڪمپني ”انڊس سسٽم نيويگيشن“ نالي برپا ڪئي جنهن جا
ايجنٽ بمبئي ۾ رهندا هئا. خشڪي رستي واپار قافلن
جي وسيلي هلندو هو. افغاني قافلا سياري ۾ ايندا
هئا ۽ هڪ رات ۾ ويهه ميل مسافري ڪندا هئا. بلوچي
قافلا ڏينهن جو مسافري ڪندا هئا. شڪارپور،
لاڙڪاڻو، سکر، ڪنڊيارو، هالا، حيدرآباد،
ميرپورخاص، ٽنڊو محمد خان، شاهبندر ۽ ٺٽو وڏي
واپار ۽ هنرن جا مرڪز هئا. ٽالپر دؤر ۾ نصرپور ۾
ڪورين جو تعداد 16 هزار هو، ٺٽي جو اوج مٽجي چڪو
هو تنهن هوندي به ڪورين جو تعداد ويهه هزار هو.
قافلن تي افغان واپاري ڪشمير جون شالون، اصفهان،
يزد، ڪاشان، ڪرمان ۽ مشهد جو ريشم، تڪرستان جا
غاليچا، گهوڙا، تر ۽ خشڪ ميوا، سليمان ۽ هندوڪش
جبلن جون دوائون، ٻوٽيون وڪري لاءِ آڻيندا هئا.
ڪرمان جي جپشم ايسٽ انڊيا ڪمپني جا ايجنٽ خريد
ڪندا هئا. هر هڪ قافلي ۾ ستر اُٺ ٿيندا هئا. اهي
واپاري سنڌ مان مصالحه ۽ نير خريد ڪندا هئا. هرهڪ
ستر اُٺ تي اسي مڻ نير جا تبريزي وزن جا ايران
ڏانهن وڪري لاءِ ويندا هئا. دراني سلطنت جي زوال
کان پوءِ شڪارپور جي واپار کي لوڏو اچي ويو.
سنڌ ۾ چوپايو مال جھجھو هو. پهرين افغان جنگ ۾
ٽالپرن ٽي هزار اُٺ جنرل ناٽ کي پهچايا هئا. سنڌ
جي گيهه جو واپار ميمڻ واپارين جي هٿ ۾ هو هتي جو
گيهه هندستان جي شهرن ۾ ڪراچي گيهه جي نالي سان
مشهور هو.
حيدرآباد جي آدمشماري 35 هزار هئي. هت ايران، شام
۽ روم جا ڪاريگر رهندا هئا، افغان واپاري سنڌ مان
انگريزي گرم ڪپڙو خريد ڪندا هئا. جيڪو خراسان ۾
وڏي قيمت تي وڪامندو هو. سنه 1843ع ۾ انگريزن جي
اچڻ تائين سنڌ ۾ ٻانَهن جو واپار هلندو هو. سنڌ جي
اڪثر سڀني شهرن ۾ شيدين حبشين جا پاڙا هئا. پوءِ
ٻين قومن سان گڏجڻ ڪري سندن اولاد ”گڊو“ سڏجڻ لڳو.
ٽالپرن جي ڏينهن ۾ ٺٽي جي ٽڪرين ۾ لوهه جون کاڻيون
هيون مگر ٽين لوهه، فولاد، شيهو، عاج، صندل، وڍڪٽ
جو سامان، چين ۽ جاپان جون شيون، ڇيٽون، شمعدان،
شيشي ۽ چيني جا برتن ۽ فرنگي واپارين وٽ عجيب ۽
غريب شيون هيون، جي اڳ سنڌين ڪين ڏٺيون هيون. انهن
شين جي اچڻ ڪري سنڌ جي ڪپڙي ۽ ٻين هنرن کي ڌڪ لڳي
ويو. واپارين دانهون ڪيون جنهن ڪري مير فتح علي
خان ايسٽ انڊيا ڪمپني کي ٺٽي مان ٽپڙ ٻڌڻ لاءِ 15
ڏينهن جو حڪم ڏنو. ڪمپني کي اٽڪل هڪ لک رپين جو
نقصان پهتو هو. صرافڪو ڪم اڪثر ملتاني هندن جي هٿن
۾ هو واپار جا مالڪ هندو هئا جن ميان نورمحمد خان
جي ڏينهن ۾ خدا آباد ۾ بيٺڪون وڌيون هيون پوءِ
حيدرآباد ۾ لڏي اچي ويٺا هئا. واپاري طبقو ڀائي
بند ۽ پڙهيل طبقو عامل سڏبو هو. ٽالپر ميرن جو
پيشو سپهه گري هو ان ڪري اڪثر سير شڪار، شعر ۽ سخن
سان دل وندرائينداهئا. فارغ رهڻ کي گهڻو پسند ڪندا
هئا. ان ڪري حڪومت جا کاتا ۽ مال گذاري جا ٺيڪا
هندن جي هٿ ۾ هئا. ڪرنل پاٽينجر جي هڪڙي سوال جي
جواب ۾ مير مراد علي خان امير الدوله بهادر هن ريت
جواب ڏنو هو:
”اسين بلوچ نه حساب ڪتاب ڄاڻون ٿا، نه وري لکي
سگهون ٿا، اسان کي واپار جي ڪا خبر ڪانهي. اسين
فقط ايترو حساب ڄاڻون ٿا ته ٻه ۽ ٻه چار ٿيا.
