سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ ۾ هندڙ بلوچ قبيلا

باب:

صفحو:16 

ٽالپرن جي حيدرآباد مان روانگي:

انگريزن پنهنجي دوستي جو ٽالپرن کي پوري مزي چکائڻ جو ارادو ڪيو. جيئن هنن ٽيپو سلطان جي فرزندن کي پهريان ويلور ۾ پوءِ ڪلڪتي ۾ نظربند ڪري رکيو هو تيئن ٽالپر ميرن کي سنڌ کان ٻاهر مقرر نظربندي هيٺ رکڻ جو ارادو ڪيو. سنڌ جو علائقو انگريزن تازو فتح ڪيو هو اڃا ڌار علائقو هو مٿس سرچارلس نيپئر گورنر مقرر هو جو سڌوسنئون گورنر جنرل لارڊ ايلنبرو جي ماتحت هو(1). سنڌ جا پوليٽيڪل، روينيو ۽ فوجي اختيار گورنر جي حوالي رهيا. سنڌ جي گادي جو هنڌ ڪراچي ڪيو ويو. انهيءَ سال سرڪار پاران هڪ اعلان پڌرو ٿيو ته سنڌ ۾ برطانيه حڪومت قائم ٿي چڪي آهي، تنهنڪري ڪوبه ماڻهو سرڪار جي برخلاف قدم کڻندو ته سندس جان ۽ مال جو خير ڪونه رهندو. فيبروري 1843ع جي هڪ پڌرائي موجب جيڪي زميندار انهي تاريخ تائين جاگيرن يا زمينن تي قابض هئا ۽ گورنر جي خدمت ۾ حاضر ٿي سلامي ڪيائون تن کي سندن املاڪت تي متصرف ڪيو ويو. انهي سال سموري سنڌ کي ٽن ضلعن ۾ ورهايو ويو. جيئن ته ڪراچي ضلعي تي ميجر هينري پريڊي، ضلعي حيدرآباد تي ڪپتان راٿ بورن، ۽ ضلعي شڪارپور تي ڪپتان گولڊني ڪليڪٽر مقرر ٿيا. ۽ ڪليڪٽرن جي ماتحت نائب ڪليڪٽر، سزاولڪاريا ڪاردار مقرر ٿيا. سنڌ 1847ع ۾ بمبئي کاتي سان لاڳو ٿي ويئي، گورنر جي بجاءِ مسٽر پرنگل پهريون ڪمشنر مقرر ٿيو.

انگريزن جي ٽالپرن سان هلت:

مير صاحب جيڪي حيدرآباد ريزيڊنسي جي ويجهو خيمن ۾ سنترين جي پهري هيٺ نظربند هئا تن سان سرچارلس نيپئر بلڪل خلاف انسانيت هلت ڪئي. سندن سواري جا گهوڙا ۽ هٿيار کسيا ويا، بسترا ۽ ڪتاب کسيا ويا بلڪ پورو کاڌو به کين ڪين نه ڏنو ويو. 6 ربيع الاول سنه 1259هه/1843ع ۾ گورنر جنرل جي حڪم سان فرعون مزاج نيپئر مير صاحبن کي جلاوطني جو حڪم ٻڌايو پڻ کين حڪم ڏنو ته شاهي ديرن کي قلعي کان ٻاهر ڪڍن. مقربان بارگاهه مان مرزا خسرو بيگ شاهي ديرن پهريان ٽنڊي سائينداد ڏانهن وٺي ويو. هت اتفاق سان مرزائن جي گهرن کي باهه لڳي جنهن ۾ سندن گهڻي ملڪيت هيرن ۽ جواهرن سميت نذر آتش ٿي ويئي، ميرزائون مفلس ٿي ويا. تنهن کان پوءِ حيدرآباد پريان ڦليلي طرف نواب محمد خان ٺوڙهي جي ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙهي ۾ رهڻ لڳا. جو مرزائن جو ڳوٺ سڏجي ٿو. خدمتگارن مان گهڻن مير صاحبن سان گڏ وڃڻ لاءِ نالا ڏنا جنهن لاءِ کين اجازت مليل هئي. مير نصير خانبهادر، مير حسين علي خان، مير مير محمد خان، ميريار محمد خان، مير شهدادخان ۽ مير صوبدار خان اڳ نظربند ٿي چڪا هئا. 31- مئي 1843ع ۾ ڪپتان برائون ويهن انگريزي سولجرن جي دستي سان شهزادن مان مير حسن علي خان، عباس علي خان، مير فتح علي خان، مير محمد علي خان ۽ مير مراد علي خان کي  گرفتار ڪري ڪئمپ ڏانهن وٺي آيو. اُتان سڀني شاهي خاندان جي فردن کي ”نمرود“ نالي جهاز ۾ ڪپتان گارڊن جي نگراني هيٺ بمبئي ڏانهن روانا ڪيا ۽ اُتي جي مالابار ٽڪري تي هڪڙي بنگلي ۾ رهڻ لڳا. بمبئي جي گورنر مير صاحبن سان ملاقات ڪئي. ستت چؤماسي موسم اچڻ ڪري مير صاحبن کي بمبئي کان 24 ميلن جي مفاصلي تي ساسور جي ڳوٺ ڏانهن منتقل ڪيو ويو. پوءِ هرهڪ شاهي فرد لاءِ وظيفا مقرر ڪيا جي بلڪل ناڪافي هئا. مير صاحبن پهريان وٺڻ لاءِ رضامندي ڏيکاري پوءِ گورنر کي انڪار لکي موڪليائون. هت به فرنگي سرڪار ميرن کي رهڻ نه ڏنو. ماه محرم الحرام سنه 1260هه/1844ع ۾ اٽڪل ڏهه مهينن گذرڻ کان پوءِ جهازن رستي ڪلڪتي ڏانهن اُماڻيو. ساڻن گورنر جنرل گورنمينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. مير صاحب شهر کان ٻاهر هڪڙي بنگلي ۾ رهندا هئا. هڪ مهيني گذرڻ بعد منجهانئن مير حسين علي خان، مير محمد خان، مير حسن علي خان، مير شاهه محمد خان ۽ مير يارمحمد خان کي هزاري باغ جهڙي ويران ڳوٺ ڏانهن منتقل ڪيو ويو. مير رستم خان جلاوطني جي حالت ۾ پونا ۾ وفات ڪئي هئي. مير شهداد خان جنهن کي سرچارلس نيپئر ڪپتان اِنس جي قتل جي ڏوهه ۾ سورت ۾ نظربند ڪري رکيو هو تنهن کي گورنر جنرل بي ڏوهي ٺاهي ڪلڪتي ڏانهن گهرايو.

ٽالپرن جي درخواست تي حڪومت ڪو ڌيان ڪين ڏنو:

لارڊ ايلنبرو افغانستان، بلوچستان ۽ باب اسلام سنڌ ۾ سول کاتي جي عملدارن تي ڪنهن به قسم جي ڌيان ڏيڻ کان سواءِ رڳو فوجي عملدارن کي پنهنجن ڪاروائين لاءِ ڇوٽ ڇڏي ڏنو هو ان ڪري هندستان جي خزاني تي گهڻو بوجهه پيو. مٿين ضدي ڪاروائين ڪري هندستاني رعايا ۽ پريس ۾ ناراضپو پئجي ويو. توڙي جو مٿين جنگين ۾ هن ڪاميابي حاصل ڪئي پر ساڳي وقت برٽش سرڪار چين سان جنگ ۾ رُڌل هئي. چين جي جنگ ۾ فوجي ۽ بحري ٻيڙن جي نڪته نظر سان سمورو انتظام ايسٽ انڊيا ڪمپني ڪلڪتي جي سرڪار جي معرفت ڪري رهي هئي. ڪورٽ آف ڊائريڪٽر کي سندس ضدي پاليسي مان خوف جاڳيو. وڏن وڏن فوجي جنرلن ۽ وزيرن جن ٿورو اڳ ڪمپني کي چارٽر ڏنو هو تن ڊائريڪٽرن تي ايلنبرو کي واپس گهرائڻ لاءِ صلاح ڏني هن سکن سان جنگ ڪرڻ جو ارادو ڪيو. جيڪڏهن مسٽر ولبر فورس برڊ سندس صلاحڪار نه هجي ها ته شايد وڌيڪ بدنام ٿئي ها. انڪري 1- آگسٽ 1844ع ۾ ولايت ڏانهن ويو، سندس مائٽ سري هينري (لارڊ هارڊنج) کي وزارت ۽ ڊائريڪٽرن گورنر جنرل ڪري روانو ڪيو(1). ولايت وڃڻ کان پوءِ ليڊين هال جي ڊائريڪٽرن مٿس ڪيس ڪرڻ جو خيال ڪيو ٻئي پاسي ڊائوننگ اسٽريٽ جي آقائن پاڻ بچائڻ لاءِ جنگ شروع ڪئي. ڪمپني جا مٿس هيٺيان الزام هئا:

1.      افغانستان ۾ دخل ڏيڻ لاءِ منڍ کان آخر تائين برٽش فوجي ماهر خلاف هئا. پندرنهن هزار لشڪر چٽ ٿيڻ کان پوءِ انگلينڊ جي سرڪار جي مرضي هئي ته ڪمپني سرڪار افغانستان کي خالي ڪري ڇاڪاڻ جو حڪومت هند جي خزاني جا ٽين کڙڪي ويا هئا. مگر لارڊ ايلنبرو پنهنجي نيڪ نامي لاءِ ڪابل تي فوج ڪئي. هن پاڻ کي ۽ انگريز قوم کي ساراهڻ لاءِ غزني جا در پٽرائي آندا. ڪمپني سندس مٿين فعل کي ديوانگي ظاهر ڪيو. ڪابل جي جنگ ڪري لارڊ آڪلنڊ جي وڃڻ وقت حڪومت هند 13 ڪروڙ رپيا ڪابل جي مهم تي خرچ ڪرڻ کان پوءِ به ٻن ڪروڙ رپين جي قرضي هئي(2). چين سان آفيم جي سوال تي جنگ لڳي هئي. چين جو مسئلو به ضروري هو(3).

2.     مير نصير خان قلات جي والي تخت هٿ ڪيو هو ۽ صلح ڪرڻ لاءِ آماده هو جنهن لاءِ ڪرنل سٽيسي ڪلڪتي سرڪار کي سفارش به ڪئي هئي.

3.           ايماندار ٽالپرن سان سرچارلس نيپئر ۽ ايلنبرو جيڪا هلت ڪئي ۽ بيگناهه ملڪ گيري ۽ لالچ ڪري سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تنهن مان ڪمپني کي اڍائي ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو. سرچارلس نيپئر کي ست لک رپيا پرائيز طور ڏنا ويا. لارڊ ايلنبرو شرمندگي کي مٽائڻ لاءِ پڌرائي ۾ ڏيکاريو ته ڪمپني جي حڪومت اندر سنڌ داخل ٿي آهي جا مصر وانگر زرخيز آهي(1). ڊائريڪٽرن صاف ڏيکاريو ته گورنر جنرل کي ڪاهه ڪرڻ لاءِ اختيار هو پر هن جيڪي ڪيو سو مير علي مراد خان جي چرچ تي ڪيو.

4.     سنڌ فتح ٿيڻ کانپوءِ خرچ گهٽائڻ لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني سنڌ جي لشڪر جي پگهار گهٽائي ڇڏي جنهن تي سپاهين فساد ڪيا. اڳ سنڌونديءَ پريان ملڪ ڌاريا ملڪ سڏبا هئا ان ڪري سنڌوندي جي لشڪر کي الائونس ملندو هو. هينئر گهٽجي ويو. سپاهين جو چوڻ هو ته نئون ملڪ ڪمپني کٽيو آهي تنهن ڪري ڀتو ملڻ کپي. فيبروري 1844ع ۾ نمبر 34 پيادل فوج سنڌ وڃڻ کان انڪار ڪيو. وري جڏهن ڀتو ڏنو ويو تڏهن روانو ٿيو. بنگال 7 نمبر سوار فوج ۽ بنگال توبخاني سنڌ ۾ بغاوت ڪئي جن کي واپس گهرايو ويو. نمبر 69 ۽ چوٿون نمبر لشڪر کي سنڌ وڃڻ لاءِ فيروزپور ۾ ٻيڙين تي چڙهڻ لاءِ حڪم مليو مگر سپاهين وڃڻ کان انڪار ڪيو. تنهن کان پوءِ 64 نمبر فوج لڌياني ۾ بغاوت ڪئي. لارڊ ايلنبرو بدنام ٿيو(2).

5.     شاهي خاندان لاءِ جيڪو وظيفو مقرر ڪيو ويو سو ناڪافي هو. وڏو اهم سوال ته فرنگين شاهي مستورات سان ناروا بلڪه انسان سوز حالتون ڪرڻ کان پوءِ ٽالپرن کي بيگناهه جلاوطن ڪيو حالانڪه جنگ کان اڳ هو معاهدو ڪرڻ لاءِ رضامند هئا ۽ جنگ کان پوءِ هنن هٿيار ڦٽا ڪيا هئا. گورنر جرنل جنهن سبب مير صاحبن کي خطن رواني ڪرڻ جي بهاني سان گرفتار ڪيو هو، سي جعلي ثابت ٿيا جي مير جي هڪڙي هندو منشي لکيا هئا مٿن مهرون لڳل ڪين هيون(1). مير علي مراد خان جيڪي مير رستم خان تي الزام مڙهيا هئا، سي محض عياري هئي. هن ڪپتان برائون جي منشي محي الدين کي ڏهه هزار رپيا رشوت ڏيئي نونهار جي عهدنامي جا جعلي دستاويز تيار ڪرايا هئا. منشين ۽ انگريزي عملدارن کي رشوتون ڏيئي سندن ٽپال گم ڪرائي سمورا الزام مير رستم خان تي هڻايا(2). 9 سيپٽمبر 1844ع مطابق 25 شعبان 1260هه سرچارلس نيپئر خلاف مير صوبدار خان، مير محمد خان، مير محمد نصير خان لارڊ هارڊنج کي پڪار لکي رواني ڪئي(3). حڪومت هند کان معقول جواب نه ملڻ کانپوءِ مير صاحبن قرض کڻي پنهنجا وڪيل آخوند حبيب الله، ديوان ميٺارام، ديوان ديارام لنڊن ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس اڳيان اپيل ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو. وڪيلن دارالعوام تائين درخواستون پيش ڪيون تنهن کان اڳ 27 شوال المڪرم سنه 1260هه ۾ بيگم مير ڪرم علي خان، مير محمد نصير خان، مير نور محمد خان، مير محمد خان، مير صوبدار خان ملڪه وڪٽوريه کي اپيل ڪئي. 30 مارچ 1845ع ۾ وڪيلن سموري روئداد جو مسودو راڻيءَ اڳيان پيش ڪيو. مٿين اپيلن جو نه حڪومت تدارڪ ڪيو نه وري لنڊن پارليامينٽ ڪو انصاف ڪيو بلڪه شاهي بيگمات جي درخواست تي به غور نه ڪيو ويو(1).

فقط گورنر جنرل لارڊ هارڊنج بارڪپور ۾ مير صاحبن سان ملاقات ڪئي. هن تسليم ڪيو ته ساڻن انگريزن ظلم ڪيو آهي مگر هن پنهنجي قطعي مجبوري ظاهر نه ڪئي. سر جان هاب هائوس ڪمپني جي بورڊ جو صدر ايلنبرو جي سنڌ جي ڪارنامن کي ساراهڻ لڳو. سر رابرٽ پيل جنهن جي هٿن ۾ برٽش وزارت جون واڳون هيون تنهن سندس طرف ورتو(2). سندس جاچ لاءِ جيڪا خفيه ڪاميٽي مقرر ٿي تنهن اڳيان هن بچاءَ ۾ ڏيکاريو ته ميرن بهاولپور ۽ جيسلمير جا علائقا ڦٻايا هئا ۽ خطن کي اصلي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. سندس جوابن کي ڊائريڪٽرن پسند ڪين ڪيو(3). ان ڪري کيس پهريان گورنري جي عهدي تان لاٿو ويو، جو جون ۾ فيصلو ٿيو(4). پوءِ ولائت ڏانهن گهرايو(5). ايلنبرو کي پڪ هئي ته سندس فوجي ڪاروائين ڪري سندس ناموس ٿيندي پر سندس قسمت ۾ بدنامي لکيل هئي.

ٽالپرن جي حيدرآباد ڏانهن واپسي:

مير رستم خان ضعيف هو ان ڪري پوني ۾ سندس نگراني ڪرڻ لاءِ سندس فرزند مير الله بخش ۽ مير نصير خان کي انگريزن پوني ۾ رکيو هو. سنه 1270هه/1854ع ۾ گورنر جنرل لارڊ ڊلهائوسي جي سفارش سان مير صاحبن کي ڊائريڪٽرن حيدرآباد اٺن سالن کان پوءِ وڃڻ لاءِ اجازت ڏني. مير محمد نصير خان ۽ مير صوبدار خان جي پٽ 1262هه/1846ع ۾ ڪلڪتي ۾ وفات ڪئي. وطن کان ڏور ۽ مائٽن کان پري رهڻ ڪري مير محمد نصير خان کي جيڪو غم لاحق ٿيو هو تنهن جي خبر سندس ديوان ”جعفر“ مان پئجي سگهي ٿي جو هنن جلاوطني جي زماني ۾ تصنيف ڪيو هو. نومبر سنه 1855ع ۾ مير ميرمحمد خان ان بعد مير يار محمد خان دهلي ۽ پنجاب رستي کان وطن پهتا. 4 مارچ 1857ع تي شهزادي عباس علي خان ڪلڪتي ۾ وفات ڪئي. ساڳي سال مير شهداد خان وفات ڪئي. مير صاحبن جا مڙهه کڻائي حيدرآباد جي اُترين شاهي قبرستان ۾ دفنايو ويو. سنه 1275هه مارچ سنه 1859ع ۾ مير حسين علي خان حيدرآباد پهتو. سنڌ جي ڪمشنر مير صاحب کي رهائش لاءِ گدوبندر ۾ زمينون ڏنيون.