اسين هندن تي اعتبار ڪريون ٿا ڇاڪاڻ جو جيڪي
طلبيون ٿا، اسان کي گهر ويٺي پهچائين ٿا.“
هندن کي ٽالپرن جي دؤر ۾ وڏا وڏا عهدا مليل هئا.
ديوان گدومل ميرن پاران ڪابل ۽ قنڌار ۾ سفير رهي
چڪو هو. گدو جو ٽنڊو سندس جاگير هئي. منشي مشتاق
رام مير غلام علي خان شيرافگن جو خاص صلاحڪار هو.
1809ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني سان مير صاحب جيڪو
عهدنامو ڪيو سو سندس صلاح سان ٿيو هو. ديوان
گوپالداس مير ڪرم علي خان، رڪن الدوله بهادر پاران
ڪڇ جو ايلچي هو. منشي خوشيرام مير مراد علي خان
اميرالدوله بهادر جو درٻاري هو. سنه 1832ع وارو
انگريزن سان معاهدو سندس صلاح سان ٿيو هو. ديوان
چوئٿرام مير نورمحمد خان ثريا جاه بهادر جو وزير
هو. سنه 1839ع وارو بيڪار معاهدو سندس صلاح سان
ٿيو هو. منشي پرتابراءِ شهزادي صوبدار خان جو منشي
هو. خيرپور جي سهراباڻي سرڪار وٽ منشي اُتم چند،
ڪشنداس، ڪانسنگ، سجان سنگهه، مولرام، چندا سنگهه،
وڏن عهدن تي مامور هئا. اهي سور جمل ڪڪريلا جي نسل
مان هئا. منشي اُتم چند ۽ سيٺ هوتسنگهه شڪارپوري
وڏي رتبي کي پهتا هئا مگر اڪثر غدار ثابت ٿيا.
ديوان گدومل قيصر خان نظاماڻي سان گڏجي مير فتح
علي خان فاتح سنڌ کي قتل ڪرائڻ جي سازش ڪئي ۽
مٿئين جرم ۾ مارجي ويو. منشي پرتابراءِ جي چرچ تي
شهزادي صوبدار خان چاچن خلاف بغاوت ڪئي. سيٺ
نائونمل کي انگريزن وڏا وڏا ٺيڪا ڏيئي پنهنجو ڪيو
هو. سندس اشاري تي جوکين، نومڙين، ڪلمتي سردارن
ميرن سان بغاوتون ڪيون. پڇاڙي جو اهي هندو،
انگريزن پاران جاسوس ٿي رهيا. انگريزن وٽ نوڪريون
ڪرڻ لڳا. قارئين ٽالپري دؤر ۾ هندن جو سنڌ جي
سياست ۾ حصو معلوم ڪري سگهندا. واپار هندو دلالن
معرفت هلندو هو. اهي فارسي ۽ سنڌي جا ماهر هئا
پهرين افغان ويڙهه ۾ هندو واپارين هرهڪ شهر ۾ مال
جا گدام کڙا ڪيا جن ۾ لکين رپين جو مال ڀريل هو.
فقط حيدرآباد جي گدامن جي لُٽجڻ ڪري سرجان ڪين مير
صاحبن کان ستاويهه لک رپين جي گهر ڪئي هئي. ٽالپرن
جي حڪومت اندر هر هڪ قوم ۽ ملت لاءِ عهدا لکيل
هئا. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته بلوچي سردارن کي فوجي
امداد ڏيڻ جي عيوض ڪي خاص رعايتون مليل هيون، مگر
درٻار ۽ زرعي کاتن جا عهدا هندن لاءِ کليل هئا.
ڇاڪاڻ جو حڪمران بلوچن جو پيشو سپهه گري هو. امن
جي حالت ۾ سير ۽ شڪار سان رغبت رکندڙ هئا.
مالگذاري جا عهدا ۽ واپار هندن جي حوالي هو. مير
صاحبن جي ديرن جو خرچ هندو منشين ۽ واپارين جي
ذريعي هلندو هو. ديوان دلپتراءِ ۽ ديوان لکميچند
مير رستم خان جا خاص درٻاري صلاحڪار هئا.
مير صاحبن کي هندو منشين تي اعتبار هو انڪري اهي
جوابدار عهدن تي ممتاز هئا. نڪولس هئنڪي جي نائب
هينري ايلس بروقت ڪمپني سرڪار کي رپورٽ ۾ ڄاڻايو
هو ته سنڌ جو سمورو واپار ۽ صرافڪو ڌنڌو هندن جي
هٿ هيٺ آهي.
ٽالپرن هندن مان شاديون ڪيون:
سرچارلس نيپئر مير نصير خان تي جيڪي الزام مڙهيا
هئا، تن مان هڪڙو سنگين الزام هي هو ته ٽالپرن جي
ملتان جي نائب لالا مولراج سان دوستي آهي. فرعون
مزاج نيپئر کي شڪ هو ته مير شير محمد خان ماڻڪاڻي
جي خالصن ۽ سنڌيا سان دوستي آهي.
ٿر جا سوڍا جن جو لقب راڻو هو جيڪي 1226ع ۾ اُجين
کان پرمار سوڍي جي اڳواڻي هيٺ عمرڪوٽ ۾ سڪونت
اختيار ڪئي هئي، تن مان ٽالپر ميرن شاديون ڪيون
هيون تنهنڪري مٿن ڍلون معاف هيون. اهڙيءَ طرح گمرگ
جي محررن کان وٺي درٻار جي صلاحڪارن ۽ وزارت ۽
سفارت جا عهدا هندو لوهاڻن کي مليل هئا.
تيموري عهد جا سڪا:
تيمور شاهه مير فتح علي خان ٽالپر کي سنڌ جي حڪومت
جي سند ڏيڻ وقت اهو شرط وڌو هو ته سنڌ ۾ دراني سڪو
رائج رهندو. 18- مئي 1793ع ۾ تيمور شاهه جي وفات
کان پوءِ زمان شاهه ڪابل جي تخت تي ويٺو. سندس سڪي
تي هي عبارت لکيل هئي:-
”قرار يافت بحکم- خدائي هر دوجهان
رواج سکہ- دولت بنام شاه- زمان“
سنه 1218هه/1803ع ۾ زمان شاهه جي معزولي بعد دراني
سلطنت ڪمزور ٿيندي وئي. 12 لک رپيا اڳ ٽالپر ڪابل
سرڪار کي ڀريندا هئا. سي مير غلام علي خان ڏيڻ بند
ڪيا. سنه 1244هه/1824ع ۾ ٽالپرن دراني سلطنت جي
سنڌ واري پرڳڻي شڪارپور تي قبضو ڪيو. آزادي کان
پوءِ سنه 1828ع ۾ مير مرادعلي خان حيدرآباد جي ضرب
خاني مان ٽالپري اشرفيون ۽ چاندي جا رپيا ضرب
ڪرائي سنڌ ۾ ٽالپري سڪو رائج ڪرايو. ٽالپري رپين
جي چاندي سٺي نه هئي، سندن قيمت ڪمپني جي روپين جي
مقابلي ۾ ڏهن آنن جيتري هئي انڪري واپاري ڪمپني جي
ڪلدارن کي پسند ڪندا هئا.
6- فيبروري 1839ع ۾ سرجان ڪين مير نورمحمد خان جي
وزير آغا سيد اسماعيل شاهه کي جيڪي شرط پيش ڪيا
هئا تن ۾ هڪڙو شرط ٽالپري رپين متعلق هو جنهن ۾
ڏيکاريل هو ته ميرن جا رپيا گلٽي آهن، انڪري
واپارين کي کوٽ پوي ٿي. مير صاحب مراد علي خان جي
فتح علي شاهه قاچار سان دوستي هئڻ سبب ٻه ايراني
سڪا گبر ۽ پيتلي جن جي قيمت في سڪو چار آنا هئي،
سنڌ ۾ رائج هئا. مسقط جي امام سان دوستيءَ ڪري
مسقطي پئسن جو سنڌ ۾ رواج هو. غير اسلامي سڪن مان
پرتگالي ڊالر جن کي سنڌ جي شهرن ۾ قرش ۽ بندرن تي
ڊالر (ريال) سڏيندا هئا، اهي هلندا هئا. اطالوي
اشرفيون به سنڌ ۾ بلوچستان جي بندرن تي هلنديون
هيون. سنه 1900ع ۾ في اشرفي جي قيمت ساڍا ست رپيا
هئي.