سرحدي بلوچن سان فيصلو:

سرحدي بلوچ قبيلن مان بگٽي، بليدي، ڊومڪي، جکراڻي سنه 1845ع تائين انگريزن سان وڙهندا رهيا. فقط چانڊين ۽ جتوئين جي جاگيرن کي انگريزن تسليم ڪيو هو. مٿيان قبيلا گهڻو ڪري ڦرمار تي گذر ڪندا هئا. سرچارلس نيپئر بگٽين کي سنڌ جا پنڊاري سڏڻ لڳو. سندن سردار بجار خان ڊومڪي، دريا خان جکراڻي، درگي خان جامي، رحمت خان، ترڪ علي خان، نوبت خان، مير عالين مان علي شير، رامو خان، پيارو خان، شير محمد خان سمورا لٽ مار تي گذر ڪندا هئا. بعضي ته لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور تائين به پهچندا هئا. بلدڪي پرڳڻي کان سواءِ جھل، شير ڳڙهه، بليدين جا صدر مقام هئا. سرچارلس نيپئر جو مٿين بلوچن نڪ ۾ دم آندو. مير علي مراد خان ۽ نواب ولي محمد چانڊيو ۽ جتوئي سردار انگريزن جي طرف هئا. سنه 1844ع ۾ نواب ولي محمد خان چانڊئي نوبت خان ڌاڙيل کي گرفتار ڪري انگريزن جي حوالي ڪيو(1). جتوئين کي پڪ هئي ته ڪنڌڪوٽ انگريز سندن حوالي ڪندا مگر معاملو برعڪس نڪتو. جکراڻي شهسواري ڪري مشهور هئا. سڄي ڪڇ ۽ اوڀر سنڌ ۾ ڦرون ڪندا هئا. ڪپتان پاسٽن سندن جرئت جي تعريف ڪري ٿو. دريا خان جکراڻي جنهن سڀني کان گهڻا ڌاڙا هنيا هئا، سو سرچارلس نيپئر وٽ پيش پيو. کيس جاني ديري ۾ ان شرط سان جاگير ملي ته آئينده لاءِ هو امن امان ۾ رهندو. تنهن کان پوءِ ڊومڪي پيش پيا کين نوازو ۽ رندواهي ۾ جاگيرون مليون. مگر مير عالي پيش ڪين پيا سندن سردار شير علي خان سنه 1845ع ۾ نيپئر سان وڙهندي قيد ٿيو. سنه 1852ع ۾ گورنر جنرل مارڪس آف ڊلهائوسي بلدڪو ۽ جتوئڪو علائقا شڪارپور ضلعي سان لاڳو ڪري ڇڏيا. سنه 1852ع ۾ مير فضل علي خان ۽ سنه 1853ع ۾ مير غلام شاهه وفات ڪئي.

مير شير محمد خان ماڻڪاڻي:

سنه 1854ع ۾ انگريزن مير شير محمد خان جنهن کي وليم نيپئر بطور ٽوڪ جي شير سنڌ جي لقب سان لکي ٿو ميرپورخاص ۾ رهڻ لاءِ اجازت ڏني. مير صاحب شهر کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي ٽنڊو مير شير محمد خان جو ڳوٺ ٻڌرائي رهڻ لڳو. سنه 1857ع ۾ بلوه کان پوءِ کيس ڪي.سي. آئي جو سرڪار انگريزي خطاب ڏنو. سرجان لارينس جي سفارش سان هڪ هزار رپيا ماهوار هن لاءِ وظيفو مقرر ٿيو. جو پوءِ سنه 1863ع ۾ وڌائي ٻه هزار رپيا ڪيو ويو. مير صاحب 24 آگسٽ سنه 1871ع جي وفات ڪئي(2).

نواب احمد خان لغاري:

نواب احمد خان لغاري پنهنجي آقا مير شير محمد خان سان گڏ آڻ مڃي. سرچارلس نيپئر سندس معافي لاءِ گورنر جنرل کي سفارش ڪئي. کيس لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جاگير ۽ هڪ سو رپيا ماهوار وظيفو ملڻ لڳو. سنه 1858ع ۾ ميجر گولڊ سمڊ نواب جي جاگير کي موروثي ڪرڻ لاءِ حڪومت کي سفارش ڪئي. فيبروري 1870ع ۾ هن وفات ڪئي.

مرزا خسرو بيگ:

مرزا خسرو بيگ جاگير وٺڻ کان انڪار ڪيو. کيس ڦليلي تي هڪڙو باغ جاگير طور مليو. مرزا قليچ بيگ مرزا فريدون بيگ جو ٽيون پٽ هو جو 4 محرم سنه 1270هه/1855ع ۾ ٽندو ٺوڙهي ۾ ڄائو. فريدون بيگ جو ٻيو نمبر پٽ خانصاب مرزا صادق علي بيگ سنڌ جو پهريون مسلمان هو جنهن بي. اي جو امتحان پاس ڪيو. سندس پنجون نمبر پٽ مرزا جعفر علي بيگ پهريون سنڌي هو جو ولايت تعليم وٺڻ ويو ۽ ڪامياب ٿي موٽيو. ساڌو هيرانند ڪجھ وقت کانئس ڊاڪٽري سکيو هو.

مير علي مراد خان:

مير علي مراد خان جنهن جي سازش ڪري ٽالپر خاندان جي تباهي ٿي تنهن کي خيرپور رياست جي گادي ملي. مگر سنه 1847ع ۾ سرچارلس نيپئر مٿس نونهار معاهدي ۾ خيانت ڪرڻ جو الزام مڙهيو سنه 1852ع ۾ گورنر جنرل مارڪس آف ڊلهائوسي ڪنڊيارو، نوشهرو (ساهتي) کانئس کسي حيدرآباد ضلعي سان شامل ڪيا. بردڪو، شاهه ٻيلو، چڪ، سيد آباد، اُٻاوڙو، ميرپور، لڌو گاگن، الور، بکر، بامبرڪي جا علائقا رياست کان ڇني شڪارپور ضلعي سان لاڳو ڪيا. اپريل سنه 1856ع ۾ مير صاحب انصاف لاءِ پاڻ ولايت ڏانهن ويو. مگر ڪو کڙتيل ڪين نڪتو. هن وقت باب اسلام (سنڌ) ۾ خيرپور، ٽالپرن جي واحد رياست آهي جا ايراضي ۾ 50-60 هزار چورس ميل آهي ۽ سندس سالياني آمدني هڪ لک پائونڊ آهي(1). سنه 1936ع ۾ سنڌ بمبئي کاتي کان جدا ٿي. آگسٽ سنه 1947ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي ورهاڱي کان پوءِ هينئر پاڪستان ۾ شامل آهي.

باب ڏهون

 

ٽالپرن جي دؤر ۾ سنڌ جي حالت

 