ٽالپرن وٽ ٽامي جا ننڍا سڪا به هئا. ميلن ۽ ملاکڙن
تي ڪوڏيون به هلنديون هيون. في پئسي ۾ 96 ڪوڏيون
ملنديون هيون.
ٻانَهن جو واپار:
انگريز مؤرخ طعني طور ٽالپري صاحبي جي دؤر کي سنڌ
لاءِ ”ناخوش وادي“ جو نالو ڏين ٿا. ڇاڪاڻ جو سندن
بيان موجب سنڌ ۾ ٻانَهن جو واپار هلندو هو. حقيقت
۾ ٻانَهن جو واپار عرب ۽ فرنگي واپاري مغليه دؤر
کان ڪندا هئا. برنيئر جي سياحت نامي مان خبر پئجي
سگهي ٿي ته عيسوي 17 صدي ۾ يمن جي بندر موخا ۾ في
حبشي غلام جي قيمت 4 شيلنگ 6 پينس هئي.
ٽالپر ميرن جي ڏينهن ۾ غلامن جو واپار جاري هو.
مگر مير صاحب غلام کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهندا
هئا. مرزا خسرو بيگ ۽ فريدون بيگ کي ميرن خريد ڪيو
هو. منجهانئن خسرو بيگ کي مير ڪرم علي خان پنهنجو
گوديلو پٽ ڪري شاهي حويلي ۾ سندس پرورش ڪئي هئي،
تان جو وزارت اعظميٰ جي عهدي کي پهتو هو. مير
صاحبن جي جلاوطني کان پوءِ شاهي ديرن کي ٽنڊو
سائينداد ڏانهن وٺي ويو هو. هوش محمد قنبراڻي کي
مير ڪرم علي خان خريد ڪيو هو. پوءِ شهزادي مير
صوبدار خان جو اتاليف مقرر ٿيو. مياڻي ۽ دُٻي جي
جنگين ۾ وفاداري جو ثبوت ڏئي شهيد ٿيو. هو فقيرو
خدمتگار مير صاحبن جو خزانچي هو. سندس پٽ علي بخش
حيدرآباد شهر جو ڪوٽوال هو. طاهر خدمتگار لياقت
ڪري سپهه سالار ۽ نوابي جي رتبي کي پهتو. مير
صاحبن جي غير حاضري ۾ حيدرآباد جي قلعي مٿان
قلعيدار ٿي رهندو هو. سليمان خدمتگار مياڻي جي جنگ
۾ مير نصير خان سان گڏ هو. بلوچ سردارن وٽ ڪجهه
قبيلا پشت بپشت خدمتگاري ڪرڻ تي مامور هئا جن کي
اڄ به خدمتگار قومون سڏين ٿا. جيئن بلوچستان جا
لوڙي، خانزاد، لوطي، لنڊي، درزاده وغيره. مٿيون
سلسلو اڄ تائين رائج آهي.
لارڊ ايلنبرو پاڻ کي بدنام ٿيندو ڏسي شرم کي لڪائڻ
لاءِ هندستان اندر ٻانهن جي واپار تي بندش وجهڻ
لاءِ ائڪٽ پاس ڪيو. جيئن مؤرخ سندس بدنامي جي دؤر
کي سڌارن جو زمانو ڪري لکن.
ميرن جا شڪارگاهه:
مير بلوچ هئا، سندن پيشو سپهه گيري هو ان ڪري امن
جي زماني ۾ سير ۽ شڪار سان کين گهڻي رغبت هئي. ان
۾ ڪو شڪ ڪونهي ته سڄي سنڌ جو چوٿون حصو شڪارگاهن
لاءِ محفوظ هو. سبب هن ريت هو ته سنڌ جي زرعي
پيداوار سنڌ وارن لاءِ ڪافي هئي ملڪ ۾ چؤطرف
آسودگي ۽ سادگي جو دؤر هو. چؤپايو مال ۽ گيهه ڪافي
انداز ۾ هو ان ڪري شڪارگاهن جي جهنگن مان ملڪ ۽
قوم کي ڪو نقصان ڪين پهتو هو. تاريخ گواهي ڏيئي ٿي
ته سنڌ ۾ جهنگن جو تعداد ميرن جي صاحبي کان
انگريزن جي صاحبي ۾ وڌي ويو. انڪري شڪارگاهن جو
طعنو ڏيئي مير صاحبن کي مفت بدنام ڪرڻ فرنگي
مؤرخن جي عيارانه ذهنيت کي پڌرو ڪري ٿي. ماڻڪاڻين
۽ سهراباڻين جون زمينون وڌيڪ آباد هيون. شهداداڻي
سرڪار جو گهڻو حصو شڪارگاهن لاءِ مخصوص هو. انباري
۾ ڪرنل هينري پاٽينجر 30- مارچ 1839ع ۾ ٺٽي جي
ڪمانڊنگ آفيسر ڪرنل سپلر کي هڪڙي خط ۾ شڪارگاهن
متعلق هن ريت لکيو هو:-
”افسوس جي ڳالهه چئبي جو ٽالپر ميرن پنهنجا عمدا
زرخيز زمين جا ٽڪر شڪارگاهن لاءِ محفوظ رکيا آهن.
شڪارگاهن لاءِ سندن قانون به گهڻو سخت آهي جن تي
سندن گهڻو خرچ اچي ٿو. مثال لاءِ هڪڙي هرڻ کي شڪار
ڪرڻ تي سندن اٺ سؤ رپيا خرچ لڳي ٿو. تنهن هوندي به
شڪارگاهن کي گهڻو پسند ڪن ٿا.“
شڪار جي خرچ جا تفصيل:
ٽالپر مير جيڪڏهن شڪار جا شوقين هئا ته اهو سندن
ڪو وڏو گناهه ڪين هو، جنهن لاءِ کين ملامت ڪري
سگهجي. شڪار ۽ گهوڙي ڊوڙ امن جي وقت بلوچن جا مکيه
شغل آهن ۽ اهڙو شغل اڄ کان نه پر گهڻي عرصي کان
منجهن جاري آهي. جيڪي بلوچي تاريخ کان واقف آهن سي
هن مسئلي کان هرگز انڪار ڪري نه سگهندا ته رند ۽
لاشار جي ٽيهن سالن واري باهمي ويڙهه جو سبب گهوڙا
ڀڄائڻ هو. ويندي اڄ تائين ڪوئيٽا، سبي ۽ جيڪب آباد
جي گهوڙن جا ميلا مشهور آهن. ميرن جا شڪارگاهه
گهڻو ڪري سنڌو درياءَ جي ڪنارن تي هئا، ان ڪري
ايسٽ انڊيا ڪمپني جي آگبوٽن کي آساني سان ٻارڻ
لاءِ ڪاٺيون ملي سگهيون. جيڪڏهن شڪارگاهه نه هجن
ها ته شايد انگريزن کي جهاز راني ڪرڻ ۾ گهڻي دقت
پيش اچي ها. شڪارگاهن جي خرچ جو وڏو سبب هن ريت هو
ته جڏهن مير صاحب شڪار تي نڪرندا هئا ته هڪڙو
اٽالو مزدورن جو اُٺن ۽ ڏاند گاڏين تي تنبو،
ڪناتون ۽ شاهي منزل لاءِ سامان کڻي هلندا هئا. ٻيا
پالڪي بردار جيڪي شاهي سواري سان گڏ هلندا هئا.
فوجي باڊي گارڊ جن کي شمشير باز سڏيندا هئا. ڪجهه
سرڪاري دفتر دار جيڪي منزل ڪرڻ کان پوءِ ضروري
سرڪاري ڪاغذ حضور ۾ پيش ڪندا هئا. غلام ۽ خدمتگار
جيڪي خدمت بجا آڻڻ لاءِ گڏ رهندا هئا. هرڪارا جيڪي
ٽپال پهچائڻ تي مامور هئا. بورچي جيڪي شاهي
دسترخوان جي زينت لاءِ مقرر هئا. آبدار جن وٽ برف
جي پاڻي کان سواءِ شيراز ۽ اصفهان جو گلاب جو پاڻي
۽ بيدمشڪ موجود رهندو هو. بازدار جيڪي پکين جي
شڪار ڪرڻ سان مير صاحبن کي وندرائيندا هئا. اسلحه
خانو هن عملي جي سپرد شاهي هٿيار رهندا هئا. مير
حسن علي خان جي سي.آءِ.اي وٽ سرهن، گڊن ۽ ڦاڙهن جا
قسمين قسمين سنڱ موجود هئا جن مان سندس شڪار جي
ذوق ۽ شوق جو پتو ڏسڻ سان پئجي سگهندو هو. مير
صاحب جڏهن شڪار تي نڪرندا هئا، تڏهن سيوهڻ کان
وٺي ٺٽي تائين هرهڪ منزل تي ملاکڙا لڳندا هئا.