مغربي مؤرخن جي عادت آهي ته هو ايشيائي قومن کي جاهل ۽ غير مهذب ڏيکارڻ جي هر هڪ ڪتاب ۾ ڪوشش ڪن ٿا. ان ۾ شڪ ڪونهي ته مغرب وارا تحقيقات ۽ تجسس جا شيدائي آهن مگر هو جيڪي منظر پيش ڪن ٿا سو ڪجھ عرصي گذرڻ بعد رڃ نظر اچي ٿو. ساڳي طرح ٽالپرن کي بدنام ڪرڻ لاءِ يورپي مؤرخن ڪين گهٽايو آهي. جنهن به مغربي تاريخ کي کولي ڏسو اوهان کي ٽالپر ظالم، مغرور ۽ غير بلوچي قومن کي غلام بڻائيندي نظر ايندا. ڪٿي سندن عياشين ۽ نشيدار شين استعمال ڪرڻ جو ذڪر ڏنل آهي. ڪي لکن ٿا ته ملڪ کي ويران ڪري هنن زرخيز علائقن کي شڪار گاهن ۾ تبديل ڪيو هو. رعايا کان بيگر وٺندا هئا، غلامن جو واپار ڪندا هئا وغيره، ان ۾ شڪ ڪونهي ته هر هڪ نئين تهذيب اڳيان پراڻي تهذيب جون خوبيون زنگ آلوده نظر اچڻ لڳن ٿيون ۽ رعايا حڪمران قوم جي تهذيب جي پيروي کي بام ترقي سمجھڻ لڳي ٿي. انگريزن جي اچڻ ڪري تار برقي، آگبوٽن، ريلن، هوائي جھازن ۽ ٻين سهوليتن کان سنڌ جا ماڻهو واقف ٿيا. ميرن جي صاحبي اندر مٿيون ڳالهيون ۽ سڌارا ڪين هئا. ان سبب ڪري جن نوجوانن جديد تهذيب جي زماني ۾ مڪتبن اندر تعليم حاصل ڪئي آهي سي واقعي ميرن جي صاحبي جي سونهري دؤر کي جاهليت جو زمانو تصور ڪن ٿا. پر ائين ناهي ميرن جي دؤر ۾ جيڪا تهذيب جاري هئي سا اسلامي تهذيب هئي ۽ ميرن جي صاحبي جو دؤر سنڌ ۾ اسلامي حڪومت جو آخري دؤر هو. ان زماني ۾ جيڪي قانون رائج ها، سي ميرن ايجاد ڪين ڪيا هئا پر مغلن جي زماني کان جاري هئا ۽ ان دؤر لاءِ انهن کان وڌيڪ ٻيا ڪي به قانون موزون ڪين هئا. ڪنهن حڪومت جي نظام کي جاچڻ لاءِ سندس مذهبي، سياسي، اخلاقي، تمدني حالتن کي جاچڻ سان ان زماني جي ترقي جي خبر پئجي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ جو مٿيون چار حالتون دراصل سڄي عالم جي نظام جا مکيه جزا آهن. هن مضمون ۽ باب ۾ ميرن جي صاحبي جي جوڙجڪ، عدالت، فوجي قوت، واپار، صنعت ۽ تعليمي حالت جو سلسيوار بيان ڏبو. جن جي پڙهڻ سان فرنگي مڪارن جي منافقانه بيان جي پاڻمرادو قلعي کلي پوندي.

فن تعمير:

عام طور مغربي مؤرخ لکن ٿا ته بلوچ غير سنڌي ۽ ڌاري قوم هئي. ان ۾ شڪ ڪونهي ته بلوچ غير هندي ايشيائي قوم آهي. مگر بلوچستان کان نڪري هن پنجاب، سنڌ يا گجرات، هندستان جي جن جن علائقن ۾ منصبيون، امارتون يا رياستون قائم ڪيون تن کي هنن پنهنجو وطن ڪيو ۽ اُتي جي رهاڪن مان شاديون ڪري انهن ملڪن جي خاڪ ۽ خون ۾ پيوند ٿي ويا. اهي خانه بدوش صحرائي ۽ عرب هئا مگر منجھن فرمانروائي ڪرڻ جي صلاحيت هئي. هنن جمله سٺ ورهيه حڪومت ڪئي. مٿئين قليل عرصي اندر هنن رعايا جي بهبود ۽ ترقي لاءِ جيڪبي سڌارا ڪيا تن جھڙو مثال تاريخن ۾ ورلي ملي سگهي ٿو(1). ٽالپرن جڏهن سنڌ فتح ڪئي ان وقت مدد خان پٺاڻ جي اُڙدن اُتر کان وٺي ويندي لاڙ علائقي ۾ بدين تائين سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن کي ڦري ويران ڪري ڇڏيو هو. ٽالپرن سٺ ورهين جي عرصي ۾ جيڪي شهر، ڳوٺ يا عمارتون تعمير ڪرايون سي دراصل سندن لازوال يادگارون آهن جن کان ڪوبه تعليم يافته ترقي پسند انڪار ڪري نه سگهندو(2). ٽالپرن، ميرن متعلق رچرڊ برٽن، ايسٽ وڪ، جيمس برنس، اي برنس، پاٽينجر يا ٻين مغربي سياحن جيڪي بيان ڏنا آهن، سي نازيبا آهن. هر ڪا فاتح قوم پنهنجن گناهن تي پڙدي وجھڻ لاءِ مغلوب قوم تي ڪي نه ڪي الزام مڙهي پنهنجن ڪافر ماجرائن کي حق بجانب ٺهرائڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿي. خاص ڪري يورپ وارن وٽ هٿيارن کان وڌيڪ ڪارگر هٿيار، پروپئگنڊا آهي. جنهن تي هر ڪا مغربي حڪومت لکين پائونڊ ساليانو خرچ ڪري ٿي. تاريخ شاهد آهي ته ٽالپر ميرن هر هڪ موقعي تي انگريزن سان مشرقي رواداري موجب دوستانه پير کنيا ۽ ساڻن ڪيل عهدنامن تي سختي سان پابند رهيا. مگر انگريزن بار بار شرطن جي انحرافي ڪندي ميرن کي جنگ ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو.

ٽالپري دؤر ۾ اسلامي دنيا جي حالت:

هاڻي اسان کي ڏسڻو آهي ته ٽالپر دؤر ۾ بيروني اسلامي دنيا جي حالت ڪهڙي هئي. مصري حڪومت خديو جي عياشين ڪري مغربي حڪومتن جي قرض ۾ غرق هئي. مصرين جي فنا ۽ بقا جون واڳون انگريزن ۽ فرينچن جي هٿن ۾ هيون. دولت عثمانيه سنه 1878ع برلن ڪانگريس کان اڳ زوال ڏانهن تڪڙو قدم کڻي رهي هئي. سندس يورپ ۽ ايشيا جا مقضوبات هڪ ٻئي پٺيان ڇڄي ڌار ٿي رهيا هئا. ايران روس ۽ برطانيه جي فولادي چنبن هيٺ گرفتار هو. روس جون ناپاڪ اکيون اُتر ايران تي کتل هيون، انگريز جن جو ايراني نار تي قبضو هو، ڏاکڻي ايران تي قبضي ڪرڻ لاءِ منتظر هئا. بخارا جي اسلامي حڪومت روس جي چنبي هيٺ هئي بلڪه خيوا جي ديوارن تائين سندن لشڪر پهچي چڪو هو. ڪابل انگريزي ڪاهن ۽ اندروني انقلابن جي ڪري تباهه ٿي چڪو هو. هندستان کي شاهه عبدالعزيز ؒ مسلمانن لاءِ دارالحرب قرار ڏيئي چڪو هو. انگريز مسلمانن جي تمدن ۽ علم کي هر طرح ڪمزور ڪري رهيا هئا. لالچي انگريز، هر هڪ شلنگ کي هٿ ڪرڻ لاءِ انسانن جو بيگناهه خون وهائي رهيا هئا. هندستان جا ڪاريگر بيڪار، زميندار مفلس ٿي چڪا هئا ۽ هاري ڳرين ڍلن ڪري پريشان هئا. پنڊارين جي سردارن چيتو، امير خان، واصل محمد دکن، بنديل کنڊ، راجپوتانا ۽ ستلج تائين سڄو ملڪ ڦري تاراج ڪيو هو(1). وقت جا نواب ۽ راجائون کانئن ڪنبدا هئا ته رعايا جو ڪهڙو حال هوندو. تار برقي، ريلن ۽ آگبوٽن کي هندستاني رعايا دائمي غلامي جون علامتون سمجھندا هئا. هندستان جا علائقا ڏڪر وگهي تباهه ٿي رهيا هئا. پليگ ۽ ڪالرا جھڙين موذي بيمارين ڪري رعايا جو برو حال هو. انگريز عملدار سخت رشوت خور هئا. سندن هندستانين سان هلت حيوانن کان بدتر هئي. فوجي عملدارن جي فرعونيت کان ديسي سپاهي خوفزده هئا. بارڪپور، ويلور ۽ سنڌ جي انگريزي لشڪرن جا فساد فوجي عملدارن جي فرعونيت لاءِ ضامن آهن. هندستان جهيڙي لاءِ تڪڙا قدم کڻي رهيو هو. ٽالپرن جي صاحبي جي خاتمي کان پوءِ 14 ورهين اندر سڄي هندستان اندر انگريزن خلاف عام بغاوت ٿي ويئي مٿين حقيقتن جي مقابلي ۾ سنڌ ۾ آسودگي ۽ امن و امان جو دور هو. چؤپايه مال، گيهه، اناج جي هتي ڪابه ڪمي ڪانه هئي. بلڪ ڀر وارن قحط سٽيلن کي مير صاحب پنهنجي ملڪ ۾ پناهه ڏيئي ساڻن فياضي ڪندا هئا. چؤطرف سادگي جو دور هو. سنڌين جي زندگي جي ضروري شين جي قيمت هندستان ۽ ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ بلڪل مختصر هئي. پٽ باران جو پرڳڻو ٽالپرن جي ڏاڏي مير شهداد خان کي دهلي جي درٻار پاران جاگير طور مليو هو. هتي ميرن جا ننڍا ننڍا قلعا هئا جن کي ديره جات سڏيندا هئا. شهدادپور جو شهر مٿين جاگير جي يادگار آهي. ماڻڪاڻين جي اوائلي تختگاهه ٽنڊي باگي تعلقي ۾ پنگريو ڳوٺ کان اوريان ڪيٽي ۾ هو جت مير ٺارو خان گهڻو وقت رهندو هو. هت ماڻڪاڻين جي محلاتن ۽ ماڙين جا آثار اڃا موجود آهن. مير باگو خان جنهن ميان عبدالنبي خان جي بيواهه ”سنڌراڻي“ سان شادي ڪئي هئي سو به پهريان ڪيٽي ۾ رهندو هو. پوءِ پنهنجي جاگير ۾ ٽنڊو باگو تعمير ڪرائي اُتي رهڻ لڳو ۽ سندس پويان باگاڻي سڏجڻ لڳا(1). مير ٺاري خان جي فرزند مير علي مراد خان سنه 1806ع ۾ ميرپورخاص جو شهر تعمير ڪرائي ماڻڪاڻين جو تختگاهه مقرر ڪيو. هن شهر جي آبادي ڏهه هزار هئي ۽ منجهس 3 سؤ دڪان هئا(2). سنه 1790ع ۾ مير فتح خان جي پٽ مير الهيار خان ٽنڊوالهيار تعمير ڪرايو. ٻئي شهر ٿرپارڪر ضلعي ۾ مشهور آهن. سنه 1791ع ۾ ميرمحمد خان شاهواڻي ٽنڊومحمد خان تعمير ڪرايو. سنه 1809ع ۾ بقول هينري پاٽينجر هن شهر مان مير سلطان علي خان کي ساليانو 5 لک رپيا آمدني هئي. خيرپور جو شهر پهريان سهرابپور سڏبو هو جو هتي جي هاليپوٽن زميندارن کان زمين خريد ڪري مير سهراب خان تعمير ڪرائي مٿس خيرپور نالو رکيو(1). فاتح سنڌ مير فتح علي شاهه هئبت جنگ بهادر کي عمارت سازي جو شوق هو. حيدرآباد جي قلعي ۾ هن ڪي نيون عمارتون تعمير ڪرايون. رفاه عام لاءِ ڪي مسجدون تعمير ڪرايون ۽ ڪن پراڻين مسجدن جي مرمت ڪرائي. سڪرنڊ جي پر فضا ڍنڍ جي ڪناري تي فتح آباد نالي شهر تعمير ڪرايو. ڪراچي جو اڳ مڇي مارڻ جي مياڻي هئي جت فقط مهاڻن جون جهوپڙيون هيون تنهن جو بنياد مير فتح علي خان وڌو. سنه 1830ع ۾ هن شهر جي آبادي 6 هزارن کي پهتي. هت ڌارين ملڪن جي واپارين جا ايجنٽ رهڻ لڳا(2). فاتح سنڌ منهوڙي جو قلعو تعمير ڪرايو. سنڌ جي سرحدن جي استحڪام لاءِ مير صاحب اسلام ڳڙهه، فتح ڳڙهه ۽ نئون ڪوٽ ٽي قلعا تعمير ڪرايا. فتح ڳڙهه جيڪو ٿر جو مشهور قلعو هو سنه 1789ع ۾ تعمير ٿيو. جهڏي گدام کان نبي سر ڏانهن جيڪا ريلوي لائين وڃي ٿي اُتي نئون ڪوٽ قلعو واقع آهي. اسلام ڳڙهه هتان چاليهه ڪوهن جي مفاصلي تي اُتر طرف آهي. سنه 1799ع ۾ منهوڙي جي قلعي جي تعمير جو ڪم پورو ٿيو. هئبت جنگ بهادر مٿس توبون رکائي 3 هزار بلوچي فوج کي رهڻ لاءِ حڪم ڏنو. مير ڪرم علي خان سن شهر کان 8 ميلن جي مفاصلي تي سنڌ جي اُلهندي واري ڪوهستان جي سرحد تي رني ڪوٽ تعمير ڪرايو. سندس ڪم مير مراد خان جي نگراني هيٺ 1812ع ۾ پورو ٿيو. مٿس 12 لک رپيا خرچ لڳو. سنه 1739ع ۾ مير مسو خان ماڻڪاڻي ميرپور ماٿيلي جو شهر تعمير ڪرايو. مير صاحبن جيڪي شهر ۽ ٽنڊا تعمير ڪرايا تن ستت ئي رونق اختيار ڪئي. اڄ اُهي سنڌ ۾ مردم خيز شهر شمار ٿين ٿا. ٽالپرن وٽ محلات ۽ ماڙيون هيون پر گهڻو ڪري پنهنجن ڪوٽن ۾ سادگي سان رهندا هئا. اهڙا ڪوٽ ”ڏيراور“ سڏبا هئا. مير فاضل خان ٽنڊو مير فاضل تعمير ڪرايو. خاناڻين کي ماڻڪاڻين جاگيرون ڏنيون هيون. مير راڄو خان پنهنجي نالي تي راڄو خاناڻي ڳوٺ ٻڌرايو. مير ميرمحمد خان ولد مير ڄام خان ٽنڊوڄام تعمير ڪرايو. حاجي خان مري جي وڏي پُٽ ٽنڊو مستي خان پنهنجي نالي تي تعمير ڪرايو. ٽالپرن جي پيروي ڪندي سندن امرائن ۽ درٻارين به شهر ۽ ڳوٺ تعمير ڪرايا. نواب ولي محمد خان لغاري حيدرآباد ۾ ٽنڊو ولي محمد تعمير ڪرايو. اسماعيل خان کٽياڻ ٽالپر فوج جي هڪڙي عملدار حيدرآباد تعلقي ۾ کٽياڻ ڳوٺ ٻڌرايو. مير بجر جو فادار سپاهي هو. حيدرآباد شهر ۾ فقير جو پڙ ۽ بازار فقيري خدمتگار جي يادگار آهي. ٽالپر قدرتي جوهري هئا، جتي به ڪو مڻيو ڏسندا هئا مقربان خاص جي زمري ۾ کيس شامل ڪري مٿس احسانن ۽ اڪرامن جو بار وجهي پنهنجو ڪري ڇڏيندا هئا. پوءِ کڻي ڪهڙي به مذهب ۽ ملت جو فرد هجي. حيدرآباد قلعي واري بازار طاهر خدمتگار جي نالي تي طاهر بازار سڏجڻ لڳي. ٻيڙي خان کوکر ٽنڊوالهيار تعلقي ۾ کوکرن جو ڳوٺ تعمير ڪرايو. مير بجر خان جي زماني کان سپهه سالار هو. سردار قيصر خان نظاماڻي حيدرآباد تعلقي ۾ ٽنڊو قيصر تعمير ڪرايو. ديوان گدومل جنهن ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي ڏينهن ۾ خراسان ۽ قنڌار جي سفارتخاني تي مامور هو، تنهن کي مير فتح علي خان گدو ۾ جاگير ڏني جت گدو جو ٽنڊو آهي. حيدرآباد لڳ ٽنڊو اسماعيل شاهه آهي جت مير فتح علي خان جي نالي تي هڪڙي مسجد به جڙيل آهي. هتان ٿوري مفاصلي تي ميرمحمود خان ٽنڊو مير محمود تعمير ڪرايو. ٽالپر اميرن، شهرن ۽ ڳوٺن تعمير ڪرائڻ کان سواءِ گذريل زماني جي قديم آثارن جي مرمت تي به خرچ ڪيا. مير نورمحمد خان ٺٽي جي جامع مسجد ۽ ٻين مقبرن جي مرمت تي 12 هزار رپيا خرچ ڪيا(1). مير نصير خان الغازي سنڌ جي سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي مسجد جي مرمت ڪرائي ۽ قبي جي چؤگرد هڪڙي پڪي ديوار تعمير ڪرائي مٿس چار گنبذ تعمير ڪرايا هئا، سندن خيال هو ته قبي جي اندر سونهري ۽ ميناڪاري جو ڪم ڪرائجي پر زماني جي گردش ڪري مير صاحب کي ايتري فرصت ڪانه ملي، ڇاڪاڻ جو ميرن جي صاحبي جلد ختم ٿي وئي. مير نورمحمد خان قبي اڳيان ايوان تعمير ڪرائي هڪ کوهه کڻايو هو. سندس سؤٽ مير محمد خان قبي کي چاندي جو دروازو وجهرايو جو اڃا تائين آهي(1). هندستان جا شيعا نواب عراق جي مقامات مقدس تي اڪثر خرچ ڪندا رهيا. اوڌ جي نواب آصف الدوله پنجاهه لک جي لاڳت سان نجف اشرف ۾ هڪڙي نهر تعمير ڪرائي هئي جنهنڪري اهل عراق سندس گڻ ڳائڻ لڳا(2). مير نصير خان تخت تي ويهڻ کان پوءِ ڪربلا ۾ پنجاهه هزار رپين جي خرچ سان هڪڙي نهر تعمير ڪرائڻ جو ارادو ڪيو هو. مگر فرصت نه ملڻ ڪري وصيت ڪري ويو هو. سندس ڪاغذ سنه 1850ع ۾ انگريزن گهرايا هئا(3). حيدرآباد جي اُتر ۾ شاهي قبرستان ۾ ٽالپرن جا جيڪي مقبرا آهن سي مشرقي عمارت سازي جو بهترين نمونو آهن جيئن رچرڊ برٽن بيان ڏئي ٿو:-