ملهن ۽ پهلوانن کي لنگيون ۽ انعام اڪرام ملندا
هئا. مير حسن علي وٽ هڪڙي جابلو گڊ جا سنڱ موجود
هئا. گڊ جي سنڱن جي گولائي 36 انچ هئي. سندس ڪراچي
۽ ڪوهستان جا شڪارگاهه سرهن جي پرورش لاءِ مخصوص
هئا. مير سر علي مراد خان جي سي.ايس.آءِ سنڌ ۾
ڪارن هرڻن جو بنياد وڌو. اڳ هن علائقي ۾ سياهه
هرڻن جو نالو نشان ڪين هو. مير صاحب وٽ هڪڙي
ڄانگهي ۽ هڪڙي هرڻ جا ٻه مٿا نموني طور رکيل هئا.
جن مان هرڻ جا سنڱ 16 انچ ۽ ڄانگهي جا 26 انچ هئا.
اهي هندستان جي شڪارين جي رڪارڊ کي مات ڪرڻ لاءِ
رکيل هئا. ميرن وٽ قسمين قسمين باز پاليل هئا.
انگريز مؤرخ بازن جي شڪار کي ”دي رائل سپورٽ آف
فاڪنري“ يعني شاهي بازن جو شڪار لکن ٿا.
انگريزن جي اچڻ کان پوءِ سنڌ جي ٻيلن ۾ اضافو:
جيڪي صاحب جهنگن جي اهميت کي سمجهي سگهن ٿا سي
تسليم ڪري سگهندا ته ميرن جي شڪارگاهن مان ملڪ کي
فائدا هئا. سنڌ ۾ جهنگن ۽ چؤپائي مال جي بسيارت
ڪري کير، ماکي ۽ مکڻ جون نهرون وهنديون هيون. اڄ
سنڌين لاءِ راشن ڪنٽرول جو زمانو آهي، جنهن ۾ گيهه
بدران کوپرو به کائڻ لاءِ نه ٿو ملي. سچي گيهه نه
ملڻ سبب صوبي ۾ بيماريون وڌي ويون آهن. ميرن زراعت
جي ترقي لاءِ جيڪي واهه کوٽرايا سي اڄ به ميرواهه
جي نالي سان سڏجن ٿا. سندن ڏينهن ۾ سنڌ اندر 527
چورس ميلن يعني 343325 ايڪڙ زمين شڪارگاهن لاءِ
مخصوص هئي. سنه 1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضي ڪرڻ
کان پوءِ مٿيان شڪارگاهه ٻيلا مقرر ٿيا ۽ حڪومت
پاران ٻيلن لاءِ فاريسٽ کاتو مقرر ڪيو ويو. 1847ع
۾ ميجر اسڪاٽ سنڌ جي ٻيلن مٿان فاريسٽ رينجر مقرر
ٿيو. هن ٻيلن جون حدون مقرر ڪيون. 1876ع ۾ مسٽر
ڪئمپبيل شڪارگاهن کي سکر، نوشهري، حيدرآباد، جهرڪ،
ڪل چئن ڊويزنن ۾ ورهايو.
مٿين ايراضي وڌي 975 چورس ميلن کي وڃي پهتي.
واڌاري جو سبب هن ريت هو جو ريل جي رستي جڙڻ کان
اڳ ”اِنڊس فلوٽلا ڪمپني“ جا آگبوٽ مال آڻيندا هئا
جن جي ٻارڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي ڪاٺين جي ضرورت هئي.
تنهن کان پوءِ ريلوي لائين کلڻ ڪري ”اِنڊس اسٽيٽ
وئلي ريلوي“ جي انجڻين کي ٻارڻ لاءِ ڪاٺين جي
ضرورت هئي. سنه 1906ع کان پوءِ انجڻين ۾ ڪاٺين
بدران ڪوئلو ٻرڻ لڳو.
|