”اُتر وارن مقبرن تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿي سگهندو ته اُهي گذريل زماني جي ڪاريگري جو بهترين نمونو آهن. ڏکڻ وارا قبا البته نقلي نمونو آهن… ٽالپر ميرن ڪلهوڙن جي مقبرن جي به حفاظت ڪئي. پراڻو مقبرو مير ڪرم علي خان جو سنه 1812ع جو جوڙيل آهي.“

انگريزن جي فتح کان پوءِ سنڌ ۾ رفاه عام لاءِ جيڪي به ادارا قائم ٿيا تن ۾ ٽالپرن دل کولي فياضي جو ثبوت ڏنو. سنه 1885ع ۾ خانبهادر حسن علي آفندي ڪراچي جي سنڌ مدرسة الاسلام لاءِ چندو گڏ ڪرڻ لڳو، کيس هزهائينس مير حسن علي خان ٽالپر سٺ هزار رپيا چندو ڏنو. مير فيض محمد خان سهراباڻي مدرسي ۾ هڪڙي بورڊنگ هائوس تعمير ڪرڻ کان سواءِ ساليانو مدرسي کي 12 هزار رپيا گرانٽ ڏيڻ منظور ڪيا. هن وقت مير الله داد خان ماڻڪاڻي جا ڏنل چندا رفاه عام جي عمارتن لاءِ مٿئين افساني کي حقيقت جو جامو پهرائين ٿا.

 

فوجي قوت:

ڪلهوڙن جي عظمت جو دارومدار زمينداري، پيري، مريدي تي منحصر هو. منجهانئن ميان يارمحمد، نورمحمد، غلام شاهه جيڪي به ڪارناما ڪيا سي بلوچ لشڪر جي مدد سان ڪيا، ڇاڪاڻ جو سندن فوجي واڳون ٽالپرن جي هٿن ۾ هيون. بخلاف اُن جي بلوچ فطرتاً جنگجو قوم آهي جا هٿيارن کي پاڻ لاءِ زيور تصور ڪري ٿي. ائين ڪين چئي سگهبو ته ٽالپرن جي حڪومت. غير محدود يا فوجي حڪومت هئي بلڪ نيم جمهوري ايشيائي حڪومت هئي جنهن جو ڪاروبار بلوچي ڪچهري جي وسيلي هلندو هو. پهرين چؤياري جو مدو سنه 1783ع کان شروع ٿي 1833ع ۾ ختم ٿيو. هن چؤياري ۾ مير فتح علي شاهه سان سندس ٽي ڀائر مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان، مير مراد علي خان صلاحڪار ٿي رهيا. ٻي چؤياري جو عرصو 1843ع تائين ڏهه سال رهيو. هن پوئين چؤياري ۾ مير نورمحمد خان سان سندس ڀاءُ مير نصير خان ۽ سندس ٻه سؤٽ مير صوبدار خان ۽ مير ميرمحمد خان صلاحڪار ٿي رهيا. ٽالپر حڪومت جو فوجي مدار بلوچ سردارن تي منحصر هو جيڪي ٽالپري تمن ۾ شامل هئا. کين وڏيون جاگيرون ۽ درٻار مان وظيفا ملندا هئا. اُهي جنگ جي وقت مرڪزي حڪومت کي فوجي امداد ڏيڻ لاءِ ٻڌل هئا. بعض سردار يا رئيس رياستن جا مالڪ هئا جيئن جتوئي، بليدي، چانڊيا، نومڙيا، جوکيا وغيره. چانڊين جو سردار اٺ هزار سپاهي ڏيڻ لاءِ ٻڌل هو. حڪومت جي سڏ تي لشڪر موڪلڻ کان پوءِ فوجن جو خرچ حڪومت ڀريندي هئي. اهو سادگي ۽ سستائي جو دؤر هو انڪري في پيادل سپاهي کي شام جو هڪ سير چانور ۽ 5 پئسا روڪ ملندا هئا. في سوار کي چار آنا ملندا هئا. غير بلوچ سردار، جيڪي درٻار سان وفادار هئا، تن کي به جاگيرون ۽ سندون مليل هيون. ٽالپرن وٽ ڪابه قلمي فوج مقرر ڪانه هئي. خدمتگار هر وقت مسلح رهندا هئا ۽ اهي امپيرئل باڊي گارڊ جو ڪم ڏيندا هئا. مگر جنگ جي وقت اطلاع ملڻ سان پنجاهه هزار جرار لشڪر تيار ٿي سگهندو هو. سنه 1800ع جي شروعات وقت مسٽر هئنڪي سمٿ جو نائب پنهنجي رپورٽ ۾ ٽالپرن جي مجموعي فوجي قوت جو تعداد 36 هزار ڏيکاري ٿو ۽ صلح جي وقت فقط 5 هزار تعداد ڏيکاري ٿو. ٽالپرن جي صاحبي جي زماني ۾ قلات، بهاولپور، ملتان، دره جات، جوڌپور، ڪجهه مکيه پاڙيسري حڪومتون سنڌ جي اردگرد هيون. انهن سڀني کان ٽالپرن جي فوجي قوت گهڻو بهتر هئي. هيٺ چٽائي لاءِ انگ اکر پيش ڪن ٿا:

1.      قلات:

33000 هزار سوار فوج، شال ڪوٽ، سبي، قلات 3 قلعا هئا(1). قلات جي قلعي کي ست برج هئا.

2.     بهاولپور:

3000 هزار سوار ۽ 5000 پيادا. جنگ وقت جمله 17000 هزار لشڪر رياست گڏ ڪري سگهندي هئي. رياست اندر هيٺيان قلعا هئا. ڏراور يا دلاور ڪوٽ بهاولپور کان پنجاهه ميلن تي رڻ ۾ هو. ڪوٽ کي ٻه ديوارون ڏنل هيون. منجهس هڪڙو تلاءُ هو جنهن ۾ سڄو سال پاڻي رهندو هو. خانپور جو قلعو به رڻ ۾ هو منجهس کوهه هئا مگر سندن پاڻي کارو هو. فقط چوپائي مال لاءِ مفيد هو. رڪن پور، هن قلعي جي ديوار به پڪين سرن جي هئي. مٿين قلعن تي توبون رکيل هيون. انهن قلعن کان سواءِ احمدپور، دين ڳڙهه، خيرپور، ڳڙهي اختيار خان، موج ڳڙهه، ڪوٽ لشڪر خان به قلعا هئا پر مٿن توبون رکيل ڪين هيون(2).

3.     ملتان:

هن رياست جي فوجن جو تعداد 2000 هزار سوار ۽ 4000 هزار پيادل هو. جمله 11 قلعا هئا، جن مان ملتان، شجاع ڪوٽ، سڪندرآباد، مظفرآباد ۽ تلمبا جي قلعن تي توبون رکيل هيون.

4.      ديره جات:

ديره غازي خان جي رياست جنگ وقت 3000 هزار سوار ۽ 8000 هزار پيادل ميدان جنگ ۾ آڻي سگهندي هئي، منگهروٽا ۽ ترند ٻه قلعا هئا. ٻيا ننڍڙا قلعا هئا جن کي ڪوٽلا سڏيندا هئا(1).

5.     سنڌ:

11000 هزار سوار ۽ 19000 هزار پيادل جمله 30000 هزار فوج فقط شهداداڻي ۽ سهراباڻي ٻن سرڪارن جي فوجن جو تعداد هو. ماڻڪاڻين جي فوج جا انگ اکر ڏنل ڪين آهن. ڪُل 23 مضبوط قلعا هئا. حيدرآباد، سڪرنڊ، وچ سنڌ جي حفاظت لاءِ بکر ۽ امام ڳڙهه، اُتر سنڌ لاءِ شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، فتح ياسين ڪوٽ، لاڙڪاڻي اپر سنڌ لاءِ خدا آباد، رني ڪوٽ ڪوهستان جي حفاظت لاءِ، منهوڙو ڪراچي جي حفاظت لاءِ، عمرڪوٽ، اسلام ڳڙهه، فتح ڳڙهه، نئون ڪوٽ ٿر جي سرحد جي حفاظت لاءِ، ڪوٽ ڏيجي ۽ ٻيا پڪا قلعا به هئا، جن مان بکر، ڏيجي، منهوڙو، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، عمرڪوٽ، فتح ڳڙهه ۽ اسلام آباد قلعن تي توبون رکيل هيون. ڪراچي، سکر، بکر ۽ امام ڳڙهه جي اهميت کي معلوم ڪري انگريزن اڳواٽ مٿن قبضو ڄمايو. سرچارلس نيپئر جو ڀاءُ وليم نيپئر ڪتاب ”فتح سنڌ“ ۾ امام ڳڙهه جي قلعي کي سنڌ جو جبرالٽر سڏي ٿو(2).

 

 

 

ٽالپرن جون سوڀون:

سٺ ورهين جي قليل عرصي ۾ شروعاتي چاليهن ورهين اندر ميرن دراني سلطنت کان بکر، سکر ۽ شڪارپور فتح ڪيا. بهاولپور جي نواب کان سبزل ڪوٽ ۽ ڀنگ ڀاڙه فتح ڪيا. جوڌپور کان عمرڪوٽ، ڍٽ فتح ڪيا. جيلسمير کان شاهه ڳڙهه، گرسيا ۽ گنتو راجا قلعا فتح ڪيا. قلات جي خان، مير نصير خان کان ڪراچي بندر فتح ڪيو. مير غلام علي خان شير افگن برٽش وفد جي اڳواڻ مسٽر هئنڪي سمٿ سان ڪڇ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ پنهنجو ارادو ظاهر ڪيو هو مگر لارڊ منٽو جي حڪومت مير صاحب کي ڪاهه ڪرڻ لاءِ اجازت ڪانه ڏني(2). سنه 1186هه/1802ع تائين سنڌ تي سومرن، ارغونن، ترخانن، سمن، ڪلهوڙن حڪومت ڪئي. اهي سڌي يا اڻ سڌي طرح دهلي، ايران يا ڪابل ۽ قنڌار جي ماتحت رهيا. ٽالپر بلوچ پويان هئا جن سنڌ کي ڌارين جي غلامي کان آزادي ڏياري. عيسوي 16هين صدي جي شروعات کان وٺي هندستان جي مغليه لشڪر، توڻي ديسي نوابن ۽ راجائن جي لشڪرن ۽ توبخانن ۾ مغربي سفيد فام سپاهي نوڪر هئا جي ديسي فوجن کي مغربي نموني جي فوجي تعليم ڏيندا هئا. سندن ماهوار پگهار ٻن سون کان ٽن سون رپين تائين هئي. اورنگزيب عالمگير جي زماني ۾ سندن پگهار گهٽجي وڃي 32 رپين کي پهتي. غازي احمد شاهه ابدالي به ڪي يورپين توبچي هندستان کان ڪابل ڏانهن موٽندي پاڻ سان وٺي ويو هو(1). مغل شهنشاهت جي زوال کان پوءِ نوابن ۽ راجائن جي خودمختياري اختيار ڪرڻ کان پوءِ يورپين عملدارن جو سندن فوجن ۾ قدر ٿيڻ لڳو. مثال لاءِ ريمانڊ فرينچ، نظام دکن جي فوجن ۾ نوڪر هو. ڊي بوني ۽ پيران به فرينچ سنڌيا جي فوجن کي تعليم ڏيڻ تي مامور هئا. وينٽورا، ڪورٽ ۽ آلرڊ، خالصا فوج ۾ نوڪر هئا. ماڻڪاڻي ميرن جي هولڪر ۽ سنڌيا سان خط و ڪتابت هئي. خاص ڪري مير ٺاري خان وٽ جسونت راءِ هولڪر جو ايلچي رهندو هو. مير مراد علي خان سنڌيا جي لشڪر جي هڪڙي عملدار سيمن کي ماڻڪاڻي فوجن کي تعليم ڏيڻ لاءِ نوڪر رکيو هو. مسٽر هاويل هڪڙو يورپي شهداداڻي توبخاني ۾ نوڪر هو، جنهن مياڻي جي جنگ ۾ غداري ڪري توبن جا منهن مٿي ڪري فائر ڪيا هئا. مير فتح علي خان فاتح سنڌ ٿوري عرصي اندر 25 هزار لشڪر گڏ ڪري سگهندو هو. سهراباڻي سرڪار جي فوجن جو تعداد ڏهه هزار هو جنهن ۾ بلوچي سپاهين کان سواءِ افغان (روهيلا) به هئا(2). ٽالپري فوج جي سپاهين کي ڪمپني سرڪار جي سپاهين وانگر ڪا مخصوص ڊريس پيل ڪانه هئي، بلڪه اُهي خانگي لباس ۾ رهندا هئا. ڀرمار بندوقون جي انگريزي بندوقن کان ڊگهيون ۽ پري تائين مار ڪري سگهنديون هيون مگر سندن ڀرڻ ۾ وقت لڳندو هو. تلوارون ۽ ڍالون سپاهين جا مکيه هٿيار هئا. ڪجھ جانبازن کي زرهون به پيل هيون. اهي هٿيار ڪمپني جي لشڪر جي هٿيارن جي مقابلي ۾ گهڻو ناقص هئا. اهو ئي سبب آهي جو پنج هزار سپاهين سان سرچارلس نيپئر ٻاويهه هزار بلوچي جرار لشڪر کي مياڻي جي ميدان ۾ شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو. مير صاحبن وٽ توبخانو به هو اهي توبون ميان نور محمد خان ۽ ميان غلام شاهه ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ پورچوگيزن ۽ ڊچن کان خريد ڪيون هيون. ڪمپني جي اسلحي خانن کي جڏهن نوان هٿيار ولائت کان پهچندا هئا ته پراڻو مال ديسي نوابن ۽ راجائن کي وڪڻي نيڪال ڪندا هئا. ميرن جي توبن جي ڊيگهه ٽي فٽ ۽ سندن منهن جي گولائي ٽن انچن جيتري هئي. ڪي پراڻيون توبون انگريزن ميرن کي سوکڙي طور پيش ڪيون هيون. حيدرآباد ۾ توبن جوڙڻ جا ڪارخانا هئا جن کي افغان لوهار تيار ڪندا هئا. اهي توبون ”ميرخاني“ سڏبيون هيون. منجھانئن هڪڙي مدراس جي عجائب خاني ۾ رکيل آهي. توبخاني ۾ سر هنگ ۽ ٽنڊيل نوڪر هئا. هوش محمد قنبراڻي، ابراهيم خان، عبدالله شاهه، مشهدي ايراني، جان هاويل، شهداداڻي توبخاني ۾ توبچي هئا. منجھانئن مشهدي ايراني، ميجر آئوٽ رام جي آگبوٽ تي گوليباري ڪئي هئي. هوش محمد مياڻي ۽ دٻي جي جنگين ۾ چڱي ناموري حاصل ڪئي. ٻنهي جنگين ۾ ٽالپري بارودخاني کي باهه لڳي تاهم هو آخري دم تائين وڙهندي شهيد ٿي ويو. سندس پامردي ۽ استقلال متعلق وقت جي شاعرن شاعري پڻ ڪئي.

”هلي هوش محمد آيو، ڪري قنبراڻي ڪاهه،
ايندي به ارن ۾ گهوٽ وڄايا گهاءُ،
قلوبان ڪڙڪيو، شيديءَ پنهنجو ساهه،
سؤ لشڪر سان شيديءَ ماريو ميار مٿس ناه“

مسٽر ناٿن ڪرو پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو ته ٽالپرن وٽ ڪراچي، ٺٽي ۽ حيدرآباد ۾ بارود ٺاهڻ جا ڪارخانا هئا. حيدرآباد ۾ بندوقن جوڙڻ جو ڪارخانو هو جن لاءِ ناليون ٽالپري گماشتا ايران ۽ شام کان خريد ڪري پهچائيندا هئا. جنگ وقت بلوچي لشڪر ٻيڙين ذريعي نقل و حرڪت ڪندو هو. سپهه سالارن کي جنگين کٽڻ وقت بارگاهه مان وڏا خطاب، انعام ۽ اڪرام ملندا هئا. مثال لاءِ طاهر، جيڪو اصل ٽالپرن وٽ خدمتگار هو سو فوجي لياقت ڪري پهريان سپهه سالار ٿيو پوءِ نواب بهاولپور جي سپهه سالار فتح محمد غوري کي شڪست ڏيئي سبزل ڪوٽ ۽ ڀنگ ڀاڙه کٽيا. موٽندي ڪشمور کان ٽندو مير خان ٽن ڏينهن ۾ پهتو. کيس بهادري جي صله ۾ نوابي جو ممتاز لقب مليو. نواب ولي محمد خان لغاري کي فتح شڪارپور وقت بارگاهه مان 3 هزار اشرفيون انعام مليون. مير صاحبن جا هٿيار نهايت قيمتي هئا. مٿن سون، چاندي ۽ جواهرات مڙهيل هئي. ڊاڪٽر جيمس برنس کي مير صاحبن جيڪا تلوار انعام ڏني هئي تنهن جي قيمت پنجاهه هزار رپيا هئي. انهن قيمتي هٿيارن کي ڏسي فرنگي عملدارن سمجھيو ته مير گهڻو دولتمند آهن. مگر سندن خيال غلط ثابت ٿيو. مياڻي ۽ دٻي جي جنگين ۾ ٽالپرن شڪست کاڌي مگر ٻئي جنگيون هندستان جي مکيه جنگين ۾ شمار ٿين ٿيون. انگريزن جو سنڌ فتح ڪرڻ ۾ اڍائي ڪروڙ رپيا خرچ ٿيو.

صنعتي ۽ واپاري حالت:

جيئن يورپ ۾ قرطبه ۽ غرناطه ٻه آخري اسلامي حڪومتون هيون جيڪي عيسائين هٿان برباد ٿي ويون، تيئن سڄي هندستان اندر ائوڌ ۽ سنڌ جي ٽالپري حڪومت ٻه آخري اسلامي حڪومتون هيون جي انگريز عيسائين هٿان برباد ٿي ويون. ميرن جو پيشو سپهه گري هو ان ڪري زمينن مان کين آمدني گهٽ هئي، پر صنعت ۽ واپار ترقي تي هئا، سرڪار کي ڍلن ۽ محصولن مان چڱي آمدني هئي(1). عربن جي زماني ۾ سنڌ جي جمله سالياني اُپت 270000 لک پائونڊ هئي، ان جو مکيه سبب هن ريت هو جو عرب ڌاريا هئا. هن ملڪ جي کين خبر ڪانه هئي. ڪلهوڙا زرعي پيشي وارا هئا کين ساليانو سٺ لک رپيا سنڌ مان آمدني هئي. ٽالپر بلوچ هئڻ ڪري سپهه گري پيشي وارو قبيلو هو. سير ۽ شڪار سندن مشغوليون هيون ان ڪري حڪومت جا کاتا ٺيڪن تي ڏيندا هئا. سندن سالياني اُپت مير فتح علي خان فاتح سنڌ جي زماني ۾ 5113000رپيا هئي. خرچن جو تفصيل هن ريت هو. (1) ڏهه لک رپيا ساليانو شاهي خزاني ۾ داخل ٿيندا هئا.

(2) 11 لک رپيا عملدارن، ملازمن ۽ جاگيردارن کي پگهارن ۽ وظيفن طور سرڪار پاران ملندا هئا.

(3) 28 لک 23 هزار رپيا مير صاحب کي خانگي خرچ لاءِ ساليانو ملندا هئا.

(4) 2 لک رپيا ساليانو محتاجن ۽ نادارن کي سرڪار پاران فياضي طور ملندا هئا.


(1) سرچارلس نيپئر سنڌ جي گورنر جي عهدي کان پوءِ پنجاب فتح ٿيڻ کان ڪجهه وقت هندستان جي فوجن مٿان ڪمانڊر انچيف مقرر ٿيو. پنجاب فتح ٿيڻ کان پوءِ گورنر جنرل لارڊ دلهاسي اتي جي پوليس جون پگهارون وڌايون، انڪري سرچارلس نيپئر اعتراض اٿاريو ۽ عهدي تان استعيفا ڏيئي ولايت ويو جت 1853ع ۾ مئو. انگريزن سندس يادگار لاءِ سندس پتل جو بوتو ٽرئفلگر چؤسول تي کڙو ڪيو.

Sir. R. Temple: Men & events of my time PP. 113-114, London, 1882

(1) J.C.Marsham: Abridgment of the History of India, CHP. XIII, “Recall of lord Ellenbrongh” PP. 441-42

(2) J.C.Marsham: Abridgment of the History of India, P. 419

(3) نوٽ: سنه 1840ع ۾ چين سرڪار آفيم تي بندش وڌي. ڪانتون ۾ انگريز واپارين جي گدامن مان آفيم تي قبضو ڪيو. جيڪڏهن مٿيون واپار بند ٿي وڃي ها ته هندستان کي ساليانو ڏهن لکن پائونڊن جو نقصان پوي ها. هندستان جا خزانا ڪابل مهم ڪري خالي ٿي چڪا هئا. هيءُ جنگ 1842ع ۾ ختم ٿي انگريزن هانگ ڪانگ تي قبضو ڪيو.

R.B.Mowat: A new History of Great Briton, P. 804, 1924 Oxford.

(1) J.C.Marsham: Abridgment of the history of India, P.436

(2)  مدڪي ۽ شڪارپور ڇانوڻين جي سپاهين بغاوت ڪئي. مدراس لشڪر جي هڪڙي ريجمنٽ کي بمبئي وڃڻ لاءِ حڪم مليو پر هن انڪار ڪيو. ايلنبرو سنڌ جي لشڪر جي خرچ کي گهٽائي نه سگهيو. بلڪه جيسين سنڌ بمبئي کان ڌار رهي حڪومت کي ڀتو ڏيڻو پيو. تنهن کان سواءِ 1845ع تائين سنڌ جي لشڪر کي اوڀر سنڌ جي بلوچن سان جنگين ۾ رڌل رهڻو پيو. مٿين جنگين ۾ چانڊيا ۽ مير علي مراد نيپئر کي مدد ڏيندا رهيا.

(1)  مير نصير خان تي گورنر جنرل لارڊ ايلنبرو اهو الزام هنيو هو ته مير صاحب بگٽين جي سردار بيبرڪ ۽ لاهور جي سک راجا شير سنگهه ڏانهن انگريزن سان وڙهڻ لاءِ خط روانا ڪيا هئا.

(2) عبرت ڪده سنڌ، ص. 237-235

(3)  6 مارچ ڪورٽ آوپرو پرائيٽرس ڪمپني جي ڊائريڪٽرن کي حڪم ڏنو ته راڻي جي وزارت کي لکيو وڃي ته گورنر جنرل جي ناانصافين متعلق جاچ ڪري. انڊيا بورڊ منظوري ڪانه ڏني.

(1)  سمورين اپيلن جي عبارت ڪتاب عبرت ڪده سنڌ ۾ ڏنل آهي.

(2) Sidndeny Low & LLayed.C.Sandrus: The history of England, CHP.II, (1837-1901) PP.38-40 London, 1911

(3) E.thornton: The history of british empier in India, CHP.XXXII, PP.450-54 London, 1845

(4) R.W.Frazer: British India, Sindh, P.238, 1896

(5) J.c.Marsham: Abridgment of the history India, CHP.XIII, The Battle of Miyane P.435

(1) نواب ولي محمد خان چانڊيو ڏهه هزار ماڻهن سان سرچارلس نيپئر جي مياڻي ڏانهن مدد ڪرڻ ويو هو. لارڊ ايلنبرو جي سفارش ڪري نوبت خان کي گرفتار ڪرڻ جي عيوض کيس هڪ هزار رپيا بطور انعام جي مليا. 27 جون 1850ع ۾ وفات ڪري ويو.

(2) History of Alienation on the province of Sindh, Vol.II, PP.120-139

(1) The Statement year Book, 1923 London

خيرپور جي ميرن جا نالا هن ريت آهن. مير سهراب خان المتوفي 1803ع، مير رستم خان 1843ع، مير علي مراد خان 1894ع، مير فيض محمد خان 1909ع، مير امام بخش خان 1921ع، مير علي نواز خان 1936ع ۽ مير فيض محمد خان ثاني حياتي آهي.

(1) R.B.Bulchand Dayaram: History of Sindh, CHP.XI, The Talpurs

(2) Gazzetter of the province of Sindh, Vol.B.IV, 1911

(1) Edmund.C.Cox: A short History of the Bombay presidency, P. 262

(1) شاهه نامه سنڌ عرف ڪلهوڙن جي هار ذڪر مير باگو خان.

(2) Selections from the pre munity records of the commisinor in Sindh, P. 195

(1) Selections from the records of Bombay Government, No. XVII

(2) R.B.Bulchand Dayaram: History of Sindh, CHP. XI, P. 31, Hyderabad

(1) Selections from the records of Bombay Government, No. XVII

(1) شاهه جو رسالو: ڊاڪٽر گربخشاڻي، جلد 1، ص 40-39، ڪراچي

(2) گل رعنا: حڪيم سيد عبدالحي، ص 153، اعظم ڳڙهه، سنه 1353هه

(3) J.W.Smith: Gazetteer of the Province of Sindh, Vol. XI, PP. 48-49, 1911

(1) G.P Tate: History of Kalat, CHP. Calcutta, 1896

(2) Shahamatali: History of Bahawalpur

(1) H.R.Gupta: Letter Moghal History of the Punjab, P. 273

(2) H.R.Gupta: Latter Moghal Hitory of the Punjab, Sindh, PP.272-73

(2) B.D.Basu: Rise of the Christian power in India, Vol.V, P.160

(1) F.Bernier,s travels, 1656-1668, Vol.I, P.217 London

(2) Balochitan Dristrict Gazetteer Reries, vol, Sibi District, Bombay, 1907

(1) R.B.Bulchand Dayaram: History of Sindh, CHP.XI, P.31

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org